سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:21 

شاهه جو پيغام

[حافظ محمد احسن چنا جي ڪتاب ”شاهه جو پيغام“ لاءِ لکيل ٻه اکر. هي ڪتاب سال 1958ع ۾ شايع ٿيو]

سنڌ جا اديب ۽ سخنور، پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر، ڀٽائي گهوٽ کي، مدتن کان عقيدت جا نذرانه پيش ڪندا رهيا آهن، پر شاهه هڪ اهڙو بحر بي پايان آهي، جنهن ۾ جيتري غواصي ڪجي اها ٿوري. جنهن مان جيترا ماڻڪ موتي ڪڍجن اهي گهٽ آهن. حياتيون گهرجن جو انهيءَ بستان جي چمن بندي ڪجي. زندگيون کپن جو انهيءَ باغ جا گل ۽ ٻوٽا پيا سينگارجن ۽ سنوارجن. ڀٽ جي ڀوتار، پنهنجي لافاني بيتن، بي مثل ڪافين ۽ قيامت تائين زندهه رهندڙ واين کي سنڌ جي عوامي قصن ۽ ڪهاڻين، داستانن ۽ روايتن جي بنيادن تي نڀايو آهي. انهن داستانن ۽ انهن ڪهاڻين، انهن روايتن ۽ انهن قصن کي ڪيترن اديبن، پنهنجي پنهنجي زور قلم سان وقت بوقت پي ساراهيو ۽ بيان ڪيو آهي. ڪن انهن جي تشريح ڪئي آَهي، ته ڪن انهن جون معنوي خوبيون ۽ خصوصيتون ويهي شمار ڪيون آهن ۽ ڪن انهن جي رمزن ۽ نڪتن جي ويهي واکاڻ ۽ اپٽار ڪئي آهي.

اهڙيءَ طرح هر قلم ڪار ۽ هر اديب، پنهنجي سمجهه ۽ خيال آهر ڪسر ڪا نه ڇڏي آهي.

منهنجي محترم محسن، حافظ محمد احسن، جنهن جي ادبي صلاحيتن جو آءُ هڪ مدت کان معترف، ۽ جنهن جي نعت گوئيءَ ۽ سخن سنجيءَ تي آءُ هڪ زماني کان مفتون آهيان، هڪ نئين ڍنگ ۽ هڪ انوکي رنگ سان شاهه سڳوري جي قصن ۽ ڪهاڻين کي، پنهنجي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي. هن صاحب، شاهه جي بيتن جون ڪڙيون ملائي، منتشر موتين کي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئي، سنڌ جي انهن مقبول عام داستانن جا اهي پهلو پيش ڪيا آهن، جن ۾ پريت جون پچارون، عشق ۽ محبت جون پڪارون ۽ سوز ۽ سڪ جون نازڪ رمزون رکيل آهن.

بيان ۽ اسلوب جي ندرت، زبان ۽ لفظن جي کيڏ ۽ قدرت، شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾، انهن گوشن کي ڪٿان جو کڻي وڃي ڪٿي پهچايو آهي!

مقفٰي عبارت، حسين پيرايه بيان ۽ تجنيس حرفي سان سينگارجي سنوارجي، اهي داستان، سنڌي ادب جا اُهي شاهڪار بنجي پيا آهن، جن کي پڙهڻ سان ۽ اندر ۾ اورڻ سان دل کي راحت رسي ٿي ۽ روح، انهن جي اهڙين گهراين تي پهچڻ لاءِ وڌيڪ واجهائي ٿو ۽زيادهه واجهه وجهي ٿو، جن تي خود شاهه سائين، روح کي پهچائڻ ۽ رسائڻ گهري ٿو.

سنڌ جي مارئي، حب الوطنيءَ جو هڪ پاڪ مجسمو آهي. ساڻيهه جي سڪ، مارن سان بي پناهه محبت، وطن سان والهانه وابستگي، ملير، ملير جي مارن وٽ موٽي وڃڻ جي آرزو ۽ اميد، اهي مارئي جي امنگن جا سرچشما آهن.

حب الوطنيءَ جي انهن سڀني پاڪيزهه سرچشمن کي گڏي هڪ ئي هنڌ اهڙي انداز سان بيهارڻ، جو دل مان محب وطن مارئيءَ لاءِ محبت ۽ همدردي ۽ سنڌ جي هن عظيم ترين شاعر جي لاءِ اکٽ
عقيدت مندي اٿلون کائڻ لڳي، هڪ اديب جو نه فقط قابل قدر بلڪ انتهائي ڪمال آهي.

 

دريا جا ڊيڄاريندڙ ۽ من ڏاريندڙ دهڪا ۽ ڌڌڪا انهن سڀني کي هڪ ئي لڙهيءَ ۾ پوئي، محبت ۾ نينهن سان ڇلڪندڙ بيتن سان ڳنڍيندي احسن صاحب، سچ پچ نثر ۽ شاعري ڪئي آهي، ۽ عبارت ۾ اهڙو آهنگ پيدا ڪيو آهي، جو سوين ساز ۽ سرود، ان تان قربان آهن.

سسئيءَ جي سورن جا حال، نوريءَ جي نماڻائي ۽ نياز جا حال، سورٺ ۽ سرمنگتي جا دل سوز مڪالما ۽ راءِ ڏياچ جي سر جو دان، اهي اهڙيون شيون آهن، جي هڪ ئي هار جا مختلف ماڻڪ ۽ هڪ ئي سلسلي جا جدا موتي آهن.

شاهه جا اهي مڙئي عنوان ۽ بيان، پنهنجي مخصوص طرز نگارش سان نثر ۾ جوڙي انهن جي رونق ۽ تابناڪيءَ کي سنڌ جي هن ڪهنه مشق اديب ۽ اهل دل صاحب قلم، پڙهندڙن جي اڳيان اهڙيءَ طرح روشن ڪيو آهي، جو بي اختيار زبان مان تحسين ۽ آفرين نڪريو وڃي ٿي.

جهڙا آهن شاهه جا شاهڪار تهڙائي آهن احسن صاحب جي لفظن جا درشاهوار! جهڙو آهي شاهه جو نظم، اهڙو آهي احسن صاحب جو نثر! گويا، جهڙا آهن گل گلاب جا، اهڙا ئي کين ويس ڏنا ويا آهن.

سنڌ جي نثري ادب ۾، انهيءَ قسم جي مقفيٰ عبارت آرائي جا مثال تمام گهٽ آهن.

جنهن ڪاميابيءَ ڪامرانيءَ سان احسن صاحب انهيءَ سخت ۽ مشڪل طرزِ نگارش کي نڀاهي پار پيو آهي، ان لاءِ هو صاحب يقيناً مبارڪن جو مستحق آهي.

احسن صاحب جي قلم مان ڪئين دلپسند چيزون نڪتيون هونديون. پر سندس هيءَ ڪوشش جتي سنڌ جي ٻين اديبن کي انهيءَ قسم جي نثر نويسي صلائي عام جو سبب ٿي آهي، اتي احسن صاحب لاءِ به سنڌي ادب ۾ هڪ خاص ۽ منفرد مقام پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻي آهي.

سيّد حسام الدين راشدي

 

پيش لفظ

 

]مولانا اعجازالحق قدوسيءَ جو نالو، سنڌ شناس عالمن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. سندس ڪتاب ”تذڪره صوفياءِ سنڌ“ اردوءَ ۾ سال 1959ع ۾ ڇپيو هو. پير حسام الدين راشدي صاحب، ان ڪتاب جو معلوماتي پيش لفظ لکيو. مذڪوره پيش لفظ جو سنڌي ترجمو، رسالي ”مهراڻ“ نمبر 1-2، سال 2011ع ۾ ڇپيو، جو هن ڪتاب ۾ شامل ڪجي ٿو[

مولانا اعجاز الحق قدوسي 1954ع ۾ اسان جي اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ انهيءَ لاءِ مقرر ٿيو هو ته، سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ اسان جنهن مواد جي نشاندهي ڪيون، اهو سليقي سان نقل ڪري فائلن ۾ گڏ ڪندو وڃي. خيال اهو ئي هو ته مولانا پنهنجي ساٿين وانگر دفتر جي وقتن ۾ سنڌ ۽ ان جي تاريخ ۾ دلچسپي وٺندو. ان کان پوءِ ٻين ملازمن وانگر غير علمي مشغلن ۾ مصروف ٿي زندگيءَ جهڙي قيمتي شيءِ کي ضايع ڪندو رهندو. ليڪن ڪجهه عرصي کان پوءِ خبر پئي ته آفيس ۾ رهندي هن جو اصل مقصد رڳو پگهار حاصل ڪرڻ نه آهي، بلڪ هو دفتر کان ٻاهر رهي به زندگيءَ جي قيمتي گهڙين کي علمي مشغلن ۽ مصروفيتن ۾ صرف ڪندو آهي.

مولوي صاحب حضرت شيخ عبدالقدوس گنگوهي رحمة الله عليہ جي جليل القدر خاندان سان تعلق رکي ٿو. تنهن ڪري سندس پويان هڪ تمام وڏو علمي پس منظر آهي. خدا ڄاڻي ته اهو انهيءَ جي ڪرامت آهي يا منهنجي عزيز وطن يعني سرزمين سنڌ جي تاريخ، علمي ، ادبي ۽ روحاني ماضيءَ جي ڪشش هئي، جو مولوي صاحب اسان جي دفتر سان وابسته ٿيڻ کان بعد، انهيءَ سرزمين جي تاريخ ۽ ماضيءَ جي علمي، ادبي ۽ ديني عظمتن کي اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين ڪَڙي ”سنڌ ڪي تاريخي ڪهانيان“ آهي، جيڪا شايع ٿيندي ئي پنهنجي دلچسپي ۽ دلاويزيءَ سبب هر ڪو پسند ڪري چُڪو آهي. سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي پڻ هُن هڪ ڪتاب مرتب ڪيو آهي. کيس سنڌ جي نئين تاريخ سهيڙڻ جو خيال به آهي. تصوف جيئن ته سندس خانداني ورثو آهي ۽ ذاتي طور تي هُو پاڻ به انهيءَ پاسي لاڙو رکندو آهي، تنهن ڪري ان ذوق جي تسڪين لاءِ هُن ”تذڪره صوفياء سنڌ“ وڏي ڪاوش، تحقيق ۽ تلاش سان مرتب ڪيو آهي. سندس هيءُ ڪتاب سنڌ جي مختلف سلسلن جي صوفي بزرگن بابت آهي. جن جي ذات گرامي، گفتار ۽ ڪردار، فڪر ۽ عمل، حق پرستي ۽ صداقت جو هڪ اعليٰ ترين نمونو آهي.

سنڌ کي هند- پاڪ جي گوشي گوشي تي نه رڳو ان ڪري برتري حاصل آهي، ته هيءُ خطو قديم ترين تهذيب ۽ تمدن سبب خاص اهميت رکي ٿو، بلڪ فضيلت جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته جنهن صديءَ ۾ عرب جي ريگستان ۾ ڪلمئه توحيد جي صدا گونجي، ٺيڪ انهيءَ صديءَ ۾ ئي هِن سرزمين پڻ انهيءَ صدا تي لبيڪ چئي، پنهنجو پاڻ کي اسلام جي آغوش ۾ آڻي ڇڏيو. اسلام جيڪي ديني ۽ دنيوي نعمتون پنهنجي مڃڻ وارن کي بخشيون، انهن جي حصول ۾ به هي ملڪ ۽ هن ملڪ جي قوم، هند- پاڪ ۾ سڀ کان اڳ ۾ پيش پيش رهيا.

جنهن زماني ۾ تصوف جو بنياد عرب ۾ پيو، انهيءَ دور ۾ هتي به ان جي نشونما ٿي. ڪيترن ئي صوفين ۽ جليل القدر بزرگن انهن ابتدائي صدين ۾ هتي جنم ورتو، جن جي ڪشش ٻين ملڪن جي صوفي بزرگن کي به جلد ئي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو.

عرب، عراق ۽ عجم کان جيڪي صوفي بزرگ هندستان ۽ پاڪستان ڏانهن آيا، انهن ۾ گهڻا ئي هتان کان ٿيندا بعد ۾ ٻين ماڳن ڏانهن راهي ٿيا ۽ ڪيترا اهل الله اهڙا به هئا جيڪي هتي ايندي ئي هتان جا ٿي ويا. شيخ ترابي، شيخ نوح بکري ۽ شيخ عثمان مرندي هن خاڪ ۾ پيوست ٿيا. خواجه معين الدين اجميري رحمة الله عليہ جڏهن هندستان ۾ آيو، تڏهن اوڏانهن وڃڻ کان اڳ پنهنجي مرشد حضرت عثمان هارونيءَ سان سنڌ ۾ پهتو، ۽ سيوهڻ ۾ رهندي اتان جي عارف ڪامل شيخ صدرالدين محمد احمد سيوستاني کان سلوڪ جون منزلون طئه ڪيون. اُنهيءَ واقعي جي يادگار طور حضرت هاروني رحمة الله عليہ جي چلو ڪڍڻ وارو حُجرو اڃا تائين سيوستان جي ٽڪريءَ تي موجود آهي. حضرت خواجه فريد گنج شڪر پنهنجي پير و مرشد حضرت بختيار ڪاڪي جي هدايت تي جڏهن ظاهري ۽ باطني علم جي لاءِ سفر تي راهي ٿيو ته، سيوستان ۾ به تشريف فرما ٿيو.

هتي اُن دور جي شيخ ڪبير حضرت اوحدالدين ۽ هتان جي ٻين ڪيترن ئي اوليائن ۽ بزرگن سان ملاقاتون ڪيائين ۽ انهن کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيائين. شيخ زڪريا سنڌي ۽ شيخ عصاره سيوستاني سندس ئي ٻه خليفا آهن. چشتيه سلسلي جو لعل شيخ نصير دهلوي به هتي پهتو هو. هُو ان وقت هتي موجود هو، جڏهن سلطان محمد تغلق جي، ٺٽي جي ويجهو وفات ٿي، تڏهن هتي ئي هندستاني سلطنت جو تاج هن ئي فيروز جي سر تي رکيو ۽ هتان کان پاڻ حضرت قطب الدين سان ملڻ لاءِ هانسي شريف ويو. حضرت جلال الدين سرخ بخاري جڏهن پنهنجي وطن کان نڪتو ته سڀ کان اول بکر پهتو، ۽ اتان جي صوفي حضرت سيّد بدر الدين جي نياڻيءَ سان نڪاح ڪيائين. انهيءَ بيبيءَ جي بطن مان سيّد احمد ڪبير پيدا ٿيو، جنهن جو صاحبزادو حضرت مخدوم جهانيان جهان گشت آهي. حضرت جهانيان جهان گشت رحمة الله عليہ جو هِن سرزمين سان تمام گهڻو تعلق رهيو آهي. سندس ئي ڪوششن سان سلطان فيروز ۽ سنڌ جي سلطانن وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ سندس ٻه صاحبزادا سيّد صدرالدين ۽ سيّد ناصرالدين به بکر ۾ دفن ٿيا. پنهنجي دور جو ڪامل ولي حضرت شيخ بابو تاج الدين بکري پڻ سندس خليفو آهي. شيخ  بهاؤ الدين زڪريا ملتاني رحمة الله عليہ، حضرت سهرورديءَ جي فرمائش تي جڏهن عراق مان نڪتو ته سڀ کان اول حضرت شيخ نوح بکريءَ سان ملاقات جي لاءِ بکر پهتو، ليڪن شيخ اڳ ۾ ئي فوت ٿي چڪو هو. ان ڪري ملتان ويو، پر سنڌ ۾ به ايندو ويندو رهيو.

جيڪڏهن اهڙيءَ طرح جا واقعات سنڌ جي تاريخ مان گڏ ڪيا وڃن ته هند – پاڪ جو شايد ئي ڪو اهڙو صوفي يا بزرگ هجي، جيڪو سنڌ نه آيو هجي ۽ سندس ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌ جي سرزمين سان ڪو تعلق نه جُڙيو هجي.

سنڌ جو هونئن ته هر شهر ۽ ڳوٺ، بلڪ ائين چئجي ته چپو چپو ۽ گوشو گوشو تصوف ۽ عرفان ۽ رشد و هدايت جو مرڪز رهيو آهي. ليڪن خاص طور تي قديم شهرن ۾ الور، ديبل، سيوستان، منصوره، ٺٽو، بکر وغيره ۽ جديد شهرن ۾ روهڙي، ريل، لڪي، مٽياري، هالا، لواري، ٽلٽي ۽ بوبڪ وغيره کي ان سلسلي ۾ هميشه مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي. اهي ئي شهر هئا، جيڪي عرفان و تصوف، اصلاح واخلاق ۽ تزڪيه نفس جا سرچشما بنيا رهيا ۽ سنڌ ۾ سماجي انقلاب آڻڻ جو باعث بنيا. هتان جون ئي خانقاهون هيون جن جي اصلاحي نظام ۽ تربيت نه رڳو اخلاقي قدرن کي بلند ڪيو، بلڪ ايمان ۽ عمل جي قوتن کي اجاگر ڪري خدا شناسيءَ جي فضا قائم ڪئي ۽ گناهه وارن سڀني چشمن کي خشڪ ڪري ڇڏيو. اڄ جيڪڏهن ڪو گذريل دور جي انهن شهرن ۾ پهچندو آهي ته جيڪو قلبي سُڪون، ذهني راحت ۽ روحاني اطمينان اتي ميسر ٿئي ٿو، اهو ٻئي هنڌ ملڻ مشڪل آهي ۽ اها سموري برڪت انهيءَ گذريل زماني جي ڪري آهي.

سنڌ ۾ صوفي بزرگن ۽ اوليائن جا تذڪرا ڪيترا ۽ ڪٿي ڪٿي آهن ۽ ڪڏهن لکيا ويا آهن، انهن جو گهڻي ڀاڱي ڪوبه علم ڪونهي. سنڌ جا علمي ذخيرا هر زماني ۽ هر دور ۾ تباهه ۽ برباد ٿيندا رهيا. ان ڪري نه پورا تذڪرا محفوظ رهيا ۽ نه وري انهن جي نشاندهي ڪنهن تاريخ مان ٿي سگهي ٿي. ان سلسلي جا اڄ تائين جيڪي ڪتاب ملن ٿا يا جن جا نالا ملي سگهيا آهن، اُهي هي آهن:

1

تذڪره اولياء سنڌ

علامہ قاضي محمود ٺٽوي

2

حديقة الاولياء

عبدالقادر ٺٽوي

3

تحفة الطاهرين

شيخ اعظم ٺٽوي

4

تحفة الڪرام(جلد ٽيون)

مير علي شير قانع ٺٽوي

5

معيار سالڪان طريقت

مير علي شير قانع ٺٽوي

6

طومارِ سلاسل

مير علي شير قانع ٺٽوي

7

تذڪرة المراد

شيخ حسين صفائي ٺٽوي

8

معارف الانوار

محمد صالح بن ملا زڪريا ٺٽوي (1140هه)

9

حيات محمد هاشم

ميان غلام محمد ٺٽوي

10

فردوس العارفين

بلوچ خان ٽالپر (1201هه)

11

مرغوب الاحباب

نظر علي ٽالپر (1273هه)

12

صقال الضمائر

خواجه محمد سعيد (1303هه)

13

لطيفة التحقيق

سيّد رفيق علي پشنگي (1120هه)

14

الجواهر البدائع

بلال (1221هه)

15

عمدة المقامات

خواجہ فضل الله

16

زبدة المقامات

خواجگان نقشبنديہ

17

انيس المريدين

خواجه حسن جان نقشبندي

18

انساب الانجاب

خواجه حسن جان نقشبندي

19

مونس المخلصين

خواجه شاهه آغا

20

حالات بزرگانِ سيوستان

 

21

حالات بزرگانِ صديقي سيوستان

 

22

تذڪره مشائخ سيوستان

عبدالغفور سيوستاني

23

رساله سير قلندري

خضر علي سيوستاني

24

گلشن اولياء

(12 صدي)

25

اولياء سيوستان

 

26

دليل الذاڪرين

حاجي پنهور

27

ڪئوس فخريه

 

28

قلندر نامہ

 

29

انوارِ قلندري

حالات مشائخ بڪيرائي (1283هه)

30

اذڪار قلندري

 

31

تذڪره مخاديم کهڙا

 

32

مناقب غوثيه

مشتاق متعلوي

33

مناقب السادات

مشتاق متعلوي

34

ڪواڪب السعادات

مشتاق متعلوي

35

لطائف لطيفي

مير عبدالحسين سانگي

36

بيان العارفين

محمد رضا داروغه گهر

37

گلزارِ ابرار

غوثي مانڊوي

38

ارشاد الطالبين

غلام رسول قريشي هالائي

39

سوانح حيات شاهه عثمان فراشي

 

40

سوانح سيّد حيدر سنائي

 

41

ملفوظات حضرت پير محمد راشد

 

42

ملفوظات حضرت پير محمد صبغت الله راشدي

 

 مولانا قدوسيءَ هيءُ ڪتاب ماخذن جي ڪمي ۽ مواد جي اڻاٺ جي باوجود وڏي محنت، تلاش ۽ ممڪن حد تائين تحقيق سان مرتب ڪيو آهي. جيڪو قلمي مواد حاصل ٿيڻ ممڪن هو، ان کي حاصل ڪيائين، پڙهيائين ۽ ان کي سليقي سان هِن تذڪري جي تڪميل ڪيائين. جنهن لاءِ هُو مبارڪ باد جو حقدار آهي. خاص طور تي ان ڪري به جو اسان پڙهندڙن جي شڪر گذاريءَ جو مستحق آهي، جو اردو ٻوليءَ ۾ سنڌ جي صوفي بزرگن بابت ڪتاب لکڻ ۾ هن اڳ ورتو آهي.

مون کي يقين آهي ته اردو دان طبقو، جيڪو سنڌ کي سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جو خواهشمند آهي، ان جي لاءِ هيءُ ڪتاب بيحد مفيد ۽ مددگار ٿيندو.

اُميد ڪريان ٿو ته مولانا جي ٻين ڪتابن وانگر هيءُ ڪتاب به شايع ٿيندي ئي مقبولِ عام ٿيندو. آمين.

ڪراچي 25، فيبروري 1958ع                    حسام الدين راشدي

 

ٻه اکر

 

[حڪيم محمد احسن جي ڪتاب ”پرين جي پار“ مطبوعه سال 1961ع لاءِ لکيل ٻه اکر]

حضرت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سنڌي زبان ۽ ادب جو عظيم محسن هو. سندس قلم سنڌيءَ جي جهوليءَ کي ايترن ماڻڪن ۽ موتين سان، اهڙن جوهرن ۽ جواهرن سان ڀرپور ڪري ڇڏيو، جو سندس بخشيل اَملهه ماڻڪ اڄ به پنهنجي آب تاب، چمڪ ۽ چانڊوڪيءَ سان سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي محفل ۾ جهرمر لايون ۽ رنگ رچايون بيٺا آهن. منهنجو محب دوست، حڪيم محمد احسن سنڌي ثقافت جي انهيءَ ئي مُرَبيءَ ۽ محسن جو فرزند رشيد آهي. فرزند رشيد هِنَ ڪري نه ته هُنَ پنهنجي والد جي طبي سجادي کي سينگاريو آهي، بلڪ رشيد ترين فرزند ارجمند هن ڪري ته هو سنڌي ادب جي خدمت گذاريءَ ۾ پڻ پنهنجي والد مرحوم ۽ مغفور جو صحيح جاءِ نشين ثابت ٿي رهيو آهي.

ايندڙ صفحن ۾ جيڪو ڪتاب پيش ڪيو وڃي ٿو سو بقول شاعر درحقيقت؛-

افسانه آن شبي کہ با يار گذشت

آهي، يعني مستعار زندگيءَ جي انهن چند راتين ۽ ڏينهن جي سرگذشت آهي، جيڪي حڪيم محمد احسن حج جي دوران ۾ مٺي مير مدنيءَ جي ملڪ ۾ گذاريا. جنهن پياري پيغمبر جي سيرت پاڪ تي حڪيم محمد احسن جي والد ”حيات النبي“ جهڙو دل وڻندڙ ڪتاب لکيو، جنهن جي سِٽ سٽ، جملي جملي، بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته اکر اکر مان محبت سَندو وَاس پيو اچي ۽ عشق وارو چَسُ ۽ رَسُ پيو حاصل ٿئي.

Text Box: 361
362
363
361
359
357
355
353
351
349
343
341
339
337
335
333
331
329
 
326
324
321
319
317
315
313
311
309
307
305
303
301
299
297
295
293
291
289
287
285
283
281
 
278
276
274
272
270
268
266
264
262
260
258
256
254
252
250
248
246
244
242
240
238
236
234
232
230
228
226
222
220
218
216
214
420
419
414
412
410
406
402
405
27
25
23
21
19
17
14
12
10
8
6
4
2 
12

پرين جي پار، جي هيءَ ڪهاڻي هونءَ ئي پنهنجي ليکي لَکُ لهي، ليڪن لکندڙ جي لکڻيءَ، جملن جي جوڙجڪ، زبان جي سادگيءَ ۽ سهڻائيءَ، لفظن جي چونڊ ۽ بيهڪ ويتر منجهس جوڙ ۽ جنسار رکي ڇڏيو آهي. سفر جي تصوير لکندڙ اهڙيءَ ريت چِٽي آهي جو پڙهندڙ ائين پيو سمجهي، ڄڻ هو پاڻ به انهيءَ سونهاري سفر ۾ ساڻس هم سفر هو. سچل چوي ٿو:

هوءَ جا ڪيچ وڻن مؤن، ٿي هِير اچي هاڻي،
تنهن، آرياڻي آڻي، ڄڻ مون سان اڄ ملائيو.

اهو ئي حال هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ٿئي ٿو، گويا پڙهندڙ پاڻ پرين جو پار گهمي اچي ٿو. لکڻ جي قدرت ۽ لکڻ جو ڪمال اهو ئي آهي، جو لکندڙ پڙهندڙن کي به پاڻ سان گڏ کنيو هلي. اها وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي، جيڪا حڪيم محمد احسن هن ڪتاب ۾ حاصل ڪئي آهي.

ڪراچي                                                 حسام الدين راشدي

30 مارچ 1961ع

 

پيش لفظ

 

[شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر تي پير حسام الدين راشدي تمام گهٽ لکيو، ليڪن جو ڪجهه لکيائين ان کي علمي حلقن ۾ وڏي وقعت حاصل ٿي. پير صاحب جي هيءُ لکت مولانا دين محمد وفائي مرحوم جي ڪتاب ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ مطبع 1962ع ۾ پيش لفظ طور آيل آهي. ورندي سال 1963ع ۾ بمبئي جي رسالي ”ڪونج“ سنڌ نمبر ڪڍيو ۽ ساڳي تحرير ”شاه جي حڪمت“ عنوان سان ان ۾ به شايع ٿي. هن لکت مان ڪجهه ٽڪرا اي. جي. اتم پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه، سچل، سامي“ 1982ع ۾ پڻ شامل ڪيا آهن. ياد رهي ته اتم هي ڪتاب، راشدي صاحب جي نالي منسوب ڪيو آهي]

سوارهه دي بگذشتي و ما هنوز از شوق
نهادهه روءِ بخاک سم سمند تو ايم
نهال عمر، ز
باد اجل، فتادهه از پائي
هنوز ما بهواي، قد بلند تو ايم
!

1949ع جا پويان پساهه هئا ۽ 1950ع جي اچڻ ۾ ڀانيان ڪا پهر پاڇي جي دير هئي. مولانا دين محمد وفائي مرحوم، سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيف تي هڪ ڪتاب پورو ڪري، ٻيو هٿ ۾ کڻي چڪو هو. ڳالهيون ته پيون هلنديون هيون پر اهو تريءَ تيل لائڻ نه ڏيندو هو ته ڪهڙو ڪتاب لکي چڪو آهي ۽ ڪهڙو رٿا هيٺ اٿس. جڏهن ملي تڏهن ڇڙو ايترو چوي، سو به هميشہ جي عادت مطابق مخصوص انداز ۾ وڏو ٽهڪ ڏئي:

”ترس! پاڻهي هڪ ڏينهن ڏسندين.“

اهو ئي زمانو هو جو مولانا، نئين ڇاپي لاءِ ”الهام الباري“ جي تصحيح شروع ڪري ڏني هئي ۽ سنڌ جي قديم مشاهيرن تي پڻ هڪ جامع تذڪرو تيار ڪري رهيو هو. گويا اهي هئا چار علمي ڪم، جن مان ٻه معلوم ۽ ٻه نامعلوم.

لطف اللطيف، جنهن جو نالو پوءِ معلوم ٿيو، پريس ۾ هو. پهرين جز جو پروف مولانا پاڻ پڙهي چڪو هو(1). سنڌي مشاهيرن جي تذڪري جي تڪميل عنقريب ٿيڻ تي هئي. ”الهام الباري“ وفات کان اڳئين ڏينهن جي شام تي نظر ثاني ڪندي سندس هٿ ۾ ڏٺم. باقي رهيو شاهه لطيف تي سندس ٻيو ڪتاب، انهيءَ جو هڪ نامڪمل فقرو سندس ڪَتُ مان نڪتل ئي هو جو قضا جي قلم جو وهڻ وهي ويو. يعني اجل جا چوبدار پرين سندي پار جو پروانو کڻي اچي مٿانئس بيٺا. مولانا سڀ ئي ڪم ڇڏي، بوڇڻ ڪلهي تي رکي، الله تو آهر چئي رب ڏانهن راهي ٿيو:

لڏي ويا ڇڏي، ڪاهي ڌڻ ڌراڙ
نڪا ڪوڪ ڪنڌين ۾، نڪا تڙ تنوار
ويچارا پنهوار، کِلندي رات کڻي ويا.

اتي ڀلا ڪنهن جي مجال هئي! ڪنهن دوست يار جي هلندي پڄندي هجي ها، ڪنهن جو هٿ پير هلي سگهي ها، چَئُه آک جو ڪو چارو چلي ها ته، هوند سندس دامن جا چار ئي پَلَو جهلي بيهون ها ليڪن:

دل شد مجاور، آنجا که جامي
هذا فراقُ بيني و بينک

شاهه عبداللطيفرح متعلق اهو پويون ڪتاب ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ جيڪو اڄ پورن يارهن سالن بعد مرحوم جو جوان سال جوان همت فرزند علي نواز وفائي، ايندڙ صفحن ۾ پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيو آهي. مون کي يقين آهي ته هر سنڌي ۽ لعل لطيف سان دلچسپي رکندڙ هر محب وطن، سنڌ جي انهيءَ پخته ڪار اهل قلم ۽ دانشمند مؤرخ جي هن آخري سوکڙيءَ، ۽ پوئينءَ پيشڪش کي ساهه سان سانڍيندو:

لڏي ويا جي لوءِ، مون کي اُن جي پٽين وڃڻ پيو،
ڪو ڪو ڳُڻ قريب جو، من انگين اڙيو هوءِ،
هل ته پسون هوءِ، جي آهن ڍنگ
ر ڍُهيل پرين جا.

جيئن هڪ مؤرخ جي تصنيف پنهنجي دور جي تصوير ٿئي ٿي، تيئن هڪ سچي ۽ صحيح شاعر جو ڪلام پڻ پنهنجي عهد جو آئينو ٿئي ٿو. فرق فقط هيترو آهي ته مؤرخ سوچي سمجهي، ٺهي ٺڪي، رٿي پهي ۽ گهڻو ڪري مصنوعي ۽ خارجي محرڪات جي تحت پنهنجي تاريخ کي تيار ڪري ٿو، ۽ شاعر سواءِ ڪنهن نسبت ۽ سبب خاص جي، سواءِ ڪنهن زور بار يا خارجي اثر ۽ اقتدار جي، پنهنجي ماحول جي سچيءَ پچيءَ هليءَ چليءَ کان، اٿي ويٺيءَ کان، ٿيندڙ حق يا ناحق کان، هلندڙ طور طريقي، دستور خواهه ريت رسم کان، محض پنهنجي دل جي گهُر تي ۽ محض پنهنجي ذاتي مشاهدي تي فطري طرح متاثر ٿي، ڪلام ۾ اُهي اُهي واقعات شعوري يا غير شعوري طرح آڻي ڇڏي ٿو، جو سندس سڄي عهد جي گويا سچي پچي تصوير چٽي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو مؤرخ جي لکڻيءَ تي ڏهه دفعا سوچ ڪرڻ لازمي ٿيو پوي ۽ شاعر جي ڪلام مان جيڪي تاريخي ۽ تمدني نڪتا هٿ اچن ٿا اهي گهڻو ڪري قابل قبول ٿيندا آهن. تنهن ڪري ئي جڏهن ڪنهن به خاص دور جي صحيح صورت حال لاءِ مواد ڏسڻو پوي ٿو، ان وقت نثري مجموعن سان گڏ نظم جو ذخيرو پڻ نظر مان ڪڍڻ لازمي، بلڪه از حد ضروري ٿيو پوي ٿو.

Text Box: 365
366
367
365
363
361
359
357
355
353
351
349
343
341
339
337
335
333
331
329
 
326
324
321
319
317
315
313
311
309
307
305
303
301
299
297
295
293
291
289
287
285
283
281
 
278
276
274
272
270
268
266
264
262
260
258
256
254
252
250
248
246
244
242
240
238
236
234
232
230
228
226
222
220
218
216
214
420
419
414
412
410
406
402
405
27
25
23
21
19
17
14
12
10
8
6
4
2 
12

سونهاريءَ سنڌ جي سدا بهار شاعر، شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ٻارهينءَ صدي هجريءَ واريءَ سنڌ متعلق، تاريخي، تمدني ۽ جغرافيائي مواد ايترو گهڻو ملي ٿو، جو جيڪڏهن ان کي منجهانئس ويهي سوئجي ته هوند سنڌ جي انهن سَوَ ورهن جي تصوير گهڻيءَ حد تائين پنهنجي سچيءَ پچيءَ صورت ۾ اسان جي اڳيان اچي وڃي. ليڪن افسوس آهي جو انهيءَ قسم جي مواد کي شاهه جي رسالي سان گڏ ڪرڻ يا خصوصاً انهيءَ نقطه نگاهه سان رسالي کي ڏسي، ان مان مسالي ڪڍڻ جي ڪوشش اڃا تائين ڪنهن به سنڌيءَ ڪانه ڪئي آهي(1)، بلڪ شاهه جي زماني جو پس منظر پهريون دفعو جنهن ماڻهوءَ ڏنو، اهو مغربي عالم سورلي هو. جنهن به پنهنجي مواد ۽ خود شاهه جي ڪلام کي نه، بلڪ خارجي ذريعن کي اختيار ۽ استعمال ڪيو.

شاهه جي هم وطنن مان مرحوم مولانا دين محمد وفائي پهريون بزرگ آهي، جنهن خالص تاريخي ۽ تمدني نقطه نگاهه سان رسالي جو مطالعو ڪري، هڪ مستقل ڪتاب جو بنياد وڌو، جنهن جو نالو، مرحوم پاڻ ئي ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ رکي ويو. اهو خيال به، خدا بخشي، مرحوم کي غالباً انهيءَ ڪري آيو جو سندس ذهن ۽ فڪر، ٻئي تاريخي سانچي ۾ ٺهي تيار ٿيا هئا.

ڪتاب ۾ جيئن پڙهندڙ پاڻ ڏسندا، مولانا سڀ کان پهريان مختصر طرح ”شاهه جي سنڌ“ جو سياسي پس منظر آڻي ان ۾ شاهه جو جيڪي حصو آهي، ان کي ان جي ئي ڪلام مان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻه مُکُ ڳالهيون هي آهن:

1- ٻارهين صديءَ ۾ سياسي طرح سنڌ وڏي ڪوپ ۽ ڏاڍيءَ ڪشمڪش ۾ مبتلا هئي، مغلن جي غلاميءَ جو ڳچيءَ مان ڳٽ نڪتو ئي مس، هتان جي مقامي خاندان سنڌ جي سربراهي ڪندي آزادي ورتي ئي هئي جو مٿان اچي نادر نمودار ٿيو، ان کان اجل آجو ڪيو ته قنڌارين اچي مٿان ڪڙڪو ڪيو. هڪ دفعو نه بلڪه بار بار، گهران رسن ته سڌو سنڌ ۾، انهيءَ ڪري ته وڏن چيو:

جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو!

بهرحال، غيرن جي غلاميءَ ۽ ڌارين جي پي درپي ڏکوئيندڙ ڏاڍاين، شاهه جي ذهن کي اذيت پهچائي ۽ هن، انهيءَ هاڃي کان متاثر ٿي پنهنجي ڪلام ۾ مختلف پيراين ۽ پهلوئن سان ”ڏيرن جي ڏاڍ“ خلاف جهاد جوٽيو ۽ مسلسل غلاميءَ ۾ رهڻ سبب، وطن سان محبت ۽ پنهنجي گرد و پيش سان وفادار رهڻ جو احساس، جيڪو صدين کان ستل هو، ان کي جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڪوشش ڪيائين، جيئن سنڌين کي پنهنجي سماجي روايتن، ريتن ۽ رسمن سان پريت پيدا ٿئي ۽ غلامي سبب سنڌي سماج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ تي جيڪي ڌاريا ۽ مصنوعي اثر پيا هئا، انهن جا داغ ڌوئي اسان جي پوتيءَ ۽ پيراهن کي پاڪ ۽ صاف ڪري.

2- سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ مذهبي ڪشمڪش ۽ تعصب ڏاڍو گهڻو پيدا ٿي پيو هو، حضرت مخدوم محمد هاشم عليه الرحمه جي سخت گير پاليسيءَ، سنڌ اندر عالم سڳورن جو هڪ اهڙو طبقو تيار ڪري ڇڏيو هو، جنهن تبليغ اسلام لاءِ گهڻي حد تائين تشدد آميز بلڪ غير اسلامي انداز اختيار ڪيا هئا. جيڪڏهن ڪنهن غير مسلم جي واتان الله، محمد ۽ رسول جو لفظ نڪرندو هو ته ورُ ڏئي ان کي حلقئه اسلام ۾ داخل فرمائي، يعني مروجه مخصوص محاوري مطابق ”مشرف به اسلام“ ڪري، پنهنجا ”تبليغي“ فرائض بجا آڻيندا هئا. انهيءَ جو لازمي نتيجو اهو نڪتو جو سندن طور ۽ طريقي ۽ انهيءَ لفظي ڦند ۽ ڦير غير مسلمانن کي ڏاڍو هول ۽ حراس ۾ وجهي ڇڏيو. اهي پاڪ نالا وٺڻ ته درڪنار ۽ بجاءِ خود رهيا، هنن پنهنجي چوٽيءَ ۽ ڌوتيءَ جو خير ۽ تحفظ ان ۾ سمجهيو ته مرڳو اهي اکر اچارڻ ئي ڇڏي ڏين جن مان خطري جو امڪان هجي. چنانچه ٻين لفظن سان گڏ رسو چوڻ هنن انهيءَ ڪري ڇڏي ڏنو هو، جيئن دين جا مبلغ ان ۾ ”ل“ پنهنجي طرفان وجهي ”رسول“ بنائي ڪو ممڻ نه مچائي وجهن. لسان الغيب حضرت حافظ جي چواڻيءَ ظاهري اکين کي اها خبر ڪانه هئي ته:

همہ کس طالب يا رَند، چہ هشيار وچہ مست
همہ جا خانہ عشق است، چہ مسجد چہ گشت
نا اميدم مکن از سابقه لطف ازل
تو
چه داني کہ پس پردهه، کہ خوبست وکہ زَشت

اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري هو جو اڍائي سون سالن(1)، جي مسلسل تسلط سبب ذهني طرح سنڌ ۾ تنزل ۽ پستي اچي چڪي هئي. آزاد ماحول ۾ دلين اندر جيڪا وسعت، قلب ۾ جيڪا ويڪرائي ۽ ڪشادگي ٿيندي آهي، فڪر ۽ نظر، علم خواهه عمل ۾ جا بلندي ۽ جز رسي، گهرائي ۽ گنڀيرتائي، حقيقت پسندي يا دور رسي ٿيندي آهي، سا سڀ ختم ٿي وئي هئي. تنهن ڪري رواداريءَ، برادريءَ، پاڙيسرائيءَ يا هموطنيءَ جا جيڪي انساني ننگ خواهه اسلامي انگ، هڪ آزاد قوم ۾ ٿيڻ کپن، اهي سڀ هتان نڪري چڪا هئا، ۽ اهو سڄو خلم هو انهيءَ احساس ڪمتريءَ جو ٻاريل، جيڪا غلاميءَ جي ذلت ۽ پستيءَ جي پيداوار ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري غلام قوم جا افراد پنهنجي انهيءَ احساس کي مٽائڻ خاطر، هڪ غير فطري برتريءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي مصنوعي ريتون ۽ رستا پيدا ڪندا آهن. جن مان هڪ طريقو اهو پڻ آهي ته مذهبي فروعات تي خواه مخواهه زور ڏجي، مناظري بازي ڪري هڪ ٻئي مٿان سبقت ۽ برتري حاصل ڪجي، دين ۾ غير ضروري نمائش ڪري مذهب کان زيادهه پنهنجي ذاتي پاڪائي ۽ بزرگي جتائجي ۽ قطعي غير اسلامي طريقن جي وسيلي انسانن کي هڪ مذهب جي دائري مان زوريءَ گِهلي ٻئي مذهب ۾ داخل ڪري ان تي بگل باجا وڄائي، پنهنجي پدار کي آسودگي پهچائجي.

ملڪ اندر انهيءَ ڏڦيڙ وجهندڙ ۽ دلين جهڙي مٺي ۽ پياري دنيا ۾ ايتري ويڇي وجهندڙ پاليسيءَ، شاهه جهڙي صاف باطن صوفيءَ ۽ درد ڀري دل رکندڙ انسان کي سخت متاثر ڪيو. شاهه گهريو ٿي ته:

کفر کافر را و دين ديندار را
ذرهه دردِ دل عطار را

سو هن پنهنجي ڪلام اندر مکڻ، ماکيءَ ۽ مصريءَ جي انهيءَ حد تائين پالوٽ ڪري ڇڏي جو ترشيءَ، تلخيءَ، تنديءَ، ۽ تيزيءَ جو جيڪو ڊوز غير مسلمان پنهنجي هم وطن ڀائرن هٿان چکي چڪا هئا، اهو يڪلخت ميٺ ۽ ميٺاج ۾ بدلجي ويو. ان جي شيرينيءَ سڀني کي ايتري قدر کنڊون ۽ کير پياري ڇڏيا، جو مولانا جي قول مطابق:

”هندن کي، جو ڪن اکرن اچارڻ ڪري مسلمان ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو، سي به شاهه صاحب جي ڪلام کي پنهنجو سمجهي سنڌ ۽ سنڌ وارن کي پنهنجو سمجهڻ لڳا. ويدانت جي رنگ ۾ هندن واتان اسلام جون ڳالهيون چورايون ويون، جو هوند مذهبي ماڻهو سموري ڄمار مٿو کپائين ته به هڪ هندوءَ کان ان جو اقرار ڪرائي نه سگهن..... الله جي هيڪڙائي ۽ رسول جي رسالت جي قبوليت ۽ قرآن شريف جون آيتون شاهه صاحب، هندن جي واتان ان ريت چورائي ٿو، جيئن هڪ مسلمان چوي يا ان جو اقرار ڪري. هوڏانهن اهي اقرار جيڪڏهن شاهه جي زماني ۾ ڪڏهن مذهبي ماڻهوءَ جي اڳيان ڪو غير مسلمان ڪري ها ته جهٽ مٿس، مسلمان هجڻ جي فتويٰ ڏئي، کيس مجبور ڪيو وڃي ها ته اٿي اسان جي پَر ۾ گڏجي رهه...... صوفيانه رنگ سنڌ جي هندن کي ان حد تائين پنهنجي ويجهو آندو، جو هو شاهه صاحب جي ٻوليءَ ۾ اهو سڀڪجهه چوڻ لڳا جو هڪ پڪو موحد مسلمان کليءَ دل سان چئي سگهي.(1)

انهيءَ مذهبي منافرت ۽ سختيءَ واريءَ پاليسيءَ مان شاهه کي سنڌي وحدت جي ٽٽڻ ۽ ملڪي آزاديءَ جي سلب ٿيڻ جو پڻ وڏي ۾ وڏو امڪان، بلڪ جائز خطرو نظر آيو ٿي. کيس اهو ئي خيال هو ته انهيءَ ڦوٽ ۽ مذهب جي مصنوعي ڏڦيڙ مان افغاني حمله آورن، جن مغلن جي پڄاڻيءَ بعد ۽ نادر جي خونخواريءَ کان پوءِ هڪ نئينءَ بلا جي مهندارن اچي منهن ڪڍيو هو، تن جا پير پختا ٿيندا.

انهيءَ مذهبي ڇيڙ ڇاڙ جا وڏا مرڪز، انهيءَ زماني ۾، هونءَ ته گهڻا ئي هئا، ليڪن سڀني ۾ برک هو ٺٽو. جنهن تي صدين کان وٺي ڌارين جون هڪ ٻئي کان ڌار ڪندڙ پاليسيون اثرانداز هيون، ۽ ان کان پوءِ هئا مٽياري، هالا ۽ ملاڪاتيار جا شهر. اهي سڀ ئي مرڪز شاهه جي آس پاس هئا، اتي ٿيندڙ ڪارروايون رات ڏينهن ويٺو ڏسندو ۽ پسندو هو. ازان سواءِ ٺٽي ۾ جتي مخدوم محمد هاشم عليہ الرحمہ جو اسڪول (مدرسا) قائم هو، جنهن مهراڻ جي اڻ کٽ موجن ۾ اڻ ڳاڻو لهرن هوندي به سنڌ کي عربي صحرا سمجهي، خدا ڄاڻي ڪهڙي خيال خاطر ”هاشمي ڪوزا“ ايجاد ڪيا هئا. اتي پڻ، شاهه جو گهڻو اچڻ وڃڻ هو. سندس ڪيترا دل گهريا دوست اتي موجود هئا، جن جون دليون نه فقط وسيع ۽ ويڪريون هيون، بلڪ آئيني وانگر اجريون ۽ کير جهڙيون صاف ۽ شفاف هيون، جن تي نڪو هو داغ ۽ نڪو هو ڌٻو. انهن جا قلب ايڏا ڪشادا هئا جيڏو ڪشادو آهي اسان جي مٺي محمد جو مذهب. انهيءَ شهر ۾ غيرن سان جيڪو سلوڪ هو سو ته هو ئي، پر خود اتي جي عالمن سڳورن جو، مذهبي فروعات تي پنهنجو پاڻ ۾ جيڪو جنگ و جدل ۽ مذهب جي آڙ ۾ ذاتي بغض ۽ عناد جو ٻارڻ ٻريل هو. جنهن اتان ٽڙي پکڙي سڄيءَ سنڌ جي فضا کي متعفن ڪري ڇڏيو هو، تنهن پڻ شاهه کي نه فقط وڌيڪ متاثر ڪيو بلڪ مجبور ڪيو ته انهيءَ سموري زهر لاءِ مٺ محبت، ساز سلوڪ جو ڪو موثر ترياق تيار ڪري.

هن ڪتاب جو مڪمل خاڪو، مولانا جي ذهن ۾ هو. ڇا لکي ها، ڇا منجهس آڻي ها، ڪهڙا ڪهڙا نڪتا بيان ڪري ها، مڪمل ڪرڻ تائين ڪهڙن عنوانن جو اضافو ڪري ها، ازان سواءِ نظرثاني ڪرڻ وقت ڪهڙيون گهٽ وڌايون ڪري ها؟ ان جي خبر هڪ ته رهي خود انهيءَ مرحوم کي، ٻي ڄاڻ رهي ڄاڻڻهار کي. پر جيتري قدر ۽ جيڪي ڪجهه لکي ڇڏي ويو آهي، اهو نه فقط پنهنجو مٽ پاڻ ۽ سنڌي ادب لاءِ هڪ غيبي نعمت آهي، ليڪن ان کان وڌ هيءُ ته! انهيءَ ڪتاب لکڻ سان موجوده ۽ آئنده لکندڙن لاءِ مولانا هڪ نئون رستو کولي ويو آهي ۽ هڪ نرالي شاهراهه ڏيکاري ويو آهي.

هن نامڪمل ڪتاب اندر، سياسي پس منظر کان پوءِ سنڌ جي رهڻي ڪهڻي، اقتصادي حالت، معيشت، واپار وڙي ۽ مال متاع، کيتي واڙي، اميري غريبي، سماجي زندگي، رسم ۽ رواج، قبيلا ۽ وٿاڻ، پکي پرنڀ، سپ بلائون، جهنگلي خواهه گهريلو جانور، مطلب ته، شاه جي ڪلام مان هر اها شيءِ مولانا پهرين پنجن فصلن منجهه آندي آهي، جنهن جو تعلق سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن سان هو. ڇهون فصل رسالي جي تدوين ۽ ان جي مختلف نسخن وغيرهه متعلق آهي. ستون فصل جيڪو نامڪمل رهجي ويو، سو آهي انهيءَ ڌارئي ڪلام تي جيڪو رسالي اندر گڏجي ويو آهي. انهيءَ ئي فصل ۾ ڪجهه اڳتي هلي هڪ فقرو اڃا لکي مس پورو ڪيو هئائين جو اوچتو اچي موت مٿانئس بيٺو! پوءِ! نه ڇڙو ڪتاب ختم ٿي ويو پر! خود مصنف جي پنهنجي زندگيءَ جو صحيفو به پڄاڻيءَ تي اچي پهتو! يعني!

همين سو گئي، داستان کهتي کهتي.

ڪراچي

5 آگسٽ 1961ع                                                 حسام الدين راشدي

 

حقيقت حال

 

[محمد جمن هالي جي شعري مجموعي ”سوز عشق“ تي لکيل حقيقت حال. هي ڪتاب 1963ع ۾ ڇپيو]

بت جو ڀريل، قد جو نه منڌرو نه ڊگهو، وچ ٿرو ڏاڍو ٺاهوڪو. رنگ جو پڪو پر دل جو بيحد نرم، سُنهاري ندارد، شهپرن جي ڇڙي ريک، جيڪا چپن مٿان لئي لاتيون بيٺي آهي. عمر جوانيءَ مان پار پَئي، اچي انهيءَ منزل تي پهتي آهي جتي، وارن ۾ پَريا پري کان پيا نظر اچن.

ترڪي ٽوپي سڄي ملڪ منجهان تَرڪَ ٿي وئي، ليڪن سندس مٿي تي اڃا به موجود. احمد موسيٰ جي مٺي در واري دڪان تان خريد ٿيل يا خدا ڄاڻي بابا مير محمد بلوچ جي ڇاپ مان ورتل، پر ڊبل شير گولي واري قيمتي ۽ ڪاري ڦندڻ سان. رنگ جي رتائين اهڙي لال، ڄڻ عاشقن جي رتوڇاڻ مان ڪنهن ويهي ڏاڍيءَ دلجمعيءَ سان رڱيو اٿس. بت تي صاف استري ٿيل پوشاڪ. پاپلن يا ٽوئل جي سفيد ڪالردار قميص، جنهن مٿان هلڪي رنگ جو شارٽ ڪوٽ. شلوار جوڙيدار چُڻن سان بنهه ٺاهوڪي ۽ پيرن ۾ انگريزي گرگابي.

پري کان لمندو لڏندو ائين پيو ايندو، ڄڻ هاڻي پيالا پيون، پُر ٿيو ميخاني منجهان پيو اچي. منهن تي مشڪ ۽ مرڪ اهڙي مزيدار جو ڏسندي ئي، هيانءُ ٺري پوندو ۽ دل شاهدي پئي ڏيندي ته دولهه مڙس سان منهن ميل پئي ٿئي.

شادين مرادين تي سهرن ڳائيندي مايون چونديون آهن؛-

ڏند ادل جا، ماڻڪ موتي
او! اکڙن جوڙ بنايو!

سو سندس ڏند به جي ماڻڪ موتي نه تڏهن به، سپ جهڙا سفيد ۽ اهڙا هڪ ڪرا، جو ڪنهن محبوب جا هجن ها ته هوند، انهن جي واکاڻ مان شاعر ڍاپن ئي ڪونه ها. جڏهن ٽهڪ ڏئي کلندو ته گويا بادلن منجهان کوڻ تجلو ڏئي ورتو. اکيون چيرويون، جن مان نيڪيءَ ۽ شرافت جو آب ۽ حجاب، صاف پيو بکي.

اهو آهي سروپا ميان محمد جمن هالي جو! جيڪو رهي ته ڪراچيءَ جي ڪنهن جهوني پراڻي محلي ۾ ٿو، پر وسي رسي ٿو سڄيءَ سنڌ جي دل ۾. ڌنڌا ٻه ڪندو آهي هڪ پنهنجي قوت گذر لاءِ ۽ ٻيو اهل دل جي روحاني غذا لاءِ. يعني گچ ۽ گاري جون ماڙيون ۽ محلات اميرن کي اڏي ڏيندو آهي، ۽ شعر و سخن جي ڪاڪ محل جوڙيندو آهي، انهن آوارهه گرد انساني روحن لاءِ، جيڪي تائي تتيءَ جي تاب ۽ تپش کان درماندا ٿي، امن ۽ راحت خاطر وتندا آهن دلن جا وٿاڻ ۽ ڇانوهرا ڳوليندا.

ڪراچيءَ جي سنڌي شعر و سخن جي سڀا – اڄ جهڙي سخت سمي ۾ - جن چند پاڪ روحن جي سببان آباد ۽ شاد آهي، انهن منجهان هڪ محمد جمن هالو به آهي. جيڪو شريفاڻي گذر بسر جيتري رقم اوٽ رکي، باقي سڄي ڪمائي، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ خاطر وتندو آهي ”چانهه پاڻيءَ“ ۾ خرچ ڪندو.

تنهن ڏينهن پنهنجي خاص لکيڻيءَ لوڏ سان، مرڪندو ۽ مشڪندو اچي مون وٽ پهتو. پنهنجي ڪلام جو مجموعو ”سوزِ عشق“ هٿ ۾ ڏئي حڪم ڪيائين ته؛ ان لاءِ آءُ پنهنجي راءِ لکي ڏيان. حڪم نادري هو! جيتوڻيڪ مٿي کنهڻ جي واند ڪانه هئي ليڪن جواب جي مجال ڪٿي؟ سندس مرڪ اڳيان نه فقط پاڻ هٿيار ٿيڪي ويٺس بلڪ، منهنجي مصروفيتن به ائين کڻي آڻ مڃي جهڙيءَ ريت محبوبن جي مهن مقابل عاشقن جا ڇهه ڇڄي پوندا آهن.

ڪتاب وٺي رکيم. اڄ صبح جو بنڀراڪي ويل اُٿڻ سان ئي من تي مونجهه ۽ دل تي اداسي محسوس ٿي. سامهون مولانا جاميءَ جو ديوان رکيو هو، چاهيم ته روح ٻيءَ وجهان، کڻي جو کوليان ته مرڳوئي جيءُ جهوريءَ پئجي ويو. شعر هو:

رفتي و من، ملازمِ اين منزلم هنوز
ز آبِ مزه بکوي تو، پا در گلم هنوز

ٻيو شعر هو:

اي گشته، دل ز تيغ جفائي تو ام دونيم!
بامن دو دل مباش، که من يک دلم هنوز

دلين جا معاملا ۽ مسئلا اور ٿين ٿا. اِها دنيا ئي الڳ آهي، جتان جي هلي چلي الڳ ته جتان جا رسم ۽ رواج جدا. سو دل کي جيڪا ٽيڪ ملي سا ته گهوري اُلٽو مٿان ڄڻ ٽڪر ٽٽي پيو. جامي ڇڏي جمن کنيم، خيال هو ته ان جو ديباچو لکي دوست جو انگل به پورو ڪريان ۽ پنهنجو روح به ٻيءَ وجهان. ليڪن واءِ ناڪامي.

بهر کجا که رسيديم، آسمان پيدا ست

ان ۾ به ساڳي ڳالهه سامهون پئي:

اسين اُداسي آهيون جنهن جا
مُحبُ اُهو، ڪينءَ مٽيئون يار!

....     ....     ....     ....

ڪينَ وڃن سي دليون ٻي در
جانب جيڪي جهٽيون يار!

 

جلدي پنون اٿلايم. وري به ڳالهه اها ئي:

محبت مون کي سيکاري يار!
محبت کان تو، منهن آهي موڙيو
دلبر دل کي ڌُتاري يار!

محبت کان تو، منهن آهي موڙيو

....     ....     ....     ....

دل کي دلاسا، يار ڏنا تو
غير کان ناتا، منهنجا ڇنا تو!
هر هنڌ آهي يار ثنا تو
ڀر ۾ مون کي بيهاري يار!

محبت کان تو، منهن آهي موڙيو

....     ....     ....     ....

اوکيون اکيون، يار اَڙائي
سوليءَ تي، منصور چڙهائي!
باب بِرههَ جا، پَلَ ۾ پڙهائي
ماڻن مان مُکي ماري يار!

محبت کان تو، منهن آهي موڙيو

اڄ ڪو صبح ئي اهڙو هو، نه ڄاڻ سندس پنهنجي فطرت جو به لڙيءَ رات کان وٺي ڪو احوال دگرگون هو. وڌيڪ ورقن اٿلائڻ جي پچر کڻي ڇڏيم. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته اڳتي ست ساري ڪونه سگهيس. اها ”حقيقت حال“ ٻڌي اٿم ته منهنجو دوست، مون کي معذور سمجهي معافي ڏيندو.

آزردهه دل، آزردهه کند انجمني را!

    ڪراچي

21 مئي 1963ع                                    حسام الدين راشدي


* ترجمو:امام راشدي

(1) انهي ڪتاب جو ديباچو وفات کان ڇهه ڏينهن اڳ يعني 5 اپريل 1950ع جو لکي پورو ڪيو هئائين.

(1) ممڪن آهي، انهيءَ ڏس ۾ ڪن صاحبن ڪي مختصر مقالا لکيا هجن. ڪن هندو صاحبن پڻ ڪنهن زماني ۾ ننڍا رسالا لکيا هئا، پر انهن سڀني ۾ تحقيق جي بجاءِ تصور جو دخل زيادهه آهي.

(1) ارغونن کان وٺي مغلن تائين.

(1) ڏسو ڪتاب جو صفحو 70-72 (شاهه جي رسالي جو مطالعو). شاهه سائين جي انهيءَ دلڪش ادا ته سڀن جي دلين کي موهي رکيو ۽ اهو ئي سبب ٿيو جو مسلمانن کان وڌ، شاهه جي ڪلام جا پارکو هندن منجهه پيدا ٿيا ۽ پيدا ٿيندا رهن ٿا. سرڳواسي ليلارام، ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر گربخشاڻي، لالچند امر ڏنو مل، ڀيرو مل مهر چند، ڪلياڻ آڏواڻي، رام پنجواڻي، فتح چند واسواڻي، پروفيسر جهمٽ مل ۽ ٻين سمورن هندو مشاهيرن جون خدمتون انهيءَ ڏس ۾ ڪير آهي جو وساري سگهي ٿو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org