سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون ڊسمبر 2024ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر ريحانه ملاح

 

 

هڪ ڇت جي اڪيلائي

 

”مون ڪافي ڏينھن کان محسوس ڪيو آهي ته تون ڏاڍي اُداس آهين؟ آخر ڇو ان جو ڪو سبب ته هوندو نه؟“

”بس ادا! توکي ڪھڙي ڳالھه ڪري ڪھڙي ٻڌايان ته مون سان ڇا ڇا نه ٿيو، وقت ڪيئن وارُ ڪري، اندر ۾ وڍ وجهي، ائين گذري ويو، جو ڪا ڪل ئي نه پئي!“

”پر هيءَ اداسي، وقت جي گذري وڃڻ جي ته نه پئي لڳي ادي؟“

پاسي واري جڳھه جي ڇت تي لڳل علم، جنھن جو لڪڙو اونچو هئڻ سبب، اورئين پاسي واري ڇت تي چٽي نظر پوندي هئي، ان (علم) هن (ڇت) کي ڏسندي چيو.

”ادا! تون ڇا ڄاڻين، منھنجي عروج بابت، توکي ته انھيءَ ڇت تي لڳي ٻه ٽي سال مس ٿيا آهن.“ڇت ٿڌو ساھه ڀريندي چيو.

”خبر اٿئي مان اڃا پوري طرح جُڙي به نه هئس، هي ڪم به پوءِ هنن گهرڀاتين ئي اچي ڪرايو هو، جيڪو تون هينئر ڏسين پيو، سو ادا ڳالھه پئي ڪيم ته هن گهر ۾ هي ماڻھو دادوءَ کان لڏي آيا هئا، هڪ ماءُ ۽ سندس پٽ ۽ انھن جون زالون ۽ ڏهه کن ٻار هئا ۽ هي گهر ننڍو هو، سو آڳنڌ نه هئڻ سبب، ڇت تي هنن جو سڄو ڏينھن توڙي رات اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي، ڪيڏي مھل ساران جو پِٽڪو ته، سڄي ڇت تي گُلان پنھنجا ڪپڙا وجهي ٿي ڇڏي، اسان ڪپڙا ڪٿي سڪايون ته ڪيڏي مھل گُلان جون دانهون ته ڇت صاف مان ڪيان باقي ٻيون سڀ نوابزاديون آهن. رڳو رليون وڇائي اچي جاءِ والاري ويھنديون. فوزيه جيڪا آخر ۾ پرڻجي آئي هئي، اها ضد گهٽ ڪندي هئي. انڪري هنن جي سس، سڀني مان ان کي گهڻو ڀائيندي هئي، جنھن تي به وڏيون ٻئي ڏيرياڻيون فوزيه سان گهٽ ٺھنديون هيون. ٻُڌين پيو نه ادا!“

ڇت، علم ڏي نھاري چيو.

”جيءُ جيءُ ادي! منھنجو سڄو ڌيان توڏي ئي آهي.“

”سو ادا کي چوان ته...“

هن ڳالھه جاري رکندي چيو:

”هنن جي سس ماسي بصران گهر ننڍي هئڻ سبب، گهڻو وقت ڇت تي ئي هوندي هئي. ڪيڏي مھل سامھون ڀت جي پاسي کان کٽ رکندي هئي ته ڪيڏي مهل ٻئي پاسي ڏانھن. پنج وقت نماز پڙهندي هئي. قرآن شريف جو دور ڪندي هئي. ٻار وڏا هئا سڀني جا، انڪري ڪم گهٽ هوندو هو، ماين کي.

شام جو سڀئي ٻار گڏجي ڇت تي راند ڪندا هئا. پوءِ ته چھچٽو متو پيو هوندو هو. وري ٻارن جو جهيڙو شروع ٿيندو هو ته ، بال تون کڻي آ، جي نه تون کڻي آ. ڪيڏي مھل بال ڪھڙي گهر، ته ڪيڏي مهل ڪھڙي گهر. هڪ دفعو ته  خبر اٿئي ڇا ٿيو، بال عباس، اُڇلايو ته سڌو وڃي بال، تنھنجي گهر جي مالڪياڻيءَ کي لڳو. پوءِ ته هن به نه ڪئي هم نه تم اچي جهيڙو متو، مائي بال کڻي اچي گهر پهتي. عباس جنھن بال کي اُڇلايو هو، سو مٿي ڇت تي ڀڄي آيو، مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هو سڄو ڏڪي رهيو هو، منھنجي دل چئي پئي ته هن کي مان پنھنجي اندر لڪائي ڇڏيان، پر مان هڪ کليل ڇت  ڪجهه نه ڪري سگهيس.“

”معنى ته منھنجي مالڪياڻيءَ ڏاڍو ڪٽيو ويچاري کي!؟ اها ڏنگي به ته آهي.“

علم وچ ۾ ڳالھائيندي چيو.

”نه... نه... ڳالھه پوري ته ٻُڌ نه. عباس کي سندس ماءُ ٻه ٽي چماٽون مس هنيون ته عباس جي رڙين تي هوءَ پاڻ مٿي چڙهي آئي، پوءِ ته تون به هجين ها ته روئي ڏين ها. ان عباس کي ڀاڪر پائي، ساران کان ڇڏايو.

”بس بس ادي! ڇوڪري جو ساهه ٿي ڪڍين، مون مڙئي دانھن ڪئي ته ٻارن کي سمجهايو. تون ته ٻار جو ساهه ٿي ڪڍين.“ ۽ ائين اهو جهيڙو لئي مٽي ٿي ويو.

اونھاري ۾ سڀ گهرڀاتي، ڇت تي سمھندا هئا. اي سيون وغيره نه هونديون هيون. اتي به ڪڏهن جهيڙو ته ڪڏهن کِل مشڪري لڳي پئي هوندي هئي.

ڪيڏي مھل گُلان جي رڙ پئي پوندي هئي ته ، ”ائي مائي ساران، اسان جي کٽن لاءِ به جاءِ ڇڏ! سڄي ڇت والاري ٿي ڇڏين!“

پاسي کان ڪنڊ تي فوزيه پنھنجي ٽن ڌيئرن سان، رليون وڇائي، پٽ تي  ٻار سمھاري ويھي، انھن کي ڪھاڻيون ٻڌائيندي هئي. آهستي آهستي سڀ ٻار سري وڃي سندس پاسو وٺندا هئا.

خبر اٿئي ادا علم! هن مائيءَ کي ڪھاڻي کڻڻ جو ڇا ته ڏانءُ هوندو هو، ڄڻ ته واقعا اکين اڳيان پيا گذرندا هئا.

ائين رات جو پھريون پھر گذري ويندو هو، ڪھاڻي ٻڌڻ کان پوءِ سڀئي ٻار وڃي، پنھنجي پنھنجي جاءِ تي سمھي پوندا هئا.  سندن پيئر جن جا حيدرآباد ۾ سودي سلف جا دڪان هوندا هئا، صبح جو سويل ويندا هئا، رات جو سمھڻ مھل ڇت تي ايندا هئا. سو  به اونھاري ۾. سياري ۾ ته هنن جو منھن ڏسڻ لاءِ به سڪبو هو. باقي سندن عورتون ۽ ٻار سڄو ڏينھن چهل پھل لايون ويٺا هوندا هئا.

هنن جي ماءُ ماسي بصران ڏاڍي ڏنگي هوندي هئي. سڀ ان کان ڊڄندا هئا. هڪ دفعو سامھون واري گهر ۾ هڪ ڪرائيدار رهڻ آيو، سڄو ڏينھن دريءَ کان بيٺو آسپاس جي گهرن ۾ ايندڙ ويندڙ عورتن کي تڪيندو هو، هڪ ڏينھن ماسي بصران ڏسي ورتس، پوءِ ته مزو ڏسين ها  ماسي بصران جو.

”لک لعنت هجئي، گهر ۾ ماءُ ڀيڻ ڪونه اٿئي جو ٻين جي نياڻين کي نھارڻ مھل شرم اچي توکي، جيڏيءَ مھل ڏس دريءَ کان ٽنگيو بيٺو آهين.“

ان ڏينھن کان پوءِ اهو ائين ڀڄي ويو جيئن گڏهه جي سر تان سڱ، وري نه دريءَ ۾ بيٺو. اڃا وڌيڪ ڇا ٻُڌايانءِ ماسيءَ جي باري ۾.

”هاءِ! هاءِ! خبر ئي نه پئي ڪيئن وقت رڙهي ويو. ماسي بصران به گذاري وئي. ڏسندي ڏسندي ٻار به وڏا ٿي ويا.“

ڇت گَهِري اُداسيءَ مان عَلَمَ ڏانھن نھاريندي، چيو.

”پوءِ ڇا ٿيو؟“

عَلَمَ کان به رهيو نه ٿيو.

”بس! ادا جڏهن هنن ٽنھي ڀائرن جا ٻار وڏا ٿيا ته پھريان وڏو ڀاءُ گهر ڇڏي ويو ڇو ته سندس ٻارن سوٽين سان شادي ڪرڻ کان جو جواب ڏئي ڇڏيو هو، جيڪي رشتا، سندن وڏڙا، پنھنجي حياتيءَ ۾ ڳنڍي ويا هئا، پھرين ته جهيڙو اُتان شروع ٿيو. ٻڌين پيو نه؟“

”ها! ها! سڄو ڌيان توڏي آ ادي.“

عَلَمَ هن کي ڏسي مُرڪيو.

”ٻن ٽن سالن کان پوءِ ٻئي ڀاءُ ۽ سندس زال گُلان جي وڏي پُٽ کي ڪراچيءَ ۾ وڏي نوڪري ۽ گهر مليو ته اُهي به لڏي ويا، باقي بچي ويچاري فوزيه کيس ٽي ڌيئرون هيون، جيڪي پڙهي رهيون هيون ان وقت، پر انھن  جي به ته پنھنجي دنيا هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڇت تي چھل قدمي ڪرڻ اينديون هيون. هڪٻئي سان پيون راز سلينديون هيون. پر ماءُ کي ڏسن ته چپ. ماءُ ويٺي سندن اهي ناز ۽ انداز ڏسندي هئي. اها عمر هوندي ئي آ اهڙي قسم جي لاابالي جي، نه غم، نه ڪو فڪر.

پر فوزيه ڏاڍي اُداس هوندي هئي، هن کي گهر جا سڀ ڀاتي ڏاڍو ياد ايندا هئا. خاص ڪري ٻار، جن کي هوءَ ڪھاڻيون ٻڌائيندي هئي ۽ اهي به پنھنجن مائٽن کان وڌيڪ، هن سان پيار ڪندا هئا ۽ هن جي عزت ڪندا هئا. پر اهي هاڻي هن سان ملڻ به ناهن ايندا، ڪڏهن ڪا عيد براد تي ملاقات ٿيندي اٿن، نه ته مڙئي خير ٿيا.

آخر فوزيه جون نياڻيون به پنھنجن گهرن جون ٿي ويون. پوءِ فوزيه ۽ سندس مڙس وڌيڪ اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويا. مڙس ته وري به دڪان تي وقت گذاري، رات جو گهر ايندو هو. پر فوزيه اڪيلي شام جو مٿي ضرور ايندي هئي. مون اڪثر هن کي هتي روئندي ڏٺو آهي  ڇوته ادا نه ڪو هو هن کي دلاسي ڏيڻ وارو، نه ئي وري هن جو درد ونڊڻ وارو.

اڪيلي اُداس ۽ وياڪل خيالن ئي خيالن ۾ پئي ڪيڏيءَ مھل ڏيرياڻين کي ياد ڪندي هئي ته ڪيڏيءَ مھل سندن ٻارن کي پئي پنھنجي منھن ميارون ڏيندي هئي. پوءِ انھن يادن مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪيڏي مھل وڏيءَ ڌيءُ سان فون تي ڳالھائيندي هئي ته ڪيڏيءَ مھل ننڍيءَ ڌيءَ سان، پر سچ ٻُڌايانءِ ته هوءَ خوش نه آهي. شايد! سندس ڌيئر به پنھنجن گهرن ۾ خوش ناهن، مون سندن ڳالھين مان اندازو لڳايو آهي.

وڏي ڇوڪري ته وري به نوڪريءَ واري اٿس. سو پنھنجي زندگي پوءِ به سُٺي ٿي گذاري. باقي ننڍيون ٻئي ڇوڪريون، جيڪي هڪ ئي گهر ۾ پرڻيل آهن. انھن جا ساهرا لڳي ٿو ته ڏاڍا تکا ماڻهو آهن. انھن جي طعنن ۽ سختين جي ڪري، ڇوڪريون به خوش نه آهن. مان انھن سان فوزيه جي ڳالھه ٻولھه ڪندي، اهو اندازو لڳايو آهي، جنھن ڪري فوزيه به وڃي پئي ڏينھون ڏينھن ڳرندي. هاڻي ته شگر به چار سؤ تائين وڃي ٿي رسي ويچاريءَ جي. هن کي اهو ڏک اندر ئي اندر کائي رهيو آهي ته هن ته نياڻين کي پُٽن وانگي دادلو ڪري پاليو هو، پر زماني انھن کي درد ڏنا، جيڪي ازل کان نياڻين جي نصيب ۾ آهن.

ادا! خبر اٿئي اڄ به جڏهن ٽيئي ڏيرياڻيون پاڻ ۾ گڏجي مٿي اينديون آهن ته ڪانه ڪانه ڳالھه ياد ڪري روئي پونديون آهن. شايد! هنن به هڪٻئي کان جدا ٿي ڪو سک ڪونه پرايو آهي. اهي به خوش ڪونه آهن ۽ سچ پڇين ته مان به انھن کي ڏسي، اُداس ٿي ويندي آهيان، هنن جي اهڙي حالت ڏسي، مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته هنن به هڪٻئي کان جدا ٿي صرف ڏک ئي پلئه پاتو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندي آهيان ته ٻار هڪ ڪٽنب کي ڳنڍڻ جو ذريعو به آهن، ته ڇنڻ جو ڪارڻ به بڻجي ويندا آهن.“

”سچ ٿي چوين ادي! پر مائٽن کي به ٻارن جي ننڍپڻ ۾ انھن جي مٿان، اهڙا بار رکڻ نه گهرجن، جن کي هو نڀائي نه سگهن.“

”ها ادا! شايد! توهان به صحيح ٿا چئو.“

”باقي ان گهر جي باري ۾ اوهان کي وڌيڪ ڄاڻ هوندي. مون کي ته هتي، توهان جي ڳالھه جيان ته ٻه ٽي سال مس ٿيا آهن. پر توهان ته هتي زمانو ڏٺو آهي ڀيڻ.

ڏس نه ادي! وقت جي وڇوٽين تو ۾ ڪيڏا ڏار وجهي ڇڏيا آهن. مرمت به نٿا ڪرائين تنھنجي.“

”ادا! جن جا پنھنجا وجود اُڊڙيا پيا هجن، اُهي ٻين کي ڪھڙا ٽاڪا هڻي سگهندا!

هونئن به هاڻي کڻي ڪيتري به مرمت ڪرائين، پر منھنجو اهو پراڻو اوج، اها رونق ۽ اهي ماڻھو واپس ته اچي نٿا سگهن.“

ڇت ائين چئي، ٿڌو ساهه ڀريو ۽ سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون.

 

سحر پرهه سنڌو

اڻ کٽندڙ سفر.....

 

ريلوي اسٽيشن... ٽرين جي سيٽين جو آواز... ماڻهن جي پيھه...  ٻوسٽ... ۽ مان بيخبر دريءَ مان ٻاھر ڏسي رھي ھيس. مون کي ڪو هوش نه هو ته مان ٽرين ۾ سيٽ تي ويٺي آھيان، چؤطرف ھوڪا، چانھه وارو، بسڪيٽ وارو، شين وارو، ٻار ڪٽليون کڙڪائيندا، آواز ڏيندا، ٽرين ۾ گھمندا رھيا. اچانڪ ڪو ماڻھو تيزيءَ سان ٽرين جي دريءَ جي سيخن کي پڪڙي، پاڻ کي اڳتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، بوگيءَ ۾ چڙهيو. ان جو ھٿ، منھنجي هٿ مٿان پيو.

مون کان ڇِرڪ نڪري ويو، ڄڻ صدين کان ستل ھجان، ۽ ڪنھن اچي، جھنجھوڙي اٿاريو ھجي. مون کي، ڪاوڙ اچي وئي ۽ ڪاوڙ مان کيس چيم ،

ڏسو ڪونه پيا ڇا.“

ھن نرم انداز ۾ چيو:

سوري، تڪڙو چڙھڻ جي ڪوشش ڪيم،  انڪري هٿ لڳي ويو.“

اڻ کٽندڙ سفر.....

 

سحر پرهه سنڌو

 

پوءِ ھو ٻي سيٽ تي ويھي رھيو. وري ٽرين جو ھلڻ شروع ٿي ويو. ۽ ٻئي خاموش دريءَ کان ٻاھر تيزي سان گذرندڙ منظرن کي ڏسندا رھياسين. مان سوچڻ لڳس ته منظر تيزيءَ سان گذري رھيا آھن ۽ مان اتي جو اتي بيٺي آھيان، ڄڻ انتظار فقط منھنجي حصي ۾ آھي. مون ھڪ نظر ھن سامھون واري ماڻھو تي وڌي، جيڪو ڪتاب پڙھڻ ۾ مشغول ھو، منھنجون نظرون، ڪتاب کي ٽڪ ٻڌي ڏسنديون رھيون،

ڪجھه کپي؟“ سامھون سوال ٿيو. 

مون شرمساريءَ مان چيو،

ڪجھه نه .“

ڏسو پيا!

مون توھان کي نه ڏٺو.“

ته پوءِ.“

ڪتاب کي ڏسان پئي.“

مان سفر دوران، ڪتاب پڙھندو آھيان.“

سٺي ڳالھه آ.“ مون بي دليءَ سان چيو.

وري خاموشي... اڳيان اسٽيشن تي ھو ھيٺ  لھي ويو،  ۽ سامھون پاڻي پئي پيتائين، نه چاھيندي به مون، ھن کي ڏٺو، شايد گرميءَ جي شدت جي ڪري، مون کي اُڃ جو احساس ٿي رھيو ھو، ھو به سمجهي ويو ۽ اچڻ شرط پاڻيءَ جي بوتل، منھنجي اڳيان رکندي چيائين،  لڳي ٿو توھان اُڃارا آھيو.“

مون ٿڌو شوڪارو ڀري چيو،

ھا! صدين کان اڃاري آھيان.“

ھو ٽڪ ٻڌي، مون کي ڏسڻ لڳو.

جي !؟“

 مون ڳالھه کي نٽائيندي چيو،

ڪجھه به نه .

پاڻي ڏيڻ لاءِ مھرباني. مون پاڻيءَ جا تڪڙا تڪڙا ڍُڪ ڀرڻ شروع ڪيا، ته پاڻي اٻڙڪو ڏئي، ٻاهر نڪري آيو ۽ مان ساڻي ٿي ويس. سيٽ کي ٽيڪ  ڏئي اکيو ن بند ڪري ڇڏيم.

”توهان کي ڇا ٿيو آهي؟“

ھن جي سوال تي، مون اکيون کوليون، وري اکين کي بند ڪري سمھي  رھيس. خبر ناھي ته ڪڏھن جاڳ ٿي، ته ھن کي، پنھنجي ڀر ۾ ويٺل ڏٺو.  مون حيرانيءَ مان کيس ڏٺو ته ھن نھايت پيار مان چيو،

توھان بيمار آھيو ؟“

نه ته...“

مون اڌورن لفظن جو سھارو وٺي، اٿڻ جي ڪوشش ڪئي.

مون ته فقط پاڻي ڏنو ھو، جنھن کي به توھان الٽي ڪري ڪڍي ڇڏيو، پوءِ مسلسل بيھوش ھيا.“

مون ٿڌو ساھه کڻندي چيو،

مون سان ھمدردي نه ڪيو.“

پر ڇو؟ اسين گڏ سفر ڪري رهيا آهيون ۽ گڏ سفر ڪرڻ وارن کي ھڪٻئي سان ھمدردي  سان پيش اچڻ گهرجي ۽ ساٿ ڏيڻ گهرجي.“

پر مون کي ھمدردي پسند ناھي.“

پر ڇو؟“

”پھرين ماڻھو ھمدردي ڪندا آهن، ۽ پوءِ سزا ڏيندا آهن.“

مون پنھنجو موقف بيان ڪيو.

هو کِلڻ لڳو.

مون کي لڳو،  ڄڻ هو مون تي ٽوڪ ڪندو هجي.

ڪاڏي ٿا وڃو ؟“

خبر ناھي.“

ھن جي سوال تي مون کيس مختصر جواب ڏنو،  ٽي ڏينھن ٿي ويا آھن سفر ڪندي.“

اوخدا ...“

ھن کان ڇرڪ نڪري ويو.

ھن ڀيري مون مرڪندي چيو.

ڇو؟“

ھيڏن ڏينھن کان سفر ڪري رهيا آهيو، پر توهان کي وڃڻو ڪٿي آ؟؟ توهان جي منزل ڪٿي آ؟؟

ھن گمنام سفر جي ساٿي جا سوال شروع ٿي ويا ۽ مان ٽڪ ٻڌي کيس ڏسڻ لڳس. مون کي چِڙ اچڻ لڳي.

مون توهان کي چيو نه، ته مون کي ھمدرديءَ کان نفرت آ.“

سوري.... سوري، لڳي ٿو منھنجو ڳالھائڻ توھان کي پسند نٿو اچي.“

ھو پري ٿي ويھي رھيو . مون پنھنجي رويي تي شرمساري محسوس ڪئي.

ڏسو ھن ڀيري....“. مون اهو چئي، ھن جي چھري کي ڏٺو.

ھن جلدي پنھنجو نالو کنيو ”منھنجو نالو عطا آهي.“

ڄڻ مون، ھن کان سندس نالو پڇيو ھجي.  مون اکين سان ھا ڪئي ته ھو مطمئن ٿي ويھي رهيو.

ھي اڻکٽ سفر، ھي تڪليفون، ھي اذيتون، منھنجي ھيءَ حالت، ان ھمدردي ئي ته ڪئي آهي، ھو به ايئن ئي ھمدردي ڪري، پيار ۽  پنھنجائپ سان ويجھو آيو هو، پر ان کي، مان سمجھي نه سگھيس. مون سمجھيو ھو ته ھو منھنجو آ! ڪيئن نه سمجھان ھا ته هو صرف منھنجو ئي آهي.

اڄ به ھن يقين ڏياريو آ، ته ھو منھنجوئي آ، پر مان ڪجھه ڏينھن، ھن کي ڇڏي، هن کان پري ھلي وڃان.“

ھو ھاڻي وائڙن وانگر،  مون کي ڏسڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو،

ڪجھه ڏينھن لاءِ چيو اٿس، زندگيءَ ڀرلاءِ ته ڪونه چيو اٿائين.“

مون ڦڪي مُرڪ مُرڪندي چيو، ”ڇا ايئن ڪرڻ سولو آ؟“

”بلڪل سولو آ.“ ائين چئي، هو سيٽ کي  ٽيڪ ڏئي ويھي رھيو

چيومانس،

”توهان ڪنھن سان پيار ڪيو آهي.“

”ها.“

”پوءِ.“

”پوءِ ھن سان شادي ڪري ڇڏي.“

مرد طاقت رکندڙ آ، جيئن چاهي، تيئن ڪري سگهي ٿو. پنھنجي مرضيءَ سان عورت کي ھلائي ٿو، جتي ويھارڻو آھي، اتي ويھاري، پاڻ ھليو ٿو وڃي، توھان به شادي ڪري، ھن کي گھر ۾ ويھاري ڇڏيو آ.

ڪاش! ھو به ايئن ڪري ھا، ھميشه لاءِ زنجير ھڻي، مون کي قيد ڪري ڇڏي ھا، مان اھو قيد، ھن کان ڪيئي ڀيراگھريو، پر ھو يقين ڏياريندو رھيو، ۽ مان ان يقين تي ھي سفر ڪرڻ لاءِ نڪتس.

عطا، کلندي چيو،

”ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪا ڪھاڻي پيو پڙھان.“

مون مرڪي ڏنو،

توھان حقيقت کي ڪھاڻي سمجهو ٿا، ۽ مان ڀوڳنائن جي ور چڙھي، هي تڪليفون ڀوڳيان پئي.“

ڪٿي ھن سفر جو اختمام ڪند ؤ ؟؟؟

خبر ناھي.“

بُک ۽ اُڃ کان ھاڻي مان بي حال ٿي وئي هئس،  ڪابه طاقت نه رھي ھئي، جو مان اٿي سگھان. ويھي ويھي اڃان وڌيڪ ساڻائي ٿي محسوس ٿي.  اُٿڻ جي ڪوشش ڪيم . وڃي سيٽ تي ڪريس. عطا ھڪ ڀيرو ٻيھرسھارو ڏيڻ لڳو ته کيس ھٿ جي اشاري سان روڪي ڇڏيم.

مان ھمدردي نه پيو ڪيان.“

مان خاموش رھيس.

ڪجھه کائي وٺو،  ھيڏن ڏينھن کان ڪجھه نه کائڻ ڪري توھان ڪمزور ٿي ويا آھيو، طاقت ھوندي ته واپس وري سگھندا.“

ھن ڀيري، ھن سمجھائڻ چاھيو، ۽ مان چپ ڪري، اکيون بند ڪري ڇڏيون. پر اکين مان نير وھڻ لڳا ۽ سڏڪا نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا. ساھه ايئن کڄڻ لڳو، ڄڻ ھي ساھه، آخري ھڏڪيءَ سان نڪري ويندو.

عطا صاحب! ڪا ڳالھه ناهي! بس سمجهه  ۾ نٿو  اچي  ته هيءَ سزا،  ڪجھه ڏينھن جي سزا آھي يا زندگيءَ ڀر جي.“

”ان تي توهان کي ڀروسو ناھي؟“

ھن ٻيھر سوال ڪيو .

ھا آھي، پاڻ کان به وڌيڪ، ان ڀروسي جي ڪري ئي ته مار کائي ويس.“

”ڇا اُن کي توهان جو ڪو احساس ناهي؟“

ھن ٻيھر سوال ڪيو. ھو به روئي پيو.

پر ڪجهه مجبوريون، انسان کي پنھنجين خوشين جو خون پاڻ ٿيون ڪرائن.“

پوءِ توھان کي ان تي يقين ڪرڻ کپي.

مرد به سيني ۾ دل رکندڙ آ، جيڪڏهن زبان ڏني اٿس ته پوري به ڪندو. ھن به مون سان واعدا ڪيا آهن.“

مون پنھنجي ڳالھه کي وزن ڏيندي، ھن جي حمايت ۾ چيو.

اڳينءَ اسٽيشن تي مان لھي ويندس، جيڪڏهن توھان، مون سان ھلڻ چاھيو  ته هلي سگهو ٿا.“

ھن، مون کي پاڻ سان هلڻ جي آڇ ڪئي.

نه...نه...  مان ھن کانسواءِ ڪنھن سان نٿي وڃي سگھان، مون لاءِ اھو ھڪ ئي ڪافي آ. مان ھن ڏي واپس موٽي ويندس.“

هُو منھنجي ڀر ۾ ڪتاب ۽ بسڪيٽ رکي، اسٽيشن تي لھي ويو،  ۽ ٽرين زوڪاٽ ڪندي ھلندي رھي.....

 

پونم بلواڻي

 

 

 

 

 

ادرڪ جو چاڪليٽ:

 

گهربل شيون:

ادرڪ جي رس 150 گرام، کير 150 گرام، ڪوڪو پائوڊر اڍائي چمچا، گيھه اڍائي چمچا، کنڊ 175 گرام.

ٺاهڻ جو طريقو:

کير ۾ کنڊ ملائي باهه تي رکو. جڏهن هلڪي چاشني ٺھي وڃي، تڏهن ان ۾ ادرڪ جي رس وجهو. ڪجهه دير کان پوءِ گيھه ۽ ڪوڪو پائوڊر ملائي، ان کي چڱيءَ طرح گهمايو. جڏهن ڄمڻ جھڙو ٿي وڃي ته هيٺ لاهي، ڪنھن تراکڙي ٿانءَ ۾ گيھه لڳائي، ڦھلائي ڇڏيو، ڄمي وڃڻ تي ان کي چاڪليٽ جيترن ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ڪپيو.

گجرن جي کيرڻي

 

گهربل شيون:

6 پتائي گجرون، 3 پيالا کير، 1 پيالو کنڊ، 2 ننڍا ڦوٽا، ٿورڙي ڪيسر، 2 وڏا چمچا ڪُٽيل ڪاجو، هڪ وڏو چمچو گيھه.

ٺاهڻ جو طريقو:

گجرن کي ڇِلي چڱيءَ طرح ڪدوڪش ڪيو، گيھه گرم ڪري، ان ۾ ڪٽيل ڪاجو ڀُڃي ڪري الڳ رکو، ان گيھه ۾ گجرن کي چڱيءَ طرح ڀُڃو، جيئن ڪچي بوءِ نڪري وڃي، کير ملائي ڪري باهه تي گرم ڪريو، پوءِ ڦوٽا ۽ کنڊ ملائي چڱيءَ طرح ڀُڃڻ ڏيو، پوءِ ڪيسر ملايو، آخر ۾ ڪاجو ملائي، گرم يا ٿڌو، جيئن ٺيڪ لڳي، تيئن کائو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org