ڊاڪٽر سحر امداد
پنجين موسم
واهوندي ورڻ جي موسم ۾
مون تو لئه نيڻ وڇايا ها
هردي ۾ ديپ جلايا ها
پر مون لئه شايد هر موسم
من-ٺار ملڻ جي موسم ناهي!
کنوڻين جيئن کلڻ جي موسم ناهي!
پولار
ذهن جي پولار ۾
ڪيتريون ئي ڪهڪشائون
ڪيترائي چنڊ، سورج، گرهه، تارا
۽ ستارا
جهلملائن ٿا پيا
پر انهن مان ڪيتريون ئي ڪهڪشائون
ڪيترائي چنڊ، سورج، گرهه، تارا
۽ ستارا
پار آ پار
۽ ڪال آ ڪال
جي انهن پر پيچ پنڌن کي لتاڙي پوءِ ڀي
ڪيترن ئي نوري سالن جي
سفر کان پوءِ ڀي
ڏور پولارن ۾ ڪٿ چمڪن پيا
پر
دل جي ڌرتيءَ جي ماس اڪاساتي
اڀرڻ بنان
چمڪڻ بنان
آهن انهيءَ پولار ۾
آهن-مگر ناهن!
مارگريٽ ڊي نوار/ ڊاڪٽر فهميده
حسين
اهو سڀ ڪجهه ته اجايو آ
جي ڪو تنهنجو اپمان ڪري
هلڪي دل سان سهي وڃجان
جي توتي ڪا تهمت آڻي
تون ڪجهه به نه ٻڌجان
ڳالهيون ته پيون ٿينديون آهن
اهو سڀ ڪجهه ته اجايو آهي!
جي ڪو ”ايمان“ جي ڳالهه ڪري
۽ ان جو ٿو ملهه گهٽائي
قانون جي ڪارج سان ڀيٽي
ان جو مانُ وڌائي
اهو ته عجيب قاعدو آهي
تون ڪجهه به نه مڃجان، هلندو وڃجان
اهو سڀ ڪجهه ته اجايو آهي!
۽ جي تنهنجي عقيدي بدران
ڪو تنهنجا اعليٰ عمل ساراهي
ڪو اعلان ڪري خوشامد لاءِ
ته ”تون اوچن کان اوچو آهين“
ته اهڙي ڳالهه کان ڀڄجان
ڪڏهن ڪوڙو فخر نه ڪجان
اهو سڀڪجهه ته اجايو آهي!
جي دنيا تو وٽ هلي اچي
عزت، شهرت، دولت سان للچائي
تون دل جي مرضيءَ سان
اهي ٺڪرائي ڇڏجان
فاني شيون جتان اينديون آهن
واپس به اوڏانهن ئي وينديون آهن
اهوسڀ ڪجهه ته اجايو آهي!
جي ڪو توکي اهڙي جاءِ ٻڌائي
جتي سچو سک، سانت ۽ نجات ملي
خدا جي هستيءَ کان سواءِ
اهو تنهنجي روح کي مارڻ ٿيندو
ان کان باغي ٿي بيهجان
اهڙا عالم سڀ ڪوڙا آهن
اهو سڀ ڪجهه ته اجايو آهي!
رخسانه ”رخ“ سومرو
ڪجهه ماڻهو
فضا ۾ ڦهليل اها پيار وصل جي
دلفريب خوشبو،
اها رنگ و بو جي اٿل،
سدا لئه ساهه ۾ سانڍڻ چاهي هئم
ان حسين رات جا،
خمار ۾ ٻڏل منظر
سدا لئه اکين جي
پتيلن ۾ قيد ڪرڻ چاهيان هئم.
اها پيار ڇُهاءَ جي تاثير
روح جي گهائن تي ملم ڀانئين هيم.
”رخ“ ائين ڇو ٿيندو آ؟
ڪجهه ماڻهو جيون ۾
سڳنڌ سما ايندا هن
۽ پوءِ دل جي پولارن ۾ پيهي
سدا لئه بهار رت بڻجي ويندا هن.
گل
مان به دنيا گلستان ۾
ڪو ماڻل نرگسي گل هان
مان پنهنجي ڏانڊيءَ ۾
ٽنگيل رهان ٿو
سرها گل ڳل پون
۽ مان ٽياس ٽنگيل
اس ۾ سڙان ٿو
ڄڻ ته ٿوهر وڻ هان
مان ريگستان ۾ رهان ٿو.
زبيده ميتلو
راڳي تنهنجو راڳ
راڳي تنهنجو راڳ
ٻڌي مون کي پلئه پيو
جيون سندو ڀاڳ!
احساس ويا ڪُسجي
۽ لفظن جا دائر!
سارا ويا گهٽجي!
هل! سنڀالي جڳ ۾
دوکي جي دستور سان
ڊوهي ملندءِ دڳ ۾
جواڻيون ڳهن بيگار
نجي جيلن ۾
پهرو ڏين هٿيار
هيکلاين جو ڏنڀ
هيکلايون نه ڏيو
هيکلاين جي گهيري ۾
من جون يادون
وجود وڪوڙي وينديون آهن.
۽ منهنجي جرئتن ۽ وسعتن
جو طويل سفر
پل لاءِ رڪجي ويندو آهي
هيکلو نه ڇڏيو
هيکلاين جي گهيري ۾...!
پراڻو گيت
پراڻو رينگٽ
ويراڳي آ سارو جڳ
ويراڳي آ سارو جيون
سازن جو هر سُر ويراڳ!
مون ۾، آ ويراڳ
تو ۾ آ ويراڳ!
ساجهه سوير آ ويراڳ،
هر آکيرو آ ويراڳ
هر ويراڳ منجهان
اُسري نئون ويراڳ!
مهرالنساءِ لاڙڪ
وايون
تو وٽ نيٺ پُني
ڌرتي تنهنجي ڌيئڙي!
پورب ڄائيءَ پنڌ ۾
پنهنجي جان ڏني
ڌرتي تنهنجي ڌيئڙي!
ڪالهه به جنهن جي موت تي
ساري ڀونءِ رُني
ڌرتي تنهنجي ڌيئڙي!
ڄڻ ته ولر کان اوچتو
ماريءَ ڪونج ڇني
ڌرتي تنهنجي ڌيئڙي!
مقصد ماڻي گهوٽ سان
ورندي نيٺ وني
ڌرتي تنهنجي ڌيئڙي!
ڳاڙهسري سنسار کي
ڏيندي ڀيڄ ڀني
ڌرتي تنهنجي ڌيئڙي!
جِيونَ پَل ٻه ٽي
جِيونَ پَل ٻه ٽي
ورچي ڪيئن ويهي رهان!
تازا پير پُنهونءَ جا
متان واءُ لٽي.
ورچي ڪيئن ويهي رهان!
متان منهنجي پيار جا
ٻيو ڪو گل پٽي
ورچي ڪيئن ويهي رهان!
وقت جدائيءَ جو وري
ويو آ ٻج ڇٽي
ورچي ڪيئن ويهي رهان!
هاڻ هلان ٿي سرتيون
منهنجو ڀاڳ کٽي
ورچي ڪيئن ويهي رهان!
زرمينا ناز
نظم
مان هڪ نئين دنيا ٺاهيان
جيڪا هر غلامي کان آزاد هجي
هڪ اهڙو ڏيئو ٻاريان
جنهن جي روشني ۾
هر ڪو وڃايل خواب ڳولهي سگهجي.
مان هڪ اهڙو ڏيئو ٻارڻ چاهيان ٿي
جيڪو سونهن ڏئي اسان جي جيون کي
جيڪو روشن ڪري اسان جي
روح کي.
مولا بخش ميربحر
قسط: 4
سماج ۾ مهاڻيءَ
جو ڪردار
]
نوٽ: هن طويل مقالي ۾ اهي سڀ ڪم ڪاريون ڏيکاريون
ويون آهن جيڪي هڪ مهاڻي عورت جي ذمي آهن، يعني
پوري زندگي جنهن ڪِرت ۾ رُڌل آهي انهن جو وچور ڏنو
ويو آهي.[
ٻوراني جا قسم:
ٻوراني پن جي ڪاني تيليءَ جي چوٽيءَ ۾ ٿئي ٿي.
ٻوراني سچي پن جي سٺي نه هوندي آهي. ڪوڙي پن جي
ٻوراني سٺي ۽ لذيذ ٿيندي آهي. هن جو اٽو تمام سنهو
۽ هڪ ڪيميڪل وانگر هوندو آهي. جيڪڏهن توهان
ٻورانيءَ جو اٽو هٿ ۾ کڻندا ته توهان کي اهو پاؤڊر
تمام نازڪ ۽ نفيس محسوس ٿيندو. ٻوراني پن جي سٽي ۾
ٿيندي آهي، جيڪو سڀ کان مٿي ٿيندو آهي. هيٺيون سٽو
ٻورانيءَ کان خالي ٿيندو آهي، جنهن ۾ پن جو ٻج
ٿئي. پن جي سٽي کي اڪثر ڪري ملاح پکن وارا وهاڻن ۾
ڪپهه جي بدلي استعمال ڪندا آهن.
ٻوراني روڙڻ:
ٻوراني روڙڻ جو ڪم عورتون ڪن ٿيون، جيڪي گهر مان
ٽولن جي صورت ۾ لوٽيون ڪنڌ ۾ وجهي ٻوراني روڙڻ
لاءِ نڪرنديون آهن ۽ گپ چڪ ۾ بيٺل پن مان ٻوراني
روڙينديون آهن. هن علائقي ۾ پن ٻيلن وانگر گهاٽي
آهي. پاڻي ۽ گپ به گهڻي هوندي آهي ۽ مختلف جانورن
۽ جيتن جو خوف به هوندو آهي، انهن خطرن هوندي به
مسڪين مهاڻيون پنهنجي پيٽ گذر لاءِ ٻوراني روڙڻ جو
ڪم ڪنديون آهن. ٻوراني روڙي انهيءَ کي خشڪ ٿيڻ
لاءِ ڇانو تي رکنديون آهن ۽ پوءِ ڪنهن سنهي ڪپڙي ۾
ڇاڻي ان مان هيڊو اٽو ڪڍنديون آهن.
ٻوراني رڌڻ:
ٻوراني رڌڻ لاءِ سڀ کان پهريائين ڇاڻيل اٽي ۾ کنڊ
يا ڳڙ، جيرو ننڍا ڦوٽا وغيره ملائي، ان کان پوءِ
پٻڻ جا ساوا پاٻوڙا يا ڪپڙي جا ننڍا ٽڪرا کڻي، ان
۾ ٻورانيءَ جو اٽو ۽ ٻيون شيون ملائي ٻڌي رکنديون
آهن. ان کان پوءِ ديڳڙي ۾ ڪجهه پاڻي وجهي ۽ ڪجهه
سڪل ڪاٺيون، ديڳڙي ۾ وجهي باهه تي رکي ان ۾
ٻورانيءَ جون ڳوٽيون يا ننڍيون موڙيون وجهنديون
آهن ۽ ان کان پوءِ ديڳڙي کي ڪجهه دير تائين باهه
تي رهڻ ڏينديون آهن، جڏهن پاڻي ٽهڪندو آهي ته ان
جي ٻاڦ سان ڪاٺين تي رکيل ٻوراني رڌجي تيار ٿيندي
آهي. انهيءَ کي باهه تان لاهي جڏهن پنن مان ڪڍبو
آهي ته اهي اٽي مان ڦري هڪ بال وانگر ڳوڙهي جي شڪل
اختيار ڪنديون آهن، جنهن کي ٻورانيءَ جي ٽڪي چيو
ويندو آهي.
ٻوراني وڪڻڻ:
ٻورانيءَ جي رڌيل ٽڪين کي ڪنهن برتن ۾ وجهي ڪنهن
ڪراڙي عورت يا ڪنهن ننڍي ٻار کي ڏينديون آهن يا
وري جيڪي عورتون بيهه وڪڻن ٿيون، اهي ٻوراني خريد
ڪري بازار ۾ 60 کان 80 في ڪلو وڪڻنديون آهن.
ٻوراني کي ٿالهه ۾ انهيءَ لاءِ رکيو ويندو آهي ته
ٽڪيون هڪ ٻئي کان الڳ رهن، جيڪڏهن ٽڪيون ڪنهن هڙ ۾
ٻڌبيون ته ڀري وينديون.
مٽي ڪڍڻ:
ملاح جيڪي ڍنڍن، ڍورن ۽ درياءَ ڪناري رهن ٿا، انهن
جا گهر ڪچا ۽ ڪکن جا ٺهيل هوندا آهن، ڪٿي ڪٿي
ڪچيون ڀتيون آهن، اهي ڀتيون ڪي مستري نه پر اڪثر
عورتون ٺاهن ٿيون، جن لاءِ مٽي ڍنڍن ۽ ڍورن جي
ڪناري وٽان ملي ٿي، پر ڪٿي عورتون گهر ۽ ٿلها ۽
ٻنا لنبڻ لاءِ ڍنڍن ۽ ڍورن مان ٽٻي هڻي مٽي ڪڍن
ٿيون. اهو پاڻي گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 12 فوٽ گهرو
هوندو آهي. عورتن جي مجبوري هوندي آهي ته گهرن کي
صاف ۽ سٺو رکن. گهرن لنبڻ جو ڪم اڪثر ڪري سياري ۾
ڪنديون آهن، ان کان علاوه جيڪڏهن مٽي ويجهي نه آهي
ته پوءِ پنجن کان ڇهن ميلن تائين ٻيڙيون ڪاهي مٽي
واري هنڌ پهچن ٿيون. جڏهن مٽي ڪڍڻ لاءِ ٽٻنديون
آهن ته ننڍا ٿالهه، ننڍيون گينڍيون يا تغاريون کڻي
پاڻي ۾ ٽٻي هڻي زمين تي پهچنديون آهن ۽ اهو ٿالهه،
گينڍي يا تغاري ڀرجي ويندي آهي ته پوءِ ان کي هٿن
تي رکي پاڻي جي زور تي لاهينديون آهن. جڏهن ٻيڙي
مٽيءَ سان ڀرجي ويندي آهي ته پوءِ ٻيڙي ڪاهي گهر
پهچنديون آهن. ان کان پوءِ ان مٽيءَ لاءِ گڏهن جي
لڏ گڏ ڪنديون آهن. جيڪڏهن ليپو ڪرڻ چاهي ته ان ۾
گڏهه جي لڏ مٽيءَ سان ملائي، پٽڙو گارو ٺاهينديون
آهن ۽ ان سان ڀتيون ۽ ٻنا لنبنديون آهن، جيڪڏهن
گهر جو ٿلهو لنبڻو آهي ته ان لاءِ وري ڀرڳٽو ٺاهين
ٿيون، جنهن ۾ مٽي، واري ۽ ڇيڻو ملائي انهيءَ جو
ڀرڳٽو ٺاهينديون آهن، پوءِ گهرجي اڱڻ تي هڪ ٻهارو
ڏيندي آهي، ان کي هلڪي پاڻي جو ڇنڊو هڻندي آهي، هڪ
وڏڙي وري مون ڀرڳٽي جهوليون ڀريندي ۽ پٽ تي سنهون
سنهون ڪري وڇائيندي آهي ۽ پوءِ ست عورتون ۽ ٻار
گڏجي ان کي لتاڙيندا آهن، اهڙيءَ طرح ٿورو ٿورو
ڪنديون ۽ سڄي گهر جي اڱڻ تي ڀرڳٽو هڻنديون آهن.
برائن ٽريسي
مصطفيٰ حسين
اعليٰ ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ لاءِ
ٻارنهن بهترين اصول
اعليٰ ڪارڪردگيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هتي ٻارنهن
اصول بيان ڪجن ٿا، جن جي روزانو مشق ڪرڻ سان اوهان
پنهنجي شخصيت کي بهتر بڻائي پنهنجي خواهشن مطابق
نتيجا حاصل ڪري سگهو ٿا:
اصول نمبر1:
وقت کي ترتيب ڏيڻ سان توهان جو ڪم بهتر ۽ معياري
ٿي ويندو آهي. ذات جي سڃاڻپ عمل جي ذريعي حاصل
ٿيندي آهي. پنهنجي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوهان
گهڻي کان گهڻي محنت ڪندا آهيو ته جيئن پنهنجي اصل
مقام تائين پهچي سگهو. وقت کي بهتر انداز ۾ ترتيب
ڏيڻ سان اوهان جي صلاحيتن ۾ واڌارو ٿيندو آهي،
اوهان پنهنجي ڪم کي اهميت ڏيندا آهيو ۽ بهتر نتيجن
حاصل ڪرڻ لاءِ دل ۽ جان سان محنت ڪندا آهيو.
اصول نمبر2:
توهان کي پنهنجي ڪم جي معيار پٽاندڙ صلو ملندو.
اوهان جيتري محنت ڪندؤ اوترو ئي حاصل ڪندو. جيترو
پوکبو اوترو ئي لڻبو جي اصول مطابق جڏهن توهان وقت
کي ترتيب ڏئي گهڻو ۽ بهتر لڻندو يعني اعليٰ
ڪاميابي حاصل ڪندا. جيڪڏهن اوهان پنهنجي ڪم جي
معيار ۽ مقدار کي وڌائڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي اهو
معيار ڳولڻو پوندو جنهن سان اوهان جي ڪم جو قدر
وڌي وڃي، يقينا اهو ماپو ۽ معيار اوهان جي منظم
انداز ۾ ڪيل محنت آهي، جنهن سان اوهان جي ڪم جو
قدر وڌي ويندو.
اصول نمبر 3:
وقت کي بهتر انداز ۾ ترتيب ڏيڻ لاءِ اوهان کي
گهرجي ته اوهان پنهنجو پاڻ کي هڪ فيڪٽريءَ جي
حيثيت ۾ ڏسو. هڪ فيڪٽريءَ ۾ پيداواري يونٽ هوندا
آهن، پهرئين يونٽ ۾ خام مال، وقت، پيسو، محنت ۽
ذريعا هوندا آهن. اهي ئي اهي
اهم شيون آهن
جن سان شيون (مصنوعات) تيار ڪيون وينديون
آهن.
ٻئين يونٽ ۾ پيداواري سرگرميون انجام ڏنيون
وينديون آهن. اهي سرگرميون يا پورهيو شين سامان جي
پيداوار لاءِ تمام ضروري آهن. هن يونٽ ۾ هر فرد جي
صلاحيت ۽ ڪارڪردگي مشين جو معيار مقرر ڪندي آهي.
ٽئين يونٽ ۾ فيڪٽري ۾ تيار ڪيل شين جا نتيجا ملندا
آهن. شين جو معيار ۽ مقدار فيڪٽريءَ جو قدر ۽ قيمت
مقرر ڪندو آهي. فيڪٽريءَ جي انتظاميا جو بنيادي
مقصد ان جي شين جي معيار ۽ مقدار ۾ واڌارو ڪرڻ
هوندو آهي.
موثر ۽ ڪامياب ماڻهن ۽ ناڪام ماڻهن ۾ اهو فرق
هوندو آهي ته ڪامياب ماڻهو هميشه شين جي نتيجن تي
پنهنجي توجهه رکندا آهن. جڏهن ته ناڪام ۽ وچولي
درجي جا ماڻهو خام مال ۽ ٻين ننڍين ننڍين شين تي
پنهنجي توجهه رکندا آهن. اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو
ڪرڻ وارا ماڻهو ڪم جي مڪمل ٿيڻ تي نظر رکندا آهن،
جڏهن ته وچولي يا ان کان گهٽ
ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو
ڪرڻ وارا ماڻهو عام سرگرمين تي نظر رکندا آهن.
وقت کي بهتر ترتيب ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته توهان
لڳاتار پاڻ کان پڇو ته مون کان ڪهڙن نتيجن جي توقع
ڪئي پئي وڃي؟ مان ڪهڙي پيداوار ڏئي سگهان ٿو؟ ڇا
مان پنهنجي معاوضي جي مطابق ڪم ڪري رهيو آهيان.
ڪامياب ۽ اثرائتي شخصيت لاءِ اوهان کي نتيجن تي
نظر رکڻي پوندي ۽ وڌ کان وڌ بهتر نتيجا ڏيڻا
پوندا. توهان جا بهتر ۽ گهڻا پيداواري نتيجا ئي
اوهان جي ڪمپنيءَ ۾ اوهان جي قدر ۽ قيمت کي مقرر
ڪندا آهن.
اصول نمبر 4:
اوهان جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو دارومدار اوهان جي
وقت کي بهتر استعمال ڪرڻ جي قابليت تي هوندو آهي.
جيڪڏهن توهان وقت کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪريو ٿا
ته يقيناً توهان کي بهتر نتيجا ملندا. ان جي ابتڙ
وقت کي بهتر طرز تي استعمال نه ڪرڻ سان توهان کي
ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو. وقت کي بهتر استعمال ۾
آڻڻ جي توهان جيتري گهڻي ڪوشش ڪندؤ اوترو ئي توهان
جي ڪارڪردگي ۾ واڌارو ٿيندو. وقت کي موثر انداز ۾
استعمال ڪري توهان پنهنجي ڪم جي نتيجن جي معيار ۽
مقدار کي وڌائي سگهو ٿا.
اصول نمبر 5:
ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ وقت ڏيڻ ضروري آهي. اڄڪلهه
آمريڪا ۾ ماڻهن جو سڀ کان وڏو مسئلو وقت جي کوٽ
آهي. ماڻهن وٽ تمام گهڻي دولت ۽ اميري ته موجود
آهي، پر انهن مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ وٽن وقت
ڪونهي. زندگي انتهائي مختصر آهي ۽ اسان جا ڪم
لامحدود آهن.
وقت محدود آهي، ان کي وڌائي نٿو سگهجي. وقت اڻٽر
هوندو آهي، جڏهن ته سڀ ڪم ۽ انهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ
ان جي ضرورت هوندي آهي. وقت جو ڪوبه متبادل ڪونهي.
وقت ختم ٿيندڙ آهي، ان کي محفوظ نٿو ڪري سگهجي.
جيڪڏهن هڪ ڀيرو وقت گذري وڃي ته پوءِ ان کي ٻيهر
موٽائي نه ٿو سگهجي.
اصول نمبر 6:
وقت کي ترتيب ڏيڻ جو فن هميشه غور ۽ فڪر، تدبير،
خود اعتمادي ۽ پاڻ کي منظم ڪرڻ سان پيدا ٿيندو
آهي. ليڊر بڻجڻ ۽ ڪردار ٺاهڻ لاءِ انهن صلاحيتن جو
هجڻ ضروري آهي. وقت کي ترتيب ڏيڻ ئي توهان کي ان
قابل بنائيندو آهي ته توهان گهربل مقصدن کي حاصل
ڪري سگهو ۽ ڪاميابي حاصل ڪري ۽ پنهنجي ڪمپنيءَ ۾
ڪو نمايان مقام حاصل ڪري سگهو.
اصول نمبر7:
وقت جي ترتيب توهان کي بهتر نتيجن ڏيڻ تي زور
ڏيندي آهي. ڪامياب ماڻهن جي بنيادي خوبي نتيجا ڏيڻ
واري هوندي آهي. جڏهن توهان پنهنجون سڀ صلاحيتون
نتيجن جي حصول لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهيو ۽ مڪمل
جانفشانيءَ سان ڪم ڪندا آهيو ته يقيني طور تي
توهان جي ترقي ۽ ڪاميابيءَ جا امڪان سو سيڪڙو وڌي
ويندا آهن.
اصول نمبر 8:
وقت جي ترتيب توهان کي نه رڳو سخت محنت- پر چستيءَ
سان محنت ڪرڻ جي ترغيب پڻ ڏيندي آهي. ناڪام ماڻهو
دراصل ڪامياب ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت محنت ڪندا
آهن، پر وقت کي ترتيب نه ڏيڻ جي ڪري اهي پيداوار
يا نتيجا گهٽ ڏئي سگهندا آهن.
اصول نمبر9:
وقت جي بهتر ترتيب طاقت، جوش، ولولي ۽ هاڪاري ذهني
رويي جو سبب بڻبي آهي. جڏهن توهان گهڻا نتيجا
ڏيندؤ ته توهان پنهنجي باري ۾ گهڻو هاڪاري محسوس
ڪندؤ ۽ گهڻي مقدار ۾ ڪم جي تڪميل ڪرڻ سان توهان ۾
اضافي قوت پيدا ٿيندي جيڪا توهان کي ان کان به
بهتر نتيجن ڏيڻ تي همٿائيندي ۽ توهان گهڻي کان
گهڻن ۽ بهتر نتيجن جي حصول لاءِ جوش ۽ ولولي سان
ڪم ڪندا.
اصول نمبر 10:
وقت کي ترتيب ڏيڻ جو اصول توهان جي ڪردار جي تعمير
ڪندو آهي ۽ توهان کي پنهنجي قابليت تي اعتماد ۽
يقين محڪم جي قوت عطا ڪندو آهي، جنهن سان توهان
جيڪو چاهيو حاصل ڪري سگهو ٿا.
اصول نمبر 11:
نه ختم ٿيندڙ تحريڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارين سوچن
سان حاصل ٿيندي آهي. جيتريون گهڻيون توهان
ڪاميابيون حاصل ڪندا آهيو، اوترو ئي توهان پنهنجي
باري ۾ محسوس ڪندا آهيو ۽ گهڻي ڪاميابي حاصل ڪرڻ
لاءِ توهان دل ۽ جان سان محنت ڪندا آهيو.
اصول نمبر 12:
هاڻي هڪ هڪ منٽ توهان جي سموري وقت مشتمل هوندو،
جيڪڏهن توهان هڪ منٽ تي کي ترتيب ڏيندؤ ته ڪلاڪ ۽
ڏينهن پنهنجو پاڻ ان ۾ شامل ٿي ويندا. جيتري قدر
سختيءَ سان توهان پنهنجي وقت کي ترتيب ڏيندؤ اوتري
ئي اعليٰ ڪاميابي ۽ عظيم زندگي توهان جو مقدر
ٿيندي! |