سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:3 

پير حسام الدين راشدي، تذڪري تي مختصر پيش لفظ لکيو آهي. تذڪري جي اهميت ڄاڻائيندي لِکن ٿا ته: ”فارسي ادب جي دنيا ۾ ڇهه اهڙا تذڪرا لکيا ويا آهن، جن ۾ وڌ ۾ وڌ شاعرن جو تعداد شامل ٿيو آهي. انهن ۾ ”رياض العارفين“ جو پنجون نمبر آهي، جنهن ۾ 2157 شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.“

پيش لفظ اردو زبان ۾ لکيو ويو آهي، جنهن کي فارسي ترجمي جي صورت ۾ به پيش ڪيو ويو آهي. تذڪري جي ضخامت جي ڪري ان کي ٻن حصن ۾، تقسيم ڪري شايع ڪيو ويو آهي. پهرئين حصي (جلد) ۾ الف- ظ اکرن سان شروع ٿيندڙ، ڪل 1136 شاعرن جو احوال ڏنو ويو آهي.

هي تذڪرو سال 1977ع ۾ مرڪز تحقيقات فارسي ايران وَ پاڪستان اسلام آباد شايع ڪيو.

42. مير محمد معصوم بکري: نالي مان ظاهر آهي ته هي ڪتاب، مير معصوم جي سوانح، علمي توڙي عملي خدمتن جو احاطو ڪري ٿو. مير محمد معصوم جي والد سيّد صفائي ارغون گهل واري عرصي ۾، افغانستان کان سنڌ طرف لڏپلاڻ ڪئي. مير محمد معصوم سن 1538ع ۾ بکر ۾ ڄائو. تعليم ۽ تربيت کان پوءِ عملي زندگيءَ ۾ قدم رکندي، هندستان پهچي اڪبر جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. سندس سرڪاري ملازمت جو سمورو وقت، هندستان ۾ شهنشاه اڪبر جو زمانو هو. اڪبر 1605ع ۾ فوت ٿيو، ان وقت مير معصوم درٻار ۾ موجود هو. جهانگير نئون شهنشاه ٿيو تڏهن مير ڪجهه مهينا درٻار ۾ رهي، نئين بادشاه کان سنڌ (بکر) اچڻ لاءِ اجازت ورتي. مير معصوم بکر پهتو. ڪنهن اچانڪ بيماريءَ سبب پاڻ اپريل 1606ع ۾ فوت ٿيو. ان وقت هن جي عمر سَتر جي قريب هئي. هن جي ميّت کي پنهنجي ٺهرايل قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

مير محمد معصوم گهڻ پهلو شخصيت جو مالڪ ٿي گذريو. پاڻ هڪ امير، سپاهي ۽ ڪامياب سفارتڪار ٿي گذريو. مير صاحب فارسي زبان جو شاعر ۽ سٺو نثر نويس به هو. هن جو لکيل ڪتاب ”تاريخ معصومي“ خاص اهميت رکي ٿو. مير صاحب کي ڪتبن لڳرائڻ جو وڏو شوق هو. افغانستان، ايران، هندستان ۽ سنڌ ۾، سندس نصب ڪرايل ڪتبا، خاص خاص ماڳن ۽ رستن تي موجود آهن.

سيّد حسام الدين راشدي، سندس زندگي ۽ خدمت تي، هي نهايت مفصّل ۽ دلچسپ ڪتاب لکيو آهي. ڪتاب ۾ ٽيهه باب آهن. مير صاحب جي خانداني قبرستان، هن پاران ٺهرايل مختلف عمارتن، علمي ورثي، ۽ مختلف ماڳن تي نصب ڪرايل 54 ڪتبن کي به، لِکت ۾ ڏئي محفوظ ڪيو ويو آهي. آخر ۾ 119 عدد تصويرن جو سيٽ به شامل ڪيو ويو آهي، سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب سال 1979ع ۾ احسن طريقي سان شايع ڪري پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ نڪتو آهي. ليڪن علمي لحاظ کان پهريون ايڊيشن وڌيڪ معتبر آهي.

هن ڪتاب جو اردو ترجمو ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪيو. هي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ 2011ع ۾ ڇپيو آهي. مصنف جو پيش لفظ ڪتاب ۾ شامل نه ٿي سگهيو آهي. هي ڪتاب پڻ راشدي صاحب جي صد ساله جشن پيدائش جي نسبت سان شايع ٿيو. البت ناشر اهڙو پنو لڳائڻ جو احتياط نه ڪيو.

43. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون: هي ڪتاب، مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ راشدي صاحب جا ٽيتاليهه مضمون، 25 صفحا ترڪي متن، هڪ عدد نقشو (ٺٽو شهر)، ۽ 171 تصويرون ڏنيون ويون آهن. تصويرن جو تعلق ٺٽي جي مختلف ماڳن سان آهي. مواد کي ڇهن عنوانن: جاگرافي، تاريخ، سوانح، ادب ۽ تنقيد، ڪتابيات، ۽ متفرقات ۾ تقسيم ڪري، ڪتابي صورت ڏني وئي آهي.

ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي، ٺٽي ۽ ديبل جو تقابلي مطالعو، سنڌ ۾ يوناني طب، اصفهان نصف جهان ۽ سندم سنڌ سونهاري، بيدل فقير بابت مضمون، مير علي شير قانع، سنڌ جي تاريخ جا ماخذ، ننگر ٺٽي ۾ تصنيف تاليف، ۽ ڄام نظام الدين سمون، توڙي سنڌي زبان ۾ ڇپيل قديم ڪتاب، جهڙا مکيه مضمون هن ڪتاب جو سينگار آهن.

هونئن ته هي سڄو ڪتاب، سنڌ بابت اڀياس ۾ خاص اهميت رکي ٿو. ان هوندي به ننگر ٺٽي بابت، تحقيق واسطي هن ڪتاب جي وڏي اهميت آهي. ڪتاب جي پروف ريڊنگ ۽ ايڊيٽنگ محمد ابراهيم جويي ڪئي. عالمانه پيش لفظ به جويي صاحب جو لکيل آهي. راشدي مرحوم جو هي ڪتاب 1981ع ۾، عبدالحميد آخوند صاحب جي ذاتي دلچسپيءَ سان، انجمن تاريخ سنڌ نالي هڪ اداري پاران شايع ٿيو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 2006ع ۾ نروار ڪيو.

44. تذڪره رياض العارفين، جلد دوم: مٿي هن تذڪري بابت گفتگو ڪئي وئي آهي. تذڪري جي ٻئي جلد جي ڇپائي جاري هئي، تڏهن 1979ع ۾ ايران ۾ انقلاب آيو. ان ڪري في الحال ڪتاب جي اشاعت روڪي وئي. سال 1982ع ۾ پير حسام الدين راشدي فوت ٿيو. ان وقت مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان تذڪري جي رهيل حصي جو ڪم شروع ڪيو. هن جلد ۾ ع- ي اکرن سان شروع ٿيندڙ بقيه شاعرن جو ذڪر ملي ٿو. ٻيو جلد يونس شاعر (نمبر 2155) تي ختم ٿئي ٿو.

تذڪري جي اشاعت جي نگراني عارف نوشاهي (هاڻي ڊاڪٽر) قبول ڪئي. پيش گفتار (مهاڳ) فارسي زبان ۾ لکيائين. ابتدا ۾ آفتاب راءِ توڙي سندس ڪتاب بابت، عالمانه انداز ۾ اظهار راءِ ڪيائين. ان کان پوءِ نوشاهي صاحب مختصر طرح سان، راشدي مرحوم جي فارسي ڪمن جو احاطو ڪيو آهي. مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد، هي تذڪرو 1982ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو.

45. مرآة الجمال: راشدي مرحوم جي پسنديده فارسي، سنڌي، ۽ اردو شعرن جو هي هڪ انتخاب آهي. ابتدا ۾ سنڌي شعر آهن. انهن ۾ گهڻا شعر سچل سرمست جا آهن. ان بعد اردو شعرن جي چونڊ پيش ڪئي وئي آهي. ڪتاب ۾ شامل وڌ ۾ وڌ شعر فارسي ٻوليءَ جا ڏسجن ٿا. شعرن جو هي انتخاب ”مرآة الجمال“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1984ع ۾ شايع ڪيو. ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جو پبلشر نوٽ به دلچسپ جهڙو آهي.

46. ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: راشدي صاحب جي سنڌي مضمونن ۽ مقالن جو هي ٻيو مجموعو آهي. ان ۾ فاضل مصنف جا انٽرويوز به شامل آهن. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. ٻيو ڇاپو ساڳئي اداري واڌو مواد سان 2007ع ۾ نروار ڪيو. ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو وڌيڪ واڌارن سان ڇپجي رهيو آهي. ان متعلق وڌيڪ اوک ڊوک هيٺ اچي رهي آهي.

47. مقالات راشدي: هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب جا ايڪيهه اردو مقالا ۽ مضمون شامل آهن. هي ڪتاب راقم الحروف ترتيب ڏنو. جناب سيّد حسام الدين راشدي صاحب جي اردو قلمي ڪاوشن جو مقدمي ۾، اختصار سان مگر جامع طور تي احاطو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي پاڪستان جي علمي مرڪزن ۾ وڏي پذيرائي ٿي. ان کان علاوه هندستان توڙي ايران ۾ به ”مقالات راشدي“ کي وڏو مان مليو. هي ڪتاب پير صاحب جي ذاتي دوست پروفيسر ڊاڪٽر رياض الاسلام جي سعيي سان، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، پاران سال 2002ع ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ مون کي ليکڪ جو اردو زبان ۾ ڪجهه وڌيڪ مواد مليو آهي. ان ڪري هن ڪتاب جي نئين ڇاپي جي ضرورت آهي.

48. پيوندهاي فرهنگي و ادبي ايران  و پاکستان: هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب جا فارسي مضمون ۽ مقالا گڏ ڪيا ويا آهن. شامل مقالن جو تعداد ست آهي. انهن مان ڪي مضمون ايران ۾ ٿيل ڪانفرنسن ۾ پيش ڪيا ويا. هنن تحريرن جو تعلق گهڻو ڪري، سنڌ جي فارسي ادبيات ۽ ايران- سنڌ لاڳاپن سان آهي. هن مواد جي حاصلات ۾، ڊاڪٽر عارف نوشاهي صاحب منهنجي گهڻي مدد ڪئي. مون اهو مواد حاصل ڪري، اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر انجم حميد جي حوالي ڪيو. سندس ڪوششن سان هي مواد، ڪتابي صورت ۾ مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاکستان اسلام آباد 2014ع ۾ محدود تعداد ۾ نروار ڪيو. ڊاڪٽر انجم حميد سان منهنجو ٽيهن ورهين جو علمي تعلق آهي. هن منهنجي گذارش کي مان ڏنو، ان لاءِ آءٌ ذاتي طرح سندس شڪرگذار آهيان.

مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ راشدي صاحب جي ڪجهه وڌيڪ ڪتابن جو پاڻ کي پتو پيو آهي. (19) انهن ۾ ڪجهه درسي ڪتاب آهن. ٻين ڪتابن ۾ راشدي صاحب ساٿي مصنف (Co-Author)، يا ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهن ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.

49. ارمغان: هي هڪ مختصر ڪتاب آهي. ممتاز حسن مرحوم، راشدي ڀائرن جو دوست ۽ مرڪزي حڪومت ۾ خزانه سيڪريٽري رهيو. ممتاز پاڻ به هڪ اهلِ قلم ۽ علم دوست انسان ٿي گذريو. هن جي ڪوشش سان ”انجمن ادبيات فارسي“ جو قيام عمل ۾ آيو. ان جي پهرين گڏجاڻي 11 ڊسمبر 1960ع تي، پير حسام الدين راشدي صاحب جي گهر تي ٿي. شعراءِ ڪرام موقعي جي نسبت سان فارسي، سنڌي ۽ اردو زبان ۾ شعر پڙهيا. ممتاز حسن جي سعيي سان هي شعر گڏ ڪري 1961ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا ويا. پيش لفظ ممتاز پاڻ لکيو، جو انگريزي زبان ۾ آهي. ڪتاب جا مرتب: ممتاز حسن ۽ پير حسام الدين راشدي آهن.

50. آسان اردو، حصّه اول: هي ڪتاب چوٿين جماعت جي، سنڌي پڙهندڙ ٻارن جي لاءِ تيار ڪيو ويو. عبدالواحد سنڌي ۽ مسلم ضيائي ڪتاب لکي تيار ڪيو. ڪم جي نگراني ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، ۽ پير حسام الدين راشديءَ ڪئي. ڪتاب جي قطعي نظرثاني به، راشدي صاحب ڪئي. ڪتاب ۾ 39 (اوڻيتاليهه) سبق آهن. ان کان سواءِ ڪجهه شعر ۽ نظم به ڏنا ويا آهن. هي نصابي ڪتاب اردو اڪيڊمي سنڌ، اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور لاءِ ڇپيو. پهرئين ڇاپي بابت ڄاڻ نه ملي سگهي. البت چوٿون ڇاپو 1967ع، ۽ پنجون ڇاپو 1968ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب ڪرائون سائيز ۾، ڪل (اَٺهٺ) 68 صفحن تي مشتمل آهي.

51. بنيادي اردو: اردو زبان ۾ لغت جو هي مختصر ڪتاب ڊاڪٽر ابوالليث صديقي صاحب لکيو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو جمال رند ڪيو ۽ نظرثاني توڙي نگراني، سيّد حسام الدين راشدي صاحب ڪئي. هي ڪتاب مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1968ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو.

52، 53. توزڪ جهانگيري: هي ڪتاب مغل شهنشاه جهانگير جي خودنوشتہ آتم ڪٿا يا سوانح آهي. جهانگير 1605ع کان 1627ع تائين هندستان تي بادشاهي ڪئي. نورجهان سندس، پسند جي راڻي هئي. اڪثر دنياوي ڪم هڪ ٻئي جي صلاح سان ڪندا هئا. سن 1627ع ۾ جهانگير گرمين جي موسم ۾، ڪشمير جي سفر تي روانو ٿيو. واپس ٿيڻ وقت مٿس، بيماريءَ جو شديد حملو ٿيو. ان بيماريءَ جي حالت ۾ فوت ٿيو. نورجهان لاش کڻائي لاهور پهتي. دهلي/ آگري ۾ جهانگير جو پٽ شاهه جهان، اقتدار تي قبضو ڪري چڪو هو. نورجهان مڙس کي لاهور ۾ راوي ڪناري دفن ڪرايو. نئين بادشاه نورجهان جي لاءِ ساليانو وظيفو ٻه لک روپيه مقرر ڪيو، ۽ حڪم جاري ڪيو ته مرحوم بادشاه (جهانگير) جي بيوه زندگيءَ جو باقي حصو لاهور ۾ بسر ڪندي(20).

توزڪ جهانگيريءَ ۾ سترهن سالن جو احوال جهانگير پاڻ لکيو آهي. بقيه سالن جو احوال بادشاه جي نگرانيءَ ۾، معتمد خان لکيو. هندستان جي تاريخ ۾ عام طرح ۽ مغل دور جي اتهاس ۾ خاص طرح سان، هن ڪتاب جي اهميت آهي. هن ڪتاب جا ٻه ايڊيشن فارسي ۽ هڪ ڇاپو انگريزي ترجمي جي صورت ۾ تيار ٿيا. بعد ۾ توزڪ جي معياري اردو ترجمي جي ضرورت محسوس ٿي. ترجمي جو ڪم اعجازالحق قدوسي مرحوم جي حوالي ٿيو. ليڪن سموري ڪم جي نگراني سيّد حسام الدين راشدي ڪئي. ان ريت هن ڪتاب جو ڪامل اردو ترجمو تيار ٿيو. مکيه مکيه ڳالهين تي وضاحتي حاشيا پڻ لکيا ويا. ان ڪري ڪتاب جي اهميت اڃا به وڌي وئي آهي. سيّد حسام الدين راشدي، هن ترجمي بابت لکي ٿو ته:

”ڪتاب جي اصل عبارت کي ’هيٺ مٿي‘ ڪرڻ کان سواءِ، ترجمو ڪرڻ ۽ وضاحتي حاشيا لکڻ جي ڪري، ان جي ضخامت ۽ وزن وڌي ويو آهي. ان ڪري ڪتاب کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪرڻو پيو. هونئن اصل ڪتاب به ٻن حصن ۾ آهي. پهريون حصو ٻارهن سالن جي حالتن تي، ۽ ٻيو حصو ڏهن سالن جي واقعن تي مشتمل آهي. ان ڪري ترجمي جي حالت ۾ به، ڪتاب کي ٻن جلدن ۾ برقرار رکيو ويو آهي(21). توزڪ جهانگيري، نظرثاني: سيّد حسام الدين راشدي، مجلس ترقي ادب لاهور، جلد اول سال 1968ع ۾، ۽ جلد ٻيو 1970ع ۾ شايع ڪيو.

54. سماجي اڀياس: هي هڪ نصابي ڪتاب آهي جو اٺين جماعت لاءِ لکيو ويو، جنهن ۾ تاريخ، جاگرافي ۽ شهريت شامل آهن. ڪرائون سائيز جي 228 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور 1969ع ۾ ڇپرايو آهي.

55. سماجي اڀياس: هي ڪتاب پڻ درسي آهي جو شايد اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور لاءِ لکيو ويو. ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب 134 صفحن تي آهي، جنهن کي اردو اڪيڊمي سنڌ 1969ع ۾ ڇپرايو.

56. هفت زباني لغت: بنيادي طرح هي هڪ اردو لغت آهي، جا اشفاق احمد، محمد اڪرام چغتائي ۽ فضل قادر فضلي تيار ڪئي. اردو سان گڏ وڌيڪ ڇهن ٻولين: بنگالي، بلوچي، پشتو، پنجابي، سنڌي ۽ ڪشميري ٻولين جي مترادف لفظن تي مشتمل هيءَ لغت، مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1974ع ۾ ڇپرائي.

سنڌي لفظن (لغت) لاءِ، سيّد حسام الدين راشدي، نياز همايوني ۽ محمد انور بلوچ ڪم ڪيو.

57. آسان اردو، پهريون حصو: سنڌي ٻارن جي لاءِ هي ڪتاب تيار ٿيو. آسان اردو نالي هي ڪتاب چوٿين جماعت جي شاگردن لاءِ، اردو اڪيڊمي سنڌ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ حيدرآباد پاران، پهريون ڀيرو 1975ع ۾ ڇپجي نروار ٿيو. هي ڪتاب ڊبل ڪرائون سائيز ۾، 61 (ايڪهٺ) صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ فهرست ڏسي خبر پوي ٿي ته، هن ۾ ڪل 42 (ٻائيتاليهه) سبق ۽ ننڍا ننڍا نظم به ڏنا ويا آهن. ڪتاب عبدالواحد سنڌي ۽ مسلم ضيائي لکيو. نگراني ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ۽ پير حسام الدين راشدي صاحب ڪئي. قطعي نظرثاني به پير صاحب ڪئي. هي ڪتاب مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب کان مختلف آهي. 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ قائم ٿيو. تڏهن کان ڪري هر صوبي نصابي ڪتاب، نئين طرح سان تيار ڪري ڇپرائڻ شروع ڪيا.

58، 59. طبقات ناصري: سلطنت دهليءَ جي ابتدائي مرحلي تي، هي تاريخي ڪتاب منهاج سراج جوزجاني، سن 658هه/ 1260ع ۾ دهليءَ ۾ لکيو. ان وقت هندستان ۾ غلام گهراڻي جو اٺون سلطان ناصرالدين محمود (1246ع- 1266ع)، حڪمران هو ۽ قاضي منهاج سراج، هن کي گهڻو ويجهو هو. قاضي صاحب هي ڪتاب مڪمل ڪري سلطان ناصرالدين کي پيش ڪيو. هي هڪ عمومي تاريخ آهي جنهن کي مصنف ٽيويهن طبقن ۾ تقسيم ڪري تيار ڪيو آهي. طبقن کي وري وڌيڪ بابن ۾ تيار ڪري نروار ڪيو آهي. ابتدا ۾ پيغمبرن سڳورن جو احوال ملي ٿو. خلفاءِ راشدين جي ذڪر کان پوءِ بنواميه ۽ بنوعباس جي خلافت احوال لکيو ويو آهي، مرڪزي ايشيا توڙي ايران جي تاريخ بابت به، قاضي منهاج ججهو مواد پيش ڪيو آهي. ٻاويهون طبقو هندستان جي غلام گهراڻي بابت لکيو ويو آهي. هي طبقو جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿيو، سلطان ناصرالدين محمود جي ذڪر تي، ختم ٿئي ٿو جو ان وقت دهليءَ ۾ حڪمران هو. آخري ٽيويهون طبقو تاتارين جي حملن، ڪاهن، فتوحات، ڦرلٽ ۽ قتل غارت تي لکيو ويو آهي. ان وقت بغداد ۾ ڦرلٽ ۽ خون خرابو جاري هو. ان ريت عباسي خلافت جو خاتمو ٿي رهيو هو. منهاج سراج کي ان متعلق تازه ترين ڄاڻ ملي رهي هئي. هندستان جي سلسلي ۾، هن ڪتاب جون ٻه اهم نسبتون هيون. هڪ ته مسلم انڊيا جي دور ۾ لکيل، تاريخ جو هي آڳاٽو ڪتاب آهي. ٻيو ته هندستان جي پهرئين مسلم حڪمران خاندان (غلام گهراڻو)، بابت تحقيق لاءِ هي پهريون ۽ بنيادي ماخذ آهي.

1758ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني بنگال تي قبضو ڪري، سموري هندستان (برصغير) کي فتح ڪرڻ جو پروگرام تيار ڪيو. ڪلڪتي ۾ جديد تعليم ۽ هندستان جي تاريخ جي اڀياس جو آغاز ٿي ويو. اڳتي هلي ميجر ريورٽي ”طبقات ناصري“ کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو. ٻين عالمن به ان ڏس ۾ وِکَ وڌائي. ليڪن افغان دانشمند عبدالحي حبيبي، اصل فارسي متن کي ايڊٽ ڪيو ۽ مفيد حاشيا به لکيا. ان کان علاوه حبيبي مرحوم، منهاج سراج جي زندگيءَ تي خوب تحقيق ڪئي. ڪتاب جو جلد اول ڪوئيٽه مان 1949ع ۾، ۽ جلد ٻيو لاهور مان 1954ع ۾ ڇپيو. عبدالحي حبيبيءَ جو هي ڪتاب پوءِ ڪابل مان هن ريت ڇپيو: جلد اول سال 1964ع ۾، ۽ جلد ٻيو سال 1965ع ۾ شايع ٿيو. (22)

مرڪزي اردو بورڊ لاهور هن ڪتاب جي اردو ترجمي جو ڪم مولانا غلام رسول مهر جي حوالي ڪيو. اردو ترجمي جو بنياد عبدالحي حبيبيءَ جي تيار ڪيل فارسي متن تي رکيو ويو آهي. مولانا صاحب سال 1971ع ۾ فوت ٿيو. اردو بورڊ ڪتاب جي اشاعت وقت، پير سيّد حسام الدين راشديءَ کان علمي معاونت حاصل ڪئي. راشدي صاحب هن علمي ڪم جي تڪميل لاءِ، مولانا اعجازالحق قدوسي، ۽ ڊاڪٽر ايوب قادري صاحب کان به مدد ورتي. حڪمرانن جي نسب نامن، فهرستن، تاريخي ۽ جاگرافيائي معاملن تي، تفصيلي حاشين ۽ واڌو مواد سان، هي اردو ترجمو سيّد حسام الدين راشديءَ جي نظرثانيءَ سان، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، ٻن جلدن ۾ سال 1975ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.

60. سنڌي زبان جي بنيادي لغت: هي ٽن مختصر ترين لغتن جو هڪ مجموعو آهي. هي ڪم سنڌي زبان جي نامور عالمن جي هڪ ڪميٽيءَ مڪمل ڪيو، جن ۾ سيّد حسام الدين راشدي صاحب جو نالو نمايان ڏسجي ٿو. هيءَ لغت وزارت تعليم حڪومت پاڪستان پاران، سنڌي ادبي بورڊ سال 1976ع ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي.

61. تذکرة الشعرا: سلطان محمد مطربي سمرقندي (966هه- 1040هه)، سمرقند ۾ ڄائو، ۽ اتي ئي تعليم تربيت حاصل ڪائين. بعد ۾ سمرقند ڇڏي بخارا آيو. تنگي ۽ بک سبب عمر جي آخري مرحلي تي، مرڪزي ايشيا ڇڏي پشاور کان لاهور پهتو. جهانگير بادشاه ڪابل جي سفر تي هو. ان وقت جهانگير به پريشان حال، ۽ بادشاهت جي آخري سالن ۾ هو.

لاهور ۾ مطربي سمرقندي، بادشاه جهانگير سان ملاقات ڪري، پنهنجو لکيل تذڪري ”نسخهءَ زيباي جهانگير“ جو نسخو پيش ڪيو. بادشاه هن کي ”تذکرة الشعرا“ جي ڪاپي ڏني، جنهن کي سمرقندي پنهنجي ڪتاب ۾، ضميمي طور شامل ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ رهندي مطربي سمرقندي، ۽ بادشاه جون چوويهه ملاقاتون ٿيون. انهن ملاقاتن جي احوال کي به، تذڪره نويس پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

ويهين صديءَ ۾ مطربي سمرقندي، ۽ ان جي علمي ڪمن جي تلاش، سيّد حسام الدين راشدي مرحوم ڪئي. ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق ۽ کوجنا جو ڪم تاجڪستان ۾ قائم، انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽڊيز جي هڪ اسڪالر پروفيسر عبدالغني ميرزايف، راشدي صاحب جي تائيد سان ڪيو. ابتدا ۾ هن ”نسخئه زيباي جَهانگير“ ۾ شامل هڪ ضميمو ”تذکرة الشعرا“ تيار ڪيو. هي تذڪرو 1976ع ۾ ڇپيو. بعد ۾ ٻيو ضميمو ”خاطرات مطربي“ جي نالي سان، سال 1977ع ۾ شايع ٿيو. هي ٻئي ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هڪ اداري، انسٽيٽوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز پاران شايع ٿيا. بعد ۾ مطربيءَ جو لکيل تذڪرو ”نسخئه زيباي جهانگير“ تهران مان سال 1998ع ۾ مڪمل صورت ۾ شايع ٿيو.

سيّد حسام الدين راشدي ”تذکرة الشعرا“ تي ميرازيف جي ڪيل تحقيق تي نظرثاني ڪئي. ان تي وضاحتي نوٽس لکيا. ان کان علاوه سنڌ جي هن عالم ”حرفـ چند“ (چند اکر) عنوان سان بحث ڪيو آهي ته، هي ڪتاب (تذکرة الشعرا)، جهانگير جو لکيل آهي، يا ”طبقات اڪبري“ تان مواد کڻندي، بادشاه ان کي پنهنجي تصنيف ڄاڻايو آهي. مطربي لاهور مان ئي شاهي خزاني مان، گهڻو ڪجهه حاصل ڪري وطن واپس موٽي ويو. (23)

فهرست نگارن پير صاحب جي ڪتابن جي سروي ڪندي, ڪجهه مضمونن ۽ مقالن کي به سندن ڪتابي ورثي ۾ شمار ڪيو آهي. هن ڏس ۾ ”ڏهين صدي هجريءَ جي سنڌ“ (سيدي علي رئيس) ۽ ”ٺٽي جي تاريخي جاگرافي“ جو ذڪر اڪثر ٿيندو رهي ٿو. حقيقت ۾ هي ٻئي مقالا رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا. بعد ۾ پير صاحب جي مقالن ۽ مضمونن جي ڪتاب ۾ به شامل ٿيا(24). ڊاڪٽر محمد ايوب قادري صاحب ”مولانا محب علي سنڌي“ کي سندن هڪ اردو ڪتاب لکيو آهي(25). حقيقت ۾ هي هڪ طويل اردو مقالو آهي، جو سه ماهي ”اردو“ جي آڪٽوبر 1950ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو(26). ان دور ۾ قاضي احمد ميان اختر جي تقريظ (ٻه اکر) سان، هن مقالي جا ڪجهه آف پرنٽس به نڪتا. اسان مٿي راشدي صاحب جي لکيل، ايڊٽ ڪيل ۽ مرتب ڪيل ڪتابن جي فهرست ڏني آهي. ان هوندي به هي امڪان آهي ته ڪجهه شين جو پاڻ کي پتو نه هجي، يا وري ڪي ڪتاب اڌورا، ۽ اڻ ڇپيل حالت ۾ رهجي ويا هجن.

ڳالهيون منهنجي سنڌ جون:

راشدي مرحوم جي مضمونن، مقالن، تقريرن، انٽرويوز ۽ ٻئي متفرقہ مواد جو هي ٻيو مجموعو آهي. هن کان اڳ سندن حياتيءَ جي بِنهه آخر ۾، ان نوعيت جي مواد جو پهريون ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ نالي سان 1981ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو، جنهن ۾ ڪل ٽيتاليهه مضمون، مقالا ۽ تقريرون شامل آهن. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ، قديم آثارن، ادب ۽ ثقافت جي اڀياس ۾، وڏي اهميت رکي ٿو.

ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، نالي ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو آهي. علم جي تحقيق ۽ تلاش هڪ مستقل ادارتي ڪم آهي. هن ڇاپي ۾ ٻئين ايڊيشن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مواد شامل آهي. ان طرح ان جي رٿابندي (فهرست) به، نئين طرح سان ڪئي وئي آهي.

ڪتاب جي ٽئين ڇاپي ۾ مواد کي، چئن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. الف، مقالا، مضمون ۽ تقريرون، واري حصي ۾ ڪل چوويهه عنوان شامل آهن. ب، خط، اهي چار خَط ڏنا ويا آهن، جيڪي راشدي صاحب مون ڏي لکيا هئا. خطن تي مناسب وضاحتي نوٽس لکي، ڪجهه مبهم  شين کي به نروار ڪيو ويو آهي. ج، هن حصي ۾ پير حسام الدين پاران لکيل، عزيزن ۽ دوستن جي ڪتابن تي لکيل مهاڳ، پيش لفظ، تعارف وغيره ڏنا ويا آهن. انهن جو تعداد ٻارهن آهي. د، حصي ۾ پنج انٽرويوز شامل ڪيا ويا آهن. اهي انٽرويوز راشدي صاحب توڙي سنڌ جي حوالي سان، بيحد اهميت رکن ٿا. هن جلد ۾ شامل پهريون مضمون 1937ع جو آهي، جڏهن ته آخري انٽرويو ۽ تقرير 1981ع جي ڏسجي ٿي. ان جو مطلب ته هن ڪتاب ۾ شامل مواد، مصنف جي چوئيتاليهن سالن جي ذهني توڙي قلمي پورهئي جو احاطو ڪري ٿو.

مضمونن، مقالن، خطن، مهاڳن ۽ انٽرويوز تي مشتمل هن ڪتاب ۾ شامل هرهڪ مواد جو ذريعو مُهڙ ۾ ڄاڻايو ويو آهي. ان سان گڏ مواد جو سِٽاءُ ڪرانالاجيڪل سلسلي تحت رکيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ شامل ڪجهه مضمون پراڻي ۽ روايتي طرز تحرير جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن لِکتن ۾: مغل شاهي زماني ۾ هندن جي فارسي تعليم؛ غلام شاهه راشدي؛ فتاوى عالمگيريءَ جا ٻه سنڌي مؤلف؛ مرزا شاه حسين ارغون؛ ۽ مير علي شير قانع، جهڙا پراڻا ۽ روايتي انداز ۾ لکيل مضمون، شمار ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه هڪ مضمون ۾، سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ بابت، عربي ماخذن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هي مضمون ٻن قسطن ۾ رسالي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو هو. هي مضمون به راشدي صاحب جي، اوائلي لکيل هڪ تحرير سمجهڻ کپي.

سنڌ جا تاريخي ۽ سياسي خط، هڪ غير معمولي مضمون آهي. هن مضمون ذريعي مصنف نه رڳو اسان جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري ٿو، پر تاريخ لِکڻ لاءِ هڪ نظرانداز ٿيل پهلوءَ طرف پڻ اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو. ان کان سواءِ ’قاهره ميوزم ۾ چند ڪلاڪ‘ عنوان وارو مضمون، راشدي صاحب جو ڪتابن، ۽ ڪتابي مرڪزن طرف، بي انتها ڪشش کي ظاهر ڪري ٿو. هن مضمون جي ترجمي کي درست طرح سان نروار ڪرڻ جو جَتن ڪيو ويو آهي. ڇو ته ان ۾ عربي ۽ فارسي لفظن ۽ نالن جي ڪري وڌيڪ ڌيان جي ضرورت هئي.

سنڌي ادبي بورڊ جي قيام، ۽ علمي ڪم جي آغاز سان، ڪجهه معتبر عالم ۽ اديب گڏجي ويٺا، ۽ سنڌ جي ادب، ڏاهپ، ۽ تاريخ کي سهيڙڻ لاءِ رِٿون تيار ٿيون. ان ڏس ۾ ٽي نالا خاص اهميت رکن ٿا: محمد ابراهيم جويو، پير حسام الدين راشدي، ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. ابتدا ۾ هي ٽي اسڪالر ڪم ڪار، سوچ ويچار ۽ علمي رٿائن ۾ هم خيال رهيا. بعد ۾ جويو صاحب ۽ راشدي صاحب، هڪ ٻئي جي گهڻو ويجهو اچي ويا. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي منفرد سوچ ۽ فڪري فهم جي ڪري، ٻنهي صاحبن کان الڳ ٿي بيٺو.

سنڌ بابت جويي صاحب جو هڪ خاص نقطئه نگاهه هو. ان ريت هو علمي ۽ تحقيقي ڪمن جي حوالي سان، راشدي صاحب کي پنهنجو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن ڪتاب ۾ هڪ مختصر مضمون ۾، ان ڳالهه جي پچار ٿيل آهي. ان کان پوءِ راشدي صاحب جي تحقيق، لکڻين، توڙي سنڌ بابت سوچ سمجهه ۾ گهڻي تبديلي آئي. حق کي حق، ۽ ناحق کي ناحق چوڻ ۽ لکڻ شروع ڪيائين. حڪمرانن جيڪي سنڌ سان ڪلور ڪيا، انهن کي وائکو ڪندي، انهن جي دين ڌرم کي به، نه ڏٺائين. تاريخي مطالعن ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي وڌيڪ اهميت ملندي وئي. ان پس منظر ۾ ”حسام الدين“ هر نئين ڪم ۾، تاريخ جي مدد سان سنڌ جي ڪيس کي بُلنديء طرف وٺي ويو.

اهڙي نوعيت جي سوچ، مقصد، فڪر ۽ لکڻين کان پوءِ، سيّد حسام الدين راشدي هڪ سنڌ دوست تاريخ دان ٿي اُڀريو. ان پس منظر ۾ راشدي صاحب جي زنده هوندي، توڙي وفات کان پوءِ به، سندن مخالفت ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو، ۽ پڻ ڏسڻ توڙي ٻڌجڻ ۾ آيو. اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي!

البت سنڌي ساهت ۽ سماج توڙي فن ۽ فڪر جي اڀياس ۾: سنڌي ٻوليءَ کي للڪار؛ فقير عبدالغفور؛ سچل سارو سچ؛ هڪ يادگار تقرير؛ سچل کان پوءِ؛ ۽ سنڌ جي آبروءَ جي پاسباني، جهڙا مضمون ۽ تقريرون، پڙهندڙن جي ڀرپور رهنمائي ڪن ٿا. اهڙين لکتن پڙهڻ کان پوءِ خاص ڪري نوجوان نسل کي هڪ پيغام ۽ اُتساهه ملي ٿو.

سنڌ ۽ ايران جو تاريخي، سياسي ۽ ثقافتي تعلق، هزارين سالن تي پکڙيل آهي. هن عنوان تي سنڌ جي هن قابل صد احترام تاريخ دان، پهريون ڀيرو مختلف رخن کان علمي تحقيق ڪئي. راشدي صاحب مون کي چند موقعن تي، ”ائين چيو هو ته ايران منهنجو ٻيو گهر آهي. سچ هي آهي ته، مون جيترو ايران کي کي ڏٺو آهي، ايترو سنڌ کي بِه، نَه ڏٺو آهي جيڪو منهنجو وطن آهي.“ هن ڪتاب ۾ چار مقالا ۽ مضمون، سنڌ ۽ ايران جي لاڳاپن بابت شامل آهن. هِنن لکڻين ۾ تحقيق توڙي مصنف جي مشاهدي کي به وڏو دخل حاصل آهي. سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا؛ سلطان محمود بکري ۽ شاهه طهماسپ صفوي؛ فردوسي ۽ شاهه نامي جو سنڌ تي اثر؛ ۽ اصفهان جي هڪ يادگار شام، عنوان جهڙا معتبر ليک، هن ڪتاب جو اهم حصو آهن. هنن مضمونن جي ذريعي، ڪيئي مکيه تاريخي ۽ ادبي واقعن تي به روشني پوي ٿي. اصل ۾ اهي مقالا پاڻ ايران ولايت ۾ مختلف ڪانگريسن ۾ پڙهيا هئائون. جيتوڻيڪ ”اصفهان جي هڪ يادگار شام“ عنوان واري مضمون جو، سنڌ سان ڪو خاص تعلق ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ان هوندي به راشدي صاحب جي ايران جي تاريخ، ۽ قديم آثارن ۾ دلچسپي ۽ احساسن کي ٺيڪ طرح سان، هن مضمون کي پڙهندي محسوس ڪري سگهجي ٿو(27). هونئن ته ايران ۽ سنڌ جي تعلق تي، گهڻي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي، جنهن تي پڻ توجهه ڏيڻ کپي. البت راشدي صاحب جو ايران سان تمام گهڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تعلق رهيو، ان عنوان تي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي(28).

ڊاڪٽر عترت حسين زبيري، ڪيفي دتاتريه، مولانا محمد شفيع لاهوري، ۽ نسيم امروهي صاحب، مشرقي ٻولين، علم ۽ ادب جي دنيا جا تمام وڏا نالا آهن. راشدي صاحب هنن اديبن تي جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان ذريعي ذڪر ڪيل عالمن جي قد ڪاٺ، علم سان پيار، تحقيق سان دلچسپي، توڙي ذاتي زندگي (زندگين) جا ڪيئي گوشا نروار ٿين ٿا. وڏي ڳالهه ته خود علمي دنيا جي اهڙن ستارن سان، پير حسام الدين جي ويجهڙائي ۽ ادبي حجّت، اسان جي هن مانائتي عالم جي لاڳاپن، اثر رسوخ، شخصي آبرومندي، توڙي دانائي ۽ ڏاهپ کي به نروار ڪري ٿي. پاڪستان جي قيام کي ستر سالن کان به وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. پير الاهي بخش، حڪيم محمد احسن، راشدي ڀائرن، ۽ ڪجهه ٻين سنڌي اڪابرن، هندستان جي مسلمانن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ ۾ مخلص ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ جدا جدا طريقن سان مسلمان ڀائرن جي بي انتها مدد ڪئي. مختلف ادارن جي قيام خاص ڪري ”انجمن ترقي اردو پاڪستان“ جي قائم ٿيڻ جي حوالي سان به، سنڌي مشاهيرن جو اهم ڪردار آهي. ليڪن مُني صدي گذرڻ کان پوءِ به، اهي پاڻ کي مهاجر سڏائين ٿا، ۽ سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا. ان دور جي معتبر سنڌي مشاهيرن، هند کان سنڌ پهتل مهاجرن جي لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو، ان لاءِ ”ڪيفي دتاتريه“ مضمون پڙهڻ کپي، جو هن ڪتاب ۾ شامل آهي. هڪ مضمون جو عنوان: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ حب رسولؐ “ آهي. هي عنوان خود پنهنجي تشريح پاڻ ڪري ٿو، ان بابت ڪهڙي گفتگو ڪجي! پير سيد حسام الدين کي جيئري توڙي وفات کان پوءِ به، الائي ڪهڙا ڪهڙا لقب ڏنا ويا. ان نوعيت جا اديب دين سان سچائي يا وفاداريءَ بجاءِ، مالي فاعدا ۽ عهدا حاصل ڪندي، پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي به اڏي ويا.

ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ چار خط ڏنا ويا آهن. اهي خط سال 1980ع ۽ 1981ع ۾، راشدي صاحب، هن ڪتاب جي مرتب کي لکيا هئا. هي خط شامل ڪندي، ڪٿي ڪٿي حاشين جي ذريعي، ڪي وضاحتون به لکيون ويون آهن.

ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ ڇپيو هو. ان وقت مختلف ڪتابن تي لکيل، اٺ مهاڳ، پيش لفظ شامل ڪيا ويا هئا. نئين (ٽئين) ڇاپي ۾ اهڙين لکڻين جو تعداد ٻارهن آهي. ڪي علمي رُتبي جون لِکتون آهن ته، ڪي مهاڳ وري محض ادب جي دائري ۾ شامل آهن. ان هوندي به هنن لکڻين جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي.

ڪتاب جو آخري حصو انٽرويوز تي مشتمل آهي، جنهن ۾ راشدي صاحب جا پنج انٽرويو شامل آهن. ادبي دنيا ۾ انٽرويوز جي تمام گهڻي اهميت آهي. انٽرويو ڏيندڙ اديب جي ذاتي سوانح، ادبي سفر، تيار ڪيل ڪتابن جي تعداد، ساهتي لڳ لاڳاپن، همعصر ليکڪن ۾ مليل مان مرتبي ۽ وڏي ڳالهه ته متعلقه شخصيت جي علمي ادبي سوچ ۽ فڪر جي اڀياس ۾، ان نوعيت جي مواد (انٽرويوز) جي تمام وڏي اهميت آهي. انٽرويوز جي ذريعي اصل ۾ ڪيئي گم ٿيل تاريخي ڪڙيون ۽ اُلجهيل مسئلا نبرن ٿا. پر هڪ محقق جڏهن انٽرويو ڏيندڙ جي سوانح بابت ڪم ڪري ٿو ته، هو پنهنجي تحقيق لاءِ به انهن مان گهڻي مدد وٺي ٿو. هتي ڏنل انٽرويوز مان پهريون، ٻيو، ۽ پنجون مختصر آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ ٽيون ۽ چوٿون طويل، مفصّل ۽ مقصد سان ڀرپور آهن. اميد ته انهن جو اڀياس پير صاحب جي ذاتي ۽ علمي زندگيءَ کان علاوهه، خود سنڌ متعلق پڻ مطالعي جي، ڪيئي پهلوئن ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

سيّد حسام الدين راشدي مرحوم تي ڪم ڪندڙ ڪجهه اديبن، سندن 300 سنڌي، 20 اردو، ۽ 05 فارسي مقالن جو ذڪر ڪيو آهي. منهنجي ڄاڻ موجب اهو اندازو درست ڪونهي. هي ڪتاب ترتيب ڏيندي هڪ ته منتشر مواد جمع ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي راشدي مرحوم جي اردو ۽ فارسي مواد کي، جيڪو سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿي ڇپيو آهي، ان کي به ميڙي چونڊي هن ڪتاب (ڳالهيون منهنجي سنڌ جون) ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهن لکڻين جا حوالا اڪثر ڪري، راشدي صاحب پنهنجي ڪتابن ۾ ڏيندو رهندو هو. ان هوندي به، ٻه مضمون- بلگرامي ساداتن جو سنڌ تي اثر، ۽ پوراني سادات- هن جلد ۾ اچڻ کپن ها، پر باوجود تلاش جي اهي هٿ نه اچي سگهيا.

ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته مذڪوره مقالا يا ته لکجي نه سگهيا، يا وري ڪٿي ڇپجي نه سگهيا. ان کان سواءِ پير صاحب جو هڪ وڌيڪ مضمون، خواجه نظام الدين احمد (مصنف: طبقات اڪبري) تي به لکيل ۽ ڇپيل آهي. مون وڏي عرصي کان ان جي تلاش جاري رکي آهي، پر اڃا تائين ان جي حاصلات ۾ ڪاميابي نه ٿي آهي. ٽيهن سالن کان به وڌيڪ عرصو ٿيو آهي. ان عرصي ۾ مون سنڌ جي هن ممتاز اسڪالر ۽ تاريخ دان توڙي دانشور کي ڳوليو آهي، پڙهيو آهي، ۽ ان جي ڪيل علمي ڪم کي سهيڙيو آهي. ان سان گڏ مون راشدي مرحوم جي باري ۾، ڪي معلوماتي مضمون به لکيا آهن. انهن مان ڪي اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ به ڇپيا آهن. هن ڪتاب جي ٽئين ڇاپي لاءِ مون، وڌيڪ ٽڙيل پکڙيل مواد ڳوليو آهي.  جو ڪجهه مواد ملي سگهيو، ان کي پوري ذميداريءَ سان مرتب ڪري، پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪجي ٿو. اُميد ته ڪتاب جو هي نئون ڇاپو، هڪ طرف سنڌ جي مطالعي ۾ هڪ اهم واڌارو ثابت ٿيندو؛ ته ٻئي طرف خود اسان جي هن سدا حيات عالم جي سوانح، فڪر ۽ ادبي ڪم ڪار جي اڀياس ۾ مفيد ثابت ٿيندو.

پير حسام الدين راشديءَ تي ٿيل ڪم، مختصر جائزو:

راشدي صاحب جي زنده هوندي، سندس بابت مواد لکجڻ شروع ٿي ويو هو(29). نه رڳو سنڌ ۾، پر ايران ۽ مرڪزي ايشيا تائين، راشدي صاحب جي هڪ محقق ۽ اسڪالر طور وڏي مڃتا هئي. ان ڪري سنڌ کان ٻاهر به، پير سيّد حسام الدين راشدي صاحب بابت مواد سامهون اچڻ جي ابتدا ٿي چڪي هئي. سال 1982ع ۾ سندن وفات کان پوءِ، هن عنوان تي ڏسڻ ۾ اچڻ جهڙو مواد ڇپيو آهي. ان متعلق هيٺ مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

1. مکتوبات بابائے اردو۔۔۔۔ :  مولوي عبدالحق (وفات: 16 آگسٽ 1961ع) اردو زبان جو ابو سڏجي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڻ دهلي ڇڏي ڪراچي لڏي آيو. شهر ڪراچيءَ ۾ ”انجمن ترقي اردو پاڪستان“ جو وجود عمل ۾ آندائين. ان ڪم ۾ راشدي ڀائرن، پير الاهي بخش ۽ شهر جي ميئر حڪيم محمد احسن، هن جي گهڻي مدد ڪئي. پير سيد حسام الدين سان مولوي عبدالحق جو گهرو گهاٽو علمي ادبي تعلق رهيو. راشدي صاحب ڏي مولوي عبدالحق جا لکيل خط، سَوَن جي تعداد ۾ هئا. اردو زبان جي عالم مشفق خواجه دلچسپي وٺي انهن کي مرتب ڪيو. هي خط ماهنامه ”قومي زبان“ جي آگسٽ 1964ع واري خاص پرچي ۾ ”مکتوبات بابائے اردو بنام پیر سید حسام الدین راشدی“ عنوان سان ڇپيا آهن. اردو زبان جي حوالي سان ته خطن جي اهميت آهي. ليڪن پير سيد حسام الدين جي زندگي ۽ علمي ڪمن جي اڀياس لاءِ به، هي خط خاص اهميت رکن ٿا.

2. پير حسام الدين راشدي نمبر: مرتب، خان محمد پنهور ۽ اعجاز سنڌي، سنڌي پبليڪيشن ڄام شورو، اپريل 1973ع. (30).

هن پبليڪيشن ۾ راشدي صاحب جو هڪ انٽرويو، ۽ سندن لکيل مضمون ”مرزا قليچ بيگ جي ڪتب خاني ۾ چند گهڙيون“ به شامل آهي.

3. پير حسام الدين راشدي نمبر: انجمن ترقي اردو پاڪستان (ڪراچي)، جي ماهوار جريدي ”قومي زبان“ ڊسمبر 1982ع ۾، هڪ خاص نمبر ”راشدي نمبر“ ڪري نروار ڪيو. هي پرچو جميل الدين عالي ۽ سيّد شبير علي ڪاظمي ايڊٽ ڪيو. پرچي ۾ راشدي صاحب متعلق، اردو زبان جي وڏن عالمن ۽ اديبن جا مضمون شامل آهن.

4. پير حسام الدين راشدي نمبر: هي خاص نمبر رسالي ”مهراڻ“ پاران ڇپيو. رسالو ”مهراڻ“ نمبر 01، سال 1983ع، ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ناشر سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

هن پرچي ۾ سنڌي ۽ اردو جي عالمن جا لکيل مضمون شامل آهن. ڪي مضمون اردو يا انگريزيءَ ۾ اداري کي مليا، جن کي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪرائي پرچي ۾ شامل ڪيو ويو. ان کان سواءِ هن شماري ۾ راشدي صاحب جون چونڊ تصويرون ۽ ڪي علمي خط (عڪس جي صورت ۾) به ڏنا ويا آهن. ان ڪري پير صاحب جهڙي معتبر عالم جي زندگي ۽ ڪارنامن تي، هي پرچو هڪ خاص دستاويز جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي.

5. ماهوار ”اظهار“ يادگار نمبر:  اطلاعات کاتي حڪومت سنڌ جو اردو رسالو ”اظهار“ علمي دنيا جو هڪ نمايان پرچو آهي. اپريل- مئي 1983ع جي گڏيل شماري ۾، هڪ خاص حصو پير حسام الدين راشديءَ جي ياد ۾ ڪڍيو ويو آهي. راشدي مرحوم بابت ڪجهه مضمون ۽ سندن اردو ڪتاب ”سنڌي ادب“ سربستو هن شماري ۾ شامل آهن. ايڊيٽر ڪريم بخش خالد، اطلاعات کاتي جو عملدار ۽ خود به عالم فاضل انسان ٿي گذريو.

6. پير حسام الدين راشدي: ٻي ورسيءَ جي موقعي تي ڇپرايل سووينئر، مرتبه: مهتاب اڪبر راشدي، سنڌالاجي 1984ع.

 هن خاص سوونيئر ۾ ڪجهه مضمون آهن، جي اڪثر مٿي ذڪر ڪيل ”مهراڻ“ تان کنيل آهن. البت شامل ڪيل تصويرن ۾ ڪجهه نواڻ آهي.

7. پير حسام الدين راشدی اور ان کے علمی کارنامے: مولانا صباح الدين عبدالرحمان هندستان جو هاڪارو اسڪالر ٿي گذريو آهي. هي بزرگ عالم، پير سيد حسام الدين جو ذاتي ۽ علمي دوست ٿي گذريو. راشدي صاحب جي وفات کان پوءِ، حسين شاهه راشدي صاحب سان، تعزيت لاءِ پاڻ ڀارت کان ڪراچي ڪهي آيو. ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب، موقعي جو فائدو وٺندي، اردو لغت بورڊ جي نئين عمارت ۾، مولانا سيّد صباح الدين کان راشدي صاحب جي شخصيت ۽ علمي ڪارنامن تي، هڪ ڀرپور ليڪچر ڏياريو. هي يادگار ليڪچر اردو زبان ۾، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز نالي اداري، سال 1984ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو. مولانا صاحب هڪ عالم جي حيثيت ۾، راشدي مرحوم جي علمي ڪمن تي راءِ ڏني آهي.

8. پير حسام الدين شاهه راشدي: هي مختصر ڪتاب ٻاراڻي ادب سيريز تحت، حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران شايع ٿيو. ڊاڪٽر فهميده حسين هي ڪتاب نهايت سادي ۽ روان ٻوليءَ ۾ لکي، پڙهندڙن کي سنڌ جي، هن مانائتي عالم جي باري ۾ مناسب ڄاڻ ڏني آهي. ڪتاب سال 1990ع ۾ ڇپيو.

9. پير حسام الدين راشدي: هي ڪتاب ڪجهه اختصار سان، اردو زبان ۾، همدرد فائونڊيشن ڪراچي پاران، حڪيم محمد سعيد سال 1994ع ۾ ڇپيو آهي. هي ساڳيو ڪتاب آهي، جنهن جو ذڪر نمبر 08 تي ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين پاڻ ان کي اردو زبان ۾ تيار ڪيو آهي.

10. پير حسام الدين راشدي، ويهين صديءَ جو عالم: سيپٽمبر 1996ع ۾ حڪومت سنڌ جي تائيد سان، آواري ٽاورز ڪراچي ۾ ”ڪلهوڙا دور حڪومت“، عنوان تي ٻن ڏينهن جو بين الاقوامي سيمينار ٿي گذريو. ڪانفرنس جو سيڪريٽري جناب يعقوب علي زرداري صاحب هو، جو هن وقت دنيا ۾ نه رهيو آهي. ان موقعي تي راشدي صاحب کي ويهين صديءَ جو وڏو عالم تسليم ڪندي، هڪ ايوارڊ ڏنو ويو. هي ايوارڊ راشدي صاحب جي اولاد وصول ڪيو. ان موقعي تي هڪ مختصر انگريزي ڪتابڙو هن ريت شايع ڪيو ويو.

20th Century Scholar

Award

Conferred on

Dr. Syed Hussam-ud-din Rashdi

(Posthumous)

For His Scholarship

By

Kalhora Seminar Organizing Committee

11. راشدي صاحب متعلق ببليوگرافي: هي ببليوگرافي ”سيّد حسام الدين راشديءَ جي سوانحي ماخذن جو جائزو“ عنوان سان، رسالي ”مهراڻ“  جي ٻن اشاعتن (01، 1997ع، ۽ 1-2، 2008ع) ۾ ڇپي آهي. سمورو مواد راقم الحروف سهيڙيو. البت هي ببليوگرافيائي نوعيت جو ڪم، ٻين دوستن جي نالي ۾ ڇپيو آهي.

12. پير حسام الدين راشدي نمبر: رسالي ”مهراڻ“ پاران، راشدي صاحب جي ياد ۾، هي ٻيو خاص شمارو، نمبر 02، سال 1997ع ۾ ڇپيو. هي هڪ عام پرچو آهي. ان جي خاص ڳالهه مولانا صباح الدين عبدالرحمان جي اردو ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جو هن پرچي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مولانا جي ڪتاب جو وڌيڪ ذڪر هيٺ اچي ٿو.

13. فهرست نمائش: سال 2002ع ۾ ”مقالات راشدي“ (اردو) ۾ ڇپجي آيو. حسين شاهه راشدي مرحوم هن ڪتاب جي تياري ۽ اشاعت تي گهڻو خوش ٿيو. ان موقعي تي فيمليءَ ۾ موجود راشدي صاحب بابت، اهم دستاويزن جي لسٽ به تيار ٿي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ظفر سعيد سيفي، نه رڳو هن لسٽ ڇاپڻ جو حڪم ڏنو، البته ان تي پيش لفظ طور ٻه اکر به پاڻ لکيائين. ڊاڪٽر ظفر ان ڪري به هن ڪم ۾ دلچسپي ورتي، ڇو ته راشدي مرحوم جا اردو مقالا ۽ مضمون ”مقالات راشدي“ به ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هڪ اداري، ڪتابي صورت ۾ ڇپيا هئا. هي ڪتابڙو ”فهرست نمائش، نوادات، دستاويزات و ذاتي اسناد“ فل سائيز ۾، انگريزي ۽ اردو ۾ جيئن مٿي ذڪر ٿيو، 2002ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران شايع ڪيو ويو. ذڪر ڪيل مجلس آواري هوٽل ڪراچيءَ ۾ ٿي. مير مجلس گورنر سنڌ محمد ميان سومرو هو. فهرست ۽ ڪتاب جي مهورت سومري صاحب ڪئي. هن فهرست ذريعي ڄاڻ ملي ٿي ته راشدي خاندان وٽ، پير حسام الدين سان ڪيئي عالمن، اديبن ۽ دانشورن توڙي ادارن جي خط و ڪتابت جا هزارن جي تعداد ۾ پنا پرزا موجود آهن.

14. مکاتیب راشدی بنام ڈاکٹر محمد باقر: پنجاب جو اسڪالر ڊاڪٽر محمد باقر (وفات: 1993ع)، سنڌ جي هن مانائتي عالم جو گهرو گهاٽو علمي دوست هو. راشدي صاحب جيڪي خط ڊاڪٽر محمد باقر کي لکيا، اهي ڊاڪٽر خضرنوشاهي صاحب هٿ ڪري مرتب ڪيا. خطن جو تعداد اٺاسي آهي. نوشاهي صاحب نهايت سليقي سان ڪم ڪندي، ڪِٿي ڪِٿي وضاحتي حاشيا به لکيا آهن. ان ڪري هي خط ٻنهي عالمن جي سوانح تي ڪم ڪرڻ لاءِ، هڪ اهم ماخذ جو مرتبو ماڻي چڪا آهن. ڊاڪٽر نوشاهيءَ جو لکيل مقدمو به ازحد مفيد آهي. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز پاران، ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب 2005ع ۾ ڇپيو آهي.

15. دانش (فارسي): اسلام آباد ۾ قائم مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان، سيّد حسام الدين راشديءَ جي پنجويهين ورسيءَ جي نسبت سان، پنهنجي پرچي ”دانش“ نمبر 90، خزان 2007ع ۾، هڪ خاص حصو وقف ڪيو. هن حصي ۾ راشدي مرحوم جي زندگي ۽ علمي خدمتن متعلق ست مضمون شامل ڪيا ويا آهن. هي خاص پرچو 2007ع ۾ جاري ٿيو، جيئن مٿي ذڪر ٿيو آهي.

16. پير حسام الدين راشدي ڪارنر جا قلمي نسخا: راشدي صاحب جي زندهه هوندي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ريسرچ لئبريريءَ ۾، سندس نالي تي ڪارنر قائم ٿي چڪي هئي. ان ۾ وقت به وقت ڪتاب ايندا ٿي رهيا. راشدي صاحب لکت ۾ وصيت ڇڏي هئي ته، سندن وفات کان پوءِ ڪتب خانو سنڌالاجيءَ کي ڏنو وڃي. ڇپيل ڪتاب هزارن ۾ آهن. ان کان سواءِ هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ، تمام اهم قلمي نسخا پڻ اداري کي ڏنا ويا. انهن اڻ ڇپيل ڪتابن جي، سنڌ جي تاريخ جي اڀياس ۾ گهڻي اهميت آهي. منهنجي گذارش تي ڊاڪٽر انس راڄپر، انهن قلمي نسخن جي فهرست تيار ڪئي. هي فهرست سنڌالاجيءَ جي پرچي ”سنڌي ادب“ ۾ سال 2007ع ۾ ڇپي آهي. ان کان سواءِ هي فهرست، اردو رسالي ”پيغام آشنا“ ۾ پڻ، ٻن قسطن ۾، شمارو 35، ڊسمبر 2008ع؛ ۽ شمارو 36، مارچ 2009ع اردو ۾ شايع ٿي آهي. هن ڏس ۾ مفصل ڪم ڪرڻ جي ازحد ضرورت آهي.

16. Pir Hussamuddin Rashdi:

لاڙڪاڻي جو رهواسي عبدالستار ڀٽي، ملازمت سان گڏ مختلف محاذن تان، علم ادب جي خدمت به ڪندو رهيو. ان ڏس ۾ هن جو سهيڙيل ڪتاب ”پير حسام الدين راشدي“ انگريزي زبان ۾ مارچ 2008ع ۾ لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي (ڪراچي) پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ پاڪستان جي 57 عالمن ۽ اديبن جا، راشدي صاحب جي باري ۾ مختصر مگر جامع تاثرات ڏنا ويا آهن. ڀٽي صاحب 14 نومبر 2017ع تي هي فاني جهان ڇڏيو.

17. Sindh: Glimpses Into Modern History:

18-19 آڪٽوبر 2008ع تي شعبهء تاريخ (جنرل هسٽري)، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران، جديد سنڌ جي تاريخ تي ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي تاريخ منعقد ٿي. ڪانفرنس جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾، راقم الحروف هن علمي ميڙاڪي کي پير حسام الدين راشديءَ جي نالي منسوب ڪيو. افتتاحي اجلاس جو خاص مهمان، ڪراچيءَ ۾ مقيم ايران جو ثقافتي ڊئريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد محمدي توّسلي صاحب هو. هن ڪانفرنس ۾ اردو، سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ايڪيتاليهه (41) مقالا پيش ڪيا ويا. انهن ۾ ڇهه مضمون راشدي صاحب بابت هئا. ڊاڪٽر سليم اختر پنهنجي ڪليدي خطبي ۾، پير حسام الدين جي زندگي، علمي لاڳاپن ۽ تحقيقي خدمتن تي خوب روشني وڌي. ڊان اخبار 19 آڪٽوبر جي اشاعت ۾،  ڪانفرنس کي عام طرح سان، ۽ سليم اختر صاحب جي تقرير کي، وڏي اهميت سان شايع ڪيو.

پير حسام الدين راشدي انٽرنيشنل هسٽري ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل مقالن کي ”سنڌ: گلمپسس ان ٽو ماڊرن هسٽري“ جي نالي سان، جنرل هسٽري شعبي 2008ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو.

20. روش تحقیق حسام الدین راشدی درگرد آوری و تصحیح کتب فارسی: محترمه روزينه رشيد، هن عنوان تي ڊاڪٽر سيّد جواد همداني صاحب جي نگرانيءَ ۾ تحقيق ڪئي. هن تحقيقي مقالي ۾ راشدي صاحب جون فارسي ادب لاءِ ڪيل خدمتون اجاگر ڪيون ويون آهن. روزينه رشيد کي هن ڪم تي شعبهء فارسي، بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد، سال 2010ع ۾ ايم. فل جي ڊگري ڏني.

21. پير حسام الدين راشدي: مٿي ذڪر ڪيل (مولانا صباح الدين عبدالرحمان) ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي. سنڌي ترجمو امام راشدي صاحب ڪيو (مهراڻ، 02/1997ع). سال 2011ع کي سنڌي ادبي بورڊ پاران، سنڌ جي هن بي مثل عالم جي جنم صديءَ طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ياد رهي ته راشدي صاحب 20 سيپٽمبر 1911ع تي ڄائو هو. هي ڪتاب صدي پروگرام تحت تيار ٿيو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان کي 2011ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. آزاد قاضي ترجمي جي اصلاح ڪئي ۽ سڌارن واڌارن جي صورت ۾، ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ جي جستجو ڪئي.(30)

22. پير حسام الدين راشدي: هي ڪتاب پڻ راشدي صاحب جي ڄم جي، سؤ ساله جشن ملهائڻ جي پروگرامن تحت تيار ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ مٿي ذڪر ڪيل رسالي ”مهراڻ“ جي خاص پرچن ۾ ڇپيل مواد، ٻن حصن ۾ جدا جدا مرتب ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ ڪتاب جي ٽئين حصي ۾، ذڪر ڪيل رسالي ۾ ڇپيل وڌيڪ تيرهن مضمون (2010ع تائين) به شامل ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب ”پير حسام الدين راشدي- سوانح، علمي ڪارناما ۽ حاصلات“ جي نالي سان، سنڌي ادبي بورڊ 2014ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب کي آزاد قاضي وڏي محنت ۽ محبت سان مرتب ڪيو. مولانا صباح الدين جو مواد ”مهراڻ“ نمبر 02، سال 1997ع ۾ ڇپيو هو. ان کي جداگانه ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪرڻ ڪري، هن ڪتاب مان خارج ڪيو ويو آهي. ڇپائي، گيٽ اپ توڙي استعمال ڪيل ڪاغذ جي ڪري، هي ڪتاب علمي دنيا ۾ ساراهه جوڳو نه بنجي سگهيو.

23. پير حسام الدين جي تاريخي خدمتن جو جائزو: محمد علي لغاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو استاد آهي. لغاري صاحب ”پير حسام الدين راشديءَ جي تاريخي خدمتن جو تنقيدي جائزو“ عنوان تحت، يونيورسٽيءَ ۾ Ph.D لاءِ داخلا ورتي. آخرڪار سنڌ يونيورسٽي هن کي، سال 2018ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني.

ڪجهه حڪايتون، ڪجهه شڪايتون:

سيّد حسام الدين راشديءَ جي سطح جا عالم، روز روز پيدا نه ٿيندا آهن. اهڙن عالمن، محققن ۽ دانشورن، جن کي دنيا تسليم ڪيو، احترام ڪيو، ۽ مڃتا ڏني؛ راشدي صاحب جو نالو ان ڏس ۾ خاص جاءِ والاري ٿو. سال 1982ع ۾ جڏهن سنڌ جي هن ساک ڀريي عالم جي وفات ٿي، ان وقت انقلاب اچڻ جي ڪري، ايران ۽ افغانستان جون حالتون انتهائي سنگين هيون. پاڙي ۾ انقلابن جي ڪري، پاڪستان به وڏي ڏوجهري ۾ اچي ويو. وڏي ڳالهه ته پاڪستان ۾ فوجي حڪومت هئي، ۽ جنرل ضياء جي مارشل لا ۾، پاپولر اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي هئي. ان پس منظر ۾ ذڪر ڪيل ملڪن توڙي مرڪزي ايشيا ۾، ۽ پاڙيسري ملڪ هندستان جي علمي مرڪزن ۾، پير حسام الدين راشديءَ جي وفات تي، جيڪا سوڳواريت جي فِضا پيدا ٿيڻ کپندي هئي، اهڙي ڪيفيت پيدا نه ٿي سگهي. ان هوندي به ذڪر ڪيل ملڪن ۽ دنيا جي مکيه مکيه نشرياتي ادارن ۽ اخبارن، پير صاحب جي وفات جي خبر کي خاص جاءِ ڏني، ۽ هن مانائتي عالم جي زندگيءَ ۽ علمي خدمتن کي اجاگر ڪيو. پاڪستان مان ڇپجندڙ ڳچ اخبارن به، پير حسام الدين جي لاڏاڻي جي خبر کي نِشانبر ڪري شايع ڪيو، ۽ پڻ تعزيتي مقالا ۽ اداريا ڇپيا.

ليڪن اهلِ سنڌ جيڪو هن بي مثل عالم جو قدر ڪيو، اهو اسان جي سامهون آهي. انهن عملدارن، اديبن، استادن ۽ پروفيسرن کي، جن کي راشدي صاحب ويجهو رکيو، دنياوي ۽ روحاني فائدا ڏنا، انهن سان جڏهن هن عنوان تي، ڳالهه ڪجي ٿي ته اهي اگر مگر ۾ پورا هوندا آهن!

راشدي صاحب هزارن جي تعداد ۾ ڇپيل، ۽ هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ اڻ ڇپيل قيمتي ڪتاب، سنڌالاجيءَ کي تحفي ۾ ڏنا. اڄ ڏينهن تائين هن اداري پير حسام الدين بابت، ڪوبه علمي يا تحقيقي ڪم ميدان تي نه آندو آهي. ان کان سواءِ اڻ ڇپيل (قلمي) ڪتابن جو ڪو، ڪيٽالاگ تيار ڪري دنيا کي، هي ڏيکارڻ جي جستجو به نه ٿي آهي ته، اداري  جي راشدي ڪارنر ۾ ڪيترو خزانو موجود آهي؟

سال 1999ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، چوٻول هليو ته، تاريخ جي شعبي جي سايي ۾، پير حسام الدين راشدي چيئر جو، وجود عمل ۾ اچي رهيو آهي. ليڪن 2003ع جي ابتدا ۾، هي معاملو ائين ختم ٿي ويو، ڄڻ ته ان جو ڪو وجود نه هو.

مون ان وقت جي وائيس چانسيلر (جناب مظهرالحق صديقي) کان پڇيو ته، ذڪر ڪيل چيئر ڇونه ٺهي سگهي؟ مون کان پڇيائين ته، حسام الدين راشدي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي خلاف ڳالهائيندو هو ڇا؟ مون چيو ته هو يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار تي گفتگو ڪندو هو. پروفيسرن جي قابليت بابت سوال ڪندو هو. سترهن- ارڙهن سالن جي عرصي ۾، سنڌ يونيورسٽي ”سنڌي“ شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ (Ph.D) جي ڊگري نه ڏني هئي، ان بابت فڪرمنديءَ جو اظهار ڪندو هو. جڏهن ته يونيورسٽي ان دور تائين اردو ادب ۾ کوڙ اسڪالرن کي پي.ايڇ.ڊي ڏئي چڪي هئي. ان متعلق سيّد غلام مصطفيٰ شاهه جي دور ۾، راشدي صاحب جي زور ڀرڻ تي، آخرڪار ”سنڌي“ ٻولي ۽ ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ شروع ٿي. مون مظهرالحق صديقي صاحب (وائيس چانسيلر) جي سامهون، جڏهن حقيقت پيش ڪئي ته هو خاموش ٿي ويو ۽ بي وس ڏسڻ ۾ آيو!

پير حسام الدين راشديءَ جي وفات کان پوءِ، سنڌ يونيورسٽي راشدي صاحب جي علمي خدمتن کي نظر ۾ رکندي، ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري (Posthumous) ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. ليڪن هي ڊگري به ان وقت ڏني وئي، جڏهن محترم حسين شاهه راشدي، سينيٽر بنجي سينيٽ ۾ وڃڻ لڳو.

سيّد حسام الدين راشدي، 20 سيپٽمبر 1911ع تي ڄائو هو. اسان ڪجهه دوستن 2011ع کي، پير صاحب جي جنم صديءَ طور ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي چيئرمين، راشدي صدي ملهائڻ لاءِ اسان ڪجهه دوستن جي صلاح تي، هڪ ڪميٽي وجود ۾ آندي. ابتدائي طور تي ڪجهه ميٽنگون به ٿيون پر پوءِ اهو معاملو آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو. ان هوندي به بورڊ پنهنجي هن محسن عالم جي باري ۾، ڪجهه ڪتاب شايع ڪري، ڪي قدر علمي قدرشناسيءَ جو ثبوت ڏنو.

ڪجهه دوستن کي خبر آهي ته، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، راشدي صاحب جي صلاح سان، ابتدا ۾ مرڪزي حڪومت ۾ ثقافت متعلق، هڪ سيل وجود ۾ آندو. راشدي صاحب جي مشوري تي، فيض احمد فيض کي ان جو نگران مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ صوبن ۾ ثقافت متعلق، تعليم کاتن جي ماتحت، ڊئريڪٽوريٽ قائم ڪيا ويا. هن وقت سنڌ ثقافت کاتو الڳ طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. راشدي صاحب جي سعيي سان، سنڌ جي سرڪاري ڪاغذن ۽ دستاويزن کي مستقبل جي مؤرخن لاءِ محفوظ ڪرڻ خاطر، سنڌ آرڪائِوز جو وجود پڻ عمل ۾ آيو.

سن 2011ع کي راشدي صدي ڪري ملهائڻ لاءِ، جڏهن ڪجهه دوستن سنڌ ثقافت کاتي جو توجهه ڇڪايو، تڏهن ان ڏس ۾ مڪمل مايوسي پلئه پئي. پاڪستان جو نامور ترقي پسند شاعر، فيض احمد فيض به، سن 1911ع ۾ ڄائو هو. سنڌ ثقافت کاتي، فيض صاحب کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ، نه رڳو پيسي ڏوڪڙ جو خوب استعمال ڪيو، پر ان ڪم لاءِ ٺهيل ڪميٽين سان ڀرپور ساٿ ڏنو. ان کان سواءِ فيض مرحوم جا ڪيئي ڪتاب پڻ، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايا ويا.

ثقافت کاتي جي عملدارن ۽ وزير صاحبه کي، اها خبر نه هئي ته جنهن شعبي جي پاڻ سربراهي ڪري رهيا آهن، ان جو باني پير حسام الدين راشدي هو. فيض احمد فيض لاشڪ ته انقلابي ماڻهو هو، ۽ هن معاشري جي مثبت تبديليءَ لاءِ، مختلف وقتن تي تڪليفن، سختين، ۽ سزائن کي منهن ڏنو، ۽ جلاوطني پڻ اختيار ڪئي. ليڪن فيض صاحب ۽ راشدي صاحب جي خيالن ۾، مڪمل هم آهنگي هئي. جڏهن به فيض احمد مرحوم، ملاقات لاءِ پير صاحب وٽ ايندو هو، تڏهن سندن شان (راشدي مرحوم جي) ۾ قصيدو لکي ايندو هو. حسين شاه راشدي صاحب ٻڌائيندو هو ته، فيض جي هٿين اکرين اهڙا ڪيئي شعر، اڄ به محفوظ آهن. افسوس ته پوءِ به حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي کي 2011ع جي نسبت سان، پير حسام الدين راشدي ياد نه آيو!

1- جنوري 2020ع                                    غلام محمد لاکو

                                                                  ڄام شورو


(19) ڏسجي منهنجو اردو مضمون، مجله ”تاريخ و ثقافت پاکستان“، اپريل- سيپٽمبر، اسلام آباد، 2006ع. بعد ۾ ڪجهه ٻين ڪتابن جو به پتو پيو. اهڙن ڪتابن کي به هتي درج ڪيو ويو آهي.

(20) نورجهان بيگم، نظربنديءَ جي حالت ۾، لاهور ۾ ارڙهن (18) سال گذاريا. سندس وفات 17 ڊسمبر 1645ع تي ٿي. جهانگير جي مقبري جي ويجهو، لاهور ۾ سندس ڪفن دفن ٿيو.

(21) مقدمو، ص 6، توزڪ جهانگيري، اردو، جلد اول، لاهور 1968ع.

(22) طبقات ناصري، ڪابل ايڊيشن، تازو تهران (ايران) مان، عڪسي صورت ۾ ڇپيو آهي. ڪتاب جو نئون ڇاپو، منهنجي ذاتي ذخيري ۾ موجود آهي.

(23) ان کان علاوه سلطان محمد جو ٻيو ڪتاب ”تذکرة الشعراءَ“ به، تهران (ايران) مان ٻيو ڀيرو 2003ع ۾ شايع ٿيو. پهرين اشاعت جو سال معلوم نه ٿي سگهيو.

(24) ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 367-408، ص 43-142.

(25) ماهنامہ قومي زبان، ص 82-90، ڊسمبر 1982ع.

(26) سيّد سرفراز علي رضوي (اشاريه اردو، ص 42، انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي، 1976ع). رضوي صاحب لکيو آهي ته، راشدي صاحب جو هي مقالو سه ماهي ”اردو“ ۾ آڪٽوبر 1951ع ۾ ڇپيو هو. هي معلومات درست ڪونهي.

(27) راشدي صاحب جو ايران جي حوالي سان هڪ وڌيڪ مضمون: ”اصفهان نصف جهان ۽ سندم سنڌ سونهاري“ به ڇپيل آهي (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 422-433). مضمون سان گڏ 36 تصويرون به ڏنل آهن.

(28) عنوان تي ڏسجي منهنجو مضمون: ”پير حسام الدين راشدي ۽ ايران ولايت“، سماهي ”مهراڻ“، نمبر 3-4، سال 2007ع. ساڳيو مضمون اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ به ڇپيو آهي.

(29) ملندڙ ڄاڻ موجب ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ پهريون ليکڪ آهي، جنهن راشدي صاحب جي باري ۾ هڪ مضمون لکيو. هي مضمون: ”سيّد حسام الدين راشديءَ جون علمي خدمتون“ عنوان سان، رسالي ”نئين زندگي“ ۾ ٻن قسطن ۾ ڇپيو هو (آڪٽوبر، نومبر 1966ع).

(30) سيد صباح الدين عبدالرحمان، هندستان جي مسلم دور تي، هڪ مستند عالم ٿي گذريو. سندس وفات اتفاقي حادثي سبب، 18 نومبر 1987ع تي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org