سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :23

محمود شيخ

 

محمود شيخ پٽ جان محمد شيخ، ڳوٺ ٻاراچڙي تعلقي شهدادپور جو ويٺل هو. سنه 1866ع ڌاري ڄائو. جوانيءَ ۾ پنهنجي اصلي ڳوٺ مان لڏي وڃي شهدادپور جي ڀرسان ”ٽوٻڻ ڏاهري“ جي ڳوٺ ۾ ويٺو ۽ اُتي ئي بيت چوڻ شروع ڪيائين. هڪ روايت موجب، ڪو پير مرد شر بلوچ پنهنجو مال وٺي اچي ڳوٺ جي ٻاهران ويٺو. محمود جي ساڻس واقفيت ٿي.منجهس ڪجهه مڻيا ڏسي، پير مرد چيو ته جيڪڏهن تون منهنجين رڍن کي روز پنهنجي چرخ سان پاڻي پياريندين ته وڃڻ وقت توکي مڙيئي ورڇ ڏيو ويندس. محمود اهو ڪم پنهنجي ذمي ڪيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اُن پير مرد، صبح جو سوير محمود کي گُهرايو ۽ پنهنجي لِب زبان تي هڻي چيس ته: وڃي بيت چئو. ان بعد هن بيت چيا. هو هميشه پيادل گهمندو هو. محفلن، ميڙن ۽ مجلسن ۾ بيت ڏيندو هو. جتي پنهنجي ٻين ساٿياري شاعرن سان پڻ ڪچهريون ڪيائين؛ جن مان سانوڻ خاصخيلي ۽ مولا بخش خاصخيلي مشهور آهن. کيس ڪو بيتن ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو ته ڪم ڇڏي به ان کي بيت ٻڌائيندو هو. ڪچهريءَ ۾ هميشھ ڪانڀ ڪڍي ويهي بيت ڏيندو هو.

        محمود شيخ اڻ پڙهيل هو. جوانيءَ کان وٺي پنجئي وقت نماز پڙهندو هو. سندس هڪڙو شاگرد سليمان پٽ ٻاجهو ملاح هو. جو ٻارهن سال وٽس ويهي بيت ڏيڻ توڙي ٺاهڻ سکيو. اندازً سنه 1932ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس بيتن ۾ چيل قصا ليليٰ مجنون، يوسف زليخا ۽ سيف الملوڪ مشهور آهن.

 

سسئي

  1ساراهيان سچو ڌڻي، محمّد مرڪايا

ڪَئين ٿي ڪيچي شام اڱڻ سي آيا

ڪارا ڪاڇي ڪرها، هئي مين تي  مايا

مڪراني محمود چئي، آهن سالڪ سنبرايا

کڻي بار ڀنڀور مان، هن ڪرها ٿي ڪاهيا

پکا ڄام پنهوءَ جا، ٿي چانگن چتايا

لڱن ٿي لايا، ٻئي هٿ ٻروچ جا.

2 – ٻيهر ٻاروچل جا، اٿم هينئڙي هٿ لڳا

مَٺَ ڀانيا، محمود چئي، پنهون سئوٽ سڳا

کڻي بار ڀنڀور مان، آهن ڀينر! رات ڀاڳا

چَڙا چانگن چوريا، سي وڃي وندر منجهه وڳا

جنهن جي توهه تڳا، سو سڄڻ ايندم ساٿ سان.

3 – سارو ساٿ سڄڻ جو، اڱڻ مون ايندو

دلاسو دلگير کي، ڏسڻ سان ڏيندو

ميڙائي جي مصطفى ٻولي ٻوليندو

نماڻي نيندو، پَلئي لائي پنهنجي.

4 – پلئي ڄام پنهونءَ سان، مون هو ٻول ٻڌو

جيڪي قضا قلم وهائيو، سو هئم لانئن منجهه لڌو

سُور به منهنجا سرتيون، ڌوٻي ٿي ڌوئندو

قادر مانَ ڪندو، منهنجي قبر نيئي ڪيچ ۾.

5 – ڪيڏانهن ٿيو ڪيچ، ڪيڏانهن پيئي ڪاهين!

سُتي ڇڏي ويا سيج تي، نٿي سسئي ساڱائين

هاڙهي، ڏونگر، هب جو، ڀئو نٿي ڀانئين

نه آريءَ جي آهين، تون لائق جوڙ جنين جو.

6 – لائق جوڙ جنين جو، نه مَٽ تن جي هياس

اَجهي آريءَ ڄام جي، وڃي پناري پياس

وس کان ڳالهه وياس، تڏهن ٿي پڇان جُوءِ جتن جي.

7 – پڇين ٿي جُوءِ جتن جي، هي اٿئي سندو پاهڻ پَٽ

اوٺين اُٺ سنباهيان، جتن ڪيو هو جهٽ

محبت سان، محمود چئي، لٿي قلب تان ڪَٽ

لنگهي وندر جو وَٽ، وڃي ٿينديس اجهي آريءَ ڄام جي.

8 – اَجهي جهڙو آدمي، آهي ڪامل ڪيچ ڌڻي

هليو وڻجارو ولايت کان، سودو سچ کڻي

ڀَلي چال شهر ڀنڀور جي، ويئي وينگس کي وڻي

ڏسي صورت سسئي جي، ٿيس جهوري جيءَ گهڻي

آيس هام هڻِي، اُٿي سنبر شهر ڀنڀور ڏي.

9 – ڪهڙي ڏٺي هيئِي ڪامڻي، جنهن جي ڪرين ٿو ٻاٻِيها ٻولي

بيشڪ منڌ ملوڪ آهي، جا ڏين ٿو لاکيڻا لولي

جان هئي ڪامڻ وڏي ڪڙم سان، جان هئي رندن تي رولي

جان ماڻهو آهي محلات جو، جان آهي گولن جي گولي

جان آهي پنهنجي پدمڻي، جان آهي آتڻ جي اولي

هلي چاڙهيون بٺي شهر ڀنڀور ۾، ڏيون در در تي دولي

مانيءَ جي، محمود چئي، هلي هلايون هولي

ڀلي لاوَڻ پائي لاڏڪِي، جنهن چوڙِي نه چولِي

سسئي سمولِي، سا ڪنهن پر آڻيون ڪيچ ۾.

10 – پنهون پنهنجي پَٽ جا، ڪُل گهرايا يار

مون کي مَت ڏيو اوهين، ادا عقلدار!

مَين جي مهارن تي، هيون لعلون لک هزار

وجهي زير گاديون ذوق سان، جوڙائي جنسار

ڪرڳل قرناين جا، هئا دُهلن جا ڌڌڪار

ويهو وينگس وچ ۾، ڪري آري ٿو اُپٽار

منهنجو پنهون آڻجو پاڻ سان، دوست نه ڇڏجو ڌار

چڙهيا ڄاڃي ڄام سان، آهن يارهن ويهون يار

ماڻهو شهر ڀنڀور جا، اچي وڪوڙيا ويچار

هي ڪٿان ڪٽڪ آئيو، آهن جنگ سندا جهونجهار

پنهون پنهنجي وات سان، ڪئي پرڻي جي پچار

ڀري کٿوريءَ بار، آڻي بانڪي لاٿا باغ ۾.

 

مارئي

 11ساراهيان سچو ڌڻي، ڪريان پرور جي پچار

مٺو محمّد مصطفيٰ، جو اڙين جو آڌار

سانگي ساريان سومرا! ساري سڀ ڄمار

ماڙين منجهه، محمود چئي، نيڻ ٽمايان نار

پوءِ پکا ۽ پنهوار، مون وسئون ڪين وساريا.

12 – پکن ۾ پچار، مون ڪامڻ! تنهنجي ٻُڌي ڪانه

مِٽ تنهنجا ملير ۾، مون ڏٺا ڪي حيوان

ساري پنهنجي سانگين کي، تون ايڏا ڪرين ارمان

موڳي! ماڳ مڪان، تون ويهه وساري ڏيهه کي.

13 – چئي: ويهان وساري ويڙهه کي، منهنجا سانگي هئا ساوا

پَهري پَٽ هليا، جت جيڏيون ڪن جاوا

ٻڪر ٻاٻاڻن جا، ٻيڪون ڪن ٿا ٻولاها

ڪين ڏسان ٿي ڪڏهن، تنهنجا ڪوڙا ڪچا ڪاوا

آڇ مون کي ڪينڪي، عمر اهي اجاوا

ويڙهه وڃي وهواهه! تنهنجي سارهه ڪنديس سومرا!

14 – ساري سانگيڙن کي، مون تن ۾ ٿي آهي تار

اهي ويهڻ ويهارڻ جون وايون سڀ وسار

صاحبزادا سيج تي، تون سکيا ڏينهن گذار

سائين مڃيم سومرا، تون عمر! مڃجانءِ آر

موڪل ڏي ملير وڃان، منهنجي واڳ وطن تي وار

ته ڏسان ڌڻ ڌڻار، پنهنجن پنهوارن جا.

15 – پنهنجن پنهوارن سان، تو مال چاريا موڳي!

مِٽ تنهنجا ملير ۾، مون ٺلها ڏٺا روڳي

مارئي! ويهه ماٺ ڪري، اُڃ مرين اوڳي!

پر جَڙ لڳئي جوڳي، جت کنڀي کنيومانءِ کوهه تان.

16 – چئي: کنڀي کنيومانءِ کوهه تان، آندو مانءِ ساڻ ڌُڪي

دوناليون ڌوڙيون ڪيون، ڪي لڱن منجهه لڳي

جيڪي لکڻهار لکي، سو سڀڪو لوڙي سومرا!

17 -  سڀڪو لوڙي ٿو سومرا! تنهن مان رتي نه ٿئي گهٽ

اڃان اميد رکان وڃڻ جي، پنهنجي مارن وٽ

بُت پنهنجو بيران ڪيئي، هُئين ڪو ڄاڻي ڄٽ

ماڙيچن ڏانهن، محمود چئي، تون مُنهن وڃي ڪو مٽ

ته لهئي قلب تان ڪَٽ، جيسين هجين هن جهان ۾.

18 – مرضيون منهنجون محبوب! رکيون ربّ رحمان

وڄون وسڻ آئيون، ڪري سڀ سامان

پاڻي پهريو پٽن تي، ٿيو اُمت کي ايمان

موريا گاهه ملير ۾، اتي مال چرڻ مستان

ڪن پچارون پاڻ ۾، هُئن پنهنجا ئي ارمان

ٻي ڪنڌي هين ڪانه، تڏهن صاحب سهنجايون ڪيون.

19 – ونهين ۽ ويڙهيچن جي، پيئي پهرين رات پچار

سڳر ساهيڙين جا، ڇو ڇِنِي ڪيئي ڌار

ماڙين منجهه، محمود چئي، سانگي لهندئي سار

پکي راڄ پنهوار، وُٺي پاس وري ويا.

20 – وُٺي پاس وري ويا، سي سانگي هت نه سار

جن ڀري ڀيرو نه ڪيو، سي ويڙهيچا به وسار

روئي رتولن ۾، نير تن لاءِ نه هار

موٽڻ جي، محمود چئي، وائي وطن نه وار

پوءِ اهڙي ئي اَچار، کِلي ويهه تون کٽ تي.

21 – چئي: وائي وطن جي مور نه مون وسري

ڏنو جي ڏوٿيڙن لاءِ، وڃان ٿانءُ ڀري

جن مارن لاءِ، محمود چئي، ساعت ڪانه سَري

ڪڍ بندياڻي بند مان، اهڙي آسري

پوءِ ٿورو ٿر ڪري، موڪل ڏي ته ملير وڃان.

22 – موڪل ڪيئن ڏيان، مارئي! آيس خوشيءَ سان به کڻي

اُٺ ويهاري آنهه تان آيس هاڃي منجهه هڻي

تنهنجي مائٽن جو مارئي! ٿيندس پيرن جي پَڻِي

پوءِ ڇڏي سِڪ گهڻي، کِلي ويهه تون کٽ تي.

 

سُهڻي

 23ساراهيان سچو ڌڻي، جو سڀڪنهن سان ساڻي

مهند خلقيائين مصطفيٰ، ڪئي پرور پڄاڻي

دنيا دم گذر آهي ويندي وهاڻي

آيا ڀاڳئي جي ڀاڻ تي، جنهن جي صحبت سياڻي

کڻي آءُ کير خوشيءَ مان، تنهنجي وٺون ميهر! مهماڻي

ڀُوريون ناهن ڀاڻ تي، سانجهي سُمهاڻي

اُٿي سَڪُر ميڙ سنگهار تون سالم سُڃاڻي

تنهن ميڙي وڇ وٿاڻ تي، ننڍي نماڻي

ڪئي مردن موڪلاڻي، پِي پيالا پُر ٿيا.

24 – ساهڙ تنهنجو سڱ ۾، ٿئي ڪامڻ ڪڄاڙو؟

اوهين سامٽيا، هُو هِگامڙ، اِهو پري ٿيو پاڙو

ٻُجهي ٻيلي پاسي ٿو واڳن جو واڙو

مَڇ مِڙي مهراڻ، ڪندئي ڪُن مٿي ڪاڙهو

تو کائي ڏٺو کير خوشيءَ سان، ڀولِي جيئن ڀاڙو

ريءَ چڱائي چاڙهو، ٻيو ڪونه ٿيندئي ڪامڻي.

25 – سنئين پئي ٿي سِير ۾، منهنجو پاڻيءَ لاڳو پنڌ

سوڻ ڪرڻ سان سوگهو ٿي، مونکي باري لڳو بند

ڏک اوريم ڏم سان، ڇو ڪرين ٿِي ڇَند

مون منهن نه ڏٺو ميهار جو، ڪڏهن کڻي ڪنڌ

هُن ڀَر جن جو هنڌ، تِن جي لَهه لڳيو ٿي لهريون لنگهان.

26 – جن جي لَهه لڳيو ٿي لهريون لنگهين، تن جي ڪيئن سهڻي ٿي سونهين

حَق ڇڏيو ٿي هٿ هڻين، هلين پيئي هُونهين

جن جي طلب ڪري تون هلين، سي ڪين ڪڍندئي ڪُن مان.

27 – اُهو ڪڍندو ڪُن مان، جو آهي هميشھ حامِي

مُنهن چڙهيو مهڻا ڏين، تنهنجي مَت وئي، مامِي!

مَن مٿي ميهار جي، جاءِ جُڙي حامِي

جن کي محبت من ۾، تن سان سوڙهه نه ڪندي سامِي

پوءِ آهن انجامِي، ڀاڳئي جي ڀاڻ تي.

28 – ڀاڳئي جي ڀاڻ تي، نه ڀيرو ڪندئي ڀورِي

هلڻ جي هن پار ڏي، ڪا لئون لڳئي لوِري

جوڀن جواني جيڪڏهن، ڇڏي ويندين ڇورِي!

تنهنجي ڪَرم ۾ ڪوِري، سا گَهڙِي ڏسندين گهيڙ تي.

29 – تنهنجو ڪم ڪنڀار سان، جو ٿڌا ڏي ٿو ٿانوَ

آءٌ ڪريان وِچينءَ نيت وڃڻ جي، جيهر وَڻنِ ويهن ڪانو

ڏک اوريو ڏم ڪرين، ڏهاڻي ڏانو

ناحق ڌَر نه نانو، مهڻا ڏيئي ميهار جا.

30 – مت لڳئي ٿو مهڻو، ڇو ٿي تَرين تار؟

ڏکيا سکيا ڏينهڙا، ويهي گهر گذار

جن ننڍڙي ڪري نپايئي، ڪل وڃائي ڪار

محبت جا، محمود چئي، ساڳيا ڏينهن سنڀار

نظر ڪري نهار، ته گهڻو ڏوهه اٿئي ڏم جو.

31 – پوءِ اِهي ڳالهيون پڌريون، پهريون پونديون پَٽ

جنهن سان لهريون لتاڙيو وڃان، سو ڪيئن گهڙو ڀانيان گهِٽ

ڪنهن پَساريءَ وٽان پيدا نه ٿئي، نه ڪنهن هوندو هَٽ

تنهن کير کڙو ڪيو، ڄاڻي پيتم ڄَٽ

ڏک اوريو ڏم سان، سور به ويٺي سَٽ

مهڻا ڏيئي ميهار جا، موڳي! مُهڙ نه مٽ

ساهه به ساهڙ وٽ، ڏم سان ڏينهن گذاريان.

32 – مٿي ڏم! ڏکن جي، تو لاتي لڙائي

ڪڏهن ڪڍيئي ڪانه ڪا، اها ڪوڙي ڪمائي

ڀاڳئي جي ڀاڻ تي، تو کير ڏٺو کائي

منهنجو تو مائِي! ڪڏهن ڪم ڪَسيري جو نه ڪيو.

33 – چاچِي! تو نه چيو، ڪڏهن مونکي ڪم

انهن ڏکن ڏوراپن جو، گوندر ٿيو ٿم غم

ڀاڳئي جي ڀاڻ تان، منهنجو رکيو شاهه شرم

وڃي ڏينديس وير ۾، درياءَ مٿي دم

اهو ڏک ڪري ٿو ڏَم، وڃي پنهنجن مان پرڻائيو.

34 – هڪڙي پَرڻي پُر ڪيو، وري ٻي ڪندو شادي

مُنهن ڏسڻ لاءِ ميهار جي، مُنڌ! آهين ماندي

توکي نينهن نهوڙيو، هڪ وار ناهين واندي

اسان کي ڪري ڏيندو ڪڙم مان، هڪ وني، هادي

اها بوءِ اٿئي بادي، تو ور بنان آهي باسيو.

35 – اُتي وٿاڻ واسيا، جتي جُنگن جاءِ

مهڻا طعنا منڌ ڏيئي، واتان ڪيم وڃاءِ

لکيو منهنجي ڪرم ۾، انگ اڳيئي آهه

پاڙو پڇي پنهنجو، پُٽ اُتاهين پرڻاءِ

سا آڻي ويهارج وچ ۾، جيڪا تو جوءِ جڳاءِ

ڀاڳ پنهنجي کان ڀاءِ، آءٌ اڳيئي اهڙي آهيان.

36 – ڀاڳ اسان ڀيڙو هو، پر اچي تالان ڪيو تو

لتاڙيو لهريون وڃين، ساري لوڪ به سُئو

ڏک ڏيو ڏم کي، ٿي جاڙون ڪرين جوءِ!

اها پڇا ٿيندي پوءِ، جو حق ڇڏيو هلي وڃين.

37 – هَلي وڃان هڪڙي، اهو ڦولهه نه ڦُڦي! ڦورو

پِيتم کير خيال سان، ٿڌو ۽ ٿورو

ڪنهن سان هلندو ڪينڪي، ظلم ۽ زورو

جتي تُرندو تورو، اتي ڏم به بيٺو ڏسندو.

38 – تور ته پوءِ تُرندو، هت وانجي ڇڏيئي ور

سُتي پِئي ساهڙ جو، سهڻي سُئي سانڀر

وجهي تر هو تار ۾، رکيئي ڀيلي مٿي ڀَر

محبت جو، محمود چئي،آهي ڪانڌ ڪَٽر

جي آيو ڏَم ڏَمر، ته ڪَپي رکندئي ڪُن تي.

39 – ڪَپڻ واري ڪامڻي! ڏم وٽ ناهي ڏيا

هلي وڃان هڪڙي، ڇڏيو هت حيا

مهڻا طعنا لوڪ جا، مون کِلي سر کنيا

مونکي نِيرَ نينهن جا، پيئندي کير پيا

جن هئا قول ڪيا، سي پَسان تان پاپ لهي.

40 – ڪيئن تنهن کان پاپ پري ٿئي، جو سچ نه سڃاڻي

ڪاهي پئين ڪُن ۾، تُرهي کي تاڻي

دغا تنهنجي دل ۾، ٿو ڄاڻندڙ ڄاڻي

ساهڙ ساماڻي، لٿو ڏولائو ڏيهه تان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org