سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو : 14

 

 

پردا

پريم پرڪاش

 

 

پاتر:

هُو (جسم) ۽ م (منطق)

وقت:

ڪافي دير واري رات

 

 

پردا

 

سين _ 1

        ]اِسٽيج ٽنهي پاسن کان ڪارن پردن ۾ هوندي. کاٻي ديوار جي وچ ۽ سامهون ديوار جي وچ کي ملائيندڙ سڌائيءَ ۾ کاٻي کان هڪ دريءَ جو پردو بعد ۾ دروازي جو لنبو ۽ وري ان بعد دريءَ جو_ پردا لٽڪندا هوندا. پردا قيمتي ڀڙڪيلا آهن. اُهو حصو سوسائٽي آهي. ساڄي ديوار جي وچ ۽ سامهون ديوار جي وچ کي ملائيندڙ سڌائيءَ ۾ بند ٿيل شٽرس وارن (نه ڏسن ۾ ايندڙ) ٻن دوڪانن تي ٻن کيه  سائين بورڊس کان سواءِ ننڍا وڏا ڪيترائي بورڊ رنگيل لکيل پردا ۽ چهٽايل پنا هوندا. هڪ دوڪان دوائن جو ٻيو ليڊيز بيوٽي جو هوندا. اهي بورڊ پردا ۽ پنا ايتري اَنداز ۾ آهن جو اونهن پٺيان ٺيڪ دوڪان نظر ئي نه ايندا. اُهو حصو بزار آهي. هڪ لئمپ پوسٽ جو منهن سوسائٽيءَ طرف هوندو ۽ ٻئي جو بزار طرف. اَئڪٽ وقت هڪ حصي ۾ روشني هندي ۽ اُن وقت ٻئي ۾ اوندهه.

        اِسٽيج پردو بند هوندو.

        جهڪي روشني هال ۾ هوندي.، هوُ (ڪاري پينٽ تي بشرٽ + بغل ۾ ٿيلهو) ’پردا هٽايو‘ درشڪن مان چلائيندو اِسٽيج جي کاٻي پاسي کان مٿي اَچي اِسٽيج پردي کي ڏسي، اُڻ طرف هٿ کڻي، وري چلائيندو ’هي پردا منهنجي اَکين کان دور ڪريو. هٽايو.‘ ۽ غصي ۾ اَچي بنهي هٿن سان پردي کي وچ وٽان چيرڻ جي ڪوشش ڪندي رڙ ڪندو ’هٽايو!‘

پردو کلندو. هوُ تيز چال سان سوسائٽي سدامهون ايندو. سوسائٽيءَ وارو لئمپ پوشٽ ٻرندو x ان حصي ۾ ٻه فلئش سگريٽ دکائي بڙ بڙائيندو ’اُف! ڪيترا پردا! رات جي وقت به! پردا ئي پردا‘

بئڪ گرائونڊ مان مائيڪ تي ٻن ڄڻن جو آواز پهرين ڌيمي پوءِ تيز ٻڌڻ ۾ ايندو ’پردا. پردا ئي پردا. پردا. پردا ئي پردا. پردا. پردا ئي پردا.‘

بئڪ گرائونڊ مان ايندڙ آوازن سان گڏ ئي م جو کاٻي پاسي کان پروريش. ڪپڙا ڪارا. مٿي تي ماسڪ. اڇي ماسڪ تي ڳاڙهيون ريٽون لڪيرون_ اُگهاڙي دماغ جيان هوُ آوازن وچ ۾ مونجهه ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو.

هوُ سگريٽ ڦٽو رڪي پنهنجي بغل واري ٿيلهي کي زمين تي اونڌي ڪندو، ۽ سوتلي ڪٽڻ لاءِ ڪئنچي کڻندو. رکندو. سوتيلي ڪٽيل آهي، اُهي ڪجهه ٽڪرا ڪلهي تي رکي سوسائٽيءَ طرف وڃي ٿو. هڪ سوتليءَ جو ٽڪر کڻي دريءَ واري پردي کي گول مٿي ويڙهي ٿو.

م جئن ڪنهنجيون آهٽون محسوس ڪيون هجن. سوچي ٿو اَچ وڃ ڪندي. (بئڪ گرائونڊ مان ٽيپ ڪيل سندس ذهن جو ڊائلاگ ايندو)

’ڪويتا! توکي چيو اَٿم ڪويتا، ته تون منهنجي پٺيان پٺيان نه ايندي ڪر. مونکي خبر ناهي ته مان  توکي هروڀرو ڇو ٿو روڪيان پر..... پر، ڏس هت هن سوسائٽيءَ ۾ به هر گهر ٻاهران پردا آهن......‘

(م پردن طرف اِشارو ڪري ٿو ۽ هوُ هڪ سوتلي پردي جي هڪ ڇيڙي وٽ ٻڌي ٿو.

۽ م هوُ جي ويجهو وڃي جهڪي دريءَ اَندر ڏسي ٿو)

’ڏس، مون پردو کڻي مٿي ٻڌو آهي. اَندر هن گهر ۾ اوندهه آهي. هن گهر ۾ يا ڪوئي ڪونهي يا رهندڙ کي اوندهه ڪري رهڻ پسند آهي. ان ته بس (م واپس ٽهلي ٿو) اهو ٿو چوان ته ان حالت ۾ پردن جي ڪهڙي ضرورت!؟ ماڻهن کي اڄ جي مشيني ڀچڀڄان ۾ (اِشارن ۽ اڦئڪشن سان مائيڪ تي ايندڙ هر ڊائلاگ کي سمجهائيندو پڻ ويندو) ٽائيم ئي ڪٿي آهي جو هو پنهنجي گهر ۾ کڻي نظر ڪن ۽ وري ٻين جو گهر....! توکي پٺيان پٺيان اَچڻ نه گهرجي. هي ته وڏو شهر آهي.....‘

(ٻي سوتلي کڻي هو ٻيو ڇيڙو ٻڌي ٿو. م هن کي ڏسندي حرڪت چالو ٿو رکي)

’دراَصل مون ته ڪڏهن به توکي ڇڏي رات جو اَچڻ نه پئي چاهيو آهي، پر مان ڏسان ويٺو، سڄي شهر ۾ ماڻهن گهرن دوڪانن اَڳيان پردا لٽڪائي ڇڏيا آهن.....‘

(هو در وارو پردو گول گول مٿي ويڙهي ٿو.)

’بزارون رستا لائين سر سائين بورڊن سان ڍڪجي ويا آهن. اِئين لڳندو ته هي شهر ئي پردن پٺيان لڪل آهي......‘

(م به هو کي ويڙهڻ_ اميجنري_ مدد ڪرائي ٿو. هو پٺيان بيهي اَهڙو اَئڪشن ڪندو)

’توکي به ته ڪويتا، پردن پٺيان رهن وڻندو آهي. تون اُڻ ڏينهن ڪيترو نه خوش ۽ شرير ۾ ڦڙت محسوس ڪندي آهين، جنهن ڏينهن تون پردن جو نئون سيٽ چاڙهيندي آهين! پردا نه هجن ته توکي مونجهه ٿئي.....!‘

(هوُ سوتلي هڪ ڇيڙي وٽ ٻڌي ٿو. م به اَهڙو ائڪشن ڪري ٿو)

’تون هل. گهر پنهنجو وڪي اڪيلو هوندو. هن پردن پٺيان سجاڳ ٿي مون جيان چيخڻ نه شروع ڪيو هجي! هي ڪم ئي اهڙو آهي جو رات جو ئي ڪري سگهجي ٿو. شايد منهنجا اُن ۾ سڀ سال لڳي وڃن......‘

(هُو ٻيو ڇيڙو ٻڌي ٿو. م پڻ ساڳي حرڪت ڪري ٿو. پر جلد واپس موٽي اِسٽيج وچ تي بيهي ٿو ۽ وري اِشارن ۽ ائڪشن سان ڊائلاگ سمجهائيندو)

’مون توکي هر دفعي رڪويسٽ ڪئي آهي ته تون پنهنجي گهر کي پردا نه چاڙهه. پر تون هر دفعي اڻٻڌو ڪري وئينءَ! ۽ کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳندي هيئن!‘ (ساهي)......

(هُو جي نظر م تي پيو ٿي. هوُ عجب مان هن کي ڏسي ٿو)

’مان تنهنجي ٽهڪن کي روڪڻ جو حق نٿور کان پر اها ڳالهه مونکي اندر ئي هڪ زبردست گهاوَ ڪندي آهي ته، منهنجي پنهنجي ڪويتا به هيءَ ڳالهه ڇو نه ٿي سمجهي؟.....‘

(هوُ هن جي ويجهو اچي هن کي سمجهائي ٿو ته هت وئي به ڪونهي ۽ هوُ ڳالهائي رهيو آهي!)

’ڪويتا، مونکي تنهنجو خاموش ٿي سڀ ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سهڻ تي عجب لڳندو آهي. تون منهنجي اها بيوقوفي سالن کان سهندي آئي آهين.....‘ (ساهي)

(هوُ جهنجهلائي واپس دريءَ جو پردو کڻڻ هليو وڃي ٿو. ۽ م درشڪن کان پٺئين پردي تائين اچ وڃ شروع ڪري ٿو. سندس ائڪ؟سن چالو آهي)

’هر دفعي سوچيو اٿم ته تو خاطر هي سڀ ڇڏي ڏيان، پر جڏهن ڇڏي نه سگهيو آهيان تڏهن اِئين لڳو آهي ته ’مان تو لاءِ هڪ غلط شخص آهيان. توکي، مونکي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. (ساهه ڇڏي) شايد مون جيان تو لاءِ به ڪجهه ڇڏڻ ممڪن ئي ناهي!......‘

(هوُ هڪ ڇيڙي کي ٻڌي ٿو.)

’تون ڪويتا اڄڪلهه ڪيترو نه ٿڪل ٿڪل ٿي رهين! ننڊ ۾ غشي ئي هوندي آهين. گهڻن وقتن تي توکي سمڪ ئي نه رهندي آهي ۽ تون مون سان ساريرڪ روٽين ۾ بيحد ٿڌائيءَ سان هوندي آهين! صبح جو جڏهن توکي اهو سڀ ٻڌائيندو آهيان ته چوندين آهين ڪجهه ياد ڪونهي!......‘

(دري_ 1 جو پردو ڪرندو. هوُ دري_ 2 جي پردي جو ٻيو ڇيڙو ٻڌندو م رڪجندو. دري_ 1 جي لٽڪندڙ پردي کي ڏسندو. وري ائڪشن ۾)

’تون هل ڪويتا، توکي سڀاڻ آفيس وڃڻو آهي.‘

(در وارو پردو ڪرندو. هوُ دري_ 1 وارو پردو مٿي کڻندو بعد ۾ دروازي واري پردي کي کڻندو. دري_1 وارو پردو ڪرندو اِئين ڌڙا ڌڙ دري_1 ۽ در وارا پردا ڪرندا ۽ هوُ اُنهن کي مٿي کڻي ڦٽو ڪندو. م اِهو سڀ ڏسندو. ٿوريءَ دير بعد هوُ جي ڦٺيءَ کي پٺي ڏيئي پٺيان کان ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي م، هوُ کي ڳوڻ جيان پري ڇڪي ويندو. پردا دري_ 1 ۽ در جا آخر لٽڪيل رهندا)

هو:     تون هت ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هئين؟

م:     پاڻ سان

هو:     مون سمجهيو تو اِئين محسوس ڪيو آهي ته هت ڪويتا آهي.

م:     ها. مون اِئين سمجهيو.

هو:     پر هوءَ ته ڪٿي آهي؟

م:     (م ٻانهون ڪڍي ٿو. پري ٿيندي) مان ڪويتا سان ذهن ۾ ڳالهائي رهيو هوس.

هو:     تون هر وقت ذهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن سان ڳالهائيندو رهين ٿو.

        (هوُ سڌو ٿيلهي ۾ شين سميٽي هلڻ لڳي ٿو.)

م:     ڪيڏانهن؟

هو:     بزار. پردا کڻڻ.

م:     يعني بزار جا سائين بورڊ لاهڻ! تون هاڻ جنهن سوسائٽيءَ جا پردا مٿي کڻندو آيو هئين اُهي هاڻي واپس لٽڪي رهيا آهن!

        (دري_ 2 جو پردو ڪري ٿو)

هو:     مونکي خبر آهي.

م:     مونکي به خبر آهي ته اهي ماڻهن جي مرضي سان ڪرن ٿا.

هو:     توکي سڄي خبر آهي تڏهن به سوال يا دليل ٿو ڪرين!

م:     اهو منهنجو سڀاءُ آهي، تنهنجو دماغ آهيان نه_

        _ ٻڌ، تو چيو هو ته تون پردا کڻڻ ڇڏي ڏيندين!

هو:     اهو تو مونکي چيو هو.

م:     (سوچي) سو ڇا؟ پر تون ڪڏهن به ڇڏي نه سگهندين. ڀل تون سوچين ۽ فيصلو وٺين، تڏهن به.

هو:     تون مون سان هر گهڙيءَ نه ملندو ڪر، منجهائين ٿو.

م:     تون پنهنجو دماغ ڪنهن سرجن کي ڏيکار!

        ]هوُ ٽهڪ ڏئي ٿو. ڀيانڪ ٽهڪ. چوڌاري ڦري ڦري ۽ ساڻو ٿي ساڳي جڳهه تي بيهي ٿو. سگريٽ پئي ٿو. اِئين ٿو لڳي ڄڻ هن ٽهڪ ڏنائي ڪونه هئا. (نه ئي م هن جو نوٽيس ٿو وٺي) م ’هو‘ کي گهوري گهوري ڏسي_ وڃڻ جي ڪندي منجهي وري واپس اَچي ٿو. ساڳي پوزيشن ۾ بيهي ٿو.[

هو:     مان هلان ٿو. بزار پهچڻو آهي. تون پٺيان پٺيان نه اَچج.

ا:       اهو منهنجي وس ۾ ناهي.

        ]م کاٻي پاسي هليو ٿو وڃي. ’هو‘ بزار پهچي ٿو. کاٻي پاسي سوسائٽيءَ وارو لئمپ پوسٽ + ٻه فلئش بند ٿين ٿيون ۽ بزار واروين ٻرن ٿيون. دوڪانن مان ۽ پاسن ۾ گهوري گهوري ٿو ڏسي. بغل ٿيلهي مان سوتلي ڪڍندو وڃي ٿو. پهرين آهستي پوءِ تيز. پندرهن کان ويهه سيڪنڊ. آخر سوتلي پوري ٿئي ٿي. چاقو ڪڍي ٻاهر رکي ٿو. بغل مان ٿيلهو ڪڍي کري هٿو ۽ سوتليءَ جا ٽڪر ڪندو وڃي ٿو. وچ ۾ ڇڏي به. ٿيلهي مان ڪار يرنگ جو دٻو ۽ برش ڪڍي ٻاهر رکي ٿو. سگريٽ دکائي رنگ وارو دٻو کولي برش کڻي هڪ ڪپڙي تي لکيل مشهوريءَ مان ڪارو رنگ گهمائي ٿو. بغل ٿيلهي مان هڪ اَڇو مستطيل وڏو پنو، ڪڍي، ان جي چئني پاسي ٿورو ٿورو کونئر هڻي، هڪ ننڍي سدائين بورڊ تي چپڪائي ٿو. سگريٽ فنش ٿو ڪري. اِطمينان سان جاچي ٿو. بلو فلڊ لائيٽ[

م:     هيلو! وڪرم. ڇا رلي رهيو آهي؟

هو:     تون ڪير آهين؟

م:     مان؟! تنهنجو......... (پنهنجي مٿي تي هٿ رکي ٿو)

هو:     (پنهنجي مٿي تي هٿ رکي) اوه!

م:     هت ڇا ڪري رهيو آهين؟

هو:     جنهن کي تون هر دفعي بيوقوفي چوندو آهين.

م:     يعني؟

هو:     هن سڄي شهر تي پردا اَچي ويا آهن. ماڻهن چاڙهيا آهن! اُهي مٿي کڻي رهيو آهيان.

م:     جيڪو تون هر رات جو اهو ڪندو آهين، برابر!

هو:     ها برابر. پر ڪيستائين؟

م:     سالن کان سالن تائين!

هو:     (ساهه ڇڏي) ڪافي گهڻا پردا آهن!

م:     پردا ئي پردا آهن_ وڪرم رات جو جيڪي پردا تون مٿي ڪرين ٿو. ماڻهو ڏينهن جو اهي هيٺ ڪيرائي ڇڏيندا آهن.

هو:     ڪيترا پردا ته پان مرادو ئي ڪري ٿا پون.

م:     اهو سلسلو ختم نه ٿيڻ وارو آهي.

هو:     سلسلو؟

م:     ها، تنهنجا پردا مٿي کڻڻ جو ۽ پردن جو پاڻمرادو هيٺ ڪرڻ جو.

هو:     پوءِ.

م:     سلسلو ته چالو ئي رکڻو آهي.

هو:     پر ڇو؟

م:     خبر ناهي، خبر ناهي، شايد اَندر جي مونجهه ڪري. بي اِنتها مونجهه ڪري.

هو:     بي اِتنها! (چپ)

م:     (بزار کي ڏسي) هت ته ڪافي رنگ به رنگي ۽ ڀڙڪيلا پردا آهن!

هو:     ها.

م:     نقلي شين جا اَصلي پردا! اَکين کي اهي رنگ ڇڪين ٿا ۽ ڇڪيندڙ هر شيءِ دوکو ڏيندڙ هوندي آهي!

هو:     انهن پردن ۾ ڪيترا ته تمام مٿي آهن.

م؛     ها تنهنجي پهچ کان پري آهن، پر جيسين تون پهچين، اوستائين.....

هو:     اَڌوگابرا پردا مٿي کڻي ٻڌڻ مان فائدو؟

م:     اَڌوگابرو سنتوش ملي ٿو.

هو:     اَڄڪلهه هرڪا بلڊنگ ڏاڍي اوچي ٺهي ٿي. دوڪان، آفيسون ۽ سوسائٽيون ڪافي مٿي هلنديون ٿيون وڃن، تنهنڪري ڪيترا پردا ڇڏي ئي ڏيڻا ٿا پون.

م:     اهو ته ٺيڪ پر ڪيترا پردا ته ڄاڻي ٻجهي ڇڏي ڏيڻا پوندا آهن، جو ڪن جا رشتا ئي ڪجهه اَهڙا هوندا آهن. اُتي ڪجهه ڪڇي نه سگهبو اهي. هن شهر ۾ ڪافي اَجنبي ماڻهو به رهن ٿا، اتي ته ان ڳالهه جو سوال ئي نٿو اُٿي.

هو:     مان اهو به ڏسندو آهيان ته ٻاهران پردا کڻڻ بعد گهر سوسائٽي دوڪانن اَندر به ڪيترا پردا هوندا آهن. انهن جو ڇا؟

م:     ها، اَندر ڪير ٿو ڪنهن کي گهسڻ ڏي؟ (ٽي دفعا)

هو:     پوءِ ڇڏي ڏجي هي سڀ مغز ماري.

م:     نه، نٿو ڇڏي سگهجي. جو اهو ڪرڻ سان لڳاتار رڌل رهجي ٿو. اِئين مونجهه دٻائجي ٿي.

هو:     ٻيو ڪو رستو ناهي؟

م:     آهي. آپگهات. پر من ڪمزور آهي.

هو:     (مسڪرائي) وٺ، سگريٽ پي.

م:     تون پي_ مان فيل ڪندس (خاموشي)

هو:     (سگريٽ ڦٽو ڪري جهنجهلاهٽ) تون منهنجو پيڇو ڪڏهن ڇڏيندين؟

م:     خبر ناهي.

هو:     (حد غصو) تون اِئين منجهائيندو رهئين ته مان تنهنجو خون ڪري ڇڏيندس.

م:     (کلي) اِهو به تنهنجي وس ناهي_ اِئين ڪري سگهين ٿو؟ ڪر، پليز.

هو:     مونکي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اَچي. ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اَچي (ٿوري چپ بعد) گهر اَندر جا پردا ان مٿي کڻي نٿو سگهان ۽ رات اوندهه ۾ هر شيءِ لڪل رهي ٿي، تڏهن ٻاهريان پردا کڻڻ مان ڪهڙو فائدو!

م:     مان شين کي شهر کي اصلي روپ ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو.

هو:     (ٿوري دير م کي گهورن بعد) برابر.

م:     توکي خبر آهي، اوندهه ۽ روشني به قدرتي پردا آهن.

هو:     لڳي ٿو_ آهن (ساهي) دراصل وڪرم، پردا ڪافي ڪافي ڀرم پئدا ڪيو بيٺا هوندا آهن. بزارن ۾ اهي ڀڀڪيدار، چٽڪيلن ووڌ رنگن ۾ اِشتهاري ڀاشا ۾ ڦهلايل هوندا آهن.

م:     اِشتهار اَهڙن رنگن ۽ ڀاشا ۾ ئي هوندا آهن، پر اهي شين جو نقلي پڻو ڇو ڍڪين؟

هو:     ها، رائيٽ! سوسائٽيءَ ۾ وري پردن ذريعي ماڻهو پنهنجو رتبو ٺاٺ يعني رهڻيءَ جو اِسٽئنڊرڊ، ٽيسٽ وغيره جي نمائش ڪندا آهن.

م:     سوال اِهو آهي ته ان پنهنجي ڪوشش سان اِشتهار بازي يا نمائش گهٽِ آهي؟

هو:     مونکي اها خبر آهي ته اها ڏينهون ڏينهن نون نون طريقن سان وڌي رهي آهي.

م:     تون هل وڪرم، گهر هل. پتني اَڪيلي آهي.

هو:     پر مان اَڌورو ڪم ڇڏي ڏنو وڃي سگهان. مان رڌل رهان ٿو. رڌل رهڻ ۾ هري ويو آهيان. اها عادت ٿي ويئي آهي.

م:     دراَصل چيزن ننگيون کپن_ ننگيون.

هو:     ها.

م:     تون هڪ اَهم ڳالهه وسارين ٿو.

هو:     مان! اَهم ڳالهه!؟

م:     ها، مونکي وڳي ٿو، شيون، گهر، دوڪان، رستا، شهر کي ننگو ڏسڻ کان اَهم ته ماڻهن کي ننگي روپ ۾ آنڻ کپي.

هو:     يعني اَصليت ۾!

م:     ها، هنن جي جسم تي پاتل ڪپڙا به هڪ قسم جا پردا ئي نه آهن. اهي ڪپڙا هر ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي اِشتهار بازي يا نمائش ئي نه آهي. ڇا اَهڙن ماڻهن جا خود چهرا به پردن جو ڪم نٿا ڪن؟

هو:     چهرا به پردن جو ڪم ٿا ڪن!

م:     ڪپڙا به پردا به. (ٻه دفعا)

هو:     تنهنڪري توکي ڪي ڪپڙا ناهن. ڪو چهرو ناهي. تون بغير چهري ننگو آهين.

م:     مان ننگو نه هوندو آهيان ۽ نه مون لاءِ ڪو چهرو هوندو آهي. ٻي معنيٰ ۾ مان ننگو به آهيان ۽ چهرو به آهي.

هو:     اهو ڪيئن؟

م:     تون اهو سمجهي نه سگهندين.

هو:     تون برابر آهين نه ڪپڙا پردا آهن.

م:     ]هو جي ويجهو اَچي، هن جي بشرٽ لاهي هيٺ ڦٽي ڪري ٿو. بعد ۾ گنجي لاهيندي[ تو به ڪيترا ڪپڙا پائي رکيا آهن؟ ]۽ گنجي لاهي پٽي ٿو ڪريس[ توکي پهرين خود کي ]سوٽ کوليس ٿو[ ننگو ڪري جاچڻ کپي.

        ]اوندهه)

 

سين _ 2

 

        ]اِسٽيج ٽنهي پاسي ڪارن پردن ۾ ئي هوندي، سامهون ديوار ويجهو هڪ در هوندو ۽ جنهن جي کاٻي ساڄي هڪ هڪ دري هوندي. در درين جا پردا مٿي کڄيل ۽ ٻڌل آهن.

        اِسٽيج جي وچ وٽ به آرام ڪرسيون ٻه ننڍا پيڙها ۽ وچڌ ۾ هڪ ننڍي گول ٽپاهي پيل آهي. هڪ ڪمري جو اَحساس ٿيڻ کپي.

        اِسٽيج جي پاسي زمين تي ٽن پاون تي بيٺل هڪ لڪڙيءَ جو ٽي فوٽ لنبو لئمپ هوندو، جنهن تي زيرو بلب هوندو. لئمپ جو وڏو شيڊ لاهي اُن جي ڀر ۾ ريل آهي.

        زيرو بلب جي روشني ٿئي ٿي. ڳاڙهي هڪ فلڊ_ لائيٽ ۽ ٻه فلئش. ’هو‘ دريءَ وٽ بيٺو آهي. درشڪن طرف پٺي. ٻاهر ڏسي رهيو آهي. ڪاري سوٽ تي ڪاري بشرٽ پيل اَٿس. سگريٽ پي رهيو آهي. ڪارا ڪپڙا پاتل م جو پرويش. م ’چپچاپ‘ آرما ڪرسيءَ تي وهي ٿو.[

هو:     مان جيئن ئي سوچڻ شروع و ڪريان.....

م:     (مسڪرائي) مان هليو ٿو اَچان! (ساهي) توکي پردا بنهه ڏٺا نه وڻندا آهن.....

هو:     پر هي مٿي کڄيل آهن_ منهنجو پنهنجي پتنيءَ سان هڪ سمجهوتو ڪيل آهي ته جڏهن مان گهر نه هوندس ته هوءَ پردا ڪيرائي ڇڏيندي ۽ جڏهن مان هوندس تڏهن هوءَ هن روم ۾ نه ايندي ۽ پردا مٿي کڄيل هوندا.

م:     سمجهوتو هن مون سان ڪيو هو ۽ اهو ڪم ڪرڻو توکي هو.

        (خاموشي  هو م جي سامهون پيڙهي تي ٽنگون ڦهلائي وهي ٿو.

هو:     ته.....

م:     ته تون آخر خود کي ننگو ڪري رهئين.

هو:     تو ئي چيو هو شيون ۽ شهر وغيره کان پهرين اَهم اِنسان جو جسم آهي، اُهو ننگي روپ ۾ ئي اَصليت ۾ هوندو آهي.

م:     اَن ڪري پتني هن ڪمري ۾ نه ايندي آهي.

هو:     رات جو اوندهه ۾ هوءَ هت ئي سمهندي آهي، پر هاڻ تون هت آيو آهين نه!

م:     سو ڇا؟ ڇا هر حرڪت جي مونکي خبر ناهي؟_

هو:     تون برابر هئين ته ڪپڙا پڻ هڪ قسم جا پردا ئي هوندا آهن ۽ چهرا ته......

م:     هاڻ تون ڇا ٿو محسوس ڪرين؟

هو:     (کلي طبيعت سان سڄي ڪمري ۾ چڪر هڻي) سنتوش آهي ۽ فرحت پيو فيل ڪريان.

م؛     بلڪل آزاد نموني؟

هو:     ها!

م:     بلڪل؟

هو:     ها ها!

م:     وري سوچي ڏس.

هو:     (هن جو شرير ڍلو پئجي وڃي ٿو) شايد_ بلڪل نه.

        ]هو م کي ڏسي ٿو. م اُٿي ٿو هو پيڙهي تي وهي ٿو) ها بلڪل نه نه.

م:     (چپ. پيڙهو کڻي هو جي ڀر ۾ اَچي) توکي اَڄ لڳ ڀڳ مهينو ته ٿيو جو تون آفيس نه ويو آهين! موڪل تي آهين!

هو:     شايد!

م:     آفيس مان توسان ملڻ ته آيا ئي هوندا.

هو:     آيا هئا.

م:     تنهنجو ونهوار هميشـﮧ جيان کهرو ئي رهيو هوندو.

هو:     هنن ڳالهايو پئي، ڳالهائيندو رهڻ چاهيو پئي_ مون ريسپانس نه ڏنومان.

م:     تون اَڃا نوڪريءَ تي آهين.

هو:     مونکي خبر پئي. ان ڏينهن مان آفيسر سان بدتميزيءَ جي حد تائين ان ڪري لهي آيو هوس جو چاهيو هوم، جئن هو مونکي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏين.

م:     جو آفيسر به ڪيترا چهرا رکي توسان ڳالهائيندو آيو هو.

هو:     پر مونکي سمجهه ۾ نٿو اَچي ته.....

م:     ته هو آفيس جا ماڻهو، رشتيدار، دوست، سوسائٽيءَ وارا تنهنجي بدتميز ۽ واهيات حرڪتن باوجود به ڇو توسان سمپرڪ رکندا ٿا اَچن؟

هو:     (گهوري ڏسي ٿو)

م:     توتي اِئين برابر وڌيڪ ۽ وڌيڪ غصو چڙهي ٿو. تون اَندر ۾ سڀن جو خون ڪري ٿو ڇڏين پر ٻاهر.....

هو:     ها مان ٻاهر هنن کي ڪجهه به نٿو ڪري سگهان_ ڪجهه به نه.

م:     ۽ تون هنن سڀني اَڻوڻندڙ ماڻهن وچ ۾ نه چاهيندي به هجين ٿو ۽ ان ڪري تون لڳاتار خود کي هنن وچ مان گم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو اَچين ٿو.

هو:     نفرت!

م:     ۽ هو هر هر تنهنجي سامهون اَچيو وڃن ٿا. کلن ٿا. ڳالهائين ونهوار رکن ٿا. رشتا رکن ٿا. آفر ڪن ٿا. سنپرڪ رکن ٿا ۽ تون چپ چاپ سهندو سڀ ڪندو وڃين ٿو........

هو:     سهندو.

م:     هنن وٽ توکي سزا ڏين جو هڪ ئي طريقو آهي.تو کي تنهنجين ئي. حرڪتن سان مارڻ..... (ٻه دفعا)

هو:     پنهنجي ئي حرڪتن سان!

م:     توکي پنهنجي وچ ۾ رکي توسان لڳاتار سنپرڪ رکڻ.

هو:     ڇو؟ اِئين ڇو وڪرم؟

م:     توکي ياد آهي وڪرم، ته تو سال اَڳ هنن جي گهر دوڪانن، سوسائٽي، رستن شهر جا پردا کڻڻ چاهيا هئا. انهن کي اکوڙي ڦٽو ڪرڻ چاهيو هو. ڪجهه ڏينهن پهرين تو هنن سڀني کي ننگو ڪرڻ چاهيو هو......

هو:     ۽ هنن مونکي ننگو ڪري رکيو! مون پنهنجي گهر ۽ شرير جي پردن کي ڇڏي ڏنو.

م:     تنهنجو پنهنجي گهر ۽ شرير جي پردن لاهي ڇڏڻ هن شهر جي ماڻهن کي پسند ناهي. خود پتنيءَ کي به پسند ناهي.

هو:     هوءَ اوندهه ۾ ته هت مون وٽ ايندي آهي!

م:     جو ان کانسواءِ هوءَ هلائي نٿي سگهي. ]خاموشي هو اُٿي دريءَ طرف وڃي ٿو. سندس پٺي دريءَ طرف ۽ مخاطب درشڪن سان. دريءَ جو پردو ڌيري ڌيري کلي لٽڪي ٿو وڃي. م اهو سڀ ڏسي، پيڙهي تان اٿي لئمپ وٽ اَچي ٿو ۽ بلب ڪڍي ٿو. ڪي پل مڪمل اوندهه. هو ٿورو زور سان ڳالهائي ٿو.[

هو:     بلب ٻار! بلب ٻار ٻار.

م:     توکي هن جي ٻرڻ يا وسامڻ سان ڪوبه فرق هئڻ نه کپي.

هو:     مونکي مونجهه ٿي ٿئي.

م:     مونجهه ته پهرين به هئي اوتري ئي شدت سان جيتري پهرين پردا مٿي کڻڻ بعد رهي. شرير جا ڪپڙا لاهڻ باوجود رهي.

هو:     پر هينئر مونجهه......

م:     اندر جي مونجهه جو ٻاهرين روشني يا اونده سان ڪهڙو تعلق؟

هو:     ها، اندر جي مونجهه سان پردن کڻڻ يا ننگو ٿين سان ڪهڙو تعلق؟

م:     برابر. شين جو ٻاهريون ڪوَر لاهڻ سان يا سرڪائي ڇڏڻ سان اصلي پٺو اچي نٿو وڃي. البت اهي ظاهر ضرور ٿين ٿيون. جڏهن ڪ ڪوشش شين جي اندرين بناوت، انسان جي اندرئين سڀاءُ ۾ اصلي پڻو آڻڻ جي هئڻ کپي_ جيڪو تنهنجي منهنجي هٿ ۾ ناهي. اُن پٺيان گڏيل هٿ ٿين ٿا.

هو:     ڳالهه ڪافي منجهندي ٿي وڃي.

م:     (هو بلب لئمپ ۾ وجهي ٿو_ پهرين جيان روشنيون) ڏس، تنهنجي شرير جي ننگائپ ڍڪڻ لاءِ اوندهه جي ضرورت پئي ۽ ظاهر ڪرڻ لاءِ روشنيءَ جي. ٺيڪ ڪيترن شين جي اَصليت ڍڪڻ لاءِ روشنيءَ جي  ظاهر ڪرڻ لاءِ اوندهه جي ضرورت پوندي آهي.

هو:     مونجهه ته تهائين وڌندي وڃي ٿي.

م:     خود مان منجهي پوندو آهيان_ آخر ڇا؟

        ]خاموشي. ٻئي هڪ پيڙهي تي هڪ ٻئي کي پٺي ڏيئي ويهي رهن ٿا. هوُ سگريٽ دکائي ٿو.[ اسان جو من ئي ڪيترن پردن پٺيان لڪل آهي. سڀ کان پهرين اُن کي پردن پٺيان ڪڍي اَچڻ کپي.

هو:     من جي مونجهه پهرين کان برقرار شايد اُن لاءِ ئي رهي آهي. تون برابر آهين.

م:     شايد اُهي پردا چيري سگهجن شايد شايد شايد.

        شايد   ]هوُ سگريٽ وسائي تڪڙو اُٿي ٿو. ٻئي ڪلاڪ وائيز هڪ ٻئي پٺي کي ڏيئي، سٽجي ڦرن ٿا.[

هو:     شايد؟

م:     شايد

هو:     اُهي پردا.... اُهي پردا.... اُهي پردا.....

        ]اوندهه. ڏهن سيڪنڊن بعد ساڳي روشني. هو کي ڪاري سوٽ تي نائيٽ گائون پيل آهي. شيون  ڪمري ۾ اُهي ئي هونديون پر بدليل جڳهين تي. در درين جا پردا ڪريل هوندا. ’هو‘ کاٻي ڪنڊ ۾ هوندو. م ڪارن ڪپڙن ۾ ساڳي ئي پوزيشن ۾ هو سان اينٽي ڪلاڪ وائيز پري لفظ دهرائي رهيو آهي.[ شايد.... شايد.... شايد.....

هو:     (رڙ) خاموش! (پري ٿي)_ مان بور ٿي چڪو آهيان. تنهنجي شايد شايد ٻڌي!_ تون اڃا ويو ناهين؟

م:     اِرادو ناهي.

هو:     تو اُن ڏينهن ٻڌايو هو تنهنجو به نالو وڪرم آهي!

م:     ڇا آهي.

هو:     جن پهرين وڪرم نالو ٻڌايو آهي، اُنهن سڀني جي، تنهنجي ۽ تنهنجي شڪل ته ڦريل آهي.

م:     حقيقت ۾ منهنجو ڪو چهرو ناهي.

هو:     مون توکي هر بار چهري ۾ ڏٺو آهي.

م:     تو ڏٺو نه پر اميجن ڪيو آهي. تو هر بار مونکي ڪنهن نه ڪنهن چهري ۾ اميجن ئي ڪيو آهي. تنهنجا اميجن ڪيل چهرا هڪ جهڙا ناهن ۽..... ڇڏ.

هو:     ۽ ڇا؟

م:     پر اڃا به اِن باوجود تو وٽ هڪ اهڙو چهرو آهي جنهن سان تون چاهين ٿو ته مان ميل کان پر.....

هو:     (اتسڪتا) پر ڇا؟

م:     پر اُهو ميل ڪڏهن به ممڪن نه هوندو آهي_ تو ڪڏهن پنهنجو چهرو ذهن ۾ اُن روپ ۾ اميجن ڪيو آهي، جنهن روپ ۾ چاهيو آهي؟

هو:     مان ڪجهه نٿو چئي سگهان.

م:     مونکي تنهنجي ذهن جي خبر آهي. تنهنڪري مان ٻڌائي سگهان ٿو. دراَصل مونکي پڻ تنهنجي چهري جي اَصليت جي خبر ناهي. اُهو پڻ اميجن ڪيل آهي.

هو:     پوءِ به پاڻ ٻنهي جو چهرو هڪ جهڙو ناهي؟

م:     منهنجو چهرو تنهنجو اميج ٿي سگهي ٿو وڪرم! باقي مونکي چهرو ناهي.

هو:     اوه!

        ]خاموشي. هو صندل تي وهي ٿو. م پيڙهو ڇڏي ٿو. سوچي ٿو. اوچتو ٻنهي جي هڪٻئي تي نظر پوي ٿي.[

ٻئي:   ڇا سوچي رهيو آهين؟ (ساهي) تون ڇا سوچي رهيو آهين؟ (ساهي) تون ٻڌاءِ......

        ]هوُ ٻئي وري پهرين واري حرڪت ۾ مشغول ٿين ٿا. وري هڪٻئي تي نظر پوين ٿي[

ٻئي:   تون.....

        [هڪ ٻئي کي ڏسندا بيهن ٿا، ڪجهه اُن اِنتظار ۾ ته پهرين سامهون وارو ڳالهائي. ساهي. آخر ۾ م ڳالهائي ٿو[

م:     مان اهو سوچي رهيو هوس ته پهرين سڀني ٺوس سخت پردن کي چيري من کي ڪڍي اَچڻ لاءِ لڳاتار ڪوشش ڪرڻ کپي.

هو:     تو شايد مارڪ نه ڪيو آهي، منهنجي ڪوشش جاري آهي. تون ڪيترن ڏينهن کان هڪ ئي جڳهه تي هڪ ئي ڳالهه تي شايد شايد شايد ڪندو شايد ڪجهه سوچي رهيو آهين!

م:     شايد!

هو:     ڏس، ]در درين ڏانهن اِشارو[ مون شهر جي پردن کي لٽڪڻ ڏنو آهي. مون پڻ شرير تي ڪپڙا اوڍي ورتا آهن. پر.......

م:     پر من تي پردا سهي نه سگهبا.

هو:     من تي آيل اَدرشيه پردا ايترا ته آهن جو ڪيترا هٽائي ڪيترا هٽائجن! (ڪرندڙ لهجو( ڪيترا ڪٽي ڪيترا ڪٽجن!

م:     پر سلسلو ته جاري رکڻو آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي.

هو:     تون ته مون کان وڌيڪ منجيل ٿو لڳين.

م:     منهنجي مونجهه جي ۽ بيحد اَسهه مونجهه جي ته هاڻ شروعات ٿي آهي.

هو:     اوف! پردا ته جئن جو تئن آهن!

م:     پردا جئن جو تئن ئي هوندا آهن. رهندا آهن.

هو:     اُهي مونکي لڳي ٿو وڌي رهيا آهن. پر مان پردا چيرڻ کانسواءِ رهي به نه سگهندس.

م:     پردا چيرڻ ۽ ڪتڻ سان اُهي ضرب جي حساب سان ئي وڌندا ويندا آهن.

هو:     مان ڀٽڪي رهيو آهيان_

        مان رڌل آهيان.

م:     (لئمپ جي ڀرسان اَچي ٿو بلب ۾ هٿ وجهي) شايد اَسين صحيح رستي تي آهيون (۽ هوُ بلب ڪڍي ٿو ڇڏي_ جهڪي روشنيءَ جو ڦهلاوَ)

هو:     شايد. اَسين ڀٽڪي رهيا آهيون، ڀٽڪي رهيا آهيون.

م:     اهوئي رستو آهي.

        ]۽ هو ۽ م سڄي ڪمري ۾ ڦري اَدرشيه پردا مٿي کڻڻ ۾ يا چيرڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. ڌيري ڌيري ٻيا به ٻه ٻه (جنهن ۾ هڪ کي چهري تي رومال ٻڌل هوندو ۽ ٻيو اِئين ئي) ٿي اِسٽيج تي جئن ئي ايندا ويندا_ اَدرشيه پردا مٿي ڪندا_ تيئن هو ۽ م ٻئي اِسٽيج کان هيٺ لهي اَدرشيه پردا کڻندا روشني درشڪن تي. ڏهه سيڪنڊ بعد اوندهه (اِسٽيج ۽ هال ۾) ڏهه سيڪنڊ. ان وچ ۾ سڀ پردي پٺيان هلي ويندا. روشني هال ۾. اِسٽيج خالي_ اوندهه ۾.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com