سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :20

مارئي

40 –ساراهيان سچو ڌڻي، جو قادر ربّ ڪريم

وسي ٿو ويڙهن ۾، راحم ربّ رحيم

ٿَرين بَرين ٿاڌليون، ڪيون مير محمّد ميم

چارئي يار رسول جا، جن درس وڌايو دِين

پنجتن پاڪ ڀلارا، محبت ۾ مڙهين

واري هيءَ وڳر سان، من گولي نيئي گڏين

موٽائي ملير ۾، نِماڻيءَ کي نيِن

جتي سڳر ساهيڙين جا، اتي ڇوري نيئي ڇڏين

ميڙيو ڪينجهر ڪنڌئين، جت کاٽونبا ٿيون کين

سرتيون روز صبوح جو، مون کي ساڻيهه ۾ سڏين

آڻيون ڏيهاڙي ڏين، مون کي کنڀيون کاهڙ پار جون.

41 – ڏين کنڀيون کاهڙ پار جون، ڪن سرتيون مونکي سڏ

ويئي ماڙيچن جي موهر ڏي، ڪا لاکيڻن جي لَڏ

پکا پکن سامهان، اتي مارو ڏيندم مَڏَ

آءٌ ڏوٿياڻي ڏَڏَ، مونکي مارو ميل ملير جا.

42 – مارو ميل ملير جا، جن جي تن اندر ۾ تار

ستي ساريم سومرا! ٿيم سهڻي منجهه سنڀار

وڃي ويٺا ويڙهه ۾، ڪاهي ڌڻ ڌنار

من ڀيرو ڪن بندياڻي تان، ويڙهيچا وينجهار

ڇانگون ڇنن پاس ۾، اُت ٻهڪن ٿا ٻڪرار

گهٽا گهرن پاس ٿا، رونشا ڪن ريڍار

ڀاڻا ڀر ڀٽن جي، ڳاڙها آهن ڳنوار

نديءَ پاس نڪريو، مَرڪن شال ميهار

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، آهي ڀورين جي ڀڻڪار

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، چڙين جي چونگار

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، کَرڪين جي کينڪار

ٻنهي ڀر ٻيلائين جي، هوءِ هوءِ جي هٻڪار

مارو ميل، مولا بخش چئي، جي ماڳ ڇڏي ويا مختيار

وڃي ويٺا ويڙهه ۾، وٺي ڪاپڙي ڪٺار

ويچارا پنهوار، اڃان اٿئي منهنجي آسري.

43 – سي ساريان سومرا! آءٌ لاکِياڻيون لال

وڃي ويٺا ويڙهه ۾، مارو ڪاهي مال

سکيا ٿيا ساڻيهه ۾، ڪي ڪالهوڻيءَ ڪال

وُٺا مينهن ملير ۾، پکا جن جا پال

آءٌ جن لاءِ روز پڪاريان، ساريندي ٿيم سال

سي مارو ميل، مولا بخش چئي، جيڪي ڪَهي ويا اٿم ڪال

سهڻي منجهه سنڀال، هو ملير، آءٌ هِت ماڙئين.

44 – سُتي ساريم سومرا! مارو سي مِٺڙا

سهڻي ۾ سنگهار مون ڏوٿي آهن ڏِٺڙا

وُٺا مينهن ملير ۾، ڪي ساڻيهه ۾ سُٺڙا

آءٌ اُڪنڊي آهيان، مون کي موڪل ڏي مُٺڙا

عجب انگ الله جا، مون ڏهاڙي ڏِٺڙا

سانڀر سپيرين جا، چهڪن ٿا چِٽڙا

ماڙيچا، مولا بخش چئي، راول آهن رُٺڙا

مارو پنهنجي مرَجات ۾، ڪاپڙي آهن ڪُٺڙا

سرتيون وڃن سڱر مُٺ تي، وٺيو گهيڙ گهٽيون گهٽڙا

آءٌ لوئي ڪيئن لاهيان، پهريان ڪيئن پَٽڙا

سونهن ٿا سنگهارن کي، ڪي لڱن تي لَٽڙا

تنهنجا سَڱ ٺهن سومرن سان، مارو نه اَٿئي مِٽڙا

شل! پيان وڃي پنهوارن سان، ڪي کاهڙ ۾ کَٽڙا

عمر کڻي آيو کوهه تان، هڻي جهنگن مان جهٽڙا

پنهوارن پُٺڙا، آءٌ چمان شال چپن سان.

45 –ستي ساريم سومرا! جي سَوايا ۽ سَرس

موڪل ڏي ته مِٽين وڃان، ڇڏ هيڻن سان حَسِ

سال لنگهي ويا سومرا! آءٌ مارو سنڀران مَسِ

سرتين سان ساڻيهه ۾، ڪريان رهاڻيون ۽ رَسِ

سرتين سان ساڻيهه ۾، پين پنهواريون پس

روضي پاس رسول جي، ڀني ڪَن گوڙيون گس

روضي پاس رسول جي، ٿيون ولهاريون وس

روضي پاس رسول جي، ڀريون ترائيون ۽ تس

مارو ميل، مولا بخش چئي، جن لاءِ هينئون ڪري هنبس

وڇڙيا ميلين ربّ! جن جا ڏور پون ٿا ڏس

ساريو سانگيئڙن کي، مون لڙڪ واهايا لَس

پر ڀونگا ڀر ڀِٽن تي، اتي گام ڇڏي ويا گس

پوءِ لاکيڻا لَس، وڃي ويٺا مَنَهن مارو ڄام جي.

46 – هُو ملير، آءٌ ماڙئين، منهنجي ڪانه لڌائون ڪَل

ماڙيچن جون موهر ۾، جهوڪون پاس جهنگل

ساريان ويٺي سومرا! تن پنهوارن کي پلپل

راتوڏينهان روح ۾، اٿم ويڙهيچن جي وِنهجل

هڪ وعدو ٿيندو ويڙهه ۾، کاهڙ منجهه خلل

سي به ليکبا لاهوت ۾، مانجهي هوءِ مَل

تون به عمر! ارڏايون ڪرين، متان تڙجين تنهن مهل

مون کي ماروئڙن جي، مولا بخش چئي، اٿئي جيءَ اندر ۾ جهل

مونکي ڏي موڪل، ته آءٌ وڃي ملان ماروءَ مير کي.

47 – ملان ماروءَ مير کي، جِتي پاڻ اچي ويهندو

مبارڪون ملير ۾، اچي مون ڏکيءَ کي ڏيندو

اچي ڀيڙو ٿيندو ڀٽن ۾، ات احمد ڄام ايندو

وارث پنهنجي وڳر کي، ڪلمي ساڻ ڪاهيندو

ڀريا کنڊ کاهڙ جا، تڏهن نيئڙ پاس نيندو

ملنديون وندر واڌايون، جڏهن بخشڻ تي بيهندو

مارن کي، مولا بخش چئي، اچي ماڙ کي موکيندو

عمر! زورو نه ڪر ضعيف سان، اڳيان توراڙو تُرندو

ڪندو سرهو سانگ سيّد اچي بَديون بخشيندو

ڪندو سرهو سانگ سيّد اچي مدايون ميٽيندو

ڪندو سرهو سانگ سيّد اچي ڪامل ڪوٺيندو

والي اچي وڻڪار ۾، ات اڇا اوڍيندو

لکن جا لاهيندو، هو ميرا هن ملير ۾.

48 – لاٿائين ميرا ملير ۾، سرتين ڪيا سينگار

لاکيون لويون لڱن تي، ٻيا هَس ڳچيءَ ۾ هار

مارو مِٽ ملير جا، جن جي تن ۾ اٿم تار

جيڪي سڄڻ سانگ ويا، سي پرچن شال پنهوار

اکيون اوڀر پار ڏي، ٿيون رون زارو زار

سايون تن سانگيڙن کي، مون نيڻ وهايا نار

منهنجو ميلو مارو مير سان، ڪندو صاحب رب ستار

آءٌ ماندي آهيان، مولا بخش چئي، ڏسي ڏيھ ڌڻي ڏاتار

منهنجي مُهڙ ماڙيچن ڏي، آءٌ نڪريو ڪريان نهار

اٿم اُڪنڊ اباڻن جي، ڪا لنئو لنئو منجهه لغار

تن اندر جي تار، سان کُتل اٿم کاهڙ جي.

49 – کتل اٿم کاهڙ جا، ڪي سانگيڙن جا سور

وطن ڇڏي وس ويا، ڏيهه ڇڏي ويا ڏور

مارين ٿا ماڙين ۾، مون کي پنهوارين جا پور

ساهه منهنجي کي سومرا! پون آڌيءَ رات انبور

من ۾ ڳايم، مولا بخش چئي، تن مارن جا مذڪور

سڻي سڏ سڪايل جا، مَن ڪوٺِين ڪور

ماڙيچا ملير ۾، ڪندم ياد ضرور

کاڌم ٿي کاهڙ ۾، ڪي ٻاروتن ۾ ٻور

مون کي ماٺ نه اچي مور، ساريو ولر ويڙهيچن جا.

50 – ساريو ولر ويڙهيچن جا، دل کي پون دام

آءٌ انهن جي آهيان، جيڪي رهن ڄارين ۾ ڄام

مهڻو نه لڳي موکي، جو آهيان سومرا! تنهنجي سام

سي ريهون راءَ ڪندا ويا، ڪامل هي ڪلام

هُو کاهڙ منجهه خوش هجن، وطن ۾ وريام

وُٺا ڪپ ڪينجهر جا، گس ڀريا آهن گام

منهنجا ڪم ڪريم تي، آءٌ هڻي ويٺيس هام

منهنجا ڪم ڪريم تي، آءٌ سيد تنهنجي سام

ماڙيچين جا، مولا بخش چئي، آيا پهرين رات پيغام

سهڻي منجهه سلام، مون وٽ آيا ماروءَ مير جا.

51 – مون وٽ آيا ماروءَ مير جا، ڪي پروانا پَر

وهايو مون ڪونه ويسلي، ڪو ويچاري وکر

هلندو ڪونه حبيب ڪو، ماڙيچن سان مڪر

سڏن سان ساڻي ٿيندو، جڏهن ڪَن پوندس ڪوڪر

سي به نهاريندا نرمل ڏي، جن سان هوندو ساڻيهه منجهه ثمر

آءٌ لنڊي پئي لُولهٽ ڪريان، منهنجي آ توبھ تو دَر

اتي واڪا ٿيندا ويڙهه ۾، ڪي هاڙهي منجهه حشر

سڻي سڏ ساڻيهه ۾، اچي پوڪاريندا پنهور

ملندا سڀ ملير ۾، ڪي سرتين جا به سڳر

ويڙهيچن جا وڳر، سي مارئيءَ سڀ ملهائيا.

52 – مارئي سڀ ملهائيا، جن سان هئا راز رفاق

هينئون منهنجو هنن لاءِ، ڦٿڪي منجهه فراق

تن کي ساريان ويٺي سومرا، پئلو جنين جا پاڪ

سونهن ٿا سنگهارن کي، درس جن جا دِماڪ

سرها ساڻيهه سانگين جا، تڙ مڙيئي طاق

مارو ميل، مولا بخش چئي، سچي جن جي ساک

ماروُ ملڪ مَٽي ويا، هاڙهي پيئي هاڪ

وُٺا ڪڪر ڪس ۾، مٿان پين ماڪ

جهُوپا جي جهانگيڙن جا، چونرا اڏيائون چاڪ

کائين کير کاهڙ ۾، پنهوار آهن پياڪ

سي تڙ مڙيئي طاق، مارئي اُجاريا ملير جا.

53 – مارئي اجاريا ملير جا، پنهنجا سڀئي پنهور

بادل برسي آئيا، بجليون پائي بحر

وُٺا مينهن ملير ۾، ات ڏونڀا ڀريا ڏهر

وٺا مينهن ملير ۾، ات سهڻا ٿيا سر

وٺا مينهن ملير ۾، اکين ڪيا اوجر

وٺا مينهن ملير ۾، ٿاڌل ڪئي آ ٿر *

وٺا مينهن ملير ۾، ٿيون گجگوڙيون گينور *

وٺا مينهن ملير ۾، والي ڪئي آ وَر *

وٺا مينهن ملير ۾، تونگ ڀريا سڀ تر *

ڦُٽا ڊامڻ ڊِٻُن ۾، ٿيون ٿاڌليون مٿي ٿر

قوت جن جو ڪِراڃ هو، سي ڦليون چرن ڦر

ڀُرٽ ڀڇٽي چونڊين چپٽين سان، سرتين جا به سڳر

واريو اچن ويڙهه مان، ڪي ٻانهاريون ٻڪر

ڏسان ڪنواريون ڪينجهر ڪنڌئين، ڏي موڪل ادا عمر!

تنهنجون ڳالهيون ڳوٺ ڪندياس ڪي سومرا سَڌَر

ڇانگن مان ڇني آئين، ڪٿي رهيا ويڙهيچن وڳر

ماڙيچن جي، مولا بخش چئي، نڪا آئي کاهڙ مان خبر

سڻي ساڻيهه جا سانڀر، منهنجو چَڙن مَن چريو ڪيو.

54 – چَڙن من چريو ڪيو، کرڪيون کيڪارين

ڪاهيو ڪينجهر ڪنڌئين، اتي پنهور پيارين

ڀيرا ڏيو ڀٽن ۾، ولر ڪيو وارين

مارو پنهنجي مال کي، ٿا تڙن تي تنوارين

ساڳا ڪيو ساڻيهه ۾، ٿا کاهُڙ ۾ کِرڪارين

تن تي وُٺا مينهن مڙائي جا، جي گوڙين تي گذارين

مارئيءَ جي منهن ڪاڻ ٿا جهنگل جُهونگارين

جن سان ساٿ گذاريم سومرا! سي ڪيئن ويهي وسارين

جي اچن سلام سنگهارن جا، ته مُئيءَ کي جيارين

مِٽ منهنجا، مولا بخش چئي، اڃان گوندر گذارين

مون کي ٿا مارين، ڏسي ڏونڀا ڏوٿيڙن جا.

55 – ڏسي ڏونڀا ڏوٿيڙن جا، پيم سورن جا سيلها

ڪٿي ڀونگا ڪٿي ڀِٽون، ڪٿي سانگ ڪٿي سِٽون، ڪٿي ٻائر جا ٻيلا

ڪٿي مارو ڪٿي مال، ڪٿي لاکيڻا ڪٿي لال، ڪٿي رتن جا ريلا

ڪٿي تڙ ڪٿي تنوار، ڪٿي پکا ڪٿي پنهوار، ڪٿي ڏيهه سندا ڏيلا

ڪٿي ڌڻ ڪٿي ڌنار، ڪٿي سهڻا ڪٿي سنگهار، ڪٿي ڇپر ۾ ڇيلا

اهي لُٽڪي ويا لَڪن تان، منهنجا لاکيڻا ليلا

سکيا ڏينهن سانگين سان، ڪٽيم ويڙهيچن سان ويلا

وڳ وڃن ٿا ويڙهه ڏي، وٺيو گس گيلا

لاهيندو اچي لطف سان، جهانگيڙن تان جهيلا (1)

پر مارن سان ملير ۾، منهنجا محمّد ڪندو ميلا

ڀرم ساڻ ڀَلا، آءٌ وينديس وطن سامهين.

56 – ڪيئن وينديئن وطن سامهين، آندو مئين جهنگن مان جهٽي

تنهنجا مارو ويا ملير مان، ساڳيا ماڳ مَٽي

وڃي ويٺا ويڙهه ۾، نوان کوهه کٽي

صورت پنهنجي تو وڃائي، ڪِرڙن تي ڪٽي

ڪين ڇڏيندوسئين ڪڏهن، ويندئي ماڙيچا مَٽي

مري وينديئن مارئي! هت ڇڏيندوسئين لوڙهه لٽي

موٽڻ جو، مولا بخش چئي، تون اکر ڇڏ چٽي

حديث پنهنجي حال جي، پڙهي ڏس پَٽي

ته موٽيو ڪونه مقام مان، ڪو  خاوند کئون به کٽي

سڱر سانگين سان سَٽي، تو ڏکيا گذاريا ڏينهڙا.

57 – سانگي منهنجا، سومرا! هُت کائين کنڊون ۽ کير

ويٺا آهن وطن ۾، مارو منجهه ملير

سرتيون روز صبح جو، پين پاڪ پنير

کيهون ٿيون کاهُڙ ۾، ٿيا ساوا ڳم ڳنڍير

ٿيا آهن سڪار ساڻيهه ۾، هتي اڇا هي همير!

تون لاههِ ڪڙولا ڪوٽ جا، ڀَڃ قضا جا ڪِير

عمر! اباڻي پار جي، اچي هينئين کي هير

جان ماري ڇڏ ماڙين ۾، جان لاهه زوراور زنجير

جان ڪُهي ڇڏ ڪُٺل کي، جان ثابت اُڪارج سِير

سولي ڪجانءِ سچا ڌڻي! هٿئون حضرت پير

مارو مون کي ميلئين، هو ويڙهيچا مهمير

مِٽ اٿئي منهنجا، مولا بخش چئي، اباڻا امير!

هِت نيڻين وهايان نير، ساريو سنگهارن کي.

58 – ساريو سنگهارن کي، تنهنجو هينئون ڪري هنبس

اوڏا هئا ته آيا، آهن پري ڏوٿين جا ڏس

تنهنجا مارو رهن ملير ۾، ٻيا وڳ چرن ٿا وس

تون پاءِ پٽير پلنگ تي، ته لاهيون قلب جي ڪس

پاءِ ويڙهه، ڇلا، ورڻا، ميناڪاري منڊيون ته ڪريون رتولن ۾ رَس

تائٿ تَفيلا، دهريون دليلا، بينسر بولا، ڪن چپن تي چَس

آليون آلريون، جهومڪ جهالريون، دهريون پائج دس

نسبيون ناڪيلا، والا واڍولا، تون هيرا پائج هس

اڳي ٿَڪي پئي هئين ٿرن ۾، هاڻي موچاري ٿي آهين مَس

پر اهي مال خزانا، مولا بخش چَئي، آهن وينگس! تنهنجي وَس

جو کنڀي ڪري کَس، توکي کڻي آيس کاهڙ مان.

59 – کڻي آئين کاهُڙ مان، پر منهنجا سانگي سياڻا

ان مهل نه هئا، ويجهڙا، نه ته ڪنئي ها پنهور پڇاڻا

سگهو رسنئي ها سڃ ۾، ڪنئي ها ديوانا داڻا

هاڻي مارو پنهنجي مرجات ۾، وتن ويڳاڻا

اچي اڏيا اٿن اوڏڙا، جي ڏوٿي ڏاڏاڻا

ڀونگا ڀر ڀٽن جي، تن پکڙا پراڻا

جيڪي ڇانگن مان ڇڄي ويا، سي ساڳيا سڃاڻا

سانجهي ۽ صبح جو وجهان ويڙهيچن لاءِ ويڃاڻا

عمر ادا! وطن تي وسون ٿيون، ڪيا مينهن مانڊاڻا

آءٌ عرض ڪريان ٿي ادا عمر! ڪريو نيڻ نماڻا

موڪل ڏي، مولا بخش چئي، اٿئي پلئو پيراڻا

ماڙيچن سان ماڻا، آءٌ مور نه ڪنديس ملير ۾.

60 – چئي مور نه ڪنديئن ملير ۾، نڪي وينديئن ويڙهه وري

وساري ويهي رهيا، لڌائون خبر ڪانه کري

چانور کائي چورما، ٿينديئن چاق چري

پلنگ پٿراڻيون پٽ جون، ويهه هندورن ۾ هري

ڪڏهن ڏٺيسون ڪانه ڪا، پنهوارن ۾ پَري

ساري سانگيڙن کي، ويندينءَ ماڙين منجهه مري

هينئون تنهنجو هنن لاءِ، ويو ڳڻتين منجهه ڳري

کَٽا پِي کاهڙ ۾، ٿَڪي پيا آهن ٿري

لوئي لاهه لڱن تان، کَٿِي سان کهري

سالُون اوڍ سنگهار! لاهه سورن جي ته سري

محبت ۾، مولا بخش چئي، ويهه محلن ۾ مارئي!

ڪوٽن ۾ ڪنواري! تون ڪر ادب عمر ڄام جو.

61 – ادا عمر! آءٌ توکي ڀاءُ ڪيو ٿي ڀانيان

سڌيون ڳالهيون سورن جو، توکي سومرا! سڻايان

منهنجا سانگي سفر ويا، سي وڃي پنهور پرچايان

مارن سان ملير ۾، تنهنجا ڳڻ وڃي ڳايان

رکي سيل ساڻيهه ڏي، وڃي ماڙ کي ملهايان

رکي سيل ساڻيهه ڏي، وڃي مارو مرڪايان

رکي سيل ساڻيهه ڏي، وڃي حڪم هلايان

جي ٿڪي پيا آهن ٿَرن ۾، ته به وڃي کاهُڙ ۾ کايان

ڪريو ڏٿ ڏهر مان، وڃي کاهڙ ۾ کايان

پنيو پنج ڪڻي، تڏهن به وڃي کاهڙ ۾ کايان

آءٌ سڀڪجهه ٿي سمجهان، ننڍڙي ناهيان

ٿينديون شاديون سنگهارن جون، تن جا ٺام وڃي ٺاهيان

جي ٻڌندا موڙ ملير ۾، تن جا ڏاج وڃي ڏايان!

وڳر اباڻي ويڙهه جا، وڃي لڪ ۾ لنگاهيان

عمر ادا! توسان ڪنديس من جون ڳالهيون، مولا بخش چئي، اڃان اوجاڳيل آهيان

پر ٻڪر ٻاٻاڻن جا، آءٌ وڃي قيام تائين ڪاهيان

سا لوئي هت ڪيئن لاهيان، جا ڏنل آهي ڏاڏاڻن جي.

62 – ڏنل اٿئي ڏاڏاڻن جي، تنهنجا پنهور ٿيا پري

موٽيو ڪونه مقام مان، وانگي ڪونه وري

لَٽي لوڙهه لڪن ۾، ويندءِ ڌوڙ منجهه ڌري

تون سمجهي ڏس سنگهار! پئي ساسي سڏ ڪري

عمر نالو عزرائيل جو، سو ايندو ڪهڙي مهل ڪري

ڪئين طالب تڙجي ويا، کٽي ڪونه کري

ڪوفي ڏينهن قيام جي، ايندا عاشق جي آري

محبت ۾، مولا بخش چئي، ويهه مارئي! ماٺ ڪري

تنهنجا ٿَڪي پيا آهن ٿرن ۾، هو پَهرن پياري

تنهنجا تڪي پيا آهن ٿرن ۾، هُو تڙ تڙ تنواري

پر توکي ڀانيئون ڪين ڀٽن ۾ هو ويٺا وساري

غم جا ڏينهن گذاري، هو خوش ٿي ويٺا اٿئي کاهڙ ۾.

63 – خوش ٿي ويٺا آهن کاهڙ ۾، ڇڏي وڻ ولار

آءٌ عرض ڪريان سومرا، سُڻين جي سردار!

منهنجي لوئي هٿ مَ لاءِ! متان ٿين کاهڙ ۾ خوار

اوڏا هئا ته آئيا، پر پري ٿيا پنهوار

مارن سان ملير ۾، وڃي ٿيان ننگن سان نروار

عمر! آڏو اباڻن جي آءٌ وڃي وڇايان وار

آئي مند مينهن جي، هُت تاڙا ڪن تنوار

 آئي مند مينهن جي، برسي بوند بهار*

 آئي مند مينهن جي، ڪن گجگوڙيون گينوار*

 آئي مند مينهن جي، لڳي لس لغار*

 آئي مند مينهن جي، چوطرفي چوڌار*

 وسي پيو وڏڦڙو، ڌوڌو ڪري ڌڌڪار*

ڏسي کنوڻيون کاهڙ پار ڏي، وجهان ڦوڙائي جي ڦار

ڪن ويس ويڙهين ۾، اتي سرتيون ڪن سينگار

ڪونجن جي ڪڇن تي، آهن ٻانهيارين کي ٻار

پيرون چونڊيدين پٽن ۾، ڪنواريون منجهه ڪٺار

رهن ريلن ڪنڌئين، اتي تاڙا ڪن تنوار

پين پِس پنهواريون، اتي سرتيون ڪن سينگار

منهنجا ڇيلا ڇوڙيا، جت ليا سونهن لار

آءٌ ڏونرن جي سَڌ مران، ڏکيا جن جا ڏار

وڃي چاريان ٻڪر ٻاٻاڻن جا، ساريءَ سڀ ڄمار

جن ڪاهيا ڌڻ ڌڻار، سي موٽي ايندم ملير ۾.

64 – موٽي ايندم ملير ۾، ڪاهي مال متاع

پُٽ ته اوباهيي جا، مانجهي مور ملاح

گهوٽيا گهر نه آئيا، ڪيائون ڪُنن پاسي ڪاهه

سهڻي ساهڙ ڄام لاءِ، واهڙ تري ويئي واهه

سا ڪڏ ڪريو ڪاهيو پوي، ديمين منجهه درياهه

سسئي پنهنجي ساٿ لاءِ، پچايو پنهون لاءِ پساهه

سا روئي پئي رڻن ۾، رند پڇي ٿي راهه

مومل محلاتن ۾، ٿي پرينءَ لاءِ پاهه

موٽي آءُ مينڌرا! نه ته سوڍا وڃي ٿو ساهه

تون وَني، آءٌ ولهو، پنهنجو نار نڪاح

تو مڻيي تي مَٽي ڇڏيو، تڏهن پيا ڏيهن ۾ ڏاهه

هڪڙا مِرون ملڪ ۾، ٻيا بگهڙ ڪن باهه

هڪڙيون بلائون برن ۾، ٻيو رڻن ۾ رانڀاهه

ٿا وسن ميڙائي جا مينهن، جو مري ويو آهي ماهه

سيفل سان سورن جي، محبت پڙهي مداح

پَري ڏسي پرديس ۾، ڪنڊ مٿي ڪيئين ڪاهه

اچي اونچل ڪوٽ ۾، هنئي سنياسين صدا

گرناري گودڙيا، اتي سامي ڪن صلاح

ترس ته آءٌ تڙ ڪريان، پوءِ سِسِي منهنجي لاهه

ساريون سامونڊين کي، چڙهيا ڳڻتين جا ڳاهه

جيڪي سانگي ويا اٿئي سپرين، آڻيندو الله

آندي عمرڪوٽ ۾ کڻي بَر مان بادشاهه

هاڻي مارن جا، مولا بخش چئي، لاڳاپا کڻي لاهه

وٺندا ويڙهيچا وناهه، اُتي کاهڙ منجهه خوشيءَ مان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org