سرتيون فيچر
محبتي ميڙي ،ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو !
”ڪولهي ڳوٺ جو هڪ
ڏيک“
رپورٽ: گلبدن جاويد فوٽوگرافي: نجمه پنهور
ان ڏينهن ذهن ۾ اهو خيال رکي نڪتيونسين ته ”سرتيون“ لاءِ ”ڪولهي
ڳوٺ“ تي ڇو نه ڪو فيچر ڪجي هيءُ ڳوٺ سنڌو درياءَ
تي اڏيل ”ڄامشوري پل“ کان اڳيان ۽ ڀٽائي نگر کان
پهرين سپر هاءِ وي تي ٻڌل آهي. هن ڳوٺ ٻڌڻ بابت
رهواسين ٻڌايو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو حڪومت ۾
هو ته هڪ ڏينهن اسان کي خبر پئي ته اڄ ڀٽو صاحب هن
روڊ تان لنگهندو. اسان ٻڌو هو ته ڀٽو صاحب غريبن ۽
مسڪينن جو ڀرجهلو ۽ واهرو آهي. سو اها منشا دل ۾
رکي، هتان جو عورتون، ٻار روڊ تي پلٿي ماري ويهي
رهيا. ڀٽي صاحب جڏهن عورتن ۽ ٻارڙن کي روڊ تي ويٺل
ڏٺو ته گاڏيءَ مان لهي اچي ساڻن مليو ۽ حال احوال
ورتائين، جنهن تي هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي رهڻ
لاءِ گهر کپن. ڀٽي صاحب سندن سڌ پوري ڪندي شاهه
سائينءَ جي هن شعر وانگر:
محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو!
تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو پاتشاهه.“
سندن لاءِ ڪولهي ڳوٺ ٻڌڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ هنن مسڪينن ۽ بي پهچ
ماڻهن کي سر ڍڪڻ لاءِ اجها اڏجي مليا. هي ڳوٺ
تقريباً سَوکن گهرن تي ٻڌل آهي. هن ۾ پاڻيءَ ۽
بجليءَ جو بندو بست پڻ ٿيل آهي. ڳوٺ جو گهرائيءَ
سان جائزي تي معلوم ٿيو ته هن ڳوٺ جي اڏاوت تمام
سوچ سمجهه، محنت ۽ مشقت سان ڪئي وئي آهي. ڪنهن قسم
جي بيگر وهڻ جو احساس نه ٿيو. پر افسوس انهيءَ
ڳالهه جو آهي ته هي هيڏو سارو محبت ۽ محنت سان
اڏايل ڳوٺ هينئر کنڊر وانگر لڳي رهيو هو. جنهن مان
معلوم ٿئي پيو ته وڏي عرصي کان ڪنهن به انظاميا هن
تي توجهه نه ڏنو آهي ۽ نه ئي هنن ماڻهن پنهنجي ڳوٺ
کي سينگارڻ سنوارڻ لاءِ ڪو قدم کنيو آهي. وڏي ڏک
جي ڳالهه ته اها آهي جو هن ڳوٺ ۾ اڃا تائين ڪو
پرائمري ليول جو به اسڪول ناهي! هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ
وقت اسان کي جيڪا عورت گڏي، تنهنجو نالو هو لڪشمي
لڪشمي ڏاڍي بااعتماد، پروقار ۽ قربائتي نظر آئي.
انسان کي ڏسڻ سان ئي وڌي اچي کيڪاريائين ۽ چيائين
ته هلو منهنجي گهر. اسين لڪشميءَ جي پٺيان پٺيان
هلڻ لڳيونسين. اسين ٻه گهر ڇڏي ٽئين گهر ۾
گهڙيونسين. لڪشميءَ جو گهر هڪ ڪمري، اڱڻ جو گهر هڪ
ڪمري اڱڻ، رڌڻي ۽ وهنجڻ جي جاءِ تي مشتمل هڪ
ننڍڙو، پر ڏاڍو صاف سٿرو گهر هو. اسان ورانڊي ۾
رکيل کٽ تي ويهي رهيونسين. اڱڻ ۾ سندس مڙس ”ڪرشنا“
ويٺي رانديڪا ٺاهيا، جنهن پڻ اسان کي ڏسي ڏاڍي
پهنجائپ واري انداز سان آڌرڀاءُ ڪيو خبرون چارون
وٺڻ کان پوءِ اسان کين ٻڌايو ته اسين توهان جي ڳوٺ
تي فيچرڪرڻ چاهيون ٿيون. جنهن تي هنن خوشيءَ سان
هائوڪار ڪئي ۽ ڪرشنا لڪشميءَ کي چيو ته ”تو ادين
کي وٺ ڳوٺ جي سڀني عورتن سان ملائي اچ!“ تنهن تي
اسان چيو ته پهرين توهان ٻيئي زال مڙس پنهنجي باري
۾ ڪجهه ٻڌايو، پوءِ ٿا ٻين گهرن ڏانهن هلون.
لڪشميءَ چيو ته اسان کي چار ٻار (پٽ) آهن. جيئن ته
اسان وٽ اسڪول ڪونه آهي، انڪري هنن کي تعليم ڏياري
نه ٿا سگهون. پريان ڀٽائي نگر ۾ اسڪول آهن، پر
انهن جي في 200سوَ رپيا في ٻار آهي. اسان وٽ
جيڪڏهن ٻه سو روپيا هجن ته ڏهن ڏينهن جو خرچ نڪري
اچي! يعني مهيني ۾ 800 رپيا کپن فين لاءِ. في
داخلا جي ايڊوانس الڳ 500 پنج سوَ رپيا آهي. اسين
غريب ماڻهو پيٽ ۾ پورا ڪونه آهيون. سو ٻارن کي
تعليم ڪٿان ڏيارينداسين؟ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق به
فقط پيسي وارن ماڻهن جي ٻارن کي آهي. جڏهن ته اسان
جي گذر سفر جو ذريعو آهي رانديڪا ٺاهي وڪڻڻ، جيڪي
محرم جي مهيني ۾ حشر جي ڏينهن ۾ جهجهي تعداد
۾وڪامجن ٿا. ٻيو عيدن جي موقعي تي. ته ڇا توهان جي
روزگار جو ذريعو فقط رانديڪا ٺاهي وڪڻڻ آهي؟ مون
کانئس پڇيو، لڪشمي: اسان جي جاتيءَ جا ڪي مرد
ڀاڄيون به وڪڻن ٿا. ڪي مزوري ڪن ٿا، پر جن کي
ريڙهن وٺڻ يا ڀاڄيءَ جي دڪان کولڻ جيتري سگهه
ناهي، سي فقط رانديڪن تي ئي گذر ڪن ٿا. ٻيو ته
اڄڪلهه مزوري ملڻ به مشڪل ٿي پئي آهي، سو غريب
ماڻهو وڃي ٿو وڌيڪ غريب ٿيندو. مون ڏٺو ته کلمُک
لڪشميءَ جي چهري تي اداسي ڇانئجي وئي سندس ڌيان
مٽائيندي پڇيم ته ههڙا رنگ برنگي، وڻندڙ ۽ خوبصورت
نمونن جا رانديڪا ڪيئن ٿا ٺاهيو ۽ ڪهڙو سامان
گهربل هوندو آهي؟
لڪشميءَ بڌايو ”هن رانديڪن جي ٺاهڻ لاءِ ڪاٺيون کپنديون آهن،
جيڪي درياءَ مان مرد ڪڍي ايندا آهن.
”يا کبڙن جون ڪاٺيون ڪنهن قبرستان مان کڻي ايندا آهن. ان کان
سواءِ ڪڪڙن جا کنڀ جيڪي شهر مان پيسن تي ملن ٿا
اهي خريد ڪري ايندا آهيون. انهن کي سرف سان ڌوئي،
پوءِ مختلف رنگن سان انهن کي رڱيندا آهيون. ٽوپين
بابت ٻڌائيندي چيائين، تقرياً هڪ ٽوپيءَ تي 8 کان
10 رپيا خرچ ٿئي ٿو ۽ 15 رپين ۾ وڪامجي ٿي. صرف
محنت جا ئي پيسا ملن ٿا. بس روزيءَ جو ذريعو به
اهو آهي، ته وندر به آهي. نه ته ههڙين حالتن ۾
ماڻهو جي نه سگهي. وڌيڪ الله کي پارت آهي. هاڻي
وڌيڪ جيڪو پڇڻو هجيو سو منهنجي گهوٽ کان پڇو.“
لڪشمي رئي جو پلاند ڏندن ۾ ڏيندي چيو.
ڪرشنا جيڪو هو ته مزور، پر سندس ڳالهائڻ جو لهجو. انداز بيان هڪ
پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلجهيل ماڻهوءَ جهڙو هو. تنهن
پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندي چيو، ته آءٌ ماءٌ پيءُ جو
سڀني کان ننڍو پٽ هئس، جنهنڪري ڏاڍو لاڏلو هئس.
ابي جي خواهش هئي ته مان پڙهي لکي نوڪري ڪريان.
انڪري نرسريءَ کان پرائمري تائين مون کي ليڊيز ڪلب
اسڪول هيرآباد، حيدرآباد ۾ پڙهايائين ۽ 8 درجي
تائين نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهيس ۽ هميشه سٺن
نمبرن ۾ پاس ٿيندو هوس. جڏهن نائين ڪلاس ۾ پهتس ته
ان وقت ”سنڌي مهاجر“ جهڳڙا شروع ٿي ويا ۽ حيدرآباد
شهر بيروت بڻيل هو. اسين پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي بي
گهر ۽ اوپرا ٿي وياسين. پوءِ بابو لڏي اچي هن ڳوٺ
۾ رهيو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي لڪشميءَ سان شادي
ڪرائي ڇڏيائين ۽ منهنجي مستقبل بابت سيني ۾ سانڍيل
ارمانن کي هميشه هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيائين ۽ وري
علم ۽ قلم جي ڳالهه نه ورجايائين. ڀلا ٻڌايو ته
لڪشمي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪيتري سهپ ۽ ويجهڙائپ آهي.
نجمه کانئس پڇيو.
”اسان جو هڪٻئي سان تمام گهڻو قرب آهي. اصل هڪٻئي کان سواءِ
سرندي ئي ناهي. پر اها به ڳالهه آهي ته هن سڄي ڳوٺ
۾ گهڻي کان گهڻو جهڳڙو به اسان ٻنهي ۾ ٿيندو آهي.
پر وري پرچاءُ به جهٽ ۾ ڪري وٺندا آهيون.
جهڳڙو ڪهڙين ڳالهين تي ٿيندو آهي؟ نجمه پڇيس، ڪرشنا چيو ”هيءُ
چوندي آهي ته دوستن وٽ گهڻو نه ويهه جو ڪم رڪجي ٿو
وڃي. ماءُ ۽ ڀيڻن وٽ روز روز نه ويندو ڪر! پوءِ
مون کي به ڪنهن ڪنهن مهل ڪاوڙ اچيو وڃي ته پوءِ
وڙهي ٿا پئون.“
لڪشميءَ جي گهر جي سامهون هڪ عورت ويٺي اها ئي ڪرت ڪئي. تنهن
ٻڌايو ته سندس نالو ريشما آهي. کيس ٻه ٻار آهن (هڪ
ڌيءَ، هڪ پٽ) جيڪي اسڪول وڃن ٿا. هن ٻڌايو ته اسان
جي جاتيءَ ۾ پڙهڻ جو رواج ناهي. ڀلا پهچ هجي ته
ٻار پڙهن. پر مان ڪملي ۽ راجيش کي اسڪول موڪليان
ٿي. مڙس گذاري ويو آهي، انڪري رات ڏينهن محنت ڪرڻي
پوي ٿي. رانديڪا ٺاهي وڪڻان ٿي ۽ ڪڪڙيون پالي انهن
جا ٻچا وڪڻندي آهيان. مڙئي گذر سفر ٿي وڃي ٿو. ان
کان پوءِ جيوا جي گهر وياسين. جنهن رانديڪن وارا
طوطا ويٺي ٺاهيا، تنهن ٻڌايو ته ”کيس ڇهه ٻار آهن“
ته پڇيومانس ته ”اڃا به ٻار ڄڻڻ جو ارادو اٿئي؟“
ته بانور واري انداز ۾ چيائين ته ”اها الله جي دين
آهي، ان کان ڪهڙو انڪار، ٻچا ڀلي ڄمن، ڀلي وڌن.“
(ڀلي رُلن، پنن، مون دل ۾ چيو ۽ سندس اٻوجهائپ تي
افسوس ٿيم) پر وري کيس صلاح ڏنم ته ”تنهنجي صحت
ٺيڪ نه ٿي لڳي، جو تون اڃا ٻيا به ٻار ڄڻي سگهين
انڪري هتان ويجها صحتي مرڪز آهن، اتي وڃي انهن کان
پنهنجي صحت جي باري ۾ صلاح مشورو وٺ، جيڪي ٻار
اٿئي انهن جو خيال رک، انهن کي تعليم ڏيار، هنر
سيکار ته جيئن وڏا ٿي سکيا ستابا ٿين.“
روز ڪيترا طوطا ٺاهيندي آهين؟ مون کانئس پڇيو. ”روزانو 40 کان
50 تائين طوطا ٺاهيان ٿي. ”اتي ئي ٻي عورت بيٺي
هئي، جنهن پڇڻ تي ٻڌايو ته سندس نالو ليلا آهي.
کيس هڪرو پٽ آهي. ليلا چيو ته مان انهيءَ ڪري محنت
ڪريان ٿي ته جيئن اڳتي هلي پنهنجي پُٽڙن کي پڙهائي
سگهان. ليلا وڌيڪ ٻڌايو ته سندس مڙس ڀاڄيون وڪڻندو
آهي ۽ پاڻ رانديڪا ٺاهيندي آهي.
ڇا توکي شوق آهي ته ٻيو ٻار جلدي ڄمي؟
ليلا: شوق ته ڪونه آهي، پر جي ٻار ٿيو ته اها الله جي مرضي آهي
بندو ڇا ٿو ڪري سگهي.“ مون کيس صحتي مرڪز وڃڻ ۽
وقفي ڪرڻ جي صلاح ڏني.
ان کان پوءِ هڪ گهر، جنهن ۾ ڪئبل لڳل هئي. ان وقت ڪنهن چينل تان
ڏاڍا پرسوز گانا پئي هليا ۽ مون دريءَ مان ڏٺو ته
هڪ اڌڙوٽ عمر جي عورت هڪ خلاصي ۽ صاف سٿري ڪمري ۾
رنگ برنگي رانديڪن جي وچ ۾ ويٺي. مست مگن ڪجهه
ٺاهي رهي هئي. مون کي زندگيءَ جو اهو محنت ۽ موج
مستيءَ وارو ڏيک ڏاڍو وڻندڙ لڳو. سندس ڪمرو نه هو،
ڄڻ ڪنهن باغ جي ٻاري هئي. جنهن ۾ مختلف رنگن جا گل
ڦل جهومي ۽ ٻهڪي رهيا هئا. هن مائيءَ کي پنهنجي
محنت ۽ مزوريءَ تي جيڪو مان هو ۽ سندس چهري تي
جيڪو سڪون ۽ اطمينان هو، ڄڻ ته هوءَ ڪا ديوي
هجي!پاڻ ٻڌائيندي چيائين. ”منهنجو نالو ڏيلي آهي.
ڏهه ٻار اٿم، جيڪي ماشاءَ الله سڀ جوان آهن ۽
پنهنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ مصروف آهن. مڙس ڀاڄيون
وڪڻندو آهي. ٻن ڌيئرن جي شادي ٿيل آهي. شادي اسان
برادريءَ کان ٻاهر ڪندا آهيون، ٻه ڇوڪريون مبارڪ
ڪالونيءَ ۾ گهرن ۾ ڪم ڪن ٿيون. تمام سگهڙ ۽
سياڻيون آهن. پورهئي ۾ ڪهڙو عيب آهي. پٽ به مزوري
ڪن ٿا، ان ڪري هروڀرو ڏکيو ڏينهن ڪونه ڏسون. سڄو
ڏينهن ڪم ڪار ۾ گذري ٿو وڃي. انڪري جهيڙي ڪرڻ جو
وقت گهٽ ملندو اٿئون. پر چوندا آهن ته ”کُٽ پوي ته
رُسُ پوي“ ڪڏهن روزگار جي تنگيءَ سبب زال مڙس
هڪٻئي سان ڏند چڪ ڏيندا آهيون، پر ٻچڙا صالح آهن،
جهڙا پٽ تهڙيون ڌيئر. الله وڏي ڄمار ڏئين. شال
جڙيا هجن!“
مون نجمه کي چيو ته هاڻي باقي ماين سان تون منهن ڏي! هڪ گهر ۾
ڏٺوسين ته هڪ نوجوان عورت ڏاڍي جوش سان رانديڪا
پئي ٺاهيا ۽ اسان ڏي اک کڻي ڏسڻ به پسند نه
ڪيائين. سندس مڙس تئي تي مڇي پئي تري، جنهن اسان
کي ويهڻ لاءِ چيو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته ”منهنجو
نالو ڄيٺو آهي. هيءَ منهنجي زال آهي. اسان جي
شاديءَ کي هڪ سال ٿيو آهي ڄيٺي چيو ته مزوري
اڄڪلهه نه ٿي ملي، انڪري باغن ۾ وڃي طوطا
ڦاسائيندو آهيان. 120 رپيا هڪ جوڙي طوطن جي وڪڻندو
آهيان. ٻاهر نڪتاسين ته سامهون هڪ گهر تي نظر
پيئي، جنهن جي پڌر تي به ٽي ڇوڪرا ڪرسين تي ويٺل
هئا، کين تمام سٺا ڪپڙا پهريل هئا ۽ هڪ ٽيبل تي
ٽيپ رڪارڊر رکيل هو، جنهن تي انڊيا جا گانا پئي
هليا. اتي ئي ننڍن گهرن جي وچ تي جيڪو لنگهه هو يا
ننڍيون گهٽيون هيون، اتي به هڪ عورت رنگ ۽ سُٽ پئي
وڪيو. اهڙيءَ طرح اتي ننڍا ننڍا هٽ به هئا. جيڪي
ڇوڪرن پئي هلايا. هڪ ٻي ڳالهه جيڪا مون کي نظر آئي
ته صحت جي لحاظ کان عورتون وري به ٺيڪ ٺاڪ هيون.
باقي ٻار ڪمزور پئي لڳا. ٻيو ته عورتون ڪنهن نه
ڪنهن ڪرت ۾ رُڌل هيون.
مرد به ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ رُڌل هئا. مجموعي طور سندن راءِ اها
هئي ته اسان وٽ اسڪول هجن، گئس هئڻ گهرجي ۽ حڪومت
گهرن جي مرمت ڪرائي ڏئي. ان ڪري ”سرتيون“ جي پليٽ
فارم تان اسان جي حڪومت سنڌ ۽ سرنديءَ وارن ۽ ٻين
ادارن کي گذراش آهي ته، ڳوٺ ۽ ڳوٺائين جي پنهنجي
هڙان وڙان مدد ڪن ته جيئن هنن ماڻهن جي عزت نفس به
مجروح نه ٿئي ۽ سندس ٻچڙن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي
سهولت به ملي سگهي.
سوال: توھان بنيادي طور شاعره آھيو، ان لاءِ توھان جو محرڪ ڇا
ھو؟
جواب: نيرو آسمان چمڪندڙ ستارا، صبح جي وقت پير، پير ۾ پائي
لھندڙ اُجالو، ڪوئل جي ڪُوڪ، بلبل جا گيت، ٻارن جي
چانديءَ جي ورقن جھڙي پاڪيزه مرڪ. اھي سڀ محرڪات
آھن، ڪجھ محرڪات داخلي ھوندا آھن، جيڪي ڪنھن احساس
جي شدت يا ڪنھن پيڙا جي احساس سان جاڳندا آھن،
جيئن ڪنھن غريب ماڻھوءَ جي نرڙ تي چمڪندڙ پگھر جو
ڦڙو، ڪنھن يتيم ٻار جي اداسي، ڪنھن بيوھ جو سوڳوار
ھجڻ! ضروري ناهي ته عشق محبت ئي ڪجھ سرجڻ جو سبب
بڻجن. مون ته سدائين آسپاس جي ماحول ۽ پاڻ سان
لاڳاپيل رشتن جي درد کي محسوس ڪري ڪجھ لکيو آھي. ۽
انھن دکن کي ائين محسوس ڪيو آھي. ڄڻ ته منھنجي من
۾ ڪا پيڙا جاڳي ھجي، ان ڀوڳنا مون کي اڌ، اڌ رات
جو ڏاگھ تي چاڙھيو آھي ۽ ڪيترائي درد جا سفر طيءِ
ڪرايا ۽ پوءِ درد ۾ ٻوڙيل دکن مون کي ڏات جي ڏيھ ۾
سڃاڻپ بخشي!
سوال: توھان جي پبلڪ اپيئرنس ۽ پبلڪ ايپريسيئيشن ڪيئن ٿي؟
جواب: پھرين ڳالھ ته مان اھو چونديس ته شاعري ماڻھو ارادي سان
ناھي ڪندو، شاعري ته ھڪ وجدان آھي، ھڪ آگھي آھي،
اُھو وجدان جڏھن پوري شدت سان روح تي طاري ٿيندو
ته دل جي ڌڙڪن جو آواز بدلجي ويندو آھي. ۽ ان
بدليل آھنگ جو نالو شاعري آھي.
جيستائينءَ شاعريءَ جي محرڪ جو سوال آھي ته محرڪات اسان جي
چوڌاري ڦھليل ھوندا آھن ۽ ڪجھ به لکڻ لاءِ ڪيترائي
سبب ٿي سگھن ٿا، ڇو ته ڪنھن به جذبي يا احساس کي
توھان ھڪ نقطي ۾ قيد نه ٿا ڪري سگھو. شاعري جذبن ۽
احساسن جو ٻيو نالو آھي، جتي احساس ھوندا اتي
حساسيت جو ھئڻ لازمي ھوندو آهي. اُھا ئي حساسيت
ماڻھوءَ کي ھٿ کان وٺي لکرائيندي آھي ۽ ھتي ھر
شيءِ محرڪ ٿي سگھي ٿي.
جڏھن ته منھنجي شاعري ڪا ايڏي پختي ناھي جو ڪنھن وڏي شاعر جي
شجري ۾ نالو لکرايان، پر اھو به سچ آھي ته مون
جيڪو به لکيو آھي، ڪنھن جذبي جي سرچاءُ کان خالي
لکيو ناھي، لکڻ کان پھرين اھو درد منھنجي من ۾
ائين پيھجي ويندو آھي، جو ڄڻ ته اھا وارتا، مون تي
گذري ھجي ۽ اھا پيڙا ئي منھنجي ھجڻ جو سبب آھي.
انگريزيءَ جي ھنن سٽن وانگر ته:
I suffer there fore I am
مان سوچيان ٿي، تڏھن آھيان،
مان ڀوڳيان ٿي، تڏھن آھيان.
جڏھن ته منھنجي جيون جو ھر پل ڀرپور خوشين ۽ مُرڪن سان جڙيل
آھي، پر پوءِ به منھنجي شاعريءَ جي سرجڻ جو سبب
ھميشه ڪونه ڪو ڏک رھيو آھي.
منھنجي شاعريءَ جون ھي سٽون ان احساسن جون عڪاس آھن:
مٺي ڏاڍي مٺي، چکي مون به آھه
پر زندگيءَ جي زھر ۾ ڳولجو مون کي
ڪو جذبو متان رھجي به جيئرو،
ھلڪي ٺوڪر ۾ ڳولجو مون کي.
سوال: پبلڪ اپيئرنس ۽ ايپريسيئيشن ڪيئن ٿي؟
جواب: جيستائين پبلڪ اپيئرنس ۽ ايپريسيئيشن جو تعلق آھي ته جڏھن
پھرئين دفعي ڪنھن رسالي ۾ منھنجي شاعري ڇپي ته مان
ان شڪ ۾ ھئس ته مان الائي پنھنجا احساس صحيح نموني
سان بيان ڪري سگھي آھيان الائي نه!؟
۽ نه مان وري ڪڏھن اھڙي انداز ۾ سوچيو ھو ته ڪو ماڻھو منھنجي
ڳالھ کي ائين سمجھندا جيئن مون بيان ڪئي آھي.
پر ماڻھن منھنجي شاعريءَ کي ڪافي حد تائين پسند ڪيو ۽ منھنجن
ڪچن ڦڪن لفظن کي ايڏي ته ڀرپور موٽ ملي جو اھي اڻ
گھڙيل لفظ شعر بڻجي پڪا، پختا عزل ٿي پيا. ۽ اھا
پسنديدگي منھنجي اڳتي وڌڻ جو حوصلو بڻي. ۽ اتي ان
ڳالھ جو به ذڪر ٿئي ته بھتر ٿيندو ته ماڻھن جي موٽ
مان منھنجي مراد آھي ته اھي ماڻهو جيڪي بظاھر عام
انسان لڳندا ھئا پر انھن جي ذھني اپروچ تمام اونچي
ھئي. اتي ڏک جي ڳالھ اھا چئبي ته بظاھر وڏا
سڏائيندڙ نانءَ جڏھن ان ڏات جي سفر دوران منھنجي
پاسي مان لنگھيا ته ڏاڍا ڊينڊڙا ٿي لڳا. ۽ لفظن جي
رچائيندڙ راند جا مھرا لڳا، ۽ ڪيئي چمڪندڙ چھرا
اندران دانگيءَ جھڙا ڪارا ۽ ڪوجھا ڀانيم. ايڏو
تضاد شخصيت ۽ لفظن ۾ ڏسندي ڏاڍي ڪرِڀَ ايندي ھئي
اھڙي سماج کان جنھن سماج جا قلمڪار اخلاقي قدرن
کان آجا ھجن، پر منھنجو پنھنجي پاڻ سان پھرئين
ڏينھن کان ئي ڪيل اھو وچن آھي ته ڪا به ڪاميابي
حاصل ڪرڻ لاءِ پھرين اخلاقي قدرن کي اعليٰ بڻايو ۽
پوءِ اڳتي وڌو۽ اگر ادب جي دنيا ۾ ڪو به ھڪ سچو
ماڻھو سٽن کي مانُ ڏئي ٿو. ان کان وڌيڪ مون لاءِ
ٻي ڪا به مڃتا ناھي. ۽ مڃتا لاءِ ڪنھن ھجوم يا
ميلي جي ضرورت ناھي پوندي. ان لاءِ ھڪ ئي آواز
ڪافي آھي جنھن ۾ اناالحق جو نعرو ھجي، يا انھن جي
تشريح ھن سٽن مان پرکي سگھجي ٿي:
پاڻھي، ھو پاڻ مڃائيندا ويا،
جڏھن خوشبوءِ اڏاڻي لفظن پويان
ويندي ويندي ڏسندو وڃجانءِ،
ورکا ٿيندينءَ قومن پويان!
سوال: سڀاءُ ۾ توھين شاعريءَ وانگر حساس ۽ نازڪ آھيو، ھڪ استاد
۽ شاعره جي روپ ۾ پاڻ کي ڪيئن ٿيون پسو؟
جواب: جي استاد ۽ شاگرد کي الڳ الڳ ڊفائين ڪجي ته اصل ۾ ھڪ
استاد لاءِ ٻين کي يا پنھنجي شاگردن کي سيکارڻ
لاءِ ان جي علم. مشاھدي ۽ تجربي جو ھئڻ لازمي
ھوندو آھي ۽ ٻيو پنھنجي مضمون تي مڪمل گرفت. ڇو
جو. استاد ھڪ ريفارمر ھوندو آھي. ھو رڳو ڪتاب ناھي
پڙھائيندو، پر زندگيءَ کي به پڙھائڻ ان تي لازم
ھوندو آھي ۽ اتي پنھنجي ڪردار کي به مثالي بڻائي
پيش ڪرڻو ھوندو آھي.
۽ شاعر ھڪ فوٽو گرافر ھوندو آھي ان تي اھي سڀ شرط عائد ناھن
ٿيندا، ھو وقت، ماحول ۽ سماج جو عڪاس ھوندو آھي ۽
زندگيءَ جي خوبصورت لمحن کي پنھنجي لفظن ۾ اُڻي
اوترو ئي سندرتا ۾ چٽڻ جي ڪوشش ڪندو آھي! ۽ اڃان
جي ٻنھي جي روپن کي گڏي بيان ڪجي ته، مان فطرتاً
ھڪ شاعره آھيان ۽ ھڪ شاعر جي لاءِ ان جو اظھار
بيان سڀ کان وڏو اثاثو ھوندو آھي. اظھار بيان ئي
اھا حقيقت آھي، جنھن کي استاد لاءِ لازمي سمجھيو
ويندو آھي. جڏھن مان ڪا ڳالھ پنھنجن شاگردن کي
سمجھائيندي آھيان ته ھو آسانيءَ سان سمجھي وٺندا
آھن ۽ ھڪ استاد جي حيثيت سان مون کي دلي سڪون
ملندو آھي.
جيتوڻيڪ مان سمجھندي آھيان ته ھڪ استاد جي لاءِ رديف، قافئي جو
پابند ھئڻ ضروري ناھي ھوندو ليڪن فطرتي طور تي ھر
استاد، ھڪ شاعر ھوندو آھي، جيڪو پنھنجي لفظن سان
پنھنجي ڳالھ شاگردن جي دل دماغ تائين پھچائي ٿو ۽
اھا تدريس ان جي شاعري آھي ۽ سٺا شاگرد ان جا شعر
آھن ۽ سٺو ڪلاس ان جو غزل آھي!
۽ آخر ۾ مان پنھنجي باري ۾ ڪجھ ھيئن چونديس ته مان بحيثيت شاعره
خوش آھيان ۽ بحيثيت استاد مطمئن آھيان. |