سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:9 

 (7) ديوان نظير اڪبر آبادي، مرزا فرحت الله بيگ دهلوي، شايع ڪندڙ انجمن ترقي اردو دهلي، 1942ع.

”انجمن ڏاڍو چڱو ڪيو جو نظير جو هيءُ ديوان شايع ڪيو. فرحت مرزا مقدمو ته لکيو، مگر مان کيس انهيءَ لاءِ داد  نه ڏنو، جڏهن هي مقدمو لکيائين، تڏهن سندس دماغ ۾ ديوانگي هئي.“

(ڪيفي 6- 6- 1948ع).

(8) ديوان تابان، مرتب مولوي عبدالحق، شايع ڪندڙ: انجمن ترقي اردو اورنگ آباد، 1935ع.

”تابان جي شاگرديءَ جو مسئلو قطعي طور نبري نه سگهيو ۽ اِهو ممڪن به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اُهو حسن پرستيءَ وارو زمانو هو ۽ تابان جي حيثيت حسن ۽ جمال جي لحاظ کان... اِهوئي هڪ شهر ۾ قاتل بچيو آهي... جي مصداق هو، جنهن کان جڏهن به هن ڪجهه پڇيو ته ان کيس پنهنجو شاگرد ڪري ڇڏيو“ (ڪيفي 6-6-1948ع).

(9) ڪليات مؤمن، محمد هاشم مهتمم ـــ مطبع هاشمي 1282هه، ميرٺ. حسب فرمائش يڪتائي سوداگران دهلوي، شيخ محمد حسين صاحب بتاريخ 25 رجب المرجب 1282هه، ڪتابت: شيخ عبدالحق ڪيرانوي. ”مؤمن ڪير سڏائي؟ ڪنهن کان به گهٽ نه هو. ان جي ڪلام جو به انتخاب شايع ٿيڻ گهرجي“ (ڪيفي 6-6-1948ع).

ڪو زمانو ڪيفي صاحب هتي رهيو. پوءِ اِهو طئه ڪيو ويو ته هُو دهليءَ وڃي انجمن ترقي اردو (هند) جو ڪم سنڀالي. اهڙن ئي ٻن دوستن جي جدائيءَ تي ڪنهن شاعر چيو آهي:

پتا ٹوٹا ڈار سے، چلی پون اڑائے،

اب کے بچھڑے ناہی ملیں گے، دور پڑے ہیں جائے۔

ڪيفي صاحب جڏهن هتان ويو ته اهڙو ويو، جو وري سندس ورڻ جي نوبت ئي نه آئي. هي ٻئي يار خوش گفتار اهڙا الڳ ٿي ويا، جو وري کين هڪ ٻئي کي ڏسڻ به نصيب نه ٿيو.

جو پاني اج پتنون لگدا فير نه آوندا پلکـ

بيڙي دا پور، ترنجن ديان ڪڙيان کدي نا بيڻهن رلکـ

* * *

رخصت کے واقعات کا بس اتنا ہوش ہے

دیکھا کيے ہم اُن کو جہاں تک نظر گئی۔

رخصت جي تاريخ به ياد ناهي ۽ نه وداع وارا واقعا ذهن ۾ محفوظ رهيا. ڪجهه ڏينهن جو ساٿ ئي جيڪڏهن ختم ٿي ٿو وڃي ته دل ۾ درد محسوس ٿئي ٿو. هي ته مني صديءَ کان به وڌيڪ جو ساٿ ۽ سنگم هو، دوستي هئي ۽ باقاعده ياراڻي هئي. ياراڻي به اهڙي، جهڙي مثالي. بهرحال اهو ته ڏٺو ويو ته جڏهن ٻنهي جي جدائي ٿي، تڏهن سندن دل تي ڇا گذري هئي!

جڏهن ”لياقت ـــ نهرو سمجهوتو“ ٿيو ۽ پاڪستاني اخبار نويسن جو وفد منهنجي مربي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ جي اڳواڻيءَ ۾ دهلي وڃڻو هو، تڏهن مان به ساڻس گڏ ويس. دهليءَ ۾ قيام دوران هڪ رات ”تيج“ اخبار جي مالڪ آنجهاني لالہ ديش بنڌو گپتا جي گهر هڪ مشاعرو ٿيو(6). اهو مشاعرو پنهنجي ماحول ۽ نوعيت جي لحاظ کان منفرد ۽ يادگار مشاعرو هو. انهيءَ مشاعري ۾ ”امن“ دهلوي جيڪو غزل پڙهيو هو، تنهن جو مطلع هو:

یگانگی کا جو پیغام لے کے آئے ہیں

خدا گواہ بڑا کام لے کے آئے ہیں

۽ لالہ ديش بنڌو گپتا جي صاحبزادي ڌرم پال گپتا ”وفا“ جي غزل ۾ هي شعر هئا:

دکھ درد لیا ہے، غمِ ایام لیا ہے

دل دے کے محبت میں یہ انعام لیا ہے

فرقت میں تصور سے عجب کام لیا ہے

جیسے ترے دامن کو ابھی تھام لیا ہے

ساقی! ترا سو مرتبہ جب نام لیا ہے

تب جاکے کہیں ہاتھ میں اک جام لیا ہے

ہنگامئہ ہستی کو کیا فتح اجل نے

اب آئی ہے نیند اور کچھ آرام لیا ہے

جب یاد کیا ہے تو تجھے یاد کیا ہے

جب نام لیا ہے تو ترا نام لیا ہے۔

ورهاڱي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا شاعر ۽ اديب، جي پاڻ ۾ صدين کان گڏ رهيا هئا، پهريون ڀيرو هڪ ٻئي سان گلي مليا هئا. سڀني جون دليون جذبات سان ٽمٽار هيون. سندن اکين ۾ مينگهه ملهار هئا، جي ماضيءَ جي صحبتن کي ساري وسي پيون هيون.

ٿڌڙيءَ چانڊوڪيءَ جي نُور ۾ فرش تي پوندڙ خُنڪي ۽ لڳندڙ هير جڏهن پنڊت هري چند ”اختر“ جي شعرن کي پنهنجين پَرن تي کڻي پرواز پي ڪيو ته يقين ڪريو ته مشاعري ۾ چئني طرفن کان آهون ۽ سُڏڪا پي ٻڌڻ ۾ آيا! هونئن ته هر ڪنهن سياسي مصلحت خاطر صبر جو ڍڪ ڀريو، نه ته سچ پچ ڪهرام مچائڻ ۾ اُنهن ڪائي ڪسر نه ڇڏي هئي. مصلحتي جتن ڪرڻ جي باوجود به ٻنهي ڌرين صبر ڪندي به، پنهنجون اکيون خوب پي مهٽيون! هن يار جا دلسوز شعر هئا:

یاس و حرمان کی، غم و آلام کی باتیں کریں

آ دلِ ایذا طلب، کچھ کام کی باتیں کریں

ہم نے مانا عہدِ الفت اک خیالِ خام تھا

آؤ لیکن، اس خیالِ خام کی باتیں کریں

دوست سے کہہ دیں دلِ بے مدعا کی داستان

آج ساقی سے شکستِ جام کی باتیں کریں

جسکی دنیا آپ سے تھی جسکی دنیا آپ تھے

آج اُس بدبخت کے انجام کی باتیں کریں۔

”شکست جام“ تي ۽ آخري شعر تي سڀئي ڪوشش ڪري دل کي جهلي ويهي رهيا، پر ڪن کان صبر جو دامن هٿان ڇڏائجي ويو ۽ هڪ ڪُهرام مچي ويو!

مشاعري جي اِها ڳالهه ته ائين وچ ۾ اچي وئي، اصل ڳالهه هئي پنڊت ڪيفي صاحب جي، جو ”مير مشاعره“ هو. مشاعري ختم ٿيڻ کان پوءِ اڳتي وڌي ساڻس مليس. ڏاڍو پيار ڪيائين. ڪوٺيءَ جو ڏسُ ڏنائين ۽ ٻئي ڏينهن صبح سان ملڻ جو تاڪيد ڪيائين. پر وائے ناڪامي! هتي ڪنهن کي مهلت هئي، جو مقرره پروگرام (Conducted Tour) ۾ ڪا تبديلي آڻي سگهي!

* * * *

ڪو زمانو گذري ويو. هڪ دفعي مولوي صاحب جي واتان ٻڌم ته ”جشن آزاديءَ“ جي سلسلي ۾ لال قلعي جي ”ديوان عام“ ۾ وڏي ڌوم ڌام سان هڪ مشاعرو ڪرايو ويو هو. ديوان عام يا ته شاهجهان بادشاهه جي دور ۾ سجايو ويندو هو يا وري اُنهيءَ رات جو مٿس چار چنڊ لڳايا ويا هئا. ”مير محفل“ جي وِهڻ لاءِ ”تخت طائوس“ جو انتظام ڪيو ويو هو.

”نتيجو ڪهڙو نڪتو؟...“ مولانا ايسين تائين پهچي، مٿي کي جهٽڪو ڏيندي ڏاڍي ڏکاري آواز ۽ لهجي ۾ جذباتي ٿيندي ٻُڌايو ته ”ٻُڌو!... اِهو منظر ڏسي ڪيفي صاحب ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڪڙڪيدار لهجي ۾ چوڻ لڳو ته، توهان ماڻهن کي همت ڪيئن ٿي؟... هيءَ گستاخي ڇو ڪئي؟... شاهجهان جي مسند ۽ اُن تي مان وِهان؟“

ائين چئي ڪيفي صاحب روانو ٿيڻ لڳو. وڏن ايلازن منٿن کان پوءِ وڃي راضي ٿيو، پر صدارت هيٺ فرش تي ويهي اُنهيءَ بادشاهي ڪرسيءَ جي قدمن ۾ ڪيائين. مولانا چيو ته ڏسڻ وارن جي بقول ڪيفي صاحب ويٺو رهيو، مگر آخر تائين سندس ڪاوڙ ۾ ڪمي ڪانه آئي. ان ئي ناگوار ڪيفيت ۾ رهيو.

* * * *

اُن کان پوءِ ڪيفي صاحب جي رڳو وفات جي خبر ئي پهتي ۽ ائين ئي اهو افسانو اختتام تي رسيو. پنجابي شاعر هدايت الله ڇا ته خُوب چيو آهي!

الف ايک ترنجن تون کت اگي

ساڊي نال ديان چرخـ چگ گيان

رهي شکل نه اونهان دي ياد سانوں

جيڙهيان صورتان مڻي دي وچ لک گيان

ساڊي هان د رهـ نه رکهه لوگو!

جيڙي پهل پتر شاخان سُک گيان

پُلي چال شطرنج هدايت الله

باري برد هوئي گوڻان مُک گيان.

هاڻي ته اهڙيون بابرڪت صورتون ڪوئي وري نه ڏسي سگهندو!

[ڪراچي: 10 ـــ جون 1963ع، نظرثاني: 10 ـــ اپريل 1966ع [

حاشيه:

1)

هاشمي صاحب به، 19- جولاءِ 1964ع تي فوت ٿي ويو.

2)

چاک گريباں، جي عنوان جو ذڪر ڪندي، مولانا حالي ”مقدمه شعر و شاعري“ ۾ هڪ شاعر جي ديوان مان 23 نمونا لکي، آخر ۾ مير جو ذڪر ڪيل شعر ڏنو آهي ۽ فرمايو آهي ته، مون کي هرگز اميد ڪونهي ته اڳين شاعرن مان، ڪنهن به مير کان وڌيڪ بهتر ”چاک گريباں“ جو استعمال ڪيو هوندو“ (ديوان و مقدمه، ص 136، طبع لاهور).

3)

ديوان حالي، مقدمي سان گڏ سڀ کان پهريائين مرتبه مطبع انصار واقع دهليءَ مان، سال 1893ع ۾ ٻن قسمن جي ڪاغذ تي ڇپيو هو.

4)

هي غزل حاليءَ دهليءَ جي هڪ مشاعري ۾ پڙهيو هو. داغ به ان مشاعري ۾ شريڪ هو، سندس غزل هو:

اس مبتدا کی دیکھئے نکلی خبر کہاں

حضرت مولانا ابوالڪلام لکيو آهي ته، خواجه اڪرام الله مرحوم چيو هو (مولانا کي) ته، حاليءَ جو شعر مشاعري تي ڇانئجي ويو. ان ڪري جڏهن شمع، داغ جي اڳيان آئي تڏهن داغ چيو ته، هاڻي منهنجو غزل منهنجي نگاه ۾ به ڪري پيو آهي (يادگار حالي، ص 13).

5)

چاک دل، جو مضمون ڏسي مصحفيءَ جو هي شعر ياد آيو:

مصحفی ہم تو سمجھتے تھے کہ ہوگا کوئی زخم

پر ترے دل میں بہت کام رفو   کا   نکلا۔

6)

هي مشاعرو ڇنڇر جي ڏينهن 06 مئي 1950ع تي رات جو ساڍي نائين بجي منعقد ٿيو. ٻئي ڏينهن ’تيج‘ اخبار ۾ ان جي روئداد شايع ٿي.

 

سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا

 

Text Box: 99
100
112
 
 

[هي طويل تاريخي مقالو سنڌ جي مايه نازعالم سيّد حسام الدين راشدي مرحوم، تهران ۾ منعقد ٿيل ايران شناسن جي پهرين بين الاقوامي ڪانگريس (31 آگسٽ – 6 سيپٽمبر 1966ع) ۾ پڙهيو هو. ان موقعي تي راشدي صاحب کي نه رڳو مقرر ڪيل پنجن ڪميٽين (ادبيات، آرڪيالاجي، تاريخ، زبان شناسي ۽ فلسفو)، مان هڪ ڪميٽي (تاريخ) تي نامزد ڪيو ويو، پر کين ”ايران شناسن جي بين الاقوامي ڪانگريس جي مستقل ڪميٽي“ تي پڻ نامزد ڪيو ويو (ڏسجي: اورينٽل ڪاليج ميگزين، لاهور نومبر 1966ع). اصل مقالو فارسي زبان ۾ هو، جو پوءِ اردو رسالي ”نقوش“ ۾ شايع ٿيو (آڪٽوبر – ڊسمبر 1966ع). مون کي هن مقالي جو فوٽو اسٽيٽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ مهيا ڪيو. ڇاپي متن ۾ لاتعداد غلطيون هيون، جن کي علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي صاحب ۽ ڊاڪٽر محمد ايوب قادري مرحوم جي مدد سان درست ڪيو ويو. قادري صاحب سان 25 نومبر 1983ع تي صبح جو رهاڻ ٿي ۽ ان ئي ڏينهن شام جو پاڻ هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. خدا مٿس رحمت ڪري. سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ“ نمبر 04، سال 1984ع ۾ شايع ٿيو. متن جي هيٺان ڪجهه حاشيا آهن، جي مترجم جي طرفان سمجهيا وڃن]

 

سنڌ هن وقت پاڪستان جو هڪ اهم حصو آهي. مون کي پڪ آهي ته سندس قدامت ۽ شاندار تمدني توڙي علمي ماضيءَ کان ڪوبه پڙهيل لکيل اڻ واقف ڪونهي. موهن جي دڙي واري ان جهوني سرزمين ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ جي ابتدا کان ئي گهرن لاڳاپن جا نشان ملن ٿا(1). تاريخي کنڊرن مان مليل شيون، سماجي ۽ واپاري لاڳاپن جو پتو ڏين ٿيون. قديم تخت گاهه بهمن آباد (برهمڻ آباد) (2)، ساساني ساخت وارو رني ڪوٽ، جيڪو ديوار چين جو ننڍڙو نمونو آهي (3)، يا خود منهنجي پنهنجي تاريخي ڳوٺ ”بهمن“ جي نالي ذريعي، اڄ به ان ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته آڳاٽي زماني کان اسان جا سياسي لاڳاپا ڪيترو نه گهرا پي رهيا آهن. ان کان سواءِ بهرام گور ۽ شنگل (راءِ چڱل؟) جو واقعو (4)، سنڌ تي بهرام جو اثر ۽ هتان کان هزارن لورن (مڱڻهارن) جو ايران وڃڻ ڪنهن کي معلوم ڪونهي! فردوسيءَ جا هي شعر ڪنهن نه پڙهيا هوندا.

بنزديک شنگل فرستاد کس
چنين گفت اي شاهه فرياد رس
ازان لوليان (لوريان) برگزين دهه هزار
نر و مادهه بر زخم بربط سوار
که استاد بر زخم دستان بود
در آواز او، رامش جان بود!

(2)

اسلام کان پوءِ ايران ۽ سنڌ جا لاڳاپا ايترو ته ويجهو ۽ مستحڪم رهيا آهن، جو چوڏهن سؤ سالن ۾ هي سلسلو ڪڏهن به ٽٽل نه ٿو ڏسجي. سياسي يا ثقافتي، ادبي يا فني، بهرحال ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، هي لاڳاپا هر دور ۽ هر وقت قائم ۽ مستحڪم پي رهيا آهن(5). انهن لاڳاپن جي تاريخ کي تعلقات جي گوناگون صورت حال ۽ مواد جي ڪثرت توڙي پکڙيل واقعن جي ڪري، آءُ ڪٿان شروع ڪيان، ڪهڙن ڪهڙن عنوانن هيٺ بيان ڪيان ۽ وري ڪيسين بيان ڪيان، منهنجي لاءِ حيران ڪن ڳالهه آهي.

سراين رشته ندانم، زکجا بکشائم!

داستان طويل ۽ وقت گهٽ آهي. لهذا هتي آءُ ان دلچسپ حڪايت جو فقط هڪ مختصر خاڪو پيش ڪندس.

اوهان سڀني کي خبر آهي ته، سنڌ ۾ اسلام ايران ذريعي پهتو. اگرچه تاريخي رستن ۽ راهن جي ذريعي اسان جي وچ ۾ واپاري آمد رفت آڳاٽي وقت کان موجود هئي (6)، پر شيراز کان ابن قاسم سان گڏ ايراني لشڪري جڏهن سنڌ ۾ وارد ٿيا، تڏهن عام نوعيت جي تعلق مذهبي رشتي جي صورت ورتي ۽ عربن سان گڏ ايرانين جون بستيون پڻ نئين سر سنڌ ۾ آباد ٿيون. سيستان جي طاهر ذواليمينين (205- 259هه) يا يعقوب بن ليث صفار (253- 265هه) جي زماني ۾، ايراني ڪارندن ۽ حاڪمن جي اچڻ وڃڻ جا، تاريخ ۾ چٽا نشان موجود آهن (7).

عربي دور حڪومت ۾ جتي عربي زبان کي سياسي بناءَ تي، سنڌ ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو مليو، اتي هي قدرتي امر آهي ته تجارتي تعلقات ۽ ايندڙ ويندڙ قافلن (8)، يا انهن ايرانين جي ڪري جيڪي عربن سان گڏ سنڌ ۾ آباد ٿيا، ايراني اثر سان گڏ ايراني زبان کي به هتي متعارف ٿيڻ جو موقعو مليو هوندو(9)، جيتوڻيڪ عرب جاگرافيدانن هن ڳالهه کي غير ضروري سمجهي بيان نه ڪيو آهي، پر ان جو سبب به سمجهڻ جوڳو آهي. ايران ۽ ايراني ٻولي ان وقت غلام هئا، ان جي اثرن جو چٽائيءَ سان ذڪر نه ڪرڻ، ڪا غير معمولي ڳالهه نه آهي.

سنڌ جي فارسي زبان سان واقفيت ۽ ان سان دلچسپي، جيڪڏهن پهريان کان پيدا ٿيل نه هئا، ته پوءِ عربي زبان جي حاڪميت ختم ٿيڻ بعد، فارسي زبان جو پوءِ جي زمانن ۾، سندس جڳهه وٺڻ ڪهڙيءَ طرح ممڪن هو!

(3)

مختصر مدت جي طوائف الملوڪيءَ بعد عربن کان حڪومت جي واڳ، سنڌ جي هڪ مقامي قبيلي سومرن جي حوالي ٿي. ان دور ۾ قرامطين جو اقتدار (10)، هن ڳالهه جو پتو ڏئي ٿو ته ان زماني جو ايراني فڪر ۽ اثر سنڌ تي تمام گهڻو هو. محمود جڏهن ملتان (401هه) ۽ منصوره (416هه) کي غلام بنايو، تڏهن ظاهر ۾ قرامطي (11)، وجود کي هن شرعي سبب طور استعمال ڪيو هو.

محمود غزنويءَ جي لاڳيتن حملن ۽ سندس سنڌ ۽ پنجاب تي حڪومت قائم ڪرڻ سبب، سنڌ ۾ ايراني اثرن ۽ ان جي ادب ۾ تازگي پيدا ٿي پئي. ان دور ۾ ڪيترن ئي شاعرن، سنڌ کي پنهنجي شعرن ۾ مختلف صورتن ۾ ياد ڪيو آهي، جي سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙن سان سندن گهري واقفيت ۽ دلچسپيءَ جو پتو ڏين ٿا. دقيقي (وفات قبل 384هه)، فرخي (وفات 429هه)، عنصري (وفات 431هه)، قطران تبريزي (وفات 466هه)، ناصر خسرو (وفات 481هه)، مسعود سلمان (وفات 515هه)، عسجدي مروزي (وفات 514هه)، امير معزي (وفات 21- 518هه) ۽ مختيار غزنوي (وفات 535هه) جا شعر هن سلسلي ۾ پڙهڻ جوڳا آهن (12).

غزنوي اثر واري زماني ۾ فارسي شاعرن ۽ ليکڪن جي اچ وڃ سبب، سنڌ ۾ جو ڪجهه پيدا ٿيو، اسان کي ڏک آهي ته زماني جي هٿ چراند اهي سڀ آثار، ڪجهه اهڙيءَ ريت ختم ڪيا، جو اڄ اسين انهن علمي يادگارن مان ڪجهه به پيش نه ٿا ڪري سگهون. بهرحال هي ته اسين اندازو ڪري سگهون ٿا، ته ملتان ۽ منصوره تي تسلط سبب علمي تخليقون لازمي ٿيون هونديون.

(4)

غزنوين جي دور (401-441هه) جي علمي اثاثي گم ٿيڻ جو اسين ڏک ڇو ڪريون، جڏهن ته اسان وٽ ان دور کان پوءِ ناصرالدين قباچه جي زماني (602- 625هه) جو علمي ذخيرو به محفوظ نه رهي سگهيو. ناصرالدين ۽ سندس علم پرور وزير عين الملڪ اشعريءَ جي علمي سرپرستيءَ ڪري، تاتارين جي غارتگري ۽ خونريزين سبب هجرت ڪندڙ، متعدد عالمن ۽ ناميارن شاعرن کي پنهنجي درٻار ۾ آڻي گڏ ڪيو(13).

مولانا قطب الدين ڪاشاني (14)، قاضي شرف الدين اصفهاني (15)، سيّد الندماءَ، تاج الفضلاء، فخرالقدماءَ شمس الدين محمد بلخي ]ڪي بزرگ هن شاعر جو نالو هن ريت به لکن ٿا – شمس الدوله سيّد الندماءَ، تاج الفضلاءَ، فخرالقدماءَ محمد الکاتب بلخي– سنڌيڪار[، فخرالشعرا ضياءَ الدين سجزي، منهاج سراج قاضي (624هه)، سديدالدين عوفي (617هه)، ”بفروش“ شاعر ۽ فضلي ملتاني (16)، جا چند نالا آهن، جيڪي محفوظ رهجي اتفاق سان اسان وٽ پهتا آهن. جن جو نالو گم ٿي ويو، اهي نه ڄاڻ ڪيترا هوندا، جيڪي هن درٻار ۽ دور سان واسطيدار هئا. ”جامع الحڪايات“، ”الفرج بعد شدة“ جو ترجمو، ”طبقات ناصري“ جي تاليف جو آغاز ۽ ”چچ نامہ“ (613هه)، هن سونهري دور جا اهي علمي يادگار آهن، جي خوشقسمتيءَ سان زماني جي هٿ چراند کان بچي اسان تائين پهتا آهن. ”چچ نامہ“ جو فارسي مترجم سنڌ جي هڪ عالم مولانا ڪمال الدين اسماعيل جي لاءِ، جنهن وٽان کيس
”فتح نامہ“ جو عربي متن مليو، لکي ٿو ته: ”هو فارسي علم ۽ فن ۾ بي مثال هو“(17). هي بزرگ اروڙ جو هو، جيڪو شهر سنڌ جي اڳين بادشاهن جو تختگاهه هو.

محمد بن عليءَ جي هن قول مان سنڌ ۾ فارسي علم جي ترويج جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هي فارسي مترجم پاڻ به شاعر هو. ”چچ نامہ“ ۾ به سندس شعر موجود آهن(18).

هيءَ تعجب ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته فارسي شاعرن جو سڀ کان پهريون تذڪرو، جنهن کي ”ديوان“ سڏيو ويو آهي (19)، سنڌ جي سرزمين تي مرتب ٿيو، ۽ پوءِ ٻئي قديم ترين تذڪري ”لباب الالباب“ جي تڪميل جو شرف به سنڌ کي ئي حاصل ٿيو.

هن دور جي فارسي شاعريءَ جو ابتدائي نمونو اسان کي ”لباب الالباب“ ۾ ملي ٿو. خود عوفيءَ جو اهو قصيدو، جيڪو بکر جي قلعي جي فتح تي هن لکيو، اسان وٽ هڪ قيمتي ادبي اثاثو آهي(20).

بهرحال هي سڀ علمي آثار ۽ نشان غزنوي دور کان پوءِ جو بچي ويل سرمايو آهن. جيڪو ڪجهه ختم ٿي ويو، ان جو نقصان نه فقط سنڌ جي لاءِ، پر فارسي ادب جي تاريخ لاءِ هڪ ابدي نقصان جي حيثيت رکي ٿو.

شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني (وفات 666هه)، هن دور جو جيد صوفي ۽ صاحب حال بزرگ هو. وٽس سماع جو رواج هو، جتي اڪثر ڪري فارسي شعر پڙهيا ويندا هئا (21). هڪ ڀيري هن شعر شيخ کي ڊگهي عرصي تائين وجد جي حالت ۾ بي حال رکيو:

مستان که شراب ناب خوردند
از پهلو ئي خود کباب خوردند (22).

شيخ بهاءُ الدين زڪريا وٽ، فخرالدين عراقي (وفات 688هه) وارد ٿيو. سندس غزل:

نخستين بادهه کاندر جام کردند
ز چشم مست ساقي وام کردند

۽ هي غزل:

در کوئي خرابات ”کسي را که نياز“ است
هوشياري و مستيش همه عين نماز است

هتي جا يادگار آهن(23).ڪم پي رهيا آهن (5). انهتان کان هزارن لورن (مڱڻهارن) جو ايران وڃڻ ڪنهن کي معلوم ڪونهي! ڳوٺ ”

شيخ عثمان قلندر لعل شهباز مرندي، جنهن جي خانقاهه سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ اڄ تائين زيارتگاهه بنيل آهي. پاڻ بلبن جي دور ۾ مرند کان سنڌ ۾ پهتو، جڏهن خان شهيد ملتان جو حاڪم هو (668- 683هه) لعل شهباز ڏي ڪيئي فارسي غزل منسوب آهن (650هه) (24).

هي ياد رکڻ گهرجي ته جلال الدين خوارزم شاهه جو اچڻ ۽ سڄو سال سنڌ ۾ رهڻ (18- 619هه) يا ديبل جي اردگرد جامع مسجد ٺاهي وڃڻ، بحث هيٺ آيل دور جي شروع جو اهم سياسي واقعو آهي.

(5)

سنڌ تي تغلقن جا حملا 752هه/ 1351ع کان شروع ٿيا، جڏهن ته هتي سومرن جي جاءِ تي، سَمن جو گهراڻو حاڪم ٿي چڪو هو.

هن دور ۾ فارسي شعر چوڻ جو، مقامي طور تي رواج جو اهڃاڻ پڻ ملي ٿو. هن سلسلي ۾ اسان وٽ ان فارسي شعر جي هڪ مصرع ثبوت جي لاءِ موجود آهي، جا سنڌي نسل سنڌ جي حاڪم، فيروز تغلق آڏو پڙهي هئي.

شاه بخشنده توئي بنده شرمنده منم (25).

ملتان جي حاڪم عين الملڪ ماهرو جي خطن جو مجموعو ”انشاي ماهرو“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته، هن دور ۾ فارسيءَ کي سرڪاري زبان جي حيثيت حاصل هئي ۽ سنڌ جي سلسلي ۾، لکپڙهه لاءِ به ”فارسي“ کان ڪم ورتو ويندو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي بادشاهن جي نالي جيڪي خط آهن، اهي هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا(26).

سنڌ ۾ هي رواج به ان زماني ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته، ماڻهو پنهنجن بزرگن جي مقبرن تي فارسي ڪتبا ۽ شعر لکائي نصب ڪندا هئا. چنانچه حاجي ترابيءَ جي مقبري تي ڪتبو 782هه (27)، ۽ محمد تغلق جي عارضي قبر تي سيوهڻ جا ڪتبا (28) هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا.

ننڍي کنڊ ۾ ڪلام پاڪ جا ٻه پهريان فارسي ترجما به سنڌ ۾ ئي ٿيا آهن، جن مان مخدوم جهانيان جهان گشت (وفات 785هه) جو ترجمو (29)، هن دور جو يادگار آهي، ۽ ٻيو (جيڪڏهن شهاب الدين دولت آباديءَ جي تفسير ”بحر امواج“ کي تفسير جي حيثيت ڏجي ته پوءِ) ڏهين صدي هجريءَ ۾ مخدوم نوح هالائيءَ جو ڪيل فارسي ترجمو آهي، جو هند و پاڪ جي سڀني فارسي ترجمن ۾ آڳاٽو آهي (30).

اگرچه اها ڳالهه موضوع کان ٻاهر آهي، پر هڪ عجيب اتفاق جو هتي ذڪر ڪرڻ دلچسپ هجڻ سبب، منهنجي خيال ۾ برو نه ٿيندو. هي عجيب اتفاق آهي ته، ڪلام پاڪ جو پهريون ترجمو، جو ڪنهن به غير ٻولي ۾ ٿيو، اهو به سنڌ ۾ ئي هتي جي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي (31).

(6)

اٺين صدي هجريءَ ۾ يا ان کان پوءِ، اسان کي ڪيترا ئي علمي گهراڻا اهڙا ملن ٿا، جن ايران کي ڇڏي سنڌ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، جن جي اٿي ويٺي، مجلسن ۽ صحبتن جي ڪري، سنڌ ۾ فارسي زبان جي اشاعت ۽ اضافي کي وڏي تقويت حاصل ٿي.

هن سلسلي ۾ شيراز جي انجوي ساداتن جي هڪ شاخ جي بزرگ سيّد محمد جو نالو کڻي سگهجي ٿو، جيڪو 786هه ۾ شيراز کان نڪري سنڌ ۾ اچي رهيو. خاندان جي تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته، حافظ شيرازي هن سيّد محمد جو بي حد معتقد هو ۽ ان به ساڻس گڏ وطن ڇڏيو. تاريخ ۾ اچي ٿو ته حافظ:

”گريه ميکرد و ميرفت“ (32).

هن دور ۾ دارالسلطنت ٺٽي ۾ توڙي سنڌ جي ٻين وڏن وڏن شهرن ۾، ڪثرت سان مدرسا موجود هئا (33)، جن ۾ عربيءَ سان گڏوگڏ فارسي ڪتاب به پڙهايا پي ويا.

(7)

خراسان جو آخري تيموري سلطان حسين بايقرا (863-912هه) ۽ سنڌ جو والي ڄام نظام الدين (866-914هه) نه فقط همعصر هئا، بلڪ هم ذوق به هئا. علمي ۽ ادبي سرپرستيءَ ۾ هڪ جهڙا هئا، جنهن ڪري هرات ۽ ٺٽو هڪ ئي وقت ۾ شاعرن ۽ عالمن جو ڳڙهه بنيل هئا (34)، ۽ سندن درميان هڪ جهڙائيءَ جو هي به هڪ عجيب اتفاق آهي ته، جنهن وقت تيمورين جي هن آخري سلطنت جي طاقت ختم ٿي، ته عين ان وقت سنڌ ۾ سمن جي سلطنت جو ڏيئو به گُل ٿي ويو. آزاد سنڌ حڪومت جو هي آخري ادب پرور بادشاهه ڄام نظام الدين سمون نه فقط علم دوست ۽ هنر پرور هو، ليڪن خود به فارسيءَ جو شاعر هو. هي رباعي سندس آهي:

اي آنکه ترا نظام دين مي خوانند
تو مفتخري کہ مرا چنين مي خوانند
گر در رهه دين از تو خطائي افتند
شک نيست کہ ترا کافر لعين مي خوانند(35).

مولانا عبدالعزيز ابهري پنهنجي خاندان سان گڏ، هن دور ۾ ئي سنڌ پهتو ۽ مستقل طور هتي ٽڪي پيو (36). هن هتي علم جي اشاعت ۽ واڌاري لاءِ، هڪ وڏي مدرسي جو بنياد رکيو. علامه
جلال الدين دواني (908هه) به، هن سلطنت جي علم پروريءَ جي هاڪ ٻڌي هتي اچڻ ٿي گهريو، ليڪن سندس ٻه شاگرد مير شمس ۽ مير معين، سلطان نظام الدين کان سفر جو خرچ وٺي جيسين اتي پهتا، ان کان اڳ علامه دواني آخرت جي سفر تي روانو ٿي چڪو هو (37).

Text Box: 109
110
108
106
104
102
100
112
 
 

901هه ۾ مشهد مقدس کان سيّد يعقوب ۽ سيّد اسحاق هت پهتا، جن جو خاندان ”مشهدي سادات“ جي نالي سان ٺٽي ۾ اڃا هلندو اچي (38). مشهدين جو ٻيو گهراڻو ٻن ڀائرن سيّد احمد ۽ سيّد محمد ولد سيّد عباد مشهديءَ تي مشتمل هو، سو 906هه ۾ اچي هتي پهتو (39).

مڪليءَ جي قبرستان ۾ خواجه شرف الدين شيرازيءَ جي قبر به ان دور جو يادگار آهي، جنهن تي هي ڪتبو موجود آهي:

وفــــــات مــــرحوم الواصل الي رحمة الله
خــــــواجـــــه شــــــرف الـــــديـــــن شـــيــرازي
في تاريخ شهر جمادي الاول سن 911هه(40).

هي بزرگ به انهن ايندڙن مان هڪ آهي، جن کي نظام الدين جي علم نوازي ايران کان سنڌ گهلي آئي.

ٺٽي ۾ مغلپوره هن سلطان جو يادگار آهي. هي محلو ان ڪري سرڪاري خرچ سان ٺاهيو ويو ته، جيئن ايران مان ايندڙ مشاهير ۽ عالم آسانيءَ سان ۽ آرام سان، اچڻ شرط هتي آباد ٿي وڃن. هي ياد رکڻ گهرجي ته هن دور ۾ ايرانين جي لاءِ ”مغل“ ۽ ”ولايت زاد“ لفظ استعمال ڪيا ويندا هئا. مغل لفظ شايد ان ڪري ايرانين جي لاءِ مشهور هو، ڇو ته ان زماني ۾ ايران جا مختلف ٽڪرا، تيموري مغلن جي قبضي ۾ هئا.

ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات جهڙيءَ ريت ايران لاءِ ڏک ۽ ڏڦيڙ جو سبب بني، اهڙيءَ ريت سنڌ جي لاءِ به، هن صديءَ جي ابتدا مستقبل جي، مستقل سياسي نڀاڳ جو سبب بني. ايران ۾ تيمورين جو ڏيئو گل ٿيڻ شروع ٿيو هو. شيباني، صفوي ۽ بابري قوتون هڪ ٻئي خلاف ميدان ۾ هيون. هتي سنڌ ۾ سلطان نظام الدين جي وفات، خانداني جهڳڙي جو اهو سلسلو پيدا ڪيو، جنهن سنڌ جي آزاد، مستحڪم ۽ وسيع سلطنت جون پاڙون پٽي ڇڏيون.

ايران شاهه اسماعيل ( 906-930هه) صفويءَ جي ذريعي، جلد ئي نه فقط هڪ مستقل گهراڻي جي هٿ ۾ انتشار ۽ طوائف الملوڪيءَ جي تباهه ڪارين کان بچي ويو، پر نئين سر آزادي حاصل ڪري پنهنجي ٽڙيل پکڙيل حصن کي گڏ ڪري، مستقل بادشاهت جو بنياد وجهي صحيح رستي تي گامزن ٿي ويو. ليڪن سنڌ جي حالت ٺيڪ نه ٿي سگهي. ڇو ته ٽن چئن ماڻهن تي مشتمل ارغون گهراڻو، جيڪو سلطنت هرات جي پاران قنڌار، ڪابل، بست ۽ زمين داور تي نيابت ڪندو هو، اهو بابر جي قنڌار ۽ ڪابل تي قبضي ڪرڻ بعد، سنڌ جي ان گهرو جهڳڙي مان فائدو وٺي، سنڌ تي قبضو ڪري ويٺو.

اڃا گهرو لڙائي هلي رهي هئي ته، هرات جي تيموري بادشاهت جو ڀٽڪيل شهزادو بديع الزمان (41)، سنڌ ۾ آيو ۽ ڄام فيروز وٽ پناهگير بنيو ( 18- 919هه). ليڪن پوءِ جلد ئي هتان ترڪيءَ ڏي راهي ٿيو.

( 8 )

هر معاملي جا ٻه پهلو ٿين ٿا. ارغوني تسلط جي تصوير جو سياسي پهلو جنهن جي تاريخ (927هه) ”خرابي سنڌ“ مان نڪري ٿي(42). بلاشڪ اونداهو نه پر تاريڪ تر رهيو. ليڪن ٻيو پهلو جيڪو خاص علمي ۽ ادبي هو، اهو روشن بلڪ روشن تر گذريو.


*  ترجمو: غلام محمد لاکو.

* نئين تحقيق موجب هي سٽ امير حسن سجزي (603-738هه) جي هڪ غزل جي آهي (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صه 413).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org