سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو :4

 

 

پريم جي سيجا

 

منگهارام ملڪاڻي

 

پاتر:

 

زال

مرد

دوست

 

آخرين دؤر:             مرد ۽ زال جي گهر ۾ ڪمرو

پهريون دؤر:            ساڳيو، ڪي سال اڳ

آخري دؤر هلندڙ:      ساڳيو، شروع وارو

ٻيون دؤر:              ساڳيو، هڪ سال اڳ

آخرين دؤر ختم:       ساڳيو، شروع وارو

 

 

 

 

 

 

پريم جي سيجا

 

آخرين دؤر

 

(پردو کلڻ کان اَڳ هڪ نَئين ڄاول ٻالڪ جي ”اوُئان، اوُئان“ ٻڌڻ ۾ اَچي ٿي. پردي کلڻ سان سٽيج جي وچ ۾ پيل هڪ پلنگ تي روشني پيئي پوي، باقي ڪمرو اوندهه ۾ آهي، پلنگ تي هڪ جوان زال پٺي ورايو، ڪپڙي سان دڪي ليٽي پيئي آهي ۽ روئندڙ ٻار کي چڳڙ ڏيئي ماٺ ڪرائي رهي آهي، پر ٻار ڏسڻ ۾ نٿو اَچي. ٿورو وقت ماٺ ڪري ٻالڪ وري روئڻ ٿو لڳي، تڏهن زال چوي ٿي:)

زال:    بس، مٺڙي، بس ڪر! اَچي، هي ٻيو پاسو وٺ. (پر ٻار وڌيڪ روئڻ شروع ٿو ڪري، تڏهن وري چوي ٿي:) تنهنجو ته پيٽ ئي نٿو ڀرجي! پورو کير نه هوندم ته مان ڇا ڪريان؟ (منهن ورائي سڏ ٿي ڪري:) ٻڌو ٿا، هيڏانهن ته اَچجو.

مرد:    (اَندرين ڪمري مان) ڇو، وري ڇا ٿيو؟

زال:    ڪڪيءَ لاءِ پائوڊر مان کير ته ٺاهي ڏجو، بک ئي نٿي لهيس.

مرد:    (خفي وچان، اَندران) مان آفيس مان ٿڪجي موٽيو آهيان؛ آيا ڪيڏانهن ويئي؟

زال:    آيا اَڌ ڏينهن موڪل وٺي ويئي آهي. توهين ئي کڻي کير گرم ڪري ٻاٽليءَ ۾ وجهي ڏيو.

مرد:    (ڪاوڙ ۾ ٻاهر ايندي) پوءِ آيا کي موڪل ڏنيئه ڇو؟ مان ويٺو تنهنجي سڪيلڌي پاليندس ڇا؟

زال:    پاليندي ته ضرور ماءُ، پر توهان به کڻي ڪڏهن مدد ڪئي ته اُنهيءَ ۾ ڇا آهي؟ (ٻار کي گود ۾ کڻي ٺپڙي ٺپڙي ماٺ ٿي ڪرائي، جنهن کي آخر ننڊ اَچي وڃي ٿي ۽ پوءِ وري پاسي ۾ سمهاري ٿي ڇڏيس. تنهن وچ ۾ گفتگو چالو آهي.)

مرد:    پنجن سالن کانپوءِ ڄڻي به اِها ڪڪي اَٿيئي، تنهن کي تون ئي ويٺي پال. مون کان اهو ڪم ڪونه پڄندو.

زال:    ڪڪي ڄڻيم ته گناهه ڪيم ڇا؟ اها ته عجيب ڳالهه ٿا ڪريو.

مرد:    مون کي ڌيئون وڻن ئي ڪين. توکي ڌيءُ جي سڪ هئي، ته منهن به پاڻ ڏينس. مونکي ته هيترن سالن کانپوءِ پٽ کپندو هو.

زال:    پر پٽ ڌيءُ ڪنهن جي وس جي ڳالهه آهي ڇا؟ ٻئي ليکي، هن زماني جي پٽن تي ڪهڙو اعتبار آهي؟ زال گهر ۾ آندائون ته اُها پنهنجي، مائٽ پراوا ٿيو پون. ڌيئرون ويچاريون سٻاجهڙيون؛ شادي ڪري وڃن تنهن کان پوءِ به ماءُ پيءُ لاءِ هڏ ڪرڪين.

مرد:    (خارن مان) پر سڄا سارا پنج سال ماٺ ڪري، نيٺ ڄڻي به اها ڪڪي اَٿيئي نه، جا سڄو ڏينهن پيئي رودن مچائي! حق تي پنهنجو کير نٿو پويئي، ۽ پائوڊر جي دٻن تي پيئي پيسا اُڏائين!

زال:    کير نه پوڻ جو سبب دير سان ٻار ٿيڻ ٿورو ئي آهي. ڊاڪٽرياڻيءَ ڪين چيو ته ڪن زالن کي کير گهٽ ٿيندو آهي. ڪلهه کان وٺي نڙن ۾ سور به پيو پويم. باقي پنج سال ٻار نه ٿيڻ جو سبب ته..............

مرد:    سبب پڌرو پيو آهي، ته تنهنجو مون سان پيار ئي ڪونه هو.

زال:    اسان جي مائٽي ته مائٽن ڪرائي، پر مڱڻي هوندي مان توهان جو خيال ڪري اَندر ئي اَندر ۾ توهان کي پيار پيئي ڪندي هيس.

مرد:    پر شاديءَ کان پوءِ ته اهو پيار ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي.

زال:    هر هر پيا اهي مهڻا ڏيوم، تنهن کان اَچو ته سالن جي ڳالهه دل ٻڌي ٻڌايانوَ.

        (سٽيج تي اوندهه ٿي وڃي ٿي.)

 

پهريون دؤر

 

        (ٿوري وقت بعد روشني ٿيڻ سان سڄو ڪمرو چٽو ڏسجي ٿو: پوري فرنيچر سان سجايل ۽ درين دروازن تي پردا ٽنگيل. وچ ۾ ساڳيو پلنگ پيو آهي، پر هن وقت خالي آهي. پاسي ۾ پيل سوفا سيٽ تي زال ۽ مرد ويٺا ڳالهائين.)

زال:    پر مان ٿي پڇان ته ههڙي چوڄ مان شادي ڪري توهين مون کان ڦري ڇو ويا آهيو؟

مرد:    ڦريو مان ڪونه آهيان پر تون ڦري آهين.

زال:    مان ته اُلاجي ڪهڙيون پيار جون اُميدون کڻي آئي هيس، پر توهين آهيو جو....

مرد:    توکي پيار جي ڪهڙي خبر! پيار اهو جنهن ۾ مرد زال هڪ ٻئي ۾ سمائجي وڃن. پر ڀريو سال ٿي ويو آهي نه......

زال:    پر مان ته سچي پيار جا سپنا لهندي هيس، ۽ سمجهو هوم ته شاديءَ کانپوءِ به اهوئي آتمڪ پيار جو ناتو اسان جي وچ ۾ ٿيندو. مونکي خبر هئي ڇا ته.....

مرد:    (ٺٺوليءَ سان) آتمڪ پيار! سورهن ورهين جي ٿي ويئي هئيئن، ته به توکي ڪنهن ساهيڙيءَ سڌ مان اهو پتو ڪونه پيو ته مرد زال جو ڪهڙو ناتو ٿيندو آهي! آتمڪ پيار!!

زال:    مان سچ ٿي چوان، مونکي پوري خبر ئي ڪانه هئي. مونکي پيار جي مٺين ڳالهين ٻولهين ڪرڻ مان ئي فرحت کپندي هئي، هٿن جي هلڪي هلڪي ڇهاءَ مان ئي اندر جو آنند کپندو هو. وڌيڪ رشتي رکڻ جي نڪا مونکي ٻوجهه هئي، نڪا اَندروني ڇڪ ٿيندي هئي.

مرد:    پر سڀ ته تو جهڙا ٿڌا ٺڪر ڪونهن. خاص ڪري مرد ماڻهوءَ کي ته ضرور وڌيڪ رشتي رکڻ جي ڇڪ ٿيندي_ سو به شادي ڪرڻ کان پوءِ. نه ته شادي ڪرڻ جو مطلب ڪهڙو؟

زال: پر شادي ته ٻن دلين جو ميلاپ آهي، بدني ميلاپ جي هروڀرو ڪهڙي ضرورت آهي؟

مرد:    دلين جو ميلاپ! اڃا به اهي رومانٽڪ ڳالهيون پيئي ڪرين. شاديءَ جو مقصد ئي بدني ميلاپ آهي، جنهن مان جسماني موج به ملي ته ٻار ٻچا به پيدا ٿين. باقي دلين جو ميلاپ ۽ آتمڪ آنند، سڀ هوائي ۽ واهيات ڳالهيون آهن.

زال:    پر مان ڇا ڪريان؟ مونکي بدني ميلاپ مان موج ته ڪانه ٿي ملي، بلڪ ڪراهت ٿي اَچي. منهنجو سڀاءُ ئي اَهڙو آهي، مان لاچار آهيان.

مرد:    ته پنهنجي سڀاءَ کي سڌار، نه ته نقصان توکي ئي رسندو. سال کن نبري ويو آهي ته مونکي ناڪار ڪري ڪري پري رکندي آئي آهين، ۽ مون به زبردستي ڪانه ڪئي آهي. پر آخر مرد ماڻهو ڪيترو وقت پاڻ کي روڪي سگهندو؟

زال:    روڪيو وري پاڻ کي ڪهڙو اَٿو! ڄڻ ته مونکي خبر ئي ڪانهي ته توهين....

مرد:    (عجب ۾) ڇاجي خبر اٿيئي؟

زال:    اهڙيون ڳالهيون گهڻو وقت لڪل رهنديون آهن ڇا؟

مرد:    تڏهن تون مون تي جاسوسي به پيئي ڪرين؟

زال:    جاسوسي ڇو ڪريان؟ ڪٿان نه ڪٿان ڦاٽ ڦاٽيو پوي.

مرد:    چڱو، ٻڌاءِ ته مڙس جو ڪهڙو ڦاٽ ڦاڙيو اَٿيئي؟

زال:    هوءَ توهان جي ماسات جي زال، جنهن کي مڙس پڇيئي ڪين.....

مرد:    پوءِ ڇا؟ تون مونکي ڪانه پڇين، هن کي مڙس ڪونه پڇي؛ سو جي اَسان ٻنهي هڪ ٻئي کي پڇيو ته ڪهڙو گناه ڪيوسون؟

زال:    پر هوءَ ته ڪاري ڪلوٽي آهي، تنهن سان ڪيئن دل لڳي اَٿو؟

مرد:    چيومانءِ ته دل جي انهيءَ ۾ ڳالهه ئي ڪانهي. ڪاري آهي ته پوءِ ڇا؟ جوان آهي، مرد کي جيڪي زال مان کپي سو ڏيئي ڄاڻي ٿي، وٺي ڄاڻي ٿي. مون لاءِ اِهوئي سڀ ڪجهه آهي.

زال:    پر مان اهو نٿي سهي سگهان ته منهنجي پتي، جنهن ۾ پيار جون اُميدون رکيم، سو ٻيءَ ڪنهن جي ڦندي ۾ ڦاسي.

مرد:    انهيءَ سکڻي پيار مان ڇا وريو؟ مونکي ته ڀرپور پيار کپي، جو هن مان مليم ٿو. هٿ وٺي مڙس وڃايو اٿيئي، پنهنجي ڏوهه جي سزا به توکي سهڻي آهي.

زال:    سزا ته گهڻيائي سٺي اٿم، پر منهنجو وس نٿو هلي. جڏهن کان انهيءَ ڇوڪريءَ جي سڌ پيئي اَٿم تڏهن کان ڏاڍي ڪوشش ڪئي اَٿم ته توهان جون خواهشون پوريون ڪريان، پر منهنجو سرير مڃي ئي نٿو. اصل.... ڇرڪي پيو، ٽهي پيو.......

مرد:    ته بس، مونکي به جيڪي کپي سو ملي پيو. اَڄ جڏهن ڳالهه کولي ڪئي اٿيئي، ته هن کان پوءِ توکي مان هٿ به ڪونه لائيندس. (ڪوچ تان اُٿي ٿو)

زال:    (پٺيائنس وڌي، نيزاريءَ سان) نه، نه، ائين نه ڪريو. چڱو ڀلا، مان قبول ٿي ڪريان. پنهنجي من کي ماري به، توهان کي جيڪي کپي سو ڏينديس. پر مون تان هٿ نه کڻو، هن ڇوڪريءَ کي ڇڏي ڦٽو ڪريو.

مرد:    هن کي ڇڏڻ جو مدار توتي آهي. جيڪڏهن تو وٽان سڀ ڪجهه مليم ته هن وٽ وڃڻ جو ضرور ئي ڪونه پوندو. پر جيسين تو مونکي پورو راضي نه ڪيو آهي، تيسين هن کي ڇو ڇڏيان؟

زال:    (لاچاريءَ سان) جيڪا توهان جي مرضي.

مرد:    تڏهن هيڏانهن اَچ. (هوءَ ويجهو وڃيس ٿي، ته هو اوچتو جوش مان ٻانهن ۾ ڀڪوڙيس ٿو ۽ چميس ٿو، جو هوءَ ماٺ ميٺ ۾ سهي ٿي. پوءِ ڪمر ۾ ٻانهن وجهي پلنگ ڏانهن ڇڪي اَچيس ٿو، جنهن تي هوءَ هلڪو واڪو ڪري ٿي:_)

زال:    نه، نه.... هينئر نه، ..... پوءِ......

مرد:    پوءِ وري ڇاجي؟ مونکي هينئر ئي تنهنجي آزمائش وٺڻي آهي. (پلنگ تي ليٽائيس ٿو، ۽ هوءَ هراس وچان ڏانهنس نهاري رهي آهي. مرد تڙ تڪڙ ۾ پنهنجو ڪوٽ لاهي ڪوچ تي ڦٽو ڪري ٿو ۽ پلنگ جي ڪني تي ويهي، جتي جوراب لاهيندي چوي ٿو.) هاڻي ڏسان ته سال کانپوءِ ڪيتري قدر ٿي مونکي راضي ڪرين.

        (سٽيج تي اوندهه ٿي وڃي ٿي.)

 

آخرين دؤر هلندڙ

 

        (ڪجهه وقت زال جي ڪرڪڻ جو آواز ٻڌجي ٿو، ۽ روشنائي ٿيڻ سان ساڳيو ڪمرو پلنگ کان سواءِ اوندهه ۾ آهي. زال چادر تاڻيو پلنگ تي ڪرڪي پيئي. ڀر ۾ دوائن جي ٽپائي رکي آهي، مرد انهن مان هڪ گوري ڪڍي پاڻيءَ سان ڳيهڻ لاءِ زال ڏانهن وڌائي ٿو.)

مرد:    اَچي، هيءَ گوري ڳيهي ڇڏ، ٽئين وزن جو وقت ٿي ويو آهي.

زال:    گورين وٺڻ مان ڪهڙو ٿو فائدو ٿئي؟ هاڻي ڇڏيوم ته اهو سور سهندي سهندي پوري ٿي وڃان. (ڪرڪي ٿي.)

مرد:    سئي هڻڻ کان پوءِ ڊاڪٽرياڻي ڪين چئي ويئي ته ٽيم سان دوائون وٺندينءَ ته ٺيڪ ٿي ويندين؟ هاڻي هيءَ گوري وٺي ڇڏ. (ڪنڌ مٿي ڪري گوري ڳيهائيس ٿو.)

زال:    (ڪرڪندي) ڇو ٿا هروڀرو ڪوڙن دلاسن تي رکوم؟ ڊاڪٽرياڻيءَ پاسيرو ڪري جيڪي توهان کي چيو سو مون ٻڌي ورتو: ته ويم کان پوءِ پوري صفائي نه ڪرڻ ڪري زهر چڙهي ويو اَٿس.

مرد:    تون دل ڇو ٿي هارين؟ ڪيترا خراب ڪيس به پوري علاج ڪرڻ سان ڇٽي پوندا آهن. هاڻي ته ڪڪي ڄائي سا ڄائي، توکي اُن جي پالنا لاءِ جيئڻو آهي. توکي جيئڻ لاءِ اِڇا شڪتي هلائڻ کپي_ ڊاڪٽرياڻيءَ اهو چيو، سو ڪونه ٻڌءِ؟

زال:    (پٺئين پاسي پيل ڪڪيءَ تي هٿ گهمائيندي) سالن کان پوءِ ڪڪي ته ڀلي آئي، پر مونکي هاڻي جيئڻ جي اِڇا ڪانه رهي آهي. (وري ڪرڪي ٿي)..... پر توهان پنهنجي دوست کي منهنجي بيماريءَ جي تار ڪئي آهي؟

مرد:    ها، تار ته ڪالهه ٿي ڪئي مانس، پر هيڏي پنڌ تان، نوڪريءَ تان موڪل وٺي اچڻ سولو ڪونهي. تنهن کان سواءِ هن جي اچڻ جي اهڙي ضرورت ئي ڪانهي.

زال:    توهان جو جهوني ۾ جهونو، گهرو دوست آهي. هن کي ضرور چتائڻ کپي.

مرد:    هائو، منهنجو ڪهڙو ئي دل گهريو، حال ڀائي سنگتي آهي، اچي ته مان پاڻ به خوش ٿيندس. پر ايڏي تڪيلف ڪرڻ اَجائي آهي.... ڏس، ٽينءَ گوريءَ وٺڻ سان تنهنجو سور اڳيئي گهٽجي ويو آهي. ٽي چار ڏينهن ٺيڪ طرح علاج ڪندينءَ ته ڇٽي پوندينءَ.

زال:    نه، نه هو تڪليف وٺي به ايندو. هيڏي مسافريءَ هوندي به، اسان جي شاديءَ کان پوءِ، ٻه دفعا ڪين مهني مهني جي موڪل وٺي اسان وٽ رهي ويو آهي؟ ڪڪيءَ جي جنم تي ته موڪل نه مليس تڏهن لاچار ڪونه آيو، پر منهنجي بيماريءَ جي تار تي هو ضرور ايندو. هوائي جهاز ۾ به ايندو.

مرد:    هوائي جهاز ۾ اچڻ جو ڪهڙو لاچار پيو اٿس؟ ريل ۾ سڀان صبوح جو اچي پهچندو.

زال:    سڀان تائين ڪير مرن، ڪير جيئن!..... هوائي جهاز جي اَچڻ جو وقت پڇيو اَٿو؟

مرد:    (واچ ڏسي) هوائي جهاز ته ا َچي ويو هوندو، پر جوابي تار ڪانه ڪئي اَٿس، تنهن مان سمجهان ٿو ته سڀاڻي ريل ۾ ايندو.

زال:    نه، نه، هو ضرور اَڄ ايندو.

مرد:    (تکائيءَ سان) پر اَڄ اچي يا سڀان اچي، تون اهڙي اُتاولي ڇو ٿي آهين؟

        (اوچتو دروازي واري گهنڊڻي وڄي ٿي ۽ مرد دروازي ڏانهن وڌي ٿو.)

زال:    ڏٺوَ، اچي ويو نه!

        (مرد دروازو کولي ٿو، ته هڪ نوجوان ننڍو سوٽ ڪيس هٿ ۾ کنيو اندر گهڙي ٿو، جو ڪنڊ ۾ رکي ٿو.)

مرد:    اڙي، تون سچ پچ اچي ويئن! (ٻئي دوست ڀاڪر پائي ملن ٿا.) تار به ڪانه ڪيئه؟

دوست: تار ڪرڻ جو وقت ڪٿي هو؟ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ئي مشڪل سان ملي، سو چڙهي پيس.

        (تڪڙو تڪڙو پلنگ ڏانهن وڌي انتظاريءَ مان پڇي ٿو.) تون هاڻي ڪيئن ٿي سمجهين؟

مرد:    هاڻي ته بهتر پيئي لڳي. اجايو توکي گهرائڻ جي تڪليف ڏنائين.

دوست: تڪليف وري ڇاجي! مونکي تار ڪري نه ٻڌائين ها ته مورڳو ڏک ٿئيم ها، پر هاڻي ته خطري کان ٻاهر آهي نه؟

مرد:    ها، ها، ڊاڪٽرياڻيءَ چيو ته هر روز سئي هڻائيندي ۽ دوائون وٺندي، ته ٻن چئن ڏينهن ۾ ڇٽي پوندي.

زال:    ڇا جو! نشي وارين گورين جي زور تي سور جهپيو پيو آهي. بدن ۾ زهر چڙهي ويوآهي، سو مان هن بيماريءَ مان اُٿنديس ئي ڪانه.

دوست: (دلداري ڏيئي) اهي اجايون ڳالهيون پيئي ڪرين. ڊاڪٽرياڻيءَ اُميد ڏني آهي ته پوءِ ڇو ٿي ڊپ ڪرين؟..... ڀلا، ڪڪي ته ڏيکار. انهيءَ جي جنم جون ته واڌايون ڏيانوَ. (مرد جي پٺي ٺپري ٿو.)

زال:    اِها، هن پاسي سمهي پيئي آهي.

        (دوست پلنگ جي پٺيان وڃي، ڪڪيءَ جي منهن تان ڄاري هٽائي چوي ٿو.)

دوست: اَڙي، هيءَ ته ڏاڍي سهڻي آهي. صفا ماءُ تي ويئي آهي.

زال:    ڇاجو! اَسان ٻنهي مان ڪنهن تي ئي ڪانه ويئي آهي.

مرد:    نئين ڄاول ٻار جي خبر پوندي آهي ڇا؟ اهو هر روز ورن ورن ڦيرائيندو آهي.

دوست: پر مونکي ته بنهه هن جهڙي ٿي لڳي.

مرد:    چڱو يار، تون هٿ منهن ڌوئي، هن کي وندراءِ ته مان ڪيمسٽ وٽان ڪجهه دوائون خلاص ٿي ويون آهن، سي وٺي اچان.

دوست: ها، ها، بيشڪ. تون ڀلي دوائون وٺي اَچ، مونکي پنهنجو گهر آهي. واش ته مان هوائي جهاز تان وٺي آيو آهيان.

مرد:    چڱو ڀلا، مان اڳوپوءِ ٻيو ڪم ڪار به لاهي ٿو اچان. (وڃي ٿو.)

        (پلنگ جي مٿن کان دوست بيٺو آهي. ڪجهه خاموشيءَ کان پوءِ......)

زال     توهين بيٺا ڇو آهيو؟ هتي ڀرسان اچي وهو نه.

دوست: ها، ها، ڇو نه (وڌي پنگ جي ڪني تي وهي ٿو.)

زال:    توهان ڪيڏي نه تڪليف ڪئي اهي جو هيڏي پنڌ تان ڪهي مونکي ڏسڻ آيا آهيو.

دوست: تنهنجي بيماريءَ جو ٻڌي به نه اَچان! مان ته ڏڪندو ڏڪندو، هوائي جهاز مان توکي دعائون ڪندو اچي پهتو آهيان، ۽ شڪر جو توکي بهتر اچي ڏٺو اَٿم.

زال:    پر هن زهر چڙهڻ جي بيماريءَ تي ڪهڙو اعتبار! تڏهن ته تار ڪري توهان کي گهرايم..... ته پڇاڙيءَ ۾ توهان کي ڏسان ۽ توهين به..... هن ڪڪيءَ کي ڏسو.

دوست: (سندس مٿي تي هٿ گهمائي اهڙيون ڳالهيون ڇو پيئي ڪرين؟ سگهو ئي ٺيڪ ٿي پوندينءَ، پنهنجي ڪڪيءَ کي پالي نپائي پاڻ جهڙي سندر سٻاجهي ڪندينءَ.

زال:    (سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ پڪڙي) تڏهن سچ، توهان کي ڪڪي مون جهڙي ٿي لڳي؟ مان ته سمجهان ٿي ته.... روش هوبهو.... توهان تي پيا وڃنس.

دوست: مون تي! پر مون تي ڪيئن سندس روش ويندا؟ ٻارن جا روش ته ماءُ پيءُ يا ويجهن مائٽن تي ويندا آهن.

زال:    تڏهن توهين منهنجي ڪڪيءَ جا ڪي ڪين لڳو؟

دوست: ڇو نه مونکي به تنهنجي ڪڪي ڌيءَ سمان آهي_ جيتوڻيڪ آهيان اڃا ڪنوارو.

زال:    ڌيءُ سمان! ٻيو ڪجهه به نه؟

دوست: (حيرانيءَ ۾) تون چوين ڇا پيئي؟ مان ته سمجهان ئي نٿو.

زال:    مان سمجهايانو؟...... ياد اَٿو ته اڳئين سال توهين موڪل وٺي اَسان وٽ مهينو کن اچي ٽڪيا هئا؟ پوءِ.... (سٽيج تي اوندهه ٿي وڃي ٿي.)

 

ٻيون دؤر

 

        (ٿوري وقت بعد سڄي ڪمري تي روشني پوي ٿي. وچون پلنگ خالي آهي ۽ پاسي واري ڪوچ تي زال ۽ دوست ڳالهائي رهيا آهن:)

زال:    سو هن ڀيري اسين هڪ ٻئي کي ڪيترو نه ويجهو اچي ويا آهيون! مهينو سڄو الائي ڪيئن گذري ويو آهي! سڀان ته توهين هليا ٿا وڃو، ۽ هيءُ به آفيس جي ڪم تان ٻاهران موٽي ايندو.

دوست: اسان جو رستو ته سالن کان آهي، سو مان به پنهنجي دل گهرئي دوست جي زال کي نهايت عزت جي نگاهه سان ڏسندو اچان. پر هن ڀيري توکي ڪنهن دک ڀريءَ حالت ۾ ڏٺو اَٿم، ته همدردي ڪندي منهنجي دل ۾ هڪ قسم جو قرب پيدا ٿي پيو آهي. ٻڌاءِ ته سهين، انهيءَ دک جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

زال:    سچ، توهان منهنجي ايتري ته دل ورتي آهي، اَهڙا ته دم دلاسا ڏنا اٿو، جو هن ڀيري منهنجو به توهان سان سنيهه ٻجهي ويو آهي. پر زال ذات ٿي، انهيءَ دک جو سبب ڪيئن ٻڌايانو؟

دوست: جي هڪ ٻئي سان همدردي ۽ سنيهه آهي، ته پنهنجائيءَ وچان زبان تان مهر لاهڻ ۾ ڪهڙو اَهم آهي؟

زال:    پنهنجائيءَ جو واسطو ٿا وجهو ته ٻڌو: توهان جي دوست ۽ مون جڏهن شادي ڪئي، تڏهن مون شاديءَ جي پيار جو پورو مطلب ئي ڪونه سمجهو هو. مان شاديءَ کي ٻن آتمائن جو ميلاپ سمجهندي هيس، مان شاديءَ جي بدني ميلاپ کان اٻوجهه هيس. توهان جو دوست وري روحاني پيار کان اَٻوجهه هو ۽ شاديءَ جو مطلب فقط جسماني ميلاپ ٿي سمجهائين.

دوست: مار! اها ته عجيب ڳالهه آهي. پوءِ هيترا سال ڪيئن ڪاٽيوَ؟

زال:    شروعات ۾ جڏهن مون سان بدني چاهنا پوري ڪرڻ شروع ڪيائين، تڏهن مونکي ان مان سخت ڪراهت اچڻ لڳي ۽ صفا نابري ڪري ڇڏي مانس. پر پوءِ جڏهن ڏٺم ته هو مون سان نفرت ڪري هڪ مٽياڻيءَ سان پنهنجون خواهشون پوريون ڪري رهيو آهي، تڏهن لاچار مڙس کي وري هٿ ڪرڻ لاءِ مون کيس سندس نموني ۾ راضي ڪرڻ قبوليو.

دوست: اهو ته نهايت عقل جو ڪم ڪيئه. آخر مرد کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ زال کي ئي قرباني ڪرڻي ٿي پوي.

زال:    پر اُن قرباني ڪرڻ ۾ مان ناڪامياب ٿيس. پهريون ئي دفعو ان ڪراهت کي مارڻ جي ڪوشش ڪيم، ته ڪراهت بدلي مورڳو مونکي هيبت ويڙهي ويئي. منهنجي نس نس ٿر ٿر ڪنبڻ لڳي. منهنجو سڄو جسم چڪناچور ٿي ويو. (آواز گهٽجي پويس ٿو.)

دوست: (پٺيءَ تي هٿ گهمائيس ٿو.) هاڻي ٺهيو، پاڻ کي وڌيڪ تپاءِ نه. اُهي ڳالهيون وساري ڇڏ.

زال:    ڳالهه شروع ڪئي اَٿم ته باقي رهيل کهيل به ٻڌائي دل هلڪي ڪريان: سو مڙس کي راضي ڪرڻ لاءِ، اها هيبت سهي به پنهنجي بدن کي سهسايم، ته من رفتي رفتي اُن تي هري وڃان. پر جيئن پوءِ تيئن اهو ڏر ۽ درد وڌندو رهيو، تان جو هاڻ منهنجو جسم بنهه فنا ٿي چڪو آهي، اها عقوبت وڌيڪ سهي نٿي سگهان. (روئڻ ۾ ڇٽڪي ٿي.)

دوست: (منهن تي هٿ ڦيري، آڱرين سان ڳوڙها اُگهيس ٿو.) ٺهيو، ٺهيو، هاڻي بس ڪر. توکي اهو رستو نٿو پسند اچي ته وري اَڳي وانگر بند ڪرائي ڇڏينس. ڀلي پيو ٻيءَ سان رستو رکي، تون ڇو پاڻ کي هيئن دکي ڪرين؟ (پٺي ٺپريس ٿو.)

زال:    (سندس ڪلهي تي ڪنڌ رکي) ڏسو، توهين ڪهڙي نه نازڪ نموني ۾ مونکي دلداري پيا ڏيو!..... هن مونکي ڪڏهن ائين منهن تي هٿ گهمايو؟ ڪڏهن ائين منهنجي پٺي ٺپريائين؟ ڪڏهن مونکي پنهنجي ڪلهي تي ليٽايائين؟

دوست: پر سڀ ڪنهن جو پيار ڪرڻ جو نمونو پنهنجو پنهنجو آهي.

زال:    (جوش مان) نه، نه، هن جو پيار ڪرڻ جو نمونو سڌو سيجا تي اُڇلڻ جو جهنگلي نمونو آهي، جنهن مان خوف ۽ پيڙا نه پيدا ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ (اکيون مٿي کڻي) توهان جي پيار جو نمونو اهڙو نفيس آهي جو ڊپ بدران وشواس پيو جاڳائي، درد بدران اَنگ اَنگ ۾ آنند جون لهرون پيو اُڀاري.

دوست: اها ته تون اجائي ساراه ٿي ڪرين..... پر برابر سچو پيار اهوئي آهي جو پهريائين دل مان پيدا ٿئي ۽ ڪوملتا سان ظاهر ڪجي. پوءِ سڀاويڪ طور جسماني ڪشش پيدا ٿئي، ته اُها به نفسيائيءَ سان پوري ڪجي اِهو ئي سڌرلي اِنساني پيار آهي.

زال:    هائو، هائو، سچ ٿا چئو! مونکي هيلتائين سڌ ئي ڪانه هئي ته اَهڙو به پيار ٿيندو آهي، جنهن ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏجي، پنهنجو من ۽ تن اَرپڻ ڪري ڇڏجي.

دوست: (حيرانيءَ مان) ڇا چيئه؟ من ۽ تن اَرپڻ ڪري........

زال:    هائو، من ۽ تن ٻئي اَرپي ڇڏجن، آتما ۽ سرير ٻئي اَرپي ڇڏجن. اِهو ئي پورن پريم آهي.

دوست: تڏهن تون منهنجي پيار کي پورن ٿي سمجهين؟ تون شادي ڪيل هوندي به مونکي اهڙو پريم.......

زال:    هائو، اهڙو پورن پريم، جنهن سان پريم جي سيجا سچ پچ سينگاري سگهجي ٿي.

دوست: (گهٻرائجي) پريم جي سيجا! نه نه، تون ته منهنجي جگري دوست جي زال آهين، جنهن سان ايترو پريم ٿي ويو اَٿم، پر اَهڙو پريم ڪرڻ......

زال:    دوست جي زال برابر آهيان، پر توهان جي دوست منهنجي حياتي وهه ڪري ڇڏي آهي. پريم ته ٺهيو، مون سان حيوانن وانگر ورتاءُ ڪيو اَٿس.....؟

دوست: پر پنهنجي سنگتيءَ سان اَهڙو ويساه گهات مان ڪيئن......؟

زال:    نه، نه، توهان ئي ته منهنجي ستل اِستري پڻي کي جاڳايو آهي، مونکي پورنپريم سيکاريو آهي. توهين هر طرح اُن جا لائق آهيو. (سندس گلي ۾ ٻانهون وجهي ٿي ته هو هٽڪي ٿو. پر نيٺ پاڻ روڪي نٿو سگهي، ڪوچ تان اُٿاريس ٿو، ۽ سندس ڪمر ۾ ٻانهن وجهي وچ واري پلنگ ڏانهن وڌي ٿو، پلنگ جي اَڳيان بهي، نهايت نزاڪت سان کيس ڀاڪر ۾ آڻي ٿو ۽ نراڙ ۽ نيڻن تي چميس ٿو. ٻنهي جون اَکيون پورجي ٿيون وڃن، ۽ پلنگ تي وهن ٿا، ته اسٽيج تي اودنهه ٿي وڃي ٿي.)

 

آخرين دؤر ختم

 

        (ساڳئي ڪمري ۾ روشني فقط پلنگ تي پيئي پوي، جنهن تي زال ليٽي پيئي آهي ۽ دوست ڪني تي ويٺو آهي.)

زال:    هاڻي سمجهيو ته ڪڪيءَ جي شڪل توهان تي ڇو پيئي وڃي؟

دوست: (مونجهاري ۾) نه، نه، ائين ڪيئن هوندو! ٻئي ڏينن ته مان موٽي هليو ويس، ۽ پوءِ ته فقط خط پٽ پي لکيا اَٿئون.

زال:    پورن پريم جي هڪڙيئي ميلاپ مان ائين ڇو نٿو ٿي سگهي؟

دوست: پر مڙس سان به ته تنهنجو رستو هليو پئي آيو. هن کي وري ناڪار ته ڪانه ڪئي هيئه؟

زال:    ناڪار ته ڪانه ڪئي هيم، پر زور زبردستيءَ جي رشتي مان ڪيئن سنتان پيدا ٿي سگهندو؟

دوست: ڇو نه پيدا ٿي سگهندو؟ اَهڙا گهڻي ئي مثال آهن جن ۾ زبردستيءَ جي ميلاپ مان به نرماڻ ٿي پوندو آهي.

زال:    تڏهن توهان کي منهنجي اَندروني حالت جي اڃا پوري سڌ ڪانهي.... ڪيئن ٻڌايانو!........ زبردستيءَ ميلاپ جي هيبت وچان، منهنجون نسون تاڻجي وينديون هيون. لاچاريءَ هوندي، مان اُن ۾ تر ماتر شامل ڪانه ٿيندي هيس، بلڪ منهنجون رڳون بنهه ٻوٽجي وينديون هيون. ان حالت ۾ سنتان ٿي نٿو سگهي.

دوست: (نراسائيءَ سان) تڏهن هيءَ ڪڪي منهنجي آهي؟

زال:    هائو، مونکي خاطري آهي. مون ته اُن وقت ئي سمجهيو هو ته پريم سان گڏوگڏ منهنجي ممتا به پوري ٿيڻ واري آهي.

دوست: مار! اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي. مان ته شرم ۾ ٻڏيو وڃان.... پر تون هروڀرو اِئين ڇو ٿي سمجهين؟

زال:    زال ذات کي جڏهن پورو آتمڪ ۽ سريرڪ آنند ملندو آهي، تڏهن هن کي اَندروني طرح اها کڙڪ پئجي ويندي آهي ته..... اڙي هاڻي ته وري سور وڌندو پيو وڃيم. هيترو ڳالهائي ڏاڍو ٿڪجي پيئي آهيان.

دوست: ته هاڻي ماٺ ڪري آرام ڪر. (هوءَ ڪرڪڻ لڳي ٿي ته گهٻرائجي چوي ٿو) ڪا دوا کڻي ڏيانءِ ته سور جهپجي وڃيئي.

زال:    (ڪرڪندي) مونکي ته خبر ئي ڪانهي ته هو ڪهڙي دوا ڏيندو اَٿم. پر اَڃان ٽي ڪلاڪ ڪٿي گذريا آهن جو چوٿون وزن وٺان؟ اهي گوريون گهڻيون وٺڻ جي ڊاڪٽرياڻيءَ منع ڪئي آهي. (ڪيڪ ڪري) اوهه! هاڻي ته سور جون سوٽون پيون پون. الاڙي! (ڦٿڪي ٿي) هاڻي ته بچڻ  جي ڪا اُميد ڪانهي.

دوست: (مونجهاري ۾) رنڌڻي مان گرم پاڻيءَ جي ٿيلهي آڻي ٽاڪور ڪريانءِ ته ڪجهه آرام اچيئي؟

زال:    نه، ٽاڪور مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو..... مون آزمائي ڏٺو آهي.... هي اندران ئي اندران منهنجو موت اَچي رهيو آهي. (وري ڪيڪ ڪري ٿي.)

        (اتي مرد دوائن جو پڙو کڻي اَندر اچي ٿو ۽ ڪيڪ ٻڌي چوي ٿو)

مرد:    ڇو، ڇو، وري ڇا ٿيس؟

دوست: اَڃا اَڳهڻو ڳالهايائين ويٺي، پر اوچتو سخت سور اَچي پيو اَٿس.

مرد:    مان ٻي دوا وٺي آيو آهيان، ان جو وزن ٺاهي ٿو ڏيانس. (پئڪيٽ کولي ٿو.)

زال:    (ڪنجهندي) نه، نه، انهن دوائن منهنجو اندر ئي جلائي ڇڏيو آهي. مان هاڻي ڪابه دوا ڪانه وٺنديس.

مرد:    تڏهن ڀلا وڏي ڊاڪٽر کي ڪوٺي اچان. (دروازي طرف وڌي ٿو.)

زال:    (واڪو ڪري) ڪو ضرور ڪونهي!.... مان حياتيءَ مان بيزار آهيان..... مان هاڻي مرڻ ٿي چاهيان......

مرد:    چوين ڇا پيئي؟ اَجايون ڳالهيون پيئي.....

زال:    چوان ٿي ته زهر منهنجي سڄي بدن ۾ پکڙجي ويو آهي.... هاڻي موت ۾ ئي..... منهنجو ڇوٽڪارو آهي..... پر مرڻ کان اَڳ...... هڪڙي ڳالهه ٻڌو......(سهڪي پيئي.)

مرد:    پر ايترو ڳالهاءِ ته نه...... سامت ۾ اچي پوءِ......

زال:    پوءِ ٻڌائڻ جو...... قوت ئي ڪونهي...... منهنجو مٿو پيو ڦري...... ٻڌو: هيءَ ڪڪي، جنهن لاءِ توهان کي ڌڪار آهي...... ۽ مونکي پيار آهي...... سا توهان جي ڪانهي......

مرد:    (تپرس ۾) ڪڪي منهنجي ڪانهي! يعني؟

زال:    هيءَ ڪڪي هن توهان جي...... دوست جي آهي......

مرد:    هي ڇا پيئي بڪين! تنهنجو مغز ته ڪونه خراب ٿيو آهي؟

زال:    (سهڪندي) منهنجو مغز اَڃا سالم آهي...... پر دل...... وهندي ٿي وڃي...... هائو، هيترا سال...... توهان جي زوريءَ پيار ڪري...... گهربل ڪڪو نه ڏيئي سگهيس...... پر پڇاريءَ واري سال...... هن جي سچي پيار ڪري...... پنهنجي دل گهري ڪڪي پيدا ڪيم...... وڌيڪ اَحوال...... پنهنجي دوست کان پڇجو...... منهنجو هيانءُ...... پيو گهري...... اڙي! اَلاجي...... ڇا پيو ٿئيم...... بيهوش ٿي وڃي ٿي.)

        ٻئي دوست سندس بدن تپاسين ٿا، پوءِ اَکيون ڦاڙي هڪ ٻئي جي منهن ۾ نهارين پيا. آهستي آهستي اسٽيج تي اوندهه ٿي وڃي ٿي ۽ پردو ڪري ٿو.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com