سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري، مارچ 1992ع

مضمون --

صفحو :5

اڃان اهو سوچيو پئي ته استاد واڱڻ جي واس کي محسوس ڪري ورتو، هن جون اکيون کلي ويون، ڀر ۾ پيل واڱڻ  کي ڏسي، هڪئي جهٽڪي سان کڻي اهڙو ته زور سان ٻاهر اڇلايائين، جو سامهون  چاچو  غلام رسول اوطاق ڏانهن پئي آيو. تنهن کي اهو واڱڻ   اچي نرڙ ۾ لڳو. چاچي جو مٿو چڪر کائي ويو. استاد کي ڏٺائين، جيڪو ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي چڪو هو ۽ هو پنهنجي غلطيءَ تي شرمسار به هو.

کٽ تان  اٿي غلام رسول جي ڀرسان آيو ۽ چوڻ لڳو.

”غلام رسول!  هيءَ شرات ڪنهن ڪئي...؟ ڏائڻ مئو، منهنجي سيرانديءَ کان رکي هليا ويا. آءٌ ڪونه ڇڏيندس رڳو هڪ دفعو ملي وڃي!!“

چاچي کان به کل نڪري وئي... استاد ويتر باهه ٿي ويو. ڪاوڙ مان پنهنجا اوزار کڻي هليو ويو. وري اسانجي اوطاق ۾ ڪڏهن نه آيو. انهيءَ واقعي کي ياد   ڪندي آءٌ ٿڌو ٿي ويس. دوستن کان معافي وٺڻ جي لاءِ اٿيس ۽ انهن جي ڪمري ڏانهن هليو ويس. سڀني کان معافي ورتم، جن کي ٿورو اڳ مون ڳالهايو هو، پر... سڀني صلاح ڪري هڪ شرط تي مون کي معافي ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا.

”تون! ڏاڙهي رکاءِ.... اسين ڏسڻ گهرون ٿا ته اها هاڻ ڪيئن ٿي ڦُٽي!؟ ائين ڪندي چوڪيدار ميرل آيو. تنهن مون کي اچي چيو.

”سائين! توهان جي گهر کان ٽيليفون آئي آهي.“

منهنجي پٺيان سڀئي گڏ آيا. مان ڏاڙهيءَ  تي هٿ ڦيرائيندو ٽيليفون جو رسيور کنيو.

”هيلو .... ڪير....؟“

”مان نوري پئي ڳالهايان....؟“

”چئو .... ڪهڙو ڪم آهي جو صبح جو سوير فون ڪيئي؟“

”توکي ٻه هفتا گذري ويا آهن، آيو نه آهين.“

تنهنجو مطالبو جڏهن پورو ٿيندو، تڏهن ايندس....!!

”چڱو.... چڱو... هينئر گهر اچ.... ڏاڙهي واري مطالبي کان مون هٿ  کنيو... رڳو گهر اچ...!!

ٽيليفون بند ٿي وئي. رسيور رکي دوستن ڏانهن ڏٺو.

”اڪبر! ڇا ٿيو...؟“

”يار! ڪرفيو واري پابندي لهي وئي. ساٿياڻي پنهنجي مطالبي تان هٿ کنيو ۽ ..... حڪم ڪيو اٿائين هينئر جو هينئر گهر پهچ....؟“

سٺو انهيءَ ۾ اٿئي تون گهر هليو وڃ.... اسان به هٿ کنيو باقي اڳتي کٽن ئي ڀاڳ.

الماس

پرجهيئه تنهن کانپوءِ...!

ميڪ- اپ  کي آخري ٽچ ڏيندي هن گهڙيال ڏانهن نظر ڊوڙائي ته هٿ ڏڪي  ويس. ”اڄ ته سطوت پڪ ئي پڪ ناراض ٿيندي!“ هن هوريان ڀڻڪيو. هن چپن تي احتياط سان لپ  گلوز لڳايو ۽ ڪنن  جي پاپڙين وٽ ڳچي تي ڪوبرا اسپري ڪري، هڪ تنقيدي نظر آئيني ۾ نظر ايندڙ ڪيوٽ سراپي تي وڌي، بي اختيار چپن کي ڌيمائي سان ڪوئي، آرسيءَ ڏانهن Flyig Kiss اڇلايائين ”شانو ڊرائيور کي چئه ته گاڏي ڪڍي.“ هن دروازي ڏانهن منهن ڪري رڙ ڪئي ۽ جلدي جلدي ميچنگ شوز پائي ٻاهر نڪتي، جت ڊرائيور سندس لاءِ در کوليو بيٺو هئو.

”اڃا به نه اچين ها!“

سطوت کيس ڏسڻ شرط پريان کان ئي دانهن ڪئي. Happy Birthday. هن کيس پريزنٽ ڏيندي وش ڪئي ته هن ڪاوڙ ڀلائي کيس گلي لڳايو، سطوت جي ڪمري ۾ گهڙڻ سان کيس ائين لڳو. ڄڻ آوازن جي نيا گرافال جي ڀرسان اچي وئي هجي. فل آواز ۾ ڊيڪ وڄي رهيو هو ۽ ان ۾ ڇوڪرين جا بي فڪر ٽهڪ به رکي رکي پئي گونجيا. کيس ڏسندي سڀ خاموش ٿي ويون. ”اڙي، هي وقت آ تنهنجي اچڻ جو؟“  سڀني گڏجي هن تي هلان ڪئي.“  Sorry dear پر، ڏسو نه، انسان کي ڪا مجبوري به ته ٿي سگهي ٿي!“

”هل – هل“ وڏي آئي مجبورين جي ماسي. ائين ڇو نٿي چئين ته توکي ننڊ اچي وئي هئي.“ چوري پڪڙجڻ تي هوءَ ٽوٿ – پيسٽ جو اشتهار بڻجي وئي. سطوت کيس ٽيبل تي وٺي آئي، جتان ڪيڪ جو ٽڪر ۽ بين رول کڻي هوءَ واپس صوفا تي اچي ويٺي. سطوت هن لاءِ ۽ پاڻ لاءِ سيون اپ کڻي آئي. عائشه وري ڊيڪ کي واليوم ڏنو ۽ سطوت جو ننڍڙو ڀائٽيو ڊانس ڪرڻ لڳو ۽ عائشه به ويٺي ويٺي ايڪشن هڻڻ لڳي.

جيئن ئي هن پليٽ سائيڊ ٽيبل تي رکي، ته نبيله اچي سندس پاسو ورتو. ”هاڻي لهه ميدان تي.“ هن کيس ٻانهن کان ڇڪيو.

”نه اڄ نه“ هن پنهنجي ٻانهن ڇڏائيندي عذر ڪيو.

”ڇو ڇو! صبا جي گهر ون – ڊش ۾ ته سڀني  کي ماري وئي هئينءَ باقي منهنجي مهل، اڄ نه!!“ سطوت کي ڪاوڙ اچي وئي.

هوڏانهن ڊيڪ تي انڊين گاني جي ابتدائي ٽيون گونجڻ لڳي. ”هاڻي اٿ به کڻي. نخرا ڇڏ، مونکي توکان بدلو وٺڻو آ.“ نبيله وري کيس ٻانهن کان ڇڪيو.

”پليز، توهان سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو. منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي.“

”ڇو، ڇا ٿيو آ! سائين جن کي ڪهڙو مرض لڳو!؟“

”بس، آهي ڪو بين الاقوامي مرض“ هن مرڪندي، اطمينان سان صوفي تي ٽيڪ ڏيندي چيو.

”اوهه!!“ نبيله  مايوسي وچان هن جي ٻانهن مان هٿ ڪڍيو.

”ڏس بهانو ته نه پئي ڪرين؟“ سطوت بي يقيني مان پڇيس.

”جيئن چئين تيئن يقين ڏياريانءِ . جي چئين ته...!“

”هاڻي ٺهيو- مان ته ائين ئي پئي چوان.“ سطوت شڪي ٿيندي چيو ۽ هوءَ دل ئي دل ۾ ٽهڪ ڏيڻ لڳي. موڊ جي خلاف هوءَ ڪوبه ڪم نه ڪندي هئي ۽ اڄ  به سندس موڊ نه هيو.

ڪمري جي مرڪزي  لائٽ آف ڪئي وئي. زيرو بلبن جي مڌم ۽ خوابناڪ روشنيءَ ۾ نبيله جي تکي ڳارهي پشواز تي ٽاڪيل ستارا ۽ ٽڪون جرڪي رهيا هئا.

هوريان هوريان تاڙين جي ردم تي، هن اسٽيپس کنيا. ڊيڪ جي فل واليوم سام هم آهنگ تاڙين جي گونج ماحول کي هڪدم نهايت Exciting بڻائي ڇڏيو هو. نبيله جي پينسل هيل ڄڻ ته ڪنهن آئس شيٽ تي ترڪي رهي هئي. سندس ڊانس جو اسٽائل اڄ مڪمل سيڪئنس ۾ هئو.

”مون سان مقابلي جي ضد ۾ لڳي ٿو، ڏاڍي محنت ڪئي اٿئي.“ هن بي اختيار سندس ساراهه ڪئي ۽ سطوت به هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

”ڇو ڀلا، بينا نه ٿي ڏسجي؟“ هن اوچتو ڇوڪرين تي نظر وجهندي پڇيو.

”توکي خبر ناهي؟“

”ڪهڙي خبر؟“

”اڙي، هوءَ ڪراچي شاپنگ لاءِ ويل آ، ايندڙ هفتي سندس مڱڻو آ.“

”ڇا!“ ڪونج جي رڙ ڊيڪ جي آواز ۾ دٻجي وئي.

”تون آهين ڪهڙي دنيا ۾؟“ سطوت طنز ڪيس.

”ڀلا، آهن ڪير؟ پنهنجي خاندان ۾ ته کيس ڪو پسند ڪونه هو.“

”خبر ناهي. پر ڪانه ڪا خاص ڳالهه آهي ضرور. بينا مونکي چيو هو، توهان سڀني لاءِ هڪ شاندار سرپرائيز آهي. مون گهڻيون ئي هيٺاهيون مٿاهيون ڏنيونمانس، پر هوءَ به پورن  ڏينهن جي آهي، مجال آ جو ڪا ٻڙڪ به ڪڍي هجيس.“

”اڇا... چئبو ته ڪا وڏي آسامي  آهي.“

”لڳي ته ائين ئي ٿو. پر ڳالهه صرف ايتري ناهي. ان سسپينس جو ڪو ٻيو به ڪارڻ آهي.“

”خير، اها خبر پئجي ويندي.“ پوءِ هو ان ماحول کي انجواءِ ڪرڻ لڳيون. ٺيڪ هڪ هفتي کانپوءِ سڀ بينا جي گهر جمع ٿيون هيون. دعوت ۾ رڳو بينا جا ويجها مٽ مائٽ ۽ سهياليون شامل هئا هنن کيس گهڻائي وجهه وڌا، پر هوءَ به هڪ نٺر هئي. مجال آ، جو ڪجهه ٻڌائي. بس شرارت وچان مرڪندي رهي ۽ هو جڪ کائينديون رهجي ويون.

هو سڀ بينا جي ڪمري ۾ ڌمال وجهيون ويٺيون هيون. ڪونج ڪجهه گهڙين لاءِ ٽيرس ۾ اچي بيٺي. تازي هوا ۾ هن پاڻ کي انتهائي فريش ٿيندي محسوس ڪيو. تڏهن هن چئن پنجن ڪارن جو مختصر جلوس گيٽ کان اندر داخل ٿيندي ڏٺو. کيس  خوشي ٿي ته گهڻا ماڻهو نه آهن. گاڏين جا در کلڻ ۽ بند ٿيڻ لڳا. هوءَ مٿان بيٺي بيٺي اندر ويندڙ ماڻهو ڳڻڻ لڳي. سورهن عورتون، ٽي ٻار ۽ نَوَ مرد. هوءَ آڱرين تي ڳڻي رهي هئي، ڄڻ ته تسبيح پڙهندي هجي. ”شڪر آ، هڪ ئي ڦيري ۾ ماڻهو پورا ٿي ويا!“  هن آخري ڪار مان نڪرندڙ آخري ۽ اٺاويهين ماڻهو کي آڱوٺي جي پاڙ تي رجسٽر ڪندي سوچيو. اوچتو ان هينڊسم شخص مٿي نهاريو. سندس مک تي سجيل مرڪ گواهه هئي، ته هو شروع کان سندس ٻاراڻي حرڪت واچ ڪري رهيو هو.

”اوهه منهنجا خدا !“ هوءَ پهرين ته گهٻرائجي  وئي، پر اڳئين لمحي سندس ياداشت  کيس حيرتن جي چوٽين تي رسائي ڇڏيو.

”هي ته! هي ته ساڳيو  ئي ڇوڪرو آ ، ته ڇا گهوٽ به؟“ هوءَ هڪدم پوئين پير ڪمري ۾ آئي ۽ در کولي ڪور يڊور ۾ نڪري ائي. هيٺ، ڊرائينگ  روم ۾ بينا جا مٽ مائٽ مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪري رهيا هئا. هوءَ ٻنهي هٿن سان ڏاڪڻ جي ريلنگ جهلي،ٿورو جهڪي هيٺ ڏسي رهي هئي. جيئن ئي بينا  جي امي گهوٽ ماءُ کي هار پارائي هٽي، ته کيس انڪل سان پيرين پئي ملندڙ گهوٽ نظر اچي ويو.

اڙي!! هي ته ساڳيا ”المنظر وارا ڇوڪرا آهن.“ پر شوق آوازن تي ڪونج پوئتي مڙي ڏٺو. سڀ ڇوڪريون سندس ڀرسان اچي بيٺيون هيون ۽ اهو حيران ڀريو جملو نبيله ، سطوت ۽ عائشه جي واتان هڪ ئي مهل نڪتو هو. پوءِ هو هڪ ٻئي مٿان ڪرنديون اندر ڀڳيون . ”ذليل، ڪتي، ڪيڏي نه گهڻي آهين.“ هو سڀ بينا کي ورائي ويون ۽ هوءَ ويچاري هنن جي ڪتڪتائي کان بي حال ٿي پئي. ”سچي اڳ ۾ ته مون کي به خبر نه ئي، پر جڏهن مان تصوير ڏٺي ته سوچيم، توهان کي سرپرائز ڏيان.“ هو کلندي، وضاحتون ڪندي ڏاڍي پياري پئي لڳي.

ڪنوار کي سينگاري هو سڀ کيس هيٺ وٺي آيون. مڱڻي  جي رسم شروع ٿيڻ سان ڪيمرائن  به روشنيون اڇلڻ شروع ڪري ڏنيون. گهوٽ  ته خاموشيءَ سان ڪنڌ جهڪايون ويٺو هو. پر سندس دوست مسلسل شرات وچان هنن ڏانهن ڏسي رهيا هئا. خاص ڪري آفوائٽ شلوار قميص ۽ ڳچي ۾ اجرڪ پيل ”اٺاويهين“ همراهه جي نهار ڪونج کي پزل ڪرڻ لڳي.

جيئن ئي ماني جو دؤر شروع ٿيو، ته هنن جي به جند ڇٽي۽ هو بينا کي وٺي مٿي ڪمري ۾ هليون آيون. هو ڪافي دير تائين ان معاملي تي ڪچهري ڪنديون هيون ۽ پوءِ پنهنجن گهرن ڏانهن روانيون ٿيون.

رات  جو ڏيڍ وڳي جڏهن ڪونج بستري ۾ گهڙي ته سندس ذهن بينا جي مڱڻي واريون ڳالهيون دهرائيندي هڪدم ڇهه مهينا پٺيان  هليو ويو.

ان ڏينهن جهڙالي موسم هئي. هنن سڀني اچي بينا کي ورايو ته کيس ڊرائيونگ لائسنس ملڻ جي موقعي تي سڀني کي ٽريٽ ڏي. تڏهن بينا هنن کي ”المنظر“ تي وٺي آئي هئي. ڄام شوري جي پل تان گذرندي، بوندا باندي شروع ٿي وئي. کليل دروازن هيٺان گڙگاٽ ڪندڙ پاڻي، مٿان وري مينهن جي سنهڙي ورکا ماحول کي پوڄڻ  جي حد تائين سندر بڻائي ڇڏيو هو. هنن به خوب مزو ورتو. سينڊل هٿن ۾ کڻي  هو ڪافي دير لان جي ڀنل ڇٻر تي گهميون هيون. ماحول کان بنهه بي نياز ٿي ڏاڪڻين تي به لهي آيون. آلين ڏاڪڻين تي بيهي هڪ ٽڪ پاڻي جي طوفاني وهڪرن ڏانهن نهاريندي هو ڄڻ  ته ڪنهن منڊ ۾ منڊ جي ويون هيون. ڪونج جي دل بي اختيار جهڳ اڏائيندڙ پاڻي ۾ سمائجن لاءِ اڇلون ڏيڻ لڳي. تڏهن اوچتو، هو ڪنهن سڏ تي ان سحر مان نڪري آيون. مٿي بندن تان ڪو مقامي ماڻهو کين واپس موٽڻ لاءِ چئي رهيو هو ۽ پوءِ  هو تمام احتياط سان مٿي چڙهڻ لڳيون. هنن ان ڏينهن روايت کي ٽوڙيندي، پلي جي بجاءِ، بروسٽ چڪن کاڌو هو.

ان وقت هو المنظر جي ريلنگ کي ٽيڪ ڏيو ڪولڊ ڊرنڪ پي رهيون هيون. ڳالهيون ڪندي اوچتو بينا آهستي سان چيو، ”هي ڇوڪرا جيڪي هيٺ بيٺا آهن،. مان نوٽ ڪيو آ ته پوئين اڌ ڪلاڪ کان وٺي، اسانکي واچ ڪري رهيا آهن.“

هنن ائين پئي پاڻ ۾ ڳالهائيندي واري واري سان، ماحول جو جائزو وٺڻ جي بهاني انهن کي ڏٺو. هو چار ڄڻا هئا ۽ هوريان هوريان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا ويجهو پئي آيا. پنهنجي اسٽائل مان وڏ گهراڻا پئي لڳا.

”خبر ناهي حيدرآباد مان آيا آهن يا ڄامشوري مان؟“  ڪونج جي ڀڻ ڀڻ تي بينا جا ڪن کڙا ٿي ويا.

”وڃي پڇي اچان .“ هن شرات مان چيو.

”نه نه ڪا ضرورت ناهي، خوامخواهه ڳچي ۾ پئجي ويندا.“ ڪونج  ڊڄي وئي.

”بس اتي اچي تون ڏاڍي ڪنزر ويٽو ٿي ويندي آهين.“

نبيله ڪونج کي اکيون ڏيکاريون.

”اچو ته توهان کي مزو ڏيکاريان.“ بينا جون اکيون شرات وچان هيرن جيان چمڪي رهيون هيون ۽ ان کان اڳ جو هو سندس ڳالهه سمجهن، هن ڪوڪ جي منهن تي تري ڏئي، بوتل کي زوردار جهٽڪو ڏئي هٿ هٽائي ڇڏيو. ڪوڪ اڀامي وهڻ لڳي ۽ ان جا ڇنڊا ڇوڪرن  تي ڪريا جيڪي ان مهل بلڪل هيٺان هئا. هنن گهٻرائجي مٿي ڏٺو ۽ بينا جي وڌيل هٿ ۾ بوتل ڏسي تپي ويا.

Miss Behave Your Self هڪ ڇوڪري اکيون ڦوٽاڙي دڙڪو ڏنو. پر هو پٺي ڏئي کلڻ لڳيون.

Sorry دراصل اسان کي خبر نه هئي، ته توهان هيٺان آهيو.“ ڪونج کي واقعي بينا جي حرڪت تي افسوس ٿي ٿيو. سطوت هڪدم کيس ٻانهن کان ڇڪي هٽايو ۽ پاڻ سامهون ٿي بيٺي. ”ها- ڇاهي،“ سطوت هيٺ ڏسندي انتهائي  بي ڍنگي ۽ ڄٽڪي لهجي ۾ ڌونس رکين ته هو اڻ لکو مرڪي پيا. هڪدم سنجيده ٿي جهيڙو ڪرڻ لڳا. سندن کٽ- پٽ ڪافي دير تائين هلي پر بينا به  هڪ نٺر هئي. هن کي معافي نه وٺڻي هئي سو نه ورتائين.

”مس، ياد رکجو هيءَ شرٽ مان توهان کان ئي ڌورائيندس.“

فيرزوي شرٽ وارو ڇوڪرو (جيڪو وڌيڪ متاثر ٿيو هو) پنهنجي شرٽ کي ڪلهي وٽان چپٽي ۾ جهليندي، بينا جي اکين ۾ نهاريندي هڪ عزم سان چيو.

”هنهه“! بينا جي انداز هنن جو اندر به ساڙي ڇڏيو.

هو شهزادين جيان بي نيازي سان گاڏي ۾ ويٺيون ۽ واپس موٽي آيون ۽ ڳالهين ۾ کين احساس ئي نه ٿيو ته سندن پيڇو  ٿي رهيو آ.

۽ اڄ اهوئي فيزوري شرٽ وارو، جنهن جو نالو مسعود هو، بينا جا سمورا حق پنهنجي نانءِ ڪرائي ويو هو.

۽ هاڻي هو سڀ ڪجهه ڀلائي  شادي  جي تيارين ۾ رڌل هيون.

”بينا، ڪٿي هو بدلو ته نه ٿو وٺي.“ ڪونج ڪنهن لڪل خوف جي ڪري کانئس اڪثر ڀڇي ويهندي هئي.

”اڙي،  تون ته صفا ڪا چري آهين. اها به ڪا ڊڄڻ جي ڳالهه آ. اهو ته هڪ عام مذاق هئو. جنهن ۾ هو به برابر جا شريڪ هئا. هونئن به تون سوچ، اگر هو بدلو وٺڻ چاهي ها، ته عام ڇوڪرن جيان ڪريل حرڪتون ڪري ها. هينئن گهر جي راڻي ۽ دل جي مالڪ نه بڻائي ها. مان هن سان کوڙ ڀيرا ملي آهيان.  اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي. هو مون کي واقعي چاهڻ لڳو آ، هن جي لهجي ۾ يقين هو.

”خدا توکي بي پناهه پيار ۽ سک نصيب ڪري.“ ڪونج خلوص دل مان کيس وِش ڪئي.

شاديءَ کانپوءِ بينا واقعي ڏاڍي خوش هئي. مسعود کيس دنيا جي هر سک سان گڏ پيار جو سک به ڏنو هئو. هو اڪثر گڏجي بينا جي شاندار بنگلي تي وينديون هيون. جتي ڪڏهن ڪڏهن مسعود جي ٻين ٽن دوستن محسن، علي ۽ زوار سان هيلو  هاءِ ٿي ويندي هين.

ٻار جي پيدائش بعد بينا جي مصروفيتن  ۾ اضافو ٿيڻ ڪري هنن جي ملاقاتن  ۾ ڪافي وقفا پوڻ لڳا.

هي به گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ بعد ڪجهه ڪرڻ جي شوق ۾ مٿو  جوڙي ويٺيون ۽ نيٺ ڪُڻو هڪ مشترڪه بيوٽي پارلر ۽ بوتيڪ کولڻ جي حق ۾ نڪتو ۽ هو بيوٽيشن   جا  مختلف ڪورس ڪرڻ لڳيون.

ان ڏينهن سنجها ويل هوءَ گهر موٽي ڪمري ۾ گهڙندي ئي پرس صوفاتي اڇلائي، جوتن سميت بيڊ تي ڪري پئي. ڪجهه گهڙيون جسم کي آرام ڏيڻ بعد پلنگ جي پٽي ۾ کڙيون ڦاسائي هن  ستي ستي، سنيڊل لاهي ڦٽي ڪيا. واچ سائيڊ  ٽيبل تي رکندي سندس نظر ابتي پيل تصوير/ ڪارڊ  تي پئي. هن کڻي هڪ اڇاتري نظر وڌي، پر هڪدم ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي. هڪدم سندس تصوير ۾ بينا جي مڱڻي ڀيري آف وائٽ سوٽ پهريل محسن جو ڪنڌ کڻي مرڪندڙ اکين سان نهارڻ ياد اچي ويو. پريزيڊنسي جي پس منظر ۾ نڪتل  ان تصوير ۾ محسن انتهائي موهيندڙ پئي لڳو. هوءَ ڪجهه گهڙين لاءِ ماحول کي فراموش ڪري ويٺي.

”ڀئي، نظر هئڻ جي ارادي کي ڪجهه مهينن لاءِ سنڀالي رک.“

پرهه جي شرارتي لهجي تي هوءَ پشيمان ٿيڻ لڳي. هن کي سندس آمد جو احساس ئي نه ٿيو. پنهنجي  ايڏي محويت تي هن کي ڦڪائي ٿيڻ لڳي، پر ننڍي ڀيڻ آڏو هن پاڻ سنڀالي ورتو.

”ڀلا هيءَ تصوير هتي ڪهڙي خوشي  ۾ رکي وئي آ؟“

”اها اتي توهانجو رايو وٺڻ لاءِ رکي وئي آ، ته توهان سڄي عمر موصوف سان گذارڻ لاءِ تيار آهيو يا نه.“ پرهه ساڳي انداز ۾ ٻڌايس.

”ته ڇا؟؟“ کيس پنهنجي دل ۾ خوشين جا گلاب ٽڙندي محسوس ٿيڻ لڳا.

”ها ادي، انڪل ۽ آنٽي باقاعده پرپوزل ڏنو آ. هنن توهان کي شايد بينا آپي جي شادي ۾ ڏٺو هيو.“ پرهه سنجيدگي  سان  ٻڌايس.

کيس پرهه جي اڻ ڄاڻائي تي پيار اچي ويو.

”نه نه، هالي نه، ٻه- ٽي ڏينهن ترس“ هن جي مرڪ گهري ٿي وئي.

”جيڪا توهان جي مرضي.“ هوءَ ٻاهر نڪري وئي ته هيءَ وري  تصوير ڏسي  سوچن ۾ گم ٿي وئي.

ٻئي ڏينهن پارلر کان واپسي تي، مشورو وٺڻ جي نيت سان بينا جي گهر وئي. پر اتي پهچي سندس پيرن هيٺان  زمين نڪري وئي.  بينا جا هر وقت پاڻ کي سنواري  رکڻ ۾ مشهور هئي، سا پنهنجو پاڻ کان ائين لاپرواهه  ٿي سگهي ٿي اهو ڪنهن جي به گمان ۾ نه هيو. سندس وکريل وارن جي ڪٽنگ ڏسي پئي ته ڪافي وقت کان هن وار سيٽ ناهن ڪرايا.

هوءَ چانهه ۾ چمچو ڦيرائيندڙ بينا جي آڱرين کي غور سان ڏسي رهي هئي.

”بينا، اڄ ڪلهه ٽرنڪولائزر پئي وٺين نه.“ ڪونج سندس هٿن جي لرزش ۽ کين هيٺان ڪارا داغ ڏسندي ڏک وچان پڇيس.

”اڄڪلهه دراصل ننڊ نه ايندي آ، سو مڙئي ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڌ........“!

هن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. ڄڻ ته اڳتي ڳالهائڻ وسري ويو هجيس.

”ڇو مٺي، پنهنجي سرتي تي اعتبار نه اٿئي؟ سچي ٻڌاءِ ايڏي ڊپريس ڇو آهين. ادا مسعود سان ته جهڳڙو نه ٿي پيو آ؟“

ڪونج کيس ڀاڪر پائي چيو ته هوءَ ڀُري پئي. سندس اندر جو اوٻر  اکين مان اٿلي پيو.

”ڪونج، مان ايڏوعذاب  نٿي سهي سگهان. هن جي اندر ۾ لڪل شڪي مرد مونکي ماري وڌو آ. شروع شروع ۾ ته بلڪل نارمل لڳندو هو. پر هاڻي سندس ذهنيت کلڻ لڳي آ. اگر ڪنهن فنڪشن ۾ ڪنهن مرد سان کلي ڳالهائيندم ته گهر اچي سوين سوال ڪندو. جي ان مصيبت کان بچڻ لاءِ ڪنهن سان نٿي ملان ته به سوسائٽي بيڪ- ورڊ  سڏائجڻ جي خوف کان ائين به نٿو ڪرڻ ڏي.“

”پوءِ تون ڇڏي ڇو نٿي ڏينس. ايئن پاڻ کي برباد ڪرڻ مان ڇا حاصل؟“

”منهنجي محبت منهنجي پيرن جي زنجير بڻيل آ. مان کيس ڪيئن ڇڏيان! هو به ته پنهنجي روش تي پڇتائيندو آ، معافيون گهرندو آ. پر وري عادت کان مجبور ٿي ڪجهه نه ڪجهه چئي ڏيندو آ.“

هوءَ وري سڏڪي پئي. ڪونج کيس ٿڌي پاڻي جو گلاس ڀري ڏنو. جيڪو پيئڻ بعد هوءَ ڪجهه ريليڪس ٿي.

”خبر اٿئي ڪونج، شادي کان اڳ وارين مستين ۽ مذاقن جي ڪري عورت پنهنجو اعتبار وڃائي ويهندي آ. جڏهن ته ساڳي حرڪت مرد لاءِ زنده دلي ۽ بي داري  جو تمغو هوندي آهي.“

بينا جون نظرون ڪنهن نظر نه ايندڙ شيءَ تي کتل هيون. هوءَ  خاموشي سان گهر موٽي آئي.

هن جي فيصلي سڀن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. محسن سڀن کي ڏاڍو پسند آيو هو. کيس وڏن سمجهايو پر هن ”ها“ نه ڪئي.

محسن پاڻ هن سان ڳالهائڻ چاهيو، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪافي عرصو گهر وارا هن کان ناراض رهيا، پر آهستي آهستي  زندگي پنهنجي معمول تي اچي وئي، پوءِ هوءَ بيوٽيشن جا وڌيڪ ڪورس ڪرڻ لاءِ سنگارپور هلي وئي. سنگاپور وڃڻ سندن خواب هيو. کيس پنهنجي ميدان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو جنون هيو. ٻن سالن جي اندر هنن ٽنهين پنهنجي ڪاروبار جو مضبوط بنياد رکي ڇڏيو. جلد ئي سندن ذاتي پارلر ۽ بوتيڪ  معيار ۽ انفراديت جي علامت بنجي چڪو هو ۽ اها انفراديت هنن ٽنهي سهيلين جي مشترڪه ڪاروبار جي نالي ۾ به هئي. عورتن لاءِ، بورڊ تي جڳمڳ ڪندڙ اکرن ۾ لکيل ”سطڪوشب، بيوٽي پالر اينڊ بوتيڪ“ نالي ۾ به بي پناهه اٽريڪشن هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com