سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :32

الهڏنو نوناري

       

الهڏنو ذات جو نوناري، حيدرآباد شهر کان 8 ميل  اُتر طرف حيدرآباد – هالا رستي تي، هٽڙي لڳ گيلي نوناريءَ جي ڳوٺ جو ويٺل هو. حيدرآباد شهر لڳ ٽنڊي جهانيا جي ”جهانيا پوٽن“ ساداتن جو مريد هو ۽ اوڏانهن گهڻو ويندو هو. ميڙن ملاکڙن ۽ ڪچهرين ۾ نڙ تي بيت ڏيندو هو. گهڻو ڪري پنهنجا بيت چوندو هو. هڪ ڀيري ڀٽائي صاحب جي درگاهه تي ويو ته اُتي جهنڊو فقير چانڊيو مست، خدا آباد جو ويٺل گڏيس، تنهن نوناريءَ جو هٿ وٺي درگاهه جي چانئٺ تي رکي چيو ته ”مونکي دعا ڪجانءِ“. نوناريءَ جي طبيعت تي اُن مست فقير جي ملاقات تمام گهڻو اثر ڪيو. اُن بعد هو حيدرآباد ۾ آيو ته اُتي وري مجذوب احمد فقير منگواڻو (1) ڏٺائين؛ جنهن مان جهنڊي فقير واري بوءِ آيس. پوءِ ته اُن جو خذمتي ٿي ويهي رهيو ۽ بيت چوڻ ڇڏي ڏنائين.

        هڪ دفعي راضي فقير کيس منگواڻي فقير جي خذمت ۾ ڏٺو ته ماني پئي پچايائين. جي ڪنهن کڻي سلام ٿي واريو ته جواب ڪونه ٿي ڏنائين، رڳو ڪنڌ مٿي کڻي ٿي ڏٺائين.  هو آخر عمر تائين منگواڻي فقير وٽ رهيو ۽ حيدرآباد ۾ ئي سنه 1930ع ڌاري وفات ڪيائين.

        هڪ روايت موجب هو اڻ پڙهيل هو، مگر حاجي اسحاق ٿهيم جي روايت موجب هو پڙهيل هو. سندس بيت سوڌا سنوان، سولا ۽ بياني نثر جي نموني تي آهن. بيتن جا قافيا اڪثر ”يو“، ”او“ پڇاڙيءَ وارن لفظن تي مشتمل آهن. حاجي اسحاق ٿهيم، جاتيءَ جو ويٺل هو ۽ الهڏني نوناريءَ کي بدين ۾ روبرو ڏٺو هئائين.

ساراهه

1 – ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب سچو

معاف ڪندو ماڻهو کي، جنهن ڪيو ڪم ڪچو

رکو روزا، پڙهون نمازون، اوهان جو اوجر اڳيان ٿيندو

بازار بهشت جي، در به دوزخ جو هوندو

پئسي بنان پنڌ نه ڪجو، ڪو پتڻ نه اُڪاريندو

خالي کاهڙ مان ڪڍي، بندر تي، بيهاريندو

ناز منجهان ٿو، نوناري چئي، سيد ساڻي ٿيندو

آهي رب بخشڻ تي بيٺو، جو ڪري ڇڏيائين ڪيتريون.

2 – ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جو عالم تي آرو

هلي ڪونه حبيب اڳيان، ڪو چلڻ جو چارو

هو ته نبين ۾ نبي ٿيو، وڃي لوڏيو ڏيکاريو

هو ته اوليائن ۾ اولياءُ ٿيو، وڃي اَڙيا اُڪاريو

هو ته پِيرن ۾ پِير ٿيو، وڃي ٻُڏن کي تاريو

عاشقن منجهه معشوق ٿيو، وڃي ٻهڳڻين ٻاريو

ڪي ته سڙي ويا سوز ۾، جن کي ڏنئين ڏيکارو

وَسيو جنهن وٿاڻ تي، آهي مخلوق موچارو

تنهن مٽيءَ کي مان مليو، جنهن تي نمي جڳ سارو

اُتي به هوڪو ڏيو، هليو وڃي پڙدي اندر پيارو

هتي ماري ماڻهن مَس کي، ڪيو ڪاغذن کي ڪارو

سالڪ اتي به سڃاڻي چيو، هي آهي سوريءَ سيپارو

جو اُڇلائي وڌو آڏيءَ تي، مُئو مڻيا وارو

دوئي کي اتي دفن مليو، ٿيو حق هيڪڙائي وارو

انهيءَ منزل تي مرتضيٰ وڃي اَڏيو اوتارو

الهڏنو چئي، عليءَ جو، اڃان به آهي پري پَسارو

”الف“ الله، ”ميم“ محمد، ”عين“ علي، ٻيائي منجهه ٻارو

چمڪي چوڏهين جڳ سارو، نُور تنهن نبيءَ جو.

3 -  خلقيا مڙيئي خدا جا، پر ڪَيئين درجا ڌارون ڌار

حڪومت ملي هڪڙي کي، ٻيا سوين ڪن شڪار

پهريان ته تيار طب جا، ٻيا ڀيري ڪيئين بيمار

ڪي ويهاريئين واپار تي، ڪي ڪيائين شاهوڪار

ڪي نَوَن کنڊن کان نابين ڪيئين، ڪي جڏا ڪيئين جهونجهار

تاڙي نه لڳي ڪنهن طبيب جي، توڙي هزارين هجن هوشيار

فرق فقير هٿ ۾، ڪنجي هٿ ڏاتار

ظاهر بچائجان ان ذائقن کان، جنهن کي وس نه وڻڪار

مونکي حضرت حسين کان، ٻاڙي نه ڪج ٻَهار

الهڏنو، امن پني ٿو، نڪو بهشت گهري بازار

جتي پاڻ رهي سردار، اتي ڏجانءِ ٻانهن ٻاروچن کي.

4 – ساراهيان سچو ڌڻي، جو عالمن اجهو

ڪري مهاڙ مسجد ڏي، ڪيائين سجدي جو سعيو

بيٺو هو بندگيءَ ۾، ابليس جو آيو

تهتان هڻي تڪبير هُن اچي وقت ڏي واريو

مون هڪڙي گابِي نه ٻَڌي گهر ۾، اُن سڀئي ڏنو ٿي ساريو

اتي کندي چيم خاوند کي، هيءُ ڌراڙ چڱو اٿئي ڌاريو

ويٺو اچي ويڙهه  ۾، نمازي سڀ نهاريو

پاڻ تن جو پٽيل ٿو، اچي جماعت جنساريو

تنهن محمد جي مُصلي تان اچي امام اٿاريو

تنهن روئي چيو رسول کي، هن کريل ملڪ آهي کاريو

جنهن حبيب جي حويليءَ تي، هلي ٻارڻ آهي ٻاريو

حم، تنزيل واري قبول کي به ڪميڻن نه پاريو

”نوناري“ به نينهن نبيري، جو ثابت علي ساريو

وجهندو سَوَنِ کي ساڙيو، جنهن جي هوندي مَٺائي مرتضيٰ ڏي.

5 – واحد وحي موڪليو، وڃي محمّد کي چئيج

لڳو نغارو نبوت تي، پيئي ڌرتيءَ مٿي ڌَڄ

چئني ڪنڊن تي چار مُصليٰ، ڪيائين سجدي جو سڏ

صبح لِکيئين سُنيان ڏي، ڪري رک ڪعبي ڏي نه ته اُتان لَڏ

اهو خط ٻُڌي کامي ويو، ڪافر ٻَڌو هو ڪَد

اها جنگ هئي احمد واري، اتي وڙهڻ بيٺو وَڳ

ان ڏينهن ٿيو هالاڻو حضرت حمزي جو، ان تي روئي ڪيو رَڄ

اتي عَلَم عليءَ جي هٿ ۾، جيئن دريا مٿي دَڳ

اها جنگ، الهڏنو چئي، عاشقن ڏني هئي اڳ

جن پيتو ٿي نرڳ، سي ماريا پئي مرتضيٰ *

6 – حضرت عبدالله جي پُٺ مان، ڪيائين پيدا پيغمبرا

محبوب معشوق موڪليو، دين جي پارا

ڄائي رات ڄام جي، نور هنيا نعرا

شمس تنهن کان شرمندو ٿيو، ڪوماڻا تارا

روءِ زمين تي روشن ٿيو، چوڏس چوڌارا

عالم هاڪ ٻڌي هليو، چلي ڪيا چارا

پوٿيون پڙهائڻ ڇڏيائين، وساريائين ڍارا

اتي ابوجهل جهڙا ٿيا ڪفر منجهه ڪارا

هڪڙا نميا ٿي نبيءَ ڪريم وٽ، سي ڪيا مرسل موچارا

ٻيا ٿيا پٺيرا پرينءَ کان، ويا سي هائيءَ ۾ هچارا

سڀ ويا جهنم ۾، سي يهودي ۽ نصارا

جيڪي جوڙيئين جهان ۾، ڪيائين محمد موچارا

هڪڙي ڏينهن وارث بيهي وعظ ڪيو، مديني جي ٻاهرا

واحد واقعو موڪليو، جو هو هوت هوشيارا

چئي: افسوس ڪريو امامن جو، اوهان جي آهن پيڙهيءَ پاڳارا

هميشھ هوندوَ هنج ۾، پرين پيارا

ڏهاڙي ڏهٽن کي پڙهائيندو هئين صبر جا سيپارا

جن سان وڏا ٿي وڙ ڪيئي، سي کري ٿيا کارا

دغا ڪري دعوت ليکئون، موٽي ٿيا مارا

حياءُ نه ڪيائون حضرت حسين جو، وڙهي ٿيا ويچارا

هينئر هيڪاند هالاڻو ٿيو، جنهن لاءِ ڊنا سڪندر ۽ دار

سي ويا باقبيلي بغداد ۾، ڪربلا تي ڪنارا

ڦري ويا فردوس ۾، وڄائي وارا

پوٽو امير المومنين جو هو اصغر صغيرا

تنهن اهلبيت کي اڃ لڳي، تهتئون طهورا

بيٺيون هيون بندگيءَ ۾، هزارين حوُرا

کڻي آيا کٽ مٿي قاسم جا سهرا

ڪوفي سڀ ڪُتا ٿيا، جن لئي ٿا قيدي زنجيرا

باقي مديني ۾ معصوم رهي بيبي صغيرا

سا اصغر ڪريو اڪبر ڪري، ڪري پلپل پڪارا

ويجها هئا ته وري آئيا، جيڪس اَڏيئون اوتارا

پوءِ نوناري، نهاريا، سي نياپا سيد جا.

معجزو حضرت موسيٰ عليھ السلام جو

7 – نبيءَ نرمل نماز جو، ساري جهان کي چيو

هيءَ جاءِ نه ڪنهن جي، هتي ويهي اوهين ڪوهه ڪندئو

سارو عالم سڻي هليو، اچي پيرن تي پيو

مائي هڪڙي سِڪندل هئي، تنهن به اچي سوال ڪيو

پهرين دعوت ربّ جي، هاڻي توتي منهنجو ڪم پيو

مونکي پٽ ڏيو، آءٌ اُڃايل آهيان اولاد جي.

8 – حضرت موسيٰ مائيءَ سان، جلد هِي جواب ڪيو

پُٽ ڏيڻ وَس ڏاتار جي، توڙي سوَ سوال ڪندو

چڙهي طورسينا تي، وڃي ساجن سجدو ڪيو

ته حضور مان پُٽ هڪڙو، آهي مونکي پنڻ پيو

حق درگاهه مان حڪم، قادر تنهن کي ڪيو

پُٽ ڏيڻ مائيءَ کي، لوح قلم ۾ ڪونهي لکيو

پُٽ ڏيڻ مائيءَ، نڪو نيباهه، نڪو ڪم ايندو

سڃاڻ پنهنجي ربّ کي، اهو هميشھ لاءِ هوندو

پوءِ به جنهن جي حق ۾ هوندو، قادر تنهن کي ڏيئي ڇڏيندو

عربيءَ لهي اچي اڱڻ ۾، مائيءَ جي پير وڌو

نڪتي سِڪندل، جنهن اچي راڻيءَ روئڻ ڪيو

مائيءَ سان حضرت موسيٰ، وري هي جواب ڪيو

نه اَنگ تنهنجو هتي، ڪڏهن ڪونه پيو

تون رهجي وئين رڻ ۾، جو غرض تنهنجو ڪونه پيو

هاڻي پوندو تنهنجو ضامن نبي، جِت توراڙو تُرندو

آدم ڪل اولاد تنهنجو، تون سڃاڻ ويٺي صاحب کي.

9 – تڏهن مُرڪي مائيءَ، راڻيءَ روئڻ ڇڏيو

آيو ڏڍ ڏکيءَ کي، جنهن کي نرمل نبي گڏيو

چئي: دعويٰ رکان ٿي دين ۾، پُٽ پنڻ مون ڇڏيو

اڳيان ڏينهن محشر جي، من مون کي سُونهين ڪري ڇڏيو

اولاد مون به ڇڏيو، آءٌ سوال نه ڪنديس سرور!

10 – حضرت موسيٰ موڪلائي، وري راوت روانو ٿيو

درويش تَنهن جي دَر تي، وري ٻئي اچي ڪوڪرو ڪيو

صاحب جي صدا ۾، آءٌ توکي اولاد ڏيندو

ٻَه ڳُرهاڙيون، ٻه پُٽ، ڪو ويساهه ڪندو!

کائي هن جاءِ تان، هي نانگو خالي نه ويندو

پيئي سِڪندل کي خبر، جنهن اچي در پٽيو

سائين! پُٽ ته پِنان ٿي آءٌ، پر مٿان ئي جواب جڙيو

ان نبيءَ جهڙو جهان ۾،هتي ته قادر ڪونه ڪيو

اهو مونکي موسيٰ چيو، سائين! انهيءَ ساعت ۾.

11 – انهيءَ ساعت ۾ مائيءَ سان، فقير سوال ڪيو

ته فقيرن جي حال جو توکي پتو ڪونه پيو

اهو فقير مَر کائي، عرش به پوءِ ٿيو

جتي مَستن جو مڪان، اتي ته ملائڪ ئي ڪونه ٿيو

هڪ کان وٺي هزار ڏين، ته به آهي حڪم تِنين جو

جوڙو توکي جهان ۾، هي ته اڄ ئي ڏيندو

موسيٰ واريءَ منزل کان به آهي لاهوتي لنگهيو

ڏس انصاف فقير جو، آڻين جي اعتبار تون.

12 – پوءِ مُرڪي مائيءَ، وڃي طعام تيار ڪيو

ماني کڻي مهندان رکيئين، هو مائيءَ کي خوشيءَ کنيو

اڃان نانگو انهيءَ جاءِ تي، تيسين وڌي ٻئي سوال ڪيو

ماني ملي انهيءَ کي، هوُ ته لالڻ لنگهڻ پيو

موٽي تنهن مائيءَ کي، دل ۾ دليل پيو

ته پُٽ پنان ڪنهن کان، ماني ته کائي ٻيو ويو

ڏيئي دلاسو دلبر، اُٿي فقير اُڀو ٿيو

مائِي! ڪُرڪ نه، اهو قبول پيو، توکان ڏاتار وٺي ويو

مائيءَ نمي نظر ڪري، هن فقير ۾ نهاريو

فقير ويس مٽائي، اُٿي اُڏامڻ لڳو

ڪِيهه ڪري ڪِري پئي، اُٿي ساهيڙين کي سڏيو

ادي! مونکي مبارڪون ڏيو، منهنجو غرض ٿيو

هُو اُڏاڻو وڃي عرش ڏي، ايندم جوڙا پٽ جوڙيو

پنج آسمان پيرن هيٺ، وڃي ڇهين تي چڙهيو

پيس اک عرش عظيم تي، ته آيا ملائڪ پُٽ کڻيو

جوڙو ڦُريو ٿي جانب، پئي لاهوتي اُت لڙيو

اڳينءَ ۽ وچينءَ جي وقت ۾، اچي ڪامل ڪڙو کڙڪايو

هوءَ بيٺي جهولي جهليو، جنهن کي جوڙ ڏنئين جهان ۾.

13 – پنجين ڏينهن پِڙ تي، حضرت موسيٰ مائيءَ کان پڇيو

ته توتي رحمت جو اهڙو مينهن ڪٿان وسيو

ماڻهن ۾ مقال پئي ته آهي مائيءَ کي اولاد مليو

سا ٿَڙڪي نڪتي دَر تي، اچي راڻيءَ روئڻ ڪيو

ڪير آهين، ڪيڏانهن وڃين، تو مون کان ڇا پڇيو؟

چئي: موسيٰ دوست خدا جو، تنهنجي در تان لنگهيو

مونکي ته جواب جُڙيو، توکي ڪير ڏيئي ويو ڪاپڙي؟

14 – چئي: يا نبي! اول مڃيم الله کي، پوءِ مون توتي ڪلمون چيو

تو ته منهنجو غرض ڪونه ڪيو، پر هڪڙو درويش در تي آيو

چيائين: ٻه مانيون کاراءِ، ته پُٽ آءٌ توکي ڏيندو

انهيءَ ڳالهه تي سائين! مونکي اعتبار ئي ڪونه ٿيو

پر هُو جانب جلال تي، جنهن کڻي ڪرامت کي ڪيو

اڳينءَ وچينءَ جي وچ ۾، مونکي اولاد ٿيو

لڳيس پويان ان فقير جي، جو ڦَنڊين کي ٿو ڦَر ڏئي.

15 – حضرت موسيٰ وري مائيءَ سان، جلدي جواب ڪيو

ته تون نانگي سان ٿي نينهن هڻين، اڳيان ڪو ڏينهن ايندو

واهڙ وَهي پيو وِهه جو، جِتي ڦَرهو ئي ڪونه ٿيندو

آءٌ به اتهين ڪنڌيءَ اُڪاريندوسانءِ، ٻيو توکي آڏو ڪير ايندو

هاڻ ته روئي چوان ٿو رب کي، منهنجو صاحب سڏ سڻندو

چڙهي طورسينا تي، پوءِ وڃي ساجن سجدو ڪيو

قادر! تنهنجي قدرت جو، مونکي پَرو ڪونه پيو

مون سان ٻول ٻَهُون ڪيئي ته انهيءَ مائي کي پٽ لوح قلم ۾ آهي ڪونه لکيو

پٽ تنهن کي پينگهن ۾، مون آهي اکئين رنگ ڏٺو

حق درگاهه مان حڪم واري قادر تنهن تي ڪيو

خدا جو خزانو عاشقن وٽ، الائي ڪٿان هن کاهوڙي کنيو

ماريو آهيس ملائڪن کي، جن هتي حشر ڪيو

جِني آهي سودو سِر جو ڪيو، تِني جون مرضيون موليٰ ٿو رکي.

16 -  چئي: هيءَ سنگت، هيءَ نبوت، آءٌ به عاشق ٿيندو

اهڙا غرض غريبن جا، وڃي ڏوري ڏيهه ڪندو

آءٌ پِني پيٽ پاريندس، وري نه تنهنجو وعظ ڪندو

تڏهن وري حق درگاهه مان، حڪم قادر تنهن تي ڪيو

ته هاڻ روئي وٺ رستو، اڳيان اٿئي رڻ پيو

مست بيٺو اٿئي ميدان ۾، گوڏا گپ ڏيو

اَڏي رکيو ويٺو آهي اڳ تان، اُت واپار ڪُسڻ جو

سِر ڏنئي ته سردار ٿئين، پوءِ وڃين اهي ڏيهن کي ڏس ڏيندو

نه ته به تون منهنجو دوست، جيڪي آهيم توکي حڪم ڪيو

جي اثبات ڪرائين الله کي، نه اٿئي سارو جهان پيو

فقيرن جي ڦند کي، موسيٰ وري پوري ڪونه پيو

اهي مست پڙهن ٿا معراج ۾، جن جو استاد الله ٿيو

انهن سان ريسون اهو ڪري پيو نه هر ڪوئي دوست ٿيو

هاڻي ته نوناريءَ کي نيو، محابي محمد مير جي.

17 – هاڻي رڙهي ورتئين رستو، وڃي چوٿين ڏينهن چڙهيو

اکر ورتائين ”الف“ سندو، ٻيو ڪهين ڪونه پڙهيو

هتي لافون لک هڻي ويا، ڪو سوريءَ ڪونه چڙهيو

هاڻ ڌڙ اُڇلائج ڌوڙ ۾، سِر رَت ۾ تريو

ڦري ٿئين فقير، پوءِ موسيٰ توتي مچ ٻريو

سَوين َسوين ٿا سَڌون ڪريو، اُڇَل سِر اَڏيءَ تي.

18 – مرڪي موسيٰ اُت، ادب اَڏيءَ جو ڪيو

سر لاهي ٿو سڃو ڪرين، پوءِ ڪيئن فقير ٿيو

فقيرن جي ته ۾ ترس، توکي قياس ئي ڪونه پيو

لاهوتين جي لاف ته ٻڌيم، هاڻي اکئين رنگ ڏٺو

تون وڍين وڪڻين ويٺو، آهين نئون سئون نانگو ٿيو

آءٌ ڪوڪ ڪندس ڪاپڙي! تن منهنجو صاحب سڏ سڻندو

اَڏيون ۽ ڪات تنهنجا، صُبح جو ڦِري ڦُرائيندو

اڄ سڀان ٿيندو، مقابلو انهيءَ ميدان ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org