شهيد راڻي بينظير ڀٽو/
مراد علي مرزا
حصو سترهون
المرتضيٰ مان آزادي
مارشل لا سان جمهوريت جو مقابلو
ايئر هوسٽيس مون کي اخبار آڻي ڏني. ان ۾ ايم آر ڊي
جون خبرون ڪونه هيون، پر جهاز جي اغوا جون خبرون
هيون. اغوا ڪندڙن پنجونجاهه سياسي قيدين جي
رهائيءَ جي گهُر ڪئي هئي ۽ جهاز کي ڪابل ۾ لاهڻ جو
حڪم ڏنو هو، جتي هنن جهاز جي مسافرن مان هڪ کي
گولي هڻي ماري ڇڏيو هو. اهو فوتي هڪ فوجي عملدار
ميجر طارق رحيم هو جيڪو ڪنهن وقت منهنجي والد جو
ايڊي ڪانگ هوندو هو. ان کانپوءِ پائليٽ کي شام ملڪ
جي دمشق شهر ڏانهن جهاز اڏائڻ تي مجبور ڪيو ويو
هو. اغوا ڪندڙن هڪ ويڙهو ٽولي الذوالفقار جا ميمبر
هجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. چيو ويو هو ته الذوالفقار
جو مرڪز ڪابل ۾ هو جتي منهنجا ڀائر رهندا هئا.
مضمون ۾ لکيل هو ته ان گروهه جو اڳواڻ منهنجو ڀاءُ
مير هو.
ايڪٽيهه، ٻٽيهه، ٽيٽيهه، وارن جي برش جا ست گهڪا،
ستانوي، اٺانوي. ڏندڻ ڏيڻ وقت هڪ سئو تائين انگ
ڳڻ. کليل آڳنڌ ۾ هاڻي پندرنهن منٽن تائين پسار ڪر.
ضابطو. نيم. اهو هر حالت ۾ قائم رکڻ گهرجي. منهنجي
ڪوٺڙيءَ جي سامهون سيخن لڳل خالي ڪوٺڙين لڳ
قيدخاني جي ڪچي ۽ گندي اڱڻ ۾ کليل ڪسيون آهن.
جيلرن جو چوڻ آهي ته قيدخاني جو اهو سڄو ڪمپائونڊ
منهنجي ڪري خالي ڪرايو ويو آهي. حڪومت مون کي بنهه
اڪيلائيءَ ۾ رکيو آهي. هر روز جيلر منهنجي غار
جهڙي پڃري جو ڪلف کولي منهنجي نيرن لاءِ ڇڊي چانهه
۽ ماني، ٻنپهرن جو مهريءَ جي ڇڊي دال، اوٻاريل
ڪدو، هفتي ۾ ٻه ڀيرا مڇيءَ جو ٽڪرو ڪڏهن ٻنپهرن جو
ڪڏهن رات جو کڻي ايندا آهن ۽ وري مون کي بند ڪري
هليا ويندا آهن. آئون ڪنهن ٻئي کي ڪونه ٿي ڏسان.
سکر جيل جي قيد تنهائيءَ ۾ پنجن مهينن اندر آئون
ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن انسان جو آواز ٻڌان ٿي، جيڪو مون
کي اداس ڪندڙ خبرون ٻڌائي ٿو. ”اڄ وڌيڪ پنجاهه
ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو،“ جيل جا عملدار هفتي ۾
هڪ ڀيرو چڪر هڻڻ وقت مون تائين خبرون پهچائين ٿا.
”اڄ هڪ سياسي قيديءَ کي ڪوڙا لڳڻا آهن.“
افغانستان ۾ روسي فوجن جي گهڙي اچڻ وانگر، هوائي
جهاز جي اغوا جو واقعو ضياءَ جي لاءِ هڪ تمام ڏکئي
وقت تي ٿيو هو. هن کي حڪومت تان لاهڻ جي لاءِ عوام
جي ان سخت مخالفت جي شروعات ۾ ضياءَ ان واقعي کي
پيپلز پارٽيءَ جي دهشتگردي ڪري ڄاڻايو هو. اهو هڪ
اهڙي وقت تي ٿيو جو ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال هو ته
ان ۾ ضياءَ جو هٿ آهي. جيڪڏهن ايئن آهي ته اهو
تمام ڪامياب ٿيو هو. اغوا جي تيرهن ڏينهن کانپوءِ
۽ اغوا ڪندڙن جي ڏنل آخري وقت کان ٻه، ٽي منٽ
پهرين جڏهن هنن جهاز کي بم سان تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي
ڏني هئي، حڪومت هنن جي ان گهُر کي ته پنجونجاهه
سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن، قبول ڪري ورتو. ان وقت
پنجونجاهه قيدين جي ڪهڙي ڳالهه هئي، جڏهن ته حڪومت
پنهنجن هزارن سياسي مخالفن کي قيد ۾ وجهي ڇڏيو هو
۽ هنن مان ڪيترين ئي تي دهشتگرديءَ جا الزام هئا؟
ايم آر ڊي جنهن مقصد هيٺ اڳتي وڌي هئي ان جو ته
اخبارن ۾ به ڪو ذڪر ڪونه ٿي ٿيو. سڀئي اخبارون
هوائي جهاز جي اغوا ۽ الذوالفقار جي خبرن سان
ڀريون پيون هيون.
سکر جيل جي ڪلف لڳل ڪوٺڙيءَ ۾ مون کي اڃان به
سمجهه ۾ ڪي ڪونه ٿي آيو ته ضياءَ پيپلز پارٽي ۽
خاص ڪري منهنجيءَ والده ۽ مون کي الذوالفقار سان
لاڳاپي ۾ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڇو ٿي ڪئي. ان جي بدران
منهنجو سڄو ڌيان پنهنجي رهائيءَ تي هو. مون ان وقت
سک جو ساهه کنيون جڏهن منهنجو وڪيل مسٽر لاکو مون
وٽ سکر ۾ آيو ته جيئن منهنجي نظربنديءَ جي خلاف
اپيل تيار ڪري سگهجي. هڪ ڀيرو وري هڪ ايماندار
جيلر منهنجي مدد ڪئي هئي. مون سنڌ هائي ڪورٽ کي
جيڪو خط لکيو هو، اهو نيٺ اتي پهچي ويو هو. پر
جيلر۽ مسٽر لاکو جي ڪيل ڪوششن جو ڪوبه نتيجو ڪونه
نڪرڻ وارو هو.
مسٽر لاکو جي ملاقات کان ٽي يا چار ڏينهن پوءِ 23
مارچ تي فوجي حڪومت ”عارضي آئيني حڪم“ جاري ڪيو.
ان مطابق ”جنرل ضياءَ کي اهڙا اختيار حاصل هئا ۽
هوندا ته هو آئين ۾ ترميم ڪري سگهي.“ ان نئين حڪم
کي استعمال ڪندي ضياءَ هڪدم ديواني عدالتن جي
اختيارن کي ختم ڪري ڇڏيو ته جيئن اتي مارشل لا جي
ڏنل سزائن جي شنوائي ٿي نه سگهي. مون مسٽر لاکو جي
معرفت جيڪا اپيل ڪئي ۽ ٻئي هر سياسي قيديءَ جي
اهڙي اپيل هاڻي بلڪل اجائي هئي. هڪ فوجي عدالت
ڪنهن به قانوني رجوعات کانسواءِ هاڻي اسان کي
گرفتار ڪر نئين عارضي آئيني حڪم هيٺ ضياءَ هر
قانوني مخالفت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ عدالتن جي به
صفائي ڪري ڇڏي.هاڻي سڀني ججن لاءِ ضروري هو ته
اهي مارشل لا جي ۽ چيف مارشل لا جي حيثيت ۾ ضياءَ
جي بالادستي کي قائم رکڻ لاءِ قسم کڻن. جن ججن قسم
کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو انهن کي موقوف ڪيو ويو هو.
ٻين ججن کي قسم کڻڻ جي وجهه ملڻ کان اڳ ۾ ئي موقوف
ڪيو ويو هو. پاڪستان جي عدالتي سرشتي جو چوٿون حصو
حڪومت جي ان نئين حڪم هيٺ نوڪرين مان ڪڍيو ويو هو،
انهن ۾ اهي به جج هئا جن سياسي قيدين جي موت ۽ سخت
پورهئي وارين سزائن جي فتوائن کي رد ڪيو هو.
”جيڪڏهن اختيارن کي عدالتي سرشتي سان ڀاڱي ڀائيوار
ڪرڻ جو سوال آهي، ته مون کي اهي نه گهرجن،“ گارجين
اخبار ضياءَ جي حوالي سان لکيو هو. ”هنن جو ڪم صرف
قانون جي وضاحت ڪرڻ آهي.“ بين الاقوامي قانوني
انجمنن ۽ واري ايمنسٽي انٽرنيشنل حڪومت وٽ سخت
احتجاج ڪيو، پر اهو چڱو نه ٿيو هو. پاڪستان ۾
ديواني قانون کي اثرائتي نموني ۾ ختم ڪرڻو هو.
پوءِ وري مسٽر لاکو کي مون سان ملاقات ڪرڻ جي
اجازت ڪين ملي هئي.
وقت، ڪٺور، ورچائيندڙ. پنهنجي ذهن کي سجاڳ رکڻ
لاءِ مون پاڻ سان ٿيندڙ هر ان واقعي کي هڪڙي
ننڍڙيءَ ڪاپيءَ ۾ قلمبند ڪري ڇڏيو، جيڪا هڪ همدرد
جيلر لڪائي منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ آندي هئي. ان جي ڪري
ٿورو وقت گذري ويندو هو. مون کي هر روز هڪڙي اخبار
ملندي هئي. اها ڊان اخبار هئي، جيڪا سنڌ جي ننڍن
شهرن لاءِ شايع ٿيندي هئي. اها اخبار آهستي آهستي
پڙهه، لفظ به لفظ- آئون پاڻ کي تاڪيد ڪندي هيس.
مبالغي واريون آکاڻيون، جمعي جي ڏينهن ٻارن لاءِ
ڳجهارتون، ڀلارن ڏينهن بابت مضمون، شين ٺاهڻ جون
ترڪيبون. پر هڪ ڪلاڪ اندر آئون اخبار پڙهي پوري
ڪندي هيس.
”ڇا مون کي ”ٽائيم يا نيوز ويڪ ڏئي سگهو ٿا؟“ جيل
سپرينٽينڊنٽ جڏهن پنهنجي هفتيوار گشت تي آيو ته
مون هن کي چيو.
”اهي ڪميونسٽن جا رسالا آهن جن جي هت منع آهي،“ هن
مون کي ٻڌايو.
”اهي ڪميونسٽن جا ڪونهن، پر اهي سرمائيدارن جي
ڳڙهه مان شايع ٿيندا آهن.“ مون بحث ڪيو.
”اهي ڪميونسٽن جا آهن.“
”اوهان وٽ لائبرري ۾ ڪهڙا ڪتاب آهن؟“ مون وري ڪوشش
ڪئي.
”هت اسان وٽ لائبرري ڪانهي.
جيئن ئي مارچ پورو ٿي اپريل شروع ٿيو ته آئون
اخبار پهچڻ تي ڏڪڻ شروع ڪندي هيس. اخبار جي پهرئين
صفحي تي اڃان تائين جهاز جي اغوا جون خبرون
هونديون هيون، جنهن ۾ منهنجي ڀاءَ مير جو هٿ ٻڌايو
ويندو هو. مون هڪ انٽرويو پڙهيو جنهن ۾ مير پي آئي
اي جي هوائي جهاز کي اغوا ڪرڻ جو ذمو کنيون هو. هڪ
ٻئي انٽرويو ۾ هن ان کان انڪار ڪيو هو. ان هوندي
به سڀني سرڪاري اخبارن اشارن ڪناين ۾ اهو ئي پي
لکيو ته الذوالفقار پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ
هٿياربند جماعت آهي.
ڪهڙي نه ڪوڙي تهمت هئي اها! پاڪستان پيپلزپارٽي جو
بنيادي نظريو ئي اهو هو ته سياست جي ذريعي پُرامن
تبديلي آندي وڃي، قاعدي قانون اندر رهي ڪم ڪجي.
اسان ڀلا عام چونڊن ڪرائڻ لاءِ ايڏو زور ڇو پي
ڏنو، اسان تي ضياءَ جيڪي اٽڪلون پئي آزمايون، انهن
جي هوندي به اسين چونڊن وڙهڻ لاءِ ڇو تيار هئاسين،
هن جي مارشل لا جي موتمار سختين جي موجودگيءَ ۾
اسان چونڊن تي ڇو زور ڏنو هو؟ عوام جي دلين ۽
وفادارين تي ڪڏهن به زور زبردستي سان قبضو ڪري نه
ٿو سگهجي. ضياءَ کي به ضرور ان ڳالهه جو علم هو.
ان هوندي به حڪومت ايم آر ڊي، پاڪستان پيپلز پارٽي
۽ ڀٽو خاندان کي تباهه برباد ڪرڻ لاءِ الذوالفقار
جي باري ۾ جيڪا ٿوري گهڻي حقيقت هئي ان کي مروٽي
سروٽي پيش پي ڪيو.
سکر جيل جي ان ڪوٺڙيءَ جي اڪيلائيءَ ۾ مون کي يقين
ٿيندو پي ويو ته حڪومت مون کي قتل ڪرڻ جون تياريون
پئي ڪري. جيل جي عملي مان هڪ مون کي ڏڪندي ڪنبندي
ٻڌايو هو ته اتي ئي فوجي عدالت ڳجهيءَ طرح مقدمو
هلائي مون کي موت جي سزا ڏيندي. هڪ ٻئي ملازم
ٻڌايو هو ته ٻئي اڱڻ ۾ جيڪي موت جون ڪوٺڙيون آهن،
انهن کي خالي ڪرايو پيو وڃي ته جيئن مون کي ان
پاسي اماڻي سگهجي. هن اهو به ٻڌايو هو ته سکر ۾
چوڪسيءَ کي سخت ڪيو پي ويو، جو اهڙا افواهه پکڙيل
هئا ته منهنجي موت جي سزا جي اعلان ٿيڻ کانپوءِ
منهنجا ڀائر مون کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا. ٻيا
افواهه اهي پکڙيل هئا ته مون کي جلد ئي بلوچستان
جي هڪ عذاب گهر ۾ اماڻيو ويندو ته جيئن مون کان
اها قبوليت ڪرائي وڃي ته پي آئي اي جي جهاز کي
اغوا ڪرائڻ ۾ آئون به شامل هيس. ”تنهنجي لاءِ ڏاڍو
ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي،“ هڪڙي ڏاڍي همدرديءَ سان
منهنجي ڪن ۾ ڀڻڪيو. ”تون پنهنجي جياپي جي لاءِ
دعائون گهر.“
انسپيڪٽر جنرل آف جيلز
انسپيڪشن جي لاءِ جڏهن سکر ۾ آيو ته هن به انهن
افواهن جي تصديق
ڪئي. ”ماڻهن کي عذاب ڏئي هنن کان قبوليت ورتي پئي
وڃي ته تون به الذوالفقار ۾ شامل آهين،“ سٻاجهي
منهن ۽ اڇن وارن واري ان شخص مون کي ايندڙ خطرن
کان آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهستي چيو. ”پر آئون
ته بيگناهه
آهيان. اهي مون کي لوئي نه ٿا سگهن،“ مون سادگيءَ
سان چيو. انسپيڪٽر جنرل پنهنجو ڪنڌ لوڏيو.
”مون پاڻ تنهنجي گهر واري شهر لاڙڪاڻي جي هڪ ڇوڪري
کي ڏٺو آهي جنهن جي پيرن جا ننهن ڇڪي ڪڍيا ويا
آهن،“ هن اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي چيو. ”آئون چئي نه
ٿو سگهان ته ڪيترا ماڻهو اهڙا عذاب سهي سگهندا.“
آئون ڏاڍي بيتاب ٿيس. هڪ
مهيني کان به مٿي اسان جي گرفتاريءَ
کانپوءِ مون نه پنهنجيءَ والده کي ڏٺو هو
۽ نه وري هن جو آواز ٻڌو هو. مون کي هن
سان ڳالهين ڪرڻ جي ڏاڍي خواهش هئي، پنهنجي
باري ۾، ايم آر ڊي جي صورتحال بابت ۽
بغاوت جي انهن تهمتن بابت جيڪي حڪومت اسان
تي مڙهڻ واري هئي.
|
مون هن تي ۽ جيل جي عملي تي يقين ڪرڻ ڪونه ٿي
گهريو. جياپي جي لاءِ اها ڳالهه اهم آهي ته حقيقت
کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪجي. حقيقت کي قبول ڪرڻ جو
مطلب آهي ڌمڪيءَ کي قبول ڪرڻ. ان هوندي به لاشعوري
طرح منهنجي جسم ان ڇڪتاڻ جو اثر قبول ڪيو ۽
منهنجي جسماني صحت وڌيڪ خراب ٿي وئي. جيئن ته
منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ نويڪلائي ڪين هئي، تنهنڪري جيل ۾
اچڻ کانپوءِ جلد ئي جيل ميٽرن کي منهنجي زناني
تڪليف جي خبر پئجي وئي هئي ۽ ليڊي ڊاڪٽر کي گهرايو
ويو هو. پر هن جيڪا تشخيص ڪئي هئي ان جو ذڪر مون
سان ڪونه ڪيو ويو.
جيلر منهنجي لاءِ جيڪو کاڌو آڻيندا هئا اهو مون
کان کاڌو ڪين ٿيندو هو، جنهن ڪري آئون اهو ڇڏي
ڏيندي هيس. آئون ڪجهه به ته ڪين کائيندي هيس، ان
هوندي به مون کي پڪ ٿي ويئي هئي ته آئون ٿلهي پئي
ٿيان. منهنجيون ڪکيون ڀرجي ويون هيون ۽ لڳو ٿي ته
پاسراٽيون وڌي ويون آهن. هاڻي مون کي محسوس ٿيو هو
ته اها سموري خرابي بک مري وڃڻ جي ڪري ٿي هئي.
منهنجو وزن ڏينهن و ڏينهن گهٽ ٿيندو پي ويو. جيل
جي اختياريءَ وارن کي جن مون کي ٻڌايو هو ته حڪومت
مون کي موت جي سزا ڏيڻ گهري ٿي، اهو حال ڏسي ڏاڍي
ڳڻتي ٿي هئي ته آئون اهڙي حالت ۾ پاڻ ئي مري
وينديس. ”پنهنجو سامان تيار
ڪر. توکي ڪراچي موڪليو پيو وڃي،“ سکر ۾ اچڻ کان پنج هفتا پوءِ 16
اپريل تي صبح جو سويل جيل جي ميٽرن مون کي چيو.
”ڇو؟“ مون پڇيو.
”تنهنجي صحت خراب آهي. اسين توکي ڪراچي وٺي ٿا
وڃون.“ ڪراچي هوائي اڏي تي
پوليس وارن مون کي ٻڌايو ته اسين توکي گهر وٺي ٿا
هلون. مون کي هڪ عجب جهڙي خوشيءَ جو احساس ٿيڻ
لڳو. 70 ڪلفٽن. جيل جي هئڊي پاڻي جي بدران خالص
ٿڌو پاڻي. واڻ جي کٽ جي بدران منهنجو پنهنجو
بسترو. لوهي سيخن جي جاءِ تي چار مضبوط ديواريون.
مون سمجهيو ته منهنجي سخت آزمائش پوري ٿي وئي آهي.
نه ايئن ڪونه هو.
”هيءُ منهنجو گهر ڪونهي،“ ڊگهي سفر ڪرڻ کانپوءِ
مون کي جڏهن هڪ اهڙي گهر ۾ آندو ويو جيڪو منهنجو
اڳ ڏٺل ئي ڪونه هو، تڏهن مون اعتراض ڪندي چيو.
”اسان جي مرضي آهي ته تون پهرين هڪ ٻئي ڊاڪٽر کي
پاڻ ڏيکار،“ پوليس جي محافظن ٻڌايو. ”پوءِ اسين
توکي تنهنجي گهر وٺي هلنداسين.“
ايتري ۾ مون هڪ اڻڄاتل صورت کي پاڻ ڏانهن ايندي
ڏٺو. ”اوهين مون کي منهنجي گهر ڇو نه ٿا وٺي هلو،
جتي منهنجي ذاتي ڊاڪٽر منهنجي تپاس ڪندي؟“ پوليس
وارن ان جو ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
البت ڊاڪٽر جي ٻاجهاري شڪل هئي. ”سکر جي ڊاڪٽرن جو
خيال آهي ته توکي رحم جو ڪينسر آهي،“ هن تپاسڻ
کانپوءِ مونکي آهستي چيو. ”پر مون کي پڪ ڪانهي.
اسان کي آزمائشي آپريشن ڪرڻي پوندي.“
ڪينسر؟ اٺاويهن ورهين جي ڄمار ۾؟ آئون بي
اعتباريءَ وچان هن ڏانهن ڏسڻ لڳيس. ڇا اها ڪينسر
جي ڌمڪي سچ هئي؟ يا هڪ ڀيرو وري هنن مون کي گمراهه
ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي؟
ٻين سڀني
ڊاڪٽراڻين وانگر هوءَ به حڪومت جي طرفان مقرر ڪيل
ڊاڪٽرياڻي هئي.
انهن ڳالهين ڪرڻ وقت هن هڪ پني تي به پي لکيو.
”تون ڳڻتي نه ڪر. آئون تنهنجي دوست ۽ همدرد
آهيان،“ ان پني تي لکيل هو جيڪو هن مون ڏانهن
وڌايو.
”تون مون تي ويساهه ڪري سگهين ٿي.“ پر ڇا آئون
ويساهه ڪري ٿي سگهيس؟ مون وٽ ڪنهن تي ويساهه ڪرڻ
لاءِ ڪو هڪ سبب به ڪونه هو.
”اوهان ٻڌايو هو ته اوهين مون کي 70 ڪلفٽن وٺي
هلندا،“ جيپ ۾ ڪراچي جي رستن تان لنگهندي مون
پوليس وارن کي چيو. ”پر هيءُ رستو ته ان پاسي ڪونه
ٿو وڃي.“
”تون گهر پوءِ وڃجان،“ هنن چيو.
”پهرين اسين ڪراچي سينٽرل جيل ۾ توکي تنهنجيءَ
والده سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ وٺي ٿا هلون.“
آئون ڏاڍي بيتاب ٿيس. هڪ مهيني کان به مٿي اسان جي
گرفتاريءَ کانپوءِ مون نه پنهنجيءَ والده کي ڏٺو
هو ۽ نه وري هن جو آواز ٻڌو هو. مون کي هن سان
ڳالهين ڪرڻ جي ڏاڍي خواهش هئي، پنهنجي باري ۾، ايم
آر ڊي جي صورتحال بابت ۽ بغاوت جي انهن تهمتن بابت
جيڪي حڪومت اسان تي مڙهڻ واري هئي.
”امان! امان!“ ريسٽ هائوس ۾ تڪڙو ويندي مون سڏ
ڪيو. ”امان، آئون پنڪي آهيان. آئون آئي آهيان.“
ڪوبه جواب ڪونه آيو. هڪ ٻيو ڪوڙ. ”تنهنجي والده هڪ
ٻئي وارڊ ۾
رهيل آهي،“ هڪڙي جيلر مون کي رازداريءَ سان
ٻڌايو. مون هن سان هڪدم ملڻ لاءِ درخواست ڏني هئي،
پر مون کي ڪڏهن به ان جو جواب ڪونه مليو. ٻئي
ڏينهن 70 ڪلفٽن ڏانهن وٺي وڃڻ جي بدران پوليس مون
کي هڪ عام اسپتال ڏانهن وٺي هلي. اتي جا سڀئي
لنگهه جتي ماڻهن جا گوڙ پنهنجن مائٽن سان گڏ
آپريشن روم جي دروازي تائين گڏ ويندا آهن، سڃا ٿيا
پيا هئا.
پنهنجن مائٽن کانسواءِ مون ڏاڍي اڪيلائي
پئي محسوس ڪئي. آپريشن کانپوءِ آئون جڏهن هوش ۾
آيس تڏهن اتي پنهنجيءَ ڀيڻ صنم کي ڏسي مون کي ڏاڍو
اطمينان ٿيو هو. حڪومت نيٺ هن کي اچڻ جي اجازت ڏني
هئي. پر هوءَ ڏاڍي پريشان ٿي ڏٺي.
صنم:
|