سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2007ع

مضمون --

صفحو :8

مان به دادر واري گهر کي تالو پائي، آرم سان پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويس.

مون کي ته ائين ٿو لڳي ته سڀ سنسٿائن وارا سنڌين ۽ سنڌيت جي ڀلي لاءِ نه پر پنهنجي ساراهه جي لاءِ ئي ڪم ڪري رهيا آهن. هيڏن سالن ۾ سنڌين کي ڇا مليو آهي؟ ڪاليج سنڌين جا، اسپتالون سنڌين جون... ڇا انهن ۾ دُکي ۽ ضرورتمند سنڌين کي مدد ملي رهي آهي؟ نه بلڪل نه. چئو ته مان اهڙن ماڻهن کي سامهون ڪري ثابتي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. مون وٽ گهڻيئي ماڻهو پيا اچن، جن کي سخت ضرورت آهي. ها، ڪجهه لوڪل ماڻهن جون ٽرسٽون آهن، جي ماڻهن کي ڪجهه مدد ڪري رهيون آهن، پر اُنهن وٽ پهچ کپي. باقي سنڌين جو الله واهي. سڀ سنڌي امير، انڌو وشواس ڪري، مندرن ۽ سنتن جي چرن ۾ ڪروڙين روپيا ڀيٽا ڪندا آهن، پر اک کڻي پنهنجي آس پاس نه ڏسندا ته ڪي گهرجائو سندن مٽ مائٽ ۽ پاڙيوارا به آهن. اهڙن ماڻهن جو ڀيٽا رکيل ناڻو مارڪيٽ ۾ وياج تي پيو رکيو وڃي. ڪي سنت آهن جن جو ناڻو عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ پيو خرچ ٿئي، اُهي ساراه جا حقدار آهن. سائين ٽينئونرام جو نالو، ساڌو واسواڻي مِشن وارن جو ۽ سائين هردارام بيراڳڙهه وارن جو نالو اهڙن ڌرماتمائن ۾ ڳڻيو ٿو وڃي، جي پنهجي لاءِ نه پر ٻين جي لاءِ جي جان سان شيوا ڪري رهيا آهن. هوندا ٻيا ٻه ڪي لڪل لعل، جن جي ڄاڻ مون کي نه هوندي. منهنجي من ۾ جيڪو ڪجهه دٻيل هو، مون کوٽي توهان جي اڳيان رکيو آهي. هاڻ توهان تي ڇڏيل آهي ته گاريون ڏيو يا گُل، منهنجي لاءِ آسيس ٿي رهندي. پر مان سڀني ۾ سجاڳي آڻڻ ٿي چاهيان ته پنهنجو ڌن سڪيارتو ڪريو.

هاڻ ته ڪمائڻ جو موه تياڳي ڇڏيو اٿم. بس، جيئڻ جي لاءِ ڪافي آهي. هر مهيني جي خرچ کان پوءِ به بچندو آهي. پنهنجي چئريٽي کاتي ۾ جمع ڪندي آهيان. ڇهن ستن سالن ۾ ڏهه کن ڪتاب لکي ڇپايا اٿم، جن ۾ ٽي ناول ۽ ٻيا ڪهاڻي سنگره آهن. فلم کان پوءِ هڪ گانن جي ڪئسيٽ، ”مان سنڌي آهيان“ ڪڍي اٿم. هاڻي سوچي رهي آهيان ته ڪجهه وقت ماٺ ڪري ويهان، جي ماٺ ڪري وهڻ آيو ته! نه ته هلندي رهنديس، رُلندي رهنديس. جيستائين ٿڪجي ٽُٽجي ڦان نه ٿي آهيان يا اچانڪ ايشور وٽان ڪو پيغام نه آيو آهي. ڪڏهن به اچي سگهي ٿو، تيار ويٺي آهيان. هاڻ ڪرڻو به ڇا اٿم؟ من ڀرجي ويو آهي دُکن ۽ سُکن مان، ايشور در پرارٿنا ٿي ڪريان ته بس هلندي چلندي پاڻ وٽ گهرائي وٺي. هميشه لاءِ به مون کي مُڪتي نه کپي، مان وري دُک سُک سهڻ لاءِ هن زمين تي واپس اينديس، نئون جنم، نئين مسڪراهٽ کڻي.

اڄ پوني ۾ آئي ارڙهن سال ٿي ويا. هن سڀاڳيءَ زمين مون کي ايترو وقت پاڻ سان ٻڌي رکيو يا منهنجو هن سان موه جو ناتو جڙي ويو هو. اڄ هن گهر ۾ ديوارن سان به پيار ٿي ويو آهي. هن گهر مون کي سُک شانتي، مان شان، سڀ ته ڏنو آهي. ها، ڪجهه دُک به. پر چوندا آهن ته ”دُک سُکن جي سونهن، گهوريا سُک دُکن ري!“ مون به سکن کي گهوري ڇڏيو آهي.

هتي پوني ۾ گوورڌن شرما ۽ مون گڏجي ”سنڌي ادبي سڀا“ جي اسٿاپنا ڪئي. منهجو شرط هو ته ڪوبه عهديدار پنهنجي نجي فائدي لاءِ سڀا جو اجوڳ فائدو نه وٺندو. اسان نون ليکڪن کي مدد ڪنداسين. جو به ڪرڻو آهي سو هڪ ٻئي جي صلاح سان ڪنداسين. پنهنجي من ماني ڪير به نه هلائيندو. جي منظور هجيئي ته مان قدم اڳتي وڌائينديس، نه ته رام رام.

گوورڌن شرما قبول ڪيو. هن کي پرڌان ڪيو ويو ۽ مون کي وائيس پرڌان ۽ ٻين کي به عهدا ڏنا ويا. هتي انهن جا نالا لکڻ جي ضرورت نه ٿي سمجهان. ٽي سال سڀا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هليس. منهنجي اُها مجبوري رهي آهي جو مان ڇهن مهينن کان وڌيڪ هتي نٿي رهي سگهان. پر هاڻ جڏهن خبر پيئي آهي ته ڪوبه فيصلو بنان ڪنهن کي ٻڌائڻ جي ڪيو ٿو وڃي. پرڌان پنهنجي من ماني ڪري رهيو آهي، جيڪو کيس وڻي ٿو اهو ڪري ٿو ۽ اهو آخرين فيصلو آهي. جا ڳالهه مون کي نه وڻي، اُن سان نباهڻ منهنجي لاءِ مشڪل آهي. جنهن لاءِ ادبي سڀا کي به هٿ جوڙي الوداع ڪئي اٿم.

هاڻ واپس بمبئي وڃي رهي آهيان. هيڏن سالن کان پوءِ خبر نه آهي اُها جاءِ ۾ وڃي ملهائينديس. اُتي به سڀ ڄاتل سڃاتل، پنهنجا ماڻهو آهن. هتي پوني ۾ منهنجو ڪوبه مِٽ مائٽ نه هو، پوءِ به جيڪو مون کي هتان جي ماڻهن پيار ۽ سهڪار ڏنو، انهن جي مان ٿورائتي آهيان. دُک سُک ۾ اڌ رات جو به اچي حاضر ٿيندا هئا. مان جن سان به واقفيت ڪندي آهيان، ڪوشش ڪري توڙ تائين نباهيندي آهيان. اهڙو ڪو ماڻهو گڏجي ويندو آهي، ته وڙهڻ کان پاسو ڪندي آهيان. جو مڙيو سو جڙيو. لکڻ وقت به مان چوڌاري ڀتين ۽ ڇتين ڏانهن هر هر نهاري رهي آهيان. سالن کان هنن مون کي پناهه ڏني آهي. انهن جو موه تياڳڻ ناممڪن پيو لڳي. اُنهن کي وسارڻ لاءِ وقت کپي. وقت سڀ ڪجهه وسارڻ ۾ مدد ڪندو آهي. هونئن ته اصل نه وڃان هتان، پر ٻارن جو پوني ۾ من نه ٿو لڳي، جنهن لاءِ بمبئيءَ وڃي چال واري جاءِ ۾ تڪليف سان رهڻو ٿو پوي، وجيه، منهنجي پٽ چيو ته مون تنهنجي باندرا واري جاءِ وڪڻائي آهي ته مان اُن جهڙي جاءِ توکي وٺي ٿو ڏيان. مون کيس چيو ته، ”هاڻ اُهو شونق نه رهيو آهي جو ٻن ڪروڙن واري جاءِ ۾ اڪيلي وڃي رهان.“

پوءِ به جاءِ ته وٺڻي هئي، سا ورتي. سٺي ۽ سستي. اڃا فرنيچر ئي نه ٺهيو ته نيلم آمريڪا مان اچي پهتي، جا اڃا تائين اُتي پڙهي به رهي آهي ته نوڪري به ڪري رهي آهي. پهريون دفعو هوءَ خوش ٿي ويئي جو جاءِ وڏي ۽ رهڻ جي قابل سمجهيائين. هي ”مان ئي مان“ به مهينو کن ڪٻٽ ۾ بند ڪري رکي ڇڏيم. هاڻ وري لکي رهي آهيان. پر ڏسان ٿي ته ڪتاب تمام وڏو نه ٿي وڃي جو ڪوئي هٿ ۾ جهلي به نه سگهي. جنهن لاءِ جلدي ختم ڪري ڀوڳ پائينديس. جڏهن به اڪيلي هوندي آهيان ته ڪان جون ڪيل ڳالهيون اچي ياد پونديون آهن. سڄي رات ننڊ حرام. هونئن به شاديءَ کان پوءِ مون چئن ڪلاڪن کان وڌيڪ ننڊ ڪئي نه هئي. ننڊ ايندي هئي، پر مجبورن جاڳڻو پوندو هو. ٽيهه سال اُها مجبوري رهي. پهريائين ڪان، پوءِ ڪم. پر جڏهن ڪوبه نه رهيو ته هاڻ اُها چئن ڪلاڪن کان پوءِ اُٿي ويهڻ جي عادت پئجي ويئي آهي، جنهن ڪارڻ سوچ جو گُل جو ٽڙي پوندو آهي، جنهن جي خوشبوءَ دماغ جي گهوڙي کي تيز ڀڄائي وڃي ڪان وٽ ٿي پهچائي. هاڻ ته سوچيان ٿي ته ڪان نه پڙهيل هو، نه سماج ۾ اُٿيو ويٺو هو، جنهن ڪارڻ هو اڻ سهندڙ حرڪتون ڪندو رهيو. پر اڄ ايندي ويندي ڏسان ۽ ٻڌان ويٺي ته پڙهيل ڳڙهيل ۽ سماج ۾ اٿندڙ ويهندڙ ماڻهو به آهن جي پنهنجي گهر ۾ ته زالن کي پيار ته ڪن ٿا پر ٻاهر ٻين زالن سان به پيا موجون ماڻين. اُهي ٻهروپي آهن. يا ايشور مردن جون ساريرڪ گهُرجون ڪجهه وڌيڪ جوڙيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته اهو ئي ڪارڻ هوندو جو اسان جا وڏا ٻه چار شاديون ڪندا هئا ۽ اُهي زالون به پاڻ ۾ سڪ پريم سان گڏجي رهنديون هيون. هاڻ به گهڻن ئي قومن ۾ چار شاديون ڪرڻ جو رواج آهي. پوءِ هندن قانون ٺاهي، هندن کي هڪ شاديءَ جو حڪم ڇو ڏنو ويو؟ جو حڪم، حڪم ئي رهجي ويو آهي، عمل ۾ نه آهي. گهر ۾ نه ته ٻاهر، شادي نه ته رکيل! جي ٻي شادي ڪن ته ڌرم مٽائي ڇڏين. منهنجي وس ۾ هجي ته سڀني مردن کي ڇوٽ ڏيان ته جيتريون کپين شاديون ڪن، جنهن ڪارڻ زالون پاڻ ۾ پيار ته ڪنديون، نه لڪي چڀي ٻين جا گهر ڊاهينديون، نه ٻارن کي ناجائز هئڻ جو دُک ڀوڳڻو پوندو. اهو سوچڻ تي پاڻ کي ٻه چار چماٽون هڻي چوندي آهيان، ”بي عقل عورت! ڇو نه اهڙي ڪا تپسيا ڪريان جو ڀڳوان خوش ٿي مون کي وردان ڏئي ته گهر جيڪو گهرڻو هجيئي. واهه پوءِ ته مان جيڪر هن کي وينتي ڪريان ته مردن کي زالن کان وڌيڪ شڪتي ڏي. هڪ زال مان ئي هو خوش ٿي رهن. هنن کي دل به هڪ ئي ڏي. ٻه چار نه، جنهن ڪري ڪا ڪٿي ٿا رکن ته ڪا ڪٿي. جي ڪا ڪٿي وساري ويٺا ته ويڳاڻا ٿي پيا گهمندا. اڪ دل کي ٽڪڙي هزار هُئي، ڪوئي ڪهان گِرا ڪوئي ڪهان. قلم کي چيم، ”بس ڪر، هاڻ مردن جو گهڻو مذاق ڪيئه، جنهن ۾ تنهنجو پُٽ به آهي. هن عمر ۾ ڪٿي رُسي نه وڃي. او. ڪي. باءِ... هري اوم... نمستي...

رتنا گوديا ”رولاڪ“

خليل عارف سومرو

وائي

جاڙ اٿس جيون

مائي منهنجي ڳوٺ جي

رات اٿي اهڙو رني،

بند ڀڳو نيڻن.

مائي منهنجي ڳوٺ جي

پوڙهي وسارن ولهه ۾،

رات جليس جوڀن.

مائي منهنجي ڳوٺ جي

سڏڪي ڪنهن جي سار ۾،

ساڙي ٿي تن من.

مائي منهنجي ڳوٺ جي

ماري عارف آ وڌي،

مڙني مردودن.

مائي منهنجي ڳوٺ جي

 

وائي

ورڻو آهي وقت،

ڏک جا ٿورا ڏينهڙا

عورت لاءِ دؤر هي،

توڙي آهي سخت.

ڏک جا ٿورا ڏينهڙا

کُلندا آخر ڀاڳ ڀي،

ورندو آخر بخت.

ڏک جا ٿورا ڏينهڙا

مردن وٽ هي ظلم جو،

ڪيسين رهندو تخت.

ڏک جا ٿورا ڏينهڙا

عورت آ ڪمزور پر،

ڪاٽي ويندي ڪشٽ.

ڏک جا ٿورا ڏينهڙا

 

وائي

ڪيڏا ڪاج ڪري

وينگس منهنجي ڳوٺ ۾

سائي سائي کيت مان،

پئي ٿي ساڳ پٽي.

وينگس منهنجي ڳوٺ ۾

ڄانڀا بانگها ڊنگهريون،

ميڙيندي وتي.

وينگس منهنجي ڳوٺ ۾

ڇيڻا جيڪي سڪي ويا،

سي ٿي ڪٺا ڪري.

وينگس منهنجي ڳوٺ ۾

ڪانبي ۾ هو گاهه کي،

ڪڇ تي ٻار کڻي.

وينگس منهنجي ڳوٺ ۾

عارف سر تي بار ته به،

کلندي ٿي اچي.

وينگس منهنجي ڳوٺ ۾

 

وائي

ڪنهنجي ڄائي آ،

ڪم سان آئي آ.

ڇيڙ نه هن کي ڇيڳڙا

تنهنجي حرڪت تي،

منجهيل مائي آ.

ڇيڙ نه هن کي ڇيڳڙا

نياڻي ست قرآن،

ڳالهه ته جائي آ.

ڇيڙ نه هن کي ڇيڳڙا

ڪنهنجي عزت،

هي لڄ ڪائي آ.

ڇيڙ نه هن کي ڇيڳڙا

جهڙيون ڀيڻيون ٿئي،

هوءَ به سائي آ.

ڇيڙ نه هن کي ڇيڳڙا

تو هن نازڪ دل،

ڇا لئه گهائي آ.

ڇيڙ نه هن کي ڇيڳڙا

 

وائي

ڪوتا برسائي،

برکا جهڙي شاعره

سرهي سرهي سوچ جي،

خوشبو ڦهلائي.

برکا جهڙي شاعره

پين رکي چپڙن مٿان،

سوچون ڊوڙائي.

برکا جهڙي شاعره

جاڳرتا جي جوت ٿي،

چئوڏس ورکائي.

برکا جهڙي شاعره

پنهنجي شعرن ساڻ ٿي،

محفل مهڪائي.

برکا جهڙي شاعره

عارف جنهن سان عشق ٿيس،

تنهن کي شل پائي.

برکا جهڙي شاعره

 

ڪزبانو سنڌو ناوليٽ                 (حصو آخري)

ڪير ته ڪري انصاف

مومل پوءِ به خاموش هئي. پليز ٻڌاءِ جن اکين ۾ شرارت هئي. انهن اکين ۾ لڙڪ ڇو آهن. جن چپن تي مسڪراهٽ رقص ڪري رهي هئي، اتي خاموشي ڇو آهي. تنهنجو هي روپ مون کان برداشت نٿو ٿئي. پليز ٻڌاءِ مون کي سزا نه ڏي. امتياز بيچينيءَ ۾ چيو.

”بس، ماسات مون سمجهيو ته ٻه لرڪ هاري دل هلڪي ڪنديس. پر توکان اهي ٻه لڙڪ برداشت نٿا ٿين. تون مون کي ايترو نه چاهه. ڪٿي مان مغرور نه ٿي وڃان. سچي چيو! مهرو ۽ سميرا ته مان پٽ تي نه آهيان. ننڊ ۾ آهيان خواب پئي ڏسان. سچي چيو امان. دنيا کي شل موقعو نه ملي. ڪنهن کي بدنام ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندي.“ مومل لڙڪ اگهندي چيو. ته اهو مسئلو آهي. تو تان مهرو ۽ سميرا کليون آهن. کلڻ ڏين تنهنجو ڇا بگاڙينديون. پنهنجو وقت ضايع ڪندون. امتياز مرڪندي چيو.

”امان صحيح چيو پر مان هاڻي نه اينديس.“

”نه مومل، تون ائين نه ڪندينءَ جيڪڏهن تون نه آئينءَ ته مان ڳوٺ اچڻ ڇڏي ڏيندس. دنيا جي پرواهه اٿئي. باقي مان تنهنجو ڪجهه نٿو لڳان. هڪ هفتو توکان پري ڪيئن ٿو گذاريان ڪاش تون ڄاڻي سگهين.“

”بس ماسات دنيا جي پرواهه نه اٿم. پر امان جي رويي تڪليف پهچائي آهي. روز روز جي جهنڪن تنگ ڪري وڌو آهي.“

”مان ماسيءَ کي سمجهائيندس. مون کي خبر آهي منهنجي ڳالهه کيس غلط نه لڳندي.“

”في الحال امان کي ڪجهه نه چئجان.“ مون کي پاڻ ئي منٿون ڪري موڪليائين.“

”تون ماسيءَ جي ڳالهه دل ۾ نه ڪندي ڪر. آئنده مون کي انتظار جي سوليءَ تي نه ٽنگجانءِ.“

”چڱو، آئند ائين نه ٿيندو. بس جو آواز ٻڌي اڏري اينديس.“ مومل ٽهڪ ڏئي چيو.

مهرباني منهنجي مومل. امتياز مرڪي چيو.

”مومل ڪڏهن ته ڪا فرمائش ڪندي ڪر تنهنجي لاءِ ڪجهه وٺي اچان.“

”تنهنجي اچڻ جي خوشي منهنجي لاءِ وڏو تحفو آهي.“ مومل چيو.

امتياز مومل کي ڏسڻ لڳو.

”ڇا پيو ڏسين.“

”پنهنجي مومل کي... ڪيتري نه خوبصورت آهين.“ پردي ۾ هلندي ڪر ڪٿي نظر نه لڳي وڃئي. ”تنهنجي نظر نه لڳي باقي ٻئي ڪنهن جي نظر مون تي اثر نه ڪندي.“

”تنهنجي لاءِ چوڙيون آنديون اٿم.“ امتياز چوڙيون بيگ مان ڪڍي مومل کي ڏنيون.

”واهه، ڪيڏيون خوبصورت آهن. مومل خوشيءَ مان چيو.

”تنهنجي ٻانهن ۾ اڃا به سٺيون لڳنديون.“

”ڏي مان توکي پارايان.“ امتياز هن جو هٿ جهلندي چيو.

مومل کيس چوڙيون ڏنيون. ”ڪڏهن کان اهو ڌنڌو ڪرين ٿو.“

”تنهنجي لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ امتياز کيس چوڙيون پارائيندي چيو. هڪ چوڙي ٽٽي پئي.

”آ ها“ مومل هلڪي رڙ ڪئي.

”ڪجهه ٿيو ته نه.“ امياز مومل جو هٿ ڏسندي چيو.

”نه، چوڙي ٽٽي.“ مومل ٽٽل چوڙي ڏسندي چيو.

خير آهي هڪ چوڙي ٽٽي باقي سلامت آهن تنهنجي ٻانهن ۾ ڏاڍيون سهڻيون پيون لڳن. لڳي پيو ٺاهڻ واري تنهنجون ٻانهون ڏسي ٺاهيون آهن.

”بس، ماسات ايتري تعريف نه ڪندو ڪر منهنجي مون کي ڊپ ٿو لڳي.“

”ڇا جو ڊپ ٿو لڳي مان توسان گڏ آهيان. هر گهڙي هر پل. محسوس ڪر مون کي. مان تنهنجو پاڇو آهيان. توکان ڌار ٿي نٿو سگهان.“

”نه ماسات پاڇو انڌيري ۾ ساٿ ڇڏيندو آهي. مون کي تنهنجو ساٿ گهرجي. توکي محسوس نه ڪريان. بلڪ اکين اڳيان ڏسان هر گهڙي هر پل ڪاش اهڙي هنڌ جنم وٺون ها. جتي وڏيرڪو سماج نه هجي ها. هي وڏيرا. دولت جي غرور تي غريب مسڪين هارين کي غلام سمجهن ٿا. پنهنجي مرضيءَ سان کين جيئڻ نٿو ڏنو وڃي.“

”ڇا ڳالهه آهي مومل. اڄ ڪهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين. صدين کان وڏڙن جو اهو ئي ڳوٺ آهي. اهو ئي سماج هلندو اچي. اسان جا وڏڙا انهن جون خدمتون ڪري هن ئي زمين ۾ دفن ٿي ويا. پر اسان وٽ تعليم آهي شعور آهي. ڪوئي اسان کي غلام نه بنائيندو. ڳوٺ ڇڏڻ سان وڏيرڪو سماج ختم نه ٿيندو. اسان ڳوٺ ۾ رهي آئندا نسل کي وڏيرن جي غلاميءَ کان بچائي سگهون ٿا.“

”ڪاش ائين ٿئي!“

”ائين ضرور ٿيندو. منهنجي مومل کي فڪر ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪونهي.“ امتياز مرڪي چيو. ”ماسات هاڻي مان وڃان ٿي. رات جي ماني ٺاهڻي اٿم. ”سڀاڻي ضرور اچجان.“

”ها، ضرور ايندس. مومل وڃڻ لڳي.

رات جا اٺ ٿيا هئا هر طرف خاموشي ڇانيل هئي. وزير جو پاڻي جو وارو هو. ٻنيءَ تي هو. ڪمدار ور ۾ ريوالور هڻي ٻاهر آيو. ڇا ڪريان هر حال ۾ هينئر ڪم ڪرڻو آهي. رئيس خالد شهر دوست جي شاديءَ ۾ ويل آهي. وزير جي پاڻي جو وارو ڪلهه هو ڦيرائي اڄ رات ڪيم. هاڻي امتياز کي ڪير اطلاع ڏئي. سڪينه جي ماءُ جي حالت خراب آهي جلدي ڏسڻ اچ. ڪنهن کي چوان ڪٿي مان ڦاسي نه پوان. ڪمدار کن پل سوچڻ لڳو.

ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز سناٽي ۾ پڙاڏو بنجي گونجي رهيا هئا.

ڪوئي ٻار اچي لنگهيو. ”پٽ، هيڏانهن اچ.“ ڪمدار جو چهرو انڌيري ۾ نظر نه پي آيو. ٻار هن ڏانهن آيو. پٽ مان ٻني تي پيو وڃان. سڪينه جي ماءُ جي حالت خراب آهي. ڊاڪٽر امتياز کي وڃي چئو چاچا وزير چوي ٿو منهنجي زال کي اچي ڏس پر چوينس جلدي اچ. ڪمدار آواز تبديل ڪري چيو. ٻار امتياز جي گهر طرف وڃڻ لڳو.

ڪمدار پنهنجي چالاڪيءَ تي ٽهڪ ڏنا. سڪينه جي گهر جي واڙهي ۾ لڪي اچي ويٺو.

”تڪڙ ۾ امتياز پنهنجي بيگ کڻي اچي رهيو هو. سڏي گهر ۾ داخل ٿيو.“ ادي امان کي ڇا ٿيو آهي؟ طبيعت صحيح نه اٿس ڇا؟ امتياز پريشاني مان پڇيو.

”ادا، امان جي طبيعت اهڙي ئي آهي جهڙي تون ڏسي ويو هئين.“ سڪينه رڌڻي مان اٿي آئي. ”چاچا وزير، ماڻهو موڪليو انهيءَ ڪري ماني به نه کاڌم هليو آيس.“

هي اڃا اتي ئي بيٺا هئا ته ڪمدار فائر ڪيو گولي امتياز جو سينو چيري وئي. ٻيو فائر ڪيائين سڪينه تڙپڻ لڳي. سڪينه جي ماءُ رڙيون ڪري ڪمري مان نڪتي. امتياز ۽ سڪينه رت ۾ تڙپي رهيا هئا. ڪمدار جي هٿن ۾ ريوالور هو.

”خدا توکي غرق ڪري تو هي ڇا ڪيو. منهنجي معصوم نياڻي تنهنجو ڪهڙو قصور ڪيو.“

”بس ڪر، مائي تنهنجي ڌيءُ معصوم نه، پر ڪاري آهي. اسان چوڙيون پائي ڪونه ويهنداسين. امتياز لوڪ ستي تنهنجي گهر اچي. اسان ڏسي خاموش رهون...“

اڙي، خدا موت ڏيئي ظلم ڪري ڇڏئي. مون بيمار جو علاج ڪرڻ ٿي آيو. آهي ڪير منهنجي مدد ڪري سڪينه جي ماءُ رڙيون ڪرڻ لڳي.

”چپ ڪر مائي نه ته توکي به گولين مان ڪڍندس.“ ڪمدار دهشت مان چيو.

مار مون کي... مار مون کي...

فائرن جوآواز رات جي سناٽي ۾ ڪافي گهرن تائين ٻڌو ويو.

”يا خدا رحم ڪر.“ مومل جي هٿن مان ٿانو ڪري پيا. ڪنهن کي همت نه پئي ٿئي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي.

امتياز ۽ سڪينه تڙپي ساهه ڏنو.

”ها، چاچا ٻڌوسين. فش فارم تي مزدور ڪندا هوندا.“

”نه ڪجهه ٿيو آهي.“ امتياز جو پيءُ وڃڻ لڳو. مجيد ۽ انور هن جي پويان نڪتا. مومل دروازي تائين آئي.

سڪينه جي ماءُ جون رڙيون. ٻڌي وڃڻ لڳا. ڪمدار جي هٿ ۾ ريوالور هو. ۽ هو اوطاق ڏانهن وڃي رهيو هو.

”ڪمدار خير ته آهي.“ مجيد پڇيو.

”خير!“ ڪمدار بغير جواب ڏيڻ جي هليو ويو.

هي سڌا وزير جي گهر آيا.

امتياز ۽ سڪينه، خون ۾ رڱيل زمين تي پيا هئا. امتياز جي پيءُ جي دانهن آسمان زمين ڏاري وڌو. کن پل ۾ سارو ڳوٺ گڏ ٿي ويو.

روبينا ۽ انهيءَ جي ماءُ امتياز جو لاش ڏسي دانهون ڪرڻ لڳيون. مومل حيرت مان امتياز جي وجود کي ڏسڻ لڳي.

”توهين سڀ ڇو پيا روئو. هي ماڻهو ڇو ميڙ ڪريو بيٺا آهن. ماسات ڇو ليٽيو پيو آهي. اٿي ماسات مومل کيس جنهجهورڻ لڳي. اٿي ماسات مومل پنهنجا هٿ رت ۾ رنڱي چڪي هئي. منهنجا هٿ ڇو ڳاڙها ٿيا آهن. مان ميندي لڳائي آهي. ڪنوار ٿي آهيان. توهان شادي ۾ آيا آهيو. ماسات ڏس پنهنجي ڄڃ آئي آهي. مون چوڙيون پاتيون آهن ميندي لڳائي آهي. ماسات ڇو نٿو ڳالهائين.“

”مومل هوش ۾ اچ. امتياز اسان سان هاڻي ڪڏهن نه ڳالهائيندو.“ انور کيس اٿاريندي چيو.

”ڇو نه ڳالهائيندو. ضرور ڳالهائيندو. مان ٿي اٿاريانس.“ مومل. انور کان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.

”مومل هوش ۾ اچ. انور کيس مضبوط ٻانهن ۾ جهليو.“

”ادا ماسات ڇو خاموش آهي. چوينس توکي مومل پئي سڏي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com