*ڪهاڻي لقمان مسافر
اُڏاڻا احساس
جمڙائو ڪئنال جي آر- ڊي نمبر 29 تي جيپ وڃي بيهي رهي، ڀوري خان
۽ ڪالي خان پهريائين هيٺ لهي هيڏانهن هوڏانهن جو
جائزو ورتو ۽ پوءِ اطمينان سان جيپ جي ٺاٺي ۾ پيل
ٻڌل ڪونج کي کولي سندس وارن ۾ هٿ وجهي هيٺ لاهڻ
لاءِ گهليائون. هاڻي ڪونج کي پڪ ٿي ويئي ته سندس
موت تمام ويجهو آهي، اهڙي پڪ جهڙي موت جي سزا
ٻڌايل قيدي کي ڦاسي گهاٽ تي پهچڻ کانپوءِ، منهن تي
ڪارو ڪپڙو ڏيئي سندس ڳچي ۾ رسو پوڻ سان ٿي ويندي
آهي. هن ڪهڙا ڪهڙا واسطا وڌا، ليلايو، ٻاڏايو، لڇي
ڦٿڪي پر سڀ ڪجهه فضول ۽ سڀ ڪجهه اجايو. ائين جيئن
پاڻي کان ٻاهر تتل واري تي ڦٿڪندڙ مڇيءَ لاءِ سڀ
ڪجهه اجايو. ڪونج جون عاجزيون پٿر کي پاڻي ڪري نه
سگهيون ۽ اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي ۾ تبديل ڪرڻ کان قاصر
ويون.
ڪونج جيپ جي ٺاٺي کان ٻاهر لٿي،ڀوري خان کيس يڪدم ٻک وجهي دسيو
۽ ڪالي خان هڪ زور دار سٽ ڏيئي سندس ڳاٽو ڀڳو ۽
پوءِ ٿوري دير لاءِ کيس رونشي خاطر ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ
پري ٿي ويهي سگريٽن جا ڪش هڻڻ لڳا.
”ڪتي ڪنهن جاءِ جي پنهنجو انجام پنهنجي اکين سان ڀلي ڏسي.“ ڀوري
خان چيو: ”خيري خان سان شادي نه ڪيائين، هاڻي کائي
کٽيو، رنڊي ڪنهن جاءِ.“
ڪونج مسلسل ڦٿڪندي رهي، ڀوري خان ۽ ڪالي خان جي دل مسلسل ٺرندي
رهي ۽ ٻئي ڄڻا سگريٽ جي مٿان سگريٽ ڇڪيندا رهيا.
تقريباً اڌ ڪلاڪ جي وقفي کانپوءِ ٻئي ڄڻا اٿيا ۽
ڪونج جي زبان ڪپي ڦٽي ڪيائون.
”هاڻ وٺ پنهنجي زبان جنهن سان تو انڪار ڪيو هو، هاڻ ڪير آهي
تنهنجي ڳالهه ٻڌڻ وارو ۽ ڪٿي آهي تنهنجو ڪفن.“
هاڻي ڪالي خان ڳالهائڻ لڳو: ”ماءُ جي دادلي، ڪٿي
خيري خان جي عزت ۽ ڪٿي تنهنجو انڪار، توکي لڄ نه
آئي هاڻ وٺ جنهن جي توکي لوڙ هئي ۽ ڏس پنهنجو
انجام جنهن جي توکي سڪ هئي.“ هاڻي تيز ڌار واري
ڪهاڙي شپڪو ڪيو ۽ ڪونج جي ڳچي بدن مان ائين هلي
ويئي جيئن پڪل گجر مان ڇري.
۽ پوءِ ٻنهي ڄڻن ٿڌا ساهه کنيا پاڻ تان بار لٿل محسوس ڪيائون ۽
پنهنجو فرض ادا ڪيل سمجهائون ۽ گهڙي کن لاءِ وري
ويهي رهيا ۽ ٻه ٽي سگريٽ ٻيا ساڙي، وري پنهنجا ور
کڻي اٿيا ۽ ڪونج جا ڪپڙا لاهي انهن کي ليڙون ليڙون
ڪري واهه جي حوالي ڪندا ويا، هاڻي انهن جي آڏو فقط
ڪونج جو سنگ مر مر جهڙو سفيد ۽ اگهارو لاش گرم گرم
رکيل هو.
انسان ڪيڏو نه وحشي ٿيندو آهي ان جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن بک
ان جو دامن چاڪ ڪندي آهي. بک جا تمام گهڻا قسم
ٿيندا آهن، پر مجازي بک سڀني کان زياده خطرناڪ
ثابت ٿيندي آهي، انسان پنهنجي نياڻي، پنهنجي ڌيءَ
پنهنجي ڀيڻ ۽ ماءُ جي عزت نفس جي باري ۾ ڪيترو نه
شريف، غيرتمند ۽ اصولن جو پابند ٿيندو آهي، پر
اهوئي ساڳيو ماڻهو پرائي ڄائي ڪنهن جي نياڻي، ڪنهن
جي ڌيءَ يا ڪنهن جي نئين ميندي لڳل ڪنوار جي باري
۾ ايترو ڪم ظرف ۽ بي شرم ترين رواجن کي جنم الائي
ڇو ڏيندو آهي؟
ڪونج جيڪا پهريان رنڙ هئي هن پنهنجي ۽ پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي
سچي خوشيءَ سان پاڙي جي هڪ غريب ايماندار ۽ محنتي
نوجوان سانوڻ سان شادي ڪرڻ قبولي هئي، ليڪن خيري
خان کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هن ڪونج جي راهن ۾ روڙا
اٽڪائڻ شروع ڪيا.
خيرو خان پنهنجي تر جو ۽ راڄ جو چڱو مڙس هو، سندس گهر ۾ ٻه
زالون اڳئي ويٺيون هيس ۽ هاڻي هليو هيو ٽئين کي
پرڻجڻ، ليڪن ڪونج جيڪو انڪار ڪيو هو سو لوهه تي
ليڪو هو.
پوءِ ائين ئي ٿيو، ڪونج خيري خان سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو ۽ ڪونج جي مائٽن وڏيري جي خوف کان راتو رات
ڪونج جو نڪاح سانوڻ سان ڪري ڇڏيو. ڪونج ۽ سانوڻ جي
شادي ٿي وڃڻ جو ٻڌي خيري خان جا پير نڪري ويا هن
اها ڳالهه پنهنجي توهين سمجهي ۽ توهين جي بدلي وٺڻ
لاءِ هن گهاٽ گهڙيا ۽ هارايل جواري وانگر وري ٻي
راند کيڏيو. ڪونج جيڪا بيحد خوبصورت هئي ان جي هاڪ
هر هنڌ هئي، سو ان ڏانهن خيري خان هڪ ڌوتي موڪلڻ
شروع ڪئي، ڪيترن ڏينهن جي ڪوشش کانپوءِ ڪونج وڏيري
سان ملاقات لاءِ آمادگي ڏيکاري، ليڪن شرط اهو هو
جو وڏيرو رات جو سندس گهر ۾ ايندو.
جڏهن انسان پنهنجي سڃاڻپ جي آرسيءَ ۾ پنهنجو عڪس سڃاڻي نه سگهي،
جڏهن اعتبار ۽ ڀروسي جون سڀئي ديوارون ڇڻي پون،
جڏهن اخلاق، ادب ۽ ماڻهپي جي ڳالهين ڪرڻ وارن
ماڻهن تي ٽوڪون ڪيون وڃن جڏهن ٽيڙي، آڪڙ، هلڪڙائپ،
ڪم ظرفي، جهالت ۽ ناانصافي رستن تي رقص ڪرڻ لڳي،
ان کان مٿي انسان ذات جي ٻي ڪابه بدبختي ٿي نٿي
سگهي.
ڪونج، سانوڻ کي اڳيئي سموري حقيقت ٻڌائي چڪي هئي. عزت نفس هر
ڪنهن کي هڪجهڙي عزيز ٿيندي آهي. ڇا جيڪڏهن ڪو
ماڻهو خيري خان جي گهر ۾ داخل ٿي وڃي ۽ سندس اڱڻ
لتاڙي اچي ته ان جو ضمير اجازت ڏيندو؟ ۽ ان کي
پنهنجي غيرت ڪونه للڪاريندي؟ الائي ڇو انسان هڪ
گهڙي لاءِ ايترو انڌو ٿي ويندو آهي ۽ ان جي اندر
جو آئينو ان ويلي هيٺ ڪري پوندو آهي. پاڙا سڀني
انسانن جي گڏيل ميراث ٿيندا آهن، ان ۾ غريب ۽ امير
جو ڪوبه فرق نه هوندو آهي ۽ ان ۾ ڪوجهي ۽ سهڻي
لاءِ ڪنهن به امتيازي سلوڪ جي گنجائش باقي نه
رهندي آهي.
ڪونج وڏيري کي انجام ڏنو، سانوڻ گهر ۾ لڪي ويٺو، رات ٿي، وڏيرو
چورن وانگر آيو، ڪونج نڪتي، وڏيري کي هٿ ۾ هٿ
ڏنائين ان کي زور سان پڪڙيائين، وڏيرو ڪونج کي
ڀاڪر پائڻ وارو ئي هو ته پويان سانوڻ جو ڀاڪر
وڏيري کي پئجي ويو. سانوڻ چور چور ڪري رڙيون ڪيون،
ڳوٺ وارا ماڻهو پهتا، غلغلو ٿيو دسيل چور کي لتون،
مڪون، ٿڪون ۽ ٿڏا هنيائون، جيستائين خبر پوي هي
وڏيرو آهي. تيستائين خوب ان جي مهماني ٿي وئي.
ڪنهن ڪيئن چيو ڪنهن ڪيئن چيو، وڏيري مان هٿ نڪتا ۽
هو پنهنجا ڪپڙا مٽيءَ مان ڇنڊيندو گهر وڃي پهتو،
ليڪن هي بي عزتي سندس تصور کان ٻاهر هئي، هاڻي هو
وڌيڪ پنهنجي ڪوڙي انا ۽ انتقام جي باهه ۾ وڪوڙجي
ويو. هن ڪونج کان بي دردي سان انتقام وٺڻ چاهيو سو
ان لاءِ ڀوري خان ۽ ڪالي خان جي مدد حاصل ڪيائين ۽
هڪ جيپ ڀاڙي تي وٺي انهي تاڙ ۾ رهندو آيو ته ڪٿي
سانوڻ قسمت سانگي گهر نه موٽي ته هو ڪونج کي کڻائي
۽ ان کان انتقام وٺي ۽ پوءِ هڪ رات ائين ٿيو.
رات سانت هئي ۽ اونداهي جو واسو ساري جهان تي غالب هيو، ڪائنات
جي ڪنڊڪڙڇ سندر سپنن ۾ گم هئي، پکي وڻن جي لامن تي
لٽڪي آرام جون آخري پلڪون گهاري رهيا هيا ۽ ان ويل
هڪ عظيم ترين انساني جذبن سان معمور عورت کي
پنهنجي گرم گرم بستري تان ساهه ڪڍڻ لاءِ اوچتو ئي
اوچتو ٻن بگهڙن وات ٻڌي کنيو ۽ جيپ جمڙائون ڪئنال
جي ڪپ تي اتر طرف ڊوڙڻ لڳي ۽ آر – ڊي نمبر 92 تي
وڃي بيهي رهي ۽ انهيءَ واردات ۾ ڪم ايندڙ ٽنهي
جسمن، هڪ ڦٽڪندڙ ۽ ٻن ڦٿڪائيندڙ کي ڪائي ازل جي اک
گهوري رهي هئي، هينئر ڪونج جو سنگ مر مر جهڙو سفيد
۽ اگهاڙو لاش سندن آڏو گرم گرم رکيل هو.
ڀوري خان ۽ ڪالي خان سگريٽن جا وڏا وڏا ڪش هڻي وري اٿيا ۽ ڪونج
جي سون جهڙي لاش کي بکايل بگهڙن وانگر ڪهاڙين سان
ڏاڪولا ڪرڻ شروع ڪيائون، پاءُ ۽ اڌ اڌ پاءُ جون
ٻوٽيون هڏين سميت ڪئنال ۾ اڇلائيندا ويا، آخر ۾
واردات پوري ڪري جيپ کي سلف هڻي وڏيري جي اوطاق تي
پهچي گرم پاڻي سان وهنجي ۽ ڪپڙا مٽائي سمهي رهيا.
صبح جو سانوڻ پنهنجي گهر آيو، حقيقت کان واقف ٿيو ۽ ٿاڻي تي
ويو، وڏيري ڀوري خان، ڪالي خدا جا نالا لکرايائين،
پوليس چاڙهي، شڪي حالت ۾ ڪولهين ۽ ڀيلن کي گرفتار
ڪري چالان ڪيو ويو، ڪونج جي جانچ پوري ايمانداري
سان جاري آهي ۽ سانوڻ پوليس جي ايمانداري تي
اعتبار ڪري، اڃا تائين ڪونج جي انتظار ۾ پنهنجي
گهر ۾ ويٺو آهي. ڀوري خان ۽ ڪالي خان روز رات جو
وڏيري جي اوطاق تي وي سي آر ڏسي شراب پي آڌي جو
آرام ڪندا آهن.
* ڪهاڻي امام
راشدي
گونگي ڌرتي
نِماڻي ننڍي هوندي کان ئي ماءُ پيءُ جي پيار کان محروم هئي.
ماءُ کيس ڄڻي مري وئي. سندس پيءُ هن کي چُمي سيني
سان لاتو. هن زال جي ان معصوم مُکڙيءَ کي ساهه ۾
سانڍيو. پر سندس اندر ۾ زال جي موت اهڙو ته صدمو
رسايو جو، اهو سهڻ هن جي وس ۾ نه هو. زال جي
جدائيءَ ۾ هُن جو جيءُ جُهري پيو. زال جي وڇوڙي
نهوڙي وڌس ۽ وڃي کٽ سان لڳو. ويچارو اهڙو ڪريو جو
وري کٽ تان اٿڻ ڪونه ٿيس. گهڻا ئي حيلا ۽ سَنوڻ
ساٺ ڪيا ويا، پر فرق ذرو به نه پيو. هن ائين ڄاتو
ته، شايد هاڻي کٽ تان اٿڻ ممڪن ڪونهي. تڏهن هن
پنهنجي زال جي ڇڏيل پيار جي نشاني نماڻيءَ کي ڀاءُ
جي حوالي ڪندي پارت ڪئي هيائينس ته: ”ادا، هيءَ
نماڻي منهنجي نشاني اٿئي. ان کي سنڀالجانءِ. ڏکيو
ڏينهن نه ڏيکارجانس. مان ته چند ڏينهن جو مهمان
آهيان. هاڻي ته جيئڻ به نه ٿو چاهيان. سڀ ڪجهه
ڀاڳڀري پاڻ سان کڻي وڃي قبر ۾ سُکي ٿي. بس ادا، هن
ٻچڙيءَ جي پارت هُجئي...!“
ائين هن اُداس چپن سان نماڻيءَ کي چُمي ڏيئي. سيني سان لاتو.
سندس نراس اکين مان ڳوڙها وهندا رهيا. هن جو ڀاءُ
چُپ ڪيون سڀڪجهه ٻڌي رهيو هو. رڳو ايترو چيائين
ته، ”ڀاءُ الله تي رک، ڌڻي وڏو آهي. تون هانءُ نه
هار. خدا توکي خوش چڱو ڪندو ۽ هيءَ نماڻي تنهنجي
هٿن ۾ وڏي ٿيندي ۽ تنهنجو آٿت ٿيندي.“ پر هُن جي
قسمت ۾ ائين لکيل ڪونه هو ۽ ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ
جمال، پنهنجي نماڻيءَ کي هيڪلو ڇڏي ڀاڳڀريءَ جي
تلاش ۾ اهڙي ماڳ وڃي پهتو جو، سندس وَرڻ ناممڪن
هو.
جمال جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس ڀاءُ ڪريم نماڻيءَ کي پنهنجي مرحوم
ڀاءُ جي نشاني سمجهي، مٿس هٿ ڦيريو ۽ پيار ڪيو. پر
هن جي زال کي اها ڳالهه اصل ڪونه وڻي. هوءَ
نماڻيءَ کي نڀاڳي ۽ چنڊي سڏڻ لڳي هر گهڙيءَ کيس
ڇنڀيندي رهندي هئي.
ڪريم زال جي اها روش ڏسي کيس چوڻ لڳو. ”گلوءَ ماءُ ڇو ڀلا
ويچاري نماڻيءَ سان پائي کئين اٿئي. آخر هوءَ
منهنجي مرحوم ڀاءُ جي نشاني آهي.“ جوڻس اهي لفظ
ٻڌي ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي پئي ۽ ڪاوڙ مان مُنهن
گهنجائيندي چيائين: ”مان هن ڏائڻ کي ڪڏهن به
پنهنجي ٻچن سان گڏ نه رهڻ نه ڏيندس. اڙي، ڄمڻ سان
ماءُ جو سِر کنيائين ۽ اڃا پنڌ ڪرڻ به ڪونه سِکي
ته پيءُ کي به کاڌائين اهڙي چنڊيءَ مان ڇا هڙ
حاصل. اجهو ٿي اسان جو سِر کڻي!“
ڪريم زال جو لڙ ٻڌي چُپ ٿي ويو. کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته
ڇا ڪري. هن صبر کان ڪم ورتو ته، جيئن حالتون سڌرن،
پر جيئن پوءِ تئين گهر ۾ جهيڙو وڌندو رهيو.
نماڻيءَ هاڻي سمجهه ڀري ٿي هئي. هوءَ به محسوس ڪرڻ لڳي ته، هن
گهر تي هوءَ بار آهي. هن ڪڏهن به پيار نه ڏٺو هو.
هوءَ اهڙي سائي جي ڳولا ۾ هئي، جيڪو مامتا جو هجي
۽ جنهن ۾ پيءَ جي پيار جي پالوٽ هجي. هوءَ اڪثر
اهڙن خيالن ۾ رهندي هئي. سوچيندي هئي ته ”ڇا مان
انسان نه آهيان. مون کان هي نفرت ڇو ٿا ڪن، آخر
منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟؟؟
نماڻي جڏهن پنهنجي چاچيءَ کي ٻارڙن سان پيار ڪندي ڏسندي هئي ته،
هن جي به معصوم دل ۾ اهڙي آس ڀڙڪي پوندي هئي، ته
جيڪر مون کي به مٺڙي امڙ هجي، جيڪا پيار ڪري.
ڀاڪيون پائي، مٺيون ڏئي ۽ هنج ۾ ويهاري. دل ته
گهڻوئي چوندي هيس ته هوءَ به جيڪر چاچي جي ڀرسان
ويهي ۽ هوءَ کيس پيار ڪري، مٺيون ڏئي. چاچيءَ جي
طبيعت جي به کيس خبر هئي ۽ پوءِ هن جي انهن سوچن
تي پاڻي ڦري ويندو هو. سندس اکڙين مان لڙڪ وهي
معصوم ڳلن تي ايندا هئا ۽ هو پراڻي پوتيءَ سان
انهن کي اگهي ڇڏيندي هئي.
ڪريم زال جي آڏو ڪي به ڪڇي نه سگهندو هو، تنهن ڪري هو ڪجهه ڪري
به نه سگهندو هو ۽ ويچاري نماڻي ظلم جي گهاڻي ۾
پيڙبي رهي.
نِماڻيءَ جن جي گهر جي ڀرسان، سندس پڦيءَ جو گهر هو. نِماڻي روز
پڦيءَ وٽ ويندي هئي. پڦيءَ به کيس ڀاءُ جي نشاني
سمجهي پيار ڪندي هئي. نماڻي به پڦيءَ وٽ ٿورو سڪون
محسوس ڪندي هئي. پڦي کيس اڳٺ اڻڻ ۽ ٽوپ ٺاهڻ
سيکاريندي هئي، پر سندس چاچيءَ کي اها ڳالهه نه
وڻندي هئي ۽ اڪثر انهيءَ ڳالهه تي گهر ۾ جهيڙو
شروع ٿي ويندو هو.
وقت گذرندو رهيو. حالتن جو زهر پيئندي، نماڻي اچي جوانيءَ کي
رسي.
ڪريم کي هڪڙي ڏينهن زال چيو ته: ”نماڻي جوان ٿي آهي وتي ٿي ليئا
پائيندي. ڪٿي اٽڪائينس ته ڪري....!“
ڪريم زال جي لفظن ۾ ڀريل نفرت جي زهر جي ڪوڙاڻ محسوس ته ڪئي. پر
زال جي آڏو ڪڇي نه سگهيو، ڳالهه نٽائي چوڻ لڳو
گُلوءَ ماءُ اسان جو گلڻ ته اڃا پڙهي ٿو پيو.
ٿورو.....!“
”خبردار جو منهنجي گلڻ جو نانءُ ورتو اٿئي. مان هن ڏائڻ کي گلڻ
سان پرڻائيندس....! متان ڪجهه ڪڇيو اٿئي اڳتي.
”جوڻس نفرت جي باهه ۾ پچرندي چيو هو. زال جو اهڙو
جواب ٻڌي ڪريم، کڻي ماٺ ڪئي.
نيٺ ان روز روز جي جهيڙي کانپوءِ سوچ ويچار ڪري نماڻيءَ جو سنڱ
ڪمن مواليءَ سان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪمن موالي ڪريم
جو ويجهو مائٽ هو. ڇڙو ڇانڊ هو. ڪو به ڀاءُ ڀيڻ
کيس ڪونه هو، نه وري ڪو سڱ ڏيڻ لاءِ تيار هيس، بس
ڪريم جي زال جي مرضي سان نماڻي کي ڪني مڇي سمجهي
ڪمن جي ڪڍ لائي ڇڏيو.
ڪمن ڇا هو، بس هڪ گڙنگ موالي. نشي ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه تباهه ڪري
ڇڏيو هئائين. جوان هوندي به ڄڻ پوڙهو لڳندو هو.
ويچاري نماڻي ته کيس نڌڻڪي هٿ آئي هئي. نماڻيءَ جي
پڦي ان رشتي تي گهڻو لُڇي پڇي پر سندس ڪو به چارو
نه چليو ۽ ائين ئي هڪ ڏينهن نماڻي ڪمن جي ٿي وئي.
پهرئين رات ئي نماڻيءَ پنهنجو ساهه گهٽجندو محسوس
ڪيو. هن چاهيو ٿي ته، اڄ گهٽو ڏيئي پاڻ کي ماري
ڇڏي.
ڪمن ته کيس ڪو سک جو ساهه به کڻڻ نه ڏنو. ڏينهن خير سان گذرندو
هو. باقي رات هن لاءِ دوزخ هوندي هئي. هر وقت کيس
ڪمن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هيو. اتفاق سان
ننڊ اچي ويس ته پوءِ نماڻيء لاءِ حشر مچي ويندو
هو. هن کي ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيندو هو. اِهو
پوءِ هر روز جو معمول نشي وانگر لازمي بڻجي پيو
هئو. ڪمن جيسين نماڻيءَ کي مار نه ڏئي، تيسين کيس
آرام ڪونه ايندو هو، نماڻي پنهنجي سونهن وڃائي
ويٺي هئي. ويتر ڳورهاري هئڻ ڪري، ڪمن کي اصل ڪونه
وڻندي هئي ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي کيس موچڙا هڻندو
هو ۽ پيو طعنا هڻندو هو سچ پچ ته نماڻي پنهنجي
زندگي مان تنگ ٿي پئي هئي.
ائين هڪڙي رات گهڻي دير تائين نماڻي ڪمن جو انتظار ڪندي لڳي،
سندس جان ڏکڻ لڳي ۽ اهو اوجاڳو سهي نه سگهي ننڊ
وٺي ويس. ننڊ به اهڙي جو ڪمن جي سڏڻ تي به هن کي
جاڳ نه ٿي. سندس اک تڏهن کلي جڏهن ڪمن کيس منهن
وارو زوردار چنبو وهائي ڪڍيو ۽ هو رڙ ڪري اٿي پئي،
نماڻي جي رڙ ڪرڻ تي ڪمن ڄڻ مڇرجي پيو ۽ کيس ڏاڍو
ماريائين هن جي درد ڀرين رڙين تي ڪنهن ڪن نه ڏنو ۽
هو روئي روئي هيٺ پٽ تي ڪري پئي. ڪمن مٿس چنبن ۽
لتن جو وسڪارو ڪندو رهيو. نماڻيءَ جي نڪ ۽ وات مان
رت وهڻ لڳو، هوءَ ڏاڍو رني. ايتري روئڻ کانپوءِ به
کيس ڪنهن سهارو ڪونه ڏنو، ڇو ته اهو روز جو معمول
هئو. پر هوءَ اڄ چاهي پئي ته وڏيون رڙيون ڪري،
دنيا جي گونگي ۽ انڌي سماج کي ٻڌائي ته هي منهنجي
ظلم جو داستان ٻڌو. پر هن جو دانهون ڪنهن به نه
ٻڌيون. نماڻيءَ ڌرتيءَ جي سيني کي چُنبڙي رهي،
سندس ڳوڙها ۽ رت ڌرتي پيئندي رهي، درد ۽ عذاب جي
پيڙا ۾ پڄرندي رهي ۽ سماج جي ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙبي
ماءُ ۽ پيءُ جي ڳولا ۾ هن دنيا کان دور تمام دور
هلي وئي.
*ڪهاڻي
فردوس مزناڻي
رولاڪ منهنجو روح
سج جا سونهري ڪرڻا مڪليءَ جي منارن تي سون سمان جهلڪي رهيا هئا،
هوا جي ٿڌن ٿڌن جهوٽن سڄي سرير کي مستو مست پئي
ڪيو، شام جي پوئين پهر ۾ ماڻهن جا ميڙاڪا بخاري
شريف کان عبدالله شاهه اصحابي تائين ماڻهن جي قطار
کٽڻ جي نه هئي. مان نه ٿي سمجهان ته ڪو تون زندگي
جا هي انيڪ روپ وساري سگهيو هوندين، شام جا هي پهر
توکي ضرور ياد هوندا.
ٻنهي درگاهن تي لوهين سيخن سان سر ٽڪرائيندڙن ۾ حسين نينگرين جي
نيڻن مان وهندڙ نيرن جا نيسارا ڏسي هنيانءُ مٺ ۾
اچي ٿي ويو. سندن منهن تي ڳنڀيرتا، پيڙا جا هزارين
پاڇولا نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪيترائي درد اڻپوريون
خواهشون، پڇتاءُ خبر ناهي ڪهڙين حالتن کان بغاوت
هئي. ميران ٻائي کان جيوڻي ٻائي تائين يڪتارو کڻي
جهر جهنگ هلڻ به سماج جي ڏاڍاين کان بغاوت جو روپ
هو، پر هي پيرن جي درگاهن تي لوهين سيخن سان سر
ٽڪرائي وري وري پنهنجي وجود کي ايذاءُ ڏيڻ بغاوت
ڪرڻ جو عجيب روپ هو. سج جي موڪلاڻي کانپوءِ به
ماڻهن جا ميڙاڪا اڃا به وڌندا ٿي ويا.
شام جو نيرڙو ڌنڌ رات جي ڪاراڻ ۾ تبديل ٿيندو ٿي ويو. مان اڄ به
انهيءَ ساڳي پٿر تي ويٺي آهيان، جتي تو ۽ مون
ڪيترائي پهر گڏ ويهي ڳالهيون ڪيون هيون. جڏهن تون
مون سان گڏ هوندو هئين ۽ اڄ تون ناهين اهي ٻئي
وقت مون لاءِ ڪيڏا مختلف آهن.
حالانڪ وقت به ساڳيو آهي شام جو پهر، ماڻهن جا اهي ئي انبوهه،
اُهي ئي حسين نينگرين جون رڙيون پر اڄ مان پنهنجو
پاڻ کي ڏاڍو آزاد پئي محسوس ڪيان.
مون ڳڻپ ته ڪان ڪئي هئي پر مون کي ايترو ياد ضرور آهي ته تو مون
سان ڪيترائي دفعا پيار جا واعدا ڪيا هئا ۽ انهن
واعدن پاڙڻ جا اقرار به ڪيا هئا، پر مون کي ته
ڪڏهن تنهنجي هجڻ جو به احساس نه هوندو هو ته ڪو
تون منهنجي ڀر ۾ ويٺو آهين، پر پوءِ به هر مهيني
جي پهرين ۽ آخري خميس جي شام تو سان گڏ گذرندي
هئي. مان مهيني جي انهن ٻنهي ڏينهن جو بي چينيءَ
سان انتظار ڪندي هئس ۽ تون ڏاڍو خوش هوندو هئين ته
توسان ايترو پابنديءَ سان ملڻ ٿي اچان. پر تو ڪڏهن
رڳو ايترو به نه سوچيو هو ته هڪ ئي پٿر تي گڏويهي
ڳالهيون ڪرڻ سان دلين جو ڳانڍاپو ڪونه ٿي ويندو
آهي. مان ڇو ايندي هئس ۽ اتي منهنجي من کي ڇا
ملندو هو اهو ته مان اڄ تائين ناهيان سمجهي سگهي.
شايد مان پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي انبوهه ۾ گم ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ ان
۾ ئي منهنجي من کي سک ٿي مليو.
تو هڪ دفعو چيو هو: ”مون کان ايڏي بيپرواهي جو ڇا ڪارڻ آهي؟“
مون چيو هو: ”تون ۽ مان هڪ واقف ڪار جي حيثيت سان
مليا آهيون، تون انهن ملاقاتن کي ڪنهن ٻئي انداز
سان نه وٺ.“ پر تو نه سمجهيو شايد تون به پنهنجي
مرداني فطرت کان مجبور هئين. وقت جي گذرندڙ لمحن ۾
مون ڏٺو تون مون سان ڏاڍو رلي ملي وئين ۽ مان به
تنهنجي ساٿ جي عادي بنجي ويئي هئس جو ڪڏهن تون دير
ڪندو هئين ته مون کي انتظار ٿيندو هو، پر جڏهن تون
ايندو هئين ته تنهنجو وجود مون تي بار ٿي پوندو
هو، دل چوندي هئي ته توکي ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيان، پر
الائي ڇو توکي چئي نه سگهندي هئس. |