سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گل شڪر

باب: -

صفحو :10

 

 

495 –        ماديءَ ڪڪڙ به ڪڏهن ٻانگ ڏني.

 

        ٻانگ ڏيڻ نر ڪڪڙ جو ڪم آهي، ۽ مادي ڪڏهن ٻانگ نه ڏئي، جهڙوڪي سَنڍِ زال ٻار ڄڻي، جهڙوڪي ڪانئر جنگ ڪري، تهڙو لاٻر چٽي ماڻهوءَ کان چڱمڙسي ٿئي.

 

496 –        مئي کي مارڻ سوره جي گلا.

 

        جيتوڙي ته پهاڪي ۾ حرف مئي کي مارڻ آيو آهي، پر جو مري پيو هوندو، تنهن کي ڇا ڪو ماريندو؛ پر مطلب هي آهي، جو تنهنجي هڪڙي ويريءَ جي مايا ناس ٿي وڃي ۽ کُٽي تِرين ڀر ٿئي، يا نوڪري ٽٽي وڃيس ۽ اڳتي به نوڪريءَ کان نڪمو ٿي رهي، تڏهن توکي هيءُ سمجهڻ کپي، ته هن کي ڌڻي ماريو آهي. تنهن کي ڇا ماربو، ۽ جي اهڙي کي ماريندين ته گلارو ٿيندين.

 

497 –        ماءُ مري رُکي، سُڪي، ڌيءُ دا نالا ڏهي.

 

        ملڪ جي هلت آهي، جو هڪڙن ماڻهن جا نالا، ذات يا جنس جي ٺاهه پٽاندر رکن؛ جهڙو هڪڙي سهڻي جو نالو يوسف، يا هڪڙي ڀڄن واري جو نالو ساڌو، يا هڪڙي سياڻي جو نالو لقمان. ۽ هڪڙن ماڻهن جا نالا ذات يا جنس جي اُبتڙ رکن، جهڙو هڪڙي شيديءَ به نالو الماس يا ياقوت، يا هڪڙي مهاڻي جو نالو چنڊ يا هڪڙيءَ اڄاڻ عورت جو نالو سياڻي؛ تنهن وانگي هڪڙي غريب زال جنهن کي رکي ماني به مس مس ملندي هئي، سا پنهنجي ڌيءُ جو نالو ڏهي يعني ڏڌ رکندي، ته نالي رکئي ان جي رُکائي ڇڏي ويندي ڇا؟ جهڙيءَ ريت هڪڙو اگهو ماڻهو ٻُڪيءَ لاءِ ويڄ وٽ وڃي ۽ طبيب دوا چويس، سا ڪري ڪين، رڳو دوا جو نالو چوندو وتي، ته ڪٿان ڇٽندو؟ تهڙيءَ ريت هڪڙو درويش پنهنجي ٻالڪي کي سمجهائي ته ڌڻيءَ جو ڀڄن ڪر، اهو چيلو اهي ساڳيا اکر ”ڀڄن ڪر“ وات سان چوندو وتندو، ڀڄڻ هڏهين ڪين ڪندو، سو ڇا پرائيندو؟ تنهن تي ساميءَ جو سلوڪ آهي: ”مک سان رام چئي، سانت نه اچي جيءَ کي، اَنّ ُ پاڻيءَ جي نانوَ سان اُڃ بک ڪين لهي.“

 

498 –        ماريءَ جي گهر هڏن جو ڍير.

 

        ماري يعني پکين يا مِرن کي ڦاسائي، تنهن سان پيٽ ڀريندڙ. مطلب ته اهڙيءَ ڪمائيءَ واري جي گهر ۾ هڏن ڌاران ٻيو ڇا هوندو؟ تنهن وانگي جو پاپ ڪري ناڻو ميڙيندو، سو سائو ڪٿان ٿيندو.

 

499 –        ميهر مينهن مان نڪتو، وَڇِن ڪهڙي پارت.

 

        جڏهن مينُهن جو ڌڻي هڪڙو ميهار ڪڍي ٻيو رکي، تڏهن پراڻي ميهر جو وَڇن جي پارت سان ڇا؟ جهڙيءَ طرح هڪڙي راجا جو راڄ ٻيو کسي وٺي، تڏهن اڳوڻي راجا جو ڇا جو ڪوٽن ۽ هٿيارن ۽ گهوڙن جي پارت ڪري. تنهن وانگي هي ماڻهو پڻ ڏسي ٿو، جو نيٺ چوٽي موت جي هٿ آهي، تڏهن مايا جي وهنوارن جي ڳڻتي ڇو ٿو ڪري؛ ۽ جيڪڏهن اِن اشاري ڏي ته نهاريندو، ته ڌڻيءَ جي يادگيريءَ کان پري رهندو.

 

500 –        مارئي کان پڏايو چڱو آهي.

 

        پڏايو يعني ڊيڄاريو، جڏهن ويري هٿ ۾ اچي، تڏهن سياڻي کي گهرجي، جو تَتَ وهندي ماري نه ڇڏيس، ۽ چڱو هي آهي، جو ڊيڄاري ڀڄائيس؛ ڇا کان جو ڪاوڙ مهل جيئري کي مارڻ سنهنجو آهي، پر ڪاوڙ لٿي جيڪڏهن پڇتائيندو، ته وري جيئاري ڪين سگهندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: نيک سهل است، زنده بيجان کرد؛
کُشتھ را باز زنده نتوان کرده.

 

ترجمون:        چڱو سوَلو آهي جيئري کي مارڻ،
ڪٺل کي وري جيئاري نه سگهبو.

 

 

501 -  موتِن جي پرک مان ڇا ڄاڻي شيشھ گر.

 

        جهڙو چئجي سون جي پرک مان ڀانساني ڇا ڄاڻي، يا کٿوريءَ جي اگهه جي دَٻِگَر کي ڪهڙي سڌ، تنهن وانگي راڄ جون مصلحتون پينار ڇا سمجهي. جهڙو خواجه حافظ چيو آهي:

بيت:   گداي گوشھ نشيني، تو  حافظا خاموش،
رموز مملڪت ملک خسروان دانند.

 

ترجمون:        پينار ڪنڊ وهندڙ آهين حافظ ماٺ ڪر؛
راڄ جون صلاحون راجائون ڄاڻن.

 

 

502 –        مِلَڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾.

 

        کَجور يعني کجيءَ جو وڻ، جنهن ماڻهوءَ کي رڳو هڪڙو ٻه وڻ کجيءَ جو هئي، ۽ اُن کي باغ سمجهي کٽ وڇائي تنهن ۾ ليٽي، ته اُن جي سمجهه اجائي ڄاڻجي، تنهن وانگي هن ماڻهوءَ کي دنيا ۾ رهڻ جي ويرم ٿوري آهي، تنهن تي وسهي پسارا ڪرڻ پڻ اجائي ڳالهه آهي. جهڙو گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:

وچن:   اک ميٽندي رهه گئي، مک وچ رهيا گراس،
لعنت اُسدي عقل نون، جو دم دا ڪري وساس.

 

ارٿ:   اک ڇنڀيندي رهي ۽ وات ۾ گره رهي ويو؛
اُن جي عقل کي ڦٺ آهي جو پلڪ جو ويسھ ڪري.

 

 

503 –        ميون ڳور لائق، بيبي سيج لائق.

 

        ڳور لائق يعني پوڙهو قبر وڃڻ جهڙو، سيج لائق يعني جوان، مطلب هي جو مڙس پوڙهو ۽ زال جوان. ڀلا ويچار گهرجي، جو مڙس جوان کي پوڙهيءَ زال جي صحبت کان ڪهڙي بڇان لڳندي آهي، تڏهن زال جوان کي مڙس پوڙهي جي صحبت ڪٿان وڻندي هوندي. تهڙيءَ پر هڪ جهڙيءَ صحبت ڌاران ٻي صحبت ڪنهن کي به نه وڻي. جهڙو فارسيءَ واري بيت چيو آهي:

فارسي: چو طوطي کُلاغش بود هم نفس،
غنيمت شمارد خلاص از قفس.

 

ترجمون:        جڏهن چتونءَ سان ڪانءُ گڏ هئي،
تڏهن پڃري مان ڇٽڻ غنيمت ڳڻي.

 

 

504 –        مُلو مُئو، مُهابو لٿو.

        ملو يعني ڇوڪرن پڙهائڻ وارو، مهابو يعني لحاظ، پڙهڻ وارن ڇوڪرن جو لحاظ ملي سان رڳو سبق پڙهڻ تائين آهي. تنهن جو هي فارسي دليل:

فارسي: دوستي ملايان تا به طبق،
دوستي کا کودتا به سبق.

 

ترجمون:        ملن جي پريت طبق * تائين،
ڇوڪرن جي پريت سبق تائين.

 

        ڀلا جڏهن ملي جيئري جو مهابو سبق کان پوءِ ڇڏيائون، تڏهن ملي مئي کان پوءِ ڪهڙو مهابو رهندن. پر اها ڪُلا لائي لاٻڙچٽن جو ڪم آهي، جو اشرافن مڙسن کي نه وڻي.

 

505 –        ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.

 

        هڪڙا ماڻهو ٿوريءَ هوند وارا ٽانءِ گهڻي ڪن، تن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. اُن تي هڪڙو نقل آيو آهي:

        هڪڙو مسافر ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي لٿو، پر وڇاڻو ساڻ ڪونه هوس؛ رڳو لباس ساڻس هو، جو ڏينهن ڪلهن ۾ ڍڪيندو هو، ۽ سمهڻ مهل اوڇڻ ڪندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو مهمان آيو ٻڌي وٽس گڏجڻ آيا. جڏهن ڳچ ويرم لنگهي، ڀانيائين جو ڳوٺ وارا اُٿن، ته ننڊ ڪريان، تڏهن مِنهن ڪري نوڪر کي چيائين، جو وڇاڻو جوڙ ته سمهندس، پر نوڪر ڪن لاٽار ڪئي. تڏهن وري نوڪر کي هنڌ جوڙڻ لاءِ چيائين، ته به نوڪر ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري نٽائي ڇڏيو. ٿوري کان پوءِ وري وڇائي جوڙڻ لاءِ چيانس؛ تڏهن نوڪر چيس، سائين، هنڌ تنهنجي ڳچيءَ ۾ آهي لباتو، ٻيو ڇو وڇايان؟ اها ورندي ٻڌي ڳوٺاڻا کلي کيرا ٿيا، مسافر ڦڪو ٿيو. مطلب جو هوند کان واڌو ٽنڊو ڪرڻ مورڳو ڦڪائي آهي.

 

506 – مئا به ڪڏهن مسڻ مان موٽيا آهن.

 

        جو ماڻهو مري مساڻ يا مقام ۾ ويو، تنهن جو وري موٽڻ ڏٺو نه ٻڌو. تهڙيءَ ريت مهل هٿان ويل به وري هٿ نه ايندي، تنهنڪري گهرجي جو هلنديءَ چلنديءَ ۾ ڌڻيءَ جي يادگيري ڪري اڳ جو توشو هٿ آڻجي، متان پوءِ مهل هٿ نه اچي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   جوانا رهي طاعت امروز گير؛
که فردا جواني نيايد ز پير.

 

ترجمون:        اي جوان، اڄ ڌڻيءَ جي يادگيري ڪر؛
جو سڀاڻي پوڙهي کان جوانيءَ جو ڪم نه ٿيندو.

 

ن

 

507 – ننهن سان ڇڄي، ته ڪاتي ڇو وجهجي؟

 

        هن پهاڪي جو مطلب ساڳيو نمبر 437 واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي؛ يعني جو ڪم هري ۽ ٿوري ڳالهائڻ سان ڇٽي؛ تنهن لاءِ ڏاڍيان گهڻو نه ڳالهائجي. ان ڪاڻ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

بيت:   اگر برآيد به نرمي و هوش،
به تندي و خشم و درشتي مکوش.

 

ترجمون:        جيڪڏهن ڪونئرائي ۽ ڏاهپ سان ٿي اچي،
ته تکائيءَ ۽ ڏمر ڏاڍائيءَ سان نه رِٿِ.

 

 

508 –        نه ڪنهن کي عقل منجهايو آهي، نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آهي.

يعني عقل به پاڻ وٽ سڀڪو گهڻو ڄاڻي؛ جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:

 

فارسي: گر از بساط زمين عقل منهدم گردد،
بخود گمان نه برد هيچکس که نادانم.

 

ترجمون:        سڄيءَ ڌرتيءَ تان جيڪڏهن عقل ناس ٿي وڃي،
پاڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آڻي ته ڪو اڄاڻ آهيان.،

 

        ۽ سونهن ۾ پڻ پاڻ کي گهٽ ڪونه ڄاڻي، جهڙو ڇوڪر نقل ڪندا آهن جو ڏيڏريون پاڻ ۾ گڏ ٿي ويٺيون هيون، ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳيون جو جڏهن اسان کي ڌڻيءَ اُپايو، تڏهن حورن اپائڻ جو ڪهڙو کپ هو. ڏسو جڏهن ڏيڏرن کي پنهنجي سونهن تي ايترو هٺ، تڏهن ٻيو ڪير آهي، جو پاڻ کي سهڻو نه ڄاڻندو؟

 

509 – نه ڏي، نه ڏکوءِ.

 

        مطلب هي آهي، جو ڪنهن کي ڪي به ڏيڻ چڱو آهي، پر جي ڏيئي نه سگهجي، ته ڏکوئڻ ڪار نه آهي. تنهن تي فارسي پهاڪو پڻ آهي:

پهاڪو:                چيزي مده درويش را، چيزي مگو درويش را.

ترجمون:                فقير کي ڏي به ڪين، ته فقير کي چئو به ڪين.

 

510 –        ناڻو نَرَ چُٽو ڪري.

 

        ناڻو يعني دولت اهڙي شئي آهي، جا اَڻ ناين کي نائي ڇڏي. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:

بيت:   هرکه زر ديد سر فرود آورد،
ور ترازوي آهني دوش ست.

 

ترجمون:        جنهن ناڻو ڏٺو تنهن مٿو نايو؛
توڙي لوهن مٿن واري ساهمي هئي.

 

 

511 –         ناڻو جهڙي تاوَ سان گهرجي، تهڙي تاوَ سان نڪري.

 

        هن پهاڪي جو بنياد هن پر آهي، جو مير صاحبن جي راڄ ۾ حسن شاه تحصيلداريءَ جو ڪم ڪندو هو؛ ان ڏهاڙن ۾ هڪڙي هاريءَ ڏي رپيو رائر جو هو، تنهن کان مان ڀاءَ سان گهري ٿڪو، ته نه ڏنائين. نيٺ ڌرتيءَ ۾ ڏرا کڻائي تنهن ۾ سنديس ٻانهون پوري اُس ۾ وهاريانس، تڏهن منجهانس مس سڌو؛ يعني پٽڪي ۾ رپيو ٻڌل هوس، سو ڇوڙي ڏنائين. تڏهن ٻين چيس، جو رپئي ساڻ هوندي هيتري مار ڇو ٿي کاڌءِ؟ چي ڙي يار! رپيو به ائين ته نه ڄاڻي، ته ڪنهن گانڊوءَ جي هڙ ۾ هوس. مطلب، جو سالڪ هڪڙي سيد کي چيو جو ٿوري ناڻي لاءِ ايترو مارڻ نه گهربو هو، تنهن کي هي پهاڪو پڙهي ٻڌايائين. حاصل ڳالهه جو ناڻو هڙان ڇوڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

 

512 –        نڪي پاراتن ۾ نڪي منجهه دعا، انگ اڳيئي لکيا پاڙڻ پوءِ پيا.

 

        اکرن جي معنيٰ پڌري آهي، مگر مطلب هي آهي، جو جيڪي نصيب ۾ انگ لکيل هوندا سي پوندا، ڪڏهن ڪين ٽرندا، پوءِ توڙي ڪو ڏک ڀريو، ته به ڀوڳيندو، جي راضي رهندو ته به لوڙيندو. جهڙو فارسي بيت آهي:

 

بيت:   قضا دگر نشود گر هزار نالھ و آه،
به شکريا به شڪايت بر ايد از دهني.

 

ترجمون:        لکيو ڪين ڦري، جيڪڏهن هزار دانهون ڪوڪون،
شڪر سان يا گلا سان ڪنهن وات مان نڪرنديون.

 

 

513 –        نئن به تکي، ڳڙ به مٺو.

 

        جهڙيءَ ريت، هڪڙيءَ نئن جي پراڙ ڪنهن کي ڳڙ ملڻ جو دلاسو هجي، پر جي نئن ۾ گهڙي ته وهڪري ۾ لڙهي وڃي، نا ته ڳڙ ڳائڻ جو ارمان رهيس، پر مطلب هي آهي، جو مايا جو ڌنڌو اهڙو آهي، جو جنهن وٽ نه آهي سو سندس هٻڇ جي وگهي ڏک ڏسي؛ ۽ جنهن وٽ آهي، سو سندس ڌنڌي ۾ موڙهو وتي پر ٻنهين طرح ڌڻي وسريو وڃي. تنهن تي فارسي مثل آهي:

مثل:   اي فرزند آدم، اگر تونگر، باشي،

        مشتغل شوي بمال.

        اگر درويش شوي تنگدل نشيني بمال.

        پس حلاوت ذڪر حق ڪجا يابي؟

        و به عبادتش ڪي شتابي.

ترجمون:        اي ماڻهوءَ جا پٽ جي وهيون هئين ته مال ۾ رجهين،

جي فقير ٿين، ته اُن تڻ ۾ موڙه سوڙه ٿين؛

پوءِ ڌڻيءَ جي يادگيريءَ جو سواد ڪٿان لهندين؟

۽ سندس بندگيءَ ڏي ڪڏهن ڊوڙندين.

 

514 – ننڍي وات مان وڏو ويڻ نه ڪڍجي.

 

        ويڻ يعني مهڻو، يا طعنو، يا ٻيو بڇڙو ڳالههُ؛ پهاڪي وارو ڄڀ مان ڳالهه جو سنجم ڪرڻ چڱو ڄاڻي تاڪيد ٿو ڪري. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:

 

بيت:   زبان شڪل زنان دارد، زنان را سَتُر در کار ست،
شکبستن سَتُر مستوران به پيش عاقلان عارست.

 

ترجمون:        ڄڀ کي صورت زال جي آهي، زالن کي ستر گهرجي؛
ستر وارن جو ستر ڀڃڻ سياڻن کي ويڪ آهي.

 

هن ٻُجهارت جو بيان

        زبان يعني ڄڀ، زنان يعني زالون، ٻنهي حرفن جي صورت هڪ جهڙي؛ رڳي هڪڙي نقطي جو ڦير آهي.

 

515 – نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لاءِ، نه پنهنجو پَٽُ پُڻاءِ.

 

        پَٽ جي پُڻائڻ يعني پٽ جي ڪپڙي کي بڇڙو چوائڻ. هي پهاڪي وارو چوي ٿو ته ڪنهن کي بڇڙو نه ڳالهائي، ته توکي بڇڙو ڪونه ڳالهائي، ۽ نه ڪنهن جو مان لاهي، ته تنهنجو مان به ڪونه لاهي: يعني تنهنجو مان تو وهيڻو آهي. تنهن تي فارسي بيت آيو آهي:

بيت:   چه نيکو زده ست اين مثل برهمن،
بود حرمت هرڪس از خويشتن.

 

ترجمون:        ڪهڙو چڱو مثل ٻانڀڻ چيو آهي،
سڀڪنهن جو مان پاڻ وهيڻو آهي.

 

 

516 –        ناڻو سو جو ڳنڍ، ٻاڻي سا جا ڪنٺ.

 

        ٻاڻي يعني جيڪي پڙهجي، پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته ناڻو اُهو ڪم ايندو، جو هڙ ۾ يعني پاڻ وٽ هوندو، تهڙيءَ ريت علم اُهو ڪم ايندو، جو ڪنٺ يعني ياد هوندو. تنهن تي فارسي بيت آيو آهي:

بيت:   علم همان نيست در جلد ميش،
علم همان ست که در جلد خويش.

 

ترجمون:        اهو علم ڪار نه آهي جو چم جي جلد يعني ڪتاب ۾،
اهو علم ڪار آهي جو پنهنجي چم يعني دل ۾.

 

 

517 –        نه ڪتي، نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي.

 

        جيڪي زالون ڪتي سٽ مان ڪپڙو اُڻائن، تن کي جائي ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍڻي پوي؛ پر جيڪو موران نه ڪتن، تن کي ڪهڙي ڪاڻ؟ تنهن وانگي جو ماڻهو ماڳان بڇڙي ڪم کان پري هوندو، تنهن کي جواب پڇندڙ جو ڪهڙو ڊپ؟ جهڙو فارسي مثل آهي:

فارسي: آنرا که پاڪ ست از محاسبه چه پاک؟

ترجمون:        جنهن جو ليکو چوکو آهي تنهن کي ليکي وٺندڙ جو ڇا ڊپ؟

 

518 –        نانگ ريجهائڻ سولو، پر کرو ڪو ڳوهه ريجهائي.

سلڇڻي ماڻهوءَ کي ڪو ڳڻ سيکاربو، ته هروڀرو سکي پوندو؛

۽ ڪلڇڻي ماڻهوءَ کي جو ڳوهه جهڙو آهي جيڪي سيکاربو، سو ڪين سکندو. جهڙو فارسي بيت آهي:

بيت:   باران که در لطافت طبعش خلاف نيست،
در باغ لالھ رويد در شور خار و خس.

 

ترجمون:        مينهن جي موچارائيءَ ۾ ڪو ڦير نه آهي،
باغ ۾ گل ڄاپن، ڪلر ۾ ڪنڊا ڪک.

 

 

519 –        نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌنت واپار.

 

        هي پهاڪي وارو ٻنيءَ ۽ واپار جي ڪرت کي ساراهي، نوڪريءَ جي ڪرت جي گلا ٿو ڪري. سا ڳالهه سچ آهي؛ ڇاکان جو نوڪريءَ وارو ماڻهو سدا پرائي وس ۾ رهي ٿو. تنهنڪري فارسيءَ وارو پڻ نوڪريءَ کي اَڻ وڻندڙ ڄاڻي گلا ڪري ٿو:

فارسي: نان جَوي خوردن، و بر زمين نشستن،
بھ که کمر زرين بستن، و در خذمت سلطان استادن.

 

ترجمون:        جَوَن جي ماني کائڻ، ڌرتيءَ تي وهڻ؛،
سوني ترار ٻڌي راجا اڳيان بيهڻ کان چڱو.

 

 

520 –        ننڍي مري نه مايڙي، ٻُڍي مري نه جوءِ،

 

        ڪنتُ چوڙلي نا مري، مت جهڻڪ وهيڻي هوءِ.

        ڪنت يعني مڙس، چوڙيلي يعني جواڻ جوءِ، هن پهاڪي مان ٻيو ڌار مطلب ڪونه ٿو نڪري؛ مگر ايترو آهي جو جنهن ٻار جي ماءُ ننڍپڻ ۾ مرندي سو ڇورو ٿي ڏک ڏسندو، ۽ جنهن مڙس جي ٻڍاپڻ ۾ جوءِ مرندي، سو پڻ اهنجا ڏينهن لنگهائيندو؛ جنهن عورت جو جواڻيءَ ۾ مرندو، سا رناپڻ جو ڏهاڳ ڏسندي.

 

521 – نڪي دٻگرن مال ميڙيو، نڪي سُرهيا بک موا.

 

        دٻگرن جو ڪم بڇڙيءَ ڌپ وارو آهي، ۽ سُرهين جي ڪرت سٺي سڳنڌ واري آهي؛ تن لاءِ پهاڪي وارو چوي ٿو ته هُن ڪني ڪرت مٿي تي کنئين، ته ايترو ناڻو گڏ ڪونه ڪيائون، جو وٽن سدائي رهي، ۽ هنن سٺي ڪرت ڪئي ته به اهڙا سڃا ڪين ٿيا جو بک مرن. تنهن وانگي جو ماڻهو چوريءَ يا ڪپت يا ٺڳيءَ مان گهڻو ناڻو ڪمائيندو، تنهن وٽ به سدا ڪين رهندو، ۽ جو ڀل مانسائيءَ جي ڪرت مان ٿورو گڏ ڪندو سو بک ڪين مرندو.

 

522 –        نون ميهارن مينهون ڌاريون،

        کٿا لاهي دونهيون ٻاريون.

        ميهار ماڻهو گهڻو تڻو مينهن جي وٿاڻ ۾ ڇيڻا گڏ ڪري دونهي ٻارن؛ پر کٿو ڪونه دونهيءَ ۾ ٻاري. تڏهن هي پهاڪو اڻ پرکيل ماڻهوءَ سان لاڳو ٿو ٿئي، جو نياز موده ڪري ماڻهو جائي اُبتو ڪم ڪندو، جو ڦِٽڪيءَ کي مصري، ۽ لوڻ کي کنڊ ڄاڻندو.

 

533 –        نئين سناسڻ چيلهه ۾ جٽائون.

 

        هندو مذهب جا سناسي فقير مٿي جي وارن ۾ بَڙَ جو کير ۽ رک وجهي نوڙن وانگي وٺي مٿي تي ويڙهن، تن کي جٽائون چئجي؛ پر اُهي چيلهه تي ڪونه ويڙهي، ۽ جي ڪا عورت گروءَ جي اُپديش ڌاران اهڙي هلت رکي، ته هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿئي، پر مطلب هي آهي، جو سڀڪو ڪم دنيا توڙي دين جو مرشد جي واٽ ڏني ڌاران ڪرڻ اجايو آهي. تنهن تي گورو نانڪ صاحب جو وچن آهي:

 

وچن:   چي سو چنڊان اُگوي، سورج چڙهن هزار،
ايتي چانڊن هونديا گور بن گهور انڌار.

 

ارٿ:   سَوَ چنڊن ۽ هزار سجن کڻي اُڀري،
ايتري سوجهري هوندي به گورءَ بنا اونده.

 

 

524 –        نانءُ چڙهيو واپاري کٽي کائي،

        نانءُ چڙهيو چور ڦاهي اچي.

        جو واپاري واپار ۾ سپت رکندو هوندو، تنهن جو واپار گهڻو هلندو، ۽ هو ماڻهو چوريءَ ڪرڻ ۾ پڌرو هوندو، سو جاتي ڪاٿي جهلبو. تنهن وانگي جو ماڻهو چڱ مڙسيءَ جي واٽ هلندو، سو جتي ڪٿي مانُ لهندو؛ ۽ جو لچائيءَ ۾ پڌرو هوندو، سو سڀ هنڌ بي مانو رهندو.

 

525 –        نچڻ هلي ته گهونگهٽ ڪهڙو؟

 

        گهڻيون تڻيون زالون منهن ڍڪي گهمنديون آهن، پر جا زال نچڻ هلي، تنهن کي گهونگهٽ يعني منهن ڍڪڻ جو ڪهڙو کپ؟ تنهن وانگي جو درويش دنيا جا ڌنڌا ڇڏي ڌنيءَ جو ڳولو ٿيو، تنهن کي دنيا جي گلا جي ڪهڙي ڳڻتي؟

 

526 –        ناڻو ڏجي آڪرو، ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.

 

        آڪرو يعني مهانگو؛ گيهه ٻاڪرو، ٻڪرين چي کير جو گيهه يعني سادو. جي ملهه مهانگو ڏبو، ته گيهه سادو ڇو وٺبو؟ جهڙو پيسا گهڻا ڏبا، ته شئي سادي ڇو وٺبي؟ تنهن وانگي خذمت ايمان سان ڪبي، ته ڦل چڱو ڇو نه ملندو.

و

 

527 –        واڳ ڌڻين جي هٿ، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي.

 

        هن ماڻهوءَ جو جئڻ، مرڻ، اُٿڻ، وهڻ، کائڻ، پيڻ، ڏک، سک، کٽيو، ڇيئو، ۽ ٻيا سڀ ڪم ڌڻيءَ جي وس آهن. پاڻ وهيڻو ڪي به ڪين اٿس. جهڙو گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:

 

وچن:   ڪري ڪرائي آپي آپ،
مانکُ ڪي ڪڇ ناهين هاٿ.

 

ارٿ:   ڪرائي ڪري سڀ ڌڻي پاڻ؛
ماڻهوءَ جي هٿ ڪي به نه آهي.

 

 

528 –        ويئي سڱن کي، ڪن به وڍائي آئي.

 

        هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جر هڪڙي گڏهه ڌڻيءَ کان سڱ ٿي گهريا، پر ايتري ۾ هڪڙي پوک ۾ ڀيل ڪيائين، تنهن جي هاريءَ ڪن وڍي ڇڏيس؛ جهڙو ڪي هڪڙو فقير ڪنهن کان ٽڪر مانيءَ جو گُهري، اڳلو ڪپڙا به لاهي وٺيس. ان جهڙو فارسي پهاڪو به آهي:

بيت:   بيچاره خر آروي دُم کرد؛
نايافت دُم ودو گوش گم کر.

 

ترجمون:        ويچاري گڏهه پڇ جِي سڌ ڪي؛
پچ نه مليس پر ڪن وڃايائين.

 

 

539 –        ويهي ويهي مڙس ڪري، سا وَهي ڇو وڃائي.

 

        جنهن عورت کي نيٺ مڙس ڪرڻو هئي، سا ويهي جواني وڃائي ٻڍاپڻ ۾ پرڻبي تنهن کي ڇا سواد ايندو؛ ۽ اوڙڪ پڇتائيندي، تنهن وانگي جنهن ڪم مان نيٺ پڇتاءُ ٿئي؛ سو مهل ويچاري ڪرڻ کپي.

530 –        وِهي درياءَ جي ڀر تي، وجهي واڳوءَ سان وير.

        هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو پاڻان ڏاڍو پاڙي ۾ هئي تنهن سان وير رکڻ مان نيٺ ڀلائي ڪانه آهي. اهڙو مثل هنديءَ ۾ به چيل آهي:

هندي: ڪَيسي بن هي نِبَل ڪون ڪر سَبَلن سُون غيرَ؟
جيسي بس ساگرو ڪي ڪَرَت مَگَرَ سون بيڙَ.

 

ترجمون:        هيڻي کي ڏاڍن سان ٻيائي ڪرڻ ڇا ٺهي؟ٺ
جهڙو دريا ۾ وهي مانگر مڇ سان وير هجي.

 

 

531 –        واڱڻ هڪڙن کي وائي هڪڙن کي پيچي.

 

        هي پهاڪو ڌڻيءَ جا اچرج ڏيکاري ٿو، جو اُهي ساڳيا ڪم هڪڙن کي فائدو، ٻين کي گهاٽو ڪن، جهڙو شرم اشراف زال کي سونهي؛ پر ڪسبڻ عورت کي بک ماري؛ يا جهڙي ماٺ درويش کي چڱي، پر راجا کي راڄ جو جوکو.

 

532 –        واتون خرار کاڄن، نڪون ڪڻو به نه کاڄي.

 

        وات جي واٽان ٿورو ٿورو ڪري گهڻو کائي وڃجي؛ نڪ مان ٿورو به نه کائجي. پر مطلب هي آهي، جو واجبي طرح سان يعني جوڳائيندو سڀڪو گهڻوئي پيو کائي ۽ اڻ جوڳائيندو کائڻ اهڙو آهي، جهڙو نڪ مان کائڻ.

 

533 –        واهَڻَ جو واڻيو، تهڙو ڍوري جو پاتِڻِي.

 

        هن پهاڪي وارو چوي ٿو، جو دوستي جئن گهڻن سان هُئي تئن چڱي؛ ۽ وير هڪڙي سان به چڱو نه آهي. ڇا کان جو دشمن هيڻوئي هئي ته هيڻو ڄاڻڻ نه گهرجي. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:

 

 

فارسي:         دشمن نتوان حقير بيچاره شمرد.

 

ترجمون:                ويريءَ کي هيڻو نماڻو نه ڳڻجي.

 

 

535 –        ونڊ کائيئي سک پائيئي.

 

        هن پهاڪي جي معنيٰ ۾ اهڙو اهنجو اکر ڪونه آهي، جنهن جي لکڻ جو کپ هئي، مگر مطلب هي آهي، جو سخاوت جي ساراهه آهي. هن ريت جو ونڊي کاءُ يعني ڌڻيءَ جي نالي به ڏئي، ۽ کاءُ به، ڇاکان جو ان ٻن ڪمن ڌاران نماڻو ٻئي ڪهڙي ڪم ايندو؟ تنهن لاءِ فارسي بيت پڻ آيو آهي:

 

فارسي: اگر گنج قارون بدست آوري،
نماند مگر آنچه بخشي خوري.

 

ترجمون:        جيڪڏهن قارون جو خزانو هٿ ڪندين،

        جيڪي کائيندين ۽ ڌڻيءَ جي نانءِ ڏيندين، تنهن ڌاران نه رهندءِ.

 

536 –        وڻجن ٻير، کائون ڊاکون،

        تن گهرن جون ڪهڙيون ساکون؟

        ٻير، هڪڙي سستي وکري، ۽ ڊاک مهانگي وٿ آهي: تنهن جو مطلب هي آهي، ته جو ماڻهو ڪمائندو ٿورو ۽ کائيندو گهڻو، تنهن جي پت ڪٿان رهندي؟ اهڙي لاءِ فارسيءَ واري پڻ ارمان کائي بيت چيو آهي:

بيت:   بر احوال آنکس ببايد گريست،
که دخلش بود نوزده خرچ بيست.

 

ترجمون:        اُن جي حال تي رئڻ گهرجي،
جنهن کي اُڻيهه اُپت ويهه کپت.

 

 

537 –        وير وير واڌائي به ورچي.

 

        واڌائيءَ جهڙي ڳالهه جا سڀ کي وڻي، هر هر چوڻ سان اُها به نه وڻي، تڏهن ٻي ڳالهه وري وري ڳالهائبي، ته ڇا سواد ڪندي؟ تنهن لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: سخن گرچه دلبند شرين بود؛
سزاوار تصديق و تحسين بود،
چو يکبار گفتي مگو باز پرس؛
که حلوا جو يکبار خوردي ويس.

 

ترجمون:        جيتوڙي ڳالهه وڻندر ۽ مٺي هئي،
سچائيءَ ۽ ساراهه جي لائق هئي،
جڏهن هيڪر چيئي، وري نه چئو؛
جئن حلوو هيڪر چٻيل وري نه چٻيو.

 

 

538 –        وڇ کير ڏئي، ته مينهن ڇو ڌارجي؟

 

        وڇ، مينهن جو مادي ڦر آهي، تنهن جو نيپاج مينهن کان ٿوري ڏاکڙي سان ٿئي. جڏهن ٿوري خرچ واري وڇ کير ڏئي، تڏهن گهڻي کاڌي واري مينهن ڇو رکجي؟ پر مطلب هي آهي، ته جو ڪم ٿوري ڳالهائڻ سان ڇٽي، تنهن لاءِ گهڻو نه ڳالهائجي. جهڙو فارسي بيت آهي:

بيت:   چو کاري بر آيد به لطف و خوشي،
چه حاجت به تُندي ور گردن کَشي؟

 

ترجمون:        جڏهن ميٺ ۽ رس سان ڪم ڇٽي،
تڏهن تيک ۽ هٺ جو ڪهڙو کپ؟

 

 

539 –        وهندي پير ٻوڙ به چڱي، بيٺل تار به نه چڱي.

 

        پير ٻوڙ يعني تانگهو پاڻي، جنهن ۾ رڳو پير پسي، يعني وهندڙ پاڻي ننڍو هوندو ته به ڪنو نه ٿيندو؛ ۽ بيٺل پاڻي توڙي وڏو هوندو، ته به اوڙڪ ڪنو ٿي پوندو. تنهن وانگي ناڻو ٿوروئي هڙ ۾ هوندو، ۽ هلائڻ چلائڻ، خرچڻ کائڻ جي ڪم ۾ ايندو ته چڱو ۽ جي گهڻوئي رکيل هوندو ۽ ڪم ۾ نه ايندو، ته ناڻو تهڙا ڀتر. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: ز نعمت نهادن بلندي مجو،
که نا خوش کند آب استاد بو.

 

ترجمون:        ناني رکڻ مان وڏائي مَ ڳول؛
جو بيٺل پاڻي بڇڙي باس ڪري.

 

 

540 –        وِهُ وڻجي، سو وه مان کائي.

 

        هيءَ ڳالهه سڀڪو ٿو ڄاڻي، ته جي ماڻهو سنکئي، رسڪپور ۽ ٻين وک جهڙن وکرن جو واپار ڪندڙ آهن، تن کي ڌڻي تَوڻ پهچائي ٿو؛ تڏهن کنڊ جي وڻجارن کي بک ماريندو ڇا؟ تنهن وانگي جي ماڻهو ڪپت ۽ ويساهه گهاتيءَ ۽ ٻين بڇڙن ڪمن مان پيٽ ڀريندا، تڏهن پت وارا ڪٿان بک مرندا؟

 

541 –        وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي.

 

        وسي، يعني مينهن وسي؛ ڏٻري يعني ڏٻرو ڍور، گسي يعني مري يا پُڇ پوي؛ مطلب هي آهي، جو جيڪڏهن وَس ٿئي، ته به ڏٻري ڍور کي برسات وارا ڏهاڙا جهنگ ۾ چرڻ جي ويرم نه ملي سو بک ۾ ساهه ڇڏي، جي وس نه ٿئي ته جهنگ ۾ گاهه نه ڄاپي، ته به ڏٻرو بک ۾ سِجهي سگهو مري. تنهن وانگي هيڻو ماڻهو پڻ نه ٿڌي سهي، نه ڪوسي سهي.

 

هه

 

542 –        هر هر هورائي، وڃڻ در دوسن جي.

 

        هورائي يعني هڪ ئي، وري وري، يا سگهو سگهو سڄڻس وٽ اچ وڃ ڪرڻ مان هلڪائي آهي؛ ا هڙيءَ اچ وڃ مان نيٺ دوستي گهٽجي وڃي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

هندي:         پريت گهٽي متر ڪي نِتُ جائي.

ترجمون:                مائٽ وٽ ڏهاڙي وڃن مان دوستي گهٽجي.

 

543 –        هاسي ڪَرَه جي ماسي.

 

        ماسي يعني ماءُ جي ڀيڻ يعني مائٽياڻي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو هاسي يعني مسخري يا ٺٺولي، جهيڙي جي پاڙ آهي. جهڙو فارسي پهاڪو آهي:

پهاڪو:                المسخري مايهءِ فساد.

ترجمون:                ٺٺولي جهيڙي جي موڙي.

 

544 –        هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو.

 

        ڪنهن ڪنهن مهل ۾ ماڻهوءَ جي هٿان قضا اهڙا ڪم ڪاري، جنهن مان گهر کي به گهاٽو پويس، ۽ ماڻهو به مٿانس کلن؛ جهڙو هڪڙو ماڻهو سهانگائيءَ ۾ هڪڙو واپار مهانگو وٺي، تنهن کي پاڙي وارا پڻ جهلين، پر نيٺ ان واپار ۾ گهاٽو پائي، ته هڙ جو ڇيئو پويس، ۽ پاڙي وارا به کِلنس. اهڙين ڳالهين لاءِ هيءُ پهاڪو آهي.

 

545 –        هڪڙو چوي ٻيو مڃي، تنهن جو پورهيو ڌڻي نه ڀڃي.

 

        هن پهاڪي وارو هڪ ٻئي جي چئي مڃڻ جو ڳڻ ڏيکاري ٿو، يعني چئي مڃڻ کان ڌڻي به خوش ٿو ٿئي. تنهن تي گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:

وچن:           آگيا مانِ جانِ سک پايو.

ارٿ:           چوڻ مڃي ڄاڻي سک پاتو.

 

546 –        هٿ جنين جو هيئن، پهرين پتڻ سي لنگهيندا.

 

        هٿ هيئن يعني هٿ سنئون يعني ڏيڻ وارو، يعني جنهن جو هٿ پئسي ڏيڻ لاءِ سنئون هوندو، سو پتڻ جي پهرئين پور ۾ لنگهيندو. پر مطلب هي آهي، ته جيڪو سخاوت ڪندو، تنهن جو سڀڪو ڪم اڳي ڇٽندو. جهڙو فارسي بيت آهي:

فارسي:         سخاوت همھ درد ها را دوا ست.

ترجمون:                سخاوت مڙيئي سورن جي دوا آهي.

 

547 – هنجهن سان حرص ڪري اُڏاڻي چِڙي،

        چڻو هوس چهنب ۾، سو به پِيُس ڪري.

        هنجهه هڪڙو وڏو پکي، ۽ چِڙي يعني جهرڪي، ننڍڙو پکي آهي؛ سا جهرڪي جيڪڏهن هنجهه سان ريس ڪري اُڏامندي، ته ساڻس پهچندي ته ڪين، پر مورڳو ٿڪجي بڇڙي ٿيندي. تنهن وانگي هڪڙو ڏڏ ماڻهو ڪنهن سياڻي کي وڏو ڪم ڪندو ڏسي، ريس ڪري اهڙي ڪم ۾ هٿ وجهندو، ته جائي کاٻاربو. تنهن تي گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:

وچن:   هنس ترندا ديکڪي ٻگان به آيا چاو؛
ڏٻ موئي ٻگ ٻپري سر تلي اُوپر پاو.

 

ترجمون:        هنس کي ترندو ڏسي ٻگهن کي به دل ٿي؛
ويچارا ٻگهه ٻڏي موا، پير مٿي، مٿو هيٺ ٿين.

 

۽ فارسيءَ واري پڻ اهڙو مثل چيو آهي:

 

فارسي: کلاغي تگ کبک راکوش کرد،
تگ خويشتن را فراموش کرد.

 

ترجمون:        ڪانءُ هڪڙو ڊيل جو ٽلڻ ٿي سکيو،
پر پنهنجي هلڻ کي به وساري ڇڏيائين.

 

 

548 –        هنر واري جو هنر کپي، بي هنر جي جند کپي.

 

        جو ڪم هنر وارو ماڻهو پنهنجي هنر سان ڪندو، تنهن ڪم ڪرڻ ۾ بي هنر پنهنجو مٿو وڃائي، ته به نه ڪندو؛ جهڙيءَ ريت هڪڙو تارو ماڻهو سيڻھ تي چڙهي درياءُ تري وڃي، جو اڻ تارو اُن وانگي سيڻھ ڦوڪي چڙهي درياءَ ۾ گهڙي، پر جي سيڻھ اُٿلي پوي، ته پار پهچڻ جي هٿڻ ٻڏي مري، مطلب جو اڻ ڄاتي ڪم ۾ هٿ وجهڻ، مورڳو جيءَ جو جوکو آهي.

 

549 –        هڙ ۾ تماڪ ته جهنگ مڙيوئي دائريو.

 

        تماڪ پيڻ وارو ماڻهو چلم ڇڪڻ لاءِ هروڀرو واٽ کان لڙي به دائرين ۾ وڃن، ڇاکان جو دائري ۾ تماڪ، چلم، ٽانڊو هڪيو رهندو آهي. پر جنهن کي تماڪ هڙ ۾ هوند، تنهن کي دائرئي ڌاران نه جاتي ڪاٿي چلم پيڻ جو اٽڪاءُ نه ٿيندو. تنهن وانگي جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو ناڻو ڳنڍ ۾ آهي، تنهن کي سڃ ۾ به وسنئو آهي. جهڙو فارسي بيت آهي:

بيت:   منعم به کوه و دشت بيابان غريب نيست،
هرجا که رفت خيمه زد و بار گاهه ساخت.

 

ترجمون:        ڌن وارو، ڏونگر ۽ پٽ رڻ ۾ مسافر نه آهي؛
جاتي وڃي، تنبو هڻي درٻار ڪري.

 

 

550 –        هڙ سکڻي لوڏ گهڻي.

        هي پهاڪو پڻ اهڙو آهي، جهڙو نمبر 298 وارو پهاڪو، جو هڙ سکڻيءَ وارو يعني ولهو ماڻهو هيڪاري ٽنڊ گهڻي ڪري.

 

551 –         هٿ جي ڪنگڻ لاءِ ڪهڙي آرسي.

        ڪن يا ڳچيءَ جي ڳهه ڏسڻ لاءِ آرسي ڏسڻ جي گهرج ٿئي؛ پر هٿ جي ڪنگڻ ڏسڻ لاءِ آرسي ڪونه ڏسي. تنهن وانگي جا شئي يا جو ڪم اڳيان هڪيو هئي، تنهن لاءِ ٻئي کان ڇو پڇجي؟ تنهن لاءِ هي مثل ياد آيو اٿم؛

        هڪڙي ماڻهوءَ، حجام کان مٿو ٿي ڪوڙايو؛ تنهن کان پڇيائين جو مٿي جا وار ڪارا آهن، يا اڇا؟ تنهن چيس، چي اڇا جي ڪارا، ته اڳيان ٿا پوني، ڏسي وٺ، پڇڻ جو ڪهڙو کپ؟

 

552 –        هو ساڻ نه نيندا، هيءَ ڏاند چڙهندي.

        پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي؛ جو هنن کي هن جو ساڻ هلڻ به نه وڻي، هيءَ لاڏ ڪري، جو پنڌ ڪين ڪنديس، ڏاند تي چاڙهي هلوم. مطلب ڪهن سان اڻ وڻندڙ انگل ڪرڻ پنهنجو مان وڃائڻ آهي. تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو آهي:

        هڪڙي هنڌ ٽن چئن ڄڻن گڏجي ويٺي کاڄ کاڌو؛ اوچتو هڪڙو ڌاريو ماڻهو لنگهي آيو، جنهن جو اچڻ نه وڻين. پر ملڪ جي ريت پٽاندر لنڊي صلاح ڪيائونس، ”چي ادا، اچي کاءُ.“ هن به هم تم ڪانه ڪي؛ ۽ هٿ ڌوئي وهڻ لڳو، پر جاءِ سوڙهي هئي، تنهنڪري پڇان جو ڪٿي وهان؟ تنهن کي چيائون جو چڙهي ويهه اسان جي ڄڀ تي، جا چوڻ کان نٿي رهي. ۽ نمبر 262 واري پهاڪي ۾ پڻ اهائي مراد آهي.

 

553 –        هو سَوڙَ پاند به نه ڏين، هيءَ وچ سمهندي.

 

        هن پهاڪي جو مطلب پڻ نمبر 262 ۽ نمبر 552 وارن پهاڪن جهڙو آهي، جو هو هن کي گڏ به نٿا سمهارين، هيءَ ڀانئين ته وچ ۾ سمهان؛ يعني هيءَ به اڻ وڻندو لاڏ ڪري. اهڙي لاڏ ڪرڻ واري کي فارسيءَ وارو سمجهائي ٿو:

بيت:   ناز بران کن که خريدار تست،
پپش کسي رَو که طلبگار تست.

 

ترجمون:        لاڏ اُن سان ڪر جو سهيئ؛
وڃ تنهن وٽ جو ڪوٺيئي.

 

 

554 –        هنڱ سهانگي ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي.

 

        هنڱ، هڪڙي باس واري مهانگي شي آهي، جا گهڻو تڻو خراسان کان اچي، جنهن کي هندو ماڻهو، تن ۾ به گهڻو ڪري وشنو، اُچن اَچن تيوڻن ۽ ترڪارن ڀاڄن ۾ باس لاءِ وجهندا آهن. ٻاٽ يعني اَن ڏريل جنهن جي رٻ رنڌجي، گهورڻ يعني ٻُرڪڻ؛ پهاڪي جي معنيءَ هيءَ آهي جو هنڱ توڙي سستي هئي ته به رٻ جهڙي سادي کاڄ ۾ ڪونه ٻرڪي. تنهن وانگي جا وٿ اُچي ۽ گهڻي ملهه واري هئي، ۽ سستي ملي وڃي، ته به سادي ڪم ۾ نه آڻجي. جهڙو گيهه گهڻو سهانگو هئي، ته به سڀڪو ٻوڙ پلاو ۽ ٻين کاڄن ۾ وجهي، يا ڪنهن کي مکي؛ پر جُتي ساڻس ڪونه مکي.

 

555 –        هارئي کان پيتو ڀلو آهي.

 

        هي پهاڪو اصل کان هن طرح آيو آهي، جو هڪڙو ماڻهو شربت جي بتي کڻي ٿي ويو، اوچتو ڌڪو کاڌائين، جنهن ڪري بُتيءَ کي چير پيو، ۽ شربت وهڻ لڳو. هيڏي هوڏي نهاريائين، ته ٻيو باسڻ ڪونه ڏٺائين. جنهن ۾ شربت لاهي، تڏهن ويچار ڪيائين، جو گهر ويندي تائين سڀ وهي ويندو، تڏهن ماٺڙي ڪري پي هي پهاڪو چيائين؛ پر مطلب ڇاهي، جو ماڻهو ناڻو گڏ ڪري مري اجايو ڇڏي، سو کائي يا ڌڻيءَ جي نالي ڏيئي سجايو ڇو نه ڪري، ته ارمان دل ۾ نه رهيس. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي: دو کس مردند و حسرت بردند،
يکي داشت نخورد دويم دانست نکرد.

 

ترجمون:        ٻه ڄڻا مئا ۽ ارمان کاڌائون،
هڪڙي رکيو نه کاڌو، ٻئي ڄاتو نه ڪيو.

 

 

556 –        هڻ ڌڻيءَ کي، ته سکي نُهَن.

 

        نُهَن يعني پٽ جي جوءِ، پرائي ڌيءَ آهي، تنهن جو سڀڪو ليئو رکي، ۽ ڌيءَ جا پنهنجي ڄائي آهي، تنهن کي چڱائيءَ لاءِ دڙڪو کڙڪو ڪرڻ ۾ ويڪ نه آهي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي. جو جيڪڏهن ڌيءَ ۽ نُهَن ٻنهي ۾ ڏرنگ هئي ته ان مان ڌيءَ کي دڙڪو ڏجي، ته نُهَن پاڻا ڄاڻي سمجهندي. پر مطلب هي آهي، ته جو ڪم رڳيءَ ميڇ سان ڇٽي، تنهن لاءِ ڄڀ به نه هلائي، ۽ جو ڄڀ جي ڳالهو سان نبري، تنهن لاءِ هٿ به نه چور.

 

557 –        هنجهه نه ميرو وت، جاسين جيئين ڏينهڙا،

        جيءُ نه جنجل گهت، سِر تا سَرَ ڪيترا.

        هنجهه هڪڙو پاڻيءَ جو پکي آهي، جو تلاون ۾ رهي، تنهن کي مهاڏو ڪري هي پهاڪو چوي ٿو، ته جيڪڏهن سَرُ يعني تلاءُ سڪي ويو ته دل ۾ ڏک نه ڪر، ڇا کان جو سِرُ آهي، ته تلاءُ گهڻا. پر مطلب هي آهي؛ جو ڪرت مان اُپت ٿوري ڏسي ڳڻتي نه کاءُ، ڌڻيءَ جو آسرو رک. جو سڀ کي قوت ٿو پهچائي. ان تي مولوي صاحب چيو آهي:

بيت:   هان توکل کن، مرنجان پاو دست،
رزق تو برتو ز تو عاشق تراست.

 

ترجمون:        اڙي ڌڻيءَ تي ڀاڙ، هٿ پير نه ڏکوءِ،
تنهنجو رزق توکان واڌو تنهنجو ڳولو آهي.

 

 

558 –        هَٺُ سهائيندو کائجي، لوڪ سهائيندو پهرجي.

        هٺُ يعني طبع، يعني کائجي اهڙو ۽ اوترو، جو طبع کي وڻي، ۽ سيبائي، ڇا کان جو واڌو کائڻ مان هڪڙو طبع کي وڻاءُ، ٻي ماڻهن جي گلا. جهڙي فارسي سٽ آهي:

سٽ:           که بسيار خَوار است بسيار خُوار.

ترجمون:                جو گهڻي کائڻ وارو گهڻو گلارو آهي.

        ۽ پهرجي اهڙو، جو گهڻن کي وڻي، سو ڪوته، جو ماڻهو پنهنجي هوند کان واڌو ڪپڙا ڪري ٽنڊ ڪندو، سو به ماڻهن ۾ گلاهاب ٿيندو، ۽ گلا ناسور جي ڦٽ گهاءِ ڇٽڻ جي نه آهي. فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   به عذر تو به توان رُستن از عذاب خدا،
وليکه مي نتوان از زبان مردم رُست.

 

ترجمون:        توبھ ڪرڻ سان ڌڻيءَ جي ڏکن کي ڇٽي سگهبو؛
پر ماڻهن جي وات کان ڇٽي نه سگهبو.

 

 

559 –        هيڻي کي نه هڻي، سو هٿن ۾ لهي.

        هٿن ۾ لهي، هي رواجي مَنهُن پاراتي وانگي آهي، جهڙو ڪو چوي، ته هي ڪم نه ڪري، سو اکين ۾ لهي، يعني انڌو ٿئي، پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو هيڻي کي سڀڪو ماري، ڏاڍي کان سڀڪو ڊڄي، ۽ سنديس وٽپ ڪري. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

هندي: سڀي سهائڪ سَٻَل ڪوءِ نه نَٻَل سهاءِ،
پون جڳاوت آگ ڪون، ديپنھ ديت ٻجهاءِ.

 

ترجمون:        سڀ ڏاڍي جا همراهه، هيڻي جو ساٿي ڪوبه نه،
واءُ باهه کي ٻاري، ڏيئي کي وسائين.

 

 

560 –        هاٿيءَ جا ڏند کائڻ جا هڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا.

 

        جي ماڻهو اندر ۾ پاپن ۾ ڀريل، ۽ ٻاهران درويش جو ويس ڏيکارين، هي پهاڪي وارو اُنهن جا اهنڃاڻ ڏئي ٿو.

 

561 –        هڻن ڪين حمير کائي پاٽ پلاو جي.

        حمير يعني سورهيه، جي مانجهي کائڻ وير پلاءُ کائن، ۽ ويڙهه مهل پٺ تي ڀڄن. هي پهاڪي وارو اُنهن جي ڳالهه ٿو ڪري. پر مطلب هي اٿس، ته هي ماڻهو ڌڻيءَ جو ڏنو کائي پي سندس ڀڄن مهل آرس ڪري، نٿو ڄاڻي ته هن دنيا ۾ ڇا لاءِ آيو آهيان؟ مولوي صاحب جي هن بيت کي نٿو سمجهي:

بيت:   زندگي آمد برائي بنده گي،
زنده گي بي بنده گي شرمنده گي،

 

ترجمون:        جيوت ڀڄن لاءِ ملي آهي،
جيوت ري ڀڄن لڄ آهي.

 

        ۽ مورک ڄاڻي ٿو، جو جيوت رڳي کائڻ ڪاڻ آهي. تنهن کي فارسي بيت ڇينڀ ڪري سمجهائي ٿو.

بيت:   نان از براءِ زيستن و ذکر کردن است،
تو معتقد که زيستن از بهر خوردن است.

 

ترجمون:        ماني جئڻ ۽ ڀڄن ڪرڻ لاءِ آهي،
تو وسهيو ته جئڻ کائڻ لاءِ آهي.

 

 

562 –        هنڌ ڏسي هاسي ڪجي.

 

        هاسي يعني کل، پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو مهل ڌاران گهٻو نه ڪجي؛ پر مطلب هي آهي، جو جيڪي ڳالهائڻو هئي، سو هنڌ ڏسي مهل سر ڳالهائجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   هران عاقل که با مجنون، نشيند،
نبياد کردنش جز ذڪر ليلي.

 

ترجمون:        جو سياڻو مجنونءَ گڏ وهي،
ليليءَ جي ڳالهه ڌاران ٻيو نه ڳالهائي.

 

 

563 –        هڪڙو هٿ کير ۾، ٻيو هٿ نير ۾.

        نير يعني پاڻي؛ پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو دنيا ۾ سک توڙي ڏک، هڪ ٻئي پٺيان لکائي بيٺا آهن. جهڙي ريت ڏينهن پٺيان رات، يا گل سان ڪنڊو، ۽ ماکيءَ سان ڏنگ.

 

564 –        هرڻي اڳي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.

 

        هرڻي هڪڙو جهنگلي ٽاهَڙُ مرون آهي، تنهن کي گهنڊڻي ڳچيءَ ۾ ٻڌبي، ته هٿاهين واڌو ٽهندي ۽ نچندي. تنهن وانگي لچو ماڻهو اڳي ٽاٽر، تنهن کي ناڻو هٿ لڳو يا وَٽپ ملي، ته اڳي کان گهڻي ٽانءِ ڪندو. تنهنڪري اهڙو وَلهَو چڱو آهي. اهڙي لاءِ فارسي مثل آهي:

 

بيت:   چه نيکو زده است اين مثل پير ده!
سِتُور لکد زن گران بار بھ.

 

ترجمون:        ڳوٺاڻي ڪهڙو چڱو مثل ڏنو آهي!
لَتَر وهٽ تي ڳرو بار چڱو.

 

 

565 –        هٿن سان هاجون ڪري، پيرن سان کڏو کڻي.

 

        جي ماڻهو منهن تي دوستي ڏيکاري ٻئي جي گلا ڪري، اڳلي جو وچ ڪڍائي، پر پٺ اُهي ڳالهيون ٻئي هنڌ جهيڙو جاڳائن، تن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. فارسيءَ واري اهڙي ماڻهوءَ لاءِ هي پهاڪو چيو آهي:

 

فارسي:        در برابر چوگو سفند سليم؛
در قفا همچو گرگ مردم در.

 

ترجمون:        مُنهن تي گهٽي وانگي ڪونئرا،
پرپٺ بگهڙ گهاءِ ماڻهو ڦڙيندڙ.

 

                پر اهڙن حرامن کان، يا اهڙن جي سنگت کان سياڻي کي پاسو ڪرڻ کپي.

 

566 –        هيانو تتي کان کُڙي تتي چڱي.

 

        گهني يا ٿوري پنڌ تي وڃي ڪو ڪم ڪرڻو هئي، جي مهل سر کڙي تپائي يعني پنڌ ڪري ڇٽائي اچجي ته چڱو، ۽ جي ويرم ٿي وڃي، اوتري ۾ ڪم رلي رنڊجي پوي، ته هيانءُ تپندو، يعني پڇتائبو. تنهن وانگي جي هلنديءَ چلنديءَ ۾ ڏاکڙو ڪري ڌڻيءَ کي ياد ڪبو ته چڱو؛ نه ته وڏتڻ ۾ چلڻ چڪي رهندا، تڏهن پڇتائڻو پوندو. تنهن تي هنديءَ واري چيو آهي:

هندي: رام نام ڀنڊار هي لوٽ سگهين تان لوٽ،
نت پيڇي پڇتائيگا پران جائيگا ڇوٽ.

 

ترجمون:        ڌڻيءَ جو نالو خزانو آهي، ڦرڻو اٿئي ته ڦر؛
نات پوءِ پڇتائيندي، ساهه نڪري ويندءِ.

 

 

567 –        هڪ سج، ٻه پاڇا.

 

        هي پهاڪو دنيا جي ڪلالائي ڏيکاري ٿو، جو جهڙو سج جو پاڇو ڪڏهن وڻ جي هڪڙي پاسي، ڪڏهن ٻئي پاسي؛ تنهن وانگي دنيا به ڪڏهن ڪنهن وٽ، ڪڏهن ڪنهن وٽ. تنهنڪري درويش ساڻس وهنوار ۽ پيار نه رکن. فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: بر مرد هشيار دنيا خس است،
که هر مدتي جاءِ ديگر کس است.

 

ترجمون:        سياڻي مڙس اڳيان دنيا ڪک آهي،
جا سڀڪنهن مهل ٻئي ٻئي وٽ آهي.

 

        تنهنڪري دولت جڏهن گڏ ٿئي، تڏهن سياڻي ماڻهوءَ کي اُن جي هوند تي هٺ ڪرڻ نه جڳائي.

 

568 –        هسڻو جوڳي، پڏڻي نار، گد ڪهي هي ٻيئي مار.

        هسڻو يعني کلڻ وارو، يعني چرچائي، پڏڻي يعني ٻٽاڪڻ، يا کلندڙ يا اجايو هلندڙ، يا گهڻ ڳالهائي، نار يعني زال، گد هڪڙي شاعر جو نالو. مطلب پهاڪي جو هي آهي، ته جوڳي يعني ڌڻيءَ جي ڳولي کي دنيا جي رونشن ڏسڻ ۽ کلڻ ڪڏڻ سان ڪهڙو ڪم؟ تنهن وانگي اشراف زال کي پڻ اجائيءَ هلت ۽ کلڻ کان منع آهي. تنهن لاءِ فارسي بيت آيو آهي:

بيت:   چودر روءِ بيگانه خنديد زن،
دگر مرد گو لاف مردي مزن.

 

ترجمون:        جڏهن ڌارئين جي اڳيان زال کليو، تڏهن مڙسهنس

کي مڙسيءَ جي ٻٽاڪ هڻڻ نه کپي.

 

ي

 

569 –        يار به تيلي، سينڌ به ميلي.

 

        تيلي يعني چاڪي، ميلي يعني اڻڀي، مطلب، جو جنهن عورت جو يار چاڪي هوندو، تنهن کي سينڌ مکڻ لاءِ تيل به ڪو ٿورو، پر جڏهن تيل نه مليس، تڏهن چاڪيءَ جي مهابائي چئبي؟ تڏهن ويچار ڪرڻ گهرجي ته جو ماڻهو پنهنجي سڄڻ يا مائٽ جو مهابو نه رکندو. تنهن ۾ ڌارئين جي ڪهڙي اميد رهندي.

 

570 –        ياد جنين کي يار، سي ياد هميشھ يار کي.

        جي ماڻهو يار کي ياد ڪندا، يار به انهن کي ياد ڪندو، يعني جي ڌڻيءَ کي ياد ڪندا رهندا، ڌڻي پڻ مهرباني ڪري انهن کي نه وساريندو. تنهن تي هنديءَ واري چيو آهي:

هندي: جل ۾ بسي ڪمودني چندا بسي آڪاس،
جو جاهوڪي من وسي سو تاهوڪي پاس.

 

ترجمون:        ڪُوڻي رهي پاڻيءَ ۾، چنڊ رهي رُڀ ۾،
جو جنهن جي دل ۾ رهي، سو ڄاڻ ان وٽ آهي.

 

        تڏهن اهڙي ڌڻيءَ کي جو پنهنجي ياد ڪندڙ ٻانهن کي نه وساري، تنهن کي سدائين ياد ڪندو رهجي!

        اڙي ڪيولرام! تون پڻ اهڙي ڌڻيءَ کي ياد ڪري ڪتاب پورو ڪر!

 

***

 

ڪتاب جي پڄاڻي

        هن ڪتاب جوڙڻ تي جيتوڙي ته ڳچ ڏهاڙا لاءِ گهڻو پورهيو ڪري پورو ڪيو اٿم، تڏهن پڻ اهڙو چڱو نٿو چوانس، جنهن کي ڏسي پڙهڻ وارا ساراهن. مگر پلاوَ جا کايار ڪنهن ڪنهن مهل جوار جي روٽي پڻ دل ڪري کائيندا آهن. هي ڪتاب پڻ هڪڙي نئين ڊول جو ٿيو آهي، تنهنڪري ڀانيان ٿو جو پڙهڻ وارا هن کي پڙهي، جوار جي مانيءَ وانگي سواد وٺندا.

        ڪتاب پورو ڪري سندس نالي رکڻ لاءِ هڪڙي جوتشيءَ کان پڇيم، جنهن جو نالو عقل، تنهن فرمايو ته جڏهن پنج سئو ۽ ستر پهاڪا منجهس آيا آهن، تڏهن اَبجد جي ليکي پٽاندر (گل شڪر) نالو رکڻ گهرجي، جو گل شڪر هڪڙي جڙيل دوا آهي، جنهن کي (گلقند) پڻ چون. تنهن ۾ ٻه شيون هڪڙا گل، ٻي مصري پون؛ تنهن وانگي هن ۾ پڻ هڪڙا پهاڪا ۽ ٻيو ارٿ گڏيو آهي، اها ڳالهه وڻيم. ڀانيان ٿو ته پڙهڻ وارن کي پڻ اهو نالو وڻندو.

        پورو ٿيو ڪتاب گل شڪر، جوڙيل ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي مگهو جو، تاريخ 27 مهيني آڪٽوبر 1869ع جي ٻڌر ڏهاڙي، حيدرآباد سنڌ ۾.

 

گل شڪر

گ 20

ل 30

ش 300

ڪ 20

ر 200

570

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org