سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون ڊسمبر 2024ع

باب:

صفحو:4 

 نسرين قريشي

 

 

چين جو سفر

 

جيئن ته مان توهان سان پنھنجو چين جو سفر مختصر طور ونڊيو آهي، پر ادي لعل خاتون جي اسرار ڪرڻ تي مان توهان سان پنھنجو سفر تصويرن ۽ قلم ذريعي، بيان ڪيان ٿي.

سو ڳالھه شروع ڪيان ٿي اتان ته منھنجي ويزا جو ٽائيم ٽي مھينا هو، پر عامر (منھنجو پٽ) جو ارادو، مون کي اڃا هتي رهائڻ جو هو، سو هو مون کي صبح جو ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ اسپتال وٺي ويو. جيڪا اسان جي ئي ايريا يعني زنگ چن جي علائقي ۾ هئي، اسان جلدي جلدي ۾ بغير ناشتي اتي وياسين. اها اسپتال ”زنگ چن“ جي وڏي ۾ وڏي اسپتال آهي. هتي هر قسم جي بيماريءَ جو علاج ٿيندو آهي.

جهڙوڪ: الٽراسائونڊ، اِي.سي.جي ۽ اکين جو وارڊ ۽ ڪنن ۽ ڏندن جو وارڊ پڻ آهي. مون ان اسپتال جو چڱيءَ طرح سير ڪيو. جو اتان جي هر شيءِ ڏسڻ وٽان هئي اسپتال جو منظر سھڻو ۽ صاف سُٿري هئي. پھريون ڀيرو اُتي وئي هيس. مون کي اتان جي ماحول ڏاڍو متاثر ڪيو. ڇوته جهڙي انھن جي صفائي هئي، اهڙو وري اتان جو عملو هو. جڏهن هنن مون کي چڪاس ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر کي گهرايو، جيڪا هڪ نوجوان ڇوڪري هئي، جنھن مون کي گائيڊ پئي ڪيو. ۽ ٻين ڊاڪٽرن ڏانھن وٺي پئي وئي. اتي جيڪي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي هئا، تن کي پنھنجي زبان ۾ گائيڊ پئي ڪيائين. الٽراسائوند، اِي.سي.جي، اکين جي چڪاس، بلڊ چيڪ ڪرڻ، ۽ بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ لاءِ مختلف روم هئا، جن تي ٻاهرئين پاسي ڪمپيوٽر ذريعي نالا ڏسجن پيا ۽ منھنجي نالي ۽ نمبر اچڻ تائين، اها ڊاڪٽر مون سان گڏ، در جي ٻاهران بيٺي هئي ۽ مون ڏانھن شفقت ڀري نظرن سان ڏسي رهي هئي. هوءَ پنھنجي ڊيوٽي تمام سھڻي نموني سان انجام ڏئي رهي هئي ۽ مون کي به هن لاءِ هڪ احساس پئي محسوس ٿيو، جو هن مون کي هتي اڻ واقف سمجهي، ڇڏي ڪونه ڏنو. جيئن ته مون کي ۽ عامر کي چائنيز ٻولي سمجهه ۾ نه پئي آئي. عامر کي ته هتي رهندي ڇھه ست سال ٿيا آهن. پر پوءِ به چائنيز ٻولي، سولي نموني سکي ناهي سگهيو.

سو، مون ڳالھه پئي ڪئي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جي ته اهڙي اسپتال ڏسي، مريض جو اڌ مرض ته ختم ٿيو وڃي. سڄي اسپتال جو اي.سي سسٽم هو. اها ميلن ۾ پکڙيل هئي، جنھن جي مون وڊيو پڻ ٺاهي آهي. اها وڊيو به اپلوڊ ٿيل آهي. منھنجي يوٽيوب جي چينل تي خبر سان چيڪ اپ مان، ڊاڪٽر اسان کي فارغ ڪيو ۽ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان اسان هڪٻئي کان موڪلايو.

ائين لڳي پيو ڄڻ ته مان  هن جي وڇڙيل ماءُ هجان يا ڪا ڀيڻ هجان! اهڙو ورتاءُ هتان جا سڀ ماڻھو هڪٻئي سان ڪن ٿا چاهي، اهي ڪھڙي به ملڪ جا ڇو نه هجن. هتان جا ماڻھو انسان کي انسان وانگر ڊيل ڪن ٿا. نه ڪي جانورن وانگر. هتي ته ڪتو يا ٻلي به توهان کي رستي تي بُکايل يا اُڃايل نظر ڪونه ايندو. جو هتان جا ماڻھو، انھن جي به پيار سان سنڀال ڪن ٿا.

ميڊيڪل ڪرائڻ جو منھنجو سڄو ڪم مڪمل ٿيو. پوءِ اسان هوٽل ۾ اچي ناشتو ڪيو، گهڻي قدر هتي هوٽلن تي عورتون ڪم ڪن ٿيون، هر هنڌ ۽ هر جڳهه تي ننڍيون هوٽلون، جيڪي هڪڙي ڪمري تي ٺھيل آهن، اهي هر روڊ تي توهان کي نظر اينديون. جنھن سان ماڻھن کي ناشتو، لنچ ۽ ڊنر ڪرڻ جي سھولت ٿئي ٿي. سو اسان به هڪ هوٽل تي ويٺاسين. اتي گهڻي قدر نوڊلس يا چائنيز رائيس جهڙي قسم جون هلڪيون شيون ٺاهن ٿا. هتي چانھه جو رواج ناهي. قھوه ۽ گرين ٽي پيتي وڃي ٿي. هتي ماني ۽ اوفراٽي جو به رواج ناهي. باقي ميدي مان گهڻيون ئي شيون ٺاهين پيا، جن ۾ هڪڙي قسم جو بند به هوندو آهي، جنھن کي جيم جيلي يا ڪنھن ٻي شيءِ سان به کائن، سو اسان به ناشتو ڪيو. پوءِ عامر مون کي فليٽ تي ڇڏي ويو. جيڪو بلڪل ويجهو هو ۽ پاڻ آفيس هليو ويو.

ان کان پوءِ مون پاڻ اڪيلي سر وڃي اسپتال جا وڊيوز ٺاهيا ۽ تصويرون ڪڍيون آهن.  جيڪي منھنجي يوٽيوب ۽ ٽِڪ ٽاڪ تي رکيل آهن. جيڪو ڏسڻ چاهي ته منھنجي آءِ ڊي جو نالو آهي ”سنھري دن وٿ مسز قريشي“ توهان هن کي سرچ ڪندا ته توهان کي نظر اچي ويندي.

هونءَ به هي دور سوشل ميڊيا جو دور آهي. پر مان جس ڏيان ٿي، جيڪي هڪٻئي جو ساٿ ڏئي، هن دور ۾ ڪتاب ڪڍي رهيا آهن. ڇو جو هن وقت ڪنھن کي به ڪتاب پڙهڻ جو ٽائيم نه آهي. سو هنن جي ڪوشش ۽ ڪاوشن کي سلام پيش ڪريان ٿي. جو هنن  جي ٽيم ورڪ سان هي رسالا جهڙوڪ: ”سرتيون“،
”مھراڻ“ ۽ ”گُل ڦُل“  اڃا تائين پيا هلن ۽ اسان کي ڪتاب جو علم به پيو ملي، جنھن جو لاڙو بلڪل ختم ٿيندو پيو وڃي. الله اڳتي به هنن جي ڪوشش کي جاري و ساري رکندو .آمين.

اسان قلمڪارن کي به الله سائين همٿ ڏيندوته اسان پنھنجيون لکڻيون پڙهندڙن تائين رسائينداسين.

***

ثمينه ميمڻ

 

 

 

 

اَندر منجهه اُهاءُ

 

سنڌو، جيئن ڪار مان لٿي ته اسپتال جي مين گيٽ ٻاهران هڪ عورت کي ڏٺو، جيڪا ويل چيئر تي ويٺل هئي، ۽ ان جي اڳيان ڪپڙو وڇايل هو. سنڌوءَ جو اسپتال ۾ ڊيوٽيءَ جو پھريون ڏينھن هو. انڪري هوءَ تڪڙ ۾ اسپتال ۾ بايوميٽرڪ ڪري، پنھنجي او.پي.ڊي ۾ پھتي.

سنڌو هڪ سال کان پوءِ اسپتال آئي هئي، سندس گهرواري جو ٽرانسفر اسلام آباد ٿيڻ ڪري، هتان موڪل ورتي هئائين. وري اڄ ڊيوٽيءَ تي جوائنگ ڏنائين.

سنڌوءَ جو سڄو ڏينھن اسپتال جي مريضن کي تپاسڻ ۾ گذري ويو. هن کان، مين گيٽ تي ويٺل عورت وسري وئي.

موڪل جو ٽائيم ٿي ويو ۽ سندس پٽ جي ڪال اچي وئي، جيڪو هن کي وٺڻ آيو هو. سنڌو تڪڙ ۾ پرس ۽ اسٽيٿو اسڪوپ سنڀاليو، ۽ بايوميٽرڪ ڪري ٻاهر نڪتي ته وري به هن مين گيٽ تي انھيءَ عورت کي ڏٺو، جنھن جو منھن هيٺ جهڪيل هو، ۽ هڪ ٻانھن هيٺ لڙيل هئي ۽ هڪ هٿ رئي ۾ لڪيل هو.

سنڌو، ان عورت وٽ بيھي رهي ۽ هن جي چھري کي غور سان ڏسڻ لڳي ۽ ان جو ڪنڌ مٿي ڪيو. سنڌوءَ جيئن هن جو ڪنڌ مٿي کنيو ته هن کان رڙ نڪري وئي!

”اڙي امان زليخان تون؟“

ان عورت، جڏهن سنڌوءَ جو آواز ٻڌو ته هوءَ پڻ آواز کي سڃاڻڻ لڳي.

”امان زليخان، مان سنڌو آهيان. مون کي سڃاڻين ٿي.“

هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ سنڌوءَ کي ڏسڻ لڳي ۽ پنھنجي هڪڙي هٿ سان سنڌوءَ جو هٿ پڪڙي، هن کي چتائي ڏسڻ لڳي. سنڌوءَ، جڏهن هُن جي منھن ۾ ڏٺو ته امان زليخان جي اکين ۾ ڳوڙهن جو مينھن هو، جيڪو کيس پسائيندو ٿي ويو. سنڌوءَ، هن جو هٿ مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ پنھنجي پرس مان ٽشو پيپر ڪڍي، سندس جي ڳوڙهن کي اُگهيو.

سنڌوءَ جو اندر وٺجي ويو، سڏڪو اندر ۾ اٽڪي پيس. امان زليخان کي فالج جو اٽيڪ ٿيل هو. هوءَ ڳالھائي به نه ٿي سگهي.

سنڌوءَ جو پُٽ سالار، گاڏيءَ جو هارن ڏيڻ لڳو ته سنڌوءَ ان کي پاڻ ڏانھن سڏيو. سالار گاڏي سائيڊ تي بيھاري، پنھنجي ماءُ ڏانھن آيو.

”امان ڇا ٿيو! اوهان هن عورت وٽ ڇو ويھي رهيا آهيو؟“

سنڌو پنھنجي اکين ۾ ڳوڙهن کي روڪي نه سگهي ۽ پٽ کي ٻڌائڻ لڳي ته پُٽ هيءَ امان زليخان آهي، جنھن اسان وٽ سالن جا سال ڪم ڪيو آهي ۽ توهان ٻنھي ڀائرن کي نپائي وڏو ڪيو. سالار پڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

”ها امان، هيءُ ته امان زليخان آهي، پوءِ هت هيءَ پني پئي؟ هيءَ ته معذور آهي.“

”ها پُٽ! هيءَ هاڻي معذور آهي. هيءَ هاڻي گهر جي ڪم ڪرڻ جهڙي نه رهي آهي، انڪري هن جو نشئي پٽ، هن کي هتي پنڻ لاءِ ويھاري ويو هوندو.“

سنڌوءَ وٽ پورا پندرهن سال امان زليخان ڪم ڪيو هو، جڏهن امان زليخان جو مڙس گذاري ويو هو، تڏهن هوءَ اڃان جوان هئي، سندس ڏير، هن کي ٻارن سوڌو گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو. هوءَ در در جا ڌڪا کائي، اُهو ڳوٺ ڇڏي شھر ۾ آئي هئي ۽ ٻچن جي پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ گهرن ۾ ڪم ڪندي هئي. ۽ پوءِ هڪ بنگلي وارن ٻاجهه ڪري سرونٽ ڪوارٽر ۾ هن کي رهايو ، اتي هوءَ ان گهر جو به سڀ ڪم ڪندي هئي.

پر ٻارن کي پڙهائي نه ٿي سگهي، صرف انھن کي کارائي ٿي سگهي. ٻار اڄ ننڍا، سڀاڻي وڏا، پر غلط صحبت جي ڪري، ٻئي پٽ نشي جا عادي ٿي ويا هئس. هوءَ ڪمائي، هنن جا نشا به پورا ڪندي هئي. اڳتي هلي، هڪ پٽ گذاري ويس. پر ٻئي پٽ لاءِ وري جيئڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳي، جنھن بنگلي ۾ ڪم ڪندي هئي، اُتان، هن جي پٽ جي غلط صحبت جي ڪري نڪرڻو پيو. وري در در تي وڃي ڪمائڻ لڳي.

سنڌوءَ کي ياد اچڻ لڳو ته جڏهن امان زليخان هن وٽ ڪم ڪرڻ آئي هئي ته تمام گهڻي ڪمزور هئي، پر سنڌوءَ کي ٻارڙن جي سنڀالڻ لاءِ ضرورت هئي، ان لاءِ امان زليخان کي پاڻ وٽ رکيائين. هوءَ صرف ٻارڙن کي سنڀاليندي هئي، ڪم لاءِ ٻي مائي رکيل هئس. پاڻ  اسپتال ويندي هئي ته امان زليخان ٻارڙن کي وهنجاري سھنجاري، ماني کارائي سمھاري ڇڏيندي هئي. سنڌو جڏهن موٽندي هئي ته ان مھل امان زليخان کي پنھنجي گاڏيءَ تي گهر ڇڏي ايندي هئي.

سنڌو ۽ سندس گهروارو، هن کي روز گهر ڇڏي ايندا هئا، سنڌو، هن کي گهر ۾ رهڻ جو زور ڀريندي هئي، پر هن کي پنھنجي پٽ جو فڪر هوندو هو. اڳتي هلي، پٽ جي پنھنجي ڀاڻيجيءَ سان شادي به ڪرايائين ۽ ويسي وجهي ننڍڙي جهوپڙي پڻ اڏي ڏنائينس.

امان زليخان پندرهن سال سنڌوءَ وٽ ڪم ڪيو، هاڻي پوڙهي به ٿي وئي هئي. هن سنڌوءَ کان موڪل ورتي ته امان هاڻ تنھنجا ٻچڙا به جوان ٿي ويا آهن. مون کي دل سان موڪل ڏي ته مان هاڻ وڃي گهر ويھان. هاڻي مون ۾ ڪم ڪرڻ جي همت به نه آهي.

اهو ٻڌي، سنڌو پريشان ٿي وئي، صرف انڪري ته جيڪڏهن امان زليخان هن وٽان هلي وئي ته هن جي گهر کي ڪير سنڀاليندو. سندس ٻار ته وڏا ٿي ويا هئا، پر گهر ۾ امان زليخان هئي ته هن کي وڏو ڏڍ هو ۽ هاڻ هوءَ ٻئي هنڌ ڪم به ڪري نه سگهندي. پر امان زليخان جي مجبوري کي سمجهندي، موڪل ڏنائين. سنڌوءَ ۽ ان جي ٻارڙن جو ته امان زليخان ۾ ساهه هئو، پر هو مجبور هئا. امان زليخان سان هنن واعدو ڪيو ته توکي اسان ڪونه ڇڏينداسين.

پوءِ هنن کان جيتري به مدد ٿي سگهندي هئي ڪندا رهندا هئا. پر ڪجهه سالن لاءِ هنن کي اسلام آباد وڃڻو پيو، اتان به هن جي پُٽ ڏي ڪجهه رقم موڪلي ڇڏيندا هئا، پر اڄ اوچتو هن، امان زليخان کي هن حال ۾ ڏٺو ته صدمي ۾ اچي وئي.

”امان امان“ سالار سنڌوءَ کي سڏڻ لڳو.

هوءَ ڪجهه گهڙين لاءِ پنھنجي ماضيءَ ۾ هلي وئي هئي. سالار جي سڏڻ تي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي اگهڻ لڳي.

”پٽ! امان زليخان کي پنھنجي گهر وٺي ٿا هلون، سڀاڻي امان کي اسپتال وٺي اينداسين ۽ امان جو علاج ڪرائينداسين.“ هوءَ فيصلو ڪري اٿڻ لڳي.

”امان اهو ته صحيح آهي، پر هُن جو پٽ هت امان کي نه ڏسندو ته پريشان ٿيندو وري مسئلو نه ڪري.“

”مسئلو وري ڪھڙو ڪندو! هن کي ماءُ جو ته ڪو فڪر ڪونھي، اهو پٽ، جنھن لاءِ هن در در جا ڌڪا کاڌا. هن جي شادي ڪرائي. گهر ٺھرائي ڏنائين ۽ آخر ۾ اُها ماءُ جڏهن هن کي ڪمائي نه پئي ڏئي ته پنھنجي علت پوري ڪرڻ لاءِ پنھنجي امڙ جيجل کي پنائڻ تي مجبور ڪيو اٿس، جيڪا هن کي ڪجهه چئي به نٿي سگهي.“ هوءَ انتھائي جذباتي ٿي وئي.

”ڏس سالار پٽ! امان زليخان ايتري خوددار آهي، جو پنڻ لاءِ پنھنجو ڪنڌ مٿي نٿي کڻي سگهي. ۽ پنڻ لاءِ هٿ به هن لڪائي ڇڏيو آهي.“

سنڌو تڪڙ ۾ اُٿي ۽ اُتي ميڊيڪل اسٽور واري کان پڇڻ لڳي ته امان ڪڏهن کان هت ويھندي آهي.

ميڊيڪل اسٽور واري سنڌوءَ کي ٻڌايو ته: ”ڊاڪٽر صاحبه ڇھه مھينا ٿيا آهن. هن جو پٽ هن کي صبح جو سوير هت ويل چيئر تي ڇڏي ويندو آهي ۽ اڳيان ڪپڙو وڇائي، هليو ويندو آهي ۽ منجهند جو هتان وٺي ويندو آهي.“

سنڌوءَ ميڊيڪل اسٽور واري کي چيو ته جڏهن هن جو پٽ هن کي وٺڻ اچي ته منھنجي لاءِ ٻڌائي ڇڏجوس ته ڊاڪٽر سنڌو، هن کي پاڻ سان وٺي وئي آهي.

سنڌو سالار کي سڏيو، جنھن گاڏي امان زليخان جي اڳيان بيھاري. سنڌوءَ ۽ ميڊيڪل اسٽور واري ۽ سالار سھارو ڏئي، امان کي پٺينءَ سيٽ تي سُمھاريو ۽ پنھنجي گهر وٺي آئي.

سنڌو پنھنجي گهرواري کي سڄي حقيقت ٻڌائي، جيڪو پڻ خوش ٿيو.  ٻئي ڏينھن هوءَ امان زليخان کي اسپتال وٺي آئي، چيڪ اپ ڪرڻ لاءِ مختلف ٽيسٽون پڻ ڪرايون، ڪجهه وقت علاج ڪرائڻ کان پوءِ امان زليخان ڪجهه ٺيڪ ٿيڻ لڳي.

سنڌو هڪ ڪم واري ٻي مائي امان زليخان جي سنڀال لاءِ پڻ رکي هئي، جيڪا وقت تي امان زليخان کي وهنجاري، ماني کارائي، دوائون وقت تي ڏيندي هئي.

سنڌو ڪڏهن ڪڏهن امان زليخان کي چوندي هئي ته مان اوهان جي پٽ کي سڏايان. امان زليخان کي پنھنجي پٽ جو  جهوراڻو اندر ۾ ناسور بڻجي کائيندو ٿي ويو، پر هن اهڙي پٽ کي ڏسڻ به نه ٿي چاهيو. جنھن لاءِ هن سڄي ڄمار ڪنھن آڏو هٿ نه ٽنگيو ۽ انھيءَ پٽ هن کي هٿ ٽنگڻ لاءِ مجبور ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org