سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو : 16

پڇ

برج موهن

 

 

 

 

پاتر:

 

موهن، انيتا، باس، ڊاڪٽر، اٽينڊنٽ.

 

 

 

 

پڇ

 

        (ڪمرو. ڪمري جي ساڄي پاسي سوفا سيٽ رکيل آهي. سامهون ديوار جي کاٻي پاسي ٽيبل ۽ ٽيبل تي آرسي، پائوڊر ۽ ڪجهه بيو سامان رکيل آهي. ديوار تي ڪئلينڊر لٽڪي رهيو آهي. ڪمري جي ساڄي پاسي دروازو آهي ۽ ڪمري جي کاٻي ٻيو دروازو. سڀ ملائي ڪمرو هڪ وچولي طبقي جي ڪلارڪ جو ٿو لڳي.

        اِستري ڪردار سوفا سيٽ تي اُلٽي منهن ليٽي پيئي آهي. دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ٿئي.)

انيتا:   دروازو کليل اَٿيئي، ڌڪو ڏينس.

        (پرش اَندر ٿو گهڙي اَچي. انيتا هينئر سڌي منهن ليٽي پيئي آهي.)

موهن:  ڇا ٿيو؟ ٺيڪ ته آهين.

انيتا:   مٿي ۾ هلڪو سوُر هو.

موهن:  چانهه پيتي اَٿيئي؟

انيتا:   ٺاهڻ نه پڳي.

موهن:  مان ٿو ٺاهي وٺان.

        (موهن ڪچن طرف يعني ڪمري جي کاٻي دروازي طرف وڃڻ جي ٿو ڪري.)

انيتا:   پهريان اَناسين گوري ڏيو.

        (موهن اَندر ٿو وڃي. گهڙيءَ بعد واپس ٿو اچي. انيتا هينئر سوفا تي سڌي ٿي ويٺي آهي. موهن پهرين گوري پوءِ پاڻي ڏيڻ جي حرڪت ٿو ڪري. انيتا پهرين گوري ڦڪڻ جي ۽ پوءِ پاڻي پيئڻ جي حرڪت ٿي ڪري. حقيقت ۾، نه پاڻي آهي نه گوري، صرف اَئڪشن ڪرڻو آهي.)

موهن:  آفيس ۾ اَڄ به گهڻو ڪم هو؟

انيتا:   هميشـﮧ جيان.

موهن:  باس سان جهڳڙو.......؟

انيتا:   باس مونتي خاص مهربان آهي.

موهن:  (عجيب نموني هلت هلندي) انيتا، تون نوڪري ڇڏي اَچ. مان توکان جلد نوڪري ڇڏائيندس. پوءِ توکي روز روز مٿي جو سوُر نه پوندو. تون هميشـﮧ فريش هوندينءَ، مان ٿڪل هوندس، توکي ڏسي مان به فريش ٿي ويندس، رات جي مانيءَ بعد اسين واڪ تي نڪرنداسين، تون ڏينهن جو ناول پڙهج ۽ رات جو مونکي ناولن جون ڪهاڻيون ٻڌائج. ڪيئن؟ آئيڊيا سٺي آهي نه؟

انيتا:   اِها ڳالهه تون سالن کان پيو چئين ۽ مان سالن کان پيئي ٻڌان.

موهن:  (ڳالهائڻ جي ٽون کي بدلائي. هڪدم عجيب هلت هلندي) ها انيتا، اَسين ٻئي هري ويا آهيون ساڳيون ڳالهيون ڪندي ۽ ساڳيون ساڳيون ڳالهيون ٻڌندي!

انيتا:   تون منهنجي ڪمائيءَ تي هري ويو آهين ۽ جڏهن مرد عورت جي ڪمائيءَ تي هري ويندو آهي ته ڪمزور ٿي ويندو آهي، جيئن تون ٿي ويو آهين.

موهن:  (نقلي رڙ ڪندي. هن جي رڙ به نقلي ٿي لڳي.) تون مونکي ايترو ذليل نٿي ڪري سگهين. تون اِئين نه ڳالهاءِ. (آواز کي ٿڌو ڪندي) پليز! تون اِئين نه ڳالهاءِ.

انيتا:   تون منهنجي ڪمائيءَ مان ملندڙ سک تي هري ويو آهي. سچ توکي ڪڙو ٿو لڳي؛ سچ سڀ کي ڪڙو لڳندو آهي.

موهن:  مونکي خبر آهي، هاڻي چپ رهه.

انيتا:   چلاءِ نه. مان تنهنجي رڙين واڪن تي به هري ويئي آهيان، جيئن تون منهنجي بي عزتي سهڻ تي هري ويو آهين.

موهن:  (رڙ ڪري) پليز.

انيتا:   سبجيڪٽ بدلايون.

موهن:  ها.

انيتا:   (ڳالهائڻ جو ٽون هڪدم بدلائي) ڏهه منٽ اَڳ تنهنجو ڀاءُ آيو هو.

موهن:  ڪجهه چيائين.

انيتا:   گهڻو چيائين. پر تون ڊڄين ڇو ٿو؟ تو ۾ ايتري همٿ ڪونهي جو پنهنجو حق گهري سگهين. اَٿيئي همٿ جو ڀاءُ کي جواب ڏين؟ چپ ڪري پيو ٻڌين ۽ سهين.

موهن:  جهڳڙي مان ڪهڙو فائدو؟ جهڳڙو ڪبو ته جهڳڙو وڌندو.

انيتا:   ڪورٽ نه آهي.

موهن:  هن سڄي ملڪيت پنهنجي نالي ڦيرائي ڇڏي آهي. ڪيس ڪرڻ مان به ڪهڙو فائدو.

انيتا:   هر ڳالهه ۾ توکي فائدو ڏسڻو آهي. (آواز کي وڏو ڪندي) ڪيو اَٿيئي غصو ڪڏهن؟ ٿي اَٿيئي ڀاءُ کي جواب ڏيڻ جي همٿ؟ ڪهڙو مرد زال جي سامهون بي عزتي سهندو.

موهن:  غصي مان فائدو؟

انيتا:   اهو ته مان به سمجهان ٿي، پر غصو نه اچڻ بيماري آهي. هر وقت پيو فائدي جي ڳالهه ڪرين. غصي مان به ڪو فائدو ڳولهيندو آهي؟

موهن:  ڀلا غصو نه ايندو ته مان ڇا ڪريان؟

انيتا:   (آواز کي وڏو ڪندي) مونکي ته ان ڳالهه تي غصو اچي رهيو آهي ته توکي غصو ڇو نه ٿو اچي؟ مون تو جهڙو ڪو مرد نه ڏٺو آهي. زال پيئي بي عزتي ڪري ته به پيو ٻڌين! ٻڌندو ڪوئي مرد؟ سهندو ڪوئي زال جي بي عزتي؟ اُن ڏينهن پاڙي واري ٻار تنهنجي منهن تي ٿڪيو! آءِ هيٽ يو. (نفرت مان نهاريندي انيتا منهن ٻئي طرف ٿي ڪري ڇڏي.)

موهن:  ٻار ته آهي، (آواز کي نرم ڪندي) ٻار کي ڪهڙي خبر ته ڇا آهي.

انيتا:   (هسٽريا جي حالت ۾) مان توکان نفرت ٿي ڪريان. مان نفرت ٿي ڪريان توکان. تون منهنجو مڙس ٿيڻ جي لائق ڪونهين. (انيتا جي اکين ۾ غصو آهي. هن جي چهري تي ڳاڙهي روشني پئجي رهي آهي. موهن هن ڏانهن اواڪ نهاري ٿو) توکي ڀلا غصو اچي ڇو نه ٿو؟ ايترو ائبنارمل ڇو ٿي ويو آهين؟ مان تنهنجي بي عزتي پئي ڪريان تڏهن به پيو ٻڌين! تنهن ڏينهن گهر ۾ دير سان اچڻ سبب مون تو لاءِ دروازو نه پئي کوليو، توکي خبر آهي تو ڪيئن پئي ليلايو؟

موهن:  وچارگيءَ جي حالت ۾، ڪيئن؟

انيتا:   ٻارن جيان. (آواز کي نرم ڪندي) تون گهر جو مالڪ آهين؛ پنهنجي ئي گهر ۾ گهڙڻ لاءِ توکي موڪل کپي. تون ڪهڙو مرد آهين؟

موهن:  جهڳڙو ڪبو ته جهڳڙو وڌندو.

انيتا:   تون ڊڄين ڇو ٿو؟ تون ايترو ڪمزور ڇو ٿي ويو آهين؟ مان تنهنجي هيتري ٿي بي عزتي ڪريان، تون مونکي مارين ڇو نه ٿو؟ تون مونکي مارين ڇو نه ٿو؟ تون مونکي ماري ڇڏ، ها مونکي ماري ڇڏ. (لڳ ڀڳ هسٽريا جي حالت ۾. روئندي، عجيب هلت هلندي، موهن جا ٻئي هٿ پڪڙي زور زور سان پاڻ کي ماري ٿي. سڏڪن ۾ روئي ٿي.)

موهن:  هي ڇا آهي! انيتا توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ (موهن، انيتا جي عجيب هلت ڏسي ڏڪي ويوآهي. هوُ پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.) پليز! انيتا! بس_ چپ ڪر. انيتا هي ڇاهي؟

انيتا:   (پنهنجي وارن کي پٽيندي) منهنجا وار پٽ. مونکي لتون هڻ. گاريون ڏي ٻين عام مردن جيان. (هن سين ۾ لائيٽ ۽ سائونڊ کان ڪم وٺجي. عورت جي هسٽريا واري حالت کي اُڀارجي.) موهن انيتا جي حالت ڏسي ڏڪي ويو آهي، گهٻرائجي ويو آهي. انيتا سهڪي ٿي. آهستي آهستي هن جا سڏڪا گهٽجي ٿا وڃن. موهن انيتا کي ڪلهن کان پڪڙي سوفا سيٽ يي ٿو ويهاري. آهستي آهستي لائيٽ گهٽجي ٿي ۽ پوءِ بند ٿي ٿي وڃي. تمام ٿوري وقت لاءِ اِسٽيج تي لائيٽ ڪونهي ۽ جڏهن اِسٽيج تي لائيٽ اچي ٿي ته موهن اَخبار پڙهندو نظر ٿو اچي ۽ انيتا ٽيبل ڀرسان بيهي، آرسيءَ ۾ نهاريندي، وارن کي ٺاهيندي نظر اَچي ٿي.

        گهنٽيءَ جو آواز ٿو اَچي.

موهن:  (اَخبار رکندي) منهنجو باس هوندو.

        (انيتا دروازو کولڻ جي حرڪت ٿي ڪري، پر دروازو آهي ڪونه. صرف ائڪشن ڪرڻو آهي. باس اندر ٿو گهڙي.)

انيتا:   اچو اچو، پليز اندر اچو.

موهن:  سر، هن سوفا تي ويهو.

        (باس ويهي ٿو.)

انيتا:   توهان گهڻن ڏينهن کان پوءِ ٿا اچو.

باس:   مان ته ڪالهه به آيو هوس، بلڪل هن وقت. (واچ ۾ ٿو نهار.ي واچ هئڻ ضروري ڪونهي. صرف ڪرائيءَ ۾ نهارجي)

انيتا:   منهنجو مطلب آهي، توهان روز اچو.

باس:   سمجهيو. (موهن سان مخاطب) پاڻيءَ جو گلاس.

موهن:  بس سر! (موهن اندر ٿو وڃي. سيڪنڊ بعد اندران آواز ٿو اچي) مي آءِ ڪم ان سر؟ (۽ هو اندر ٿو گهڙي. هوُ هٿ اهڙي نموني ڪري بيٺو آهي ڄڻ سندس هٿ ۾ گلاس هجي)

باس:   پنهنجي ئي گهر ۾ گهڙن لاءِ موڪل!

موهن:  عادت سر.

باس:   سمجهيو. ٻن هزار سالن کان مون وٽ نوڪري پيو ڪرين، بدليو نه آهين، تون نه بدلجندين. ٻه هزار سال ٻيا به گذري ويندا تڏهن به تون ساڳيو رهندين، ڪيئن؟

موهن:  توهان برابر آهيو. ٻن هزار سالن کان توهان به ساڳيا آهيو، بلڪل ساڳيا.

باس:   پاڻي.

موهن:  (ڇرڪ ڀريندي) يس سر.

        (موهن پاڻيءَ جو گلاس ڏيڻ جي حرڪت ٿو ڪري. باس گلاس هٿ ۾ وٺي پاڻي پيئڻ جي حرڪت ٿو ڪري. سڀ اِشارن ۾ ٿيڻ گهرجي.)

باس:   (سوفا تان اُٿندي) اَڄ ڪهڙي راند ڪريون؟

موهن:  جيڪا توهان کي وڻي.

باس:   اَڄ ڇوُ ڇوُ ريل گاڏي راند ڪنداسين.

موهن:  سر، اُها راند ته ٻارن جي آهي.

باس:   نه، ٻارن اُها راند ڪرڻ بند ڪري ڇڏي آهي، هينئر صرف وڏا ڪندا آهن.

انيتا:   توهين برابر آهيو.

باس:   ته پوءِ اچو.

        (باس شرٽ پينٽ مان ٻاهر ٿو ڪڍي. موهن به پينٽ مان شرٽ ٻاهر ٿو ڪڍي. باس اَڳيان آهي، موهن وچ ۾ ۽ انيتا لاسٽ ۾. موهن باس جي شرٽ ٿو پڪڙي، انيتا موهن جي ٽيئي گڏجي ڇوُ ڇوُ گاڏي راند ٿا ڪن. اِسٽيج تي پنج ڇهه چڪر لڳائن ٿا. سائونڊ ۽ لائيٽ کان ڪم وٺي سگهجي ٿو.

        اوچتو سائونڊ بند ٿي ٿو وڃي. باس راند ڪرڻ بند ٿو ڪري. هو ٿڪل حالت ۾ سوفا تي ويهي ٿو. هن جو منهن آڊيٽوريم ڏانهن آهي. موهن هن جي ساڄي پاسي ۽ انيتا هن جي کاٻي پاسي بيٺي آهي.)

باس:   (سوفا تان اُٿندي) هينئر مان وڃان ٿو، سڀاڻي ٻي مزيدار راند ڪنداسين.

موهن ۽ انيتا:  يس سر.

        (باس دروازي طرف وڌي ٿو. انيتا ۽ موهن ٻئي هٿ هيٺ ڌرتيءَ تي رکي بلڪل ڪتي جيان ڀوُ ڀوُ_ ڀُو ڀوُ ٿا ڪن.

باس:   (پٺتي نهاري) شاباس. توهان منهنجا وفادار ڪتا آهيو. (انيتا_ موهن ساڳي ڪتي جي پوز ۾ رهندي، ڪنڌ مٿي ڪري باس ڏانهن ٿا نهارين ڀوُ ڀوُ ڀوُ ڀوُ ٿا ڪن. هيءَ پنهنجي پياري ڪتي آهي. (انيتا جي وارن ۾ هٿ ڦيريندي پچڪاريندي) شاباس. سڀاڻي مان پنهنجي ڪتيءَ لاءِ انعام کڻي ايندس. (انيتا ڪتيءَ جو اَئڪٽ ڪندي، ڀوُ ڀوُ_ ڀوُ ڀوُ ڪندي.)

باس:   چڱو هينئر مان وڃان ٿو. (باس ٻاهر نڪري ٿو وڃي. انيتا ۽ موهن ڪتن جي پوز ۾ دروازي تائين وڃن ٿا. باس ٻاهر نڪري ويو آهي. انيتا ۽ موهن ڪپڙا ڇنڊيندي اُٿن ٿا ۽ خوش ٿا نظر اچن.)

موهن:  (انيتا سان مخاطب ٿي). منهنجو باس ڏاڍو مهربان آهي.

انيتا:   توتي وڌيڪ مهربان آهي، تڏهن ته تنهنجي گهر اَچي ٿو.

موهن:  تون برابر آهين. هن سان منهنجي پگهار ۾ اِضافو پڪ سمجهه، بونس اَلڳ. انيتا مان توکان نوڪري ڇڏائيندس.

انيتا:   چپ ڪر. ساڳي ڳالهه ٻڌي ٻڌي منهنجا ڪن پچي پيا آهن.

موهن:  انيتا ڳالهه ٻڌايانءِ؟

انيتا:   ٻڌاءِ.

موهن:  اَڄ مون پڪو فيصلو ڪيو هو باس جي خون ڪرڻ جو، ڏس، مون چاقون به کيسي ۾ لڪائي رکيو هو. ڏس، (موهن کيسي مان چاقون ڪڍي ڏيکاريس ٿو.)

انيتا:   تو باس کي مارڻ جي گهڻا دفعا ڪوشش ڪئي آهي؟

موهن:  ٻه هزار دفعا.

انيتا:   يعني هر سال.

موهن:  ها.

انيتا:   تون هن کي نه ماري سگهندين، تون ڪمزور آهين.

موهن:  جي هن کي نه ماري سگهندس ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس.

انيتا:   تون اِهو به نه ڪري سگهندين، تون جيئڻ تي به هري ويو آهين.

موهن:  ان سڀ جو ڪارڻ تون آهين. هيءُ چار ديوارون آهن. (ديوارن ڏانهن اِشارو ڪندي) اهو ئي سبب آهي جو مان ٻن هزار سالن جو بدلو نه وٺي سگهيو آهيان. (عجيب آواز ۾) ڏسڻ چاهين ٿي منهنجي ڪمزوري. ڏسي سگهندينءَ منهنجي ڪمزوريءَ جو ڪارڻ، سهي سگهندينءَ منهنجي ڪمزوريءَ جو سبب. ترس، مان منٽ ۾ ٿو اَچان. (موهن اَندرين ڪمري ۾ ٿو وڃي. انيتا مڙس جي عجيب حالت ڏسي ڊڄي ٿي وڃي. هوءَ دروازي ڏانهن ٿي نهاري. موهن سيڪنڊ بعد اَندر ٿو اَچي.)

موهن:  ڏس، ڏس منهنجي ڪمزوري.

        (موهن انيتا کي پٺ ٿو ڏيکاري. انيتا جي منهن مان زوردار چيخ ٿي نڪري وڃي.)

انيتا:   پڇ!

موهن:  ڏٺئه منهنجي ڪمزوري؟ هيءُ حيواني پڇ آهي نه انيتا، ڏس. (انيتا پٺيان هٽندي ٿي وڃي. هن جي چهري تي ڊپ ۽ حراس آهي.) هيءَ منهنجي ڪمزوري آهي. هيءُ جيڪو پڇ آهي نه، انيتا توکي به نڪرندو. تون به هر مهيني جي پهرين تاريخ ڪتيءَ جيان وهنوار ڪندي آهين. هينئر ڊپ نه ڪر. مان به هن تي هري ويو آهيان، تون به آهستي آهستي هري ويندينءَ.

انيتا:   (اَڃا ڊنل) پر..... پر، اَڳ تو مونکي ٻڌايو ڪونهي. اَڳ مون ڪڏهن ڏٺو ڪونهي.

موهن:  (آواز کي نرم ڪندي) مون هميشـﮧ توکان لڪايو آهي. مان هميشـﮧ ان کي اَنڊويئر ۾ لڪائي ڇڏيندو آهيان، ويڙهي ڇڏيندو آهيان. مان ڪو واحد مثال ڪونه آهيان، ڪيترن کي پڇ هوندو. تون هنن جي پينٽ لاهي ڏس. ساڙهي لاهي ڏس، ٻيا شرم کان ڏيکارين نٿا، ٻڌائن نٿا.

انيتا:   (گهٻرائجي) يعني مونکي به پڇ نڪرندو!

موهن:  پڪ سمجهه، مون تو ۾ پڇ جا اهڃاڻ ڏٺا آهن، تون ڪيترن موقعن تي ڪتيءَ جيان وهنوار ڪندي آهين.

انيتا:   مونکي ڊپ ٿي رهيو آهي.

موهن:  چنتا جي ڳالهه ڪونهي. شروع ۾ سڀني کي ڊپ ٿيندو آهي، پوءِ سڀ هري ويندا آهن، جيئن سرير جي ٻين انگن تي هري ويا آهن، تئين پڇ تي به هري ويندا. وقت ايندو آهي جڏهن محسوس ڪبو آهي ته جيئن جسم جا هٿ ضروري آهن تيئن جسم جو پڇ به ضروري آهي. منهنجو پڇ وڌيڪ ڪرامتي آهي. جيئن منهنجو پڇ وڌي ٿو، تيئن باس جون مهربانيون وڌن ٿيون.

انيتا:   پر هيءُ حيواني پڇ سڀيه اِنسان کي سونهين نٿو. تون پڇ ڪٽائي ڇڏ.

موهن:  (گهٻرائجي) نه نه، مان پڇ نه ڪٽائيندس.

انيتا:   سڀيه اِنسان لاءِ پڇ خراب آهي. مان هينئر ئي ڊاڪٽر کي فون ٿي ڪري اچان.

موهن:  نه نه انيتا تون نه ڪر. پليز مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.

        (انيتا ٻاهر نڪري ٿي وڃي موهن اڪيلو آهي)

موهن:  (اڪيلو پاڻ سان) نٿي سمجهي. سمجهندي به ڪونه. پنهنجي پير تي ڪهاڙي ماري رهي آهي. وڻ جي اُن ڏار کي ئي ڪٽي رهي آهي، جنهن تي پاڻ ويٺي آهي. مورک. بيوقوف. پر مان توکي ڪٽجڻ نه ڏيندس. (پٺيان پڇ واري جڳهه ڏانهن نهاري) مان هن گهر جي ديوارين کي ڪرڻ نه ڏيندس. مان هن ڇت کي ڪرڻ نه ڏيندس. (ڇت ڏانهن نهاري) تون منهنجي جسم جو اَهم حصو آهين (پٺيان پڇ واري جڳهه ڏانهن نهاري) تون جسم جي ٻين حصن کان وڌيڪ قيمتي آهين. تون منهنجو آئينده آهين، تون منهنجو سپنو آهين. ما توکي ايترو جلد ڪٽجڻ نه ڏيندس.

        (انيتا اَندر ٿي گهڙي اَچي)

انيتا:   مون ڊاڪٽر کي فون ڪيو آهي، بس ايندو ئي هوندو.

موهن:  انيتا، مونکي ڊپ ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن هيءُ منهنجو پڇ ويو ته هي ديواريون (ديوارين ڏانهن اِشارو ڪري) ڪري پونديون. هيءَ گهر جي ڇت (ڇت ڏانهن اِشارو ڪري) ڪري پوندي. مان فوٽ پاٿ جي سردي ۽ برسات برداشت ڪري نه سگهندس. پليز انيتا، تون مونکي سمجهين ڇو نٿي؟

انيتا:   (منهن بڻائيندي) مونکي پڇ کان سخت نفرت آهي.

موهن:  پليز، انيتا، تون مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر؛ تون ڪوشش ڇو نٿي ڪرين، مونکي سمجهڻ جي؟

انيتا:   بس، ڊاڪٽر ايندو ئي هوندو.

موهن:  پليز، انيتا.

        (گهنٽي ٿي وڃي. انيتا امئجري دروازو ٿي کولي. ڊاڪٽر اٽينڊنٽ سان اَندر ٿو گهڙي)

ڊاڪٽر: (موهن ڏانهن اِشارو ڪري) هن کي پڇ نڪتو آهي؟

انيتا:   ها ڊاڪٽر.

ڊاڪٽر: (موهن کي مخاطب ٿي) مان توکي اِگزئم ڪندس. اَچ، هن سوفا تي ليٽي پئه. (ڊاڪٽر سوفا ڏانهن اِشارو ٿو ڪري.)

موهن:  نه ڊاڪٽر نه، مان پڇ نه ڏيکاريندس.

ڊاڪٽر: ڊپ نه ڪر. اَچ، اَچي ليٽي پؤ.

موهن:  (ڊپ ڀريل آواز ۾) نه ڊاڪٽر نه.

        (ڊاڪٽر ۽ اٽينڊنٽ وڌي ٿا اَچن. موهن کي ٻانهن کان پڪڙي سوفا تي ليٽائين ٿا.)

ڊاڪٽر: (انيتا کي) توهان هن جون ٽنگون پڪڙيو.

        (انيتا مڙس جون ٽنگون پڪڙي بيٺي آهي. ڊاڪٽر هڪڙي ٻانهه، اٽينڊنٽ ٻي ٻانهه پڪڙي بيٺا آهن.)

ڊاڪٽر: (اٽينڊنٽ ڏانهن نهاري) هيءُ پڇ ڪتي جي پڇ جيان آهي.

اٽينڊنٽ:______توهين برابر آهيو.

ڊاڪٽر: (انيتا ڏانهن) توهان هن جو پڇ ڪڏهن ڏٺو؟

انيتا:   اَڄ ئي.

ڊاڪٽر: مسٽر، هينئر پڇ جي هسٽري ٻڌاءِ. ٻڌاءِ ته هيءُ حيواني پڇ تنهنجي جسم ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن آيو.

        (موهن سوفا تي سڌو ٿي ويهي ٿو)

        ڪٿي هيءُ پڇ توکي ورثي ۾ ته ڪونه مليو آهي؟

موهن:  مطلب؟

ڊاڪٽر: منهنجو مطلب آهي تنهنجي پيءُ کي ته ڪونه هو؟

موهن:  ڊاڪٽر صاحب، منهنجو پيءُ ته مري ويو آهي.

ڊاڪٽر: تنهنجي ماءُ کي؟

موهن:  منهنجي ماءُ به مري ويئي آهي.

ڊاڪٽر: توهان جي فئملي ڊاڪٽر جي رپورٽ؟

موهن:  اَسان جو فئملي ڊاڪٽر به مري ويو آهي.

ڊاڪٽر: او، آءِ سي! ڪيس تمام سيريس آهي.

        (انيتا ڏانهن) توهان ڪجهه ٻڌائي سگهندا؟

انيتا:   خاطري سان چئي نٿي سگهان.

ڊاڪٽر: تڏهن به.

انيتا:   ڊاڪٽر صاحب، گذريل ڇهن مهينن کان مون هن ۾ ڦيرو ڏٺو آهي. هو بلڪل ڪتي جيان حلت هلندو آهي. ڪجهه پٺيان لڪائيندو رهندو آهي، پيرن کي لڪ لڪ ڪندو آهي. زبان کي ڪتي جيان ٻاهر ڪڍندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سچ پچ ڊاڪٽر صاحب، هيءُ مونکي ڪتو لڳندو آهي.

ڊاڪٽر: يعني ته جنم کان پڇ ڪونه اٿس. مطلب جنم کان ڪتو ڪونهي.

انيتا:   توهان برابر آهيو.

ڊاڪٽر: ڪنهن ڇتي ڪتي ته چڪ ڪونه پاتو اٿس؟

انيتا:   نه ڊاڪٽر.

ڊاڪٽر: ڪنهن ڇتي ماڻهو؟

انيتا:   نه ڊاڪٽر.

ڊاڪٽر: (موهن کي مخاطب ٿي) تنهنجي مان بلڊ ٽيسٽ ڪريان، يورين ۽ اسٽول ٽيسٽ ڪريان، تنهن کان اَڳ تون پنهنجي هسٽري ٻڌاءِ، ٻڌاءِ ته توکي ڪڏهن، ڪنهن وقت، ڪنهن جي سامهون، ڪهڙي ڏينهن، ڪهڙي گهڙيءَ هيءُ حيواني پڇ نڪتو؟

موهن:  (ڊاڪٽر ڏانهن نهاري) ڊاڪتر صاحب، سچ پچ توهان منهنجي پچ جي تواريخ ڄاڻڻ چاهيو ٿا؟

ڊاڪٽر: ها.

موهن:  هي حيواني پڇ مونکي آفيس ۾ نڪتو آهي. منهنجي آفيس ۾ ٻيا ڪلارڪ به مون جيان وهنوار ڪندا آهن. مونکي پڪ آهي. مون جيان هنن کي به پڇ هوندو. هنن پنهنجي پنهنجي پڇ کي ويڙهي پينٽ اندر لڪائي ڇڏيو آهي. (وڌيڪ گنڀير ٿي) ڊاڪٽر صاحب، مونکي پڪ آهي منهنجي زال کي به پڇ نڪرندو. هر پهرين تاريخ منهنجي زال ڪتيءَ جيان وهنوار ڪندي آهي.

انيتا:   نه نه ڊاڪٽر، هيءُ ڪوڙ ٿو ڳالهائي.

ڊاڪٽر: شانتي.

انيتا:   (غصي ۾) ڊاڪٽر هوُ ڪوُڙ ٿو ڳالهائي.

ڊاڪٽر: (رڙ ڪري) چپ رهو مان توهان جون شخصي ڳالهيون ٻڌڻ ڪونه آيو آهيان.

        (موهن کي) تون بيان جاري رک.

موهن:  (گنڀير ٿي) توهان هڪ هڪ ڪلارڪ جي گهر وڃو. هنن جي پٺيءَ واري جڳهه ڏسو. جاچيو. ڏسو ته هنن کي به پڇ نڪتو آهي ڪ نه. جي نه نڪتو آهي ته ضرور نڪرندو.

ڊاڪٽر: بيڪار بحث ڪري ٽائيم نه وڃاءِ. تون پنهنجي پڇ جي هسٽري ٻڌاءِ.

موهن:  اهائي آهي منهنجي پچ جي ڪهاڻي.

ڊاڪٽر: پڇ جي نه، تون پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهين. منهنجي تو ۾ نه، تنهنجي پڇ ۾ دلچسپي آهي.

موهن:  ڊاڪٽر، مونکي سمجهڻ بنا توهان منهنجي پڇ کي ڪيئن سمجهي سگهندا.

ڊاڪٽر: سٺي ڊاڪٽر جي مريض ۾ دلچسپي گهٽ، مرض ۾ وڌيڪ هوندي آهي.

موهن:  بنا مريض کي سمجهڻ جي، هن جو مرض ڪيئن ٿو سمجهي سگهجي!

ڊاڪٽر: مان تنهنجي بيماريءَ جي اِسٽڊي ڪري، ايندڙ پيڙهيءَ کي ان خوفناڪ مرض کان بچائڻ جي پيو سوچيان.

موهن:  منهنجو نٿا سوچيو؟

ڊاڪٽر: تون بڪواس ڪري منهنجو قيمتي ٽائيم نٿو وڃائي سگهين. ڊاڪٽر تون آهين يا مان؟

موهن:  مونکي معاف ڪريو.

ڊاڪٽر: (گنڀير ٿي) ڏس، سياڻو ٿيءُ. هيءُ حيواني پڇ سڌريل اِنسان کي نٿو ٺهي. تنهنجي پڇ کي تواريخي اَهميت آهي. اسين تنهنجو پڇ ڪٽي ميوزم ۾ رکنداسين. تنهنجي پڇ کي هزارين ماڻهو ڏسڻ ايندا. تنهنجي پڇ کي ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ رکنداسين. وديشي ماڻهو به ڏسڻ ايندا. گورنمينٽ فارين ايڪسچينج ڪمائيندي. تواريخ نويس ۽ سائنسدان تنهنجي پڇ تي ڪتاب لکندا. هيءُ ويهينءَ صديءَ جو پڇ آهي. تنهنجي پڇ پٺيان ويهين صديءَ جي سڀيتا آهي، ٽيڪنالاجي ۽ سائنس آهي.

        (موهن ۽ انيتا عجب مان ڊاڪٽر ڏانهن نهاري رهيا آهن.) جيڪڏهن تون چاهين ته ڪنهن آمريڪن کي پڇ وڪڻي سگهين ٿو. تنهنجي پڇ کي موهن جي دڙي جهڙي اَهميت آهي.

موهن:  ڊاڪٽر، مونکي ڊپ ٿي رهيو آهي.

ڊاڪٽر: ڊپ نه ڪر.

موهن:  مونکي آپريشن کان ڊپ ٿي رهيو آهي.

ڊاڪٽر: اسين توکي مارفيا جي انجيڪشن ڏيئي توکي بي هوش ڪنداسين. تنهنجا سڀ حواس خطا ٿي ويندا.

موهن:  ڊاڪٽر، منهنجو پڇ ڪٽجي ويو ته مان مري ويندس، منهنجو پڇ منهنجي زندگي آهي، منهنجو گهر ڊهي پوندو.

ڊاڪٽر: تون ڊپ نه ڪر، تون نه مرندين. اسين صرف تنهنجو پڇ ڪٽينداسين.

موهن:  مونکي ڊپ ٿي رهيو آهي، توهان مونکي جهلي ڇو بيٺا آهيو. مان پاڳل ڪونه آهيان.

ڊاڪٽر: مان توکي ڪونه ڇڏيندس. مان تنهنجو پڇ ڪٽي پنهنجو ميڊيڪل ناليج وڌائي سگهندس. اَخبارن ۾ منهنجا فوٽا ڇپجندا. هيءُ ويهين صديءَ جو پهريون آپريشن ٿيندو.

موهن:  منهنجي ڀلي کان وڌيڪ توهان پنهنجي ڀلي جو ٿا سوچيو.

ڊاڪٽر: مان تاريخ کي پٺي نٿو ڏيئي سگهان. مان هيءُ تواريخي موقعو هٿان وڃائڻ نٿو چاهيان. نوبل پرائيز مونکي سامهون ٿو ڏسڻ ۾ اَچي.

موهن:  ڊاڪٽر، جي منهنجو نه ته، منهنجي هن (انيتا ڏانهن اِشارو ڪري) زال جو خيال ڪريو.

ڊاڪٽر: بڪواس نه ڪر. اَسين توکي نه ڇڏينداسين.

        (اِسٽيج تي ٽينشن وڌي ويو آهي.)

موهن:  (روئندي) نه نه (ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي) مان پڇ نه ڪٽائيندس، منهنجي پيٽ جو سوال آهي. منهنجو پڇ ويو ته منهنجي نوڪري ويندي. مان پڇ جي ڳالهه ڪنهن سان نه ڪندس. مان توهان کي هٿ ٿو جوڙيان. (هٿ جوڙڻ جو پوز) توهان مونکي ڇڏي ڏيو. منهنجي گهر کي ڪرڻ کان بچايو. مون تي رحم ڪريو (روئڻ جو آواز) سائونڊ اِفيڪٽ.

ڊاڪٽر: ناممڪن.

        (ٽيئي موهن کي سوگهو جهلي بيٺا آهن. موهن پاڻ ڇڏائي سوفا تان جمپ ٿو ڏئي. ڊوڙي دروازي طرف ڀڄي نڪري ٿو وڃي.)

پردو ڪري ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com