باقي
ٻه
ڏينهن مڪي پاڪ رهياسين غلاف ڪعبه کي ڇهڻ جي سڪ
پوري ٿي ته ٻه رڪعتون نفل ٻارن سان گڏ پڙهڻ جي
سعادت به حاصل ٿي. اڃ کي گهڻو ئي اجهائڻ جي ڪوشش
ڪيم، پر ويتر اساٽ وڃي پئي وڌندي، انهن رحمتن کي
دامن ۾ سمائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪيم پر هانءُ ته
تشنگيءَ مان، شاهه سائين ڪهڙو نه سٺو بيت چيو آهي:
تن ۾ توس پرين جي، پيان
نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن
ڪيان ته به سرڪيائي نه ٿئي.
اها اڃ پاڻيءَ سان لهڻ واري ته هئي ڪانه، هيءَ ته
سسئي واري سڪ هئي جا محبوب جي جهلڪ پسڻ سان ئي لهي
سگهي ٿي. سهڻيءَ واري اڇل هئي جا سمنڊ سان هم آغوش
ٿيڻ سان ئي پوري ٿي سگهي ٿي.
وري به نيڻ تمنائن، انيڪ آزوئن کي دل ۾ کڻي ڀريل
دل سان انهيءَ مقدس سر زمين کي الوداع چئي اچي
پنهنجي ملڪ ۾ پهتا.
امين ارباب
غزل
راڳي راڳ اهڙو
ڳاءَ جو ماڻهو مڙي پون،
ماڻهو مڙي پون، ڪي جيءَ جڙي پون.
ٿوري گهڻي ڳالهه تي، هر ڪو پيو
ٻاڙو ٻولي،
ٻول اهڙا ٻڌاءِ جو ڳوڙها ڳڙي پون.
مون کي ساري پاڻ سينگاريو
هوندو،
واڄو اهڙو وڄاءِ جو ڇير ڇڙي پون.
دل جي اندر آ، دردن ديرو ڄمايو،
ديپڪ اهڙو دُکاءُ، جو سور سڙي پون.
سنگيت کي ڪا جيت
ڏياري
ڏي ”امين“،
ٻيجل بڻجي ٻڌاءِ جو روح رَڙي
پون.
غزل
هر هر ياد ايندو هوندس،
خيالن ۾ گڏ بيٺو هوندس.
من اندر جو سنڌو ۾،
ڇوليءَ بڻجي اٿندو هوندس.
گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جو،
واعدو ياد ايندو هوندس.
آڌيءَ
ٽاڻي
لوڪ سُتي،
روح ۾ رچندو هوندس.
ڌار ٿيڻ جو ويلي لاشڪ،
ڇرڪ نڪري ويندو هوندس.
مترجم: روزينا جوڻيجو
سلويا پلاٿ جي خودڪشي
ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته جڏهن مرد اديب ۽ فنڪار
ڪٽنبي خوشين جا مزا ماڻين ٿا تڏهن فنڪار ۽ اديب
عورتن جو مقدر آخر ڇو اڪيلائي، طلاق ۽ ڪڏهن ڪڏهن
خودڪشي به ٿيندو آهي.
مردن ته معمول مطابق ان ماجرا جو سبب عورتن جي
پنهنجي خامين ۾ تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪڏهن به
ان سماجي عمل کي سامهون نه رکيو آهي جيڪو عورت کي
مجبور ڪري ٿو ته هوءَ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جي
قيمت، پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي ادا ڪن.
60ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا ڄائي شاعره (هوءَ برطانوي
شاعر ٽيڊ هيوز سان شادي ڪرڻ کان پوءِ برطانيه ۾
رهائش پذير هئي) سلويا پلات جي خودڪسيءَ يورپ ۽ آمريڪا جي ادبي حلقن ۾ ڏاڍو تجسس ۽ ڳڻتي پيدا ڪري
ڇڏي. مردن ان جي موت جو سبب به نفسياتي پهلو ظاهر
ڪيو. مضمون ۾ هڪ عورت اديب پهريون ڀيرو سلويا جي
الميي جي حقيقي سبب جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ هن مضمون
کي انڪري ڪتاب ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ڇو ته هي هڪ
مثال آهي ته ڪيئن عورتن سان لاڳاپيل ڪنهن واقعي
بابت ڪي مرد ڪهڙو غلط مطلب ڪڍي سگهن ٿا ۽ انهن
سببن کي صرف مٿاڇرو ظاهر ڪيو وڃي ٿو، جن اصل ۾
عورت کي تنهائي، غم ۽ خودڪشي جي راهه تي ڌڪي ڇڏيو
آهي.
ٽيهن
سالن جي عمر ۾ 11 فيبروري 1963ع تي سلويا پلاٿ
پنهنجي ٻنهي ٻارن کي ڪمري ۾ بند ڪيو پر دري کليل
ڇڏي ڏنائين. پوءِ پاڻ کي رڌڻي ۾ بند ڪيائين ۽ گئس
کولي ڇڏيائين. اهڙي طرح کليل گيس جي ذريعي هوءَ
موت جي منهن ۾ هلي وئي.
گذريل 20 سالن ۾ لاتعداد مردن ان جي خودڪشي جو سبب
”موت جي نفسياتي خواهش“ ظاهر ڪيو جنهن جي شاهديءَ
لاءِ هو ان جي ابتدائي نظمن مان حوالا تلاش ڪندا
آهن.
ٻين شاعرن وانگر پلاٿ به موت طرف متوجهه ٿي هئي.
ڇو ته موت زندگي جو حاصل آهي. اهو زندگي کي بامقصد
بنائي ٿو. ڪنهن شاعر جي لاءِ موت ائين آهي جيئن
مصور جي لاءِ رنگن جي پليت
۾ لازمي سفيد رنگ، جنهن جي بغير ڪوبه رنگ تيار نٿو
ڪري سگهجي.
يونيورسٽيءَ ۾ تعليم دوران پلاٿ جي خودڪشيءَ جي
ڪوشش (جيڪو شآگردن ۾ هڪ عام لاڙو آهي جنهن جو
سبب ڪم جو دٻاءُ آهي)
سان خبر پئي ٿي ته تمام گهٽ عمر ۾ هن جي پهچ موت
جهڙي بي بها حقيقت تائين ٿي چُڪي هئي.
پلاٿ پنهنجي مزاج جي حوالي کان نه ذهني مريض هئي ۽
نه ئي زندگي جو تاريڪ رُخُ ڏسڻ واري شخصيت. ان جي
ابتڙ، هن کي زندگي جي مسرتن تي اعتبار هو. هوءَ
سمجهندي هئي ته قسمت ساڻس گڏ آهي ۽ هوءَ محنت ۽
جستجو سان زندگيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿي
جيڪو کيس گهرجي. هن جي شاعري ۾ غم ۽ ڪاوڙ هئي ۽
اها ئي هن جي سڃاڻپ بڻي. دراصل اِهو غم ۽ ڪاوڙ
انهن اميدن تي پورو نه هئڻ جي ڪري آهي، جيڪي هن
پُرمسرت ڪاميابين لاءِ پاڻ مان رکيون هيون.
ٻئي طرف تنقيد نگار عورتن پنهنجو توجهه ان جي
گهريلوءَ زندگي تي ڏنو، جنهن ۾ هن کي ٿڪائيندر
گهريلو ذميدارين کي پورو ڪرڻو پوي پيو. جڏهن ته
سندس مڙس هڪ بيحد ڪامياب شاعر جو مقام حاصل ڪري
چڪو هو.
لکندڙ
خواتين جو مطالعو ڪندي عام طور تي ان جي شادي کي
اهميت ڏني ويندي آهي پر پلاٿ ته وڏي ذهين شاعره
هئي. پر جذباتي سطح تي زندگي جي متعلق ان جا تصور
به اهي ئي هئا جيڪي عورتن جي رسالن ۾ ڇپجن ٿا.
يعني عورت کي مرد جي توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ خوبصورت،
ذهين ۽ عورتاڻي روپ جي اظهار طور ڀرپور هئڻ گهرجي.
اهڙيءَ طرح مرد کي قدآور، مضبوط ۽ شڪل شبيهه ۾
ٺاهوڪو هئڻ گهرجي ته پوءِ ئي ٻئي پوري شدت سان هڪ
ٻئي جي محبت ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا، شادي ڪن ٿا، ٻار
ڄڻن ٿا ۽ اتان ئي خوشين جو آغاز ٿئي ٿو.
پلاٿ جو مڙس ٽيڊ هيوز جيڪو شاعر هو، رسالن ۾ بيان
ڪيل هيرو جي تصور تي بلڪل پورو لهندو هو. پلاٿ شدت
سان اُن جي محبت ۾ مبتلا ٿي ويئي. ڇو ته انتها
پسندي پلاٿ جي فطرت جو حصو هئي. پهرئين ملاقات جي
چئن مهينن کان پوءِ انهن جي شادي ٿي ويئي. جڏهن ته
پلاٿ اڃا ڪيمبرج ۾ تعليم حاصل ڪري رهي هئي. پلاٿ
جي سامهون به سچي خوشي جي حاصل ڪرڻ جو ذريعو
روايتي هو جيڪو عام طرح سان عورتن جو ٿيندو آهي.
جيئن ئي هوءَ ان جي محبت ۾ مبتلا ٿي، جلد ئي
پنهنجي ماءُ کي هڪ ڪتابJoy
Cooking
موڪلڻ لاءِ لکيو. هن پنهنجي ماءُ کي لکيو ته،
”هيءُ هڪ ڪتاب آهي، جنهن جي ڪمي مون کي محسوس ٿي
رهي آهي.“ پنهنجي شادي جي پهرين سال ئي هن پنهنجي
ماءُ کي لکيو ”مون وٽ ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وقت ٽي ڪم نه هئڻ گهرجن.“ لکڻ، ماني پچائڻ، ڏسڻ
وائسڻ ۽ مشڪل امتحانن جي تياري، (ان ۾ هيوز ۾ ان
جي پنهنجي تحريرن جا مسوده ٽائپ ڪرڻ شامل به آهي
جيڪي هڪ وقت ۾ ويهن صفحن کان گهٽ نه هوندا هئا) ان
خط ۾ هن جيڪو وڌيڪ لکيو آهي، اهو جيڪڏهن افسوسناڪ
ثابت نه ٿئي ها ته ان تي کل اچي ٿي. هن لکيو ته
”اسان کي ڪيترن سالن تائين جيستائين اسان مالي طور
گهريلو ملازم رکڻ جي قابل نه ٿي وڃون، ته جيئن
گهريلو ذميواريون منهنجي ان خوشيءَ تي حاوي نه
ٿين، جيڪا مون کي لکڻ سان ملي ٿي.“
ملازم ته ڪڏهن به نه رکجي سگهيو، باقي ٻار پيدا ٿي
ويا. تڏهن پلاٿ کي خبر پئي ته شاعري ۽ ٻار گڏ نه
ٿا هلي سگهن. هن جي شاديءَ جو پهريون خوشين ڀريو
سال هيوز ۽ پلاٿ ٻنهي جي لاءِ سندن پيشي جي لحاظ
کان سٺو گذريو. برابر رستن تي گڏوگڏ ڊُڪندي، کين
پهرين ڌيءُ فيريڊا جي اچڻ کان پوءِ هو ٻئي مختلف
رستن ڏانهن مُڙي
ويا. هيوز تيز رفتاريءَ سان ڪاميابيءَ ۽ شهرت جي
بلندين تي پهچي ويو ۽ تقريباً انهيءَ سان پلاٿ
نراس ۽ نااُميديءَ جي طرف گامزن ٿي.
ڪالهه ۽ اڄ به لنڊن جي ادبي ماحول تي هڪ طرح سان
ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ جي مردن جي هڪ هٽي آهي. انهيءَ
تعصب جي ڪري پلاٿ کي يقين هو ته هڪ ڪيمبرج جي
تعليم يافته باصلاحيت خاتون جيڪا پُرڪشش به آهي،
اهڙي ماحول ۾ ضرور ڪامياب ٿيندي. اها، اها ئي سوچ
آهي جيڪا اِنهيءَ جنس پرست معاشري ۾ عورتن جي ذهن
۾ وڌي ويئي آهي. ان سوچ تحت هن به ٻين لکڻ وارين
عورتن کي ته پنهنجو حريف سمجهيو. پر مرد ئي هن
لاءِ صحيح معنيٰ ۾ للڪار هئا. هن مردن سان دوستي
ڪئي، اُنهن جي عزت ڪئي، خوشامد ڪئي، ۽ هوءَ
سمجهندي رهي ته هو ساڻس ضرور انصاف ڪندا.
جڏهن هن جو پهريون ڪتاب ”The
Colossus“
ڇپيو ۽ ان تي هڪ اڌ گابرو تبصرو به شايع ٿيو ۽
ڪتاب تي سرپرستي جي انداز ۾ تعريف ڪئي ويئي، ته هن
اُن کي پنهنجي وڏي ناڪامي سمجهيو. هن پنهنجي ڪتاب
جي ڪاميابي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائڻ پئي
چاهيو ته ان جي وڪري مان ڪيتري اُپت ٿي آهي. هن کي
سخت مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پيو ڇو ته ڪتاب کي هن
جي توقع کان گهٽ مقبوليت ملي. هن ٻڌايو ته جيئن
مون کي انعام نه مليو آهي، نه ئي آمريڪن پبلشر ”Heinemann“
جي پاران ڪتاب جي مشهوري ڪئي وڃي ٿي، تنهنڪري مان
ان مان هڪ رپيو به نه ٿي ڪمائي سگهان. ٿي سگهي ٿو
ته ڪنهن وقت ان تي ڪو ايوارڊ ملي وڃي ۽ اهڙي طرح
شايد بعد ۾ هي ڪتاب ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بنجي.
اپريل 1960ع ۾ فيريڊا جي پيدائش جي ستن مهينن ۾
پلاٿ جي خطن ۾ ان جي وڌندڙ ٻوسٽ جو اظهار آهي،
جيڪو وقت جي ڪمي ۽ لکڻ تي توجهه نه ڏيڻ جي سبب
پيدا ٿيون. پر آڪٽوبر ۾ ”The colossus“
جي اشاعت بعد هن جي ٻوسٽ يا گهٽ شخصي اُلجهنن ۾
تبديل ٿي وئي.
انهيءَ سال پلاٿ صرف ٻارهن نظم لکيا ۽ خود ان کي
مُرده تخليق (Still Born) چيائين. ”اِهي نظم زنده نه رهندا“ ان جي لاءِ هيءَ هڪ
تڪيلف ڏيندڙ انڪشاف هو. هن ٻارن جي پيدائش کي وڏي
خوشيءَ سان قبول ڪيو هو ۽ هن کي اميد هئي ته جلد
ئي هوءَ گهر ۽ ٻارن جي ڪمن کي عام زندگيءَ جو حصو
بنائي. هوءَ ٻيهر پنهنجي تخليقي سرگرمين ۾ مصروف
ٿي ويندي، پر وقت اهو ثابت ڪيو ته اها صرف هن جي
خوش فهمي هئي. هن وٽ مايوسي ۽ ڏک وڌڻ لڳو. اِها
مايوسي ۽ ڏک نه لکڻ جي ڪري ٿيا هئا. ڏينهن به
ڏينهن هوءَ هڪ وڏي پيچيده صورتحال ۾ ڦاسندي وئي.
ان صورتحال جو هڪ افسوسناڪ پهلو هي به هو ته ڪنهن
جو به هن سان رهڻ مشڪل ٿي ويو. اهو غصو هن جي نظم
”Zookeepers
wife“
۾ نظر اچي ٿو ۽ اها ڪيفيت جيڪا ان جي نظم ”A
Life“
۾ آهي، ان صورتحال ۾ ڪنهن مرد جي اهڙي
زال جي لاءِ پنهنجي دل ۾ نرم جڳهه پيدا ٿيڻ جو
تصور ڪرڻ به مشڪل آهي.
ٻئي طرف هيور
تمام گهڻو لکي رهيو هو. ان جي ڪم کي مقبوليت به
ملي رهي هئي. هيوز فيريڊا جي پيدائش جي ڇهه هفتن
بعد پنهنجي هڪ دوست جي مطالعاتي ڪمري ۾ لکڻ پڙهڻ
جو انتظام ڪيو. جيتوڻيڪ اها جڳهه ڪافي پري هئي،
ليڪن پنهنجي ذهانت سبب هن پنهنجي منزل جو تعين ڪري
ڇڏيو هو ۽ ائين لڳي ٿو ته پلاٿ به صورتحال کي
ناگزيز سمجهي قبول ڪري ڇڏيو هو. هن پنهنجي ماءُ کي
لکيو هو، ”هن جي لاءِ ان ننڍڙي جڳهه تي، جتي مان
صفائي ۽ ٻارن جي سارسنڀال ڪري رهي آهيان، ويهي لکڻ
ممڪن آهي... منهنجي لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي
ته ٽيڊ کي خاموش ۽ پر سڪون ماحول ملي.“
جڏهن خود پلاٿ کان پڇيو
ويو ته شاعري ان جي لاءِ تسڪين جو سبب آهي ته هن
چيو ”آهه! صرف تسڪين ئي نه بلڪ مان ته ان جي بغير
جيئڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهان. منهنجي لاءِ اها
ائين آهي جيئن پاڻي ۽ کاڌو يا زندگي جون ٻيون
ضرورتون“ شادي کان پهرين هن بيحد خوشي جي عالم ۾،
هيوز جي لاءِ لکيو هو ”ٽيڊ چئي ٿو ته هن ڪڏهن به
ڪنهن شاعره جو اهڙو نظم نه پڙهيو آهي جهڙو منهنجو
نظم آهي. ان ۾ سگهه ۽ ڀرپور اظهار آهي. ان ۾ نه
Teas Dale جهڙو ڪمزور چهڪار آهي، نه ئي
Millay جهڙي
غنائيت.
ادب جي جنهن دنيا ۾ مرد رهن ٿا، ان ۾ عورتن جي
شاعري تي سنجيده توجهه جي گنجائش نه آهي، ۽ جڏهن
ٻارن جي پيدائش کان پوءِ اُن جي ادبي تخليق غائب
ٿيڻ لڳي ٿي ته پوءِ ان وقت ڪنهن کي به اها پرواهه
نه هوندي آهي ته هوءَ ڪهڙي پيڙا مان گذري رهي آهي.
هيوز جي لاءِ خاموشي ۽ سڪون جو مطلب ته صرف گهريلو
ذميوارين کان فرار هو، پر هن جي ان عمل پلاٿ کي
پيڙا جي ان پاتال ۾ اڪيلو ڇڏي ڏنو، جنهن جي گهراين
۾ هوءَ لکڻ ترڪ ڪري لهي ويئي هئي. بهرحال جون
1962ع ۾ شادي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ فيبروري 1963ع ۾
پنهنجي موت تائين، پلاٿ سٺ (60) نظم لکيا، جن ۾
گهڻا ته شاهڪار آهن. هوءَ جذباتي طور تي ناقابل
برداشت حالت ۾ لکي رهي هئي. ليڪن ان جي نظمن ۾ هڪ
درد جو سفر هو ۽ اهو تخليقي سفر موت تائين جاري
رهيو.
(خاموشي ڪي آواز تان ورتل) |