زيتون بانو/ ترجمون: مجيد گل
ميڻ جا لڙڪ
پشتو ۾ پهريون افسانو 1917ع ۾ لکيو ويو ٻيو. 1919ع ۾: ان کان
پوءِ گهڻو عرصو ڪو به افسانو سرجي نه سگهيو. پر
تحريڪ آزاديءَ سان گڏ کوڙ سارا افسانا نگار منظر
عام تي آيا. ۽ پشتو زبان ۾ سٺن افسانن ۾ اضافو
ٿيو. انهن ۾ هڪ نانءٌ زيتون بانو جو به آهي. پشتو
زبان ۾ ادب ۾ ايم. اي. ڪيل اٿس. ۽ شعبه تدريس سان
وابسته آهي. 1_ ڀڳل چوڙيون، 2_ آئينو، 3_ شيشم جو
پن. افساني مجموعن جي سرجندڙ زيتون بانو پنهنجي
ماحول جي حوالي سان ثابت به ڪيو آهي ۽ رد به ته
وقت درد غم جو فطر علاج آهي. زيتون بانو جي اڪثر
افسانن ۾ ڪجهه درد انگيز حقيقتون معاشري جي نا
آسودگي کي بي نقاب ڪن ٿيون. هتي پڙهندڙن لاءِ هڪ
مختصر افسانو _ ”ميڻ جا لڙڪ“ پيش ڪجي ٿو. مترجم
ناني مري وئي. امان پنهنجي اڪيلي ڀاءُ کي گهر وٺي آئي. نانو ته
اڳئي وفات ڪري چڪو هو. امان جي شاديءَ کان گهڻو
اڳ. اهو ئي سبب هو جو امان ڀاءُ کي گهر وٺي آئي. ۽
اهو اسان جي گهر ۾ وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان رهڻ لڳو.
چون ٿا ته منهنجي مامي جون عادتون تمام سٺيون
هيون. تمام نيڪ ايتري قدر جو ننڊ ستل ماڻهوءَ کي
به جاڳائڻ گناهه سمجهندو هو.
ٻڌندا آيا آهيون ته نيڪ ماڻهو جي زندگي مختصر ٿيندي آهي. منهنجي
مامي سان به اهو ئي ٿيو. ٻه ڏينهن بخار رهيس ٽئين
ڏينهن هي فاني جهان ڇڏي ويو. اما روئي روئي بي حال
ٿي وئي. ٻئي ڏينهن ڀاءُ جي قبر تي وئي ته غم جي
شدت کان بيهوش ٿي قبر تي ڪري پئي.
اسان جون ٻيون مائٽياڻيون امان کي بيهوش ڏسي گهٻرائجي ويون .
انهن به روئڻ شروع ڪري ڏنو. روڄ راڙو شروع ٿي ويو.
خود مان به ننڍي هيس زور زور سان روئڻ لڳس.
قبرستان جو چوڪيدار شوضل چاچا گوڙ ٻڌي ڊوڙي آيو.
هن جي هٿ ۾ ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو هو. اسانجي هڪ
مائٽياڻيءَ پاڻيءَ جو پيالو امان جي مٿان هاري
ڇڏيو ته امان کي هوش آيو ۽ اٿي ويٺي ۽ سندس ڪپڙا
به پسي ويا هئا. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته امان
ديوانن وانگر لڳي رهي هئي. مون کي ائين لڳو ته
امان به مامي وانگر مري ويندي. ۽ سفيد ڪفن ۾ کيس
ڏسڻ جو تصور ڪري مان ڪنبي ويس. ٻن ٽن ڏينهن بعد
جڏهن امان مامي جي قبر تي وئي ته مون کي ۽ اسانجي
نوڪرياڻي ولا جان بيبي کي وٺي هلي. اوچتو امان جي
حالت ابتر ٿي وئي ۽ بيهوش ٿي وئي. وري به قبرستان
جو چوڪيدار شوضل چاچا مدد لاءِ پهتو، ۽ ولاجان
بيبيءَ کي چون لڳو ”گهر وارن کي چئي ڇڏيو ته بيگم
صاحبا کي قبرستان نه اچڻ ڏين. خواه مخواهه روڳ لڳي
ويندس. اگر گهڻو مجبوري سمجهو ۽ صبر نه اچيس ته
ڪجهه ڏينهن رکي اچي. ائين آهستي آهستي غم هلڪو ٿي
ويندس.“
امان هوش ۾ آئي ته ولا جان بيبي شوضل چاچا جا چيل لفظ چئي
ٻڌايا. امان روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ”اڪيلي ڀاءُ جو ڏک
به ڪڏهن گهٽ ٿيندو. جنهن اڃان ڪنوار جي منهن تان
گونگهٽ به نه کڻي ڏٺو هو. موت کي به ترس نه آيو.“
امان روئڻ لڳي. پيءُ ماءُ جي آخري نشاني ، امان
پنهنجي ڀاءُ سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي. موت کان پوءِ
به امان جا ڪهڙا ڪهڙا ارمان هئا. پڪي قبر ٺاهڻ جي
آرزو ان تي ڳاڙها ۽ ساوا جهنڊا لهرائڻ جي حسرت! پر
خدا ڄاڻي ائين ٿيو ڇو ڪونه. پوءِ ته ڪو به اهڙو
ڏينهن نه هو جو امان قبرستان نه وڃي. ڀاءُ جي قبر
تي هٿ رکي زارو قطار نه روئي. مان ته حيران ٿيندي
هئس ته لڙڪن جو روان دوان قافلو ختم ڇو نه ٿو ٿئي.
اهو ايترو پاڻي ڪٿان ٿو اچي. ائين ٿو محسوس ٿئي.
جگر پگهرجي قطرو ٿي وهي رهيو آهي. پوءِ قرآن شريف
پڙهي. سڏڪندي تلاوت ڪري. پر لڙڪ گهٽ ٿين ئي ڪونه
پر احتياط ڪندي هئي ته ڪرندڙ لڙڪ قرآن پاڪ جي صفحن
کان کاٻي پاسي ڪرن .
پوءِ پنجسوره کڻي وڃڻ لڳي. امان ۽ مان ئي قبرستان وينديو ن هيون
سين پوءِ آهستي آهستي قبرستان وڃڻ گهٽ ٿيڻ لڳو.
پوءِ جمعي جمعي رات پوءِ مهيني ۾ هڪ ڀيرو ائين هڪ
مهينو گذري ويو. عيد اچي ته امان مامي جي قبر تي
هلي وڃي. پوءِ اهو وقت آيو مان امان کي چوندي هيس
”امان مامي جي قبر تي ناهي هلڻو ڇا؟ هاڻي ته ٻه
سال پورا ٿي ويا آهن؟! تڏهن ڇرڪ ڀري ٿڌو ساهه کڻي
چوندي ”ها ڌيءَ هن جي وئي ٻه سال گذري ويا آهن.
جهڙوڪ هو ڪالهه اسان جي نظرن کان اوجهل ٿيو آهي. ۽
امان جو ن اکيون لڙڪن ۾ ترٿي وينديون هيون. تڏهن
مون کي اهيو وقت ياد اچي ٿو. جڏهن امان ڏک مان
روئندي روئندي قبر تي بيهوش ٿي ويندي هئي. ڪيترو
فرق هو تڏهن ۾ ۽ هاڻي ۾ پوءِ اهو وقت به اچي ويو
امان قبرستان وڃڻ ڇڏي ڏنو. هن کي نه ياد رهندو هو
نه فرصت ملندي هئي. توڙي جو مان ننڍي هيس پر مون
کي ياد آهي ان سال تمام تيز برساتون وٺيون هيون ۽
شوضل چاچا اها خبر ڏني هئي ته ماما جي قبر بلڪل
زمين ۾ لهي وئي آهي. ۽ تختا ٽٽي پيا آهن. مون کي
ته ان خبر سان اهو خوف ٿيو ته امان کي ٻيهر دورو
نه پوي پر ڪجهه ڪونه ٿيو. امان تي ان خبر جو ڪوبه
اثر نه ٿيو هن تمام سڪون سان اها خبر ٻڌي. منهنجي
ڀاءُ چيو. ”امان تون چوندين ته مان ڪنهن کي گڏ وٺي
وڃي قبر ٺيڪ ڪري اچان“ پر امان ڪنهن احساس کان
بغير سرد لهجي ۾ چيو ”ڇا وڃي گپ ۾ هٿ هڻندين، شوضل
چاچا کي چئي ڇڏ مزور وٺي ٺيڪ ڪرائي ڇڏي.“ ۽ پوءِ
اوچتو بابا جي ٽرانسفر ٿي وئي ۽ اسان سڀ هليا ويا
سين. سڀني عزيزن مائٽن سان ڀاڪر پائي مليا سين.
دعوتون ٿيون. پر ڪنهن کي اهو ياد نه آيو ته ماما
جي قبر تي گل رکي اچون.
ائين بدليون ٿينديون رهيون ۽ وقت گذرندو رهيو. ڏينهن مهينا سال
گذري ويا. بابا کي پينشن ملي: اسان ڳوٺ واپس آيا
سين. منهنجو خيال هو ته وطن ورندي ئي امان جلد
ماما جي قبر تي ويندي مان ان انتظار ۾ هيس. هفتو
گذري ويو. مهينو گذري ويو ٻه مهينا گذري ويا پر
ڪنهن کي به ڪو خيال نه آيو. مو ڊڄندي ڊڄندي امان
کان پڇيو ”امان قبرستان نه ويندينءَ ڇا؟“ امان
مون کي اهڙي طرح ڏٺو ڄڻ ذهن تي زور ڏئي مون کي
ڪجهه چوڻ چاهيندي هجي.“ ها هلنداسين نه، پر اڃا ته
دعوتون ئي ختم نه ٿيون آهن. سامان هيڏانهن هوڏانهن
کنڊڙيو پيو آهي.“ پر مون ضد ڪيو ”نه امان اڄ هلندا
سين ماما جي قبر تي.“ ڪجهه دير ته امان غير ارادي
طرح مون ڏانهن ڏسندي رهي. پوءِ هلڻ لڳي. پهريان ته
وسيع ۽ ڦهليل قبرستان کي اسان حيرت سان ڏٺو. ائين
معلوم ٿي رهيو هو ته هاڻي وڌيڪ هڪ قبر جي به
گنجائش ناهي رهي. اَڪَ به ختم ٿي چڪا هئا. ۽ اهو
ننڍڙو ميدان به نظر نه ٿي آيو. جنهن ۾ جنازي جي
نماز پڙهي ويندي هئي. ماما جي قبر وٽ هڪ توت جو وڻ
هو اهو به گم هو. گهڻو جاکوڙ ۽ تلاش جي باوجود
مامي جي قبر جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي. امان پنهنجو
سفيد برقعو پوئتي ورائي ڇڏيو هو. جنهن جي زمين ڇهڻ
سان برقعي جي ڪناري ۾ قبر ستان جو سڪل گاهه ۽ ڪنڊا
چبڙي پيا هئا. امان برقعو لاهي هڪ پاسي رکي ڇڏيو ۽
چوڻ لڳي ”هاڻ ته ويچاري جي قبر جي ڍيري به نه ٿي
ملي. نالو نشان به مٽجي ويو! اچ هلون ”امان واپس
ٿيڻ لڳي امان جو رويو نه رڳو عجيب پر برو به لڳم،
منهنجي ننڍپڻ جون يادون تازيون ٿي ويون. سڀ ڪجهه
ياد اچي ويو. مامي جي قبر تي امان جي ڇا حالت
هوندي هئي. مون حيرت مان سوچيو يا الله هي اها
عورت آهي جا چند سال پهريان ڀاءُ جي موت تي رت جا
لڙڪ هاريندي هئي. ۽ قبر تي اچي بيهوش ٿي ويندي
هئي. ۽ هاڻي هن جي دل پٿر جهڙي ٿي وئي آهي.
مون چيو مانس ”امان تون ته چوندي هئينءَ “ مامي جي قبر پڪي
ٺهرائينديس“ ”ها ڌيءَ ڇا فرق پوي ٿو؟ مان سون جي
قبر به ٺهرائي ڇڏيان ها ته مون کان پوءِ ڪير هو هن
کي ياد رکڻ وارو. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهو به مٽي ٿي
وڃي ها. نشان تائين به نه رهي ها. جيئن هاڻي نه
پيو ملي.“ امان واپسيءَ جو ارادو ڪري رهي هئي. پر
منهنجي دل نه ٿي مڃيو. امان کي ڇڏي مان چوڪيدار جي
ڪوٺڙيءَ طرف ويس. ۽ سوچي رهي هيس. شوضل چاچا زنده
به هوندو الائي نه ٺيڪ ان وقت مون سفيد ڏاڙهيءَ
واري شخص کي ڏٺو جيڪو هڏين جو پڃرو هو . اچانڪ
خيال آيو اهوئي شوضل چاچا هوندو! ويجهو پهتيس غور
سان ڏٺم اهو شوضل چاچا ئي هو. پڇيو مانس: ”چاچا
اوهان کي ياد هوندو گهڻو وقت اڳ هڪ نوجوان هن
قبرستان ۾ دفن ٿيو هو. صبح جو هن جي ڀيڻ قبر تي
آئي هئي ۽ روئندي روئندي بيهوش ٿي وئي هئي. مون کي
ياد آهي اوهان ٻيهر ان کي اچڻ کان منع ڪيو هو ته
خواه مخواه روڳ لڳي ويندس پر هاڻي ان جي قبر نه ٿي
ملي.“ ان کان پوءِ مون هن کي پنهنجي پيءُ جو نالو
ٻڌايو ۽ اهو به ته اها قبر منهنجي مامي جي هئي.
شوضل چاچا غور سان ڏسي منهنجو جائزو ورتو پوءِ
اطمينان سان چوڻ لڳو. ”بيبي هتي تمام گهڻيون
مائرون ۽ ڀينرون پنهنجن پٽن ۽ ڀائرن جي قبرن تي
بيهوش ٿينديون رهن ٿيون. اهي سڀ قبرون ۽ مٽيءَ جون
ڍيريون اوهان کي نظر اچن پيون انهن ۾ دفن ٿيل
پيارن جي لاءِ زخمي دلين جو کوڙ سارو رت لڙڪن جي
صورت ۾ وهندو رهي ٿو. پوءِ آهستي آهستي وقت جا
ڌاڳا انهن گهرن زخمن کي سبي ڇڏيندا آهن. لڙڪن جي
جاءِ آهن ورتي آهي. ۽ پوءِ اهي آهون به وقت جي
آنڌيءَ اڏائي کڻي ويندي آهي. ۽ ماڻهن جي دلين مان
پنهنجن پيارن جون يادون ميڙي گڏ ڪري کڻي ويندي
آهي. وقت جي اها ئي آنڌي قبرن تان به گذري آهي.
قبرن کي ڍير ۾ بدلي ڇڏيو اٿس. هوءِ هڪ وقت ايندو
جو هي مٽيءَ جون ڍيريون به اڻلڀ ٿي وينديون. ۽
پوءِ ماڻهو پنهنجن پيارن جي قبرن تي هر هلائيندا.“
خدا ڄاڻي شوضل چاچا ٻيو ڇاڇا چوندو رهيو مان نه ٻڌي سگهيس: ڇو
ته امان بلند آواز سان سڏي رهي هئي.
”اچ ڌيءَ گهڻي دير ٿي وئي آهي“ مون بي وسيءَ مان امان ڏانهن ڏٺو
۽ هلي آيس.
نذير ناز
ٻار آهي مڇ جو وار
(10 سيپٽمبر پريس ڪلب ٺٽو ”سڄڻ“ نيٽ ورڪ جي سيمينار ۾ پڙهيل
مقالو.)
سنڌ جي مشهور چوڻي آهي ته ”ٻار آهي مڇ جو وار. جيئن ورائينس
تيئن وري. ”اها چوڻي سورهن آنا سچ آهي. هڪ ٻار
پنهنجي ننڍپڻ ۾ جيڪي ڪجهه پنهنجن والدين کان سکندو
اهو ئي ڪندو يا جيڪي ڪجهه ماحول مان حاصل ڪندو.اهو
ئي ماحول کي موٽائي ڏيندو.
هڪ ننڍڙو ٻار گل جي مکڙيءَ جيان نازڪ ۽ خوبصورت هوندو آهي.
ننڍپڻ کان مٿس معصوميت جو پڙدو چڙهيل هوندو آهي. ۽
اها معصوميت ۽ پاڪيزگي تڏهن قائم رهندي، جڏهن
انهيءَ ٻار جي پالنا تي ڀرپور توجهه ڏنو ويندو.
هڪ ٻار جي سار سنڀال جو ڪم، هڪ چئيلينج آهي. ٻار جي پالنا ٻار
جي سوچ ۽ روين مطابق هئڻ گهرجي. جيئن ٻار ان کي
دلي طرح قبول ڪر وٺي ۽ سندس تسڪين ٿي سگهي. ٻار کي
اها تسڪين تڏهن ملي سگهندي، جڏهن هن جي تربيت پوري
هوشياريءَ ۽ سمجهداريءَ سان ڪئي وڃي. ٻار جي تربيت
اهڙي هئڻ گهرجي جو هن جي معصوم ۽ ننڍڙي دماغ تي
بار جو اثر نه، بلڪه پرسڪون جو اثر محسوس ٿئي. ٻار
جي تربيت جو اثر واريءَ تي نڪرندڙ ليڪ وانگر نه پر
پٿر تي اڪريل ليڪ وانگر هئڻ گهرجي.
واڌ ۽ ويجهه جو عمل جاري آهي. جيئن جيئن ٻار ۾ واڌ جو عمل ٿئي
ٿو، تيئن جسماني واڌ سان گڏ ذهن به وڌي ٿو. انهيءَ
جسماني ۽ ذهني اوسر دوران اسان صرف ٻار جي جسماني
صلاحيتن کي اکين آڏو رکون ٿا. پر هن جي ذهني ساخت
يا عقل کي نظر انداز ڪري ڇڏيون ٿا. جنهن جي ڪري
اڳتي هلي، انهيءَ ٻار کي سمجهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو
آهي.
اهو سچ آهي ته هڪ ٻار جي هڪ الڳ ٿلڳ دنيا آهي. هڪ ٻار چاهيندو
آهي ته مون کي ڪجهه سمجهن، ۽ گهر ۾ اهميت هئڻ
گهرجي. انهيءَ ڪري گهر ۾ پنهنجن دوستن جي وچ ۾
پنهنجو اوچو مقام رکڻ چاهيندو آهي. انهيءَ لاءِ
وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندو آهي. پنهنجي بهادريءَ جو
مظاهرو ڪندو آهي. پنهنجي ڳالهه کي مڃرائڻ لاءِ
عجيب و غريب حرڪتون ڪندو آهي. انهيءَ مهل ٻار ۾
ڀرپور اعتماد هوندو آهي. اهڙي وقت ماءُ پيءُ کي
گهرجي ته اهڙو طريقو اختيار ڪن جيئن ٻار جي جيڪا
تمنا آهي سا صرف هوائي ڪلپنا نه بڻجي. بلڪه هو
پنهنجين تمنائن ۽ چاهنائن جي حقيقت جي وچ ۾ تفاوت
سمجهي سگهي. ۽ اڳتي هلي پنهنجي ارادي ۽ مقصد ۾
ڪاميابي ماڻي سگهي.
ٻار جي ذهني تربيت سان گڏ جسماني تربيت تي به توجهه ڏيڻ گهرجي،
جسماني صحت لاءِ صفائي جي تمام وڏي اهميت آهي.
جيئن چوڻي آهي، صفائي نصف ايمان آهي.“ جيڪي ماءُ
پيءُ پاڻ صفائي اختيار ڪندا ۽ پنهنجي ٻار کي
صفائيءَ جو عادي بڻائيندا ته اهو صفائي پسند ٻار
صحتمند هوندو ۽ اڳتي هلي سٺو شهري ثابت ٿيندو. پر
افسوس اسين ٻارن جي صحت تي ايترو توجهه نه ٿا
ڏيون.
تازو هڪ اخبار ۾ ليک ڇپيو هو ته ”آمريڪا وارن تازي تحقيق کان
پوءِ اهو اندازو لڳايو آهي ته دنيا ۾ هر سال 80
لک ٻار موت جو کاڄ بڻجن ٿا. دنيا جي ويهه سيڪڙو
ٻار خطرناڪ بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن، جنهن جي ڪري هر
سال وچڙندڙ ۽ خطرناڪ بيمارين جا ٽڪا نه لڳڻ سبب
80 لک ٻار مري وڃن ٿا.“
ڪيڏي افسوس ناڪ ۽ ڏکائيندڙ خبر آهي. صرف ماءُ پيءُ جي
لاپرواهيءَ سبب ڪيترائي ٻار موت جي منهن ۾ هليا
وڃن ٿا. انهيءَ ڪري ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي خطرناڪ
بيمارين کان بچاءَ لاءِ ٽڪا لڳايا وڃن. ٻار قوم جو
هڪ نازڪ خزانو آهي. ٻار ڪومل گلن جيان آهن. انهن
جي پوري سار سنڀال ۽ پالنا اسان جو اولين فرض آهي.
ٻارن کان جبري پورهيو وٺندڙ ڌريون سچ ته ٻارڙن تي ظلم پيون ڪن.
عالمي اداري يونيسيف جي هڪ تازي روپورٽ موجب
”پاڪستان ۾ هن وقت 80 لکن کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ تائين
ٻارڙا پنهنجي پيٽ جي باهه وسائڻ ۽ پنهنجن گهر
ڀاتين جي گذر سفر خاطر سخت محنت ۽ پورهيو ڪرڻ تي
مجبور آهن.“
گلن جهڙا ٻارڙا جن جي هٿن ۾ ڪتاب هئڻ گهرجن ۽ اسڪول جي ٿڌي
ڇانوَ ۾ ويهي علم جي زيور سان آراسته ٿيڻ گهرجن.
تن جي هٿن ۾ گريس لڳل پانا ۽ گرم گرم سرون آهن.
نٽهڻ اس سندن مقدر بڻيل آهي. انهيءَ عمر ۾ سندن
ننڍڙا معصوم هٿڙا سرون ڍوئڻ، غاليچا اُڻڻ، ڪارخانن
۾ مشينون هلائڻ، ورڪشاپ ۾ گاڏين جي مرمت ڪرڻ،
پيٽرول پمپن تي گاڏيون صاف ڪرڻ ۽ هوٽلن ۾ پليٽون
صاف ڪرڻ ۾ لڳل هوندا آهن. ۽ کين انهيءَ بدلي ۾
جهڻڪن ۽ مار موچڙي سميت مشڪل سان ٻن ويلن جي ماني
نصيب ٿيندي آهي.
ٻارن جي تعليم ۽ سندن مستقبل کان ڪن لاٽار ڪرڻ انهيءَ جو ثبوت
آهي ته اسين هڪ بي حس قوم آهيون. اسين اڃا ترقيءَ
جي منزل تي رسي نه سگهيا آهيون. ڪنهن به قوم جي
سڃاڻپ ۽ مستقبل ٻار هوندا آهن. اهي ئي مستقبل جا
معمار هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ترقي
يافته ملڪن ۾ اڄ گهڻي ۾ گهڻو ڌيان ايندڙ نسل تي
ڏنو ٿو وڃي. سندن پالنا ۽ پرگهور جو ڪم ملڪ جي
جوڙجڪ ۾ اول درجي تي آهي: ٻي ڳالهه ته ٻارن جي
جسماني گهرجن سان گڏ سندن ذهني گهرجن تي وڌيڪ
ويچار ڪيو ٿو وڃي.
اڄ هر ڪنهن جون نظرون ايڪويهين صديءَ ڏانهن آهن. اڄوڪو ٻار
ايندڙ صديءَ جو رهواسي هوندو. جيڪڏهن اڄ جو بهترين
ٻار آهي ۽ امن پسند آهي ته پوءِ ڪو شڪ ناهي جو
ايندڙ صديءَ ۾ امن هجي. ائين چئجي ته اڄ جو ٻار ئي
ايندڙ صديءَ جو ابو آهي. ۽ اهو ئي ٻار ايندڙ صديءَ
جي سڃاڻپ آهي.
ٻارڙن جي دنيا به هڪ عجيب دنيا آهي. ڏٺو ويو آهي ته ٻار کي
مٽيءَ ۾ راند ڪندي سڪون ملي ٿو. مٽيءَ ۾ ليٿڙيون
پائڻ، واريءَ جا گهر اڏڻ، ڪوڏيون ۽ سگريٽن جا
پاڪيٽ گڏ ڪرڻ، بلور کيسي ۾ وجهي کڙڪائڻ ۽ گهر جي
ڪنهن ڪنڊ ۾ ان کي لڪائي رکڻ ۾ ٻارن کي خوشي محسوس
ٿئي ٿي. ٻارڙن کي پنهنجي مزاج مطابق جدا جدا رنگ
وڻن ٿا. هو ڀل انهن رنگن جو مطلب سمجهي نه سگهندا
هجن تڏهن به رنگ سندن اکين کي وڻن ٿا. ۽ سندس من
وندرائن ٿا. ٻار سڌو جنت مان اچي ٿو. هو پاڻ سان
گڏ سڪون، خوشي، ايمانداري، پيار ۽ نيڪي کڻي ٿو
اچي. ٻار جي دل ماڪ جي بوند وانگر پاڪ شفاف هوندي
آهي.“
اڄ جو ٻار آئيندي جو ابو آهي. نئين پيڙهي آهي. پنهنجي قوم جو
آئيندو روشن ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته نئين نسل جي
اهڙي تربيت ڪريون جو مستقبل جو بنياد پڪو ۽ پختو
بڻجي پوي. افسوس اهو آهي جو اسان کي پنهنجو بنياد
پڪو ڪرڻ لاءِ وقت ڪونهي. اسين پنهنجي هڻ هڻان ۾
آهيون. ٻارڙا وڃي وڊيو گيم جي ور چڙهيا آهن يا ڊش
اينٽينا ڏسي ڏسي پنهنجي فطري معصوميت وڃائي رهيا
آهن. اخلاقي قدر واريءَ جيان مٺ مان کسڪي رهيا
آهن. اڄ جو ٻار وڏن کان وڌيڪ نفسياتي دٻاءَ جو
شڪار آهي.
اسان کي سوچڻ گهرجي. ٻارن جي صحت ۽ انهن جي تربيت بابت اسان
ماءُ پيءُ ئي ڪجهه ڪري سگهون ٿا. معاشري کان پهرين
والدين جو فرض آهي. اسان ٻارن جي بهترين تربيت
ڪندا سين ته پوءِ ڪو شڪ ناهي جو اسان جو معاشرو
مثالي معاشرو بڻجي پوي. بهترين مثالي معاشرا ملڪ
جي ترقيءَ ۽ ناماچاريءَ جا ضامن هوندا آهن.
v |