لالي مصراڻي
سسئيءَ جي دانهن
مون چيو اڄ دفترن ۽ داستانن
روهه رڻ ۽ ريگزارن
کي ڇڏي اڄ اچي دنيا ڏسان
سڀ کان پڇان
مون کي ڳاتو شاعرن
مدبرن ۽ رهبرن
آئون رهيس
دلين اندر، جذبن اندر، اڌمن اندر
آئون رليس
برپٽ اندر، جبلن اندر، روهن اندر
سار منهنجي ڪنهن لڌي؟
ڪنهن پڇيو مون کان وڌي؟
آئون سسئي ساڳئي سور ۾
سورن سنڌي مذڪور ۾
پل پل انهيءَ ئي پور ۾
آئون اڪيلي ۽ ڳهيلي
رڻ پٽ رلان ڏک ڏسان جهوريءَ جهڄان
ٻي نه ڪا سسئي بڻي!
آئون رهيس هڪڙي ڄڻي
تو ڇا ڪيو آهي ڌڻي؟
يا ڳالهه سانگين کي وڻي؟
جو سسئي نٿي پيدا ٿئي
ڪو ته ڪنهن کي دانهن ڏئي
ڪو اچي مون کي چئي
مان رڻ پٽ ڇڏي
شعر جا دفتر ڇڏي
موٽي اچان هن ماڳ تي
موٽي اچان هن ماڳ تي.
گلنار بدر
اڄ جي مارئي
آئون اهائي مارئي آهيان سورن لاءِ سامائي،
ڪا نه پڇڻ اڄ قيدڻ کان ڪا عورت مون وٽ آئي.
ساڳيا ڪوٽ ڪڙولا آهن ساڳيا سور سوايا،
ساڳي عورت ذات سان آهي عمرن جي ارڏائي.
سڏڪي سارو ڏينهن گذاريان رات گذاريان روئي،
روئي نير کٽي ويا سارا رت اکين ۾ آئي.
دنيا چنڊ تي پهتي آهي منهنجي قسمت ڪاري،
علم بنا مون پنهنجي ڀينر ساري عمر وڃائي.
منهنجا ڀائر لنڊن مان ٿي علم پرائي آيا،
مون ته اڀاڳي اڻ پڙهيل کي اي بي سي به نه آئي.
علم بنا مان انڌي آهيان، انڌي ڪيئن گذاريان.
ڪهڙي ڏوهه سبب آ مون تي هيءَ مصيبت آئي.
درد ونديءَ جو سورن ڀائي ڪو به نه آهي ڀينر،
تڏهن سور سڻائڻ خاطر هيءَ ڪٿا مون ڳائي.
مون جهڙيون سو ماريون آهن ڪوٽن اندر قيدي،
هر هڪ عورت علم بنا آ سورن ڄڻ ته ستائي.
شال وري ڪو واءُ سڻائو ڀائر گڏجي سوچن،
علم پڙهڻ جو حق ملي ۽ وڻ وڻ ڏي واڌائي.
علم جي دولت حاصل ٿئي شل علم پڙهڻ ٿيون چاهيون،
علم بنا ٻي ڪا نه کپي ٿي ڀينر دولت ڪائي
عرض ڪيو ” گلنار بدر“ آ شل سو عرض اگهامي،
منهنجا ڀائر سور سڃاڻن ٿي پوءِ سوڀ سجائي.
زرينا عباسي
هائيڪا
اونداهي اڌ رات
عورت اهڙي حال ۾
ڳولهي پنهنجي ذات –
اونداهي اڌ رات
عورت واڳن وات ۾
کائي ويٺي مات –
اونداهي اڌ رات
ستي ڪانهي سورمي
ڄاڻ ته ٿي پرڀات –
اونداهي اڌ رات
ملي عورت ذات کي
سورن جي سوغات –
اونداهي اڌ رات
عورت ۽ عظمت جي
ڪنهن نه وائي وات –
اونداهي اڌ رات
عورت لوچي امن لاءِ
تنهن کي اهڙي تات –
* ڪهاڻي ليليٰ پروين
سومرو
جيون جي کڙڪيءَ مان
ڏاڍي رش هئي! ائين پيو لڳي جهڙوڪ هن کان پوءِ بالي شاهه اسٽيشن
تي ڪنهن ٽرين کي بيهڻوئي ڪو نه هئو، ان ڪري پاسي
جي سمورن ماڻهن کي هن ٽرين ۾ چڙهڻو هئو. خدا خدا
ڪري مون کي فرسٽ ڪلاس ۾ ويهڻ جي جاءِ ملي وئي ۽
پوءِ ويٺس تماشو ڏسڻ، ٻارڙن جون ريهون مائن جو
رڙيون، پوڙهن جون هڪلون ۽ جوانن جي اٻهرائي ڏسڻ
جهڙي هئي. جيڪڏهن صبر سان هرڪو واري جو انتظار ڪري
ته اڪيلو مسافر به پليٽ فارم تي رهجي نه وڃي. پر
انبوهه کي ڪير ٿو چئي سگهي ڇو ته ڪرسي ۽ سيٽ حاصل
ڪرڻ جو مسئلو ته اسان سمورن لاءِ هڪ جيترو سنگين
آهي. پوءِ اها داخلا جي سيٽ هجي يا ٽرين جي.
” پل صراط چئجي يا ٽرين؟ مئن انگريزن جي به ڪا مت منجهي هئي جو
کڻي ريل ٺاهيائون...“ هڪ ڪراڙي مائي سهڪندي سهڪندي
اهو جملو پورو ڪندي اچي منهنجي اڳيان بيٺي،. چيلهه
تي هٿ رکندي پنهنجي رئي کي ٺاهيندي چوڻ لڳي ”امڙ!
سري جاءِ ڏجانئم، هتي ته تر ڇٽڻ جي به جاءِ ڪانهي.
هوءَ پوڙهي منهنجي جواب ملڻ کان اڳ ئي مون سان گڏ
هڪ سيٽ تي ويهي رهي. ايتري ۾ وڌيڪ ٽي عورتون ڪن
ٻارن سميت اچي پهتيون. هنن اسان جي اڳيان پٽ تي
چادر وڇائي ئي مس ته منهنجي ڀر ۾ ويٺل پوڙهيءَ
چادر ۾ ويڙهيل ڇوڪريءَ کي چيو ته ”ڪنوار! تون هتي
ٿي ويهه آئون هيٺ ٿي ويهان“ پوءِ پوڙهيءَ مون
ڏانهن ڏٺو، اک هڻندي ٿورو مشڪندي چيائين؛ ”امڙ!
اسين ڪراڙيون جهڙيون هيٺ تهڙيون مٿي. هيءَ ڪنوار
آهي، ڀلي ته مٿي ويهي“ ڪراڙي مائي وڃي هيٺ ويٺي ۽
چادر ۾ ويڙهيل ڪنوار منهنجي ڀر ۾ ويهي رهي. سندس
هٿن پيرن تي لڳل مينديءَ ماحول کي واسي ڇڏيو. چنڊ
جهڙو چهرو جسم تي لال ڪپڙا، اکين ۾ ڪجل ٻانهن ۾
شيشي جون چوڙيون، مون کي هوءَ عورت نه پر پري پئي
لڳي. کيس جاءِ ڏيڻ لاءِ آئون سرڪي ويٺس، هڪ مائي
کيس رکي رکي ونجڻو هڻڻ لڳي. ايتري ۾ ٻه مرد به
مٿي چڙهي آيا. سندن مٿن تي بيگون ۽ هٿن ۾ ٻه پاٺي
جا کوکا هئا. ٻارن واري عورت کين تاڪيد ڪندي چيو؛
”چڱيءَ طرح رکو، شيشي جو سامان آهي متان ڀڄي پئي.“
مون ڪنڌ ڦيرائي انهن مردن ڏانهن ڏٺو، جن مان هڪ ته
بلڪل پوڙهو ۽ ٻيو ان سان گڏ نوجوان به هو. وري
انهن پٺيان اڌڙوٽ عمر وارو ماڻهو ظاهر ٿيو. سندس
مٿي جي وارن ۽ مڇن کي رنگ لڳل هو، جنهن مان ايئن
پيو لڳي ته هن عمر لڪائڻ لاءِ ايئن ڪيو هو، هٿ
مينديءَ ۾ ڳاڙها هئس. آئون سمجهي ويس ته گهوٽ اهو
ئي آهي. پر سچ پچ ته منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي
ڇڏائجي ويئي. ڇو ته ڪاڏي منهن مريم جو ۽ ڪاڏي
الهيار! پر آئون ڇا پئي ڪري سگهيس. مون کي انهيءَ
ڪنوار تي رحم اچڻ لڳو. انهيءَ دوران ڪنوار چادر
لاهي ڳاڙهن ستارن وارو رئو پائي ڇڏيو. هوءَ
انتهائي خوبصورت هئي. ميڪ اپ به ٿيل هئس. مگر هن
جي چهري جا نقش انهيءَ ميڪ اپ کي به مات ڏيون بيٺا
هئا. منهنجي سوچڻ جو وهڪرو تيز ٿي ويو ۽ ذهن ۾
الائي ڪيترا سوال سمنڊ جي ڇولين وانگر اڀرندا ۽
ختم ٿيندا ٿي ويا.
اوچتو منهنجو خيال هن جي سامان ڏانهن ويو ٻه بيگون ٻه ننڍڙا
کوکا! اهو ئي سندس ڏاج هو.
اپسرا جا پيءُ ماءُ غريب هوندا، ان ڪري کيس اهڙيءَ اونداهي کڏ ۾
اڇلايو اٿن“! مان سوچڻ لڳس نه ائين ڪو نه هوندو“
گهوٽ جي افعالن مان ئي ظاهر ٿي ٿيو ته هي به لکن
تي مٿو ڪو نه ڌوئيندا هوندا. متان گهوٽ کي اڳئين
زال مان اولاد نه ٿيو هجي، ۽ هن پيڙهي قائم رکڻ
لاءِ يعني جيري لاءِ ٻڪري ڪٺي هجي“ آئون خيالن جي
واچوڙي ۾ وڪوڙجي چيو ”منهنجو ڇا وڃي“ دل ۾ خيال
مٽائڻ لاءِ مون پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيو. انهيءَ وقت
محسوس ٿيو ته سامهون دروازي کي ٽيڪ ڏئي بيٺل
ڇوڪرو، خبر ناهي ته الائي گهڻيءَ دير کان مون کي
تڪي رهيو آهي. مون جلدي پنهنجون نظرون هيٺ جهڪائي
ڇڏيون! پوءِ به ائين لڳو ڄڻ در تي بيٺل ڇوڪري جون
نظرون پٿر، تير ڀالا بڻجي منهنجي اندر واري انسان
کي رتو ڇاڻ ڪري رهيون هيون. مون لاءِ ان کانسواءِ
ٻيو چارو ئي ڪو نه هئو، مردن جي معاشري ۾ عورت کي
ٿوري آزادي وٺڻ لاءِ ڪيڏا نه عذاب سهڻا پون ٿا.
قدم قدم تي ٻين جا تارا اسان کي ڏينهن جا تارا
ڏيکارڻ لڳن ٿا. ائين مان پنهنجي غمن جي بي ڪنار
سمنڊ ۾ غوطا کائڻ لڳس. خيال بدلائڻ لاءِ سوچن جي
درياهه جي ٻئي ڪناري تي پهچي ويس. مون ڪنوار جي
چنڊ جهڙي چهري کي گهورڻ شروع ڪيو. جنهن تي
بدنصيبيءَ جا داغ چٽيءَ طرح نظر اچي رهيا هئا. مون
کي همت نه ٿي ته هن ڏانهن ڏسندي رهان.
دل ۾ آيو ته سندس گهوٽ کي نڙگهٽ تي نهن ڏئي ماري ڇڏيان. پر هو
ان مرداني گاڏي ۾ وڃي چڪو هو. ٽرين ٻه ٽي اسٽيشنون
ٽپي چڪي هئي ۽ هو ڪنهن به اسٽيشن تي پنهنجي ڪنوار
جي سنڀال لهڻ ڪو نه آيو هئو. آئون ان ماحول ۾
ويڳاڻي ۽ مايوس ٿي ويس.
”ڪنوار“ اوهان جي ڌيءَ آهي؟ مون ونجڻو هڻندڙ مائي کان پڇيو.
”نه امڙ مان ڪنوار جي ڏيرياڻي ٿيان.“ هن جواب ڏنو
”سندس عزيزن مان ڪير هتي آهي؟ مون کوج لڳائڻ لاءِ
معلوم ڪيو.
”ڪو به ڪو نه اٿس“ وري به ساڳي مائيءَ وٽان مختصر جواب مليو.
”نه ماءُ نه ڀيڻ!“
”ماءُ ته گهڻو اڳي مري چڪي اٿس. ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي شادي مرادي ٿي
چڪي اٿس. اهي ٻارن ٻچن وارا آهن، ان ڪري اسان سان
هلي ڪو نه سگهيا...“
هونءَ به هي ڌاريا آهن“ ونجڻي هڻندڙ مائي ڏاڍي راز سان چيو.
پر مون ڏٺو ته ڪنوار جي چهري تي ڏکن جا ڪڪر ڇانئجي ويا. هوءَ
وني بڻجي وٽن وڃي رهي هئي. ليڪن پوءِ به هنن لاءِ
ڌاري هئي!
مون ڪنوار جي دل رکڻ لاءِ ونجڻي واري مائيءَ کان پڇيو ”جهڙي هن
لال ڪنوار سان نه ڄڃ آهي ۽ نه وري دهل ۽ سهرا،
اوهان به لال جا فقير آهيو ڇا؟“
”امڙ اهو ڇا پئي چئين. الله گنج ڏنا آهن، ڪنوار ڏوڪڙن تي ورتي
آهي جهول ڀري ڏنا اٿئون جهول.“
هن وڏي فخر سان چيو، پر مون کي ائين لڳو ڄڻ هنن هڪ انسان بدران
جهڙوڪ ڍور خريد ڪيو هجي، آئون پنهنجي نفرت جو
اظهار ڪيان ئي ڪيان ته ان کان اڳ ونجڻي واري
مائيءَ ڪنوار جي جذبن تي ٻيو وار ڪري وڌو؛ ”هن جو
پيءُ به نشئي آهي هاڻي هيروئن جو ايترو ته عادي ٿي
ويو آهي جو ست ڌيئرون هجنس ها ته به کائي کپائي
وڃي ها.“
اهي لفظ هن اهڙي ٽوڪ واري انداز سان چيا جو ڪنوار جيڪا هر ننڊ ۽
هر سجاڳ هئي، ان اکيون کولي ڪنڌ مٿي ڪري ان عورت
کي ڏٺو.
مون ڏٺو ته ڪنوار جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ هوءَ نظر بچائي
پنهنجا لڙڪ لال رئي سان اگهڻ لڳي. ان کان پوءِ هن
دريءَ کان ٻاهر نظر وجهي ڇڏي.
شايد پنهنجي ماضيءَ جي يادن جو ڳاڻيٽو ڪرڻ لڳي يا پنهنجي ڌنڌلي
منزل جو انتظار ڪرڻ لڳي.
آئون ساڻس اکيون ملائي نه سگهيس. ان ڪري منهن ڦيري ڇڏيم، مون
ڏٺو ته دروازي تي بيٺل نوجوان اڃا تائين مون کي
ڏسي رهيو هو.
ان ڪري مون پڻ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ شروع ڪيو.
ماضيءَ ۽ حال جو هر هڪ نظارو تيز رفتار ٽرين پٺتي ڇڏيندي سيٽون
وجھائيندي اڳتي وڌي رهي هئي.
ايراني ڪهاڻي
جلال آلِ احمد
ترجمو : مقصود گل
پرائو ٻار
ٻيو مان ڪري به ڇا ٿي سگهيس. منهنجو مڙس، مون کي ان ٻار سان گڏ
گهر ۾ رهائڻ لاءِ تيار نه هو. ٿئي به ڇو، هي
ٻارڙو انهيءَ جو ٿورئي هيو. هي ٻار ته منهنجي
پهرين مڙس جو هو. جنهن مون کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي،
وري پنهنجو ٻار به وٺڻ نه آيو. انهيءَ حالت ۾
جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي ٻيو ڪو هجي ها ته ڇا ڪري
ها؟ آخر مون کي پنهنجي زندگي به گذارڻي هئي. ڀلا
جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه تي منهنجو، هي مڙس به مون کي
طلاق ڏئي ڇڏي، ها ته مان ڇا ڪريان ها. مون وٽ
انهيءَ کانسواءِ ٻيوڪوبه چارو ڪونه هو ته مان ان
ٻار کي ڪنهن ٽڪاڻي لڳايان. مون جهڙي جاهل عورت
انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو سوچي به نه ٿي سگهي. مون
کي ڪوئي ٻيو رستو نظرئي نه آيو، اهوئي رستو نه
هيو. پر مان هي ٻارڙو ڪنهن ري اولاديءَ کي ڏيئي
ڇڏيان ها...... پر ڪير ڀلا راضي ٿئي ها. ڀلا
انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ هو، ماڻهو مون کي رولو عورت ۽
ٻارڙي کي ناجائز نه سمجهن ٿا، نه..... نه مان اهو
رستو به اختيار ڪري نه ٿي سگهيس. منهنجي غيرت اهو
برداشت نه ٿي ڪري سگهي.
انهيءَ ڏينهن جڏهن مان ٻارڙي مان جند ڇڏائي گهر آيس ۽ سارو
احوال امڙ کي ۽ پاڙي وارين کي ٻڌايم ته هڪ پاڙي
واري عورت چيو: ”ڇو ڀلا هي يتيم خاني وارا مري ويا
هئا ڇا...“
خبر ناهي ٻيو به هن گهڻو ڪجهه چيو- انهيءَ تي منهنجي امڙ جواب
ڏنس ”مون کي ته اهو خيال ايندي خوف ٿو اچي......“
۽ مان سوچ ۾ ٻڏي ويس ڇا مون کي انهيءَ خيال سان
خوف نه ٿي آيو. پوءِ مون پنهنجي ماءُ کي چيو ”جيڪر
مان اهو ڪم نه ڪريان ها.“ پر هاڻي ڇا ٿي، ٿي
سگهيو، تير ڪمان کان نڪري چڪو هو. مان دل نه جهلي
سگهيس ۽ سڀني جي آڏو راهڙ ڪري روئڻ لڳس. پر اها
ڪيڏي نه خراب ڳالهه هئي، مون پاڻ ٻڌو هڪ پاڙي واري
چئي رهي هئي..... هاڻي نيڻ ٽمائيندي شرم نٿو
اچي....“ منهنجي ماءُ کان اهو سَٺو نه ٿيو هن مون
کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ مون کي پرچائڻ لڳي.
مان اڃا جوان آهيان. هڪ ٻار لاءِ روئي حال وڃائڻ مان فائدو.
جڏهن ته منهنجو نئون مڙس ان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار
نه هو. اڃا وقت ويو ڪونهي، سڄي حياتي پئي آهي، هڪ
ڇا ڪيترائي ٻار ڄڻيندس پر پوءِ به هو منهنجو
پهريٺي ٻارڙو هو ۽ مون کي ڏاڍو پيار هو. مون کي
ائين نه ڪرڻ گهربو هو، پرمون اهو ڪم پنهنجي مرضي
سان نه ڪيو هو. مون کي انهيءَ ٻچڙي مان ته ڪابه
تڪليف ڪونه هئي. مون ته ان کان ڇوٽڪارو وٺڻ ڪونه
ٿي چاهيو. منهنجي مڙس جي ضد مون کي مجبور ڪيو، پر
ان ۾ انهيءَ جو به ڪوئي قصور ڪونه هو. مون سان
جڏهن نڪاح وڌو هو تڏهن هن کي اهو حق ٿي پهتو ته
هو اهڙي تقاضا ڪري. جيڪڏهن مان به انهيءَ جڳهه تي
هجان ها ته اهڙو مطالبو ڪريان ها. ها جيڪڏهن
منهنجي مڙس جو به پهريون ٻار هجي ها ته ڇا مان ان
کي پنهنجو ٻار سمجهان ها....؟ پنهنجي ٻارن وانگر
ان جي پالنا ڪريان ها....؟ نه نه هرگز نه- هن جو
مطالبو به پنهنجي جاءِ تي صحيح هو. جيئن ته هن اڳ
۾ ئي چيو هو ته، هو پرائو ٻار پنهنجي گهر ۾ ڪونه
رهائيندو.
اهي ٻه ڏينهن جيڪي مون ساڻس گذاريا، اهي به وڏي ڪروڌ سان گذريا،
آخري رات جو به دير تائين ڳالهيون ٿينديون رهيون.
هو هر هر ساڳي ڳالهه ورجائي رهيو هو ۽ مان
خاموشيءَ سان ٻڌندي ٿي رهيس. آخر مون چيو: ”ته
پوءِ آخر تون ئي ٻڌاءِ ته ان جو ڪهڙو علاج آهي؟“
منهنجي مڙس ڪوبه جواب نه ڏنو ٿوري دير تائين سوچيندو رهيو ۽
پوءِ چيائين: ”مون کي خبر ناهي علاج پاڻ وڃي ڳول
پر ڪن کولي ٻڌ ته مان پرائي ٻار کي پنهنجي گهر ۾
نه رکندس.“
هن به جڏهن ڪو رستو نه ٻڌايو ته مان ڀلا ڇا ڪريان ها. انهيءَ
رات هو منهنجي ويجهو به آيو، ڄڻ ته هو مون کان
ناراض هو. ها اڃا اسان جي شاديءَ کي ٽي ڏينهن مس
گذريا هئا ته به هو ناراض ٿي ويو هو. هن چاهيو ٿي
ته مان جيترو جلدي ٿي سگهي هن ٻچڙي کي سندس گهر
مان ڪڍان. صبح جو جڏهن هو ٻاهر وڃڻ وارو ٿيو ته
چيائين: |