سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :16

[32]

ٿلهه: مرحبا مرحبا، مرحبا مرحبا، يا رسول الله!
1.      قصا تنهنجي قرب جا، ڪامل ڪهڙا ڪبا!
        حامي آنٌ هيڻن جو، جن ادا نه ابا.
2.      حج پڙهان تنهنجو هاشمي، حضرت حبيبا!
        ڪعبي تؤن قربان وڃان، اُتئون عجيبا.
3.      سائل تنهنجي در تي، عاشق! آهن اُڀا،
        دلاسا دلگير کي مرسل ڏيو محبا!
4.      لطف ڪريو ”لُهر“ سان، مشفق محبوبا!
        حاصل ٿئيم حيات چئي، منهنجا مطلوبا.

[33]

ٿلهه: رس موليٰ جا مختيار! آ اُڪانٌڊي آهيان،
                        سرور! لهه تون سنڀار.

1.      اچڻ ڪارڻ ايڏهين، آ ٿي ڪريان حيلا هزار.
2.      راتان ڏينهان روح ۾، تنهنجي آهي طلب تنوار.
3.      ڪريان عرض الله کي، تنهنجي ديکڻ جي ديدار.
4.      ڏاتر ڪندم ڏينهن سو، اچي پسندس مير منار.
5.      اٺئي پهر ايڏاهين، منهنجي نيڻن آهي نِهار.
6.      اُٿئي ويٺي وات ۾، تنهنجي پنهل آهي پچار.
7.      ڪونهي ڪو ڪونين ۾، مثل تو مختيار.
8.      ڀال ڀلا ڪر پنهنجو، مون ۾ عيب آپار.
9.      ڪرڪو غور غريب جو محب مِٺا منٺار!
10.    هادي ميل حيات چئي، سونهن ڀريا سردار!

[34]

ٿلهه: مون تي موٽج سچا سيّد، سڳورا يا رسول الله.
1.      پيو پاتار ۾ آهيان، اونهي ڪن کان ڪيڏانهن ڪاهيان،
                        ڪنڌيءَ ڪر يا رسول الله!

2.      تُراڙو تور جت ترندو، عمل عصيان ڀيڙو ٿيندو، اتي رس يا رسول الله!

3.      رکي وٺجان حشر هُل کان، وٺي هٿ تون ڪجان اوڏو،
                        مون کي رس يا رسول الله!

4.      هيڻو حال حيات، اَجهي تنهنجي اولى تنهنجي،
                        هِتي هُت يا رسول الله!

 

[35]

ٿلهه: سيّد سردار سنبهي سهڻو، کٽي منهنجو گهوٽ گهر آيو.
1.
      اول اولين کان آيو، فائق ايئن پاڻ فرمايو،
        نبيءَ جي نُور مان نرمل، باريءَ براق بنايو.
2.      مٿي معراج تي مرسل کي قادر پاڻ ڪوٺايو،
        چڙهي براق تي جاني، نيب سو هاشمي آيو.
3.      مٿي ڪنهن ماڳ تي اعليٰ، اُتي جبرئيل ڳالهايو،
        مهند موڪل مونکي ناهي، مَلڪ ايئن پاڻ فرمايو.
4.      ڪَهي ڪرسي اڳيان قادر، لمي سِر لام ليلايو،
        محب موزا پرين پنهنجا، محمّد مور مَ لاهيو.
5.      هلڻ ويل حيات کي، چڱو ايئن پاڻ چوايو،
        مرڻ ويل منهنجا سائين! ڪلمون پاڪ پڙهايو.

پـــــــنـــــــــيــــــــــو

[1]

ٿلهه:   اهڙو عجيب عربي، احمد! اَجهو تون انور،
                حضرت هيڻن حمايت، دانهه دلير دلبر!
1.      ڪهڙو ڪفيل ڪامل، قربدار ڪيو قادر،
        مهندار مٺو مرسل، مشفق مٺو منور.
2.      ڀيرو ڀلي تي هڪڙو، ساري صلوات جو چوي،
        اسي ورهين جا واري، بخشيس ڏوهه ڏاتر.
3.      نافع سندي نگهه سان، چنڊ چيرجي ٻه اڌ ٿيو،
        اهڙو نه ڪنهن ٻئي ڪيو، معجزو پيغمبر.
4.      ڪنهن رات ۾ بيبيءَ کان، سبندي سُئي ڪري،
        لحظي منجهه لڌائين، لاشڪ اونداهي ۾ ٿيو اوجر.
5.      باريءَ بچائي بند مان، حاذق حبيب هرڻي،
        ڪوڏان ڪهيائين ڪلمان، خير الوريٰ تي خوشتر.
6.      ڪامل پنهنجي ڪرم سان، ڪيو لاشڪ لنگهي تي لائق،
        پنيو پنيي ٿو پازي، وڙ ڪر وِلهيءَ تي واهر.

[2]

ٿلهه:   ساٿ وٺي سردار، آيو مڙن جو مهندار،
                اي جيءُ! سيّد آيم سپرين، مون مليو محمّد ڄام،
                سو تان خاصو رسول الله جو، مون مليو محمّد ڄام.
1.      خاتون ٿي خوشحال، ڪيائين ٻانهيون سڀ آزاد،
        آئي محمّد ڄام جي، مون مليو محّمد ڄام.
2.      وِيجهي وڏي ٿي رات، شال مَ پئي پرڀات،
        آ ٿي ريجهايان رسول کي، مون مليو محمّد ڄام.
3.      سُرهي وڇائي سيڄ، رات ڀنيءَ جي ڀيڄَ،
        گهورُون گهوٽ رسول تان، مون مليو محمّد ڄام.
4.      غم گوندر سڀ ويام، ڪاڄ سڀيئي سريام،
        پنيا! مرادون سي پنيون! مون مليو محمّد ڄام.

[3]

ٿلهه: جنهن لئي سڪان ساريان سدا،
                        محمّد مٺو مونکي ميڙئين.

1.      يا الله العالمين! سائين سڻ منهنجي صدا،
        پاڪ پيشاني پسائي، نرمل نبي نوور الهُديٰ.
2.      لهريون سمنڊ لطفئون لنگهان، ارڏا جبل بر بيحدا،
        هادي مونکي حرمين جون روشن ڪرين راهون رضا.
3.      پايو پلاند پنيو پني، آنٌ کؤن اچيو جيءُ احمدا!
        ڏان ڏيو ايمان جو، بيهد ڀلا گوهر گدا.

[4]

ٿلهه: پرور پنهنجي نُور منجهان، نور نبيءَ جو ڪيو عيان.
1.      عرش ڪرسي لوح قلم مان، جايون جنتون علم اُتمان،
                        خاصي ربّ خدا، جوڙيو سڀ سامان....

2.      شمس قمر کي حسن حبيبي، صحيح سَرين نُور نجيبي،
                        ڏاتر ڏنو تن کي، ايڏو حسن حَسان....

3.      پرتئون پائي وڃ ورقا، صحيح سَرين زين زرقا،
                        آگي ڪيس عطا، برساتي باران....

4.      پازي پنيي جو عرض اگهائي، قادر ڪلمي سان شال لڏائي،

                        بخشش باري، دين ايمان....

[5]

ٿلهه: ساري پڙهه صلوات، حضرت سراءِ ۾ آيو.
1.      آگي احمد ڄام کي، ڏاتر ڏاتر ڏنڙي ڏات،
        موليٰ مڪيون محبوب ڏي، تعريفون تورات.
2.      قادر ڪئي قرآن جي سُورن منجهه صفات،
        ’روم‘، ’سبع‘، ’لقمان‘ ۾ وصفون ’وصافات‘.
3.      نُور نبيءَ ڄام جي، هرجا ڪئي حسنات،
        ٿيو شعاع سڀ خلق ۾، رين وهاڻي رات.
4.      پنيا! پڙهه تون پرت مان نفي ۽ اثببات،
        محمّد رسول الله چئي، حق چيو حق ذات.

[6]

ٿلهه:   مير محمّد مصطفيٰ، حضرت ٿيو هسوار،
                آنٌ کي ربّ گهرائيو، هلي دوست ڪريو ديدار.
1.      اي ميان! اسپ احمد ڄام لاءِ آندو وحي اظهار،
        ڪريو سير سماءُ جو، هلي ڏسو ڏاتار.
2.      اوّل ’التّحيات‘ جو احمد ڪيو اذڪار،
        سڻي سلام الله جا، سرهو ٿيو سردار.
3.      ڪريو قريشي ڪارڻي، ’اقصيٰ‘ جو اختيار،
        نرمل! پاڙهه نماز تون، مرڪي ٿي مهندار.
4.      لنگهي ويا لاهوت کان ناسوتي نروار،
        ماڻيائون ملڪوت کي، جبروتي جنسار.
5.      موليٰ، محمّد پاڻ ۾، ويڇو ناهي هڪوار،
        پُنيون مرادون پنيو چئي، يار مليا کي يار.

[7]

ٿلهه: موليٰ ڪيو محمّد مٺي، نرمل نبي نبين سندو.
1.      ڄائي محمّد مصطفيٰ، سڀ خلق ۾ ٿيو شعاع صفا،
        نازل ٿيا تو سِر نفعا، وسيو ڪڪر ڪرمن سندو.
2.      مُهر لکيائون ٻنهي ڪُلهن، لکيا اکر حڪمت هٿن،   ’محمّد رسول الله‘ چون، صحيح اسم سڄڻن سندو.
3.      سخت سينو صاف ٿيو، ڪڍي قلب کي ٻاهر ڪيو،
        ڌوئي حبيبن جو هنٌيون، پر نُور ڪيو پرين سندو.
4.      راضي ٿيو ربّ رهنما، آيو وحي ڏاڍي تاب مان،
        قادر نوازيو قرب مان، پنيا اَجهو عاصين سندو.

[8]

ٿلهه: هيءَ پيادي پهچايو، موليٰ نيئي محبن.
1.      اٿم اُميد اندر ۾ سندي سپرين،
        ڪر هيڪاندي پاڻ سان، ڪڍ منجهان ڪوٽن،
                        موليٰ نيئي محبن....

2.      آڏا لڪ اَجايا، چاڙهن تان به چڙهن،
        اُڪارئين احساس سان، لطف سان لهرن،
                        سختيون جي سُجهن....

3.      زمزم پاڪ پيان، جو شفا مرضن،
        اُڀارئين عرفات تي، حاجين ساڻ هلن،
                        جي لبيڪ پڙهن....

4.      ڪلمي ساڻ ڪريم جي، پساهه پُڄن،
        پيراندي پنيو چئي، هردم هلان هوتن،
                        جاءِ سڳوري سندن....

[9]

ٿلهه: پسان آ پاڪ پيشاني، نرمل! پنهنجي نور مان ڪر فضل فرقاني.

1.      صفت آنهنجي سيّدا! ڄاڻي صاحب سلطاني،
        ڪري سگهندو ڪونه ڪو، آن جو باب بياني.
2.      جَڙيا جانب جوت مان، ٻئي جوڙ جهاني،
        قريشيءَ جي قدمن تان، ٿيا ڪوڙين قرباني.
3.      محب منهنجي من جا، ڪت نه عيب عياني،
        پنيو چئي پنهنجا ڏسيو ڏوهه ڏراني.

[10]

ٿلهه: جاجيئڙا هيڪر، نيئي رسائين محمّد مير کي.
1. جن کي حب حبيب جي، آهي منجهه اندر،
        سي سلامت ميڙئين، آگا! اسان انور.
2.      وٺي روانا ٿيا، بار چاڙهي ۾ بحر،
        اکيون عرب پار ڏي، نت ڪرين نِهر.
3.      ڀلي بيت الله جي داخل ٿيان منجهه در،
        چشمن سان چمائين، اسود پاڪ حجر.
4.      جيڪي ادب عُمري، حج جا، سي ساريان منجهه سفر،
        الله! اُڪارين ان کي، لاهي خوف خطر.
5.      پرين ڏي پنيو چئي، مونکي مرڻ ترت پچر،
        پاڪ پيرانديءَ پنهنجي، نيئي ڪريو قبر.

عبدالواحد ”عبد“

[1]

ٿلهه: آهي موليٰ جو مهربان مير محمّد جو.
1.      نڌر نماڻي، آ جا ويڳاڻي، آ جا ويڳاڻي،
        پنهل ايندم پاڻ سڃاڻي، ڪريان جان قربان.
2.      سڀني حمايت، ڪندو شفاعت، ڪندو شفاعت،
        مڙني ڏينهن قيامت نيندو سڀ جِنان.
3.      شاهه سونهارو، سڀن پيارو، سڀن پيارو،
        مدني آهي مير موچارو، سيّد شاهه جهان.
4.      سڀني اميدون، آهن عيدون، آهن عيدون،
        پنهنجي ”عبد“ کي عيد ڪرايو، منجهان مهر ميان.

[2]

ٿلهه: عربي شاهه سڳورا! سڻ سائل جي به صدا.
1.      آهين رحمت العالمين، والي هر دوجهان،
        ڪر ڪو غور غريب تي، سانيم! لڳ خدا.
2.      آهي اُداسي جندڙو، نيڻين ننڊ نه ڪا،
        پيئي بچان پاتار ۾، ڪنهن کي ڪين چوان.
3.      ماڳ مدينو مون ٿئي، جتي آهي جانب جاءِ،
        هئان شال حضور ۾، پاڙي ۾ پريان.
4.      سڻ سوال سميع تون! عبدالواحد جا،
        جنّت البقيع مون جاءِ ٿئي، ڪلمي ساڻ لڏيان.

احســــــــان فــــقـــــــيــــــر

[احسان فقير اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو. پر پوءِ لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ رهيو، جتي نير جو ڪم ڪندو هو. سندس صحبت سدائين مصري شاهه سان هوندي هئي ۽ اتان ئي شاعريءَ جو شوق جاڳيس. سندس هڪ بياض هو، جو گم ٿي ويو. سنه 1315هه/1897ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه:   هن عرض جو ڪو غرض ڪر سيّد سچا سردار تون!
                مرسل محمّد مصطفيٰ! آهين سندم آڌار تون!
1.      تنهنجي ڪنڌي ڏي ڪاهيان، تو در پيو ٿو دانهيان،
        ويرين ورايو آهيان، رسجئين مٺا منٺار تون.
2.      مرسل مداحي سان ملي، هٿڙا رکو تنهن تي هلي،    آن کان سري سڀڪا ڀلي، داڙو ٿئج دلدار تون!
3.      سڻ سوال سائل جو صدا، پوري ڪريو من مدّعا،
        نرمل نبي، نُورِ خدا، حامي ٿئج هر وار تون!
4.      احسان تي احسان ڪر، گولي سندو ڪو مانُ ڪر،
        دشمن سندم ويران ڪر، گوهر مڃج گفتار تون!

رمضان ڪنڀر

[رمضان ڪنڀر، آمڙن ڳنڀرن جي ڳوٺ، لڳ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ ۾ ڄائو. بلڪل اڻ پڙهيل هو، مگر پوءِ ٽپٽائي (تعلقي سيوهڻ) جي عالمن جي صحبت ۾ ديني ۽ دنيوي ڄاڻ پرايائين،
ايتري قدر جو سندس هڪ خطبو فصيح عربي ۾ ٺهيل آهي. سندس ڪلام مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. 16-1317هه 98-1899ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه:   ڪندو ماڙ مرسل مصطفيٰ، ايندو اوراهون انور،
                سائين! تون آهين، ڇورن ڇانوَ ڇپر.
1.      سونسو صور ڌڪاؤ جو، ٻڌجي ڪڙڪو ڪُن ڪپر،
        فاني ڪندو ڦوڪ سين، نه ڪو ڏسبو ڏيهه ڏونگر.
2.      تپندو دوزخ دهشتي، جڏهن مچندو سُرخ سقر،
        بچائيندو باهه کؤن، اچي پاند ڏيئي پيغمبر.
3.      تپندو شمس شتاب سين، جڏهن نيزي پاند نشر،
        ڀاءُ بيزاري ڀاءُ کؤن، نه ڪو ڀيڙو رهندو بشر.
4.      قاضي ڏينهن قيام جي، ٿيندو پاڻ ڌڻي پرور،
        هرڪو حرف حساب جا، ڏيندو دست کڻي دفتر.
5.      ڪندو عرض الله کي، جڏهن سجدي ۾ سرور،
        بخشائيندو باري کؤن، پاند کڻي پيغمبر.
6.      ڪري عرض الله کي، عاصي رمضان غمگر،
        لنگهائيندو لطف سين، چئي ڪلمي ساڻ ڪُنڀر.

[2]

ٿلهه: مير محمّد ڪبريا، ڪئين ڪوٽ ڪفارن جا.
1.      لام لڙائي تيار ٿي، اتي حضرت هوت هليا،
        قتل ڪيائون ڪفارن کي، جي قلعي خيبر جا.
2.      احد عجيبن فتح ڪئي، هليا حڪم حضرت جا،
        تلف تبوڪ تمام ڪيائون، ڪوڙين ڪافرن جا.
3.      اُٺ رهيو غار تي، جنهن کي بار ڪيو کيرا،   قوّت منجهه ملول ٿيو، جنهن کي ڇڏي واٽ ويا.
4.      حقيقت منهنجي حال جي، ٻُڌ حامي حشر جا!
        شام سندي بازار مان، مون باري بار کنيا.
5.      حضرت هٿ کڙا ڪيا، رحمت جي طرفان،
        بغير شير شتاب ٿيو، ڪڏيو ڪوڏ منجهان.
6.      نانگ سڪندي سال ٿيا، جنهن کي ست سؤ ورهين جا
        ڏسڻ ساڻ عجيب کي، تنهن سوَ ڪيا سجدا!
7.      عيب مدايون وهم وڏا، مون ڪِيَڙا ڪم ڪَچا،
        ميٽ مدايون رمضان جون، تون صاحب دفتر جا!

[3]

ٿلهه: آ جا واٽ نهاريان، ڪڏهن ٿا اڱڻ اچو،
                        اچي دوست! دلاسو ڏجو.

1.      ڪاڻياري ڪيچين جي، ڇپر ۾ نه ڇڏجو.
2.      مٿي راهه رسول جي، هيءَ گولي نيئي گڏجو.
3.      سرور پنهنجي ساٿ سان، نال نماڻي نِجو.
4.      رُليءَ کي رمضان چئي، رهبر! رڻ ۾ رسجو.

[4]

ٿلهه: احمد سندو آڌار، سردار سرور سِرجِيو.
1.      مَلڪن جهليو ابليس کي، ڀيڙي ڪيو بيزار،
        قيد هو چاليهه ڏينهن، پاڻيءَ اندر پاتار.
2.      دوزخن در پوريا، آتش وئي آزار،
        در کليا بهشتن سندا، بُويون کليون بهار.
3.      بُت ڀڄي ڀورا ٿيا، تنهن رات ۾ تڪرار،
        تخت سلطانن سندا، اونڌا ٿيا انوار.
4.      تنهن رات جو رمضان چئي، هوڪو پيو هڪ وار،
پُٽ پاڪيزو پيٽ ۾، ٻهڳڻ ٿيو آهي ٻار.

[5]

ٿلهه: جنهن رات ۾ ڄائو نبي، سؤ سؤ تڏهن سينگار ٿيو.
1.      ڪافر هَنجهُون هاري سي، ڳوڙها ڳلن ڳاڙين سي،
        چڻگون ڄڀي ٻارين سي، ڪو جو منجهن سنئون ساڙ پيو.
2.      ڪافر عجب منجهه سڀ پيا، ان ڳالهه ۾ عاجز ٿيا،
        ملڪوت ۾ ميڙا ٿيا، نعرو نبيءَ نروار ٿيو.
3.      ساري ملڪ فارس اچيو، ڪوٽ ڪاٺين سان ڀريو،
        ڏهه سؤ ورهين ٻرندڙ هئو، ڄيرو ڦٽي ڦلهار ٿيو.
4.      رمضان سڀ رنگ راس هو، ڪوڙو ڪفر سڀ ناس ٿيو،
        توريت ۾ پڻ پاس ٿيو، انجيل ۾ اقرار ٿيو.

[6]

ٿلهه: مٿي معراج هليو مرسل، ڪيائين سير مڪانن جو.
1.      ڪري هسوار مٿي براق، وري چرڻيءَ مٿي چڙهيا،
        اڳيان جبرئيل ٿيو پيادو، اهو فرمان فائقن جو.
2.      لنگهي پردا ڳجها پڌرا، وڃي ويجاه ٿيا واحد کي،
        مليو محبوب ظاهر ٿي، لٿو پردو حجابن جو.
3.      رهيا رمضان رمزن ۾، اتي گفتگو هئي اَلتّحيات،
        پڙهي صلواة ربّ تعاليٰ، صحيح ڪلام سلامن جو.

[7]

ٿلهه: سائين! ڏاتار ڏيکار هڪوار شهر مدينو.
1.      روضي مهندان رسول جي گلزار هٻڪار هلڪار.
2.      سدا سانوڻ مينهن جئن عطر دار ڇٽڪار بازار.
3.      منارا مير مرسل جا ڏيکار درٻار چوڌار.
4.      تخت جنهن ۾ محمّد جو سرڪار سردار سالار.
5.      رمضان کي ديکائين اظهار اسرار موچار.

لطف الله ”لطف“

[آخوند لطف الله ”لطف“ ڳوٺ هالن پراڻن، ضلعي حيدرآباد جي مشهور ”سانوڻي آخوندن“ جي گهراڻي مان هو. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ تي چڱي دسترس هئس. هي صاحب اٽڪل 70 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. کيس وفات ڪئي اٽڪل 60-70 سال ٿيندا. انهيءَ حساب سان 1900ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس چيل مولود ۽ مداحون مشهور آهن.]

[1]

ٿلهه:   شڪر جو نرمل نبي نُور الهديٰ پيدا ٿيو،
                ٿي سڀئي ظلمات ضايع، مہ لقا پيدا ٿيو.
1.      اُت رکي اميد عيسيٰ، اُمّتي اوهان جو ٿيان،
        سو سڄڻ سردار ختم النبياء پيدا ٿيو.
2.      لفظ جنهن جي شان ۾، لائق صفا لولاڪ جو،
        سو خدا جو خلقيو، خير الوريٰ پيدا ٿيو.
3.      اي صبا! بهرِ خدا، تون عرض عاجز جو رساءِ،
        جاءِ جنهن سو سيّد هر دوسريٰ پيدا ٿيو.
4.      هيءَ مبارڪ عاصين، اميدوارن کي هجي،
        سو شفيع المُذنبين مشڪلڪشا پيدا ٿيو.
5.      اي ”لطف“ صدبار پڙهه، صلوات سيّد جي مٿان.
        شافعِ روزِ جزا صلواعليٰ پيدا ٿيو.

[2]

ٿلهه: پهچ پرين پيغمبر، موٽ محمّد مير، سرور ڄام سڌر!
1.      رس رسول الله جا، دير نه ڪر دلبر!
2.      مشڪل وير مريض کي، احمد! ڏي آڌر.
3.      عاجز کي يا احمدا! ٿوب ڏيو ٿاهر.
4.      تو ريءَ منهنجي سيّدا! ٻي واهه نه ڪا واهر.
5.      لاهيو غم ”لطف“ چئي، هڪ ساعت ۾ سرور!

[3]

ٿلهه: موٽ محمّد مير! ٻانهڙي ٿي ٻاڪاري..
1.      مشڪل ۾ رس مصطفيٰ! اُمّت جا امير!
                مرضن وڌي آهيان ماري.

2.      پازياڻي پرڏيهه ۾، دردن ڪئي دلگير،
                سورن سين گڏ گذاري.

3.      هِتي هُتي هاشمي، احمد! وقت اخير،
                پَرتِي اَٿو پناري.

4.      لاهيو غم ”لطف“ چئي، وڃان ملڪ ملير.
                سانگين کي دل ساري.

[4]

ٿلهه: اوکي ڪر احسان، فائق فضل پنهنجو فرماءِ.
1.      عاجز اولياء عميق ۾، حاجي ٿيا حيران،
                تن تي ٻاجهه ڀريا! ٻاجهاءِ.

2.      سخت سٽاڻو، تيز تکو، ترت کڻي طوفان،
                واحد! واءُ سڻائو وراءِ.

3.      قادر ڪل تي قدير تون، صاحب ربّ سلطان!
                جابر! جرئت توکي جڳاءِ.

4.      ”لطف“ پني ٿو لهرين ۾، آگا! بخش امان،
                پرور! پار نيئي پهچاءِ.

[5]

ٿلهه:   وڃي ڪو مير محمّد کي چوءِ،
                هيءَ ويچاري واٽ رهي، نرمل! ننگ سندوءِ.
1.      هڪ مسافر، مريض ٻيو، ٽيو رس نه رفيقن ڪوءِ.
2.      لٿم لحم لڱن تان، پوڻي پيس پوءِ.
3.      جن وسيلو تنهنجو، هيڪلڙي سا ڪيئن هوءِ؟
4.      ساريو سانگي راتو ڏينهان ويٺي روءِ.
5.      پرڏيهاڻي سندي ”لطف“ چئي لالن لوءِ.

[6]

ٿلهه: ساريو ساريان، ميان عربي ڄام کي.
1.      اکيون عرب پار ڏي، کڻيو نيڻ نهاريان،
        شوق منجهه شفيع جي، جهڄيو جر هاريان.
2.      ڀلي بيت الله ۾، پنجئي وقت گذاريان،
        ڪريان طواف بيت الله جو، ساڻ اَسود عين اجاريان.
3.      قيد الماءُ قوي ٿيو، نه ته ڪين گهڙي هت گهاريان،
        مديني جي مير جي، تسي ساجهر هنڌ سڌاريان.
4.      پڃري پيش رسول جي، جيئري جان نثاريان،
        هڪ لحظي ۾ ”لطف“ چئي، ڏک ڏينهن وساريان.

[7]

ٿلهه: اي محب مڪي المدني مل مرسل! موٽ محمّد مير!
1.      حاجي هليا حرمين محمّد! شوق شفيع ثقلين محمّد!
        داور رس دارين محمّد! اچن اوهان جي اُڪير.
2.      تار منجهان اچي تار محمّد! پرين پهچائج يار محمّد!
        عاصين کي تون اُڪار محمّد! صحيح لنگهائج سير.
3.      اٿم اوهان جي آس محمّد! اندر منجهه اُڪاس محمّد!
        طاري طلب تن تاس محمّد! وار وصل جي هير.
4.      روئي وهايم رين محمّد! سائل جي سڻ سَين محمّد!
        نوري پسائج نين محمّد! ”لطف“ ڏهون دلڌير.

[8]

ٿلهه: الوداع الوداع مرسل موچارا! توتي صلواة جي سلاما.
1.      رخصت وٺي رسول کان، هليا حاجي هزارا،
        اُسهيا ڏانهن عرفات جي، پڙهي سلام وداع ويچارا.
2.      عاشق احمد ڄام جا، روئن شائق شب روزا،
        جيئن شمعون شوق شفيع جي، ڪن گِريو گرم گدازا.
3.      وڏا طالع تن جا، هو جي ساڪن مديني جا،
        پڃري پيش رسول جي، پڙهن پنجئي وقت نمازا.
4.      مور نه وسرن مون پرين، جيءَ جا جياپا،
        موليٰ! محمّد مير سان، موٽي ڪج مئي جا ميلاپا.
5.      لهندو وڇوڙو ”لطف“ چئي، انشاءَ الله تعاليٰ،
        قادر قريشي سان ڪندو، شال ويچاريءَ وصالا.

شاهه نصير الدين ”نصير“

[شاهه نصير الدين ”نصير“ ولد عبدالحي شاهه نوشهري فيروز جو ويٺل هو. ننڍي هوندي پيءُ جي زير تربيت رهي، فارسي ۽ عربي تعليم مڪمل ڪيائين. سنڌي ٻولي تي ڪافي عبور هئس. سندس شاعريءَ تي صوفيانو رنگ چڙهيل آهي. سنه 1318هه/1900ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]'

ٿلهه: تجلو پسان هڪ تار ۾، جاٿي تماشو طور جو،
                        شب روز مونکي شوق انهنجو.

1.      ساراهه صفت سبحان ڪئي، سيّدا! تنهنجي صحيح،
        ماڻهو پڙهن سڀ مَلڪ جنّ، مصحف تنهنجي مذڪور جو.
2.      طٰہٰ تنهنجي تعريف ۾، طومار جوڙيا ڏس جبّار،
        توريت ۽ انجيل ڏس، ظاهر ذڪر زبور جو.
3.      ناگہ نظر جنهن تي پيو، سو خيال ان ۾ خوش ٿيو،
        شل حشر ۾ ٿئي حوصلو، سر انهن مخمور جو.
4.      هي ناز نرگس جا پسي، نباز مان آيو ”نصير“،
        سو گل وري ٻيو ڪيئن پسي، گهايل اوهان جي گهور جو.

حافظ محمد يوسف

[حافظ محمّد يوسف ولد حافظ محمّد هارون اول، ڳوٺ ٽکڙ ضلعي حيدرآباد، ۾ سنه 1258هه/1842ع ۾ ڄائو. پنهنجي والد کان سنڌي، فارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪيائين. درياءَ جي اٿل ۽ پراڻي ٽکر جي ٻڏڻ کان پوءِ نئين ٽکڙ ۾ اچي رهيو. جتي پنهنجو مدرسو به جاري رکيائين. مخلص، فدا، حافظ شاهه ۽ بسمل جهڙا شاعر سندس شاگرد هئا. فارسي ۽ سنڌي ۾ ڪلام چيو اٿس. اعليٰ درجي جو خوشنويس به هو. سنه 1322هه/1903ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]'

ٿلهه: لکين شڪرانا ربّ سندا، مليو مير محمّد سبحان الله،
                        مون گهر آيو مون پرين.

1.      آيو ڪوهيارو ڪيچ جو، ساٿ ڌڻي سردار،
        وريو بخت ڀنڀور جو، هوتن ڪيو هٻڪار.
2.      پرڻي رات رسول جي، گل کڙيا گلزار،
        چڙهي ويٺو چاڳلو، موڙ ٻڌي مهندار.
3.      گلن گاديون ڇانئيون، سون زري سينگار.
        جنهن تي ويٺو چاڳلو، دُرس ٻڌي دستار.
4.      يوسف چئي يار جو، ديکيو جن ديدار،
        پسڻ ساڻ پرينءَ جي ٿين قلب قرار.

[2]

ٿلهه: قرب ’قاب قوسين‘ جو، سريوي سيّد کي،
        سريو سيّد کي، مليو محمّد کي.
1.      آيو وحي الله جو، هلي حضرت ڏي،
        سلام ڏنائين سرور کي، پاران پرور جي.
2.      ڪيا سير آسمان جا، سرور ڄام سچي،
        ’سبحان الذي اسريٰ‘ آهي اشارو اتي.
3.      سيّد لامڪان ۾، ڏٺو ڏاتر کي،
        احد، احمد مليا پاڻ ۾ ري شڪ شبهي.
4.      يوسف پڙهه يقين سان، صلواتون سيّد تي،
        ’يا ايها الذين آمنو‘ واجب مڙن مٿي.

مصري شاهه

[مصري شاهه ولد بلند شاهه رضوي، نصرپور تعلقي ٽنڊي الهيار ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. سنه 1245/1828ع ۾ ڄائو. سندس خاندان کي ”شاهه پوٽا“ سڏيو ويندو آهي. عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪيائين. سندس حياتيءَ جو گهڻو حصو درويشن ۽ بزرگن جي صحبت ۾ گذريو، جن مان نه رڳو فيض پرايائين، پر انهن سان گڏ دور دراز علائقن جو سير و سفر به ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ اجمير ۽ گرنار تائين به ويو. ساز و سماع جو شائق هو. سندس ڪافيون مشهور آهن. سنه 1904ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]'

ٿلهه:   عرب ۽ هند ۾ وهواهه، سڄي ايران ۾ وهواهه،
                صفت سردار سهڻي جي، عجب قرآن ۾ وهواهه،
1.      سچي سردار سرور اڄ ڏني صلوات سينگاريل، لکيل وڻ وڻ مٿي پن پن، ساري بستان ۾ وهواهه.
2.      مڪي ڄائو مٺو مرسل، ٿيو سرتاج نبين جو،
        مسلمانن سندي دليؤن، آيو ايمان ۾ وهواهه.
3.      شهنشاهي سندس رتبو، آگي عزت ڪيس اعليٰ،
        چوي مصري لٿو ڪلمون سندس ئي شان ۾ وهواهه.

[2]

ٿلهه:   گهمي عرشن مٿان آيو ڪريو شڪرانا، لک لائق،
                مٿي معراج ويو مرسل ٿيا احسان، لک لائق.
1.      اچي جبرئيل جاڳايو، مٺيءَ ننڊ مان محمّد کي،
        اوهان کي آهي عرشن تي سڏيو سبحان، لک لائق.
2.      پيادو ٿي هليو جبريل، چڙهيو براق تي مرسل، ملائڪ منتظر بيٺا هئا منجهه ميدان، لک لائق.
3.      لنگهي طبقا تنهين ويلي، مليو محبوب موليٰ کي،
        لقب لولاڪ وٺي آيو لٿو قرآن، لک لائق.
4.      شرف شاهي مليو مصري! قريشيءِ کي وٽان قادر،
        کڻي تاجِ شفا آيو لٿو ارمان، لک لائق.

[3]

ٿلهه: اچي وير، ڏي سڌير، مٺا مير موچارا،
        سڻي آهه، ڪجان ڪاهه، مٺا مير موچارا!
1.      شر شيطان، بي ايمان، نا اهل نِنڌ نوايو،
        ڏي پناهه، سچا شاهه، مٺا مير موچارا!
2.      نفس نور، ڪيو شور، ڏوهن ڏيل ڏڪايو،
        بخش ڏوهه، ڪرين توهه، مٺا مير موچارا!
3.      قبر قيام، اندر ڄام، مٺا! ماڙ ڪجان ڪا،
        اُتي گهوٽ، ڪجان موٽ، مٺا مير موچارا!
4.      مصري شاهه، چئي سياهه، ڪامل قلب اجاريو،
        ڪيان تعريف، تو شريف، مٺا مير موچارا!

ڀاڳوُ

[1] '

ٿلهه:   تو ساماڻي سيّدا! سرهو ٿيو سڀڪو،
                سرهو ٿيو سڀڪو، تو ساماڻي سيدا!
1.      خالق خلقيو ڪونه ڪو، قريشيءَ جي ڪل ڪو،
        آگي ڏنو علم جو، محمّد کي ملڪو.
2.      جُتيءَ جوڙ نه ڀانئيان، مرسل جي مَٽ ڪو،
        پيراز پرين رسول جي، تنهن جي مَٽ نه مُل ڪو.
3.      احمد جي امڪان جي، ڪَر لهي نه ڪَل ڪو،
        پسي منهن محبوب جو، هندوُ ٿيو هلڪو.
4.      ڪري ڀال ڀاڳوُ تي، پرين! ڪجان پنهنجو،
        هي سر منهنجو سرتيون، سيّد تان صدقو.


' [35] مولودي دوست محمد ڪيريي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] ’مجموعہ مولود‘ بمبئي ڇاپو سنه 1892ع تان ورتل.

' [2] ’ٽيهه اکري سنڌي ميين عيسي جي‘ مطبوع فيض سبحاني ڪوٽڙي، سنه 1312هه تان ورتل.

' [3] حاجي ڪمال خان مري جي ڇاونجاهه ورهيه اڳ لکيل قلمي بياض تان ورتل.

' [4] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [5] ۽ [6] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] ۽ [2] ’ٽيهه اکري سنڌي ميين عيسي جي‘ مطبع فيض سبحاني ڪوٽڙي سنه 1312هه تان ورتل.

' [2] حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [3] کان [5] تائين مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [6] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [2] کان [8] تائين ’ٽيهه اکري سنڌي ميين عيسي جي‘ مطبوع فيض سبحاني ڪوٽڙي، سنه 1312هه تان ورتل.

' [1] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] مولوي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] کان [3] تائين مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] حاجي ڪمال خان مري جي ڇاونجاهه ورهيه اڳ لکيل قلمي بياض تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org