سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گل شڪر

باب: -

صفحو :3

 

106 –        تيل ساهنگو هو، ته جيڪر گدڙن پڇ مکيا.

        سڀ ڪم جي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن مان هڪڙي شيءِ گهرجي، سي ڪهڙيون ٻه؟ زر يا زور. پوءِ عقل ته به زور، علم ته به زور، ۽ جو ماڻهو اِن ڌاران ڪنهن ڪم جو سوس رکندو، سو گدڙ آهي، ۽ ڪم اڳيانس تيل آهي. تنهن تي فارسي مثل به آيو آهي:

فارسي:        ميخواستم که سکه زنم تا به روم و شام؛
عقلم جواب داد که بي زر نميشود.

 

ترجمون:        ڀانيم ته روم شام تائين پنهنجو سڪو هلايان؛
عقل جواب ڏنم ته ناڻي ڌاران نٿو ٿئي.

 

 

107 –        تَوَڻِ جو تڪرار سان، سڏ جنهن کي هوءِ.

        منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.

        توڻ يعني رات ڏينهن جو کاڌو؛ هن پهاڪي جهڙو ذڪر نمبر 290 واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي. پر اُن ۾ بازار ۽ سرڪار جي قرض جي ڊپ بابت ڳالهه آهي. اُن ۽ هن ڳڻتيءَ جي وچ ۾ وڏو ڦير آهي. بازار جي قرض واري کي معافيءَ جي اُميد، نا ته ٿوري قيد جو ڀوَ، پر اُتي به کاڌي جي بک ڪانه رهنديس، ۽ تَوَڻ جو اُلڪو سڀ کان ڏاڍو آهي. ڌڻي اُن سڀني ڳڻتين کان شال بچاءُ ڪري. اهڙي حال واري لاءِ فارسيءَ واري پڻ ارمان کائي چيو آهي:

فارسي:        شب پراگنده خسپد آلکه پديد،
نه بو هئي وجھ با مدا دانش.

 

ترجمون:        رات جو پريشان سمهي اهو، جنهن کي پڌري،
نه هئي تَوَڻ صبحاڻي جي.

 

108 –        تڪڙ ۽ طمع ڇا ڏجي؟

        يعني ڪنهن ڪم جي طمع رکي، تنهن ۾ تڪڙ ڪبي، ته ڇا پرائبو؟ ڇا کان، جو طمع پاڻ هڪڙي بڇڙي بلا آهي. جنهن جي فارسيءَ وارو گلا ٿو ڪري:

فارسي:        بدوزد طمع ديده هوشمند،
درآرد طمع مرغ و ماهي به بند.

 

ترجمون:        لالچ سياڻي جي اک سبي،
مڇيءَ ۽ پکيءَ کي لالچ ڦاهيءَ ۾ وجهي،
تنهن ۾ وري تڪڙ ٻي بلا آهي.

 

جنهن جي عربيءَ وارو گلا ٿو ڪري.

عربي:         التعجيل فعل الشيطان.

ترجمون:        تڪڙ شيطان جو ڪم آهي.

        هاڻي ڪرڻ قياس گُهرجي، ته جاتي هڪڙي بلا خراب ڪرڻ لاءِ گنج آهي، تاتي ٻه بلائون گڏ هونديون ته منجهان ڪٿان سک ٿيندو؟

 

109 –        تِرَ جي گُٿي سوَ (100) چوٽون کائي.

        تِر هڪڙو ان جو قسم جنهن جو تمام ننڍڙو داڻو آهي؛ پر سنڌ جي اصطلاح ۾ ٿوري کي چئجي. چوٽ يعني ڌڪو. معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو ٿوري تان به ڪنهن ڳالهه ۾ جو ماڻهو گٿو، سو سَوَ (100) ڌڪا کائيندو؛ يعني ڏکي ٿيندو. تنهن ڪري کپي ته جيڪي ڳالهائجي، يا ڪم ڪجي سو سمجهي ويچاري ڪجي ۽ تڪڙي بي ويچاري ڳالهائڻ يا ڪم ڪرڻ کان ويچار واري ماٺ ڀلي آهي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي:        تامّل کنان در خطا و صواب،
بھ از زاز گويان حاضر جواب.

 

ترجمون:        ويچار ڪندڙ سڌائيءَ ۽ ڏنگائي ۾،
اجائي ڳالهائيندڙ حاضر جواب ڏيڻ واري کان چڱو.

 

 

ٿ

110 – ٿوري کٽئي گهڻي برڪت.

        هن پهاڪي جي معنيٰ ۽ مطلب ۾ ڦير آهي. ڀلا ويچار کپي، جو ٿوريءَ اُپت ۾ ٻي برڪت ڪٿان وهي پوندي؟ ۽ جيڪڏهن ائين هجي ته گهڻي کٽئي لاءِ جيڪر ڪير رلي اُجهي؟ پر سندس پورو مطلب هي آهي، جو پهاڪي وارو قناعت کي ٿو ساراهي، ته جنهن کي ڪمائي ٿوري به هئي ۽ خرچ اُپت آهر ڪري، ته سُکيو رهي. تنهن لاءِ هي نقل ياد آيو اٿم:

        هن حيدرآباد شهر ۾ آڳاٽو، ڀائي مينگهراج هڪڙو وڏو سائين لوڪ سدا ڌڻيءَ جي عبادت ۾ رهندو هو؛ ۽ ڪنهن کان گهرڻ يا ڪي وٺڻ جي هير نه هيس. مگر آڳاٽا (10) ڏهه (20) ويهه رپيا گڏ ڪيل صراف وٽ وياج تي رکيل هيس. تنهن جو جيڪي وياج ملندو هوس، تنهن مان وڏي سنجم يعني صرفي سان سڄي مهيني جي تَوَڻ ڪندو هو. مرڻ مهل اُهو ڌراوت وارو ناڻو ڌرم ڪري ڇڏيائين. ڏسو، جو اهڙيءَ نيت واري ماڻهوءَ کي ٿوري کٽئي ۾ برڪت پيئي يا نه؟ ۽ مرڻ مهل سوڌو وُهيون رهيو ڪونه؟ پر جيڪڏهن ڪو چوي، جو ڏهن ويهن رپين واري کي ڇا وهيون چئبو، ته تنهن جو جواب فارسيءَ واري چئي ڇڏيو آهي:

فارسي: اگر فرمان روائي ڪامران است،
وگر درويش حاجتمند نان است.
دوران ساعت که خواهد اين و آن مرد،
نخواهند زين جهان پيش از کفن برد.

 

ترجمون:        جيڪڏهن راجا مراد هلائيندڙ آهي،
۽ جيڪڏهن فقير مانيءَ جو محتاج آهي،
جنهن مهل هي ۽ هو ٻئي مرندا،
هن جهان مان ڪفن کان واڌو نه نيندا.

 

 

111 –         ٿوري گرهين گهڻو کائجي.

        معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو ننڍن گرهن کاڌي کاڄ گهڻو کائي وڃجي؛ جهڙيءَ ريت، وڏن منزلن وارو پانڌيڙو سگهو ٿڪجي، ۽ ننڍن منزلن وارو چرڪو: جئن ته فارسيءَ واري چيو آهي؛

فارسي:        اي بسا اسپ تيز رو که بماند،
که خرلنگ جان به منزل برد.

 

ترجمون:        گهڻا ڀيرا گهوڙا تکو هلندر رهي ويو،
جو منڊي گڏه ساه منزل تي نيون.

 

        پر آءٌ ڀانيان ٿو، جو هن پهاڪي ۾ قناعت جي ساره آهي. جو ماڻهو ٿورو کائيندڙ هوندو، تنهن جو سدائين هٺُ سڄو رهندو، ۽ هٺ سڄي وارو ماڻهو گهڻا ڏهاڙا جيئندو ۽ کائيندو، ۽ گهڻ کائڪ هوندو، ته هڪڙي پاسي گلا؛ ٻي پاسي طبع ۾ ڪَسُ. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي:        چوکم خوردن طبيعت شد کسي را،
چو سختي پيشش آيد سهل گيرد،
وگر تن پرور است اندر فراخي؛
چو تنگي بيند از سختي به ميرد.

 

ترجمون:        جڏهن ٿورو کائڻ ڪنهن جي عبادت ٿي،
جڏهن اهنجي اڳيانس اچي ته سنهنجي لڳيس،
جيڪڏهن بت پاليندڙ آهي سنهنجائيءَ ۾،
جڏهن اهنجي ڏسي ته ڏک ۾ مري.

 

 

112 –         ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائي.

        جنهن دلي ۾ پاڻي سِگهو يا گهڻو ٺري، تنهن کي سڀڪو پاڻيهي ڇانوَ ۾ رکي، تنهن وانگي، جو ماڻهو اشراف، يا ايمان، يا وفاداريءَ، يا نمڪ حلاليءَ سان هلندو، تنهن کي سڀڪو آڌر ڏيندو؛ يعني پنهنجو مان سڀڪنهن کي پنهنجي وس آهي.

 

113-   ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.

        مطلب هي آهي، جو سک ۽ ڏک ۾ سرهو يا ارهو نه رهه، ۽ اهو سڀ ڌڻيءَ جي پاران ڄاڻ، ۽ شڪر ڪر، ته ڌڻي ان ڳالهه ۾ راضي رهندو آهي. ان ڳالهه لاءِ فارسيءَ وارو شاهد آهي:

فارسي:        اگر عزّ و جاه است ور دِلّ قيد،
من از حق شناسم نه از عمرو زيد.

 

ترجمون:        جيڪڏهن وڏائي ۽ مان آهي يا قيد جي ڀنڊي آهي،
آءٌ ڌڻيءَ کان ڄاڻان نه فلاڻي فلاڻي کان.

 

ٽ

 

114 –         ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اِشارو.

        ٽٽون يعني ڍلو گهوڙو، ٽارو يعني لڪڻ. هن پهاڪي وارو چوي ٿو، جو جيترو پنڌ ٽٽون لڪڻ هڻڻ سان هلي، ڀلو گهوڙو اشاري سان اوترو هلي. تنهن وانگي جو ڪم سياڻو ماڻهو اشاري سان ڪري، اهو ڪم اياڻو ماڻهو ڦٽ لعنت سان به مس ڪري.

 

ٺ

115 –         ٺلهو چڙو وڄي گهڻو.

        چڙو يعني گهنڊ يا گهنڊڻي، گهنڊڻي جڏهن پوري آهي، تڏهن کڙڪو ٿي ڪري، پر جي نهري هئي ته جيڪر ڪٿان وڄي؟ تنهن وانگي ماڻهو پڻ جو سڃو هوندو، سو گهڻي بڪواد ڪندو، ۽ سائو ٿورو ڳالهائيندو. اهڙو ذڪر نمبر 84 واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

 

116 – نِڙِ ڪَجي ٺڪائو ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي.

        يعني جهيڙي جي مهل کڙڪو ڪري جهيڙو ٽارجي، پر جي اُن ٺڙڪي تي ٻي ڌر نه ٽري، ته پاڻ ٽري پاسو ڪجي. مطلب جو جيئن تيئن کانڌ ڪرڻ چڱو ڪم آهي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:        چو پرخاش بيني تحمل بيار؛
که نرمي به بندد در ڪارزار.

 

ترجمون:        جڏهن جهڳڙو، ڏسين تڏهين کانڌ ڪر؛
ته ڪونئرائي جهيڙي جو در ٻنڌي.

 

 

117 - ٺونٺ لڳي ساهيڙي ڀڳي.

        ٺونٺ ٻانهن جي اڌ واري سنَڌي جو نالو، ساهيڙي يعني دوستي. مطلب هي آهي، جو دوستي هڪڙي چاهه وٿ آهي، تنهن کي غنيمت ڄاڻ. ۽ جهڙيءَ تهڙيءَ ڳالهه تي دوستيءَ جهڙي نازڪ جواهر کي نه ڀڃ. فارسيءَ واري پڻ هڪڙو اهڙو مثل چيو آهي:

 

فارسي: سنگي بچند سال شود لعل پاره،
زنهار تابه يک نفسش نشکني به سنگ.

 

ترجمون:        پاهڻ ڪيترن ورهن کان پوءِ جواهر ٿئي،
سنڀال ته ٿوريءَ ويرم ۾ پاهڻ سانه ڀڃينس.

 

 

پ

 

118 - پرائيءَ ڌيءَ تان کارڪ به چڱي.

 

        هن پهاڪي جي پاڙ هن طرح آهي، جو هڪڙو ماڻهو پاڙوسيءَ جي ڌيءُ جي وهانو تي ويو، جڏهن وري آيو، تڏهن ڀاڻس پڇيو ته ڇا مليُئي؟ چي کارڪ. چي بس؟ تڏهن هي پهاڪو چئي ٻڌايائينس. مطلب جو جيڪي اونهيئين ري کپت ملي، پوءِ توڙي ٿورو هجي، ته به چڱو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي:                مفت را چه بايد گفت.

ترجمون:                مفت ملي تنهن کي ڇا پڇبو.

 

119 –         پڇندڙ نه منجهندڙ.

        هن پهاڪي وارو پڻ نمبر 5 واري پهاڪي چوندڙ وانگي مرنڊ کان واٽ پڇي وٺڻ لاءِ تاڪيد ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو ته پڇندين ته واٽ ملندئي، ۽ منجهندين ڪين. فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:

 

فارسي:                جو ينده يابنده.

ترجمون:                ڳوليندڙ سو لهندڙ.

 

120 –        پنهنجي ڪئي جو نڪو ويڄ، نڪو طبيب.

        هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪونه ٿو نڪري، رڳو ايترو آهي، ته جو ماڻهو پاڻ پنهنجو زيان ڪندو، تنهن جو علاج ڪير ڪندو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي:                خود کرده را علاجي نيست.

ترجمون:                ساڳيو پهاڪي جو مطلب.

 

121 –         پاڻي ۽ باهه ٿورا نه ڄاڻجن.

        اکري هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب هي آهي، جو باهه توڙي هڪڙي چڻنگ به هئي ته به ٿوري نه چئجي، ڇا کان جو وڌندي ويرم نه ڪري؛ ۽ پاڻي ته به ان طرح جو هڪڙي واهه ۾ ننڍو پاڻي هئي، تنهن ۾ ڪو بيخوف ٿي گهڙي، پر جي اُن ۾ هڪڙي کڏ هئي ته ٻڏي يا نه؟ تنهن ڪري ٻنهي کي ٿورو نه ڄاڻجي؛ ۽ ڊڄڻ گهرجي. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

 

فارسي:        آب و آتش به چشم کم ديدن،
کار داناءِ دوربين نه بُود.

 

ترجمون:        پاڻي ۽ باهه اکين سان ٿورا ڏسڻ،
ڪم ڏاهي پڇاڙي ڳڻيندڙ جو نه هئي.

 

122 –        پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا نه لاهجن.

        ڪنهن واهه جو پاڻي لنگهڻو هجي، ته پاڻي وٽ اچي سڀڪو ڪپڙا لاهي، پر واهه تي پهچڻ کان اڳي ڪپڙا لاهڻ اهو ڪم آهي، جهڙو حجامت جوڙائڻ واري ڏينهن حجام اڃا آيو ئي نه هجي، اڳيئي مٿو اگهاڙو ڪري پسائي ويهجي، يعني اڳ ڪٿيءَ ڳالهه لاءِ فڪر ڪرڻ سياڻپ نه آهي.

 

123 –        پيادي مان هسوار، هسوارن مان پيادا.

 

        دنيا جو معاملو سدائين ڪنهن سان هڪجهڙو نٿو رهي؛ هڪ سڃن مان ساوا ٻيا ساون مان سڃا ٿين. تنهن تي هي هڪڙو مثل آهي:

        بادشاهه هڪڙي ڪامل کان پڇيو، جو ڌڻي ڪهڙا ڪم ڪري؟ ڪامل چيس، جو گهوڙي تي چڙهي جهنگ ڏي هل، ته ورندي ڏيانءِ تنهن موجب ڪامل پنڌڙيو ۽ بادشاهه گهوڙي تي چڙهيل جهنگ ۾ ويا. تڏهن بادشاهه ڪامل جي چوڻ پٽاندر گهوڙي تان لهي پنڌ ٿيو، ۽ ڪامل گهوڙي تي بادشاهه کي سوال جي ورندي ڏني، ته ڌني هي ڪم ڪري، جهڙو مون کي پيادي مان سوار ڪيائين، ۽ توکي سوار مان پيادو، ان تي گورو نانڪ شاهه پڻ چيو آهي:

 

وچن:   ريتي ڀري، ڀري سکناوي، يھ تانڪو وهنوار.

ارٿ:   ٺلهار ڀري، ڀريا ٺلها اهو سندس ڌنڌو.

 

124 –        پنهنجي ڌنئري کي کٽو ڪونه چوي.

        هن پهاڪي جي اکرن جي معنيٰ پڌري آهي؛ مگر مطلب هي آهي، جو پنهنجي وٿ جي گلا ڪوبه ڪونه ڪري. ويتر سڀڪو ساراهي، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي:        تا سمند زمين در يورش است،
کس نگويد که دوغ من ترش است،

 

ترجمون:        جاسين ڌرتيءَ جو گهوڙو ڊوڙندڙ آهي،
ڪو ماڻهو نه چوي ته منهنجو ڏڌ کٽو آهي.

 

 

125 –        پرڻ چوي ڏونگهي کي وڃن ته ٽنگا.

 

        پرڻ، هڪڙو اٽي ڇاڻڻ جو باسڻ آهي، جنهن کي گهڻا ٽنگ ٿين؛ ڏونگهو مٽ مان پاڻي ڪڍڻ جي شئي آهي، جنهن کي ٽي ٽنگ آهن. مطلب هي آهي جو گهڻن ويڪُن وارو ٿورن وِڏُن وارن کي مهڻو ڏئي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

 

هندي:                 آپ نه ديئي چُلون ڀر پاني؛ تن نندي جن گنگا آتي.

ترجمون:                پاڻ ڪنهن کي چرونءَ جيترو پاڻي به نه

ڏئي؛ تن جي گلا ڪري جن گنگا آندي.

 

        پر فارسيءَ وارو اهڙين ڳالهين ڳالهائڻ وارن کي منع ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو:

فارسي: چوبد ناپسند آيدت خود مکن؛
پس آنگھ به همسايه گوبند مکن.

 

ترجمون:        جي بڇڙائي نه وڻيئي ته پهرائين پاڻ نه ڪر،
پوءِ پاڙي واري کي چئو ته بڇڙائي نه ڪر.

 

 

126 –        پنڻ وچان پڙهڻ ياد نه آهي.

 

        هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته جنهن کي بک هوندي تنهن کي پڙهڻ يا عبادت يا ٻيو ڪم ڪٿان ياد پوندو؟ جهڙو ڪبير صاحب جو وچن آهي:

بوُکي ڀڳت نه ڪيجي، يھ وچن مالها اپني ليجي،
بک ۾ ڀڳت نه ٿئي، هيءَ ارٿ مالها پنهنجي وٺ.

 

        ۽ ان تي هڪڙو نقل پڻ آيو آهي:

        هڪڙو غريب ماڻهو ڏهاڙي هڪڙي پڙهيل وٽ پڙهڻ ويندو هو؛ ۽ هڪڙو ڀاڳوان اُن غريب کي ڏهاڙي روٽي کارائيندو هو. هڪڙيءَ مهل او ڀاڳوان مسافريءَ تي ويو؛ تنهن ڪري غريب کي پيٽ ڀرڻ لاءِ پنڻو پيو، ۽ پڙهڻ جي واندڪائي نه رهيس. هڪڙي ڏهاڙي اُو پڙهيل واٽ تي مليس، ۽ پڙهڻ لاءِ نه اچڻ جو سبب پڇائينس، تنهن تي چيائين جو پنڻ کان واندو ڪين آهيان، پڙهان ڪئن؟ مطلب جو اڻ هوند واري کي سڀ ڪم اهنجو آهي، اهڙو مذڪور نمبر 70 واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

 

127 –        پيٽ ڀريو ته منهن ڪاري سهي.

 

        ڪميني ماڻهوءَ کي دولت گڏ ڪرڻ جي ڳڻتي گهڻي رهي، ۽ مان جو فڪر ٿورو به نه رکي؛ ۽ مان کان ماني پياري ڄاڻي، ۽ چوي:

فارسي:        بخدمت منھ دست برپاي من،
مرانان ده و کفش بر سر بزن.

 

ترجمون:        خذمت سان منهنجي پيرن تي هٿ نه رک؛
مون کي ماني ڏي ۽ پادر مٿي تي هڻ.

 

        پر اهو لڇڻ ڪميڻ جو آهي؛ ۽ اشراف کي اها ڳالهه نه وڻي؛ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:         اگر آبحيات را بر آبروءِ فروشند، دانا نخرد.

ترجمون:                جيڪڏهن انبرت آبروءَ تي وڪامي ته به سياڻو نه ڳنگهي.

                ۽ اهڙو ذڪر نمبر 161 واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

 

128 – پُٽ ڪُپُٽ پينگهي ۾ پڌرو.

 

        هن پهاڪي جي اکري ارٿ ۾ ڪي اهنجو نه آهي، جنهن جو بيان ڪجي؛ مگر مطلب سندس هي آهي، جو سلڇڻو ۽ ڪلڇڻو ماڻهو آريکڻن ۾ پڌرو. جهڙو هندي وارو چوندو آهي:

هندي:         ڪل سُپوت جانيو پري لک سڀ لڇڻ گات؛
هو هار بروان کي هوت چِڪني پات.

 

ترجمون:        ذاتي سُپُتُ بُتَ جي لڇڻن ڏسڻ مان سڃاپي،
ڀلي ٿيڻ وارو بروان
* جا پن ئي سڻڀا ٿئن.
۽ اهڙو ذڪر نمبر 29 واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

 

129 –        پاڻُ نه پلي سسئي، لوڪان متيون ڏئي.

 

        هي پهاڪو اهڙن ماڻهن جي نصيحت لاءِ آيو آهي، جي ٻين کي جنهن کان جهلن سو ساڳيو ڪم پاڻ ڪن. تنهن لاءِ گرو نانڪ شاهه پڻ چيو آهي:

وچن:   اوران اُپديسي اَپ نه ڪري،
آوت جاوت جنمي مري.

 

ارٿي:   ٻين کي نصيحت ڪري، ۽ پاڻ اُئين نه ڪري،
اُهو اچي وڃي ۽ ڄاپي ۽ مري.
۽ اهڙن لاءِ هنديءَ واري چيو آهي:

 

هندي: آپ ڪهي ناهن ڪري تانڪو هي يھ هيت،
آپُ نجاوي ساسُري اوران ڪُون مت ديت.

 

ترجمون:        چوي ۽ پاڻ نه ڪري تنهن جو حال هي آهي،
جا عورت پاڻ ساهري نه وڃي، ۽ ٻين کي صلاح ڏئي.
۽ فارسيءَ واري پڻ اهڙن لاءِ چيو آهي:

 

فارسي: ترک دنيا به مردم آموزند،
خويشتن سيم و غله اندو زند.

 

ترجمون:        دنيا جو ڇڏڻ ماڻهن کي سيکارين،
پاڻ چاندي ۽ اَن گڏ ڪن.

 

        پر جڏهن اهڙي ماڻهوءَ جي هي سڀ اڻ وڻندي ٿا ڏيکارين تڏهن ديندار ماڻهوءَ کي ان هلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

 

130 –        پاڻي پي نه ذات پڇجي.

 

        ڪي ماڻهو هڪڙن ذاتين وارن ماڻهن جي هٿ جو پاڻي نه پين؛ پر جڏهن ڪنهن ذات واري جو پاڻي پي پوءِ ذات پڇندو، ۽ اُن ذات واري جو پاڻي پيڻو نه هوندس، ته ارمان کائيندو. پر مطلب هي آهي، جو جنهن ڪم ڪرڻ کان پوءِ ارمان کاڌي به پرائجي سو پهريائين جاچي ڇو نه ڪجي؟ تنهن تي هنديءَ واري به چيو آهي:

هندي: جو ڪرئي سو ڪيجيي پهلي ڪر نر ڌار؛
پاني پي گهر پوڇنا ناهن ڀلو ويچار.

 

ترجمون:        جيڪي ڪرڻو هئي سو پهريائين ويچار ڪري ڪجي؛
اڳ ۾ پاڻي پي پوءِ گهر پڇڻ چڱو ويچار نه آهي.

 

131 –         پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿو هڻي.

        سڀڪنهن ماڻهوءَ کي بڇڙي ۽ چڱي ڪم جي ڦير جي سُڌ آهي. توڙي هڪڙو جهنگلي ماڻهو هوندو، ته به حلال ۽ حرام کائڻ جو ڦير سمجهندو، تڏهين جو ماڻهو ڄاڻي بڇڙو ڪم ڪندو، سو ڪر پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻندو. تنهن وانگي سڀڪو ڄاڻي ٿو جو دنيا دوياري آهي؛ پر جو ماڻهو ائين ڄاڻي دنيا جي لوڀ تي دين ٻوڙيندو، تنهن سان هي پهاڪو لاڳو آهي. جهڙو شيخ فريد صاحب فرمايو آهي:

وچن:   دين گوايو دُني سين، دني نه چلي ساٿ؛
پاءِ ڪهاڙا ماريا غافل اپني هاٿ.

 

ارٿي:   دنيا لاءِ دين وڃايئي دنيا به ساڻ نه هلي؛
موڳي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيون.

 

 

132 – پلاءُ رحمت الله عليھ جي، هڪيو حاضر هوءِ.

        ريڙهي هڻجي پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پوءِ.

        پلاءُ هڪڙي چڱي کاڄ جو نالو آهي، جو چانورن، گوشت ۽ گهڻي گيهه، مصالح سان جڙي. مطلب جو جن کي ڌڻيءَ جو ڏنو آهي، تن کي ڏهاڙي اهڙا کاڄ کائڻ لاءِ هڪيا آهن؛ ۽ جن کي ڌڻي سنجم يعني قناعت بخشي آهي، سي پنهنجي لڄ پت جي رٻ کي پلاوَ کان پڻ واڌو ڄاڻن. مگر جي حريص وات جا چٽا آهن، تن مان ڪنهن هي پهاڪو چيو آهي، جي پرائو ان ڏسي، پيٽ به پرائو ڄاڻي ڀرن، تن کي نيٺ زيان ٿئي. پر سُگهڙ ماڻهوءَ کي اهڙي هلت نه گهرجي.

 

133 –        پرائي دهلين احمق نچي.

        پنهنجي گهر جي شاديءَ جي دهلن تي سڀڪو نچي، جو هڪڙن قومن جي ريت آهي؛ پر پرائي شاديءَ جي دهلن تي ڪنهن جو ڇا واسطو؟ جهڙوڪي هڪڙي جي گهر ۾ پلاءُ رجهي، ته پاڙي واري توڙي ٻئي کي ڪهڙو سواد ايندو؟ ۽ تهان سواءِ جو پراوا دهل وڄندا ڏسي نچندو، سو پنهنجو ڪم سيڙائيندو. پوءِ اُن کي احمق ڄاڻبو ڪي نه؟ تنهن ڪري سياڻي کي گُهرجي جو اهڙي پهاڪي جو مهاڏو ٿي، پنهنجي ڪم ۾ رڌو رهي. اهڙو بيان نمبر 134  ۾ پڻ آيو آهي.

 

134 –        پرائي پٽ کي چمئي، گِگ ڀرجي وات.

        پنهنجي پٽ کي چمي ڏيڻ مان، سڀڪنهن کي سواد اچي، ۽ پرائي پٽ چمڻ مان مورڳو ڪراهت. هن پهاڪي مان پڻ نمبر 133 واري پهاڪي جهڙو مطلب نڪري ٿو.

 

135 - پلا ڇڏي پاٻي ڪو کُٽل کڳا کائي.

        پلو مٺي درياءَ جي هڪڙي سوادي مڇي آهي، کڳو هڪڙي سادي مڇي. مطلب هي آهي جو جيڪڏهن ڌڻي گيهه مليدو کائڻ لاءِ ڏئي ته بصر سان روٽي ڪير کائي؟ ۽ جي ڪيمخاب اطلس پهرڻ لاءِ ڏئي ته کٿو ڪير ڍڪي؟

 

136 – پاڻ نه پاري ڪتا ڌاري.

        بعضي ماڻهو ٿوريءَ پڄنديءَ وارا خرچ گهڻو ڪن. هي پهاڪو انهن لائي چوي ٿو، ۽ قناعت لاءِ سمجهائين ٿو. هن ريت، جو ماڻهوءَ کي پيٽ ڀرڻ ۽ انگ ڍڪڻ سڀ کان ضرور آهي، ٻيا ورتڻ جا ڪم سڀ کان پوءِ؛ پر جو ماڻهو اهڙن ضروري ڪمن کي پاسي رکي پهريائين ٻين ڪمن جي ڳڻتي ڪندو، تنهن کي هي پهاڪو لاڳو ٿيندو.

 

137 –        پَت نَهَن تي پاڻي آهي.

         پانيءَ جو ڦڙو نهن تي رکجي ۽ نهن ٿوروئي لڏي ته هارجي پوي. تنهن وانگي پت جو ڪم پڻ نازڪ کان نازڪ آهي، جو جيڪڏهن ٿوري به منجهس حرڪت پوي، ته وري هٿ اچڻ اَولي آهي.

 

138 – پاهڻ ڪنئرا هئا ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.

        پاهڻ هڪڙي ڏاڍي شئي آهي، تنهن کي گدڙ جهڙو گانڊو مرون ڇا کائي سگهندو؟ تنهن وانگي نڌر ماڻهو سڌر ڪم ۾ هٿ وجهندو ته ڪٿان ڪري سگهندو؟ اهڙو مثل نمبر 106 واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

 

139 –        پيٽُ ڀَرِ، پٺي لَڏِ.

        هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو وهٽ کي گاه داڻو ڏيئي پيٽ ڀر، ته پٺيءَ تي بار کڻي. تنهن وانگي نوڪر يا مزدور کي پڻ قوت ڏي ته پورهيو ڪري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:        زر بده مرد سپاهي را تا سر بدهد؛
و گرش زر ندهي سر بنهد در عالم.

 

ترجمون:        ناڻو سپاهيءَ مڙس کي ڏي ته سِرُ ڏيئي؛ جيڪڏهن

زر نه ڏيندينس ته ڀڄي ويندو.

 

140 –        پير کان به ويساه ڀلو آهي.

        مطلب هي آهي، جو پِير گهڻو ڀلو هئي پر منجهس ويساهه رکبو ته مراد پوري ڪندو، نه ته نه. تنهنڪري ڇا سمجهڻ کپي ته وساهه وڏو آهي يا نه؟ جهڙو فارسي مثل آهي:

فارسي: محفل خدا پرستان همچو کلبهه بزازان ست؛
آنجا تا نقدي نه دهي، بضاعتي نَستائي؛
اينجا تا ارادتي نياري، سعادتي نه بَري.

 

ترجمون:        مجلس ڪاملن جي بزازن جي گهر جهڙي آهي،
هُت جاسين روڪڙ نه ڏين، وٿُ نه مليئي،
هِت جاسين ويساهه نه آڻين، مراد نه وٺين.

 

 

141 – پٽيندي ئي پيٽ کي ويو ڄمارو ڄٽ،

        هو جو مٿي کٽ سو پڻ پٽي پيٽ کي.

        ڄٽ معنيٰ جهنگلي يا غريب، هو جو مٿي کٽ يعني هو جو وهيون، پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو غريب توڙي دنيادار، ته سدائين پيٽ کي پٽيندو رهي ٿو، يعني پيٽ ڀرڻ لاءِ رُلي ٿو. اِن ڳالهه ۾ ڦير ڪونه آهي. تنهن تي شيخ سعديءَ پڻ چيو آهي:

فارسي: اگر جرو شکم نبودي مرغي در دام نيفتادي،
بکله صياد خود دام نه نهادي.

 

ترجمون:        جيڪڏهن پيٽ جو ظلم نه هجي ها، ته پکي ڦاهيءَ
۾ نه پوي ها، ويتر ماري ڦاهي نه پکيڙي ها.

 

 

142 –        پٽ پراڻو ته به ڪو جنڊ جو نائو.

        جنڊ جو نائو، اٽو پينهي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي پراڻي اڳڙيءَ سان جند تان اٽو اگهي لاهن، تنهن اڳڙيءَ جو نالو. معنيٰ هيءَ آهي، جو پٽ ڪهڙو به پراڻو هجي ته به جنڊ اگهڻ جي لائق نه ڄاڻبو. پر مطلب هي آهي جو هڪڙو اشراف وڏو وئل پئجي سُڃو ٿئي، ته به ان جي قدامت تي ڌيان نه رکي، ان تي نالائق ڪم رکڻ نه کپي، ڇاکاڻ جو اڻ هوند ڪري هن جو مان اڏامي ڪين ويندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: جوهر اگر در خلاب افتد همان نفيس است؛
غبار اگر بر آسمان پرد همان خسيس است.

 

ترجمون:        جواهر جيڪڏهن گپ ۾ پوي ته به نازڪ آهي؛
لٽ جيڪڏهن اُڀ ۾ اڏامي ته به هڪلي آهي.

 

 

143 –        پنهنجي ٿوري، گڏهه کي به پيرين پئجي.

        گڏهه کي پيرين پوڻ جو مطلب هي آهي جو ڪنهن مهل ڪميڻي ماڻهوءَ ۾ ڪم پوي ته سياڻو ماڻهو نياز ڪري ڪڍي وٺي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:        نا سزائي را چو بيني بخت يار،
عافلان تسليم کردند اختيار.

 

ترجمون:        نالائق ماڻهوءَ سان جڏهن ڏسين بخت ساٿي،
سياڻن سلام ڪيو آهي قبول.

 

 

144 –        پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀُنگو نه ڊاهجي.

 

        هن پهاڪي جي معنيٰ ۾ لڪو ڪين آهي جو پڌرو ڪري ڏيکارجي. مگر مطلب سندس هي آهي، جو ڪي ماڻهو ٽرڙا، وِلها، وهين جو کاڌو ۽ پهرڻ ڏسي ريس ڪري، پاڻ به اُها هلت ڪرڻ ڀائين؛ پر دولت بنا اُها چال ڪٿان هلي؟ مورڳو جيڪو وُسلو هئين، سو پڻ ٿورن ڏهاڙن ۾ چٽ ڪري وهن. اهڙن ماڻهن کي هي پهاڪو ٽوڪي ٿو، ۽ چوي ٿو جو پنهنجي سادي سودي تي شڪر ڪري گذار. تنهن لاءِ فريد صاحب پڻ چيو آهي:

وچن:   رُکا سُکا کائڪي ٺنڍا پاڻي پيءُ،
ديک پرائي چوپڙي نا ترسائو جيءءُ.

 

ارٿ:   رُکي سُکي روٽي کائي ٿڌو پاڻي پيءُ؛
پرائي سڻڀي ماني ڏسي دل نه سڪاءِ.

 

 

145 – پريو مڙس پَي نه ڪجي، وڃائجي نه وهي.

        ٻي معنيٰ مڙس جنهن سان زال پرڻجي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي جو جا زال جواڻ، مڙس پوڙهي سان پرڻي؛ تنهن ڄاڻ پنهنجي وهي وڃائي؛ ڇا کان جو هن کي اُن مڙس جي سنگت کان ڏاڍي بڇان لڳندي، جهڙو فارسي مثل آهي:

فارسي:         زن جوان را تير در پهلو، بھ که پير در پهلو.

ترجمون:                جواڻ زال کي پوڙهو مڙس بغل ۾،

                تنهن کان ڪُکِ ۾ ڪان چڱو.

        پر سندس نج مطلب هي آهي، جو نا جنس سنگت ڪنهن کي نه وڻي. جهڙو فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:

فارسي: پارسا را بس اينقدر زندان،
که بود هم طويلئه رندان.

 

ترجمون:        پرهيزگار فقير کي ايترو ئي قيد گهڻو آهي،
جو مست فقير سان هئي گڏ.

 

 

146 –        پنهنجي گهر ۾ ٻلي به شينهن،

        پنهنجي ڏر تي گدڙ به شينهن.

        هن ٻنهي پهاڪن جو مطلب هي آهي جو غريب، توڙي دنيادار، نِڌرُ جي سِڌُر، ته پنهنجي گهر ۾ ڄڻ راجا آهن.

تنهن تي هنديءَ واري پڻ چيو آهي:

هندي:                 سکنانو گهر اپني، دکيا تو پرديس.

ترجمون:                سک ته پنهنجي گهر ۾، ڏک ته پرڏيهه ۾.

 

147 –        پاپ جي مايا پراڇت ۾ وڃي.

        پراڇت معنيٰ گنگهاريءَ جو ڏنڊ؛ يعني جا دولت پاپ ڪري ڪو گڏ ڪندو تنهن جي اُها دولت پاپ جي گنگهاريءَ ۾ ويندي. جهڙو هڪڙو ماڻهو دلبو ڪري ڪٿان پنج رپيا هٿ ڪري، سي ڦٻي وڃنس؛ تنهن چوس ته وري اُن طرح دولاب ڪري ٻيا پنج رپيا ڪمائي، سا ڳالهه سرڪار ۾ پڌري ٿي پوي، تنهن بدران ڏهه رپيا ڏنڊ ڀري، اڳئين پوئين ڪسر ڏيئي اچي، ته هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿئي يا نه؟ تنهنڪري گهرجي، جو ست ڌرم جي ڪمائيءَ مان حلال جي دولت هٿ آڻجي، جنهن کي اڳي پوءِ لهر نه لوڏو.

 

148 –        پلو سيري کان به ڀلو، سيري ۾ نه ساءُ، پلو گوڏا

       کوڙي کاءُ.

پلو هڪڙي مڇيءَ جي چڱي ذات آهي، ماڻهو سندس سواد جي ساراه ڪندا آهن؛ سيرو هڪڙيءَ طرح جو مٺو حلوي جهڙو کاڄ آهي؛ پر پلن جا کايارا ماڻهو پلي کي سيري کان پڻ واڌو ڄاڻي هي پهاڪو چوندا آهن؛ ٻيو نرالو مطلب منجهانس ڪونه ٿو نڪري.

 

149 –        پائجي ته وڏي ڍيران پائجي.

        يعني ڌوڙ نه پائجي، پر جي پائجي ته وڏي ڍير مان.

مطلب سندس هي آهي جو ڪنهن جو ٿور نه کڻجي؛ جي کڻجي ته وڏي لل ڀرئي جو کڻجي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: مدد از مردمي کريم طلب؛
خاڪ از توده کلان برادر.

 

ترجمون:        واهر ڏاتار ماڻهوءَ کان گهر؛
ڌوڙ وڏي ڍير مان کڻ.

 

 

150 – پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لُٽائي.

        قرض ڪنهن کان به کڻڻ چڱو نه آهي؛ پر هن پهاڪي وارو پوءِ ڍائي، يعني ڪميڻي نئين ڍاول کان اُڌاري وٺڻ جي ڏاڍي منع ٿو ڪري. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: هرچه از دونان به منت خواستي،
در تن افزودي، واز جان کاشتي.

 

ترجمون:        جيڪي ڪميڻن کان منٿ سان گهريئي،
بت ۾ وڌايئي؛ ساهه ۾ گهٽايئي.

 

 

151 – پرائي آس ڪني جي لاس.

        لاس معنيٰ تيوڻ جي رسُ. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي جو پرائو آسرو اهڙو آهي، جهڙوڪي رڳيءَ رس کاڌي ڍَو ٿئي: يعني ڍوَ نه ٿئي. پر مطلب هي آهي، جو ڌڻي ڌاران ٻئي جي آس رکڻ اهڙي آهي، جهڙي ڪُني جي رس ۾ آسرو رکڻ؛ ڇا کا، جو ديڳڙي ۾ رڌل تيوڻ جي رس لٿي کان پوءِ چرڪي سُڪي ۽ ڪني واري چڱو بيت چيو آهي:

بيت:   چه دلتنگ خفت آن فرومايه دوش،
که بر سفره ديگران داشت ڪوش.

 

ترجمون:        ڇا ڪوماڻيل ستو اُهو اڄاڻ ڪلهه رات،
جنهن پرائي خونچي ۾ اک رکي.

 

152 – پَهَيرُ چور ٿئي، ته واهي ڪيترو وهي.

        پهير يا لوڙهو ٻنيءَ جي چوڌاري ڀيل کان بچاوَ لاءِ ڏيندا آهن، واهي يعني نگهبان. مطلب هي آهي، جو حاڪم رعيت لاءِ اهڙو آهي جهڙو پوک ڪاڻ پهير؛ پر جڏهن ڪو رعيت جو مٺ گُهرو ٿيو؛ تڏهن رکڻ وارو ڪير ٿيندو؟ تنهن تي فارسي واري چيو آهي:

فارسي: نکند جمر پيشھ سلطاني، که نايد زگرگ چوباني.

ترجمون:        ظالم بادشاهي نه ڪري؛

                جو بگهڙ کان ڌارنپي نه ٿئي.

 

153 – پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري،

        ننڍي هوندي نه سکيو، وڏي خواري.

        هي چار ڪم ننڍپڻ ۾ سکڻ سولا آهن ۽ اُن مهل جا سکيا وسرڻ جا نه آهن. وڏپڻ ۾ اهي ڪين سکي سگهجن. سياڻا چوندا آهن، جو ننڍي ٻار جي دل اهڙي آهي جهڙو ڪورو ڪاڳر. تنهن تي وڻي سو لکجي، پر جڏهن وڏو ٿيو تڏهن لکيل ڪاڳر تي لکبو؟

 

154 – پراڻي ڳوٿري، بربلا ٽڪا،

        بربلا ٽڪا، يعني ٿلها يا ڳرا ڏوڪڙ. پراڻي ڳوٿريءَ ۾ ٿلها ڏوڪڙ پوندا ته ضرور ڦاٽندي؛ تنهن وانگي ڪميني ماڻهوءَ کي دولت هٿ لڳندي ته مستي ڪندو، ۽ موچڙا کائيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:        سفله چو جاه آمد سيم و زدش؛
سيلي خواهد به ضرورت سرش.

 

ترجمون:        ڪميني کي جڏهن وڏائي ۽ دولت ملي،
ضرور سندس مٿو ڌڪ گهري.

 

 

155 –پُٽُ تي گذار ته سگهوئي پيءُ ٿيندين.

        معنيٰ هن پهاڪي جي پڌري آهي، ۽ مطلب سندس هي آهي، جو نياز ڪري ادب سان هلندين ته سگهو وڏائي ڀائيندين؛ ۽ ٻيا ته اڳيان نياز ڪندا، پر جڏهن اصلي وڏائيءَ جو دم هڻندين ته ڇا پرائيندين؟ فارسي مثل آهي:

فارسي: بلنديت بايد تواضع گُزين؛
که اين بام رانيست سُلمي جز اين.

 

ترجمون:        وڏائي گهرجيئي ته نياز هٿ ڪر؛
ته اِن ماڙيءَ کي اِن ڌاران چڙهڻي نه آهي.

 

 

156 – پيٽ ٻه ٻانهون چنتا ناهين.

        جنهن ماڻهوءَ کي کائڻ لاءِ هڪڙو پيٽ ۽ ڪمائڻ لاءِ ٻانهون ٻه، تنهن کي ڳڻتي ڪهڙي؟ پر مطلب هي آهي، ته ماڻهو دنيا جا سڀ ڌنڌا ڇڏي آجو رهندو، تنهن کي ڪنهن ڳالهه جو فڪر ڪونه ٿيندو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

هندي: سات گانٺ ڪوپين ۾ ته او نه آني سنڪ،
رام عمل ماتي ڦرين گِنِھ اندرُ ڪُون رنُڪ.

 

ترجمون:        لانگوٽيءَ ۾ ست ڳنڍيون ته به فڪر ڪونه ڪن.
ڌڻيءَ جي نشي ۾ مست وتن اِندرُ* کي ولهو سمجهن.

 

 

157 – پنئين مڱئين گهر هلي ته کھ اُڌاري واٽ.

بعضي آرسي ماڻهو پورهئي کان ڀڄن، ۽ چون جو پن مان گذر ٿئي ته اُڌارو پڻ نه وٺجي. هي پهاڪو اهڙن ڏي ميڇ ٿو ڏئي؛ پر لڄ واري کي ان جي ابتڙ ڪرڻ کپي. هن ريت جو حلال جي ڪمائيءَ مان پاڻ به پالي، ۽ پڄنديءَ آهر مسڪين محتاج جي به پالنا ڪري، فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: بچنگ آر، باديگران نوش کن؛
نه بر فضلئه ديگران کوش کن.

 

ترجمون:        هٿ آڻ، ۽ ٻين سان ونڊي کاءُ؛
ٻين جي اوبر کائڻ جو سعيو نه ڪر.

 

 

158 – پڙهي پاڻ نه ڄاڻي ماري کتابي.

        کتابي يعني شاگرد. سياڻا چوندا آهن جو استاد جي مار سنوار آهي، پر جڏهن استاد پاڻ پڙهيل نه هوندو تڏهن شاگرد سندس مار مان ڇا پرائيندو؟ تنهن وانگي جو درويش پاڻ ڌنيءَ جي واٽ جو سونهون نه هوندو، سو ٻئي کي ڪٿان واٽ ڏيکاريندو؟ جهڙو،

فارسي: خفتهء را خفتهء کي کند بيدار؟

ترجمون:        ستل کي ستل ڪٿان جاڳائيندو؟

 

ڦ

159 – ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.

        هن پهاڪي مان ٻيو مطلب ڪونه نڪري ٿو، مگر ايترو آهي، جو ٿورو ٿورو گڏ ڪبو وڃبو، ته سمي پائي گهڻو ٿي پوندو. جهڙوڪي پاين مان پيسا، پيسن مان رپيا، اهڙو هڪڙو مثل فارسيءَ ۾ پڻ آيو آهي:

فارسي: اندک اندک همي شود بسيار؛
دانه دانه است غلّه در انبار.

 

ترجمون:        ٿورو ٿورو گهڻو ٿي پوي؛
انبارن ۾ ان داڻو داڻو آهي.

 

 

160 –        ڦرندي گهرندي نامردان دي، مردان دي هي هڪ.

 

        گانڊن جي ڳالهه ڪڏهن قائم نه رهي، سدا ڦرندي گهرندي رهي. مردن جي ڳالهه ٿي سا ٿي، ڪڏهن ڪين ڦري جهڙي پاهڻ تي ليڪ. اهڙو بيان نمبر 264 واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

 

161 – ڦِٽ بجو ڪج، پر گيھ ذرو ڏج.

 

        هي پهاڪو پڻ بي لڄي ماڻهوءَ جي شان ۾ آيو آهي جنهن کي آبروءَ کان پيٽ پيارو لڳي. اهڙن لاءِ هڪڙي سنڌيءَ پڻ چيو آهي، جو ”مرد گهري مانَ کي گانڊو گُهري نان کي“. اهڙو مضمون نمبر 127 واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

 

162 –ڦَرَ کان اڳي ڄَرَ نه ڪڍجي.

 

        ڄر کي ”اور“ پڻ چئجي. جڏهن ڪا بُبَن واري مادي ويامڻ لڳي، تڏهن پهرائين ڦر ڄڻي، پوءِ ڄر ڇڏي. پر مطلب هي آهي، جو بعضي ماڻهو ڪنهن ڪم حاصل ڪرڻ لاءِ اجائي تڪڙ ڪن. جهڙو هڪڙو طبيب ڪنهن بيمار جي دوا شروع ڪري، پر اُن جي ڇٽڻ کان اڳي انعام وٺي، ته ڄاڻ ڦر کان اڳي ڄر ڪڍيائين. يا هڪڙو دلال ٻن شاهوڪارن جي وچ ۾ سودي جي ڳالهه ٻولهه ڪري، پر سودي ٺاهڻ کان اڳي دلالي گُهري، ته ڄاڻ هن پهاڪي جو مهاڳو آهي. پر ويچار وارو ماڻهو اهڙي ڳالهه نه ڪري. اهڙي ڳالهه لاءِ نمبر 444 وارو پهاڪو پڻ آيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org