سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :22

”اوستا“ جي خاص نظمي عبارتن کان سواءِ، جي حقيقت ۾ ڪنهن شاعر جي بجانبيءَ جا غير جذباتي خيال هئا، اسان وٽ مشڪل سان قبل اسلام جي شاعري ميسر ٿئي ٿي. انکان زياده افسوسناڪ واقعو هيءُ آهي ته سنہ هجريءَ جي اوائلي ٻن صدين ۾، انهيءَ ئي شاعريءَ بابت نهايت گهٽ حقيقت حاصل ٿي آهي، هن جو سبب شايد مربيانه ڪاوشن جي قلت يا اسباب جي تبديلي هجي، مگر فارسي شاعريءَ  جي مڪمل گم هجڻ لاءِ ٻيا سبب به ٿي سگهن ٿا. هڪ سبب هيءُ به ٿي سگهي ٿو ته اهي راوي، جي غنائيه شاعريءَ (ballad) جا خزانا جمع ڪري، پنهنجن جانشينن واسطي سينہ بسينہ محفوظ رکندا ايندا هئا، سي آهستي آهستي غائب ٿيندا ويا.

هن بحث کان اسان جو مقصد هيءُ نه آهي ته فارسي شاعريءَ جو اولين موجد تحقيق ڪيو وڃي، مگر هيءُ واضع ڪرڻو آهي ته پهريائين ڪهڙي شاعر کي چمڪڻ جي عزت نصيب ٿي. اگرچه ٻيا ڪيترائي شاعر اُتي وسندا هوندا، مگر فقط انهن جا نالا به اسان جي ذهن تائين نه پهتا آهن. حنظلہ (13) متوفي قبل 248 هجري)، جنهن بابت تذڪره نويسن ڪجهه مختصر حقيقت ڏني آهي، واحد شاعر هو جو طاهريہ دور (205، 259 هجري) ۾ ڪماليت جي درجي تي پهتو.

فارسي شاعريءَ جي جمع ڪرڻ وارن ته يعقوب بن ليث جي همعصر شاعرن جي وجود کان بيخبريءَ جو اظهار ڪيو آهي. ان وقت، جڏهن هن پنهنجي حڪومت کي مستحڪم بڻايو هو، انهن ۾ يعقوب بن ليث جو ڪاتب، واصف السجزي خاص اهميت رکي ٿو (14).

”تاريخ سيستان“ جو مصنف لکي ٿو ته امير يعقوب جڏهن پنهنجن دشمنن کي زير ڪري، سال 253 هجري ۾، طاهريه نواب کان هرات جي شهر جو قبضو حاصل ڪري، شهزادي محمد (248، 259هه) کي مجبور ڪيو ته هو اُن کي سيستان، ڪابل، ڪرمان ۽ فارس جو فرمانروا تسليم ڪري ۽ اهڙيءَ ريت جڏهن هو سيستان، جي دارالحڪومت ۾ داخل ٿيو ته ان جي آمد تي شهر وارن وڏو جشن ڪيو؛ ۽ شهر جي وڏي قاضي ابو احمد عثمان بن عفان (متوفي 255هه) جمعي جي خطبي ۾ ان جو نالو پڙهيو ۽ سندس فتح تي شاعرن عربيءَ ۾ قصيدا پڙهيا. جيئن ته يعقوب عربيءَ کان ناواقف هو، سو چوڻ لڳو ته ”ماڻهو اهو ڇو چئي رهيا آهن ته مان سمجهي نٿو سگهان“. هيءُ ٻڌنديئي محمد بن واصف، جو ان وقت تي موجود هو ۽ وڏو اديب شمار پئي ٿيو، تنهن في البديہ هي اشعار ٻڌائڻ شروع ڪيا (15):

1. اي اميريکہ اميرِ جهان خاص و عام

بنده و چاکر و مولاي وسگ بند و غلام

2. ازلي خطي در لوح کہ ملکي بدهيد

بي ابو يوسف يعقوب بن الليث همام

3. بسام آمدو رتبيل لتي خورد بلگ

لتره شد لشکرِ رتبيل وهبا گشت کنام

4. لمن المک بخواندي تو اميرا به يقين

با قليل الفتح کت داد دران لشکر کام

5. عمر عمار ترا خواست و زر گشت بَري

تبغ تو کرد سانجي بميان و دو دام

6. عمر او نزد تو آمد کہ تو چون لوح بزي

در آکار تنِ اُو سرِ اُو باب طعام

ترجمو

1. اي امير، تنهنجي اڳيان دنيا جا ننڍا خواه وڏا شهزادا خدمتگار، دريان؛ درباري، سگ بند ۽ غلام آهن.

2. ازل کان لوح تقدير تي نقش هو ته سلطنت ابو يوسف يعقوب بن ليث بهادر کي ڏني وڃي.

3. بسام (16) مطيع ٿيو. رتبيل (17) کي ٽنگ تي زخم لڳو. فوج جا سپاهي ٽڪرا ٽڪرا ٿيا، ۽ انهن جون جانيون خاڪ ۾ ملي ويون.

4. تو، اي امير، يقين سان پڪاريو ته اڄ ڪنهن جي لاءِ بادشاهت آهي (18)، ڪنهن توکي قليل تعداد سان ڪثير فوج تي فتح ڏني.

5. عمار تنهنجي حياتي وٺڻ گهري، مگر هو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو. تنهنجي تلوار وحشي ۽ پاليل جانورن لاءِ فيصله ڪُن ثابت ٿي.

6. ان جي حياتي توکي چوندي آئي ته نوح جي طرح تون زنده رهين. ان وقت ان جو جسم ”آڪار“ جي دروازي تي ۽ اُن جو سِرُ ”سَر طعام“ جي دروازي تي لٽڪي رهيو هو (19).)

ابتدائي فارسي شاعرن جي اشعار مان، جي هنن يادگار ڇڏيا آهن، معلوم ٿئي ٿو ته هو خاص موقعن تي شعر قلمبند ڪندا هئا، يا جڏهن اهو اهم واقعو ظهور ۾ ايندو هو. انهن ۾ اڪثر عربي شاعريءَ جا استاد هوندا هئا. هو ٿورين خصوصي ڳالهين جي تحريڪ سان فارسيءَ جي طرف آسانيءَ سان غور ڪرڻ لڳا. اهوئي سبب آهي جو فارسيءَ شاعريءَ جي ابتدا توصيفي ۽ مديحي طرز سان.

دولت صفاريہ جي عروج کان گهڻو اڳي، ايراني موسيقي عرب ۾ پهچي چڪي هئي، جنهن ڪري عربي موسيقيءَ کي سخت ضرب لڳي. ابن مسجہ مڪيءَ پهريائين فارسي موسيقيءَ کي عرب سان روشناس ڪيو. هن ڳائڻ جو هنر ايراني ڪاريگرن کان سکيو، جن کي عبدالله بن زبير ڪعبي جي مرمت لاءِ مقرر ڪيو هو.

صائب خشير مدني پهريون شخص هو، جنهن ايراني ڇوڪرين کان طنبور وڄائڻ سکيو (20)، جن کي عبدالله بن عامر بن قريظه مديني آندو هو. سندن آقا هڪ ايراني نشيط (21) نالي هو. هن کان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ڳائڻ وارين ضرور پنهنجي وطني زبان ۾ گيت ڳايا هوندا (22). خليفي هارو الرشيد فارس کان هڪ مشهور طنبور نواز، سنياد نالي، انهيءَ لاءِ گهرايو هو ته هو فيصلو ڪري ته ابراهيم موصلي ۽ زلازل مغنين مان ڪهڙو مغني وڌيڪ ترجيع جي لائق آهي(23).

هن کان پوءِ ابوتمام طائي شاعر 190، 231 هجري) جو واقعو آهي، جو ابراشير (24) ۾ هڪ دعوت وليمہ جي موقعي تي ڳائڻ واريءَ عورت کان مسحور ٿي چڪو هو. اگرچه هو سندس نغمي جو مطلب سمجهي نه سگهيو هو، جنهن جو افسوس هن پنهنجي شعر ۾ هن طرح ڪيو آهي (25):

ولم افهم معانيها وللڪن

درت ڪبدي فلم اجهل شجاها

فبت ڪانني اعميٰ معني

يحب الفانيات و ما يراها.

(مان ان جي معنيٰ ته نه سمجهي سگهيس، مگر هن منهنجي دل کي روشن ڪيو آهي. مان سندس مسرت ڀريل نغمن کان تجاهل نٿو ڪري سگهان، ان ڪري مان هڪ انڌي ماڻهوءَ وانگر رهجي ويس، جو هڪ رقاصہ جي محبت سان تعلق ته رکي ٿو، مگر ان کي ڏسي نٿو سگهي)

ابن رومي 221، 283هه) به فارسي موسيقي جي رس ڀريءَ شرينيءَ کان واقف هو. هو چوي ٿو (26):

فامزج غناء المحسنات لکاسها

يغناء عجم في الجنان فصاح.

(شراب جي دور جي وقت، ڳائڻ وارين فصيح عورتن ساڻ ملي وڃ، باغن ۾ عجم جي فصيحن جي موسيقيءَ وانگر.)

وقت گذرڻ تي هيءَ موسيقي زياده ڪشادي ٿيندي ويئي، تان جو ”رودڪي“ جي صورت ۾ حقيقي شاعري ظاهر ٿي. ٻن خاموش صدين آخر پنهنجو آواز اُن ۾ لڌو. هڪ بربط نواز جي حيثيت ۾، هن بلند خيال شاعر بڻجي، فن کي جمع ڪيو، جنهن سان اسين فارسي شاعريءَ جي هر قسم کي منسوب ڪري سگهون ٿا، ۽ اڃا تائين اسين ان جي نقش قدم تي هلي رهيا آهيون. سندس اڳيان ۽ پويان گهڻائي شاعر گذريا هوندا، جن پنهنجي شاعريءَ جو قيمتي ورثو ڇڏيو هوندو، مگر وقت جي ظالم هٿن ان کي برباد ڪري ڇڏيو. ساماني ڪتبخاني جو اتفاقي نذر آتش ٿيڻ (998ع)، بت شڪن محمود جي هٿان بواحد جي ڪتبخاني جي بربادي (420هه)، هن ڳالهه جي ڪافي شهادت آهي ته اتي جمع ٿيل ڪتاب ضرور ضايع ٿيا هوندا، ۽ علم ۽ فن جي غارتگر وحشي تاتارين ته هنن ڪارنامن تي ضرور تباهي آندي. ناصر خسرو (ولادت 394هه وفات 481هه)، جي زماني ۾، ان کان بعد ابتدائي فارسي شاعرن جا ديوان خاص طرح پڙهيا ويندا هئا. ان جي سفرنامي مان هيءَ ڳالهه اسان تي واضع ٿئي ٿي ته جڏهن هو تبريز ۾ هو (صفر 22 بسال 438هه)، تڏهن سندس ملاقات هڪ فارسي شاعر ”قطران“ سان ٿي هئي، جتي ٻنهين گڏجي ”دقيقي“ ۽ ”منجيڪ“ جي ديوان کي پڙهيو هو (27).

هن ۾ شڪ نه آهي ته اسان جي تذڪره نويسن ابتدائي شاعرن جي ڪلام ۾ دخل اندازي ڪئي هئي، مگر اسان وٽ اهوئي پهتو آهي، جو سندن معيار تي پورو آيو. ان ڪري اسان وٽ بلڪل گهٽ تعداد انهن شعرن جو باقي آهي، جي اسان وٽ مختلف مجموعن کان حاصل ٿيا آهن. مثلاً، اسديءَ جي ”لغات فارس“، سرويءَ جي ”مجموعہ لغات فارس“ ۽ ٻيا مقالا، جي ”شعوريءَ“ پنهنجي ضخيم لغات ”لسان العجم“ ۾ شامل ڪيا آهن. هن مواد جي قحط ۾ اسين صحيح طور فيصلو ڪري نٿا سگهون ته ابتدائي فارسي شاعر ڪيتري قدر عربي شاعريءَ کان متاثر ٿيا هئا. مگر هن حقيقت کان انڪار ڪري ئي نٿو سگهجي ته ٻن صدين تائين ايران عربي اثر جي ماتحت رهيو، جنهن سندس معاشرتي، سياسي ۽ مذهبي خالن تي گهرو اثر ڇڏيو. انهن سببن جي هوندي به، ابتدائي فارسي شاعريءَ جا متفرقات جي اسان تائين پهتاآهن، انهن ۾ تاثر جا غير انڪاري نشان موجود آهن، جي ايندڙ بابن ۾ بيان ڪرڻ اسان جو خاص مقصد آهي.

 

حوالا ۽ اشارا

1

. ابو هلال العسڪري (395هه) ظاهر ڪري ٿو ته ”قديم ايرانين جو شعر موجود هو. اهو ايترو ته گهڻو هو جو ڪتابن ۾ جمع ٿي نه سگهيو هو.“ ساڳيو مصنف اڳتي لکي ٿو ته ”ايرانين جو شعر موجود هو، جنهن ۾ سندن تاريخ ۽ جنگين جو ذڪر هو. اهو شاهي ڪتبخانن ۾ موجود هو، پر زبان جي زواليت سان، سندن شاعري به مفقود ٿي ويئي ۽ سندس زبانن تي فقط عربي شاعري رهجي ويئي.“ (تفصيل، ص 217، التحفة البهيعه).

2. جيڪسن، ”اوائلي شاعري“، ص 2.

(3) ”ويس ورامين“، ايڊيشن ڪيپٽن ليز، ڪلڪتو، 1865ع. ساڳي راءِ الجاحظ (160، 225هه) جي به آهي. هو ظاهر ڪري ٿو ته هر قوم هڪ ٻئي طريقي سان پنهنجي گذريل آثار ۽ تاريخي روايتن کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. عربن پنهنجي روايتن کي شعر ۾ محفوظ رکيو جا انهن جي خصوصي وصف هئي. پارسين عظيم آتشڪدا، جيئن ته اصطخر ۽ مدائن، قلعا ۽ پليون يادگار ڇڏيا.

اهڙي ريت عربن انهن جي برابريءَ ۾ غمدان، قصر معرب ۽ ابلق تيار ڪيا، تان جو شعر جي دنيا ۾ واحد دعويدار رهن (”ڪتاب الحيوان“، جلد 1، ص 36).

4 ”لباب“، ص 2001، المعجم“، ص 170

5. ”معيار الاشعار“، ليڊن، دستخط ڪوڊيڪس، ص 683 وارن، ص 65، برٽن ايڊيشن، 167، ص 4 ب. هي ڪتاب مفتي سعدالله رامپوريءَ، نصيرالدين طوسيءَ ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جنهن ان جي شرح ”ميزان الافڪار“ جي نالي سان لکي آهي (لکنو، 1362هه). العسڪري ظاهر ڪري ٿو ته فارسي ۾ آواز جا نغما ٿيندا آهن، جي شعر وانگر جمع ڪيا ويندا آهن. لفظن کي طويل ڪيو ويندو آهي، تان جو صوتي نغما وزن وانگر ظاهر ٿين. اگرچه اهي الفاظ نثري صورت ۾ هوندا هئا. ”ڪتاب الصناعييتين“، ص 103

(6) ”مشرقي خلافت جون زمينون“، ص 242

(7) هيءَ حقيقت مرزا عباس اشتياني طهرانيءَ جي مضمون تان ورتي ويئي آهي، جا ”ڪاوه“ رسالي، عدد 2، جلد  2، نئين سلسلي ۾ درج آهي. ”تاريخ سيستان“ جي مصنف جو نالو معلوم نه آهي، پر هيءَ حقيقت آهي ۽ تصديق تائين پهتل آهي ته هو تاتاري مصائب جي زماني ۾ ٿي رهيو. ملڪ ناصرالدين والحق ۽ ان جا ٻه پٽ، ملڪ معظم رڪن الدين ۽ شاه معظم نصرةالدين، سندس مربي ۽ سرپرست هئا. هو ان وقت سيستان جا حڪمران هئا. ان جي تصنيف مان معلوم ٿي ٿو ته ڪتاب 675 ۽ 680 هجريءَ جي وچ ۾ لکيو ويو هو. هن ڪتاب ۾ صفاريه خاندان جون بي بها حقيقتون درج آهن. ان کان سواءِ قديم فارسي شاعريءَ جا ڪيترا انتخاب منجهس ڏنا ويا آهن. رودڪيءَ جو پهريون غزل ”ما در ما...“ مرزا قزوينيءَ هن ڪتاب کان ورتو آهي. ڏسو جرنل رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، اپريل 1926ع

(8) يزيد بن مفرغ الهمياري، معاويه اول (661، 680ع) جي حڪومت جي دور ۾ رهندو هو، ۽ سال 688ع ۾ فوت ٿيو؛ يعني سنہ هجريءَ جي شروع کان 60 سال پوءِ. سياسي تضاد جي باعث، عبيدالله بن زياد کيس دور سجستان ۾ جلاوطن ڪيو هو، ۽ ان کي اتي قيد ڪري رکيو هئائين. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: ابن قطه، ص 209، 213 ”طبري“ مان هن اشعار جو حوالو منهنجي جستجو آهي. هيءَ هڪ اتفاق جي ڳالهه هئي ته سال 1931ع ۾ مون کي ”بيست مقالہ قزويني“ جو هڪ نسخو، آقائي هوشنگ، ائنڪليسرا فورٽ پرنٽنگ پريس کان، سوکڙي طور ڏنو هو. مان ورق گرداني ڪندي ڏٺو ته فاضل اديب مون وانگر هن تي بحث ڪري، هن کي ظهورِ اسلام کان بعد جي اوائلي شاعري شمار ڪيو آهي.

(9) ”طبري“، ج 2، ص 1602، 1603

(10) ثعلبي: ”غيورار“، ايڊيشن زوٽنبرگ، ص 0577  هي ابن خردادبہ کان سند وٺي ٿو، مگر سندس ڪتاب ”المسالڪ والعمالڪ“ ۾ سندس ڏنل بيت اهي ئي رجز جي قسم جا آهن. (ليڊن، ص 118):

منم شير شلنبه        منم ببر تله

اهي شايد هن عياش بادشاه جي فوري جذبات جو نتيجو هجن. هن موقعي تي دولت شاه جي ڏنل ڪهاڻي بهرام جي عقلي خلل جو دليل آهي. مگر عوفي، شمس قيس يا نظامي عروضيءَ هن جو ذڪر ئي نه ڪيو آهن. اگرچه ابن الفقيہ، عربي بيتن سان گڏ ان موقعي جو حوالو ڏنو آهي. (ڪتاب البلدان“، مرتبہ گوئجي، ليڊن، 1887ع، 56، 257). ٻئي طرف ثعلبيءَ (غيورار“ ص 235) بهرام جي هرڻ جو شڪار جي مهارت کي بلڪل ٻيءَ طرح جي ڪهاڻيءَ ۾ درج ڪيو آهي، جنهن ۾ ان جي محبوبه سازنده آزاد اوار پنهنجي حياتي زياده عياشيءَ ۾ ضايع ڪندي رهي ٿي. مگر اهي اشعار جي سندس ذات سان وابسته آهن، اصليت کان دور آهن. البت ابن خردادبہ جي نقل ۾ صداقت قريب نظر اچي ٿي.

(11) ”لباب“، ص 1، 19.

(12) ”مروج“، ج 2، ص 193: ”والہ اشعار کشيرة بالعربية والفارسية اعرفنا من ذڪرها في هذا الموضع طلبا الاختصار والايجاز“.

(13) هڪ محمد بن البائض (متوفي 235هه) آهي، جنهن جا نظم طبريءَ، مراغہ جي هڪ پوڙهي کان ٻڌا هئا (طبري، ج 3، ص 1300) ٻيا اوائلي نظم طويل زماني تائين نه مليا آهن. البت انهن بابت معلوم ٿيو آهي ته ابو مسلم محمد بن بحر اصفهاني جو هڪ نظم ابو الاشعت قميءَ بيان ڪيو هو. (ياقوت: ”معجم الادباء“، ليڊن، ص 431)، ابوالحغص حڪيم بن اهواز سفدي ٽين صدي هجريءَ جو رهڻ وارو هو، جنهن سان هيٺيون نظم منسوب ڪيو وڃي ٿو. هو هڪ ساز ”شهرود“ جو موجد هو؛ مگر اولين شاعر ٿي نٿو سگهي (”المعجم“، ص 170، 171؛ ”مفتاح العلوم“، ايڊيشن وارن).

آهوئي کوهي در دشت چگونه دودا

او ندارد يار بي يار چگونه دودا

(جبل جر هرڻ ڪهڙيءَ ريت ميدان ۾ رهي سگهي. هو. بي يار آهي، ڪهڙي ريت بي يار رهي سگهي.)

(14) اها حقيقت ”تاريخ سيستان“ تان ورتي ويئي آهي، جنهن لاءِ مان مرزا عباس اقبال اشّتياني جي مضمون (ڪاوه، نو سلسله، 1921، عدد 2) جو ٿورائتو آهيان. معلوم ٿئي ٿو ته محمد بن واصف السجزي وڏيءَ عمر وارو هو. هن دولت صفاريہ جو عروج ۽ زوال پنهنجي اکين سان ڏٺو. جڏهن عمرو بن ليث، اسماعيل ساماني کان شڪست کائي سمرقند ۾ قيد ٿيو ته ابن واصف ان جي تسليءَ لاءِ هيٺيون سٽون لکيون هيون.

کوشش بنده سبب رنجش نيست

کاز قضا بود ترا عيب نيست

بود نبود از صفتِ ايزد است

بندہء درماندهء بيچاره کيست

اول مخلوق چو باشد زوال

کارجهان اول و آخر يکيست

قولِ خداوند بخوان ”فاستقم“

معتقدي شو و بر آن باسيت

انهيءَ ئي قطعي ۾ هو صفاريہ خاندان جي زوال تي مرثيو لکي ٿو. ان جي آخري ٻن بيتن م هن خاندان جي آخري تاجدار امير طاهر بن محمد بن امير عمرو بن ليث کي خطاب ڪري ٿو، جو پنهنجي زندگيءَ جي اوقات ۽ خزاني کي فضول عياشيءَ ۾ ضايع ڪري رهيو هو، ۽ سيستان جي عرب آباديءَ جي رئيس اياس بن عبدالله جي حڪيمانه مشورن کان گريز ڪري رهيو هو. هي رئيس صفاريہ خاندان جو وڏو خير خواه هو، ۽ گهر يائين ٿي ته طاهر کي تباهيءَ مان ڪڍي، اوج ۽ ڪمال تي پهچائي. چون ٿا ته هن شهزادي کي هيٺينءَ ريت تنبيہ ڪئي هئي ته ”هيءَ سلطنت شمشير جي زور سان فتح ڪئي ويئي هئي. تون ان کي فضول عياشيءَ ۽ تنعم ۾ برباد ڪري رهيو آهين. سلطنت ڪڏهن به بي همتيءَ سان پائدار ٿي نه سگهندي آهي. بادشاه کي عادل، عالم، منتظم، بذله سنج، ۽ شمشير ۽ سياست جو مالڪ ٿيڻ گهرجي.“ مگر امير ان جي مشوري تي عمل ڪرڻ بدران، کيس پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو.

مملکتي بود شده بي قياس

عمرو بر آن ملڪ شده بود راس

از حد هند تا بحد چين و ترک

از حد زنگ تا بحد روم و کاس

راس ذنب گشت و بشد مملکت

زر زرد شد از نحوست نحاس

دولت يعقوب دريغا برفت

ماند عقوبت بعقب هر حواس

عمر عمرو رفت وزو باز ماند

مذهبِ روباه، بنس و نواس

اي چه غما آمد و شادي گذشت

بود دلم دائم ازين پر هراس

هرچه بکرديم بخواهيم ديد

سود ندارد زقضا احتراس

ناس شدند نشناس آنکہ همہ

وزهمہ نشناس بگشتند ناس

دورِ فلک گردان چو آسيا

لاجرم اين اُس همہ کرد آس

ملک ابا هزل نکرد انتساب

نور ز ظلمت نه کند اقتباس

جدوجهد يعقوب بايد همي

تاکہ ز جده بدر آيد اياس.

ابن واصف ۽ بسام کان سواءِ هڪ ٻيو عالم، جنهن جو محمد بن مخلد السجزي هو، جو اڪثر فارسي شعر قلمبند ڪندو هو، تنهن هيٺان ٽي شعر يعقوب کي خطاب ڪري لکيا هئا:

جز تو نزاد حوا و آدم نگشت

شير نهادي بدل و پر منشت

معجز پيغمبرِ مکي توئي

بکنس و منش و بگوشت

فخر کند عمار روزي بزرگ

کي همانم من که يعقوب گشت.

(15) وزن جي غير مناسبت، تشڪيل جي تقالت ظاهر ڪري ٿي ته نظم جو هيءُ ٽڪرو قديم وضع جو آهي. شايد ابن واصف جي فارسي شعر ۾ هيءَ ابتدائي ڪوشش هئي. ”تاريخ سيستان“ جو مصنف ظاهري ڪري ٿو ته ابن واصف پهريون شخص هو، جنهن فارسيءَ ۾ شعر لکيو. کانئس اڳ ڪنهن به اهڙيءَ ريت طبع آزمائي نه ڪئي هئي، ڇو ته جيستائين ايراني (ساساني) حڪومت ڪندا رهيا، ماڻهو خسرواني خيالات مطابق شعر چوندا رهيا. عربن جي آمد کان پوءِ ايرانين عربيءَ ۾ شعر لکڻ شروع ڪيو ۽ عربيءَ ۾ چڱيءَ ريت لکي ٿي سگهيا. يعقوب کان وڌيڪ سيستان ۽ فارس ۾ ڪوبه عظيم الشان حاڪم اڳ نه گذريو هو، جنهن جي تعريف ۽ شاعر قصيدا لکن. سواءِ حمزه بن عبيدالله الفحاري جي، جو خود عالم ۽ عربي ڄاڻڻ وارو هو. سندس سپاهي اڪثر عرب هئا. سندس مدّاح کيس عربي شعر ۾ خطاب ڪندا هئا. ”تاريخ سيستان“ جو مصنف لکي ٿو ته هي ڏنل قصيدو وڏو هو، مگر ان مان ڇهه اشعار قلمبند ڪيا ويا آهن.

(16) بسام ڪُرد انهن خارجين مان هو، جي يعقوب جي خدمت ۾ اطاعت ۽ صلح لاءِ آيا هئا. هو عالم هو. جڏهن هن واصف جو طريقو ڏٺو ته پاڻ به فارسيءَ ۾ شعر لکڻ لڳو. هيٺين شعرن ۾ عمار جي بدقسمتيءَ جو ذڪر ٿو ڪري:

هرکہ نبود او بدل متهم

بر اثر دعوتِ تو کرد نعم

عمر ز عمار بدان شد بري

کاوي خلاف آورد تا لاجرم

ديد بلا بر تن و جان خويش

عهد ترا کرد حرم در عجم[1]

مکہ حرم کرد عرب را خداي

عهد ترا کرد حرم در عجم

هرکہ در آمد باقي همه شدند

باز فنا شد کہ نديد اين حرم.

1. هو، جو مجرم نه هو، تنهن جي صداتي لبيڪ چئي اٿيو.

2. عمار کان حياتي جدا ٿي، ڇو ته هو تنهنجي سامهون ٿيو ۽ ان جو کيس يقين هو.

3. (عمار تنهنجي حياتي وٺڻ گهري، مگر هو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو.) هن پنهنجي جسم ۽ روح تي بلا ڏٺي، ۽ سندس جسم دنيا ۾ عذاب ۾ مبتلا رهيو.

4. خدا تعاليٰ عرب ۾ مڪي ۾ حرم بڻايو، مگر تنهنجي عهد ۾ عجم ۾ حرم بڻيو.

5. جو حرم ۾ آيو اهو غير فاني بڻيو، ۽ جو نه آيو اُهو برباد ٿي ويو.

هن ننڍڙي نظم ۾ ايرانين جو حد کان زياده مبالغو نظر اچي رهيو آهي.

(17) اوائلي زماني ۾ ڪابل ۽ سيستان جي حاڪم کي رتبيل سڏيندا هئا (بلاذري: ص 397، 402)

(18) قرآن پاڪ

(19) ”سر طعام“ ۽ ”آڪار“ سيستان جي دروازن جا نالا هئا.

(20) آغاني: 3، 85، نويري 4، 232.

(21) آغاني: 7، 180، نويري: 4، 237.

(22) وارن ڪريمر

(23) الجاحظ: ”ڪتاب التاج“، ص 40، 41.

(24) نيشاپور جو قديم اسلامي نالو. لي. اسٽرينج: ”مشرقي خلافت جون زمينون“.

(25) ديوان: بيروت ايڊيشن، ص 476

(26) ”سفر نامہ“، ڪاوياني پريس، ص 8؛ پروفيسر براؤن:

”ادبي تاريخ ايران“، ج 2، ص 222

(27) ديوان ڪامل گيلاني.


[1]  هن سٽ کي صحيح ڪيو وڃي: گشت بعالم تن او در الم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org