سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جُون 2005ع

 

صفحو :4

نجمه نُور ڦلپوٽو

امڙ جي نالي

 

منهنجي مٺڙي امڙ منهنجو تون مانُ آن،

منهنجي هستيءَ جو باعث ۽ احسان آن،.

 

منهنجي ممتا آن تون منهنجي مايا آن تون،

منهنجي ڪايا آن تون منهنجي ڇايا آن تون،

تون ئي منهنجو جياپو ۽ جند جان آن.

 

منهنجي چنتا آ تون، منهنجي سيوا آ تون،

منهنجي پوڄا آ تون منهنجي آسا آن تون،

ساهه جو سُک، سُڪون، منهنجي ڌَنوان آن.

 

منهنجي مسجد آن تون منهنجو مندر، آن تون،

منهنجو دين ۽ ڌرم دل جو دفتر آن تون،

مون لئه تون ئي هدايت جو فرمان آن.

 

تنهنجي دم سان ئي منهنجي حياتي هئي،

تنهنجي دم سان ئي دنيا سڃاتي هئي،

هائو منهنجي اُمنگن جو ارمان آن.

 

توسان ئي هو سَڦل، زندگيءَ جو سفر،

تو بنان مون لئه سنسان آهي شهر،

پوءِ به يادن ۾ هر دُکَ جو درمان آن.

 

تون هئينءَ مون لئه خوشبو جو ڀنڊار ڄڻُ،

توسان سُرهيون هيون ساعتون سڀ سڄڻ،

مون لئه هاڻي به منهنجو گلستان آن.

 

جيئن دعا لاءِ دامن ٿي ڦهلايو تو،

تئن ٿي نازل ٿيو رب جو راضپو،

اڄ به مون لئه دعائن جو تون دانُ آن.

 

مان وڌي باغ تنهنجي دعا سان ٿيم،

شاد آباد لطف و عطا سان ٿيم،

تون ئي منهنجي مٺي آن ۽ شان آن.

 

 

تون بنان هي حياتي اڌوري ئي آ،

جهوري آهي جياپو، امڙ! تو سوا،

ڀانيان منهنجي ڏکن کان پريشان آن.

 

تون ڇڏي هي جهان، وئي آن جاڏي اَلاءِ!،

”نور“ پنهنجي کي تاڏي خدارا گهراءِ،

ڪر دعا دل سان، جهڙي مهربان آن.

 

سنجھا سرواڻ

چنڊ ڏسندو ٿو رھي!

(نثري شاعري)

سوچيان ٿي،

ته ھو گھڻو پري ٿو لڳي

۽ جي محسوس ٿي ڪيان

ته ساھ کان به ويجھڙو ٿو لڳي.

 

ماڻھو چون ٿا

ھو مون کان جدا ٿي ويو آ

حيرت ٿئي ٿي

مون ته ھن کي ھميشه

گڏ گڏ محسوس ڪيو آ...

 

ڇا توکي خبر آ،

ته ھر لڙڪ جي ڪھاڻي

ٿيندي آھي

۽ اُھا ٻئي لڙڪ

جي ڪھاڻيءَ کان

نرالي ھوندي آھي.

 

عجيب چاھت،

عجيب محبت آ ھُن جي

مون کي ڏسندي

نظرون جھڪائي ٿو ڇڏي

منھنجي قدمن جا نشان

ڏسندو ٿو رھي

ياد مون کي ڪري ھُو

چنڊ ڏسندو ٿو رھي

تارا تڪيندو ٿو رھي

مون لاءِ فقط

سوچيندو ٿو رھي

۽ مسلسل ڀوڳيندو ٿو رھي!

 

عجيب ڇوڪري ھئي

محبت کان جنھن کي

بي انتھا چڙ ھوندي ھئي

وٺبو ھو نانءُ پيار جو

ته ڪاوڙجي اٿي

ھلي ويندي ھئي

ڪالھ ٻُڌم

ھوءَ مري ويئي...

اُھو به معلوم ٿيو ته،

ھُن جو موت

ڪنھن جي بيوفائيءَ سبب

ٿيو آھي

ھن به ڪنھن سان

پيارُ ڪيو ھو!

عجيب عورت ھئي

جوانيءَ ۾ جنھن به ساڻس

پيار جو اظھار ڪيو ھو

جواب مليو ھئس

پيار دوکي کان سواءِ

ڪجھ به ڪونھي...

ھاڻي جڏھن ھوءَ

جوانيءَ جي سرحد تان

موٽي رھي آھي

ته ھن کي پيار سان

پيارُ ٿي ويو آ

۽پيار تي اعتبار اچي ويو آ.

مون کي

گھرجي ٿي بس

ٿورڙي نفرت

دائمي رھڻ واري

محبت جي زندگيءَ لئه!

ھُن سان

بي انتھا پيارُ

ڪرڻ جي باوجود به

اظھار ڪرڻ

مشڪل آ مون لئه

ڪا سکي جي

پڇي ٿي مون کان

ڇا تون ھُن کي چاھين ٿي؟

ته انڪار ڪرڻ

مشڪل آ مون لئه.....

ڪنھن پڇيو:

”تو محبت ڪئي آھي؟“

مرڪي پيس

اکين ۾ به لڙڪ اچي ويا

چيومانس:

”مون محبت نه

محبتون ڪيون آھن!“

اَچُ عشق ڪريون

پنھنجو پاڻ سان پرين!

ٻين کي چاھجي ئي ڇو

ڇا پاڻ جھڙو

ٻيو ڪو سھڻو

آھي ھن سنسار ۾ .....؟

 

سلينا اور  SALINA ORR

 

تون پڇين ٿو: تنھائي ڇا آھي؟

تنھائي زندگيءَ ۾ ھڪ داغ آھي

جنھن جو پنھنجو ئي راڳ آھي

تنھائي عمر ڀر جو روڳ آھي

جنھن ۾ پڇتائڻ ۽ سوڳ آھي

مان ديوانو آھيان، ڇڏي ڏيو مون کي

نه کِلو منھنجي بي وسيءَ تي

مان زندهه ڪٿي آھيان

عرصو ٿيو مان مري چڪو آھيان

بيشڪ مڙئي ساھ جو سڳو پيو سُري

سو به ڪنھن ٻئي جي لاءِ

وڃو ڇڏي ڏيو مون کي اڪيلو

ڇو ته ھڪڙي مان آھيان ۽ ھڪ منھنجي تنھائي آھي

تنھائي ئي منھنجي عادت بڻجي وئي آھي

تنھائي ئي منھنجو مشغلو آھي

يارو مان توھان سان گڏ بيشڪ آھيان

پر تنھائيءَ جو ھٿ جھلي گھڻو ڏُور نِڪري آيو آھيان

نه ڇيڙيو ديواني کي رھڻ ڏيو ان کي پُورن ۾

سجاڳ ڪرڻ تي به اُھو توھان کي نه ملندو

رھڻ ڏيو ان کي تنھائيءَ سان ستل

تون ڇو ٿو محسوس ڪرين ته مان غفلت ۾ آھيان

مان ته ائين پنھنجي تنھائيءَ ۾ مگن آھيان

رھڻ ڏيو مون کي پنھنجن تنھاين ۾

تون خوش رھو پنھنجي ساٿين ۾.

(ترجمو: سنڌيا)

 

 

 

رخسانه سومرو

اکين جا سراب

تنھنجي نيڻن جو شھر

سراب جو شھر آ

سراب جي ساحل تي

اندر ۾ پنھنجو پاڻ ڦٽندڙ

ڪنڊن وانگر اڪيلائي

پاڙون پوکي رھي آ.

اسان مان ڪو به

سڄو جُڙيل ناھ

سڀ ڪنڀر جا

چيڪي مٽيءَ جا جُڙيل

رانديڪا آھيون

جيڪي پل پل لئه 

ھلڪي ڌڪ تي

ڀڄندا رھن ٿا

پر ان مٽيءَ جي سڳنڌ

محبت جي روپ ۾

چؤڏس پکڙيل رھي ٿي

اکين جي سرابن جي

شھر جو منڊ

اھڙو ته پڪو ٿئي ٿو

جو نيٺ جوڳي بڻائي

گيڙو ويس ڪرائي

ويراڳي ڪري ڇڏي ٿو

روڳ ڏئي ڇڏي ٿو

 

موڙ ڳنڌي سان وي جھجھا جيويم

 

ھيٺ ڏنل لوليون جيڪي آڳاٽي وقت ۾ مائرون پنھنجي ٻارن کي ڏينديون ھيون، سي اسان کي مانواري ليکڪا ماھتاب محبوب جي ٿورن سان حاصل ٿيون آھن، جن کي اسين پڙھندڙن جي ڄاڻ ۽ دلچسپي لاءِ پيش ڪري رھيا آھيون.ان ڏس ۾ ماھتاب محبوب جو چوڻ آھي ته:

لوڪ: ادب ھجي، سنگيت ھجي يا صرف شاعري، اھي سمورين صنفون اھڙي اَملھ شيءِ مِثل آھن، جيڪا نسل درنسل اسين ڄڻ ورثي طور حاصل ڪريون ٿا.

لفظن جي مالھا ۾ پوتل سادا سلوڻا جذبا ته ڪٿي وري شوخ سٻاجھڙا گفتا، انڊلٺي رنگن جو احساس ڏيارڻ ۾ ڪيترا ڪامياب وڃن ٿا، سا خبر ته ماءُ جي چپن مان نڪتل ڪا لولي ھجي يا ڪوئي لوڪ گيت، پنھنجي خوبصورتيءَ جو احساس پنھنجي لفظن ۾ موجود ميٺاج جي دائري ۾ قابو ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن، جن جي نه رائٽر جو ڪو پار پتو آھي، نه ئي ڪمپوزر جو ڪو نالو نشان، پوءِ به اھي سنگيت ڀريا سادڙا سُودڙا مٺڙا ٻول ۽ انھن جو رڌم دل جي ھر تار ۾ ڄڻ خوشيءَ جو احساس ڀريو ڇڏي.

ماءُ ناني ۽ ڏاڏيءَ جي واتان ڏنل اڳي لوليون نه رڳو سندن اَڻمَئِي محبت جي احساسن کي ظاھر ڪن ٿيون پر گڏوگڏ ننڍڙين معصوم خواھشن جو به ڄڻ پڙاڏو آھن. اھڙن ئي ڪجھ جذبن جو انوکو اظھار ھيٺ ڏنل، پُٽيتين توڙي ڌيئاڻين، سرائيڪي ۽ سنڌي لولين ۾ ٿيل آھي. جيڪي محض ياد جي آڌار تي نسلن جو سفر ڪنديون منھنجي ناني، منھنجي جيجل ۽ مون تائين پڻ پھتيون.

اسان جي انھيءَ ڏس ۾ ”سرتيون“ ۾ لکندر ڀينرن کي گذارش آھي ته پنھنجي وڏڙين کان جيڪي به لوليون ۽ لوڪ گيت ٻڌل ھجن، سي اسان کي ڏياري موڪلين. اھڙي نموني اسان جو لوڪ ادب محفوط ٿي سگندو.

(گ.ج)

اَئي گوڇن بوڇڻ لائي ھي، ڙي بوڇڻ ڪلا سُٽ

اَئي شاھن گھر وڌائي ھي، چيني ڄايا پُٽ،

اَئي لوڏ مھر تيڪون الھ ڏتا ڪوڏ،

تون پا پينگھڙي لوڏ.

..........................

ائي ٺري ٺري ٺينگ ڏنائين،

ماري روجھ وڌائين

چؤسو چيلھ ٻڌائين

اوڙي پاڙي ڏنائين

............................

اَئي ٺري ٺري نيڻان

مٺل ڪون ڪانه ڄاسي ٻي ڀيڻان

امان ڪون سڀئي جو ڄاسم ڀرا

..............................

اَئي ٺري ٺري ٺار ته ھي پُٽ

واڃاڻيءَ سندو يار.

ائي چاڻا مَک کڙا بزار،

ڀيڻئين ڪاڻ آندي ھنس ساوي

ساوي ٻولي، مڱيندي ڪيتي ھار،

اَئي ماءُ ڪاڻ جو وِسر ڳيس،

ته وَل گھڙيا بَزار،

اَئي ماءُ ڪاڻ جو گگھا آندا ھس،

لھندا ھي ڏيڍ ھزار!

ائي دائي ڪاڻ جو گڏھ آندا ھئس،

لھندا ھي ڪوڏڙيان چار!!

**************

آئي آئي اَمان، ڪيڏي پئي وڃين؟

ننگر پئي وڃان.

ننگر جا ڳنا، موڙيو پئي ڀڃان

جيڪو گھڙو، گلابي پَڙو،

پڙي جا وَر کڻندي آ،

چنيءَ کي چاڪ ڏيندي آ.

..................................

امان مون کي کَڏو اڏي ڏنو

ڙِي کڏو اڏي ڏنو

کَڏي ۾ مون سنھو سُٽ ڪَتيو ڙي

سنھو سُٽ ڪتيو.

سنھو سُٽ مون ماءُ کي ڏيکاريو

ڙي ماءُ کي ڏيکاريو،

ماءُ ته مون کي سير مکڻ جو ڏنو،

ڙي سير مکڻ جو ڏنو.

سير مکڻ جو مون چوٽي مکيو ڙي

چوٽي مکيو.

چوٽو مون ته ڀيڻ کي ڏيکاريو

ڙي ڀيڻ کي ڏيکاريو.

ڀيڻ ته مون ڇينڀن سان ماريو

ڙي ڇينڀن سان ماريو

ڇينڀا مون ته اُٺ واري کي ڏنا

ڙي اُٺ واري کي ڏنا.

اُٺ واري مون کي گؤنرو ڏنو

ڙي گؤنرو ڏنو.

گؤنرو مون ميھار کي ڏنو

ڙي ميھار کي ڏنو

ميھار مون کي ٻانھين چاڙھي،

ڙي ٻانھين چاڙھي.

ٻانھين مون ته تَڙ تي ويساري

ڙي تڙ تي ويساري.

تڙ ته مون کي کھنبو ڏنو ڙي،

کھنبو ڏنو.

کهنبو مون ته تڙ تي ويساريو

ڙي تڙ تي ويساريو

ھيڏڙي جتي،

جا منھنجي پير ۾ کُتي،

ھيڏڙا نَورا، منھنجي پير ۾ پورا.

**************

اَئي پوپري پَٽ سندي، تيئڏي سون سَندي ٻُندي،

ايندڙين ڪون کير پوي سين،

ويندڙين ڪون ڌؤنري،

ائي درياھ مٿون جون دعا مڱيم،

منگيم ڀائڙي،

ائي مِٺل مئيڏي ھَنئين تون

تئيڏي پَٽ تي، چولڙي ڏون!

ھڪڙا اڍيسيم سيالي دا،

ڏوجھا لاھ ڏيسين غريبين ڪون،

ٿورا لھيسيم شريڪين ڪون!

*********************

اله له له آن...

مِٺل مئيڏي دي، امان ڪي ھنس

ڀنڀي جي وال، تِنھين ڪون موڙ،

ڳنڌي سان وي ججھا جِيويم،

موڙ ڳنڌيسم ڙي امان ميندي چنن دي نال

مٺل مئيڏي جھڙي ميوي،

ائي امان الله ھر ڪنھن ڪون چا ڏيوي.

ڏورون دي آندي دي،

مائين ته لوڏ سڃاڻَان

اھا لوڏ ته مئيڏي مٺل دي بابي دِي،

جَجھا جيويَم!

لوڏ ملوڪَڙي، مُنڍي لال ڪمان

ڏيئان جي راڻيان، امان ھَن توڙ ٻيلاڙيان،

ميڏيان ڏورئون جو آسم ڙي امان،

ڪر ماءُ پيو دا جو ماڻا.

مِٺل مئڏي دي ڪي ھنم نيڻ ننڊائي

تيڪو سک نال نپاوي، ڙي امان تئيڏي آپني جيجل ماءُ.

الھ دي در تي مائين ھان سوالڻ،

مئيڏي سوال ته سُڻ سيم اَلھ ڀاوين،

سوال ته سُڻ سي امان ھڪ آپِ خدا،

مٺل نه رو وي، رو وي ڄَٽي،

داَ ٻال، جنھن دي ماءُ مھيڻيڻ،

پِيو مَنڌيان دا مِھال!

وڏي ٿيوينم......

اَلھ دي در تي مائين،

مَنيان هَن منتان،

مائين وڃ لهيسان امان دي درتي

وهنم واهڙي، امان وَهه ٿيسينم ٻيٽ،

الهه ٺاريا وي ميئڏي سهڻي دا پيٽ.

ائي جا مومل ڪون مٺڙا منگي.

سا سٽي جو شهباز!

آنڊي گجيان ڪانگين ڪون ڏيوانس.

سسي ڪالڙي نانگ!

آ مئڏي بل، بلي تئڏي ڪڻڪ ڀريسم پلئين،

تئڏي جوار ڀريسم کلنئي

آءٌ ميئڏي حور، تئيڏي اک نه ڪريسم سُور،

آءُ مئيڏي مومل مَت دي نال

تائين ٻانهين ڪون ماريا لت دي نال،

تئيڏي ٻانهي دا نالا نباتي،

جنهن ڏاج لڌا گجراتي،

اڌ هيرا جو اُڌ موتي.

 

اتهاس ۾ جهاتي

 

ڳچ ڏينهن ٿيا ”دنيا زاد“ ۾ هڪ لکڻي پڙهي هئم، جنهن ۾ ليکڪ مائٽن جي گهر وڃي ٿو، هڪ نئين ڄاول ٻار جي مبارڪ ڏيڻ جيڪو پنهنجي هنڌ تي پيو هوندو آهي،. ۽ آيو ويو رڳو کيس ڏسي، ڳل تي هلڪي ٿڦڪي ڏئي، بس ڪري ويهي ٿي رهيو. ائين ان ليکڪ کي پراڻيون ڳالهيون ياد ٿيون اچن ته اڳي ٻار کي ڪهڙن ٻولن/ ڪوڏاڻا/ چوڻيون ڏنيون هيون، انهن ۾ لغت به هئي، ته سُر ۽ جهيل به، پر اهي هند جي حوالي سان هندي/ اڙدوءَ ۾ هيون _ ۽ ائين اها ڄڻ اتهاس ۾ هڪ جهاتي هئي.

ان لکڻيءَ کي پڙهي منهن چِتَ تي به ڪيتريون ساروڻيون سنڀري آيون ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا ڪوڏاڻا، ٻول، چوڻيون کيڏڻيون، لوليون، جيڪي مون پنهنجي ڏاڏيءَ ۽ پڦين ۽ ٻين وڏڙين کان ٻڌيون، جيئن:

گر گلولڙي، سُمن پولڙي،

ناناڻين ويندين؟ ڏاڏاڻين!

.....................

يا جئين:

ٻليءَ پير کڻان

۽ يقيناً اهي لوليون، ٻوليون، ڪوڏاڻا، کيڏڻيون، عورتن ئي جوڙيون آهن ۽ ان ريت ڪيترائي لوڪ گيت به عورتن جا جوڙيل آهن. ۽ ائين اسان جي عورتن اتهاس ۾ پنهنجو شاندار ۽ جاندار ڪردار ادا ڪيو آهي. اسين چاهيون ٿا ته ان ڏس ۾ اسان جون مائرون ۽ ڀنيرون اڳتي اچن ۽ انهيءَ گم ٿيل/ ٿيندڙ اتهاس کي بچائڻ، محفوظ ڪرڻ ۽ نئين نسل تائين پهچائڻ ۾ واهر ڪن. جنهن جو آغاز اسان جي مانائتي ليکڪا سائڻ ماهتاب محبوب ڪري چڪي آهي.

امداد حسيني

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com