سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :9

[2]

ٿلهه:   يا مير مرسل! توتي ڪلمون مون چيو.
1.      رساڻيم رسول تون، هيڻو حال ٿيو،
        مونکي توريءَ مصطفيٰ! حام ڪونه ٻيو.
2.      اوهين هلو حاجيو! مونکي نال نيو،
        پڃرو پاڪ رسول جو، پيهي شال پسو.
3.      ڏوهن ڏيل ڏڪائيو، ويلو وقت ويو،
        وسيلي ورنائيو، قادر! ڪرم ڪيو.
4.      ٻائي ٿي ٻاڏائيو، پيدا پير ٿيو،
        فضل ني تو سيّدا! ٻيڙو ٻڏو تريو.

[3]

ٿلهه:   ڀينر! ڀلارو ڀلين آيو، سرتيون سيج وڇائڻ جو ڪريو سعيو.
1.      مهرو موتين ڇانيو، هيري ڇانئي کٽ،
        پاڻي پين پاڻ ۾، سڄڻ سلامت.
2.      آيو محمّد عربي، خوش ٿي خديجة،
        ڪيائين ڪوڏ ڪريم سين زيور ۽ زينت.
3.      فائق هن فضل تي، ڪر آگا! عنايت،
        بخشين بوڇ بُڇايون، ڪر شافعي شفاعت.

سيد خير شاهه

[سيّد خير شاهه ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور جو هڪ عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس رهائش حيدرآباد شهر جي موجوده ’خير شاهه جي پڙ‘ ۾ هئي، جيڪو سندس نالي سان منسوب آهي، ۽ جتي ئي سندس مزار آهي. پهريائين مير ڪرم علي خان کانئس ناخوش هو، پر پوءِ سندس علم ۽ ڪلام کان متاثر ٿي کيس لوازما ٻڌي ڏنائين. سندس ڪلام ۾ ’جنگ نامون‘ ۽ ’معجزا‘ پڻ مشهور آهن.]

[1]'

ٿلهه:   جيءُ ڪرم ڪريو ڪلتاري، آ سَتُر پِنان ٿو ستاري!
1.      يا ربّ! راضي ٿيءُ اسان تي، بخش بديون سڀ باري،
        پرور! پار اُڪارين، آ
تان آهيان ڏڏ ڏوهاري.
2.      ٻيڙي پنهنجي ٻاجهه سان، سا تار منجهان تو اچي تاري،
        ٻڏل ڪڍي هَيَئي باجهه سان، منجهان ڪنن قهاري.
3.      يا ربّ العالمين! آ
تو در ڪريان ٿو زاري،
        والي! پنهنجي واٽ تان، هي جا وانجهج ڪين ويچاري.
4.      خير شاهه چئي خير جي، ڪر ڪا موليٰ! مهل موچاري،
        پيراندي پرين رسول جي، هئان ڪلمي ساڻ قراري.

[2]'

ٿلهه:   سچي سيّد کي چوندس، دل جي آ ڳال.
1.      ماڻڪ موتي گهورون گهوريان، سونهن شفيع جي ساڻ نه جوڙيان،
                        گهوريان مڏيون مال...

2.      سج، چنڊ، تارا توڻي ڪتيون، رمز سيّد جي ساڻ نه رتيون،
                        منجهان نوُر نهال...

3.      آ نماڻي نينهن نه ڄاڻان، وَرهه ويراڳڻ، نيڻ نماڻا،
                        تو در آهه سوال...

4.      عشق اڻانگو جي هوند ڀانيان، نال سڄڻ جي نينهن نه لايان،
                        ڪريان قرب ڪمال...

5.      پلپل پوي ٿو پور پرين جو، غلبو آهي دل تي غمن جو،
                        خير شاهه خوب خيال...

[3]'

ٿلهه:   ديدار ميان صبح شام، نبي ڄام جو ڪجو ڪجي.
1.      ڪڏهن ٻڌوسون ڪونه ڪو، عاشقن آرام ميان!
        عاشق جي اک نماڻي، ننڊ کان جهڄيو جهڄي.
2.      روز الست جي راهه کان، منهنجي دل سيّد سان آ لڳي،
        جيءَ جڙي هيم جن سان، سا ڪيئن ڇڄيو ڇڄي.
3.      جنهن پاڙي ۾ مون، پارس پرين رهن ٿا،
        هينئڙو هِريو هُت ڪري، جو ٿو هر هر هَڄو هڄي.
4.      خير شاهه خيال ڪلمي سندو، ڪيم ڪڍج تون قلب منجهان،
        سبق سپريان جي سڪ جو، پڙهه تون ڪري هِجو هِجي.

غلام حيدر ”تيرهو“

[فقير غلام حيدر، بزرگ قنبر علي شاهه ڀاڏائي رحه جو هڪ وڏو خليفو ۽ درويش هو. هر رنگ ۾ رتل هو، انهيءَ ڪري کيس ”تيرهيو“ سڏيندا هئا. هيءُ بزرگ ٽالپوري دور ۾ ٿي گذريو. پنهنجي مرشد جي وفات (1264هه) کان اڳ گذاري ويو، سندس قبر به پنهنجي مرشد جي مقام ۾ آهي.]

[1]'

ٿلهه:   تڪيو آهه تمام، تتي توقع تو سندو.
1.      ڪونه گهڙندو گهيڙ ۾، ڏسي دور دوام،
        اڪاريندو اتهين، نرمل تنهنجو نام.
2.      التماس عرض جو، ڪونه هڻندو هام،
        پڇج پيادين کي، گوهر پائي گام.
3.      ’نفسي نفسي‘ چئي ڪندو سڀڪو هل هشام،
        عربي چوندو ’آمّتي‘، عالم جو امام.
4.      ”تيرها“ ترهو تار ۾، اُتي آهه انعام،
        ڀري ڏيندو هٿن سان، جامع جنّت جام.

[2]

ٿلهه: مير مديني جو موچارو، حامي ٿيندو هاشمي.
1.      اُڀ تتو ڀؤنءِ ٽامڻي، ڪريو سج ڪارو.
2.      نفسا نفسيءَ جو ٿيو نيشان ات نقارو.
3.      ڪونه سڃاڻندو ڪنهن کي، ماءُ نه پيءُ ڀارو.
4.      نڪو ڀير نه ڏاڻ ڪو، نڪو وسيلو واهرو.
5.      لنگهائيندو لطف سان الله، پل تان پاڳارو.
6.      تان نه ڇڏيندو ”تيرها“ عاصين کي اڳوارو.

[3]

ٿلهه:   اي نور انوري، آبرو هلال تنهنجو،
        ’ڪس نيست هسري لسڪ‘ مثال تنهنجو.
1.      بيچون جي نموني، شمس الضحيٰ کان روشن،        يا الله برتري، رخسار خال تنهنجو.
2.      واليل وصف هرگز، هڪ وار جي نه آهي،
        اهو زلف عنبري، خمدار دال تنهنجو.
3.      سيب شباب شاهي، القاب قاب قوسين،
        شبّير و شبري، سبطين آل تنهنجو.
4.      ڪنهن کان ثناء نٿي، اي ناز راز پنهان،
        ختمي تو پيغمبري، نازڪ خيال تنهنجو.
5.      ”تيرها“ تجلو جنهن جو، ڪيئي طور ٿو جلائي،
        ڏي درس دلبري، همدم هي خيال تنهنجو.

[4]

ٿلهه:   پسان پانَوَ پاڪ پيارو، آهي اميد اکين کي،
        ڏسان نرمل نور نيارو، آهي اميد اکين کي.
1.      اول احمد ڄام کي، آگي ڪيو اظهارو،
        مرسل مسميٰ ٿيو، جوهر ڪل جنسارو.
2.      امام جملي انبياء، مشفق مهندارو،
        حامي حضرت هاشمي، سو تان قوة منجهه قرارو.
3.      ڪين سڃاتو ڪافرن، تن تي قهر قهارو،
        عادل ٿيندو اڳيان، جَلُ جليل جبارو.
4.      والشمس، والضحيٰ ڏس تون طٰہٰ ۽ تبارو،
        مزمّل معنيٰ مصطفيٰ، اسم تي اعتبارو.
5.      ڪلمون پڙهه ڪريم تي، ”تيرها“ ٿي تيارو،
        ڪونهي اجهو ان ريءَ، عاصين جو آڌارو.

سيد قنبر علي شاهه ڀاڏائي

[سيّد قنبر علي شاهه رحه متعلوي ساداتن مان هو. ٽالپوري دور ۾ مشهور بزرگ ۽ درويش ٿي گذريو آهي. سنه 1264 هه ۾ ڳوٺ ڀاڏاهه ضلعي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. جتي سندس درگاه آهي. فتح فقير ڪلهوڙو ۽ فقير غلام حيدر ”تيرهو“ سندس مريد ۽ خليفا هئا. شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ”شريف“ تخلص طور ڪم آندو آهي.]

[1]

ٿلهه:   يار دڪاني، دوست دڪاني، مٿي تو ڪلمان پڙهياسين قرآني
1.      شمس تنهنجي سونهن تان، قمر ٿيو قرباني.
2.      آءُ اورانهون سپرين، جنّت جاءِ مڪاني.
3.      ڏوريان ڏوريان نه لهان، سيّد تنهنجو ثاني.
4.      وچ عالم دي ”شريف“ چئي، صورت تيڏي سجاني.

[2]

ٿلهه: مرسل محمّد مير، مرڪي محمّد مير،
                        مهڙ مور مڙني جو.

1.      خالق ڪونه خلقيو، اهڙو ٻيو امير.
2.      اصلي احمد ڄام ٿيو، نرمل بينظير.
3.      سو سردار سڀني جو، صاحب ڪيو سڌير.

مخدوم عبدالخالق

[مخدوم عبدالخالق ولد مخدوم محمد عاقل ولد مخدوم احمدي ولد مخدوم عبدالرحمان شهيد، ڳوٺ کهڙا تعلقي گنبٽ جي مخدومن مان مشهور بزرگ عالم ٿي گذريو آهي. تاريخ 18- رجب 1268 هجري ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار ڳوٺ کهڙن ۾ آهي.]

[1][1]

ٿلهه:   شافع شاهنشاهه جا، آ روز نهاريان رَند،
        مرسل مير منير جا، ٿي روز پڇايان پنڌ.
1.      حاجي هليا اٿم حج تي، اها اوٽ وٺي وحدت،
        تون رسائج تن کي، هو جي پوءِ پياهم پنڌ.
2.      مونکي مبارڪون مليون مير جون، حويليءَ سڀ هنڌ،
        عطر مٿن اوتيائون، جي ٿيڙا سير سٻنڌ.
3.      دوست! اوهان جي در تي، مون پيرين ڪياهم پنڌ،
        مديني ملڪ وڃي، دوست ڏسان دلبند.
4.      گوليٖ گناهن جا، ڏاڍا بار ميڙيا بند،
        عبدالخالق جون سڀ ميٽ مدايون محمّد!

مير محب علي خان ٽالپور

[هي مولود همت علي شاهه جي دستخط قلمي نسخي تان ورتل آهن، جنهن تي هن پنهنجي صحيح جي هيٺان سنه 1280 هه لکيو آهي.]

[1]

ٿلهه:   درخشان نُور نبوّت جو، ٿيو اظهار بسم الله،
        ٿيو روشن جهان سارو، پسي ديدار بسم الله.
1.      ٿيو فرمان خالق جو، انهيءَ دم هئن ته ملڪن کي،
        پڙهو صلوات احمد تي، اوهين صدبار بسم الله.
2.      هي آهي فخر آدم جو، بچائين نوح طوفان مان،
        ايهو سرتاج نبين جو، سيّد سردار بسم الله.
3.      محمّد شاهه عربي جي، آهي تعريف مالڪ ڪئي،
        مٿس نازل ٿيو فرقان، اچي نرواز بسم الله.
4.      آهي محبوب رباني، اسين آهيون اُمت تنهن جي،
        هزارين حمد رازق جا، ڪريون لک بار بسم الله.
5.      جڏهن معراج حاصل ٿيو شهنشاهه دو عالم کي،
        چڙهي براق تي سرور، ٿيو هسوار بسم الله.
6.      ثنا خوان پنجتن جو محب علي دائم غلام آهي،
        وسيلو عاصين جو ٿيو، اڙين آڌار بسم الله.

[2]

ٿلهه:   معراج رات سهڻا! خداوند توکي گهرايو،
        افلاڪ تي خوشي ٿي، ملڪن کي ربّ پهرايو.
1.      احڪام ٿيو الاهي، جنّت کي اڄ سينگاريو،
        هت دوست منهنجو ايندو، آهي خدا جو رايو.
2.      مرڪب نُوراني ڪاهي روح الامين آيو،
        پهري پوشاڪ شاهي فلڪن تي شہ سَڏايو.
3.      سڀ ٿا چون پيغمبر، سردار اسان جو آيو،
        تعريف تنهنجي سيّد! ياسين لکجي آيو.
4.      اڳتي ته ناهي طاقت، ڪيئن راز ڪهڙو رايو،
        افلاڪ تي ته ملڪن ڪلمي جو هل مچايو.

مير راض محمد ٽالپور ”عاشق“

[هي مولود همت علي شاهه جي دستخط قلمي نسخي مرقوم 1280 هه تان ورتل آهي.]

[3]

ٿلهه: مديني مير کي جيڏين، سدا ڏينهن رات ساريندس.
1.      جنهن جي سڪ ساهه کي آهي، وينديس پنهنجي دوست ڏي ڪاهي،

        لاڳاپا لوڪ جا لاهي، نه هت هڪ پل گذارينديس.
2.      ڏسان شل روضو اکڙين سان، چمان تنهن چؤنٺ چپڙن سان،
        ٻُهاري صحن پنبڙين سان، ڪري سرمون مان پائيندس.
3.      زمان جي ظلم کؤن دانهون، ڪند درس دوست جي آهون،
        ٻَڌي هٿڙا ٻئي ٻانهون، سڄڻ کي سور سڻائيندس.
4.      حشر جو ڏينهن جڏ ايندو، ساقي سردار تڏ ٿيندو،
        طهورا جام مون ڏيندو، مان سر گهوري گهمائيندس.
5.      خدا لڳ ڪر مديون معافي، حشر ۾ ٿج منهنجو شافي،
        لطف سردار تو ڪافي، اميدان ڪين لاهيندس.
6.      سڄڻ تنهنجي عشق دل ريهي، راض محمد ڳالهه ڪري ڪيهي،
        پکي ”عاشق“ جي اچ پيهي، وڇوڙي جا ورق واريندس.

نواب جان محمد لغاري

[نواب جان محمد خان اول ولد نواب غلام الله خان لغاري تاجپوري، سنڌ ۾ انگريزن جي نئين حڪومت ۾ مختيار ڪار ٿيو. 27- محرم 1278هه/1861ع تي وفات ڪيائين. سندس اولاد مان سندس پٽ فقير غلام الله ثاني توڙي سندس پوٽو فقير جان محمد ثاني وڏا درويش ۽ شاعر ٿي گذريا آهن.]

[1]

ٿلهه:   گهنگارن جي دفتر ۾ گذاريان يا رسول الله!
        سدا اَنٌهنجي سخاوت کي ٿي ساريان يا رسول الله!
1.      بحر عصيان جي بيشڪ غرق آهيان پرين پرور!
        مديني جي طرف رويو نهاريان يا رسول الله!
2.      نه آهيان وار هڪ واندو، گناهن کان مٺا مرسل!
        پريشانيءَ کان پنهنجي ٿو پڪاريان يا رسول الله!
3.      ٻيو محشر ۾ ڪير ايندو؟ سوا آنٌهنجي سچا سيّد!
        گهنگهر هت آ
گهڙيون پيئي گهاريان يا رسول الله!
4.      ڪيو انجيل ۽ توريت کي اچڻ سان احمدا رد تو،
        اوهان کي روز هت ساريو ٿي ساريان يا رسول الله!
5.      تون صاحب تاج لالوڪي، تنهنجي توصيف طٰہٰ ۾،
        سندءِ حب ۾ هنجهون ٿي روز هاريان يا رسول الله!
6.      کنيون هن جان محمد سر تي بڇڙايون ٻڌي ڀريون،
        هلان ڪيئن حاجين سان سَت نه ساريان يا رسول الله!

خليفو عبدالله

[خليفي عبدالله جو سوانح حيات معلوم نه ٿي سگهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهي مولود خليفي عبدالله نظاماڻي جا هجن، جو پير صاحب روضي ڌڻي رحه (وفات 1233هه) جي خليفي محمود نظاماڻي جي اولاد مان هو.]

[1]

ٿلهه:   قبوليت ۾ پييون آهون، آهن خاتونِ جنّت کي،
        اندر سجدي پيو سهڻو، پڪاري ربّ پنهنجي کي.
1.      وسن واسي اکين مان مينهن، اُمّت جي ڪاڻ محمّد کي،
        واحد اڳيان ڪري آهون، وهن ٿا لُڙڪ لالن کي.
2.      ڇڏي حضرت هليو حُجرا، وڃي رڻ ۾ رهيو راڻل،
        مبارڪ منهن ٿي گڏيو، پوي شل مهر مالڪ کي.
3.      هليا اصحاب ڏونگر ڏوري، گڏيو ٻڪرار جبل پاسي،
        ادا! تو ڪو ڏٺو عربي، نبي نرمل اسان جي کي؟
4.      عبدالله خليفو گنهگار آهي، اوهان جي در جو دربان آهي
        حشر ۾ سو ٿيندو حامي، ڇٽائيندو ڏوهارين کي.

[2]

ٿلهه: هڪوار هلي ديدار ڏسان، دوست مٺي دلدار سندو.
1.      تنهنجي عشق مونکي آزار ڪيو، تنهنجي نينهن مونکي نروار ڪيو،
        ڦٽي ننڊ نيڻن آرام ويو، مان مستان آهيان منٺار سندو.
2.      سدا شهر مدينو گلزار آهي، نه ڪو قحط منجهس ڏڪار آهي،
        سدا سارنگ وسي، سُڪار آهي، هلي شهر ڏسان سردار سندو.
3.      تار اُڪار، پار مونکي، اهي لهريون لنگهاءِ اُڪار مونکي،
        اهو ملڪ مدينو ڏيکار مونکي، هلي روضو ڏسان منٺار سندو.
4.      عبدالله خليفو گنهگار آهي، تنهنجي در مٿي پينار آهي،
        ڪيو عشق تنهنجي لاچار آهي، لٿو گوندر هن غمخوار سندو.

[3]

ٿلهه:   يا محمّدا مهندار نبي! ڪج ڪا وارث وَهار نبي!
1.      تون نُور نبي نرمل نُور الهديٰ،
        تنهنجي قدمن تان ڪريان جان فدا،
        سڪي ساهه منهنجو توکي ساري سدا،
        مونکي ملڪ مدينو ڏيکار نبي!
2.      عطر کان اڳرو پِريمَ اوهان جو پگهر،
        تنهن سان ناهه برابر مشڪ عنبر،
        اوهان کي ڏيج ڏنا آهن پاڻ پرور،
        تون ته ٻنهي جهانن جو مهندار نبي!
3.      تون محبوب خدا جو پاڪ پيغمبر،
        ڪج مهر مسڪينن تي ڏينهن محشر،
        آهيون پيش پيا اوهان جي در،
        مونکي پنهنجو پسايو ديدار نبي!
4.      هي عبدالله خليفو، گنهگار بندو،
        آهي گولو غلام سردار سندو،
        تنهن سان قادر پنهنجو اچي ڪرم ڪندو،
        تنهن کي جنّت ۾ جاءِ ڏيار نبي!

ياسين شاهه ”مقيم“

[سيّد ياسين شاهه بخاري، ميرن جي دور ۾ وڏو شاعر ۽ درويش ٿي گذريو آهي. مشهور درويش سيد قنبر علي شاهه جو مريد هو، جو شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي درگاهه جو سجادهه نشين هو. ياسين شاهه جي وڏن مان سيد هاشم شاهه بخاري، ولي الله ۽ درويش هو، سندس مزار ’دڙي‘ تعلقي گوني جي ٻه ميل اُتر ۾ ڳوٺ ڏچرن لڳ آهي، ۽ اڄ تائين اتي سندس مريد رهن ٿا. ياسين شاهه فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو، علم طب تي به چـڱي دسترس هيس. مولود تمام گهڻا چيائين، جن ۾ پنهنجو تخلص ”مقيم“ ڪم آندو اٿس، ۽ مقيم جي نالي سان ئي سندس مولود اڄ تائين سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهن.]

[1]'

ٿلهه:   نُور ڀلي آيو، شاهه ڀلي آيو.
1.      ڇني ڇٽيهه ٿوڻيون، ٻٽيهه ڏيا ٻاريو.
2.      مڙي ڏاڏي پوٽيون، سيّد ساٺ ڪاريو.
3.      آڻي ٽارو کوڙيو، ٽاري ٽؤنر لڏايو.
4.      موليٰ! هن مقيم کي ڪلمون پاڪ پاڙهيو.

[2]

ٿلهه:   عالم جا آڌارا، ڏيهن جا ڏاتارا!
1.      سيّد سرور، پاڪ پرور، سونهن سڀني سردارا،
        نُور نرمل، آءُ انور، ورنّهه! ڪريو وهارا.
2.      هنيون هندوري لاءِ اداسي، مانَ ملن منارا!
        چمان چائنٺ رسول جي، نيڻ ٺريا منهنجي نارا.
3.      وڃڻ وهامي راتڙيون، وارث! تو لئي تڪيندي تارا،
        اچي عجيب! الله لڳ، منهنجي اندر ڪريو اوتارا.
4.      ”مقيم“ چئي محبوب مٺا! منهنجو دست وٺو دلدارا!
        داڙو ٿيج داور مون لئي، پهچج پنهل پيارا!

[3]

ٿلهه:   مون سان محمّد! مدد ڪجا.
1.      پيو آهيان پاتار ۾، اڪاري ڪنڌيءَ ڪجا.
2.      دلاسو دلگير کي، ڏسڻ سان ڏجا.
3.      ڪانهل جي قبر تي، ڀيرو ڀير ڪجا.
4.      موليٰ هن ”مقيم“ کي، ڪلمون ياد ڏجا.

[4]

ٿلهه:   ڀلي آيو، ڀلي ڀلي آيو، جيڏيون! مير محمّد مون گهر آيو.
1.      جانسين آئين سيڄ وڇايو، تانسينن آئين دوست دمايو.
2.      گهورون گهوٽ رسول تان، ماڻڪ مينهن وسايو.
3.      پسي حُسن حبيب جو، ڪرسيءَ ڪنڌ نمايو.
4.      موليٰ هن ”مقيم“ کي، ڪلمون پاڪ پڙهايو.

[5]

ٿلهه:   سڪڻ ڪيو دل تي داغ، حبيب جو پسان پڃرو پاڪ!
1.      ٻيون سڀ واڳيون ورن سان، مون ڏکيءَ ڪهڙو ڏهاڳ؟
2.      آرٽ اُلاڻو نه سونهين، ڀير ته ورنئي ڀاڳ.
3.      جيئري جدائي نه ٿئي، مُئي مدينو ماڳ.
4.      يا ربّ! ياسين شاهه کي سيّد! ڏي سهاڳ.

[6]'

ٿلهه:   اي جيءُ قادر ڪريو ڪرم! وڃي ملان هوتن جي حضورا.
1.      اچيو عجيبن جا، مونکي پلپل پون پُورا،
        هاشمي حبيب جي، مونکي گهائي وڌو گهورا.
2.      حَسن مير حُسين جي، مونکي اندي منجهه اُڪيرا،
        ساريو ويٺي ساريان، هوءِ جي محب موچارا.
3.      مونکي مون پرين جي آهي اکڙين منجهه اُڪيرا،
        ملڻ جون محبوب سان، کينئن جون ڏيندم کِيرا.
4.      ”مقيم“ چئي مارڳ تي، ڪج ڪو ڀيرو ڀليرا!
        پياديون شال پهچائين، ڪنهن سبب ساڻ سچيرا!

[7]

ٿلهه: پانڌي! پرين رسول جا، ڏج سڄڻن کي سلاما،
                        ڏج پرين کي پيغاما.

1.      پانڌي پرين رسول جا! ڏج نرتئون نياپا،
        نيئي رسائج رسول کي، منهنجي توڙئون تعظيما.
2.      پسو پاڪ رسول کي، پُري پانڌيئڙا!
        نيئي رسائج رسول کي، هن عاصي جا عرضا.
3.      حجّ وڃو اوهين حاجيا، سچيءَ سڪ منجها،
        عرض محمّد مير کي، هن چُڪيل جو چئجا.
4.      اوهين جي وڃو اوٺيا! مونکي ساڻ نِجا،
        اُٺ چارينديس اوهان جا، منهنجو ناتر چايو نانءُ ٌ.
5.      عرض هن عليل جا، سُڻ قاصد! ڪوڏ منجهان،
        منجهان مهر ”مقيم“ کي، اچي پرينم پاڻ پساءِ!

[8]

ٿلهه: منهنجو محمّد آئيو، اُهاء ٿيو عرش مٿيَ،
                        جيءُ ساراهيو سبحان کي.

1.      ڪريو ياد خدا، جيءُ واکاڻيو واحد کي ....
2.      ڏوران ٿو ڏسجي، جيءُ جُهلندو ڇٽ رسول تي ....
3.      وڄڙين ويس ڪيا، ڪيا جيءُ پرڻي رات رسول جي ....
4.      ڪلون ياد ڏجان، جيءُ مرڻ ويل ”مقيم“ کي ....

[9]

ٿلهه: سر قربان آنٌ تان جيءُ شاهه شفيع!
1.      مڪي مشفق مهر ڪر ڪامل قريشي!
        حامي حمايت هاشمي سڀني آهين سيّدي.
2.      ڪرهو پلاڻيو ڪوڏ مان شوقئون هليا شامي،
        سهجئون سرور ڄام جي رهه رميا رومي.
3.      وجهلن ٿا ولايت ۾ محب تو لئي مغربي،
        نايو ڪنڌ نياز سان، آيا وٽئي عربي!
4.      مداحي تي مهر ڪر ڪامل قريشي!
        مهر مقيم تي ڪا ٿئي، اوهان ڏي هليو ٿي حرمي.

[10]

ٿلهه: ڪنهن کي چئي ڪنهن کي چوان ته ڪا محبت مونکي آهي.
1.      اندر عشق عجيب جو جيڏيون! جيءُ جلائي.
2.      لوٺي لڇي لالڻ لاءِ موليٰ شال ملائي!
3.      ڳالهه پريان جي ڳجهه جي ڪنهن کي ڪامَ سڻائي.
4.      موليٰ هن مقيم کي مير مدني ملائي.

[11]

ٿلهه:   يا ربّ مرسل مونکي ميڙئين، اسين آهيون جنهن آسري.
1.      جبل چوٽ چڙهي، وڃي رسان ڏيهه رسول جي.
2.      پاڻي پاڪ پيان وڃي، منجهان حوض حبيب جي.
3.      ڊوڙي آ ڊوڙان وڃي، صفا مروي وچ ۾.
4.      ڪلمون ياد ڏجان، موت ويل مقيم کي.

[12]

ٿلهه:   حضرت هوت حبيب کي، موليٰ شال ملان!
1.      حضرت هوت حبيب آنٌ کي آ ٿي ساريان سڪ منجهان،
        موليٰ! محمّد ميڙئين، جنهن لئي واڍوڙي وتان.
2.      ڪنهن پر قريشي ڪارڻي، آ ته مارڳ شال ملان!
        گولڙي گوهر ڄام جي آءُ پاڻيهاري ٿي به پُران.
3.      حضرت هوت حبيب تان آ صدقو ساهه ڪريان،      سز محمّد مير اڳيان، آ ته ڪوري نيئي ڌريان.
4.      سٿ ۾ صحابن جي، هي مقيم چئي مرڪان،
        ميان! پاڙو پنجتن جو، هن ڪمينيءَ ڪجان!

[13]'

ٿلهه:   ساٿ سلامت آيو، سڀني جو سردار،
                        ڀري کٿوري بار.

1.      آيا ڪي ايندا، کان اوٺي عرب پار.
2.      مشڪ کٿوري مير جي، واسي سڀ وڻڪار.
3.      مجلس محمّد جي ۾، عطر عنبر هُٻڪار.
4.      ”مقيم“ کي مرڪائين، منجهه مجلس مڻيادار.


' [1] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [2] ’ٽيهه اکري سنڌي ميين عيسي جي‘ مطبوع فيض سبحاني ڪوٽڙي سنه 1312هه تان ورتل.

' [3] مولوي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] کان [4] تائين ”رسالو حيدري“ مطبوع مصطفيٰ پريس لاهور سنه 1890ع تان ورتل.

[1]  کهڙن وارن بزرگن جي عالم مخدوم امير احمد صاحب کان مليو.

' [1] کان [5] شاعر جي پوين مان سيد غلام شاهه کان مليا.

' [6] کان [12] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [13] کان [16] تائين مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org