جون آف آرڪ جي
ڪهاڻي
باب ڏهون
شهزادي جي تاجپوشي
اسين اهو سوچي سگهون ٿا ته جون جي لاءِ بهترين حڪمت عملي اها
هجي ها ته هوءَ هڪدم پيرس تي حملو ڪري انگريزن جي
چيلهه مڪمل طور ڀڃي وجهي ها. ڇاڪاڻ ته پيٿيءَ جي
مقابلي کين بيحال ڪري ڇڏيو هو. پر جون جي سوچ وري
ٻي هئي. هن اهو سوچيو پئي ته جيڪڏهن چارلس مقدس
تيل مان غسل ڪري، ريمس ۾ سڀ تقريبون پوريون ڪري،
بادشاهه بڻجي ته ٿي سگهي ٿو ته انگريزن جو پاسو
کڻندڙ فرانسيسي به هن جي پاسي اچي وڃن. نقشي تي
نگاهه وجهڻ ساڻ اهو احساس ٿئي ٿو ته ريمس پيرس جي
مقابلي ۾ آرليئنز کان الاهي پرتي آهي ۽ اتي اولهه
ڪنڊ ۾ واقع آهي پر وري به جون جا حوصلا بلند هئا ۽
هن شهزادي کي وٺي ريمس پهچائڻ پئي گهريو ته جيئن
سندس تاجپوشي ٿي سگهي.
شهزادو آرليئنز کان ڏکڻ طرف ڪجهه مفاصلي تي واقع هڪ ڳوٺ گين
Gien
۾ آرام ڪري رهيو هو. کيس ته فوج جي اڳواڻي ڪندي
اڳيئن ماحاذ تي هجڻ گهرجي ها، پر هن آرام کي سڀني
شين تي ترجيح پئي ڏني. سندس سست ۽ مڪار ساٿين کيس
ٻڌايو ته ريمس جو سفر ڏورانهون ۽ ڏکيو آهي. تنهن
کان سواءِ رستي تي الائي ڪيترا اهڙا شهر آهن جن تي
اڃا به دشمنن جو قبضو آهي جيڪي کين اتان گذرڻ ڪون
ڏيندا.
جون وراڻيو ته کيس سڀني مسئلن جي ڄاڻ آهي، پر هوءَ انهن کي
ليکي ئي ڪونه ٿي. هن کي ايتري طاقت آهي جو هوءَ
هنن سڀني قلعن ۽ شهرن جا دروازا کولرائي سگهي ٿي.
هن شهزادي کي پنهنجي مرضيءَ مطابق اتي ئي ڇڏيو ۽
پنهنجي سپاهه ساڻ ملڪ جي ڏورانهن هنڌ ڏانهن نڪري
وئي. شهزادي وٽ پنهنجن فوجين کي پگهار ڏيڻ لاءِ
ٽڪو به ڪونه هو. پر سوين سپاهي وٽس هلي آيا. ته هو
هن ڇوڪريءَ جي ڪري بهادريءَ جي مثال پيش ڪرڻ ۾ ڪو
نه ڪيٻائيندا.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سڀني ماڻهن کي جون کي بادشاهي ڏيڻ ۾ ڪابه
هٻڪ نه ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته هوءَ هن بيوقوف شهزادي
کان هزارين ڀيرا بهتر هئي پر فرانسيسي قانون ۾
انهيءَ جي اجازت نه هئي ۽ هونئن به جون کي پنهنجي
لاءِ ڪابه شيءِ نه پئي گهرجي. کيس رڳو فرانس کي
آزاد ڪرائڻ جو جنون هو ۽ تنهن کان پوءِ سندس
خواهش هئي ته پنهنجي رهيل حياتي پنهنج ماءُ سان
گذاري.
شهزادو وري به پنهنجي سست انداز ۾ جون ۽ سندس ڀائرن جو ٿورائتو
هو. هن جون ۽ سندس ڀائرن پيٽر ۽ جان کي اعليٰ رتبو
ڏيندي، کين حفاظت خلعت ۽ خطاب سان نوازيو هو. هن
جون کي شاهي تلوار انعام طور ڏني هئي ۽ ٻن ڀائرن ۽
هڪ ڀيڻ کي گڏيل خطاب طور ڊولائيس
Dulys جو لقب عطا ڪيو هو.
جون اها خلعت ڪڏهن به ڪونه پهري. سندس ڀائر هر ڪنهن جنگ ۾
تقريباً هن ساڻ هوندا هئا. هو ٻئي سٺا ويڙهاڪ هئا
پر ڪڏهن به عام رتبي کان مٿي ڪونه چڙهيا.
جون جي وڃڻ کان پوءِ شهزادي آخرڪار پنهنجو ذهن انهيءَ ڳالهه تي
راضي ڪري ورتو ته کيس ريمس جو رخ ڪرڻ گهرجي. رستي
۾ پهرين ٽرائس
Troyes
جو قلعو آيو پئي. اتان کان جي شروعات ٿي ته مڙني
قلعن ۽ شهرن مٿس پنهنجا در کولي ڇڏيا. اهو سڀ ائين
ٿيو جيئن جون کيس ٻڌايو هو. ٽرائس ۾ هو اٺين
جولاءِ پهتو هو. جتي ڪجهه ماڻهو جيڪي انگريزن جي
طرف هئا، سندس مخالفت ڪرڻ لاءِ اڳيان اچڻ گهريو.
هنن اٺين ۽ نائين جولاءِ تي ڪجهه وڙهت کاڌي.
ڊيونوئس جي چواڻيءَ موجب شهزادي جا ساٿي جنگ کان
لهرائي رهيا هئا، پر جون کين صاف صاف چئي ڇڏيو.
جيڪا هاڻي وري شهزادي جي سفر جو ٻڌي موٽي آئي هئي
۽ ٽرائس وٽ اچي ساڻس گڏي هئي.
”مانائتا ولي عهد هنن صلاحڪارن مان جان ڇڏايو. ٽن ڏينهن اندر
مان توهان کي هن شهر اندر وٺي هلندس.“
ڊيو نوئس جي چواڻيءَ موجب هن شهر جي چوڌاري کوٽيل خندق کي ڀرائڻ
جو ڪم تيزيءَ سان شروع ڪرايو. ٽرائس جي شهرين کي
جڏهن جون جي نالي جي خبر پئي ته هنن بنا ڪنهن
ويڙهه جي آڻ مڃي ڇڏي ۽ هو شهر اندر داخل ٿي ويا.
اتان هو ريمس لاءِ روانا ٿيا ۽ ريميس جي وڏي پادريءَ ۽ ماڻهن
شهر کان ٻاهر اچي هنن جو استقبال ڪيو ۽ سندس حق ۾
نعرا هنيا. سترهين جولاءِ تي ولي عهد سڀني معززين
۽ جون سان گڏجي گر جا ۾ پهتو. جتي کيس تاج پهرائڻ
کان پهرين مقدس تيل جي رسم مان گذاريو ويو. چارلس
جي بادشاهه بڻجڻ مهل جون سندس ڀرسان جهنڊو هٿ ۾
کنيو موجود هئي. اهي لمحا خوشيءَ جون آخري گهڙيون
هيون. مئي جي مهيني جي شروعات ۾ حالت اها هئي جو
ائين پئي لڳو ته انگريز آرليئنز ڦري وٺندا، لوئر
جي هر ڪناري تي سندن قبضو هوندو. فرانس تي قبضو
ڪري ولي عهد کي اسپين وٺي ويندا يا يا وري سمنڊ
ٽپائي اسڪاٽ لينڊ وٺي ويندا ۽ پوءِ خبر ناهي ڪيتري
عرصي تائين انگريزن جي حڪومت شروع ٿي ويندي. پر
رڳو ٻن مهينن اندر جون انگريزن کي پيرس تائين ڌڪي
ڇڏيو هو ۽ ولي عهد کي بادشاهه بڻائي ڇڏيو هئائين.
رسم پوري ٿيڻ کان پوءِ جون بادشاهه جي قدمن ۾
جهڪندي خوشيءَ وچان روئي ڏنو.
”مهربان شهنشاهه!“ هن پهريون ڀيرو شهنشاهه جو لفظ اچاريو. ”اڄ
هنن گهڙين ۾ خدا جو حڪم پورو ٿيو آهي.“
۽ سندس انهيءَ جملي تي مڙني معززين جون اکيون آليون ٿي ويون ۽
خوشيءَ جا ڳوڙها هر ڪنهن جي اکين مان ٽمڻ لڳا.
ماڻهن جي انبوهه ۾ هڪ ڳوٺاڻو به پنهنجيءَ حيثيت مطابق بهترين
لباس ۾ موجود هو. اهو جون جو پيءُ هوءُ. جنهن کي
ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ اڄ پهريون ڀيرو ڏسي رهي هئي. ۽
کيس شايد اهو اندازو نه هو ته هي ڪو ديدار جو آخري
موقعو آهي.
شهنشاهه کيس پنهنجي لاءِ تحفن ۽ انعام اڪرام جي چونڊ ڪرڻ لاءِ
چيو. جون اها درخواست ڪئي ته سندس ڳوٺ ڊومريمي جي
ماڻهن مٿان حڪومتي ٽيڪس بند ڪيا وڃن شهنشاهه سندس
ڳالهه مڃي ۽ ڊومريمي تان سڀ ڍلون ۽ ٽيڪس ختم ڪيا
ويا. ۽ اهو سلسلو ايندڙ ٽي سؤ سال هلندو رهيو.
فرانس جي هر شهر ۽ ڳوٺ جي ڍل ۽ ٽيڪس پيار ڻ واري
ڪتاب جو جائزو وٺبو ته ڊومريمي ۽ سندس ڀر پاسي
واري ڳوٺ گرو ڪس
Greux
لاءِ لکيل آهي.
”ڪجهه به نه..... جون جي ڪارڻ.“
اهو حڪم نامو جنهن ۾ شهنشاهه اهو فرمان جاري ڪيو ته اهو علائقو
ڪجهه به ادا نه ڪندو. اڃا تائين ڏسي سگهجي ٿو.
جنهن تي جولاءِ 1429ع جي آخري تاريخ لکيل آهي.
جون جو پيءُ جڏهن اها خبر کڻي ڳوٺ پهتو هوندو ته ڊومريمي جا
ماڻهو ڪيترا نه خوش ٿيا هوندا اهو ڏينهن جون جي
خوشيءَ جو آخري ڏينهن هو. ريمس ڏانهن ايندي ماڻهن
کائنس هڪڙو سوال ور ڏئي پئي پڇيو ته ”ڇا هوءُ ڪنهن
شيءِ کان ڊڄي ٿي؟“
”ڪنهن به شيءِ کان نه ٿي ڊڄان مان.....“ هن وراڻيو هو بس بغاوت
۽ غداري نه ٿئي.“
واقعي انهيءَ ڏينهن کان ئي بادشاهه جا صلاحڪار هن جي ڪڍ پئجي
ويا هئا.
جڏهن جون ريمس مان پئرس طرف وڃي رهي هئي ته ماڻهن هن جو
والهانه استقبال ڪيو پئي. هن خوشيءَ وچان چيو پئي
ته هو سڀ مهربان ماڻهو آهن. ۽ هوءَ سندن قبرستان
۾ دفن ٿيڻ پسند ڪندي ... هوءَ .... جنهن کي ڪڏهن
دفن ٿيڻو ئي نه هو.
” جون“ وڏي پادريءَ پڇيو هو ته ”تون ڪهڙي هنڌ مرڻ پسند
ڪندينءَ؟“
”جتي ڌڻي راضي ٿئي ڇاڪاڻ ته انهيءَ گهڙيءَ ۽ هنڌ بابت ته مونکي
به تو جيتري ئي ڄاڻ آهي. هونئن هاڻي مان پنهنجو
فوجي لباس لاهي ماءُ پيءُ وٽ وڃڻ پسند ڪنديس.“
جڏهن کان هن پنهنجي پيءُ کي ڏٺو هو تڏهن کان هن لاءِ پنهنجي
ماءُ جي سڪ وڌي وئي هئي.
هن کان پوءِ بادشاهه ۽ سندس حوارين ڪڏهن به جون جي ڳالهه نه مڃي
۽ سڀ ڪجهه غلط ٿي ويو.
باب يارهون
پيرس ۾ ڌوڪو
فرانسين کي جون جي ڳالهه هاڻي ڏکي لڳي رهي هئي. ٿيڻ ته ائين
گهرجي ها ته هو جون جي اڳواڻيءَ ۾ پيرس جو رخ رکن
ها پر هو هتي هُتي رلندي وقت برباد ڪندا رهيا.
جيتوڻيڪ قدرت کين موقعا ڏيندي رهي پر هنن اهي
وڃائڻ ۾ ئي سٺو محسوس ڪيو.
برگونڊيءَ جي هڪڙي آفيسر، ”انگيؤرينڊ ڊي مانسٽريليٽ (Enguerrand De, Monstrelet
) پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو ته هڪ ڏينهن فرانسيسي
۽ ڊيوڪ آف بيڊ فورڊ جون فوجون آمهون سامهون ٿيون
پر هنن جنگ نه ڪئي. ٻئي دفعي وري انگريزن ۽ اسڪاٽن
جون جهڙپون تيز پئي ٿيون ۽ موقعي جو فائدو وٺي
سگهجي پيو جيڪو نه ورتو ويو.
ڪامپين (Cpompeigne)
نالي هڪ مضبوط شهر الائي ڪيترا ڀيرا وري فرانسسن
جي قبضي ۾ اچي ويو هو. جون جو مٿس قبضي ڪرڻ کان
پوءِ، شهنشاهه پنهنجيءَ عادت مطابق اتي ترسي پيو ۽
آرام ڪرڻ لڳو. سندس سستيءَ مٿان وري سون تي سهاڳي
اهو ٿيو جو ڊيوڪ آف برگونڊيءَ مٽس سفير موڪلڻ شروع
ڪيا ته پيرس اجهو ڪي اجهو اوهان جي حوالي ٿيو.
ان مهل پيرس ۾ انگريز فوج جي کوٽ هئي. شهر جو عوام جون ۽ شاهه
جي طرف هو ۽ پيرس هٿ ڪرڻ جو اهو بهترين موقعو هو.
شهنشاهه برگونڊيءَ سان ٺاهه جي اميد ۽ وقت
وڃائيندو رهيو.
جون اهو سڀ ڏسندي . ايلن ڪان ساڻ سينٽ ڊينس (Saient
Denis
) جو رخ رکيو. سينٽ ڊينس اها جاءِ هئي جتي فرانس
جي بادشاهن کي دفن ڪيو ويندو هو.
سينٽ ڊينس، فرانس جو هڪڙو ولي هو بلڪل ائين جيئن سينٽ جيارج
انگلينڊ لاءِ سينٽ اينڊريو اسڪاٽ لينڊ جي لاءِ
هئا.
ان جاءِ تي ئي برگونڊي ۽ جون جو مقابلو ٿيو. جون اڳين محاذن تي
وڙهي رهي هئي ۽ بادشاهه کي سينٽ رڙهندو پئي آيو.
آخرڪار ايلن ڪان بادشاهه کي سينٽ ڊينس تائين گهلي
آيو. پر تيستائين هڪ طاقتور پر جوش ۽ تازي تواني
انگريز فوج جي مدد اتي پهچي وئي ۽ انگريزن جي حالت
سگهاري ٿي وئي.
جون پنهنجن ۽ ايلن ڪان جي جوانن کي همت ڏياريندي، پيرس شهر جي
شهر پناهه جي هڪ وڏي دروازي ”پورٽ سينٽ هانر“
Port St; Honore
تي حملو ڪرڻ لاءِ چيو. ايلن ڪان جي همراهن منجهان هڪڙي ”پر
سيول ڊي ڪائني
Percival De Cagny
جنگ کان پوءِ ٻڌايو.
”جنگ خطرناڪ ۽ ڊگهي هئي. ڪڪرن وانگر تيرن جو هڪ ڌنڌ هو ۽ توب جي
ڌماڪن ڪن پئي ڦاڙيا. جون پاڻ هيٺ شهر پناهه جي
پاڙن ۾ هلي وئي جتي هن جا ڪيترائي ساٿي زخمي ٿي
ويا. ڪيترن کي ئي تير لڳا هئا ۽ ڪيترا پٿر جي گولن
جو بک بڻيا هئا پر ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان زخمي
خطرناڪ حالت ۾ نه هئا. اسين منجهند کان رات تائين
وڙهندا رهيا سين. سج لٿي کان پوءِ جنگ هلندي، هڪ
تير جون جي ٽنگ ۾ کپي ويو. زخم گهرو پئي لڳو پر
تڏهن به هوءَ اڳواڻي ڪندي نعرا هڻي رهي هئي ته
”اچو پيرس اسان جو آهي.“ پر رات ٿيڻ سان ئي
بادشاهه جا ماڻهو اچي پهتا جيڪي کيس سندس مرضيءَ
جي خلاف زوريءَ کڻي ويا.“
ٻئي ڏينهن جون جلدي جاڳي ايلن ڪان وٽ وئي. جنهن کيس ڪڏهن به
مايوس نه ڪيو هو. بگل وڄايا ويا ۽ هڪ ٻئي فوجي
سالار بيرن ڊي مانٽمورنسي (Baron
De Montmorency)
کان مدد ورتي وئي . جنهن جا سٺ مسلح ۽ ڦڙت جوان به
هنن ساڻ گڏجي ويا. اڃا هنن پيرس جو رخ ڪيو ئي مس
ته بادشاهه جو حڪم اچي ويو ته انهيءَ حملي کان باز
اچجي.
هاڻي وري هنن کي بادشاهه سان ملڻ لاءِ سينٽ ڊينس وڃڻو پيو. ايلن
ڪان سين نديءَ تي ڪاٺ جي هڪ پل ٺهرائي هئي. جتان
لشڪر جو لنگهڻ سولو ٿي پيو هو. هنن جو خيال هو ته
شهنشاهه سان ملي. ان پل واري رستي ذريعي پيرس جو
رخ ڪبو پر شرمساري ان ڳالهه جي آهي ته بادشاهه پاڻ
اها پل ٽڪرا ڪرائي ڇڏي ۽ هاڻي ايلن ڪان ۽ جون وٽ
سين ندي ٽپڻ لاءِ ڪا راهه نه بچي.
انگريزن جو رچرڊ هڪ يا هينري پنجون، اسڪاٽ لينڊ جو جيمس چوٿون
اهي حرڪتون ڪن ها ته ڪا ڳالهه به هئي .
هي ته انهيءَ بادشاهه جو ڪارنامو هو جنهن کي
شهزادي چارلس مان ، ”چارلس ستون“ بنائڻ ۾ جون جون
ڪوششون شامل هويون، جيڪو لوئس نديءَ جي ڪناري تي
جين شهر ۾ آرام ڪري رهيو هو .
پر سيول ڊي ڪاگنيءَ چواڻي ”ان ڪري ئي بادشاهه جي فوج ۽ جون جي
دل هاڻي ڀڄي پئي هئي.“
ايلن ڪان اڃا تائين پنهنجي فوج سهيڙيو ويٺو هو. هن بادشاهه کي
عرض ڪيو ته جيڪڏهن هن کي ۽ جون کي اجازت ڏني وڃي
ته هو انگريزن جي مضبوط ترين ڳڙهه نارمنڊيءَ
Normandy
تي حملو ڪري سگهن ٿا. پر بادشاهه هاڻي اهڙي ڪا به
ڳالهه ٻڌڻ نه پئي گهري.
مايوس ٿي جون هاڻي پنهنجي زرهه سينٽ ڊينس ۾ لاهي رکي هئي. سندس
ڏنل مدي مان يعني هڪڙي سال مان ڇهه مهينا گذري چڪا
هئا. بادشاهه هن مهل به لوئر جي ڪناري تي مختلف
ڳوٺن ۾ آرام ڪري رهيو هو. جڏهن ته کيس پنهنجي
گاديءَ جي هنڌ پيرس ۾ هئڻ گهرجي ها.
ان وچ ۾ انگريزن جون جا فتح ڪيل ڪجهه شهر وري حاصل ڪري ورتا
هئا. سندن ظلم جو دائرو وڌي رهيو هو ۽ جون لاءِ
هاڻي صرف پراڻي نموني ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ حملي ڪرڻ جي
راهه بچي هئي.
باب ٻارهون
ڪجهه شهرن تي قبضو
هوشيار بادشاهه پنهنجي ڏاهپ جو هڪ ٻيو ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ ڊيوڪ
آف برگونڊيءَ ساڻ هڪ ٻيو معاهدو ڪيو ته هو ٻئي
1430ع جي ايسٽر تائين ڪا به جنگ ڪونه ڪندا. جڏهن
ته هو پاڻ انگريزن سان وڙهي سگهي ٿو. جيڪو بادشاهه
کان ڪڏهن به نه پئي پڳو.
انگريزن ڊيوڪ آف برگونڊيءَ کي پيرس جو گورنر مقرر ڪيو. پيرس
فرانس جو گاديءَ جو هنڌ هو ۽ هڪ اهم شهر جو. جنهن
لاءِ جون جي خواهش هئي ته ڪيئن به ڪري هٿ ڪجي. پر
بادشاهه چواڻيءَ تي هو پيرس تي حملو نٿا ڪري سگهن.
ڇاڪاڻ ته اهو برتگونڊيءَ جي حڪمرانيءَ ۾ آهي ۽
انگريزن جو مٿس ڪو به عمل دخل ڪونهي. اهو مڙئي جنگ
کان جان ڇڏائڻ لاءِ بهانو هو. جون جي سوچ هئي ته
انگريزن ۽ هنن جي جوان ولي عهد هينري ڇهين کي
فرانس مان ڌڪي ڪڍجي ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ته وڃڻ وارا
ئي نه هئا. انگريزن وٽ اڃا به لوئر جي ڪناري تي
ڪيترائي شهر قبضي هيٺ هئا. جن ۾ سينٽ پيري لا
موسٽيئر (St; Pierre _ La _ Moustier
) ۽ لاشيرائيٽ (La
Chaeite) به شامل هئا.
جون بورجيس (Bourges)
وئي ۽ اتي وڃي ڊي البرٽ (D’
Albert
) نالي همراهه سان گڏجي فوج ترتيب ڏنائين. ڊي البرٽ ۽ جون گڏجي
پيري لا موسٽيئر تي حملو ڪيو. جڏهن هنن ڀتين ۾
سوراخ ڪري وڌا ۽ اندر وڃڻ لاءِ لوهه ڪيائون ته
اندر موجود انگريز قوت ۾ تمام گهڻا هئا ۽ هنن
فرانسين کي ماري ڀڄايو. ان وقت جون جو بهترين
مددگار ڊيو آلون ذخمي هو. جنگ ۾ هڪ تير سندس کڙيءَ
۾ لڳي ويو هو ۽ زخمي پير جي ڪري ڊيو آلون هاڻي ڪاٺ
جي گهوڙيءَ وسيلي چر پر ڪري پئي سگهيو. هن ڏٺو ته
جتي فرانسين جا جٿا موٽ کائي رهيا هئا اتي اڪيلي
جون ۽ سندس ڪجهه ساٿي وڙهت کائي رهيا هئا. ڊي آلون
هڪ گهوڙي تي چڙهي جون وٽ پهتو ۽ کيس ان خطرناڪ هنڌ
کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيائين.
”تون هتي ذري گهٽ اڪيلي ڇا پئي ڪرين؟“
هن پنهنجو ٽوپلو لاٿو ۽ وراڻيائين.
”مان اڪيلي ته ناهيان، منهنجا پنجاهه هزار ساٿي مون ساڻ آهن“ هن
جو اشارو شايد خدائي مدد ڏانهن هو.“ ۽ مان
ايستائين هتان نه وينديس جيستائين هي شهر فتح نه
ڪيان.“
ڊي آلون کيس ٻڌايو ته چئن پنجن همراهن ساڻ جنگ وڙهڻ به ڪا
عقلمندي ناهي، تنهن تي جون کيس حڪم ڏيندي چيو ته
ڪاٺين جا ڍير کڻائي اچي ته قلعي هيٺ کاهيءَ کي ڀري
ڪاهه ڪجي.
”ڪاٺين جا ڍير کپن... ڳنڍيون کپن...... کڻي اچو.“
جون رڙ ڪئي. سندس پوئلڳن هن جو حڪم مڃيو کاهي ڀرجي وئي فوج ان
مٿان لنگهندي وري قلعي تي زور آزمائي ڪرڻ لڳي ۽
هاڻي ڪاميابي سندن قدم چميا، انگريزن هارايو ۽ شهر
جون جي حوالي ٿي ويو.
اهو سڀ بلڪل ائين ئي ٿيو هو جيئن لاس ٽوريلاس ۾ هن جي فوج پوئتي
هٽڻ واري ئي هئي جو جون رڙ ڪئي هئ.
”هڪڙو حملو ٻيو به ڪبو.“
۽ سندس ساٿين همت سان لبريز ٿي، ڀرپور حملو ڪيو هو ۽ انگريز
سندن شڪست نه مڃڻ واري سگهه ڏسي ڊڄي ويا هئا. پيري
لا موسٽيئر جي فتح ان قسم جو آخري مثال هئي. جون
ته لاشيرائٽ کي به گهيري ۾ آندو پر بادشاهه کيس
خوراڪ جو ذخيرو تمام گهٽ موڪليو هو. نتيجي ۾ جون ۽
سندس ساٿين کي واپس موٽڻو پيو هو.
ان ساڳئي وقت ۾ جون لاءِ هڪ ٻيو ڏچو پيدا ٿي ويو هو. جيڪو هڪ
خاتون جي صورت ۾ هو. هن خاتون جو نالو لاروشيل جي
ڪيٿرائن
Catherine of La Rochelle
هو. هيءَ هڪ شادي شده خاتون
هئي. جنهن اها دعوا ڪئي هئي ته هڪ رات جو وٽس هڪ
سهڻي عورت آئي جنهن کي سون جو لباس پهريل هو. ان
عورت ڪيٿرائن لاروشيل کي ٻڌايو ته خزانه ڪٿي لڪل
آهن. اهي خزانا ڳولڻ تمام ضروري هئا. ڇاڪاڻ ته
انهن جي مدد سان فوج لاءِ ساز سامان هٿ ڪرڻ ۾
سهولت ٿئي ها.
جون جي اها راءِ هئي ته ڪيٿرائن جي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ کان
پهرين هن سان ملڻ ضروري آهي. هن ڪيٿرائن ساڻ سڄي
رات ڪچهري ڪئي پر هوءَ جون کي مطمئن نه ڪري سگهي.
جن صبح ساڻ ئي ڪيٿرائن کي چيو ته هوءَ خزانن واريءَ ڳالهه تان
هٿ کڻي. پنهنجن ٻارن ۽ مڙس جي سار سنڀال لهي ۽ وڃي
گهر سنڀالي. اهو سچ آهي ته ڪيترائي ماڻهو اهڙين
پراسرار قوتن جا مالڪ هوندا آهن پر هنن لاءِ ضروري
آهي ته وٽن همت هجي. جيڪا صرف جون جهڙن وٽ ئي ٿي
سگهي ٿي.
ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪيٿرائن کيس اهو چيو هجي ته .تون جي
منهنجي امير خاتون کي ٿي ڏسي سگهين ته مان به ته
تنهنجن ولين کي نه ٿي ڏسان نه ئي هنن جا ڪي آواز
ٿي ٻڌان.“
فرق صرف اهو هو جو جون جي قوتن گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو هو ۽
ڪيٿرائن رڳو ڳالهه ڪئي هئي. خزانو لهڻ سندس وس کان
ٻاهر هو.
عطا قاضي
غزل
مرڪ جو احسان ٿو ٿيندو وڃي،
درد جو درمان ٿو ٿيندو وڃي.
هاڻ هو احساس سمجهڻ آلڳو،
هاڻ هو انسان ٿو ٿيندو وڃي.
کوکلن ٽهڪن پٺيان ائين ٿو لڳي،
ڄڻ دفن ارمان ٿو ٿيندو وڃي.
تنهنجي هوندي ڀي پرين! دل جو شهر،
ڇو ڀلا، ويران ٿو ٿيندو وڃي!
غور ڪر مظلوم جي هر آهه منا،
تيز تر طوفان ٿو ٿيندو وڃي.
تنهنجي پوڄا کي ڏسي هاڻي عطا!
هو به ڏس! ڀڳوان ٿو ٿيندو وڃي.
حبدار سولنگي
غزل
جذبا ساڳيا هر پل رکجن!
سندر سندر ڪومل رکجن!
آس، مرڪ چاهت ۽ سڪ،
سندس ڏيئا ٻاريل رکجن!
خوشبوئن سان سارا گهر،
گهٽيون رستا واسيل رکجن!
مرڪن سان چهرا ماڻهن جا،
”حبدار“ سدا جرڪيل رکجن! |