سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :21

[[1]]

ٿلهه:   آءٌ شفيع! تنهنجي نالي تان، گهوريس سؤ ڀيرا سردار.
1.      چمان شال چپن سان پرين جا پيزار.
2.      گڏجي وڃان گس سين، ڪامل منجهه قطار.
3.      ڏسان شال اکين سان، چارئي چيدا يار.
4.      الله لڳ ابوبڪر چئي، منهنجي سگهڙي لهج سار.

[2]

ٿلهه:   وڏو ئي آسرو آهي مير مرسل جو، اڙين آسرو آهي.
1.      پيا سڀ سام پيغمبر جي، لاڳاپا لوڪ جا لاهي.
2.      گنهگاريون گناهن جون، ڇڏائڻ کيس سڀ ڇاهي.
3.      کنيائين سوٺو کوٽن جو، نيندو ننگ نال نباهي.
4.      ابوبڪر مَ ٿي ماندو، نيندءِ دل ساهه سان ساهي.

[3]

ٿلهه:   عشق يار جو اظهار ٿيو، برهه بار جي بيمار ڪيو.
1.      قطري منجهارا نُور جي، سج چنڊ کي سينگار ٿيو،
        سبب سرور ڄام جي، جنّت کي جنسار ٿيو.
2.      منجهه مڙني مرسلين، محمّد اچي مهندار ٿيو،
        نبي سڀني نبين سندو، سورهيه اچي سردار ٿيو.
3.      ڪل نه پيئي عام کي، اعلى اچي اسرار ٿيو،
        واڍوڙين وؤڙي لڌو، تحقيق گنج تڪرار ٿيو،
4.      ابوبڪر چئي عاشقن کي، عشق جو آزار ٿيو،
        بيوس وس کان ويا، بي بها بسيار ٿيو.

[4]

ٿلهه:   ٻيو ڪير ڪنهن جي ڪو ڪري، ريءَ مٺي مرسل مدد.
1.      جيڪو محمد مير جي، محبت منجهه مري،
        حج تنهن جو اڪبري، اوري هجي توڙي پري.
2.      سختي جا سڪرات جي، رک ڌيان دل ۾ ڌري،
        ايڏو قريشي ڪارڻي، فرياد تي وهلو وري.
3.      جڙ جڙي جنهن جان ۾، ساعت نه تنهن کي سري،
        درپيش دلبر دادلو، فرياد دل دانهون ڪري.
4.      ابوبڪر آڌر ڏئين، ڇو اُمتي ڳهلو ڳري،
        ويڇو ناهي هڪ وار جو، ڪلمون محمّد تي پڙهي.

.[5]

ٿلهه:   پرين پاسي هينڙي کي، حب آهي هميشا.
1.      وچان هن وصال مان، رهن نه شال رقيبا.
2.      مولى! مونکي ميليين، ڪنهن پر قريبا.
3.      اڱڻ ايندم سپرين، تَن جا ٿيندم طبيبا.
4.      آهون عرض ابوبڪر جا، سڻ تون عجيبا!

[6]

ٿلهه:   او الا منهنجو سر سندءِ سالار،
        محمّد! آن جي نالي تان گهوريان سؤ ڀيرا سردار.
1.      مديني جي مير کي، آءٌ ٿي ساريان سڀ ڄمار.
2.      ڏسان شال اکين سان، وڃي چوکا چارئي يار.
3.      حسن مير حسين کي، آءٌ ٿي ساريان سڀ ڄمار.
4.      ابوبڪر چئي الله لڳ، منهنجو غور ڪريو غمخوار.

پير علي اصغر شاهه ”اصغر“

[پير علي اصغر شاهه راشدي ولد پير حزب الله شاهه عرف ”تخت ڌڻي“ 22- ربيع الاول 1278 هه/ 1861ع ۾ پير ڳوٺ خيرپور ميرس ۾ ڄائو. وڏو عالم شخص ۽ بهترين شاعر هو. فارسي ۽ عربيءَ تي دسترس هيس. 24- ذي القعد 1354 هه/1935ع ۾ وفات ڪيائين.]

[[2]]

ٿلهه:   پرور ڏنس پيغمبري، سالار کي سڀ سروري.
1.      شڪر جو آخر زماني جو نبي پيدا ٿيو،
        آڳي عطا اُنُ کي ڪئي، ڪيڏي رسالت رهبري.
2.      براق تي هسوار ٿي، معراج تي مرسل ويو.
        صلو اعليه سڀني چيو، جنّ و مَلڪ حور و پري.
3.      شرف وارا ٿيا فلڪ، شمس و قمر اختر مريخ،
        تنهنجي سونهن روشن ڪيا، زحل، زهرو، مشتري.
4.      ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪندو، سردار جي ”اصغر“ ثنا،
        هن زبان ناتوان ۾ ناهه طاقت ايتري.

[[3]]

ٿلهه: اَجهو آهين عالم سندو اي اَجها، حبيب خدا يا رسولِ خدا!
        سندئي پوئلڳ آهي امّت سچا، حبيب خدا يا رسولِ خدا!
1.      سندئي شان ۾ ٿيو آ قرآن نزول، مٿانهون مٿي ٿئين رسولن رسول،
        جننّ آدمين جو ٿئين پيشوا، حبيبِ خدا يا رسولِ خدا!
2.      شفاعت گهرن ٿا زمين و فلڪ، رهن آسري تنهنجي حورون، مَلڪ،
        رکن ڀروسو سڀ مٿي تو شفا، حبيبِ خدا يا رسولِ خدا!
3.      شفاعت ڪندڙ آهين سڀني شفيع، مڙئي مير! محتاج تنهنجا مطيع،
        مَلڪ زير فرمان، مڙئي انبيا، حبيبِ خدا يا رسولِ خدا!
4.      پئي جنهن به ذري تي نگاهه، ٿيو باليقين انجم و شمس و ماهه،
        ٿيو توکان سارو جهان پر ضيا، حبيبِ خدا يا رسولِ خدا!
5.      گناهن ۽ ڏوهن ”اصغر“ سدا، رکج اُن جو پردو اي نورالهدى!
        تون شافع ڏوهارين جو روزِ جزا، حبيبِ خدا يا رسولِ خدا!

[3]

ٿلهه:   اسان هيڻن مٿي عربي! رکج ڪو هٿ عنايت جو،
        قبر محشر اندر شافع! آهين صاحب شفاعت جو.
1.      گناهن ۾ غرق آهيون، ناهيون مشغول موليٰ ڏي،
        رکون ٿا خوف نا خطرو، اسان ڪاري قيامت جو.
2.      گلا غيبت اندر ساري، اسان جي عمر ويئي گذري،
        نه ڪيوسين ڪو ذرو هرگز رياضت ۽ عبادت جو.
3.      رڳو تو آسري آهيون، وسيلو ٻيو نه ڪا واهر،
        تون شافع مَذنبين آهين، مٿي تو بار اُمّت جو.
4.      مرڻ جي وقت ”اصغر“ سان، اچي حامي ٿجو حضرت!
        زبان جي صدق سان سالم، پڙهان ڪلمون شهادت جو.

[4]

ٿلهه:   اَجهو عالم سندو آڌر، رسول الله، رسول الله!
        وسيلو اُمتيّن واهر، رسول الله، رسول الله!
1.      ضعيفن جو اهو ضامن، هِتي توڙي هُتي آهي،
        قبر ۾ توڙي منجهه محشر، رسول الله، رسول الله!
2.      ڏهاڙي ڏينهن محشر جي، نبي نفسي ڪندا نفسي،
        مگر شافع سڀن سرور، رسول الله، رسول الله!
3.      اسان کي آسرو آهي، شهنشاهه جي شفاعت جو،
        ڇورن جي ڇانو آ ڇپر، رسول الله، رسول الله!
4.      باريءَ کؤن ڏوهه بخشائي، ڇڏائيندو هو ڇيِهن کؤن،
        انهي جو ئي غلام ”اصغر“، رسول الله، رسول الله!

[5]

ٿلهه:   اجها احمد! اچي عربي، ڪرم ڪر يا رسول الله!
        هلي آءُ حضرتا هيڪر، قدم ڀر يا رسول الله!
1.      پئي پلپل پڪاريان ٿي، مِٺا مرسل مداحي مان،
        گرامي گهوٽ آ گوهر، گوليءَ گهر يا رسول الله!
2.      سدائين سڪ اوهان جيءَ ۾، آهي منسوب محبوبا،
        ڪري آ قرب تون ڪامل، دُکيءَ در يا رسول الله!
3.      قربدار! ڪميڻيءَ ڏي، هلي هن دم تون آ حضرت،
        سڳورا تون سگهو سرور، وارث ور يا رسول الله!
4.      هيءُ آهي سوال ”اصغر“ جو، محمّد مصطفى مِل تون،
        لهن هيءُ جرم ڪُل مان تئون، منوّر يا رسول الله!

[6]

ٿلهه:   ساري جڳ جو شافع، اهو آهي شاهه،
        غريبن ضعيفن جو، پشت و پناهه.
1.      محمّد مڙن جو سو مهندار آهه،
        اَجهو عاصين جو سو سردار آهه.
2.      قبر ۽ حشر ۾ مددگار آهه،
        ضعيفن جو ضامن، ذميدار آهه.
3.      عاصي توڙي ”اصغر“ گنهگار آهه،
        ته به سو پيغمبر جي آڌار آهه.

[7]

ٿلهه:   سيّد! تو لئي ساهه سڪي ٿو، جانب! تو لئي جيءُ جلي ٿو،
                                هوت! اچي مل هاڻي.

1.      تهدل توڏي تڪڙو آهيان، ڪيئن ڪيان مان ڪاهل آهيان،
                                نفس رليو ٿو راڻي....

2.      ڪمتر آهيان ڪنيز قريبن، وڃڻ وس منهنجو آهي در دوستن،
                                سيّد شال سڃاڻي....

3.      اٿم اميدان عرب وڃڻ جون، دوست سندي درگاهه ڏسڻ جون،
                                تانگهه ڪيو دل تاڻي....

4.      ڪوهه ڪروڙيون هزار ورهين جا، ڏور ٻجهن پيا پنڌ پرين جا،
                                عشق ضرور اماڻي....

5.      ”اصغر“ عاشق عرض اهوئي، ساٿ سلامت سنگت سڀوئي،
                                روضي پاڻ رساڻي...

منٺار فقير

[منٺار فقير ولد قبول محمّد راڄڙ، ويٺل ڳوٺ کاڻي راڄڙن تعلقي کپري ضلعي ٿرپارڪر ۾ سنه 1865ع ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان فقيريءَ ڏانهن لاڙو هئس. سندس وڏا حضرت مخدوم نوح رحه جا مريد هئا ۽ پاڻ به مخدوم محمّد امين ”امين“ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. مرشد جي وفات جي صدمي کان سندس شاعريءَ جو دؤر شروع ٿيو. سندس ڪلام جو مجموعو ڇپيل آهي جنهن ۾ ڪافيون مولود، مناقب وغيره آهن. سنه 1938ع ۾ وفات ڪيائين.]

[[4]]

ٿلهه:   مرسل محمّد ڄام جي، آگي عزت اعلى ڪئي.
1.      نفسي نبي پڙهندا اُڀا، جڏهن ٿيندي ويل قيام جي،
                چي يا امّت اسين آهيون، احمد سچي امام جي.
2.      سختي قيامت جي سُجهي ٿي، هل حشر هنگام جي،
                ماءُ پيءُ ڀڄي ٿيندا پري، تڏهن سيّد جهليندو سام جي.
3.      وٺو راهه رسول جي، کڻي دين ۽ اسلام جي،
                ڪُنجي بهشتن جي اٿو، ڪلمون نبيءَ جي نام جي.
4.      پارت پيغمبر کي هجي، منٺار هن غلام جي،
                ته من قبر مونکي ملي، تنهن مديني جي مقام جي.

[2]

ٿلهه:   رحمت خدا رحمين جي، محمّد مٿي هردم وسي،
        1.      واٽ وساريم ڪينڪي، دلبر نبيءَ جي دين جي،
                منجهه محشر تان ڏسو، صورت عالم جي امين جي.
2.      آگي عزت اعلى ڪئي، نرمل نبوت نشين جي،
                ڪريو متابعت مؤمنا، ختم المرسلين جي.
3.      توڙي عرش آسمان ڪي، توڙي خلق ٻي زمين جي،
                سيّد سوا ناهي شفا، مونکي پڪ دل جي يقين جي.
4.      پارت پيغمبر کي هجي، گولي ويچاري غمگين جي،
                سرور لهي سنڀال من، منٺار هن مسڪين جي.

آغا غلام نبي خان

[آغا غلام نبي خان ”آغا صوفي“، سنه 1889ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين ۽ انگريزي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ حاصل ڪيائين. خيرپور رياست جي تعليمي ادارن جو سپرنٽنڊنٽ هو. هن جون ڪيتريون تصنيفون آهن، جن مان سچل سرمست جو رسالو مشهور آهي. 19- جولاءِ 1938ع ۾ شڪارپور ۾ وفات ڪيائين.]

[[5]]

ٿلهه:   خدا توتي ڪلام الله، اتاريو يا رسول الله!
        نِهاني راز سڀ توکي، سيکاريو يا رسول الله!
1.      صفا واليل ۾ تنهنجي، ڪئي تعريف خالق آهي،
        خدا خود شوق ۾ توکي، پڪاريو يا رسول الله!
2.      معطر زلف رخ رعنا، الف قد تنهنجو اي عربي!
        هٿن سان سر بسر مولى سينگاريو يا رسول الله!
3.      مران ٿو مفت اي عربي! خدارا لهه خبر جلدي،
        گهڻو مان وقت هجرت ۾، گذاريو يا رسول الله!
4.      خدا جي خوف کؤن هوندا، نبي لاچار محشر ۾،
        اتي هرگز نه هي امّت وساريو يا رسول الله!
5.      خدارا سنڌ مان جلدي، گهرايو پاڻ ڏي مولى،
        فراقن ۾ هن ”آغا“ کي نه ماريو يا رسول الله!

[2]

ٿلهه:   وڃي منهنجو نياپو هي، نبي سردار کي چئجو،
        زباني حال هي منهنجو، شہِ ابرار کي چئجو.
1.      عجيبا! امّتي تنهنجو، آهي ماندو مٺا مدني،
        سنيهو هي مديني ۾، مِٺي منٺار کي چئجو.
2.      قيامت ۾ جڏهن مولى، اوهان کان امّتي پڇندو،
        اشاري ساڻ اُت مون ڏي، غني غفّار کي چئجو.
3.      اچو جي نا اوهان عربي، مديني ۾ گهرايو مون،
        روئي دانهون ڪري در تي، گهُلي گلزار کي چئجو.
4.      گهرايو جلد يا مرسل! ڏسان شل ڏيهه اکڙين سان،
        هلڻ جي ناهه ڪا طاقت، وڃي دلدار کي چئجو.
5.      ڳچي ڳل پاندڙو پائي، روئي دانهون ڪري هيڪر،
        ادب سان عرض ”آغا“ جو، صبا سالار کي چئجو.

فقير محمد

[حاجي فقير محمّد ولد فتح خان ماڇي، ڳوٺ دڙا ماڇي، تعلقي ڪڪڙ جو رهاڪو هو. عربي ۽ فارسي جي تعليم پاٽ ۾ ورتائين. پهريائين ٻار پڙهائيندو هو پر عمر جي پوئين وقت ۾ رڍون چاريندو هو، سندس ڪلام معجزن ۽ مناقبن تي مشتمل آهي. سٺ کن ورهين جي ڄمار ۾ سنه 54-1355 هه/ 35-1936ع ڌاري وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه:   ڪونهي تنهنجو ثاني، يا سردار سڳورا!
1.      جن ملائڪ، ديوَ ۽ پريون، حورن ۾ ٿي حيراني.
2.      سج، چنڊ، تارا سوين سلامي، پسن تنهنجي پيشاني.
3.      سوء ڀيرا ڪريان سر توتان صدقو، ڪوڙئين ٿيا قرباني.
4.      فقير محمّد اوهان جي در جو، جوڙ جتي جي نشاني.

حاجي سليمان ”سائل“

[حافظ سليمان ”سائل“ ولد حافظ سعد الله خواجو، ڳوٺ کهڙا ضلعي خيرپور جو ويٺل هو. هو هڪ درويش شاعر هو. سندس ڪلام مولودن، مداحن، خطبن ۽ ٽيهه اکرين تي مشتمل آهي. اسي ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1940ع ڌاري وفات ڪيائين.]

[[6]]

ٿلهه:   هتئون هاڻي مديني ڏي هلايو يا رسول الله!
        پيغمبر پنهنجو اڄ پڃرو پسايو يا رسول الله!
1.      آهيان هت سنڌ ۾ سوگهو، قابو منجهه قيد قسمت جي،
        سڪايل کي سگهو سهڻا، آڻايو يا رسول الله!
2.      ڪريان ٿو سوال هي سڪ مؤن، سچائي سوز سيني سان،
        زيارت پنهنجي اي پيارا، ڪرايو يا رسول الله!
3.      ڪريان طواف ڪعبي جو، حجر اسود چمان چاهون،
        پاڻي زمزم سندو مونکي پياريو يا رسول الله!
4.      اندر ۾ آس هيءَ آهي، اچان ايڏانهن اوهان ڏي مان،
        مديني جون مونکي، گهٽيون گمايو يا رسول الله!
5.      ڇڏي کهڙا هلان هاڻي، وڃي ماڻيان مديني کي،
        روضي پنهنجي اڳيئون رهبر، رسايو يا رسول الله!
6.      پسايو پانهنجو جلوو، پيغمبر پاڪ پرور جا،
        وهم وسواس شيطاني وڃايو يا رسول الله!
7.      نفس شيطان جي ناطي، گتل آهيان گناهن ۾،
        بَدين جي بار کؤن مان کي، بچايو يا رسول الله!
8.      نماڻيءَ تي نظر نرمل، ڪري ڪا ٻاجهه ٻاجهايو،
        اندر منهنجو اچي انور، اُجاريو يا رسول الله!
9.      لايو لنءُ لنءُ اندر لوري، ذڪر ذاتي سندي ذوقئون،
        اندر الله دمدم سان، پڙهايو يا رسول الله!
10.    شريعت شوق سان شامل، طريقت علم سان عامل،
        حقيقت معرفت ڪامل ڪرايو يا رسول الله!
11.     سوالي هيءُ سليمان، سچا سرور! سدا تنهنجو،
        پيغمبر پاڻ سان مونکي ملايو يا رسول الله!

[2]

ٿلهه:   لک صلواتون سلام، روز رسن تائين قيام،
        مٿي رهبر رسول الله، نُور نرمل نبي الله.
1.      ميم پوشاڪان پهري نور الاهي آيو،
        سبب  انهيءَ سيّد جو، پَٽ نه پيو هو سايو،
        احد اندر ٿيو داخل، ميم مِٺو مُحب الله.
2.      جملہ عالم ڏي عربي، رحمت ربّ ڏنهون آيو،
        شام شعاع ٿيو شافع جو، قدم پرينءَ جڏهن پايو،
        سارو عالم روشن ٿيڙو، مليو نبي کي نور الله.
3.      آگي اسان تي ايڏو ڪيڏو، ڪرم ڪيو،
        نُور نبي سو آيو، روشن ربّ جو ڏيو،
        سهڻو سڀني سرور، ڀلي آيو بسم الله.
4.      عرش مَٿؤن عزت ڏيئي، قادر تنهن ڪوٺايو،
        مولى اتي مرسل سان، ڳجهه ۾ ڳالهايو،
        سائينءَ سلام چيا، مٿي مرسل مڪي الله.
5.      عيبن ۾ پُر آهي، حافط سليمان سارو،
        روز قيامت شفاعت، سيّد ڪندو سوڀارو،
        هردم ورد هجي دل ۾، اندر اسم الله.

[3]

ٿلهه:   مرسل تنهنجو مان موچارو، مٿ مڙنئون آهه رسول الله،
        شافع تنهنجو شان نرالو، سرس سڀنئون آهه رسول الله.
        صلي الله عليہ وسلم، رهبر راهه رسول الله.
1.      عرش عظيم تي عزت اعلى، خلوت گاهه رسول الله،
        ’قاب قوسين او ادنى‘ جي، قربت گاهه رسول الله.
2.      خُلق عظيم خاص عنايت، خاطر خواهه رسول الله،
        شان لولاڪ شاهد تنهنجو، شافيع شاهه رسول الله.
3.      رحمت راحيم رهبر آيو، ڏاتر ڏاهه رسول الله،
        معاف ڪرائيندو مرسل مڙئي، ڏوهه گناهه رسول الله.
4.      سخت سجهي ٿي بيحد ڏاڍي، دوزخ باهه رسول الله،
        پاڪ پيغمبر تنهن کؤن بچائج، ڏيج پناهه رسول الله.
5.      وير ولهين جو وارث والي، واهر واهه رسول الله،
        عام عنايت ڪندو شفاعت محشر گاهه رسول الله.
6.      سليمان حافظ آهه ويچارو، ڪر ڪا واهه رسول الله،
        پاڪ پڙهائج ڪلمون سونهارو، رحلت گاهه رسول الله.

[4]

ٿلهه:   محبوب خدا عرش تي هليو شبِ معراج،
        ڏس بخت امّت جو ادا کُليو شبِ معراج،
1.      جڏهن بهشت جي براق تي سرور سوار ٿيو،
        سير سبحان الذي مَلَڪن چيو شبِ معراج.
2.      بيت المقدس ۾ وڃي، نبين جو ٿيو امام،
        بيٺا مَلَڪ ٻڌي صفون، ڪري سعيو شبِ معراج.
3.      اک ڇنڀ ۾ ويو اڏامي، آسمانن جي مٿان،
        مَلڪَ فَلّڪَ سندن قدم چميو شبِ معراج.
4.      جڏهن مصطفى منزل رسبو سدرة جي صحن ۾،
        جبرئيل جلد رهجي اتي پيو شبِ معراج.
5.      ’فڪان قاب قوسين‘ جو، قرب تنهن لڌو،
        محبوب پنهنجي مولى سان مليو شبِ معراج.
6.      عربيءَ امّت جي معافي لئي التجا ڪئي،
        رکيو خدا رسول جو رايو شبِ معراج.
7.      سليمان ڪر شڪر چئو صلواتون شوق مان،
        مرسل مرادون سڀ وٺي آيو شبِ معراج.

[5]

ٿلهه:   دلربا دلربا دلربا يا رسول الله!
1.      شافع! تنهنجي شان جا، قصّا عام ڪيا،
        مريض کي مصطفى! تنهنجا ڏَس ڏبا.
2.      وار وسو تن ناهه ڪو، جن کي تنهنجي حُبا،
        ڪامل ڏينهن قيام جي، تن ڪي ڏاج ڏبا.
3.      ڪم نه ايندا قيام ۾، ادا توڙي ابا،
        حامي ٿيندو هاشمي، سختيءَ منجهه سُڀا.
4.      سائل سليمان سان، سيّد ڪريو سببا.
        عاصيءَ کي انعام ڏيو، ٿئي عالم ۾ عجبا.

[6]

ٿلهه:   امت کي آسرو آهي، محمّد مير مرسل ۾،
        ڪندو شافع شفاعت سو، قيامت ڏينهن ڀَؤ ڀُل ۾.
1.      ڀلارا ڀاڳ ٿيا تن جا، مئا جيڪي مديني ۾،
        مران مان ڀي وڃي اوڏانهن، اهائي آس مون دل ۾.
2.      اها سڪ آهي سيني ۾، ٿئي ڇڪ مون مديني ڏي،
        پسان روضو پيغمبر جو، ملان مرسل جي محفل ۾.
3.      ڏسان صورت محمّد جي، اجهي آڌار احمد جي،
        سچي سردار دلبند جي، پسان ديدار پلپل ۾.
4.      ڇڏي کهڙا ڏکن جهڙا، پڇان پَهڙا مديني جا،
        محب ملندو، وڃان کلندو، خوشي جيئن باغ جي گل ۾.
5.      مران جي واٽ ۾ وهه واهه، مرون کائين مديني جا،
        سجايو ماس ٿئي منهنجو، پرين جي پار جهنگل ۾.
6.      سليمان حافظ آهي هت، سوالي مير مرسل جو،
        اميد آهي هي عاصي کي، نبي تنهن نور نرمل ۾.

[7]

ٿلهه:   سيّد سچو سردار سو، محمّد مِٺو منٺار سو،
                        ڏاتر مونکي ڏيکار تون.

1.      سائين توکي اهو سوال آهي، معلوم مڙوئي حال آهي،
        هيءُ هِت جيئڻ جنجال آهي، قسمت مديني ڪار تون.
2.      سڀني سندي سردار ڏي، احمد اَجهي آڌار ڏي،
        ڀلي ڀلاري پار ڏي، هادي هلاءِ هيڪار تون.
3.      هيڪر مديني ڏي هلان، سڀ سور سيّد کي سلان،
        هيڏي وري آءٌ نا ولان، واحد اتي ويهار تون.
4.      جو دم حياتيءَ جو جيان، پاڙي پيغمبر جي ٿيان،
        زمزم سندو پاڻي پيان، مولى مديني مار تون.
5.      سليمان سائل جي صدا، مولى پڄاءِ! من جي مدعا،
        خاوند خوشي ڏي يا خدا! سڀ غير جا غم ٽار تون.

[8]

ٿلهه: سڻ ستار تون غفّار، موڙ مهار مديني،
        سو سردار ياور يار، مون منٺار مديني.
1.      سائين! سوال، ڪر بحال، منهنجو خيال مديني،
        ڇڏي دار، ٿيان بيزار، پسان پار مديني،
2.      ٿئي فرياد، سندو داد، ملان شاد مديني،
        اَڙين آڌار، ٿيو غمخوار، آ دلدار مديني.
3.      سٽي سانگ، تن ۾ تانگهه، ٻُڌان ٻانگ مديني،
        جيءُ جيار، ساهه سڌار، سو غمخوار مديني.
4.      پسان پنج، گوهر گنج، سي بي رنج مديني،
        چارئي يار، ساهه سينگار، سي گلزار مديني،
5.      سليمان منگي ايمان، ٿيان شادان مديني،
        اٿم آر، پُڄان پار، مولى مار مديني.

[9]

ٿلهه:   اوهان جو عشق ئي عربي! اوهان ڏي شل آڻائيندو،
        آهي اُميد مولى ۾، مدينو شل ڏيکاريندو.
1.      سچو سردار سڀني جو، آهي آڌار اَڙين جو،
        سدا روضي سندس اڳيئون، راحم ربّ شل رهائيندو.
2.      سچا اصحاب سونهارا، سچي سردار جا ساٿي،
        مٺا محبوب موچارا، مونکي مولى ملائيندو.
3.      ڪريان طوّاف ڪعبي جو، صڦا مروه وٺان ڊوڙي،
        صفائيءَ سان سڄي ڪعبي سندي چائنٺ چمائيندو.
4.      سڪان ٿو سنڌ ۾ هئي هئي! ڪريان ڪيئن مان، وڃان ڪاڏي؟
        مديني ملڪ ۾ قسمت، راحم ربّ شل رهائيندو.
5.      حرم حجرا ڏسي هردم، ڪندس لک بار شڪرانا،
        مٺو زمزم سندو پاڻي، مونکي مولى پياريندو.
6.      چڱا چيدا سي چارئي يار، سچا سردار سونهارا،
        پنجئي تن پاڪ سي پيارا، مونکي مولى ڏيکاريندو.
7.      حافظ سليمان آهي سوالي، سدا درگاهه داور ۾،
        اهي سڀ سوال شل منهنجا، سگهو پرور پڄائيندو.


[[1]]  ۽[2] ’مجموعو مولود‘ مطبوع اسلاميه پريس، لاهور تان ورتل.

[3] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

. [4] ۽ [5] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل

[[2]]  مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

[[3]]  کان 7 تائين مولودي حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

[[4]]  ۽ [2] رسالو خدائي مطبوع مهتاڻي پريس حيدرآباد سنڌ تان ورتل.

[[5]]  مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

* مولوي فقير محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بيانن تان ورتل

[[6]]  کان [8] تائين مولودي حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org