سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :19

 

شاه جي نظر ۾ انسان جو تصور[1]

 

ڪائنات جا اسرار بي انتها آهن ۽ جيتري انهن جي ڦولهه ڪبي، اوتري قدر مونجهاري ۾ پئبو، جنهن ڪري ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:

”اونهي تنهن عميق جي، واري ڇڏ وماس.“

انهيءَ ڪائنات کي صوفين پنهنجي اصطلاح ۾ ”عالم اڪبر“ ڪري سڏيو آهي، ۽ انسان، جو ڪائنات جو جزو آهي، تنهن کي ”عالم اصغر“ ڪري چيو اٿن. جيڪي به ڪائنات ۾ موجود آهي، تنهن جو اختصار انسان ۾ موجود آهي. تنهن ڪري انسان سڀني ممڪنات (ممڪن يا ٿيندڙ شين) جو مجموعو ۽ مصدر آهي. انهيءَ حالات ۾ انسان جي وجود جا اسرار به لامتناهي ۽ غير محدود آهن، جيئن شاه صاحب فرمايوآهي ته:

نڪا اِبتدا عبد جي، نڪا انتها

جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.

انهيءَ ڪري صوفين وٽ مشهور حديث آهي ته ”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“ (جنهن پاڻ کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو).

باوجود انهي رتبي جي انسان ٻن متضاد (مخالف) طاقتن جي وچ ۾ آهي. منجهس ملڪوتي طاقتون به آهن ته بهيمي (يعني مِرُن جون) طاقتون به. جيڪڏهن بهيمي طاقتون زور پئجي ويون ته انسان پسونءَ جي درجي کان به هيٺ ڪري پوندو. پر جيڪڏهن ملائڪي قوتون قابض ٿيون ته مَلڪن جي درجي کان به مٿي چڙهي ويندو. جيئن فارسي واري چيو آهي ته:

آدمي زاده طرفہ مهجونيست

از فرشتہ سرشتہ و از حيوان

گر کند ميل اين شود بہ ازين

ور کند ميل آن شود بہ ازان.

تنهن ڪري انهن متضاد طاقتن جي وچ ۾ هميشہ جنگ جاري آهي. جنهن پنهنجي نفس کي ماري مات ڪيو، تنهن گويا وجود جو ورق ورايو، ۽ پاڻ کي اِلاهي حضور جي لائق ثابت ڪيو. اهڙو ماڻهو روحاني ترقي ڪندي ڪندي، آخر اهڙي حد کي پهچي ٿو، جتي ان کي ڪامل انسان چئجي. صوفين جي نظر ۾ ڪامل انسان فقط رسول الله صلعم ئي آهي، جو نڪي عاشق آهي نڪي معشوق، ۽ نڪي خالق نڪي مخلوق. انهيءَ باري ۾ شاه لطيف فرمائي ٿو:

عاشق چؤ مَ ان کي، مَ ڪي چؤ معشوق

خالق چؤ مَ خام تون، مَ ڪي چؤ مخلوق

سلج تنهن سلوڪ، جو ناقصيائي نڱيو.

اهڙي حبيبي حقيقت، جنهن کي صوفي ”حقيقت محمدي“ ڪري چوندا آهن، خواجہ محمد زمان لنواري واري هن طرح بيان ڪئي آهي:

 

عجب جهڙي آهه، حقيقت حبيب جي

نڪين چئبو سو ڌڻي، نڪين مخلوقا

شفق جي ساڃاءِ، جامع ليل و نهار کي.

گرهوڙي صاحب وري ان جو وستار هن طرح ڪيو آهي:

 

وصف جنهن ورنهه جي، مٿو مور نه آهه

سسئي سهڻي مون پرين، مارئي محبوبا

پاڙي مون پرينءَ جي، مجنون مشتاقا

حقيقت حبيب جي، عجب جهڙي آه

جامع ليل و نهار کي، شفق جي ساڃاءِ

آگو چؤ مَ ان کي، نڪين مخلوقا.

اهو سالڪ، جو انهيءَ منزل کي رسي ٿو، تنهن گويا توڙ ڪيو ۽ اهوآهي انسان جي ڪمال جو شان، جو بشري عارضن جي فنائيت بعد نصيب ٿئي ٿو. جيئن شاه فرمائي ٿو:

 

نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو

مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي

ڪبي اُتِ ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.

اهڙي قسم جو قرب ۽ اتصال، عبد ۽ معبود جي وچ ۾ راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي قصي ۾ نمايان آهي. ان ۾ هڪ وڏي تمثيل رکيل آهي، جنهن جي اپٽار انهن بزرگن ڪئي آهي، جي اسلامي تصّوف جي اسرارن کان واقف آهن. جيڪي طالب آهن، سي انهن روحاني وارثن وٽان يا سندن ڪتابن مان پروڙين. اها تمثيل شاه جي هيٺين ٻن بيتن ۾ ايتري قدر عيان آهي، جو وڌيڪ بيان جي ضرورت نه اٿس. ڪي رند اهو راز پروڙين:

(1)

نرتي تند نياز سين، ٻرائي ٻيجل

راجا رتولن ۾، اونائي امل

راز ڪيائين راءِ سين، ڪنهن موچاريءَ مهل

انااحمد ”بلاميم“ چئي، سين هنئي سائل

ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته هردوئي هيڪ ٿيا.

 

(2)

ڪنهن ڪنهين ماڙهئين، پيئي ڪل ڪائي

”الانسان سري واناسره“ ورتي ايءَ وائي

راجا راڳائي، هردوئي هيڪ ٿيا.

 

اهڙي اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ لاءِ دائمي جدوجهد جڳائي. تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ گهرجي. جيڪڏهن ويسلائي ٿي ته مقصود هٿان هليو ويندو:

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاه، ڪانهي ويل ويهڻ جي

متان ٿئي اونداه، پير نه لهين پِر جو.

________

 

واقف نه وڻڪار جي، اڳ نه ڏيهه ڏٺوم

ڏونگر ڏوراپن سين، ڪانيءَ ري ڪٺومِ

جيلاه محب مُٺومِ، تي ڇُلون ڪريان ڇپرين

________

هتان کڻي هُتِ، جن رکيو سي رسيون

ساڄن سونهن سُرت، وِکائي ويجهو گهڻو.

__________

 

 

شاه جو سر سارنگ[2]

 

شاه سارنگ کي پنهنجو يار ٿو سڏي: ”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا“. سانوڻ ۽ بهار سال جي جوانيءَ جا ڏينهن آهن. مون جهڙا ڪتابن جا ڪيڙا ۽ گهر گهيتڙا به جوش ۾ اچي ويندا آهن. اڃا جهڙ جهاما ٿيو، رعد جي رڙ ٿي، ۽ وڄڙين ور وڌا ته حال في الحال ٽپڙ سيري ڇڏيندس، پير ۽ ٽنگون بي اختيار نچڻ لڳنديون، ۽ وات مان سارنگ جي بيتن جي جهونگار نڪرندي. اهڙي وقت موڙهلن کي به مت اچيو وڃي، ۽ اُهي به قدرت جي موج مستيءَ ۾ سڀ ڪجهه وساري، ڪو وقت اونگهه ۾ اچي ويندا آهن.

ڏينهن ڏاڍا ٿيا آهن ۽ ڪانءَ جي اک پيئي نڪري، هاڙهه لڳو پيو آهي. گاه سڪي ويا آهن. پري کان رڃ پيئي جرڪي. ماڻهو، مرگهه، مينهون، سڀ سارنگ کي پيا سارين. اَڙيون ابر جي آسري انتظار ۾ آهن. تاڙا تنواري رهيا آهن. سمنڊ جون سپون سج ڏي سڪ سان پيون نهارين. ساريءَ جوڙ ۾ آنڌ مانڌ آهي. ڏڪار پريان ڏيڪر پيو ڪري. ٿري بري ويلا ڪڍي رهيا آهن، باقي ڏڪارين جا ڀانڊا ڀريا پيا آهن. کڳيون پيا هڻن، چي ڄاڻ اسان جي آنن جو اگهه ٿيو. پر اجهو ٿو سندن سانڍيل ان گرڪي ٿئي. مطلب تي ساري ڪائنات ۾ ٿرٿلو آهي.

اتي خدا جي رحمت جنبش ۾ اچي ٿي. اتر جي ڪنڊ کان ڪڪر چوٽي ٿو ڪڍي لڳهن جي لالائي پسو، چوڌاري ڪارونڀار آهي. رعد جي رڙ تي ڪليون ٿيون ڪنبن. وڄن وسڻ جا ويس ڪيا آهن. سانگ کي ساٺ ڪري ڏرکي چِٽي، رسيلا رنگ ڏيئي، سيج تي چاڙهيو اٿن. مينهن ٽهه ٽهه ڪري پيو ٽمي. سڀڪو پنهنجي اجهي ڀيڙو اچي ٿيو آهي. مينهيون ڀٽاريون به ڀڄنديون پنهنجي وٿاڻ تي اچن ٿيون. سڀ هنڌ سرهائي آهي. ڪانئر ڪم کان ڇٽي پيا آهن. جتي ڪٿي ساز سرندا،سارنگيون ۽ چنگ پيا وڄن.پر انهيءَ اگم جو انگ اهڙو نه آهي، جهڙو پرينءَ جو پسڻ؛ مينهن ۽ نيهن ٻئي هڪڙي اکر آهن. ورهين جا وڇڙيل اچي مليا آهن. ڇو ته سيڻن کان سواءِ روح رچنڊيون ڪيئن ٿينديون؟ انهي عالمگير خوشيءَ ۾ اسان جي لافاني شاعر جو خيال وڃيو غريبن تي پوي چي، ويچارا هن وڏڦڙي ۾ ڪيئن ڪندا؟ هنن جا نجهرا هيڻا آهن، واءُ ۽ مينهن انهن کي وڌيڪ جهوري وجهندو. ويچارا ڪهڙي وَهَه ويندا، نه اوڇڻ اٿن نه آجڪو. ٻرحال وانڊين جا، جن جا جاني وَرَ همشہ لاءِ جدا ٿي ويا آهن. شال سندن پکا نه پُسن! ويچاريون گجگوڙ ٻڌي وسيون ٿيو وڃن، ۽ ساه ئي سڪيو وڃين. شال، وارث مٿن اچي اولو ڪري ۽ سندن جهڳي کي جوکو نه رَسي!

پر اِهي منڊل ته مند تي منڊيا آهن. مندائتي مينهن جي ڪا کنوڻ کوٽي ٿئي؟ ٿر بر وٺا آهن. تل ترايون پاڻيءَ سان ڀرجي وييون آهن. پلر جي پالوٽ سين پَٽن پاههَ جهليا آهن. گسن تي گاه ٿيا آهن. وڻ به ساوا چهچ پيا لڳن. اگوندري آب ڪري سانگين جا ساهه وريا آهن. ڌرار ڌڻ ڪاهي، ڇنا ڇڏي، ثمر سنباهي پٽن تي پکڙي پيا آهن. هاري ٻج کڻي، هيج سان ٻنين ڏي هليا آهن، ۽ هر سنباهيا اٿن اَنُ اَرزان ٿيو آهي. جن مهانگو ميڙيو هو، سي اڄ هٿ پيا هڻن. شل اُهي ڏڪاريل موذي، جن کي پندرهن جو آسرو هو، سي ڏيهه مان مري کڄي وڃن! (شاه جي اها دعا ٻن صدين کان پوءِ اگهاڻي آهي). سنگهارن ۾ سک ٿيو آهي. مينهيون پاڻ مرادو ٿڌا گاه پيون چرن. وڏي اوهه سان ڦَر پٺيءَ لائي آيون آهن، ۽ سامهون سڄر کير پيون ڏين. مکڻ ماٽيءَ ۾ ڪُنَ پيو ڪري. شل اهڙي وقت ۾ پرين پاسارا نه ٿين.

نيٺ سارنگ ملڪ تان سوڙهه لاٿي ۽ سانده سهائو ٿيو. اهي وڄڙيون جي لال لبيس ڪري آيون، تن جي مهر فقط هن ملڪ سان نه آهي! اهي ساري جهان جو سير ڪري، رسول الله صلعم جي روضي پاڪ تي وسي، روم، شام، ڪابل، قنڌار، دهلي، دکن، چين، گرنار کان گهمي ڦري، ڍٽ ۽ عمرڪوٽ تي پنهنجي ورکا ڪرڻ آيون آهن. اي سائين! سنڌ تي سڪار ڪرين ۽ سڀ عالم آبادڪرين! شاه جي همدردي سنڌ تائين محدود ناهي، بلڪ ساري جهان کي پنهنجي دامن ۾ آڻي ٿي!

_________


 

شاعر ۽ سگهڙ[3]

 

جيئن ته اڄ ڪلهه جا نؤخير علاما ۽ مَها مهوپڌيا انهيءَ ڳالهه تي اصرار ڪري رهيا آهن ته ”ادب“ [4] جهڙي پاڪ لفظ جو اشتقاق ”دُب“ يعني رڇ جهڙي ذليل ۽ نڪ ۾ نوڙي پيل جانور مان نڪتل آهي ۽ خوشامدڙيا انهن کي ”علامہ دوران“، ”اديب العصر“ ۽ ”فريدالدهر“ جهڙن بلند آواز القابن سان پڪاري رهيا آهن، ۽ جيئن ته شاعري رڳو نقالي ۽ تُڪ بندي بڻجي پئي آهي، ۽ نظم ۽ نثر جا صاحب انهن ٻنهي فنن کي اضافي ترڪيبن جي بيجا استعمال سان پائمال ڪري رهيا آهن، تنهن صورت ۾ واجب ٿيو ته ڀريءَ مجلس ۾ انهيءَ نازڪ مسئلي تي ٿڌيءَ دل سان ويچار ڪجي.

نهان کي ماند آن رازي کزو سازند معفلها

ورهين کان وٺي اندر ۾ اها آرزو پئي رهي آهي ته انهيءَ وڌندڙ ڦٽ جي مرهم پٽي ڪيئن ڪرڻ گهرجي. انهيءَ خيال سان چند سال اڳ ”ادبي ذوق“ تي هڪ مقالو لکيو هوم، جنهن ڪيترن ڪوچڙن جي ڪابوس ۾ هام وجهي ڇڏي هئي. ليڪن حضرت آغا شاه سرهندي جهڙي بزرگ ان جي تحسين ۾ هڪڙو وڏو خط لکي موڪليو هو. ان جو وقتي اثر هيءُ ٿيو، جو اضافي ترڪيب جو استعمال ڪي قدر گهٽ ٿيڻ لڳو. پر پوءِ جيئن ٿڌ تيئن وڌ. اسان جا ناثر ۽ ناظم انهيءَ علت غائيءَ کان آزاد ٿي نه سگهيا، ۽ سڀڪو اديبڙو، شاعرڙو پاڻ کي ڪَوِيسر سمجهڻ لڳو. تان جو نثر جي ڪايا پلٽ ٿي پيئي ۽ سڌاري بدران بگاڙو ٿيڻ لڳو. وقت آيو آهي ته انهيءَ ٻِرڙ کي ٻنجو ڏجي ۽ نثر ۽ نظم کي صحيح اعتدال ۽ ميزان تي آڻجي.

شاعرن بابت چيو ويو آهي ”لله ڪنوز تحت العرش مفاتيحها السنة الشعراء“: يعني الله تعاليٰ کي عرش هيٺان خزانا آهن، جن جون ڪنجون آهن شاعرن جون زبانون. ائين پڻ چيو ويندو آهي ته ”الشعراء السنة الرحمان “ يعني (شاعر الله تعاليٰ) رحمان ۽ رحيم جون زبانون آهن. تڏهن چئبو ته شاعر کي نهايت وڏو رتبو حاصل آهي. شاعر اهو آهي جنهن کي شعور يا احساس هجي، جنهن جي دل دنبوري جي تارن وانگر ڇُهڻ سان نيرنگي نغما ڪڍي ۽ سندس تن جون تندون وحدت ۾ وڄن. جو الاهي اسرارن کي، جي عرش هيٺان سانڍيل آهن ۽ ڪائنات جي ڪرشمن کي اهڙن عجيب ۽ لاثاني لفظن ۾ ادا ڪري، ۽ ان جي رازن جي اهڙي فطري نموني ۾ تعبير ڪري، جو عام توڙي خاص ماڻهن جو عقل چرخ کائي وڃي. شاعر اهو آهي جنهن جي سخن مان سچ، سونهن ۽ چڱائيءَ جون ٽيئي وصفون باڪمال طور بکن. شاعر اهو آهي جنهن جي اندر مان شعر اُڌمو کائي نڪري، ۽ جبل جي جهرڻي جيان اڇلون ڏيئي مٿي اُڀري. شاعر اهو ناهي جو هڪ هنڌ ويهي. ڪاغذ کڻي قافين جي لانڍ لکي، بحر ۽ وزن نبائي ۽ باقي حشو کي مصنوعي لفظن سان ڀري بيشڪ، اهڙيءَ ڪار گذاريءَ ۾ نزاڪت ۽ نفاست، صناعت ۽ مهارت آهي، پر اهڙيءَ سخن کي سگهڙ پائي سڏبو، نه شاعري. سگهڙ اهو آهي جو ڪلام کي چڱيءَ طرح گهڙي، ٺپي ٺاهي. وزن تي پورو بيهاري. ان جو مثال واڍي وانگر آهي، جو اڻ گهڙيل ڪاٺ واهولي سان گهڙي، ۽ رندي روات سان ان کي لسو ڪري. يا رازي وانگر آهي، جو سِرون رکندي، چُوني يا گاري سان کُپائيندي، شاهل سان ڀت جي اوساري سڌي ڪندو آهي.

جيڪڏهن  اهو آهي امتياز شاعر ۽ سگهڙ جي وچ ۾، ته مهرباني ڪري ٻڌائي سگهندا ته اسان جي نظم نويسن مان ڪيترا شاعر آهن ۽ ڪيترا سگهڙ؟ ڪنهن کي به رنجائڻ بنان مان بي ڌڙڪ چوندس ته انهن مان اڪثريت سگهڙن جي ئي آهي، جي پنهنجي نظم کي عربي ۽ فارسي بحرن جي قالب ۾ وجهي پورت تي آڻين ٿا. غالباً شهري نظم نويس سگهڙ آهن. مان انهن کي شاعرن جو نالو نه ڏيندس. حقيقت ۾ ٻهراڙيءَ جا ڪلام چوندڙ ئي سچا شاعر آهن، ڇاڪاڻ ته سندن ڪلام هروڀرو بحرن ۽ وزنن تي ٻڌل ناهي ۽ تصنّع ۽ تڪلّف کان گهڻي قدر خالي آهي. انهن جو سخن بيساختہ درياه جي پالوٽ وانگر آهي ۽ اهي پنهنجي احساسن ۽ امنگن کي ازخود، بلڪ بي خوديءَ جي حالت ۾ اظهارڪندا آهن. جڏهن به شعر چوڻ جو جذبو اندر جاڳندو اٿن، تڏهن سندن وار ڪانڊا جي ويندا آهن. اکيون ڦوٽارجي يا ٻوٽجي وينديون اٿن، دل ڌڙڪ ڌڙڪ ڪندي اٿن، ۽ غشي وٺي ويندي اٿن. پوءِ انهيءَ محويت ۽ فنائيت جي عالم ۾ انهن تي وجد ۽ حال طاري ٿيندو آهي ۽ وحدت جي واديءَ ۾ غرق ٿي، بي اختيار ڪلام چئي وجهندا آهن؛ جو کين ياد رهندو آهي، يا حاضرين قلمبند ڪري ڇڏيندا آهن. اها پيغمبري ريت آهي.

اهڙيءَ طرح صوفي سماع ۽ رقص ڪندي، راڳ ڳائيندي ۽ جلي ذڪر هلائيندي؛ ۽ عاشق صادق پنهنجي معشوق جي فراق ۾ جهڄندي جهرندي، پنهنجو وجود وڃائي، حسن جي حدن کان نڪري، روحاني عالم جو سير ڪندي، اچانڪ شعر چئي وجهندا آهن، جو عين حسن ۽ ڪمال هوندو آهي. بلڪ هڪ رواجي ماڻهو به قدرت جا نرمل نظارا پسي، موج مستيءَ ۾ اچي ويندو آهي ۽ سهڻي الحان سا ڪجهه نه ڪجهه جهونگاريندو آهي.

اهڙي قسم جا شاعر دنيا ۾ ڪي قليل ٿي گذريا آهن. انهيءَ معيار موجب ڏسبو ته شاه لطيف پڻ گهڻي قدر سگهڙ هو ۽ ڪن شاذ ۽ نادر موقعن تي الهامي شعر چيو اٿس ۽ تخيل جي توڙ کي پهتو آهي؛ ۽ اهي عالمگير فلسفيانہ سچ چيا اٿس، جيڪي سندس خارق العادة بزرگيءَ جو باعث آهن، ۽ جيڪي کيس انهن قليل هستين ۾ مقام بخشين ٿا. اهڙا بيت اٽڪل سؤ کن آهن، جن ۾ تصّوف جي تنوار آهي، باقي ٻيو اڪثر رسالو بياني، اخلاقي ۽ عشقي افڪارن سان ڀريو پيو آهي، جو پنهنجيءَ پَر ۾ لاثاني آهي. اگرچ ان ۾ ڪي عميق خيال سمايل ناهن. مارئيءَ جي سر ۾ وري وطن جي اڪير جي بي نظير تصوير پيش ڪئي اٿس. درحقيقت بيت سازي جي باب ۾ شاه صاحب اڳين توڙي پونين سنڌي شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي. ليڪن ائين چوڻ کان رهي نٿو سگهجي ته سندس ڪلام ۾ گهڻي قدر سگهڙپائي جو به دخل آهي. مثلاً سر ڪلياڻ جو پهريون ئي بيت، جيڪڏهن سندس چيل آهي، انهيءَ ڳالهه جي دلالت ڪري ٿو؛ ۽ خصوصاً اهي وڳارون بيتن جون، جن ۾ لفظي توڙي معنوي تڪرار آهي ۽ جي ٿوري مٽاسٽا بعد ورجايا ويا آهن. اهڙو ورجاء يا دهراء، منهنجي تخميني موجب اٽڪل هزار بيتن ۾ لڀندو، جو سندس سگهڙپائي جو قوي ثبوت آهي، جو ڪنهن عربي، فارسي يا فرنگي يا ٻئي ڪنهن غير ملڪي شاعر ۾ مشڪل ملندو، ۽ بلاغت جي اصولن خلاف آهي، جن ۾ ايجاز کي تطويل تي ترجيع ڏني ويندي آهي. اگرچه باز گوئي من حيث المجوع ٿڪائيندڙ آهي، تڏهن به من حيث المفرد نهايت فصيح ۽ بليغ آهي.

شاه صاحب جيڪو ٻئي قسم جو شعر چيو آهي، سو آهي وايون يا ڪافيون، جي علي العموم ڦِلهڙيون آهن، ۽ انهن مان ڪيتريون ئي راڳاين جون يا خود رسالي جي جمع ڪندڙن جون چيل ٿيون ڏسجن. رڳو انهن جي آخر ۾ شاه لطيف جو نالو وڌو ويو آهي. ساڳيءَ طرح ٽيهه اکريون (سواءِ سسئي واريءَ اکريءَ جي) ۽ ڏينهن راتين وارا بيت غالباً ڌاريا آهن. ”ڪاپائتي مت“ حافظ پيني جي چيل آهي، جيئن مُلي نعمت واري قلمي نسخي مان ظاهر ٿيو آهي. ڪافيءَ جي صنف ۾ متاخر شاعرن جهڙوڪ سچل سائين، رمضان ڪنڀر، پير اميد علي، نور محمد واڍو، مصري شاه، خير محمد فقير وغيره، شاه صاحب کان عبارت ۽ مضمون جي رنگيني ۽ هنر بازيءَ، رزانت ۽ متانت ۾ گهڻي قدر سرسا آهن. انهن ۾ رمضان ڪنڀر، نور محمد واڍو وغيره ٻهراڙيءَ جا اُمي يا اڻ پڙهيل شاعر آهن؛ جن جي ٻولي نهايت زوردار ۽ مٺي آهي. انهن کي ڪنهن به قول سگهڙ چئي نٿو سگهجي. سندن ڪافين جا مثال هتي وقت بچائڻ خاطر نٿا ڏجن.

اهڙي طرح شاه صاحب غزل کي ته ڇڏيو، پر شعر جي ٻين صنفن جهڙوڪ مولود، معجزي ۽ مدح ۾ به پنهنجي طبع آزمائي نه ڪئي آهي. اگرچه ٻين ڪيترن ئي ٻاهراڙيءَ جي شاعرن انهن ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاريو آهي. مان فقط رمضان ڪنڀر جهڙي امي ۽ دهاتي شاعر جي ڪلام مان حاضرين کي هڪڙا ٽي فقرا سڻائڻ گهران ٿو. پهريون هرڻيءَ واري معجزي مان، جو سڄوئي موتين جي ڪٺمال آهي:

هن ميو مستاڪ موهن، سوز دلبر جي سجهي

انت پنهنجي عشق جو، سڌ ڏس نه ٻئي ڪنهن کي ڏجي

حب هنيين ۾ حال هردم، ڪل نه وڃي ڪنهن سان ڪجي

جانڪون جيين دم زندگي، ناتو نباهي نينهن نجي

نفس مدعي نور ناقص، ڊءِ نه ڪنهن ڊپ کان ڊڄي

حق هدايت راه ڪڙدم، ڀؤ ڏسيو بيڪس ڀڄي

هڪ ٺپيءَ ۾ هيڪلو، ٻر ٻر! نڪو ٻيلي ٻجهي    

تنهنجو سڄڻ سندرو سڌرُ، سڪرات ۾ سرور سجهي.

سامعين ڪرام تجنيس حرفي کي ڏسن ته ڪهڙيءَ نه خوبيءَ سان استعمال ڪئي ويئي آهي! ٻيو ۽ ٽيون فقرو ”ڪانگ“ جي وچين ڪلمي مان ڏجي ٿو، جو ٽنهين ڪلمن جو نڪ آهي:

(1) شهر بانوءَ جي سونهن جي ساراه:

شهر ولايت شام ۾، هئي حسن حيرت ڪا

دختر سندي ڌيءَ بادشاه، وڏو هو وياءُ

مورت ماهئون اڳري، نظر نزديڪا

بر نه تنهن بروبري، ڪينچل آه ڪجا

سج نه صورت سامهون، ڪري نه تابش تاءُ

هُوءَ منهن لڪائي لڄ پئي، قمر قنديلا

رخ جنهن جي روءِ جا، پيا پکن پرتوا

سي کاميو وڃن خاڪ ٿيو، پچيو پتنگن جان

سٽجو پون پٽ اُتي، ڪيفي ڪبابا

هوءَ کلنديئي خون ڪري، خوشدر خوشحالا

هي نه ڀيرو هيڪڙو، جنهن کي قدر پوي ڪهلا

نينهن تنهين نار جي، ڪيا نازڪ نهالا

چارئي عين چڀي ويا، ڳجهڙي رمز ڳتا

جيئن چندن وڻ ۽ چانڪو، تيئن پرت پيچ پيا.

(2) شهر بانو جو باغ جي بهاني عاشق فقير سان ملاقات لاءِ نڪرڻ:

افريد ڪيائين اڳ ۾، نڱي نروارا

ٻي سڀ چپ چپات هئي، ڪنهين ڪل نه ڪا

کنئي پور پرين جي، جيئن دور درياها

اُڀريس لهريون عشق جون، اجگر اُليلا

ڇلنگا ڇول اکين مان،آيس آب سندا

ٻُڏيو ٻُوڙهٽ ۾ وڃي، جنهن کي سورن ڏنو ساءُ

حُسن ڪيا تنهن حور جي، گنير گفتارا

چنڊ تارا چور ٿيا، همہ هيڪاندا.

ڪلام جو زور ۽ سلسلو ته ڏسو ٻولي اُها آهي جا سڀڪو سمجهي، نه ٻاتاڙي ٻولي جيڪا فقط شهري ڪم آڻيندا آهن. سڀڪو انهيءَ مان حظ پرائي سگهي ٿو. بيت چوڻ سولا آهن، پر اهڙو مسلسل ڪلام چوڻ؛ ڪنهن رواجي سگهڙ جو ڪم نه آهي.

شايد ٻهراڙيءَ جي هڪ ٻئي نوع جي شاعرن کي سگهڙ ڪري چئجي، جن جو ڪلام، هڪ سؤ سال اڳي مرحوم آخوند محمد وفا عباسيءَ پنهنجي ڳُٽڪي ۾، ۽ تازو مسٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو سينگار“ ۾ ڏنو آهي، جهڙوڪ جلال، ڪبير شاه وغيره. انهن ۾ لفظن جي جهاجهه آهي، جي اڪثر تهه ٻهراڙيءَ وارا استعمال ڪندا آهن ۽ شهري ماڻهو انهن کان به خبر آهن، پر انهن اڻ پڙهيل شاعرن به پنهنجي نموني ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي ۽ ماڻهو عجب ۾ پئجو وڃي ته انهن کي پنهنجي صاف ۽ چيدي ٻوليءَ تي ڪيترو نه دسترس هو سندن شعر گوئيءَ جو نمونو بلاشڪ فطري آهي، اگرچه تصنّع! ۽ تڪلّف انهيءَ ۾ پڻ گهڻي قدر ساري ۽ طاري آهي. مان ته اهڙن شعر گوين کي به سگهڙ ڪين چوندس، ڇاڪاڻ ته انهن سنئون سڌو قدرت جي صاف چشمي مان پوڄ پيتو آهي.

تڏهن سگهڙ ڀلا ڪنهن کي چئجي؟ جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته سگهڙ اُهو آهي جو پنهنجا خيال بحر ۽ وزن جي سانچي ۾ سميٽي صاف ڪري بيهاري، جو جاءِ بيجاءِ زير اضافت جو مڪروه استعمال ڪري، ۽ جنهن جو ڪلام سواءِ ڪن شهري فارسي ۽ اردو زده ماڻهن جي ڪنهن کي به سمجهه نه اچي. اسان جا ڪيترائي موجوده وقت جا شاعر انهيءَ مرض ۽ مبتلا آهن، الا ماشاءَالله. ليڪن هاڻ نئون واءُ وريو آهي ۽ اسان جا ڪيترائي نوان شاعر هندو خوان مسلمان، سادو، سولو ۽ فطري شعر گونا گون نمونن ۾ چئي رهيا آهن، جنهن مان اصليت جي بوءِ اچي ٿي. سندن ڪوششون تحسين جوڳيون آهن، مگر آءٌ کين عجز ۽ نياز سان عرض ڪندس ته زير اضافت جي ڪني ۽ قبيح استعمال کان احتراز ڪن، نه ته سندن شعر پڻ مصنوعي، فارسي ۽ اردو زده ٿي پوندو، جن ٻنهي ٻولين اسان جي سونهاري سنڌي زبان جي ستيا ناس ڪئي آهي.

صاحبو! مون کي معاف ڪندا، مون پنهنجي تقرير ۾ ڪنهن خاص شخص ڏانهن اشارو ڪونه ڪيو آهي. منهنجي مراد اصلاح آهي، نه فساد.

مراد ما نصيحت بود و گفتيم

حوالت با خدا کرديم ۽ رفتيم.

--------

 

 

ڀٽ تي ڀيرو (گنج جو مطالعو)[5]

 

ڀلي ڀٽ ڌڻيءَ تي ڪرڻ ڀيرو گهرجي

انهيءَ راهه ۾ منهن ڪرڻ ميرو گهرجي.

هئو دوست سنڌ جو سڄڻ سورمو

مٿيري مڙس ڏي ڪرڻ ڦيرو گهرجي.

لڪي لال ويٺو. ڀڄي ڀٽ ۾

طلب ۾ تنهين جي کڻڻ پيرو گهرجي.

”عمر“ کي اصل کان رهي سڪ اندر ۾

انهيءَ در تي دمدم، دمڻ ديرو گهرجي.

هُونءَ ته لال لطيف جي زيارت لاءِ گهڻائي ڀيرا ڀٽ تي وڃڻ ٿيو آهي ۽ انهي ڀليري جي ڀلاين جو تصّور ڪندي روح کي رقت حاصل ٿي آهي، پر هي پويان ٻه لڱا خاص سندس ڀر ۾ رهي، لُڪن ۽ جهولن جا جهوٽا سهندي، سندس ڪلام سان رهاڻيون رهندي ۽ جهڻ ڀڻ ڪندي جا قلبي راحت سري سان بيان کان ٻاهر آهي.

جڏهن مرهيات گربخشاڻي سان گوڏا ڀڃي شاه جي رسالي جو متن ۽ شرح لکندو هوس، تڏهن کيس چوندو هوس ته: اڄ ڪ سنجهه صباح سندس سخن تي سميٽڻ منهنجي پُکي پوندو مرهيات به چوندو هو ته: مون جيئري مون مئي، اهو ڪم سرانجام تون ڪجانءِ ورهين جا ورهي گذري ويا، اها آس اندر ۾ سانڍيندو آيس، پر اها ڳالهه خواب خيال به نه هيم ته اهڙو وڏو مهم منهنجي هٿان ڪيئن تمام ٿيندو. ”ڪرهو نه ڪيڪان، پيرين آءٌ نه پڄڻي“، قدرت کي منظور هو، جو سنڌ ادبي بورڊ جو آرنڀ ٿيو. پهرين پهرين مڪمل رسالي جي اشاعت جي رٿ آئي. سيّد غلام مرتضيٰ شاه، انصاري عثمان علي، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين سڄڻن جي اها صلاح بيٺي ته اهو ڪٺن ڪم مان پنهنجن هيڻن ڪلهن تي هموار ڪريان. جوانيءَ جو اهو جوش نه رهيو آهي؛ پيري زوران زور ڪاهيندي اچي؛ اکيون نست ۽ عضوا نٻل: ”وڏڦڙو ۽ واءُ، ڪرهي کاڏو کوڙيو.“ دهشت وٺي ويم، پيريءَ ۾ پيئي اکيون آريءَ ڏي ڪيئن کڻندس پر دل جهلي چيم ته: اها منهنجي ورهين جي آرزو هئي، ۽ اگرچه پاڻ ۾ اهو ست نٿو سڀران، ته به ضرور پنهنجي وت آهر ڪوشش ڪندس؛ من آگو ٻاجهه پئي ڪرائِيءَ ۾ قوت وجهي، جو اهو باري بوجو کڻي سگهان:

 

سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد

اين بارگران بود ادا شد چه بجا شد.

مرحلا ۽ منزلون نظر آيون، پر اندر کي آٿت هوم ته الله جي آڳهه سان انهيءَ آجيڪار مان ضرور پار پوندس، ”عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشڪلها.“

محترم انصاريءَ کي پنهنجي وساطت سان مرهيات گربخشاڻيءَ کان رسالي جا ٻه قديم نسخا، بلڙي ۽ ڀٽ وارا وٺي ڏنا هئم، جي وٽس رهجي ويا هئا. کيس استدعا ڪئي وئي ته اهي ٻئي نسخا ڪجهه وقت لاءِ عاريت طور ڏئي، پر مرد پڙ ڪڍي بيهي رهيو. اهڙي طرح ”لطائف لطيفيءَ“ جو قلمي نسخو، جو مون کي مرهيات جي ڪتبخاني مان هٿ آيو هو، ۽ جو مولوي دين محمد وفائيءَ مون کان ”لطف الطيف“ جي لکڻ لاءِ اڌارو ورتو هو، سو سندس وفات کان پوءِ گم ٿي ويو ۽ وڃي ڏاڍن جي ور چڙهيو. انساني ناسپاسيءَ جو مثال ٻيو ڪو ڇڊو لڀندو ان جو جيتري قدر افسوس ڪجي، اوترو ٿورو آهي. مِٺي به ماٺِ، مُٺي به ماٺِ.

بهرحال مون کي مايوسي ڪانه ٿي، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته اهو بار آورد گنج ڪٿي پوريل آهي، جنهن جي ملڻ ڪري، اهي ننڍڙا ۽ نوان نسخا بالڪل ناچيز ٿي ويندا، جيئن سج جي سهائي تي ستارا الوپ ٿي ويندا آهن ۽ سندن جمال جي جوت جهڪي ٿي ويندي آهي. اها ڪيميا ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪل هئي جا ٽامي کي سون ڪري ڇڏي. جڏهن اصل مليو ته نقل سڀ بيڪار؛ هنڊيءَ ڏٺي پائنٺ رد. اهو گنج بي رنج 1207 هجري کان تمر فقير جي اوطاق جي هڪ ڊٺل ڪوٺڙي ۾ سانڍيل هو، جو ڪنهن ٻڌو هو پر اکين نه ڏٺو هو؛ جنهن جي زيارت شاه جا شائق ضرور ڪندا هئا، پر ان کي اُپَٽي، اُن جو اُهاءُ نه ورتو هئائون. انهيءَ گنج بي رنج جي ڏسڻ جي اندر ۾ آپر اُڪير جاڳي، چيائون ته: فقير ويجهو به وڃڻ نه ڏيندا. دل ۾ چيم ته ماشاءَالله، هيڪر ته حملو ڪبو، پوءِ يا نصيب.

فبروري 1952ع جي آخر ڌاري، وڏيءَ اُڪاس ۽ اُڪنڊ سان ڀٽ کي ڀيڙو ٿيس. اسهڻ کان اڳ صاحب سجاده، جنهن سان اڳ نيازمنديءَ جو رستو هو ۽ سندس فرزند ميان غلام شبير شاهه کي پنهنجي ارادي جو اطمينان ڪيو هوم، جن ڪرم فرمائي، پنهنجي بنگلي تي خلاصي ڪمري ڏيڻ جو وعدو ڪيو ۽ پڻ خبر ڏنائون ته تمر فقير جي جانشين ميهر فقير اجازت ڏني آهي، بيشڪ گنج شريف ڀيٽيو، پر انهيءَ شرط تي ته گنج کي اوطاق کان ٻاهر نه ڪڍبو، ۽ ڪرسي ۽ ميز کانسواءِ تڏي تي ويهي ڪم ڪبو. عجب ته فقير صاحب ڀلي تمر فقير جي دڪيءَ تي ويهي، پر ٻاهر ورانڊي ۾ ڪرسي ۽ ميز نه رکجي! ورانڊي توڙي اڱڻ ۾ ٿڪون ڦٽيون نه ڪجن، پر پيرين اگهاڙي هلجي! اتي پهچڻ شرط ڪمري ۾ لڏو لاهي، هٿ منهن ڌوئي، وضو ڪري ترت تمر فقير جي اوطاق ڏي راهي ٿيس. واٽ ويندي سهڻي لال لطيف جي زيارت ڪيم. اوطاق ۾ تڏي تي ڀت ڀر ٽيڪ ڏيئي ڪم کي جنبي ويس. نواز فقير ويراني مان گنج ڪڍي آڻي اڳيان رکيو، ان کي ڏسي گد گد ٿي ويس. اوطاق جي اونداهي، پٽ جي سختي ۽ اڱڻ جي ميرائي وسري ويم. ڄڻ ته سون جي کاڻ ملي هيم.

پيرن صاحبن چڱي پرورش ڪئي؛ پنهنجو خاص ماڻهو، جو اڳي اسان وٽ بورچي  جو ڪم ڪري ويو هو، ۽ جنهن جو رڌ پچاءُ مون کي وڻندو هو، سو منهنجي خدمت ۾ ڏنائون. صبح جو سويرو نيرن ڪري اوطاق ۾ وهندو هوس، ظهر جو آرام ڪرڻ کان سواءِ، فقط هڪ وقت استنجا ڪري وضو ساري، ٻپهري ۽ ٽپهريءَ جي نماز گڏ پڙهي، سارو وقت گنج شريف ڀيٽيندو هوس ۽ ان جون مختلف پڙهڻيون ميرزا قليچ بيگ صاحب واري ڇاپي ۽ نسخي ۾ درج ڪندو هوس. لکڻ سان گڏ بيت الحان سان زيرلب جهونگاريندو هوس. انهيءَ ريجهه رهاڻ ۾ خبر ئي ڪانه پوندي هئي ته وقت ڪيئن گذريو. وچ  تي فقط ”هارلڪ“ جو پيالو گرم کير سان پيئندو هوس، ٻيو سڀ خير. شام جو هر روز ڏهه يارهن ڪلاڪ سانده ڪم ڪري، مغرب نماز پڙهي ڪمري ڏي موٽندو هوس. اهڙي طرح اٺ ڏينهن لحظي ۾ لنگهي ويا. پهرئين ڏينهن سو خالي تڏي تي ويهي چيلهه چُڪي پئي هئي، پر ٻئي ڏينهن ڀٽ جي هيڊ ماستر صاحب ۽ سندس نائبن هڪ رضائي ۽ طول آڻي ڏنو، جنهن ڪري اوطاق جو پَٽُ به پَٽَ جهڙو نرم ٿي لڳو، ۽ ورانڊو شاد روان ٿي پيو. موسم نهايت خوشگوار هئي ۽ پاڻي وڻندڙ، ۽ باوجود مشقت جي منهنجي صحت گهڻو سڌري پئي. شايد اولياء الله جي ڀلائي هئي، جنهن جي ڪلام سنوارڻ لاءِ ايڏا ڪشٽ ٿي ڪڍيم.

انهن ڏينهن ۾ هڪ دکدائڪ واقعو ٿي گذريو، جمعي رات شغل ۽ راڳ کان پوءِ، مجاورن ۽ ماڻهن جي بيخبريءَ جو فائدو وٺي، هڪ خبيث، شاه لطيف جي قبي جي سوني نيل لاهي فرار ٿي ويو، جو باوجود ڪوششن جي اڃا عدم پيدا آهي. منهنجي دل کي صدمو پهتو ۽ پير صاحب به تمام غمگين ڏسڻ ۾ آيا. فقيرن هينءَ پئي چيو ته: شاهه هاڻي پنهنجو گهر ٿو ڦٽائڻ گهري ۽ اڳتي ڪوبه ماڻهو منجهس ويساه نه رکندو. هيئن آهي ته الله جي پيارن کي نڪا سونين نيلن جي، نڪا عاليشان مقبرن جي ۽ نڪا ميڙن ملاکڙن جي ضرورت آهي. اهي شيون ته پيٽ پالڻ جا ذريعا آهن، جي اوليائن جي پوئلڳن اختيار ڪيا آهن. اهي مقبول ٻانها ته دنيا ۽ ماسوا کان منهن موڙي، الاهي ديدار ۾ محو ۽ مستغرق آهن. انهن کي دنيا جي جنسار ۽ ٺاٺ سان ڪهڙو واسطو؟ هڪ ويساه واري سفيد ريش اچي تمر فقير جي دڪيءَ اڳيان سجدو ڪيو. مون تنهن تي گهڻو شرمايو مانس ته اهي سڀ خدا جا عاجز بندا آهن، تنهنڪري هڪڙي خدا پاڪ اڳيان سرجهڪاءِ ته تنهنجي من جون مدعائون پوريون ٿين. ٻڍو رمز سڃاڻي ويو ۽ واتان ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍيائين.

سنڌ ۾ گهڻا اولياءالله آهن، پر جيڪو شغل ۽ چهچٽو شاه جي درگاه تي ٿئي ٿو، سو ٻئي هنڌ ورلي لڀندو، رات ڏينهن زيارتين جي ڌم لڳي پئي آهي. هڪ هنڌ جهنڊيون پيون لهن ۽ زالون پيون ڳائين، ته ٻئي هنڌ گهوٽ کي سرگس ڪرائي، پڇاڙيءَ جو نفل اچي شاه جي درگاه تي پڙهائين. جمعي ۽ سومر رات، خاص رونق هوندي آهي، خصوصاً ماهون پهرئين سومر رات جڏهن آسپاس جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيندا آهن. زالن ۽ مڙسن جي پيهه لڳي پئي هوندي آهي. راڳائي فقير حلقي ۽ ويهي طبنورن تي شاه جا بيت ۽ وايون چوندا آهن هڪ هڪ راڳيندڙ کي سڄو رسالو ياد هوندو آهي، ليڪن سندن ڳائڻ جو طريقو علحدو آهي، جو اسان جهڙن مغربي تهذيب زده انسانن کي هوند نه آئڙي. اڃا بيت ته جيئن تيئن ڪري سمجهبا مگر وائي ڳائڻ ۾ اهو ولولو ۽ ووڪ آهي، جو هڪڙو حرف به سمجهي نه سگهبو. هڪ قسم جي زيل ۽ سانده ڪوڪ آهي، جو ٻڌندڙ جو ساهه نڙيءَ تائين پهچيو وڃي. هڪڙي قسم جي محويت ۽ سنسناٽو هوندو آهي، ۽ اهڙي چپ چپات لڳي پئي هوندي آهي، جو جيڪر سئي ڪري ته به ان جو آواز به معلوم ڪري سگهجي. ماهون پهرئين سومر جي رات وري صحن ۾ مچ ٻاريندا آهن، جنهن جي چوڌاري ميهر فقير جي سرڪردگيءَ هيٺ فقير سماع ڪندا آهن، ۽ چوگرد ڦرندا آهن. اها هڪڙي قسم جي بدعت آهي، جا قديم زماني کان هلي اچي. شاه جي باري ۾ گهڻيون روايتون ۽ نقل ۽ نظير فقيرن جي وات آهن، جن جو هتي ذڪر ڪرڻ مناسب نه آهي. اميد ته شاه جي سوانح عمريءَ ۾ انهن جو وستار ڪيو ويندو.

گنج شريف هڪ ڪهنو ڪتاب آهي. وچئون شيرازو ٽٽي پيو اٿس. ورق اهڙا جهونا ٿي ويا ٿس جو ڇهڻ سان ڦاٽيو پون. گنج نالو انهيءَ ڪري پيو اٿس جو منجهس شاه جا سڀيئي بيت سواءِ ترتيب جي درج ڪيا ويا آهن. پر حقيقت هي آهي ته گنج جي ترتيب نهايت سهڻي آهي. داستان مضمون موافق ڏياريا ويا آهن ۽ بيتن جي ڪڙيءَ ڪڙيءَ سان مليل آهي. هيئن چوڻ روا آهي ته رواجي قلمي نسخا ۽ ڇاپي نسخا، جي جمعي فقير، حسين فقير ۽ ٻين راڳاين جي رسالن تان اتاريا ويا آهن. تن ۾ ڪنهن به قسم جي ترتيب ڪانهي. خبر ناهي ته گنج جي جوڙ اول ڪنهن بگاڙي. بهرحال جنهن صورت ۾ فقيرن هٿان ئي شاه جي بيتن جو ربط ضبط پئي ڦريو آهي، تنهن صورت ۾ نئين سنواريندڙ کي حق آهي ته رسالي جي جوڙجڪ کي مضمونن جي مدنظر تي نئين جوڙ ڏئي ۽ سچ پچ ته رسالي کي نئين رنگ ۽ ريت ۾ پيش ڪرڻ نهايت اهم آهي.

گنج شريف 1207 هجريءَ ۾ يعني شاه صاحب جي وفات کان 42 ورهيه پوءِ لکيو ويو. اهو ڪم تمر فقير جي خليفي ميان اسماعيل جي تحريڪ سان سيّد عبدالعظيم نالي فقير هٿان پورو ٿيو. ميون اسماعيل هڪ برگزيدو شخص هو ۽ شاه لطيف سان روحاني توسّل هوس. سڄا سارا سؤ سال تمر فقير جي مسند تي ويٺو هو. ۽ سڄي ڄمار تجرد ۾ گذاري 1282هه ۾ وفات ڪيائين. سڀني فقيرن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته گنج کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه نسخو معتبر ناهي. جيڪي يبت ان ۾ ناهن سي ڌاريا آهن ۽ شاه جي فقيرن جا جوڙيل آهن، ۽ زماني جي گذرڻ ڪري شاه جي ڪلام سان گڏجي سڏجي ويا آهن. مثلاً بمبئي ڇاپي ۾ جيڪي فالٽو بيت آهن ۽ جي مرحوم ميرزا صاحب پنهنجي ڇپايل رسالي ۾ درج ڪيا آهن، انهن مان اڪثر گنج شريف ۾ اصل ڪينهن ازانسواءِ گنج ۾ ڪيترا اهڙا بيت آهن، جي ٻين نسخن ۾ موجود ناهن. مثلاً:

 

جڏهن سائين ٿي سڏ ڪيا، ٻڌءِ نه ٻوڙي

همراهي هوتن سان، تو جودان نه جوڙي

پلءِ ڄام پنهونءَ جو، جهليئي نه ڊوڙي

هاڻي ناحق ندوري، ٿي رندن ۾ ٿي ريهون ڪرين.

________

 

هڪ تراڙي گناه، سڀيئي سنواريا

پاڻيءَ پار ناه ڪا، نڪا ويساند واء

کاڌي لرز، لطيف چي، سبب اُن جي ساه

ڪو فضل ڪر فتاح، ٻي تراڙي ٻاجهه جو.

اهڙا بيت بيشمار آهن ۽ انهن ۾ بيشڪ لطيفي لغار آهي. تنهن کان سواءِ گنج جون پڙهڻيون زياده موزون آهن ۽ مٿن قدامت جو رنگ آهي. موجوده خطي نسخن ۾ ڪاتبن ۽ فقيرن پنهنجا رنگ رچايا آهن. مثلاً ڪير چوندو ته هيٺيون بيت شاه جو آهي:

 

انت تمثي في الطلوع، صبح ٿيو صاف

ميي تي مصحف، پنهون ڄام پڙهندو هليو.

جنهن ۾ چون ٿا ته امام حسين رضي الله عنہ جي سِري مبارڪ ڏي اشارو آهي. اهڙيءَ طرح شاه جو مشهور بيت:

 

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ

نيو من لائينِ، پريان سندي پار ڏي.

گنج شريف ۾ هن ريت سمايل آهي:

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ

سڳر سُونهائينِ، پريان سندي پار جو.

منهنجي نماڻي راءِ موجب هيءَ قراًت افضل ۽ اعليٰ آهي ۽ زياده شاه جي مقصد کي نروار ڪري ٿي.

چون ٿا ته گنج شريف کان اڳ شاه جو سڄو ڪلام خود تمر فقير گڏ ڪيو هو، جو هڪ روايت موجب ڪڇ ڀڄ ڏي ويندي اڏيري لال جي سيّدن وٽ امانت طور رکي ويو هو، ۽ اتيئي زبون ٿي ويو، يا ٻيءَ روايت موجب ڪڇ ڀڄ ۾ رهجي ويو، جتان تمر فقير جا ٻالڪا ڪيڏانهن کسڪائي کڻي ويا. بهرهال هن وقت دنيا ۾ گنج کان سواءِ ٻيو ڪونسخو وڌيڪ آڳاٽو ۽ معتبر ڪونهي. هڪ خطي نسخو عزيزم محمد حنيف صديقي کان مليو اٿم، سو به سؤ سال کن جهونو آهي. اهڙي طرح برٽش ميوزم وارو نسخو ايتري ئي عمر جو آهي. آخوند احمد ڀٽائي واري صحيح نسخي جو پتو عزيزم محبوب علي چنا وٽ پيو آهي، اهو ڏسجي ته ڪيتري قدر جهونو آهي.

گنج جي ترتيب به عجيب آهي. پهريائين سر سسئيءَ سان شروع ٿئي ٿو، جو يڪو ڏنل آهي ۽ پنجن سرن ۾ نه ورهايل آهي. ان جو پهريون بيت آهي:

 

وڍي ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري

هن پڻ پنهنجا ساريا، هيءَ هنجون هڏن لءِ هاري.

جو سر معذوريءَ جي ڇهين فصل جي آخر ۾ ڏنل آهي. ساڳيءَ طرح سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ گڏجي هڪ سر جي صورت ۾ آيل آهن، ۽ ”اول الله عليم اعليٰ“ جي بدران پهريون بيت آهي.

اُٿياري اٿي ويا، منجهان مون آزار

حبيب ئي هڻي ويا، پيڙا جي پچار

طبيبن تنوار هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.

جو ڪلياڻ جي ٽئين فصل جو پهريون بيت آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪنهن سر جي صورت علحدي آهي.

سر سسئي، جو رسالي جو نائون حصو آهي، تنهن جا بيت ايتري قدر منتشر آهن، جو هرهڪ بيت جي پڇاڻ لاءِ ڇاپي رسالي جا سؤ ورق اٿلائڻا ٿي پيا. تنهنڪري اهي اٺ ڏينهن رڳو انهن جي سوجهڻ ۽ تصحيح ڪرڻ ۾ گذري ويا. منجهس ٻٽي نوان داستان ۽ ڪيترائي نوان بيت آهن، جي پنهنجي پر ۾ نهايت شيرين ۽ رقت آميز آهن. اهي نوان داستان ۽ ليزين جو داستان، ٻين قلمي نسخن ۽ ڇاپيل رسالن مان حذف ڪيا ويا آهن. پڙهندڙ بيتن جي هن ڇُڳي تي ڌيان ڏين ته منجهس ڪيتري نه لذت ۽ لاءُ آهي!

 

مون ڀانيو مون گهر، هميشہ هوندا پرين

ساجن سيڄ وڇايان، جوڙي جيءَ اندر

ڪہ ڄاڻان ڪنهن پر، ڏير ڏمرجي هلئا.

_________

 

ڏير ڏمرجي هلئا، بر ڪاهي بوتا

نِهو نماڻي پاڻ سين، هيڪر آئين هوتا

مارن ٿا معذور کي، گنگن جا گهوتا

ايهيءَ پر پهتا، رات نه رهيا هيڪڙي.

_________

 

ڏير ڏمرجي هلئا، ڪرهل قطاري

چڙهئا لڪ، لطيف چي، توڏا تنواري

ٻانڀڻ ٻروچن لءِ، رويو جر هاري

آديون اوتاري، رات نه رهئا هيڪڙي.

___________

 

جي نه رهئا رات، ته ڪهڙو سک سرتيون

ٻانڀڻ ٻروچن جي، مٺي ملاقات

متان مُٺي ڇڏيين، طلب پريان جي تات

آءٌ تان جوٺي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.

هڪڙي داستان ۾ وري مُلن ت مَٽيو آهي ۽ سندين چڱي لاک لاٿي اٿس. ڪي بيت اغراقي شطحيات سان ڀريل آهن، جي ڇاپي نسخن مان ڄاڻي واڻي ڪيرايا ويا آهن. مثلاً:

 منکي ڪين ڪئو، موران مسلمان

احمد ڪونه آندو، عرب کان ايمان

اي سر آهي سبحان، آدم ليکي آدمي.

انهن ڏينهن ۾ پڙهڻ جو چشمو اتفاق سان ڀڄي پيو، جنهن ڪري ڪجهه ڪم ۾ کانجاڻو پيو. پر لطيف جي لطف سان بنان عينڪ نور نچوئيندي اکين کي اهنج نه پهتو. مطلب ته اٺ ڏينهن خير سان پورا ڪري ڪراچيءَ پهتس، دل ۾ حسرت رهجي ويئي ته ڇو نه سموري گنج کي نظر مان ڪڍيم. پهرين جون 1952ع جي 55 ورهين جو ماڻ ڀرجڻو هوم، سڄا اٺ مهينا حقي موڪل رهيل هيم، پر ڪميشن ۾ زود پڪي نه ٿيڻ ڪري اها نه ورتم. نيٺ ربّ جي رحمت وري، اپريل جي شروعات ۾ پڪو ڪيائين ۽ تاريخ 14 کان وٺي ويندي 30 مئي تائين 47 ڏينهن حقي موڪل ورتيم، انهيءَ لاءِ ته گنج جو رهيل ڀاڱو ختم ڪريان.

16 تاريخ اپريل جي گرميءَ ۾ ڀٽ تي پهتس. اگرچه سيّدن ۾ شاديون هيون ۽ سندن جايون ڄاڄين ماڃين سان معمور هيون، تڏهن به پاڻ ملهائي وري به ساڳيو ڪمرو عطا ڪيائون. چؤڌاري غوغاءِ هئو ته به بندي کي ”خلوت در انجمن“ حاصل هئي. غلام حيدر خانسامان هن دفعي ڪراچي هليو ويو هو، تنهنڪري پهريان ڏينهن سوڪ سنهڙي ماني ۽ تورين جي ڀاڄي، سجاده نشين جي حويليءَ تان ايندي هئي. رات جو سڻڀو ماهيو کير ايندو هو، جو رات جو به پيئندو هوس ۽ صبح جو سوير نيرانو به واپرائيندو هوس. انهيءَ سنهيءَ سيڪيل مانيءَ مان جا لذت ايندي هئي، سا هوند جعفرخاني ۽ باقرخاني مان به نه اچي، پر هن خاڪسار کي مانيءَ جي گهرج ڪانه هئي ۽ انهيءَ سڪيءَ مانيءَ جي ساءَ ننڍي هوندي طالبيءَ جو زمانو ياد ڏياريو، جڏهن پاروُٿيون مکڻ سان جهٻيل جوئر جون مانيون، سياري ۾ ٽانڊن تي سيڪي، انهيءَ ذوق سان کائيندا هئاسين، جو هفت اقليم جي حاڪم کي به نصيب نه هوندو. چئن پنجن ڏينهن جي عرصي بعد غلام حيدر موٽي آيو، ۽ لذيذ کاڌو پيٽ پيو. پر ان ۾ ايترو حظ نه هو، جيترو سيّدن جي رکي روٽلي ۾.

ٻارهن ڏينهن سڄا لڳولڳ تمر فقير جي اوطاق ۾ تڏي تي گذاريم. سراسري ڏهه ڪلاڪ هر روز متن جي مقابلي جو ڪم ڪندو هوس. ڪڏهن به پاسي ڀرنه ليٽيس. اهڙي روحاني سرور ۽ حبور ۾ شاه کي چپن ۾ ڳائيندي وقت گذريو: جو ٿڪ جو احساس نه رهيو. موسم گرم ٿي رهي هئي، لُڪون ۽ جهولا، سارو ڏينهن واري پئي وسي. ڪپڙا لٽا ۽ جسم سڀ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي ويندا هئم. ايندڙن ويندڙن کي عبرت هوندي هئي ته ڪيئن اهڙي فضا ۾ هڪ ڪَنِهي ويهي ڪم ٿو ڪريان. لال لطيف جي جوانيءَ جا ڏينهن ياد پيم، جڏهن يار جي خيال ۾ ڀٽ تي ويهي، سندس جسم مبارڪ تي واري وري ويئي هئي، ۽ شاه حبيب وڏي ارمان سان مٿانئس هيءُ درد انگيز مصرع اُچاريو هو:

”لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي“

۽ شاه، واريءَ جي تهن اندران وراڻيو هو:

”پئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“.

تاريخ 24 جو خميس ڏينهن اٺين بجي ڌاري، جڏهن سويلئي تُندِ هوا شروع ٿي هئي، ۽ هينئڙو ٻيڙيءَ جان پئي ٻڏو ۽ اُپڙيو، تڏهن هڪ طوطن جو شوخ ۽ شنگ ٽولو اچي کٻڙ جي وڻ تي ويٺو. هيڏانهن هوڏانهن پرواز ڪري پاڻ ۾ خوب پئي راندين ڪيائون ۽ ٻوليون پئي ٻوليائون. اهڙي وٺي ”ٽِين ٽين“ مچايائون جو دل بي اختيار انهن ڏانهن ڇڪجي ويئي. اهو تماشو ڏسي دل کي ڏاڍي فرحت آئي. فقيرن کان معلوم ٿيو ته اهڙو طوطن  جو ٽولو ڪڏهن به ڀلجي ڪونه آيو هو، اگرچه ڪڻڪ جون پوکون نزديڪ آهن. سمجهيم ته سبز پوش فرشتا يا ڇُٽل روح، طوطن جي شڪل ڌاري منهنجي دل ڌتارڻ آيا هئا. ايتري قدر خوشيءَ مان ڇاتي کُلي جو بيان کان ٻاهر آهي.

باقي چار ڏينهن به انهيءَ ڌُنَ ۾ گذريا ۽ گنج جو ڪم پورو ڪري، خير سان حيدرآباد پهتس. اندر کي آٿت هوم ته وڏو خزانو ساڻ کڻي آيو آهيان:

 

ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي

تِنِ سِپُون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي

پسندا سيئي، اَمُل اکڙين سين.

_________


  ماهنامي ”نئين زندگي“، جولاءِ 1961ع تان ورتل.

  ماهنامي ”نئين زندگي“، آگسٽ 1960ع تان ورتل.

[3]   آگسٽ 1958ع تي ڀٽ شاه ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي پڙهيل تقرير، جيڪا نئين زندگي آڪٽوبر 1958ع ۾ شايع ٿي.

[4]  حقيقت ۾ ادب جو لفظ ڪنهن به ٻئي لفظ مان مشتق ناهي، بلڪ خود اشتقاق آهي، برخلاف ان جي ”دُب“ جو لفظ اسم جامد آهي، جنهن مان ٻيو ڪوبه لفظ نڪري نٿو سگهي.

  ماهنامي ”نئين زندگي“، نومبر 1952ع تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org