سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گل شڪر

باب: --

صفحو :1

گل شڪر

ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي

ڌڻيءَ جي ساراهه

        ساراهه ٿو ڪريان ڌڻيءَ جي، جنهن پنهنجي توهه سان هن ماڻهوءَ کي سڀن ساهه وارن ۾ وڏي مانَ وارو ڪيو آهي، آءٌ ڳالهائڻ لاءِ ڄڀ ۽ سمجهڻ لاءِ ڏاهپ بخشي، مٿس اشرف المخلوقات نالو رکيو اٿس؛ آءٌ سندس کائڻ، پيئڻ، پهرڻ لاءِ طرح طرح جون وٿون جوڙيون اٿس. تڏهن هن کي پڻ جڳائي، جو پنهنجي ڏاهپ آهر ڄڀ سان هن جي ساراهه ڪري، آءٌ پڄنديءَ سارو سنديس وڏائي چئي سڻائي.

        اُن ٻاجهاري جو شڪرانو ٿو ڪريان، جو مون کي پڻ اُن ماڻهن ۾ اُپائي، ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي نالو رکي، حيدرآباد سنڌ ۾ رهاڪو فرمايو اٿس.

        تنهن اُپائڻهار جي دِڳي سان ڪي ڏهاڙا مير صاحبن جي راڄ جا، آءٌ گهڻا ڏهاڙا سرڪار جهانمدار انگريز صاحب بهادر جي سلطنت جا، ايمان آءٌ مانَ سان نوڪري ڪري، تاريخ 16 فيبروري 1864ع کان وٺي سو (100) رپين مهيني پينشن ۾ آيو آهيان.

        هڪڙيءَ مهل هڪڙي سردار سنڌي پهاڪن ٻڌڻ جي دل رکي، تڏهن سو (100) ٻه سا (200) پهاڪا لکائي پهچايامانس. پر ويچار ڪيم، جو پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ملڪ جا اصطلاحي اکر آيا آهن، جن مان ڪي اکر سنڌ جي سڀن ماڻهن کي پڻ سمجهڻ ۾ نه اچن، جن جي ٻولي ماءُ پيٽان آهي، تڏهين ٻين ملڪن جي ماڻهن کي جي پوءِ ٻولي ٿا سکن، سمجهاڻيءَ جي گهرج ڇو نه ٿيندي؟ تنهن خيال تي هن ريت جي ڪتاب جي رٿ ڪيم.

        اڳي گهڻن سياڻن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب جوڙيا آهن، پر آهي عمر جا جوان، آءٌ عقل جا تکا، سي وڏن ڪاريگرن وانگي آهن! جهڙا وينجهر، جي موتي ونڌن، يا خاتوبند، جي ڪاٺ آءٌ عاج جا اُچا اُچا ڪم ڪن، يا جَڙيا جي سون ۾ جواهر جي جڙت جوڙن، يا نقاش جي چڱيون صُورتون جوڙن، تن جي اڳيان آءٌ هڪڙو پوڙهو، اياڻو ڌوڙ ڌوئي جهڙو سادي ڪم وارو آهيان. هن ريت، جو ڌوڙ ڌوئي جو ڪم هي آهي، جو سونارن جي هٽن جو يا گهٽين جو ٻُهر گڏ ڪري، ڌوئي، منجهاس مال ڪڍي. تن وانگي مون پڻ گهڻن جا چيل سدا پهاڪا گڏ ڪري، پورهئي سان منجهائن مطلب ڪڍيو آهي. مگر پڙهندڙن جي مهربانيءَ ۾ هيءَ اُميد ٿو رکان، جو جيڪو منجهنس ڀولو رولو ڏسن، تنهن جي ڏاڏائيءَ ڏي نه نهاري، پنهنجو لائق سڃاڻي، اُن ڀل چڪ کي سنواري ڇڏن.

        پهرائين ڀانيم، جو هڪڙي هڪڙي ذڪر بابت ڌار ڌار بابت ڪري لکان؛ پر پهاڪا گهڻن ذڪرن بابت آهن، اِن طرح جيڪر گهڻا بابت ٿي پون: سو ڪو، ته ڪي پهاڪا اهڙا آهن، جو جيڪر هڪڙي پهاڪي لاءِ ڌار نِجو باب ڪرڻو پوي؛ تنهن ڪري سنڌي الف بي جي تختيءَ تي نظر رکي، هڪ ٻئي پٺيان هڪڙي هڪڙي منڍ واري اکر جا پهاڪا لکان ٿو.

        ڪن پهاڪن جي معنيٰ ۾ ڳالهه جي پورائيءَ لاءِ ٻين ٻولين جون شاهديون آيون آهن، تن ڪري ڊنس، ته متان صاحبن سنڌيءَ جي پيار وارن کي نه وڻن، يا ٻين ٻولين جو محاورو نه هجين، تنهن ڪري اُن کي پڻ اُتي جو اُتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪري ڇڏيان ٿو.

______

 

پهاڪا

___

الف

1-      اُڻندو اُها، جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.

        هي پهاڪو ظاهري واٽ ۾ ڪوريءَ جي اختياري ڏيکاري ٿو، جو جڏهن تاڃي اڳيانس پکڙيل آهي، آءٌ پيٽي لاءِ نَڙو هٿ ۾ اٿس، تڏهن ڪپڙو گهاٽو اُڻي توڙي ڇڊو؛ ته مرضي سنديس. پر حقيقت جي واٽ ۾ مطلب هي اٿس جو ڌڻي سڀ ڪم لاءِ سگهارو آهي. نه ڪنهن جي صلاح وُهيڻو، نه ڪنهن جو دلبو کائي، نه ڪنهن جو مٿس زور هلي، نه ڪنهن جي واهر گُهري، جيڪي وڻيس سو ڪري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي:        قادرا قدرت تو داري، هرچه خواهي آن کني،
مُردا را جاني به بخشي، زنده را بيجان کني،
شاهه را تاجي ستاني، آرزو ئي نان کني،
هر گدائي را که خواهي، آن زمان سلطان کني.

 

سنڌي: اي ڌڻي! سگهارو آهين، جيڪي وڻيئي سو ڪرين،
مئي کي جيارين، جيئري کي مارين،
راجا کان ڇٽ کسي ان کي مانيءَ جو محتاج ڪرين،
جنهن پينار کي وڻيئي تنهن کي ان مهل راجا ڪرين.

 

2 –   اَبَ جو ڏنو ڪهڙي ڪم،  جاسين رَبُ نه ڏيئي.

 

        ابَ يعني پيءُ، رَبُ يعني ڌڻي. ڪي ماڻهو آرسي، پيءَ کي وهيون ڏسي، پاڻ دولت ڪمائڻ لاءِ پورهيو نه ڪن. ڀائين جو اها پيءُ واري دولت ورثي ۾ هٿ ايندي، سا بس آهي. ائين نٿا ڄاڻن ته ابي اُها ڪٿان آندي. هي پهاڪي وارو انهن کي ڇينڀ ڪري چوي ٿو، ته پيءُ جي دولت جو به آسرو نه ڪر ۽ پنهنجي ڪمائيءَ تي ڀاڙ. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:

فارسي:        ميراث پدر خواهي علم پدر آموز،
که اين مال پدر خرچ توان کرد به ده روز.

 

ترجمون: جي پيءُ جو ورثو گهرجيئي ته پيءُ وارو علم سک،
جو هي پيءُ جو مال ڏهن ڏهاڙن ۾ خرچجي ويندءِ.

 

3 –   اندر اڇو نه ڪري، ڌُئي ٿو ڌاڳا.

        ڌاڳا هن ملڪ جي فقيرن جو ويس آهي، جو مٿي تي ويڙهن، يا ڳچيءَ ۾ پائن، يعني جو ماڻهو پنهنجو اندر ڪوڙ آءٌ ڪُپَت، دولاب آءٌ ٺڳيءَ کان، آءٌ ٻين بڇڙن لڇڻن کان پاڪ نه رکندو، آءٌ رڳا ڌاڳا ڌُئندو، تنهن کي ڪئن پاڪ ڄاڻبو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:        بر زبان الله در دل گاو وخر؛
اين چنين تسبيح کي دارد اثر.

 

ترجمون:        ڄڀ تي الله جو نالو، دل ۾ ڏاند آءٌ گڏههُ،
اهڙي تسبي ڪهڙو ڳڻ ڪندي.

 

 

4 –   اندر ٻِڏ ٻَهُون، ٻاهر آٽڻ اَنّ جو.

        ٻِڏ، لاڙ ملڪ ۾ هڪڙي گاهه جي پاڙ آهي. جنهن جي ڏڪار ۾ ماڻهو اٽو ڪري ماني پچائي کائن؛ ٻَهُن معنيٰ گهڻي، آٽڻ سڪو اٽو، جو ڪڻڪ جي اٽي جي چاڻي کي ماني پچائڻ وير لائيندا آهن. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي: جو ٻِڏَ جي اٽي جي چاڻيءَ کي ڪڻڪ جي اٽي جو آٽڻ مکبو ته به اندريون سَوادُ ٻِڏَ جو ڪين مٽيندو. تهڙيءَ ريت ڪُلڇڻو ماڻهو پڻ جيڪڏهن ويس چڱو  پهريندو، ته به سنديس عادت ڪين ڦرندي: اهڙو فارسي مثل پڻ آهي:

فارسي: از بُرون چُون گور ظالم پُر حال،
اندرون قهر خُدائي عزّ و جل.


 

ترجمون:        ٻاهران ظالم جي قبر وانگي ڪپڙن سان ڍڪيل،
اندر ڌڻي تعاليٰ جو قهر.

 

5 –   انڌي وڃي ملتان لڌو.

        ملتان جي هن ملڪ کان ٻه سا کن ڪوهه پنڌ آهي، تنهن ۾ انڌو ڪيئن پهتو: يعني پُڇندو ڏَسُ ٻڌندو ويو. پر مطلب هي آهي، ته جو ماڻهو مرشد يا استاد کان پڇي ڏَسُ وٺندو، سو پنهنجي ڳوليل کي پهچندو؛ جهڙو گرو نانڪ شاهه جو وچن آهي:

 

وچن:          سڻ سن انڌي پاونھ راهه.

ارٿ:           ٻُڌي ٻُڌي انڌو به واٽ لهي.

 

6 –   اهو ڪر، جو مينهن وسندي ڪم اچيئي.

        مينهن وسندي، جو مطلب آهي ته گهرج مهل، يعني هلندي چلندي ۾ اهڙو خرچ ڪر، جو چاڪئيءَ ناچاڪئيءَ ۾ بک نه مرين. تنهن جو ارٿ هي آهي ته ڪي کاءٌ، ڪي بچاءِ تنهن تي هڪڙي وڏي اشراف سردار جي زبانون  هڪڙو ٽوٽڪو ٻڌو اٿم، ته ماڻهن جا لڇڻ ٽن طرحن جا آهن: هڪڙا نوراني، سي اُهي، جي پنهنجي ڪمائيءَ مان اڌ کان ٿورو خرچ ڪن، ۽ گهڻو بچائين؛ ٻيا انساني، جي اڌ کائين، اڌ بچائين؛ ٽيا حيواني، جي اڌ کان گهڻو کپائين، ٿورو رکن.

 

7 –   اُستاد جي مار سنوار آهي.

        استاد جو ماريندو، سو رڳو سيکارڻ لاءِ، تنهن کان پاسو ڪرڻ نه کپي؛ سو ڇو ته فائدي واري دوا گهڻو  تڻو ڪَوڙي ٿيندي آهي. فارسي واري پڻ چيو آهي:

فارسي:        بادشاهي پسر بمڪتب داد، لوح سيمينش درڪنار نهاد،
برسر لوح او نوشت به زر: ”جور استاد بھ ز مهر پدر“.

 

ترجمون:        راجا هڪڙو پُٽُ اسڪول ۾ ڏنو، فرحي روپي ڪڇ ۾ ڏنائينس،
ان جي فرحيءَ تي سون سان لکيائين:
”استاد جو ظلم، پيءُ جي مهربانيءَ کان چڱو“.

 

 

8 –   اَنَ پَلي ذات ڀَلي.

        پَلي اَنّ رکڻ جي شي آهي، جا ٻهراڙيءَ جا ماڻهو گهرن جي اڳيان جوڙي منجهس اَن رکن. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو جنهن جي گهر ۾ اَن سان ڀريل پَلي آهي، تنهن کي وَهيون ڄاڻبو، ۽ وَهيون اڻ پُڇو مان وارو آهي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:        زردار را به مجلس در تنگ جا دِهند؛
بي زر اگرچه دور ولي دور تر ڪُند.

 

ترجمون:        دنيادار کي مجلس سوڙهيءَ ۾ به جاءِ ڏين؛
نرڌن توڙي پري هئي ته هيڪاري پري ڪنس.

 

 

9 –   آڻُ گهُريو ماءُ به پٽ کي ببو نه ڏئي.

        هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو ڳالهائي بنا رڳيءَ ماٺ مان ڪو ڪم نه ڇٽي؛ تنهن لاءِ هندي پڻ شاهدي ٿو ڏئي:

هندي:  مون تي ڪونه سِڀوٽي *رهي،
بن بولي کُلي گهر ڪونه ڪوارو.

 

ترجمون:        ماٺ مان ڪير مطلب کي پهتو،
ڳالهائي بنا پنهنجي گهر جو در به نه پٽجي.

 

10 – اڄاڻ کي مِصِري تهڙي ڦٽڪي.

        جيتوڙي ڦٽڪيءَ جو رنگ پڻ مصريءَ جهڙو آهي، پر سَوادَ ڪري ٻنهي جي وچ ۾ وڏو ڦير آهي. اَڄاڻ ماڻهو سندن سواد کي نه سمجهي، ٻنهي کي هڪجهڙو ڄاڻندو آهي، اهڙو مثل هنديءَ واري پڻ چيو آهي:

هندي:                 اَن جانت ڪُون پارداس * مصري ڦٽڪي ايڪ.

ترجمون:                ساڳيو پهاڪي جو مطلب.

 

11 – اڻ سرنديءَ سڀڪو ٽري، کرو ڪو سرنديءَ ٽَري.

        پهاڪي جو مطلب هي آهي: جو اڻ پُڄنديءَ وارو پاڻيهي به غريبيءَ سان هلندو، پر پڄنديءَ وارو جڏهن غريب ٿي هلي، تڏهن چڱو مڙس سڏجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   تواضع ز گردن فرازان نڪوست،
گداگر تواضع ڪند خوي است.

 

ترجمون:        نياز وڏن ماڻهن کي چڱو آهي، پينار جيڪڏهن نياز ڪندو ته اها هن جي عادت آهي.

 

12 – اَهاري، وهنواري، ٽيون گهوٽ مُهاري، لڄا ڪري ته هاري

        اهارُ يعني کائڻ، وهنوار يعني ڏيتي ليتي، مهارو، گهوٽ پرڻيل جي پهرئين رات جي سمهڻ جي جاءِ.

        مطلب هي آهي، جو سياڻا چوندا آهن ته لڄ چڱي آهي، پر ان ٽن ڪمن ۾ لڄ ڪرڻ مرڳو گهاٽو آهي، تهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڌڻي جو ڳولو پڻ سنسار جا حجاب نه پڃندو ته ڌڻيءَ کي واصل نه ٿيندو.

 

13 – آهِر کٽي اوبِڻي، رن وڃائي رَنبو.

        آهِرُ جهنگلي ماڻهو، اوبڻي هڪڙي لوهه جي هلڪي شي دڪو ٻه تور آهي، جنهن تي زالو سٽ اوبن، رنبو، هڪڙو لوهه جو ڏو نيچ آهي، جنهن سان گاهه کوٽجي. مطلب آهي ته جيڪڏهن مڙس ٿورو ڪمائيندو، ۽ سنديس زال گهڻو وڃائيندي، يا خرچ ڪندي، ته اهُو گهر ڪٿان وسندو. اهڙي ڳالهه نمبر 472 واري پهاڪي ۾ پڻ آهي.

14 – انڌي اڳيان آهِري، ڪَرَ تئو ٽنگيو آهه.

        انڌي ماڻهوءَ جي اڳيان آرسي اهڙي آهي، جهڙو اڄاڻ جي اڳيان ڪتاب، سو ڪو ته نه انڌي کي آرسيءَ جو قدر، نه اڄاڻ کي ڪتاب جو مانُ. ان لاءِ هنديءَ واري پڻ چيو آهي:

هندي: مورک ڪُون پوٿي دئي باچن ڪُون گُن گاٿَ؛
جيسي نرمل آرسي ديئي انڌ ڪي هاٿ.

 

ترجمون:        اڄاڻ کي ڳڻن ڳالهن پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيڻ اهڙو آهي،
جهڙي صفا آرسي انڌي جي هٿ ۾ ڏجي.

 

 

15 – اَنڌ ڌُنڌُ نگري، چَرٻَٽُ راجا؛ ٽڪي سير ڀاڄي،

ٽڪي سير کاڄا

        ڀاڄي يعني سائو ساڳ جو سستي وکري آهي، کاڄا هڪڙو مهانگو ميوو آهي، سي ٻئي شيون هڪڙي اگهه وڪامڻ بي ويچاري ڳالهه آهي؛ تهڙيءَ ريت جنهن راڄ ۾ ڪُنيائو هلي، تاتي لچ آءٌ چڱي مڙس جو ڦير ڪونه رهي. جهڙو هنديءَ واري به چيو آهي:

هندي: ڀلي بري جهان ايڪسي تهان نه بسئي جاءِ؛
جيون انياء پُر ۾ بڪي کَڙُ ڳُڙُ ايڪي ڀاءِ.

 

ترجمون:        جاتي چڱو مٺو هڪجهڙا تاتي وڃي نه رهجي:
جهڙو ڪنياء واري شهر ۾ کَڙُ ۽ ڳُڙُ هڪ اگهه وڪامن.

 

16 – اوهو سون به گهوريو، جو ڪن ڇني.

        هن ملڪ جون عورتون سونهن لاءِ ڪنن ۾ سون جا ڳهه پائينديون آهن، پر ڪنهن مهل ان مڻين جي بار سان سونهن بدران ڪن پچي يا ڇڄي پوندا اٿن. اهڙي زيان واري سون پائڻ جي هي پهاڪو گلا ڪري ٿو. يعني جو ڪم فائدي واسطي ڪجي، تنهن مان مورڳو گهاٽو پوي، سو ڪَمُ گهوريو. هنديءَ واري پڻ چيو آهي:

هندي:         ڪريئِي سُکَ ڪُون، هوءُ دُک، يھ ڪُھ ڪون سيان؟
وه سوني ڪُون جاريئي جا سُون ٽوٽي ڪانُ.

 

ترجمون:        ڪجي سک لاءِ ٿئي ڏک، اها ڪهڙي سياڻپ آهي؟
جنهن سونُ مان ڪن ڇڄن، تنهن کي ساڙي ڇڏجي.

 

17 – اَڪن کان آما گُهري، ٻَٻُري کان ٻير.

        اَڪُ هڪڙو جهنگلي بڇڙو وڻ آهي، آءٌ ٻَٻر هڪڙو ڪنڊن وارو وڻ آهي؛ تن مان آمان يعني انب، آءٌ ٻير ڪٿان ملندا؟ تنهن وانگي جو ماڻهو ڪم بڇڙا ڪري ڦل چلو گهرندو، تنهن کي ڇا حاصل ٿيندو! ان تي هنديءَ واري چيو آهي:

هندي: ڪري برائي سک چَهي ڪيسي پاوي ڪوءِ.
روپي پيڙ بَبول ڪو انب ڪهان تي هوءِ؟

 

ترجمون:        بڇڙائيءَ ڪري سک گهرندو، سو ڪٿان لهندو،
ٻٻر جي وڻ پوکڻ مان انب ڪٿان ٿيندو؟

 

3 – اٽي ۾ لوڻ.

        هن پهاڪي جي جوڙڻ واري جو مطلب هي آهي جو جيڪڏهن ڪنهن خير جي ڪم ڪرڻ لاءِ سچ سان ٿورو ڪوڙ گڏجي ته حرڪت نه آهي؛ جهڙو اٽي ۾ ٿورو لوڻ، شيخ سعديءَ چيو آهي:

 

فارسي:         دروغ مصلحت آميز بھ از راستي فتنه انگيز.

ترجمون:                صلح گڏيل ڪوڙ جهيڙي جاڳائڻ واري سچ کان چڱو.

 

        جيتوڙي ته ڪي ڪم شعر جوڙڻ جا آءٌ ٻيا اهڙا آهن، جن ۾ ڪوڙ جي گهرج رهي ٿي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو، جو اهڙن صورتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ موڪل ڏني هوندائون، ته آءٌ ڀانيان ٿو ته جڏهن گهڻو ڪوڙ بڇڙو آهي، تڏهن ٿورو ڪوڙ پڻ چڱو نه آهي.

19 -   اَهر جي وڏائي، ڪني پاٽ اُتي آئي.

        اَهر يعني جهنگلي ماڻهو، ڪنو؛ پاٽ، ٺڪر جا باسڻ، جن ۾ غريب ماڻهو رنڌين ۽ کائن. مطلب هي آهي، جو جهنگلي غريب ماڻهوءَ کي ايترا وسلا گهر ۾ ٿيا ته به پاڻ کي هوند وارو ڄاڻندو؛ تهڙي ريت ٽرڙي ماڻهوءَ کي ٿورڙي دولت هٿ لڳي ته پاڻ کي وڏو ماڻهو چوائيندو.

20 -   آمون ڏهه گامون.

        آمون يعني انب. هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪونه ٿو ڪري، مگر آرائين جو اصطلاح آهي، جو وڻ انب هڪڙو ٻئي کي ويجهو پوکجي ته وڏي هوندي سوڙهه جي سبب ڦر ٿورو ڪري؛ تنهن ڪري پري پري يعني ڏهن ڏهن وکن تي پوکڻ چڱو آهي.

21 -   اُنڌو کڏ تي چڙهي هنگي، چي مون کي ڪو نه ٿو ڏسي.

        ڀلا جيڪو کڏ تي چڙهي اگهاڙو ٿيندو، تنهن کي ڪيئن نه گهڻا ماڻهو ڏسندا! تنهن وانگي ڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ کي لڪائين، پر لڪڻ بدران پڌري ٿي پوي. اهڙن ماڻهن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي.

 

22 -   اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت لاهيءَ کي به لعنت.

        اُٺ هڪڙو ڊگهو ۽ بيڊولو وهٽ آهي، سو جڏهن چاڙهيءَ لاهيءَ تان چڙهي لهي، تڏهن سوار کي اهنجو لڳي؛ تنهنڪري پهاڪي واري گلا ڪئي آهي. مطلب هي آهي جو لوٺئي ماڻهوءَ جي دوستي توڙي دشمني ته اُٺ جي چاڙهيءَ لاهيءَ وانگي دکدائي آهي.

23 -   انڌن جو وهانءُ، منڊا نچن، ٽنڊا پاين ڦيريون.

        انڌن جو وهانءُ، منڊن جو نچڻ، ٽنڊن جون ڦيريون، هي سڀ ڳالهيون اڻ ٺهندڙ آهن. تنهن وانگي جاتي گهڻا لچ يا اڄاڻ، يا ولها گڏ ٿي پنهنجي لل يا عقل هوند کان وڏو ڪم رٿن، ته ڪٿان پوري پوي – اهڙن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي.

24 – اُڻائي به ويئي تڻائي به ويئي، وري ڪپهه جي ڪپهه.

        هي پهاڪو اصل هن طرح آيو آهي، جو آفيميءَ هڪڙي کي واٽ جي ڀرسان پيشاب ڪندي پنڪي لڳي ويئي. اوچتو ماڻهو اتان لنگهيو، تنهن سندس مٿي تان پڳڙي لاهي، ڪپهه جي پوڻي مٿس رکي. ذري کان پوءِ جڏهن پنڪي کليس، تڏهن پڳڙيءَ بدران پوڻي ڏسي، تپرس کائي هي پهاڪو چيائين: يعني ڪپهه ڪتجي سٽ ٿيو ۽ سٽُ اُڄي ڪپڙو ٿيو، سو پورهيو سڀ ويو؛ وري ڪپهه ٿي پيئي. جهڙو ڪي هڪڙو سرڪاري نوڪر ٿوري پگهار وارو چڱي نوڪري ڪري وڏي درجي کي پهچي ، پر ڪنهن غفلت يا قصور جي سبب وري اڳوڻي ننڍي درجي واري پگهار تي وڃي.

25 -   اُٺ جي وات ۾ زيرو.

        زيرو تمام سنهڙا داڻا آهي، ۽ اٺ جو وات وڏو، جو ٿلها گاهه چري؛ تنهن ۾ جي زيرو پوي ته جيڪر چٻڻ ۾ به نه اچيس. تهڙيءَ ريت، جو ماڻهو سير ان جو کايارو هوندو، تنهن کي دڪي اَنّ مان ڪهڙو ڍَو ٿيندو؟

26 -   اُٺ پٺيان گهنڊڻي.

        گهنڊڻي جو آواز تمام ننڍو آهي، ۽ اُٺ وڏو سگهو وهٽ آهي، سو جيڪڏهين ڪو ماڻهو اُٺ کي ڊيڄارڻ لاءِ پٺيان هڪڙي گهنڊڻي وڄائيندو، ته اُٺ کي ڇا ڪندو؟ تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:

        هڪڙي ڇوڪر اُٺ تي چڙهي اُٺ جي ڊيڄارڻ لاءِ تاڙيون وڄايون، تڏهن اُٺ چيس، جو مون تي نغارا وڄن ته به نه ڊڄان، تنهنجي تاڙي ڇا ڊيڄارينديم؟ تهڙيءَ ريت هڪڙو نڀاڳو ماڻهو پنهنجي مطلب ڇٽائڻ لاءِ ڪنهن بختاور کي دڙڪائيندو، ته بختاور جو ڪهڙو ڀنجُهرُ ڀرندو.

27 -   انڌن آندو ٻلن چٽيو.

        انڌو ماڻهو ڌونري يا گيهه جهڙي يا اهڙي ٻي ڪا شي گهر ۾ آڻي اگهاڙي رکندو، ته جائي ٻلي چٽي ويندي، تڏهن ڄاڻبو، جو ناڻو اجايو ويو. تهڙي ريت هڪڙو ٽرڙو ماڻهو گهڻو ناڻو ڪمائي، پڇاڙيءَ جي ڳڻتي نه ڪري، ٿوري ويرم ۾ اجايو خرچي وهندو، ته پوءِ گُهرج مهل ڏکيو ٿيندو، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   ابلهي ڪو روز روشن شمع ڪافوري نهد،
زود بيني ڪش بشب روغن نباشد در چراغ.

 

ترجمون:        جو اياڻو ڏينهن ڏٺي ۾ ڪافوري شمع ٻاريندو،
سگهو ڏسندينس، جو رات جو ڏئي ۾ تيل نه هوندس.

 

28 -   انڌي جي جوءَ جو واهي الله.

        واهي الله، جنهن جو الله واهي هئي، تنهن کي ڪهڙو جوکو آهي؛ پر سنڌ ۾ هي اصطلاح آهي جو هڪڙو ٻئي کان گهري، اڳلو چويس جو الله ڏينديئي، ته ڄاڻبو جو ڪين ڏيندس. يا هڪڙو چوي جو فلاڻي جو گهر ۾ الله جو نالو آهي، ته ڄاڻبو جو ڪي ڪين آهي. تهڙيءَ ريت هن ”واهي الله“ جي لفظ جي معنيٰ هيءَ ڄاڻڻ گهرجي، جو واهي ڪونه. پر مطلب هي آهي، جو جيڪو ماڻهو پنهنجي ذمي جي ڪم تي ڌيان نه ڪندو، ته جائي ڪم بگڙندو. تڏهن هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿيندو.

29 -   اُڀرندي تاءُ جنهن نه ڪيو، سو الهندي ڇا ڪندو؟

        سج جڏهن اُڀرڻ ويل سوجهرو نه ڪندو، تڏهن لهڻ مهل ڇا ڪندو؟ تهڙيءَ ريت جو ماڻهو ننڍپڻ ۾ للايِتو نه هوندو، سو وڏ پڻ ۾ ڇا ٻوٽو ٻاريندو. اهڙي ڳالهه 128 واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي.     

30 -   اڌ ڇڏي سڄيءَ پٺيان ڊوڙي تنهن جو اڌ به وڃي.

        هي پهاڪو قناعت ڪرڻ لاءِ تاڪيد ٿو ڪري. هن ريت، جو ڌڻي جي ڏني تي قناعت ڪري گذران ڪرڻ سياڻپ جو ڪم آهي. ڇا کان، ته جو لالچ ڪري ٿورو ڇڏي گهڻي پٺيان ڊوڙندو، تنهن کي ڇا حاصل ٿيندو؟ ويتر اڳوڻي کي جوکو ٿيندس.

31 -   اڱر ڄاڻن لهرُ ڄاڻي.

        جڏهن اڱر لوهار جي هٿ آهن، تڏهن ساڙڻ يا بچائڻ لاءِ وَس وارو آهي؛ تهڙيءَ ريت هن انسان جا سڀ ڪم ڌڻيءَ جي اختيار ۾ آهن. جيئن وڻيس تيئن ڪري. پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو تون پڻ پنهنجا ڪم ڌڻيءَ کي سونپ، يعني توڪل ڪر.

 

32 -   انڌا رکن روزا، تڏهن ڏينهن به ٿين وڏا.

        اگرچ پهاڪي وارو چوي ٿو ته انڌن جي روزي رکڻ مهل ڏينهن وڏو ٿئي ٿو، پر اها ڳالهه ٿيڻ جي نه آهي، ان جو مطلب هي آهي ته نڀاڳو ماڻهو جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو، سو جيڪڏهن سَوَلو هوندو ته به اَوَلو ٿي پوندو.

 

33 –          اُها زبان اُس ۾ وهاري، اُها زبان ڇانوَ ۾ وهاري.

        ڇانوَ ۽ اُس، اشارو مان ۽ بي مانائيءَ جو آهي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته جو ماڻهوادب سان، يا مٺو، يا سچ ڳالهائيندڙ هوندو، سو آڌرُ پائيندو؛ ۽ بي ادبيءَ سان، يا ڪَوڙو، يا ڪوڙ ڳالهائيندو، سو بي مانو ٿيندو. هاڻي ويچار ڪرڻ گهرجي. ته ٻن طرحن جي ڳالهائڻ لاءِ زبان هڪڙي، پر هڪڙيءَ طرح جي ڳالهائڻ جو ڦل هڪڙو، ۽ ٻيءَ طرح جي ڳالهائڻ جو ٻيو ڦل. تڏهن پهاڪي واري جو خيال برابر آهي.

34 -   اڳي به اَنُ هو، پوءِ به ٿيو اَن.

        ڪانو آءٌ پن، ويو وچون ئي نڪري.

        ٻج جي پوک ۾ پوي، سو اَنُ آهي، جڏهن پوک پچي لُبي ۽ ڳاهجي وائرجي، تڏهن وري به اَنّ ٿي رهي؛ پوءِ ڪانا توڙي پن ويندا رهيا. تنهن وانگي پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو انسان جو وجود اصلي خاڪ آهي، سو مرڻ پڄاڻا وري به خاڪ ٿي ويندو؛ پوءِ هن دنيا جا ڌنڌا ڪاٿي ڪم ايندا. فارسي واري جو چوڻ آهي:

بيت:   اي برادر چو عاقبت خاڪ است،
خاڪ شو پيش زانڪ خاڪ شوي.

 

ترجمون:        اي ادا جڏهن نيٺ مٽي ٿيڻو آهين،
تڏهن مٽي ٿيڻ کان اڳي مٽي ٿي رهه.

 

35 -   اڌارو ڏجي تنهن کي، جنهن کان گُهرجي نه،

        اڌارو ڏجي تنهن کان جو گُهري نه.

        اڌارو ڏيئي نه گهُرڻ، يا اڌارو ڏيئي نه گهرندو، هي ٻئي عجب جهڙيون ڳالهيون آهن. پر مطلب هي آهي، جو اهڙيءَ پت واري ماڻهوءَ کي اُڌارو ڏجي، جو گُهرڻ ڌاران پهچائي ۽ وٺن مهل اهڙي ڍاول کان وٺجي، جو گُهرڻ مهل ڏک نه ڏئي ۽ پاڻ اونو رکي پهچائجي. ڏسو اهڙي صورت ۾ پڻ ٻنهي ڌرين کي گهرڻ جو ضرور ڪٿان رهندو. پر نج مطلب هي آهي جو پهاڪي وارو سُپت جو تاڪيد ٿو ڪري.

 

36 -   اَن جو واپار هس مان ڇلو، ڇلي مان هس ڪري.

        هس، ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳرو مڻيو آهي، ۽ ڇلو آڱر جي پائڻ جو هلڪو ڳهه آهي. پهاڪو اَن جي واپار جو حال ٿو ڏيکاري ته منجهس واڌو به گهڻو، گهاٽو به وڏو. جهڙو فارسي مثل آهي:

فارسي:                يا گنج برگيري، يا در تلاطم امواج بميري.

ترجمون:                يا خزانو لهين، يا لهرن جي ڌڪاون ۾ مرين.

        سو ڪو، ته ان جو اگهه ڪڏهن ڏهه رپيا خرار جا، ڪڏهن سئو رپين خرار جو پڻ ٻڌڻ ڏسڻ ۾ آيو آهي. پوءِ جنهن واپار جي اگهه ۾ ايترو ڦير گهير ٿئي، تنهن لاءِ پهاڪي واري جو چوڻ سچو آهي.

37 -   آڙهڙ جي تتي ڏينهن، سانوڻ جي وسندي مينهن،

        سياري جي آڌي رات، شال نه ٿئي هنگڻ تات.

        هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪونه ٿو نڪري، مگر هي ٽيئي، مهلون ٽوري تي وڃڻ ڏاکڙو آهي؛ يعني ڪُمهلو ڪم سڀڪو دقت ڏيندڙ آهي.

38 -   اُٺ پوڙهو ٿيو، ته به مُٽڻ نه سکيو.

        ٻيو سڀڪو جانور پيشاب اڳتي ڪري، رڳو اُٺ اُبتڙ اُن جي پوءِ ڏي مُٽي. تنهن لاءِ سياڻن هي پهاڪو چيو آهي؛ پر مطلب سندس هي آهي، ته جو ماڻهو وڏتڻ تائين علم يا عقل نه سکي، سو پڻ هن پهاڪي جو مُهاڏو آهي. جهڙو فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي:                گوسالدءِ ما پير ش و گڍو نشد.

ترجمون:                گابو اسان جو پوڙهو ٿيو، پر ڏاند نه ٿيو.

39-    اُڀ ۾ ٿڪ اڇلائيندو، تنهن کي منهن ۾ پوندي.

        هن پهاڪي جي اکرن جي معنيٰ پڌري آهي؛ مگر مطلب سندس هي آهي ته جيڪو پاڻان ڏاڍي سان وڙهندو، سو پاڻ کي مارائيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:         هرڪ بابزر گان سِتيزد، خون خود بريزد.

ترجمون:                جيڪو ڏاڍن سان وڙهي، سو رت پنهنجو هاري.

        ان ڳالهه تي هندي پهاڪو پڻ آهي.

هندي:                 سر سنڌي آڪاس ڪُون، ڦر ماٿي آوي.

ترجمون:                تير هڻي اُڀ ۾ ته وري مٿانس اچي.

40 -   اڻ پڙهيا پڙهين اڳيان ڀريون ڍوئيندا.

        ڀريون ڍوئيندا، يعني مزوري ڪندا. اها ڳالهه پڌري آهي ته پڙهيل ماڻهو نوڪريءَ يا واپار مان، يا ٻي ڪرت مان سو (100) ۽ هزار (1000) ڪمائي سگهي، جنهن مان سکيو دم گذاري؛ آءٌ اڻ پڙهيل کي مزوريءَ بنا ڪهڙي واهه؟ تنهن لاءِ هي پهاڪو علم پڙهڻ جو تاڪيد ڪري ٿو، آءٌ چوي ٿو ته علم ڌاران زوري ڪرڻي پوندي. تنهن لاءِ فارسي وارو پڻ چوي ٿو:

فارسي:                ميا موز جز علم گر عاقلي، ڪ بي علم بودن بود غافلي.

ترجمون:                نه سک علم بنا جيڪڏهن سياڻو آهين،

                ڇو ته علم ري هئڻ غفلت آهي.

 

41 – اياڻو چوي سياڻو ويڃائي.

        جڏهن اِياڻو ماڻهو اهڙي ڳالهه ڪري جا گمان جهڙي هئي، يا وسيھ جهڙي نه هئي، تڏهن سياڻي کي ويچار کان پوءِ وسهڻ گهرجي. سو ڪوه، ته جيڪڏهين اياڻو ٻٽاڪ هڻي چوندو، جو هاٿي ڪري پيو هو، تنهن کي ٻلي گِهِري ويئي، تنهن تي سياڻو وسهندو، ته سياڻپ ۾ ڦير اٿس. تنهن لاءِ هندي وارو به چوندو آهي:

هندي:                 نادان بات ڪري، دانا قياس ڪري.

ترجمون:                ساڳيو پهاڪي جو مطلب.

 

42 – اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا، او چرن پٽ، ته او چرن ٻيلا.

        اُٺ آءٌ مينهون پاڻ ۾ هم جنس  نه آهن، هن جي جوءِ چرڻ جي پٽ، آءٌ هن جي جوءِ ٻيلو، تنهنڪري پاڻ ۾ سنگت نٿي ٺهين. مطلب هي آهي ته ناجنس جي صحبت ڪنهن کي به نٿي وڻي.

 

43 -   اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، کنڊ وجهه ته به رڙي.

        معنيٰ هن پهاڪي جي سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. مطلب هي آهي جو لچ ماڻهوءَ سان دوستيءَ مان زيان، آءٌ دشمنيءَ مان به زيان؛ سياڻا چوندا آهن لچ جي صحبت آءٌ ڪتو ڌارڻ هڪجهڙا آهن. هن ڪري، جو ڪتو خوش ٿئي ته ٻوٿ چٽي، جي ڏمرجي ته ڄنگهون ڦاڙي؛ جهڙو سمن شاعر هنديءَ ۾ چيو آهي:

هندي:         سمن پريت سُوانَ ڪي دونون باتين دُکُ؛
کيجي ته ڪاٽي پاوڪُون، ريجهي ته چاٽي مُک.

 

ترجمون:        ڪتي جي دوستيءَ مان ٻن طرح ڏک آهي،
ڏمرجي پير ڦاڙي، ريجهي ته منهن چٽي.

 

 

44 -   اگهه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي.

        وٽ کٽيو کائڻ يعني تور ۾ گهٽ ڏيڻ. مطلب پهاڪي جو هي آهي ته واپار جي ڪم ۾ اگهه مهانگو يا سهانگو وڪڻڻ واپارين جو ڌرم آهي. پر ڪي دولابي واپاري اگهه سهانگو ٻولي وَٿُ کوٽي وٽ سان توري ڏين. اهڙن دولابي کي ٽوڪي ٿو.

 

45 -   انبان ٻور، ڪَلالان لاها.

        لاها يعني کٽيو، هن پهاڪي مان نرالو مطلب ڪونه نڪري ٿو؛ مگر هيءَ ڳالهه پڌري آهي ته انب جي وڻ ۾ پهريائين ٻور گهڻو ڏسجي، پر نيٺ انب منجهس ڪي ٿورا رهن. تنهن وانگي ڪلال جي اُپت پڻ پهرين گهڻي ڏسجي، پر اوڌر سوڌر ۾ هارجي ويرجي ٿوري رهي.

46 -   اڳياڙي تڏهين سُرهي، جڏهن پڇاڙي سُرهي.

        مطلب هي آهي ته، جڏهن ڪنهن سان دوستي رکجي، تڏهن گهرجي جو پڇاڙيءَ تائين نباهجي، آءٌ جيڪڏهن اڳياڙيءَ ۾ دوستي رکي پڇاڙيءَ ۾ ڪُلال ٿبو، ته اڳياڙيءَ جي چڱمڙسي پڻ ويندي رهندي. اُٽلو بڇڙائي ٿي ڳڻبي. تنهن لاءِ هنديءَ واري پڻ چيو آهي:

 

هندي: پريت ڪري پاڇي ڦري پاپي ڪهيئي سوءِ،
* ناڌا نيهن نه ڇوڙيئي جا هوڻي سا هوءِ.

 

ترجمون:        دوستي رکي پوءِ ڦري، سو پاپي چئجي،
* ناڌا  دوستي نه ڇڏي، پوءِ جا ٿيئڻي هئي سا ٿئي.

 

 

47 -   انڌ وَٺُ، منڊِ، وَٽُ، پر ننڍ وَٺُ.

        انڌ يعني انڌو وهٽ، منڊ يعني منڊو وهٽ. هي پهاڪي وارو انڌي آءٌ منڊي وهٽ کان پڻ پوڙهي وهٽ جي وڌيڪ گِلا ٿو ڪري. سو اها ڳالهه وسهڻ جهڙي آهي. اهڙو ذڪر پهاڪي نمبر 226 واري ۾ پڻ آيو آهي. آءٌ فارسي واري پڻ چيو آهي:

 

فارسي: طرب نوجوان ز پير مجو، که دگر نايد آب رفته به جو،
زرع راچون رسيد وقت دِرو، نخرامد چنانڪ سبز نوء.

 

ترجمون:        جواڻ جي خوشي پوڙهي کان م ڳول
جو گٺ مان ويل پاڻي نه موٽي.
پوک کي جڏهن لاباري جي مهل اچي،
تڏهن تازي سبزي گهاءءِ ڪڏهن نه ٽلي.

 

48 -   اِکرن ۾ مٿا وجهن، سي مُهرن کان نه ڊڄن.

        اُکري هڪ ڪاٺ يا ٺڪر جي پوري شي آهي، جنهن ۾ اَن ڇڙجي؛ مهري ڪاٺ جي ڊگهي شي آهي، جنهن سان اُکريءَ وارو ان ڪُٽجي. مطلب هي آهي، جو جيئن ڪو ماڻهو هرڻ جو شڪار ڪري، آءٌ اس يا اڃ کان ڊڄي، يا مڇيءَ جي شڪار وارو ٻڏڻ کان ڊڄي، يا راجا جنگ کان ڊڄي، تئن ڌڻيءَ جو ڳولو زماني جي ڏک ڏاکڙي کان ڊڄندو، ته مطلوب کي ڪٿان پهچندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي:        فدائي ندارد ز مقصود جنگ،
اگر برسرش تيغ بارند وسنگ.

 

ترجمون:        عاشق پنهنجي گهربل کان هٿ نه ڪڍي،
توڙي عاشق مٿس تراريون ۽ پاهڻ ڪري وسن.

 

 

49 -   اُٺ پنهنجي مٽ ۾ ترڪي.

        اُٺ جا پير اهڙا ترڪڻا آهن، جو گهڻا ڀيرا سندس مٽ ۾ سندس پير ترڪندا ڏسڻ ۾ آيا آهن. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو ڪلڇڻو ماڻهو پنهنجي لڇڻ کان پاڻ بڇڙو ٿئي، تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي:   اگر زدستِ بلا بر فلڪ رود بدخو،
ز دستِ خوءِ بدِ خويش در بلا افتد.

 

ترجمو:     ڪلڇڻو بلا کان ڀڄي جي اڀ ۾ وڃي،
پنهنجي بڇڙن لڇڻن جي هٿان بلا ۾ پوي.

 

 

50 – اٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي؟

        اُٺ وڏو وهٽ آهي، تنهن کي ڪو چورائي پکي ۾ لڪائيندو ته ڪاٿي لڪندو. تنهن وانگي جا ڳالهه پڌري گهڻن ڪنن تي پيل هوندي، سا ڪئن ڪو لڪائي سگهندو؟ جهڙو فارسي واري چيو آهي:

فارسي:                نهان ڪَي ماند آن رازي، ڪز و سازند محفلها.

ترجمون:                اهو ڳجهه ڪٿان لڪي، جنهن جون مجلسون ڪن.

51 – آئي ٽانڊي کي بورچاڻي ٿي ويٺي.

        هن پهاڪي جي ظاهري معنيٰ هيءَ آهي، جو پرائي گهر ۾ ٿوري ڪم لاءِ اچي، گهر جو دعويٰ دار ٿي ويٺو. جهڙو فارسي وارو پڻ چوي ٿو:

فارسي:                آمد براءِ اخگر چون مطبخهه نشست.

ترجمون:               ساڳيو پهاڪي جو ترجمون.

        پر مطلب هي آهي، جو هيءَ دنيا پرائو گهر آهي، تنهن ۾ ماڻهو رڳو عبادت لاءِ آيو آهي؛ اهو ڪم ڇڏي پاڻ کي گهر جو ڌڻي ڄاڻي ويٺو آهي. آءٌ فريد صاحب جي هن سلوڪ کي نٿو سمجهي:

سلوڪ:        چار گنوايا هنڊڪي، چار گنوايا سُمهه،
ليکا ربُ مڱيسين، تون آيون ڪهڙي ڪم؟

 

ارٿ:   چار پر ڌنڌي ۾ وڃايئي، چار هر ننڊ ۾ وڃايئي،
حساب ڌڻي گهرندءِ، آئين ڪهڙي ڪم؟

 

52 -   اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو،

                 محبوب کي ماڻو.

        لاڻو هڪڙو جهنگلي گاهه آهي جو اُٺ کي چڱو لڳي؛ ماڻو يعني ناز. هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪونه ٿو نڪري، مگر جهڙيءَ طرح پهرين ٽن کي ٽي شيون چڱيون آهن، تهڙي ريت محبوب کي پڻ ناز چڱو آهي. خصوصاً فارسيءَ واري محبوب ۽ ناز کي ابجد جي ليکي هڪ ڪري ڏيکاريو آهي:

محبوب                     ناز

اکر انگ                       اکر انگ
م   40                          ن 50
ج   8                           1   ا
ت  2                             ز    7
و   6                             58
          

ب   2                             58

53 – اڳين پاڻي، پوين چِڪَ.

        ڪنهن تلاوَ ۾ پاڻي ٿورو هجي، آءٌ اُتاهون ڌڻ يا لشڪر گهڻو اُڃايل لنگهي، ته جيڪي اڳي هوندا سي پاڻي پيئندا، جيڪي پوءِ هوندا اهي چِڪ چٽيندا. پر مطلب هي آهي، جو پهاڪي وارو ڦڙتائيءَ جو سعيو آءٌ آرس جي گلا ٿو ڪري.

جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:                که آفتهاست در تاخير طالب را زيان دارد.

ترجمون:                ته دبر ۾ آفتون آهن، ڳوليندڙ کي ڇيهو آهي.

54 – انڌو هاٿي لشڪر جو زيانُ.

        لشڪر ۾ هاٿي هئڻ چڱو آهي، پر جي هاٿي انڌو هوندو ته واهر بدران سندس لتڙ ۾ لشڪر لتاڙجي مرندو. تهڙيءَ ريت ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪم سڌارڻ لاءِ ڏبو ۽ هو اڄاڻ هوندو ته سڌارڻ بدران بگاڙي ڇڏيندو.

55 – اَهُر جي آسري جهنگ نه چنائون.

        اَهر، ڍڳا يا اُٺ آءٌ ٻيا پاليل وهٽ جهنگ ۾ چرڻ وڃن، تن جي رات جي چرڻ لاءِ سندن ڌڻي ڏارو، يا کڙ، ڪتر تيار ڪري رکن، تنهن کي اَهُر چئجي. پر جهنگ ۾ گاهه چرڻ وهٽ جي وس آهي. آءٌ اَهر جوڙي رکڻ ڌڻيس جي وس. جڏهن ڪو اَهر جي لالچ دل ۾ رکي جهنگ ۾ گاهه نه چرندو، آءٌ بکائجي گهر ايندو، آءٌ ڌڻيس به اَهُر نه جوڙيو هوندو ته بک مرندو يا نه؟ تنهن وانگي جو ماڻهو پنهنجي وس وارو فائدي جو ڪم پرائي وس واري ڪم جي آسري تي سيڙائيندو، سو فائدو ڪٿان پائيندو؟

56 -  اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي.

        اڳڙي پوڻ يعني ڳنڍ پوڻ، اُڀ ڦاٽڻ يا اُڀ ڦاٽي گي ڳنڍ وجهڻ نه ٿيڻ جي ڳالهه آهي. تڏهن پهاڪي جو مطلب هي سمجهڻ گُهرجي ته جنهن ڪم جو ٿيڻ يا جنهن ڪم ٿيڻ واري جو دفع ٿيڻ ناممڪن هئي، تنهن لاءِ ڳڻتي نه کائجي. تنهن لاءِ هڪڙو نقل ياد آيو آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org