سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري، مارچ 1992ع

مضمون --

صفحو :7

سميرا مغل

آئيڊيل

دروازو پوري قوت سان کليو ۽ مومل تيزيءَ سان اندر آئي ۽ زور سان دروازو بند ڪري، پلنگ تي ڪرڻ واري انداز ۾ ليٽي پئي. ڪئي ڪلاڪ گذري ويا، پر مومل ائين ئي پئي هئي. ان دوران در تي ڪئي ڀيرا کُڙڪو به ٿيو، پر هُن ڪنهن به سڏ تي موٽ نه ڏني.

هڪ ڀيرو وري در تي کڙڪو ٿيو. مومل لاپرواهيءَ سان پاسو ورايو ته سامهون لڳل گهڙيال تي وڃي نظر پئيس، شام جا ڇهه ٿيا هيا. هو ڇرڪ ڀُري پلنگ تان اُٿي تيزي سان دروازي ڏانهن وڌي، پر هيٺ فرش تي رکيل گلاس تي اُن جو پير لڳو ۽ گلاس ڀت سان ٽڪرائجي ڀڄي ڀور ٿي ويو. اُن وقت ۾ هو دروازو کولي چُڪي هئي ۽ ڪنهن شفيق ٻانهن اُن کي پنهنجي پناهه ۾ وٺي ڇڏيو هو.

”اڄ تو ماني ڇو نه کاڌي آهي.“

مومل کي اُن جي پياري والد پلنگ تي ويهاريندي چيو.

”اميءَ،“ ڳالهه ئي اهڙي ڪاوڙ واري ڪئي جو بس ۽ آئون......“

”اچي ڪمري ۾ بند ٿي ويس.“ اُن جي پيءُ ڳالهه پُوري ڪئي. ”او بابا.“  مومل پيار مان پنهنجي پيءُ کي ڀاڪر پاتو.

”اوهان جي والده اوهان کي ڇا عرض ڪيو؟“ فيضان ڪوٽ لاهيندي چيو.

”بابا، امي عرض نه حُڪم ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته پڙهائي پوءِ ڪجان ۽ شاديءَ جون تياريون پهرين ۽ بابا اگر ائين ٿيو ته....“

مومل جو آواز ڳرو ٿي ويو ۽ اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيس.

”پهرين ڪڏهن تنهنجي مرضيءَ جي بغير ڪجهه ٿيو آهي، جو هاڻ ٿيندو.“ فيضان ڌيءَ  جا لڙڪ صاف ڪندي چيو.

”پر امي.“

”اوهو، هاڻ ڇڏ هن ڳالهه کي ۽ هلي مون کي گرم گرم  هڪ ڪوپ ڪافيءَ جو ٺاهي ڏي.“ مومل جو ڌيان ٻي پاسي ڪرڻ لاءِ فيضان احمد اُن کي وٺي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.

”ها! هاڻ ٻڌاءِ، تون عليءَ سان شادي ڇو نٿي ڪرڻ چاهين؟“

رات جو مانيءَ کان فارغ ٿي، فيضان احمد، مومل جي ڪمري ۾ اچي ويٺو هو.

”بابا، آئون پڙهڻ ٿي چاهيان ۽ اُن کانپوءِ شادي سا به....“ اهو چئي مومل ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.

”مون ڏانهن ڏس پُٽ..... هن وقت تون پنهنجي پيءَ سا نه بلڪه دوست سان ڳالهائي رهي آهين، بنا ڪنهن هٻڪ جي تون ڳالهه ڪر.“

”بابا، آئون هڪ آئيڊيل بنائي ويٺي آهيان ۽ مونکي اُن جو انتظار آهي.“ هُن ڏڪندي چيو.

”آئيڊيل جو خاڪو“ فيضان احمد ڌيءَ کان وضاحت ڪئي.

”بابا، هو سوبر ۽ سنجيده هجي ۽ ميچوئر هجڻ جي علاوه وسيع سوچ جو مالڪ هجي ۽ اوهان وانگر ايجڊ هجي.“

”ٺيڪ آهي. مونکي ڪو اعتراض ڪونهي، پر تنهنجي ماءُ کي ڪير سمجهائيندو.“ فيضان احمد، مومل جي مٿي تي هٿ ڦيريندي چيو. جيڪا پنهنجي پيءَ جي گوڏي تي ڪنڌ رکيو ليٽي پئي هئي.

”بابا، امان کي صرف ايترو چئو ته مونکي في الحال پڙهڻ ڏي، باقي پوءِ سوچينداسين.“ مومل التجا واري انداز ۾ چيو.

”چڱو ٺيڪ آهي، پر سڀاڻي مونسان گڏ داخلا وٺڻ يونيورسٽي هلڻو آهي.“

او بابا، I Love You مومل پنهنجي پيءُ کي زور سان ڀاڪر پائيندي چيو.

”چڱو صبح جو ملاقات ٿيندي.“ پنهنجي پيءُ  جي وڃڻ کانپوءِ هوءَ سڪون سان ليٽي پئي ۽ ننڊ جي واديءَ ۾ گم ٿي وئي.

ڏينهن گذرندا رهيا ۽ مومل پنهنجي ماءُ جي مخالفت جي باوجود پنهنجي پيءُ جي حمايت تي يونيورسٽي جوائين ڪري ورتي. هڪ ڏينهن هوءَ يونيورسٽي وئي ته خبر پئي اڪنامس جو نئون ليڪچرار آيو آهي ۽ هو وقت جو تمام گهڻوپابند هو. اڪنامڪس جو ٻيون پيرڊ هو ۽ پهريون پيرڊ فري هو، ان ڪري هو اچي لائبريري م ويهي رهي ۽ پڙهڻ ۾ ايڏو ته مگن ٿي وئي، جو اُنکي وقت گذرڻ جو ڪو احساس ئي نه ٿيو. اوچتي گهڙيءَ تي نظر پيس ته پيرڊ شروع ٿيڻ ۾ صرف ٻه منٽ هيا. هو بد حواس ٿي اُٿي ۽ جلديءَ سان لائبريري مان نڪتي ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ ڏاڪڻ لهڻ لڳي ته اوچتو هڪڙي ڏاڪڻ تان اُن جو پير ترڪيو ۽ ڪرڻ جي خوف کان اُن اکيون بند ڪري ڇڏيون، پر هو ڪري نه بلڪ ڪنهن جي مضبوط هٿن اُن کي جهلي ورتو. مومل جون جڏهن اکيون کليون ته اُن شخص فورا چيو

”ڏسي هلندا ڪريو، ڪنهن جو سهارو وٺڻ بدران ڪنهن جو سهارو بڻجڻ جي ڪوشش ڪريو.“

ان کان اڳ جو مومل ڪو جواب ڏي، هو شخص اڳيان وڌي هليو ويو.

مومل ڪلاس ڏانهن هلي وئي ۽ حواسن تي اُهو شخص اُن تي حاوي هو، پر جڏهن ڪلاس ۾ نئون ليڪچرار داخل ٿيو، ته ان جي حيرت جي انتها نه رهي ته هن کي سهارو ڏيڻ وارو شخص نئون ليڪچرار هو ۽ پهرين ڏينهن تي ئي اُن جو lmpression ايڏو ته سٺو هيو جو هراسٽوڊنٽ اُن جي تعريف ڪري رهيو هو. ڪجهه ئي عرصي ۾ هو يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽ جي آئيڊيل شخصيت بنجي ويو.

مومل کي ته ائين لڳندو هو، ڄڻ اهو ئي شخص آهي؛ جنهن جو هن کي انتظار هو ۽ ڪجهه ئي عرصي ۾ منزبين سر احمد سان ڪافي فري ٿي چڪي هئي.... سر احمد کي سمجهه ۾ نه ايندو ڪڏهن به ان ڳالهه جو اظهار اُن سان نه ڪيو. فري ٿيڻ جي باوجود محتاط انداز ۾ رهندو هو. پر اُن جو دل جو حال ڪڏهن اکين مان ظاهر ٿي پوندو هو.

جڏهن ته مومل کي پنهنجو آئيڊيل ويجهو هوندي به تمام گهڻو پري لڳندو هو. اُن ڪيئي ڀيرا ڪوشش به ڪئي، ته سر احمد سان ڳالهائي؛ پر اُن جي خودداري ان ڳالهه جي اجازت نه ڏني، ۽ انهيءَ دوران ڪنهن اُها افواه هلائي ته سر احمد شادي ڪري رهيو آهي. مومل تمام گهڻو پريشان ٿي وئي ۽ سر احمد اُن جي بدحواسي ۽ پريشاني واري ڪيفيت ڏسي رهيو هو، پر خاموش رهيو.

آخر هڪڙي ڏينهن همت ڪري وڃي سر احمد جي سامهون بيٺي.

”سر مون هڪ خبر ٻڌي آهي.“ مومل ڪافي نرم لهجي ۾ چيو.”مون کي خبر هئي، اوهان ضرور پڇا ڪندا.“ سر احمد مومل ڏانهن نهاريندي چيو.

”ڇا اها ڳالهه درست آهي، ته اوهان ڪنهن کي پسند ڪريو ٿا.“

مومل، سر احمدکان تمام گهڻو متاثر ۽ فري به هئي، ان ڪري ته هو اُن جي ذاتي زندگيءَ تي ڳالهائي رهي هئي.

”ها.“  سر احمد مختصر جواب ڏنو.

”جنهن کي پسند ڪريو ٿا، اُن کي خبر آهي.“ مومل سر احمد کي چانهه ڏيندي چيو.

” منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪير ڪنهن کي پسند ڪندو آهي يا چاهيندو آهي، ته هو اُن کان گهڻو وقت بي خبر ناهي رهندو.“ ها اها الڳ ڳالهه آهي، ته هو سڀ ڪجهه ڄائڻ جي باوجود بي خبر ٿيو ويٺو هجي.“

سر احمد واچ ڏانهن ڏٺو ۽ اُٿي بيٺو.

”ڇا مطلب، سر“. مومل به اُٿندي چيو.

”عقل مند لاءِ اشارو ئي ڪافي هوندو آهي.“ سر احمد، مومل سان گڏ ڪامن روم مان نڪرندي چيو.

”هيءَ ڇوڪري ڪيڏي نه چري آهي. هيءَ مون کي پسند ڪري ٿي، هڪ اهڙي شخص کي جيڪو اُن کان عمر ۾ 13،12 سال وڏو آهي، صرف متاثر ٿيڻ سان زندگي گڏ نٿي گذاري سگهجي.“ احمد چنڊ کي تڪيندي سوچيندو رهيو.

”آئون پاڻ به هُن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، پر اُن جي حوصله افزائي نٿو ڪري سگهان. ها نٿو ڪري سگهان......نٿو ڪري سگهان!“ اهو فيصلو ڪري احمد مطمئن ٿي ويو.

”يا خدا آئون ڇا ڪريان! منهنجي دل ۾ هڪ اهڙي شخص جي محبت ڇوليون پئي هڻي، جنهن سان زندگي گذارڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اگر ڳوٺن ۾ هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ کي 40سالن جي مرد سان پرڻائين ته اهو ظلم نه، قسمت جو لکيو تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ اگر شهر جي پڙهيل ڇوڪري هڪ وڏي عمر جي Mature شخص سان گڏ زندگي گذارڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿي، ته اُن کي بي شرم ۽ بي حيا جهڙن لقبن سان نوازيو وڃي ٿو. آخر ڇو؟“ منزبين جون منتشر ٿيل سوچون اُن کي ننڊ کان پري ڪري چڪيون هيون.

”خير، آئون ضرور پنهنجي آئيڊيل کي حاصل ڪنديس، سر احمد ئي ته منهنجو آئيڊيل آهي، بس خدارا اُن جي دل ۾ مون کي حاصل ڪرڻ جو چاهه پيدا ڪر، ته جيئن منهنجي منزل آسان ٿئي. منهنجو آئيڊيل آگر مون کي نٿو ملي، ته پوءِ خدا پاڪ تو منهنجي دل ۾ اُن جي محبت ڇو پيدا ڪئي آهي. ها ڇو پيدا ڪئي آهي؟“

مومل ڳلن تي لڙي آيل لڙڪن کي هٿ سان صاف ڪيو ۽ بي مقصد لان ۾ ڦرڻ لڳي.

ٻي ڏينهن تي مومل يونيورسٽي آئي ۽ سڌو لا ئبريريءَ ڏانهن هلي وئي. ڇو ته سر احمد جو بهترين مشغلو مطالعو هو ۽ هن کي يقين هو، ته سر احمد اُتي هوندو.

سر احمد مومل کي ڏسي اٿڻ لڳو. پر مومل فورا اتي پهچي چڪي هئي.

”السلام عليڪم سر.“

”وعليڪم السلام.“ سر احمد مومل ڏانهن نهاريو، ته فورا سمجهي ويو ته هوءَ سڄي رات جاڳي آهي.

سر احمد کي افسوس ٿيو، ته اُن جي هڪ معصوم ڇوڪري پريشان ٿي رهي آهي. سر احمد هڪ ئي گهڙيءَ ۾ فيصلو ڪيو، ته هُو مومل کي سمجهائيندو ته هو اڻ پورا ٿيندڙ خواب نه ڏسي ۽ پوءِ ويهي رهيو.

”لڳي ٿواوهان سڄي رات جاڳيا آهيو.“ سر احمد ڳالهه شروع ڪندي چيو.

مومل صرف ڪنڌ لوڏيو.

”ڪومسئلو؟“

”نه“ خير، اوهان ٻڌايو اوهان جنهن کي پسند ڪريو ٿا، اُن سان شادي ڪڏهن ٿا ڪريو؟“ مومل اُداس لهجي ۾ پڇيو.

”ضروري ته نه آهي، ته جنهن کي ماڻهو پسند ڪري، اُن سان شادي به ڪري.“

”پر سر، انسان جنهن کي پسند ڪري ٿو، ته اُن جي سڀ کان وڏي خواهش اها هوندي آهي، ته هو باقي زندگي پسند جي ساٿيءَ سان گذاري.“

”نه، مون اهڙي خواهش ڪونه ڪئي آهي. آئون ڪڏهن به ڪنهن کان متاثر ڪونه ٿيو آهيان ۽ جيڪڏهن ڪنهن مون کي متاثر ڪيو به آهي، ته هاڻ ان عمر ۾ آئون اُن جي ڇا تمنا ڪريان؟“

”اوهان محبت ۾ عمر کي ڇوٿا آڻيو. محبت ته اهو جذبو آهي، جيڪو بنا ڪنهن فرق جي زنده آهي. محبت نه اميري ڏسندي آهي، نه غريبي، نه پنهنجو ڏسندي آهي نه پرايو، ۽ نه وري عمر جي فرق کي.“ مومل مضبوط دليل ڏيندي چيو.

”اوهان ٻڌڻ ڇاٿا چاهيو؟“ سر احمد مومل کي وڌيڪ اظهار جو موقعو ڏيندي چيو.

”اوهان ٻڌڻ ڇاٿا چاهيو؟“ مومل هڪدم تيز لهجي ۾ چيو. آئون هڪ ڇوڪري ٿيندي به ڪنهن کان نٿي ڊڄان ۽اڄ اهو صاف ٻڌايان ٿي، ته اوهان منهنجا آئيڊيل آهيو. ان جو اظهار مون ڪيئي ڀيرا پنهنجي رويي سان ڪيو آهي، پراوهان تمام گهڻا بي حس ۽ سنگدل شخص آهيو، جو منهنجا جذبه به اوهان کي متاثر نه ڪري سگهيا، اوهان منهنجي پهرين ۽ شايد آخري محبت به آهيو...... سمجهو.“

ايهوچئي، مومل تيزيءَ سان ٻاهر نڪري وئي.

سر احمد کي پڪ هئي ته هو ڪامن روم ۾ هوندي. سڌو اُتي آيو ته ڏٺائين ته هو هٿن سان چهرو لڪائي رهي آهي.اهو خدا جو شڪر هو ته لائبريري ۾ ۽ نه وري ڪامن روم ۾ ڪي اسٽوڊنٽ هيا.

”مومل.“ سر احمد مومل کي مخاطب ڪندي چيو.

”پليز، اوهان هتان هليا وڃو.“ مومل سر احمد ڏانهن بغير ڏسندي چيو.

هليو ويندس صرف ايترو چوندس ته I love you سر احمد اهو چئي ٻاهر وڃڻ لڳو.

”هاڻ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“ مومل پويان کان دانهن ڪندي چيو.

  ”اديءَ کي فون ڪرڻ ته هو  شام جو تنهنجي گهر وڃي ۽......

سر احمد شوخيءَ سان چيو ته منزبين ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.

بابا پليز، اوهان ڪڏهن به منهنجي ڪا ڳالهه نه آهي ٽاري، پوءِ هي ته منهنجي زندگي جو سوال آهي.“ مومل پنهنجي پيءَ کي ٻڌائي رهي هئي.

”ٻر پٽ، جيڪڏهن ڪڏهن تنهنجي زندگيءَ ۾ پڇتاوا آيا ته پوءِ.....؟؟“

مومل جي پيِءَ انديشو ظاهر ڪيو!

”نه بابا، اوهان ئي ته مونکي سبق ڏنو آهي، ته جيڪو به فيصلو ڪجي اُن تي پڇتائجي نه ۽ آئون اوهانجي ڌيءَ آهيان، پنهنجي فيصلي تي قائم رهنديس.“ مومل مضبوط لهجي ۾ چيو.

”اگر تون خوش آهين ته مونکي ڪوبه اعتراض نه آهي؛ پر تنهنجي ماءُ کي ڪير سمجهائيندو.“

فيضان احمد اُن جي ڳالهه مڃيندي چيو.

”بابا، اوهان جو ڪم آهي پليز.“ مومل اهڙي انداز ۾ چيو جو هو راضي ٿي ويا.

”اوهان ته هن جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي، ايڏي ڇڙو اڳي نه ڏيوس.“ مومل جي والده کي جڏهن مومل جي ارادي جي خبر پئي ته هو تمام گهڻي ڪاوڙي.

”تون پاڻ سوچ. اگر اسين هن تي پنهنجي مرضي وجهنداسين، ته هواسان جي عزت رکڻ لاءِ ته ها ڪندي، پر دل سان خوش نه هوندي.ائين بهتر نه آهي ته اسين اُن جي ڳالهه مڃي، اُن کي خوشين سان ڀرپور زندگي گذارڻ جو موقعو ڏيون، جنهن سان هو مطمئن رهي.

فيضان احمد، پنهنجي زال کي سمجهائيندي چيو. پهرين ته اُن جي ماءُ تمام گهڻي مخالفت ڪئي، پر آخر ماءُ هئي اولاد جي خوشيءَ تي راضي ٿي وئي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مومل جي آڱر ۾ احمد جي نالي جي منڊي پئي هئي.

مومل تمام گهڻو خوش هئي، ته اُن کي ان جو آيڊيل ملي ويو آهي ۽ اُن هڪ راهه هموار ڪئي هئي، ته عمر جي فرق ڪري آئيڊيل کي نه وڃائڻ گهرجي.

خدا پاڪ اُن جا جذبا سچا ثابت ڪيا ۽ اُن جو آئيڊيل احمد جي روپ ۾ ملي ويو.

مبينا بلوچ

سُڪل پن

اڄ سڪينه کي وري پنهنجي پيٽ ۾ ڪو گولو ڦرندي محسوس ٿي رهيو هو. هوءَ سڄي پيلي ٿي وئي. هن جون ٽنگون ۽ ٻانهون ڏڪڻ لڳيون. پنهنجا چيلهه جيترا وار  ڇوڙي ڇڏئين  ۽ انهن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي. اوچتو پيٽ ۾ سور جي شديد لهر اُٿي ته هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪا تيزآري سندس پيٽ مان وٽ وجهندي گذري وئي هجي. هو بيخود نم جي سڪل ڏار وانگي کٽولي تي اچي ڪري. هو هي عذاب مسلسل ٽن سالن کان سهندي پي آئي. پر گهر جي ڪنهن فرد کي هن ڪجهه نه ٻڌايو ڇو ته هن کي خبر هئي ته گهر وارا  سواءِ همدردي جي ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهندا. هن آسمان  ڏانهن  نهاريو ۽ لڙڪ خود به خود لار ڪري  سندس  ڳلن تان وهڻ لڳا، هوءَ ان وقت خدا جي قدرت تي عجب  کائي رهي هئي ۽ ڪاليج ۾ پڻ عجب کائيندي رهندي هئي. دل چوندي هئس  ته ڪاليج جي  سمورين حسين دوشيزائن کي قطار ۾ بيهاري  شوٽ ڪري ڇڏي يا وري خود ڪاريڊور مان ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻي. ٻه لڙڪ سندس اکين جي ڪنڊ مان اڀري ايندا هئا. جن کي اکيون ڇنڀي وري پنهنجي نيڻن جو حصو بڻائي ڇڏيندي هئي. وري جو سور جو وراڪو پيس ته روح مان ڄڻ سيڪڙاٽ نڪري ويس، وات تي هٿ رکي روئڻ لڳي. گهٽيل گهٽيل آواز ۾ امي امي ڪرڻ لڳي، نڪ سنگهه سان ڀرجي ويس. پر وري رئي سان جلدي جلدي اگهڻ  لڳي ته ڪٿي ڪو اچي نه وڃي.

وڏي ڀيڻ ڀرسان اچي ويٺي، ”ڇا ٿيو آهي.“ ”ڇو ٿي روئين“ ”بس مٿي ۾ سور آهي.“ تون وڃ. هن وراڻيو.“ مٿي جي سور تي ڪو روئبو آهي ڇا؟“ اهو چئي ڀيڻس اٿي هلي وئي. سندس وڃڻ تي هن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ وري سنئين ٿي ليٽي پئي. ليٽڻ  سان ڪجهه نه ته ٿورو فرق ضرور پوندو هئس. کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ پاڻي آبشار مان ڪرڻ کانپوءِ آهستي آهستي ماٺ ٿيندو وڃي. هو اٿي وڃي  آرسي جي سامهون بيٺي، هن سان جڏهن به ائين ٿيندو هو ته آرسي جي سامهون ڪيتري دير تائين بيٺي پنهنجو جائزو وٺندي هئي. هن کي ان وقت پنهنجو پاڻ تي رحم اچڻ  لڳو.  ائين لڳس ڄڻ هو دنيا جي سڀ کان مظلوم ترين عورت هجي. وهنجڻ جاءِ ۾ وڃي ٽي  چار دفعا لڪس سان منهن کي مهٽيائين. ٽوال سان اُگهي صاف ڪيائين. وري هوءَ  هئي ۽ آرسي. گهڻو ئي پنهنجو پاڻ کي سنواريائين وري به کيس پنهنجو پاڻ نه وڻيو. ان وقت هو پنهنجو پاڻ کي ان ٻار سان ڀيٽڻ لڳي جنهن کي گهڻي   ڪوشش جي  باوجود به سندس دوست پاڻ سان راند نه کيڏائي  رهيا هجن، معصوم ۽ نماڻو. هن پنهنجون  سڪل ڪاٺي جهڙيون ٻانهون ڏٺيون ته ائين محسوس  ٿيس، ڄڻ ڪو سڄي جهان جون مجبوريون ۽ محروميون ان ۾ سمايل هجن. پيءُ جي رڙ کيس وري پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽائي  آئي.

هي ڇا ڪيو اٿئي سڄو کير هاري ڇڏيئي. مان ته توهان مان بيزار اچي ٿيو آهيان. سڄي گهر جو خرچ مان هلايان. خبر اٿئي گهڻي ڪلو ٿو ملي. توهان ته مون کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي.“ پڻس ماڻس تي اُلريو بيٺو هو. هو وري ماضي جا ورق اٿلائڻ لڳي، جڏهن هو ۽ سندس ڀاءُ ڀيڻ ننڍا هئا. سندس پيءُ پيسن جي طلب ڪئي هئي. پر ماڻس ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته گارين جو ڦهڪو پي پيس. هو پنهنجي ماءُ جي پويان وڃي لڪي وئي.

هن کي چڱي طرح ياد هو جڏهن هن کي ٽنگن ۾ شديد سور ٿيندو هو ته هن جي ماءُ کيس زور ڏيندي هئي ۽ کيس ننڊ اچي ويندي هئي. اهي سور سهندي سڪينه به اچي جوان ٿي. ننڍپڻ کان جواني تائين سورن سڪينه کي سچي پچي به پٿر وانگي مضبوط بڻائي ڇڏيو هو.  ها پر ڪڏهن ڪڏهن  پنهنجي بي وسي تي روئڻ ضرور اچي  ويندو هئس.  چورن مٿان مور، وري پيٽ اصل هنکي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هو. پڻس جي انهيءَ رويي کيس سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو  ته ڇا به ٿئي پر مرد، مرد آهي هو عورت کي پنهنجي جُتي جي برابر سمجهي  ٿو. هو عورت سان شادي ڪري وٺي اچي ٿو فقط هڪ ٻارن  ڄڻڻ واري مشين سمجهي ٿو. ورلي ڪو ماڻهو هوندو جو عورت جو اصل مرتبو ڄاڻيندو هوندو. هاڻ سڪينه پنهنجي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏنو. هن ڪڏهن به شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ڇو ته هن پنهنجي ماءُ جهڙي زندگي گذارڻ نه ٿي چاهي.

هن کي مردن کان نفرت ٿي چڪي هئي. ”امان! سڪينه هاڻ جوان ٿي وئي آهي. هن جي گهر وسائڻ جو به ڪو بلو ڪريو.“ سندس وڏي ڀيڻ ماڻس کي چئي رهي هئي. هن کان برداشت نه ٿيو وچ ۾ وڃي پنهنجو فيصلو ٻڌائي آئي. ”مان شادي نه ڪنديس.“ ۽ پنهنجو پاڻ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيئين. ڀيڻس ۽ ماڻس کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته ڇوڪري کي اهو چوڻ جي همت ڪيئن آئي.

پوءِ سڪينه لاءِ ڪلارڪن ۽ ماسترن جا رشتا اچڻ لڳا.

پڻس سڪينه لاءِ هڪ ڪلارڪ جو انتخاب ڪيو جنهن جي پهرين زال مري چڪي هئي ۽ ان  مان ٻه پٽ  هئس. رشوت کائي کائي ڪافي مالدار ٿي چڪو هو. هُن ان بي انصافي تي ڪافي احتجاج ڪيو. پر سڀ بيڪار ويو هن جي هڪ به نه هلي ۽ شادي جي تاريخ طئي ٿي وئي. پر خدا کي شايد سڪينه جي سموري حياتي تي هينئر رحم اچي ويو. شادي واري ڏينهن سڪينه جي ننڍي ڀيڻ سڄو گهر مٿي تي کڻي ڇڏيو، سڪينه کي الائي ڇا ٿو ويو آهي. هو تمام گهڻي تڪليف ۾ آهي. ماڻس ۽ پڻس ڊوڙندا سندس ڪمري ۾ پهتا ته سڪينه کٽ تي سڪل پن جيان ليٽي پئي هئي سندس هڪ هٿ پيٽ تي  ۽ ٻيو وارن ۾ هو. جنهن ڪمري ۾ کيس سينگارجي ڪنوار ٿيڻو هو. اُنهي ۾ سندس لاش پيو هو. ها سڪينه  مري وئي.

غلام رسول پرهياڙ

دلڙي دردن ماري

هو مٽيءَ مان سڄو ڀڀوت ٿيو پيو هو. سندس منهن سُڄيل ۽ ڏاڙهي وڌيل هئي. وڏن چيڙهه پيل وارن مان ٽُولر پئي ٽميس. کيس صفا ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا پيا هئا، جن مان هو اگهاڙو پئي ٿيو. سندس پٺيان  ٻارن جو ولُر هو. جيڪو کيس ڌڪ هڻي چيڙائي رهيو هو. چريو به ڪيڏيءَ مهل ڪاوڙجي ٻارن جي پويان ڪاهي ٿي پيو. هو چئي رهيو هو، ”زينب موٽي اچ. آءُ توکي پيو ڳوليان.“ هڪڙي ڇوڪري کيس ڀوڳ   ڪرائيندي چيو، ”زينب ڪونه موٽي ايندي هوءَ توکي هميشه جي لاءِ ڇڏي ويئي آهي.“

”ائين نه چئو ڇوڪرا،  زينب اهڙي ڪُلال ڪونه آهي. هوءَ ڪڏهن به مونکي وساري نه سگهندي.“ ائين چئي هو رڙيون ڪري روئڻ لڳو.  تيسين هڪڙي ٻئي ڇوڪري  کيس پٿر هڻي ڪڍيو، جيڪو مٿي ۾ لڳس. ڌڪ لڳڻ سان هو گوماٽجي ويو ۽ ٻئي هٿ مٿي تي رکي ويهي رهيو. رت سندس مٿي مان ڦوهارا  ڪري وهڻ لڳو.

ان همراهه کي مون سڃاتو، اهو سانوڻ هو. هو پنج سال اڳ اسانجو ڳوٺ ڇڏي گم ٿي ويو هو. هُن کان سندس خوبصورت زال زينب جدا ڪئي ويئي هئي، جنهن سان هو بيپناهه  محبت ڪندو هو ۽ سندس غم ۾ چريو ٿي پيو هو.

هو ويچارو صفا غريب هو. پاڻ وڏيري نواز علي خان  جي هاريپ تي ٻني ڪري گذر سفر ڪندو هو.

ان سال نئين قائم ٿيل حڪومت، هارين کي فصل مان اڌ بٽائي ڏيڻ جو قانون  ڪڍيو هو، پر وڏيري نواز علي کيس  اڌ بٽائي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان ڪري سانوڻ مٿس پُوڪاريو هو.  سانوڻ جي اها حرڪت وڏيري کي ڪونه وڻي،  تنهن ڪري هُن کيس تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.

هڪڙي رات وڏيري سندس گهر تي چور موڪليا. چور سندس گهر ۾ گهڙي آيا ۽ سندس ڍڳو کولڻ لڳا.

زينب جيڪا ڀرئي پيٽ سان هئي. انهيءَ وقت کيس  ويڙهي جي سار ٿي ۽ هوءَ اوڏانهن وڃڻ لڳي. ويڙهو به وٿاڻ جي پاسي ۾ هو. چورن زينب کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو ته سمجهيائون سانوڻ آهي، جيڪو  کين جهلڻ  لاءِ پيو اچي. هڪڙي چور زور مان گهوٻاٽو اڇلائي زينب کي هنيو هوءَ ريهه ڪري پٽ تي ڪري پئي. زال جي رڙ ٻڌي سانوڻ ننڊ مان جاڳي پيو. سندس نگاهه وڃي  چورن تي پئي جيڪي وٺي ڀڳا.

سانوڻ ”چور، چور“ ڪري رڙيون ڪرڻ لڳو. سندس رڙين تي اسين سڀ ڳوٺاڻا جاڳي پياسين ۽ چورن کي جهلڻ لاءِ سندن پٺيان ڀڳاسين.  اسان جي ويجهو وڃڻ تي هُنن بندوقن جا فائر ڪيا. اسان بندوقن جا ٺڪاءُ ٻڌي. ڊڄي بيهي  رهياسين. چور فائر ۽ هنياءُ ڏاريندڙ هڪلون ڪندا وڃڻ لڳا.

هوڏانهن زينب کي گهوٻاٽو پيٽ ۾ لڳو هو. ڌڪ لڳڻ  سان سندس ٻار پيٽ ۾ مري پيو. بروقت  علاج نه ٿيڻ ڪري ٻار سندس پيٽ مان ٻاهر نڪري ڪونه سگهيو، جنهن ڪري زنيب به مري پئي. زال جي موت کانپوءِ سانوڻ پنهنجو دماغي توازن وڃائي ويٺو.

هو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڳوٺ ڇڏي هليو ويو. وري پنجن سالن کانپوءِ، مون کيس انهيءَ حالت ۾ ڏٺو هو.

زينت سحر                                 مني ڪهاڻي

 

آفيسر

جڏهن کان نئين صاحب جي بدلي ٿي آهي ۽ هن جي جاءِ تي نئون صاحب آيو آهي، تڏهن کان آفيس جو ماحول سناٽي جهڙو ٿي ويو آهي.

نئون صاحب ڏاڍو سخت آهي، ٿورو ئي گوڙ ٿيو مس ته ٺا..... ميمو اِشو (Memo- issue).... ٿوري ئي دير مس ٿي ته بس وٺ چارج شيٽ! پر اوچتو هڪ ڏينهن صاحب ٽي ڀيرا گهنٽي وڄائي پر ڪو به پٽيوالو اندر نه ويو تڏهن صاحب خود ٻاهر آيو.

صاحب کي ڏسندي اڪائوٽنٽ  پڇيو، ڇا ماجرا آهي سائين؟“

صاحب ناراض موڊ ۾ هو، ”ٽي ڀيرا گهنٽي وڄائي آهي. هي پٽيوالي جو ٻچو ڪيڏانهن ويو؟“

مونکي خبر نه آهي سائين.“

اڪائونٽنٽ جواب ڏنو.

صاحب  اڪائونٽنٽ تي اچي مٽيو  ۽ ڪاوڙجي واڪا  ڪري چوڻ لڳو، ”هن آفيس ۾ ڇا ڇا ٿي  رهيو آهي  توکي ڪائي خبر ڪونهي. ڪير ڪنهن  مهل ٿو اچي ڪير ڪنهن مهل ٿو وڃي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com