رشيده
ڀٽيءَ سان ڳالهه ٻولهه
گلبدن جاويد
سرتيون: اوهين پنهنجي زندگيءَ جي سفر بابت ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: منهنجو نالو رشيده بٽي ڄمڻ جو هڌ سکر (مشن اسپتال) ناناڻن
۾ ڄايم، ڇو ته پنهنجي والدين جو پهريون ٻار هيم.
موسم بهار يعني اپريل جي 23 تاريخ سال 1953ع اصل
شهر اسان جو روهڙي شريف آهي. منهنجي پرائمري تعليم
روهڙي منجهه ئي شروع ٿي. گورنمينٽ پرئمري مين گرلس
اسڪول اسان جي گهر کان بلڪل ويجهو هو، جو صبح جو
اسڪول جو گهنڊ وڄندو هو ته مان ڊوڙي وڃي، قطار ۾
اڳيان بيهندي هيم (اسڪول اڃا تائين ساڳيءَ جڳهه تي
قائم آهي). پهرين کان پنجين درجي تائين، هيمشه
ڪلاس ۾ پهريون نمبر رهيس، ان سموري محنت جو ڪريڊٽ
منهنجي ”بابا“ ڏي وڃي ٿو. جڏهن ته منهنجي ”ماءُ“
پڻ واندڪائيءَ ۾ مون کي ”هوم ورڪ“ وغيره ۾ مدد تي
وئڪيشن جو ”ڪم“ امان ڪرائيندي هئي.
لکڻ پڙهڻ جو شوق مون کي ننڍڙي هوندي کان هو. منهنجي ”امان“ جي
خواهش هئي ته مان ”ڊاڪثر“ ٿيان، پر شايد منهنجي
لاءِ وڌيڪ موزون ”ٽيچنگ“ هئي جو مان هميشه پنهنجي
ڪلاس ۾ به ٻين کي پڙهائيندي رهندي هيم. هڪ ته
مانيٽر هجڻ ڪري، ٻيو پنهنجي ”شوق“ خاطر.
مون کي استاد به هميشه سٺا مليا ۽ اسان جو گهراڻو پورو تعليم
يافته ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهي. منهنجو ڏاڏو
M.B.B.S
ڊاڪٽر هو ۽ نانو ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سپرنٽينڊنٽ
هو. ڏاڏي جي وفات بعد (وڏن ڀائرن) ڀينرن جي تعليم
تي ڌيان نه ڏنو. نتيجي ۾ منهنجي پڦيءَ جي تعليم
اڌوري رهجي وئي. هوءَ بي انتها ذهين ۽ هوشيار هئي،
جنهن جو هن کي هميشه افسوس رهيو ۽ ڏک جا پاڇا هن
جي سموري زندگيءَ تي اثر انداز رهيا. نتيجي طور
سندس ڀائرن يعني (منهنجي پيءُ ۽ چاچن پنهنجين
نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
ٻاروتڻ ۾ ئي مون کي راند روند جي ٻين شوقن سان گڏوگڏ رنگين
”ڪاغذ“ جمع ڪرڻ جو بي انتها شوق هوندو هو. ان لاءِ
ايترو مثال ڪافي آهي ته هڪ دفعي پنهنجي گهر جي
اَڳنڌ ۾ مان پنهنجن ڪاغذن جي ٽوڪريءَ سميت بيٺي
هيم، اوچتو هوا لڳي ۽ واچوڙي جي صورت ۾ گول دائري
۾ ڦهلجڻ تي منهنجا ڪاغذ ٽوڪريءَ مان اڏامي، هوا ۾
اڏرڻ لڳا ۽ گول دائري ۾ اڏريل ڪاغذن جي پويان مان
به بي اختيار روئيندي رڙيون ڪندي ڊوڙندي رهيم، ڇو
ته منهنجا پيارا ڪاغذ جو اڏري رهيا هئا. منهنجي
پُڦي مرحوم جنهن جو مون سا بي انتها پيار هو، تنهن
جو ڏٺو ته وائڙي ٿي وئي ۽ منهنجي ڪاغذن کي ميڙي گڏ
ڪرڻ لڳي ۽ آٿت ڏنائين ته ٻيا به ڏيندم توکي، بسس
ڪر روءُ نه.
هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن مون اڃا اسڪول ۾ قدم به نه
رکيو هو. هينئر به قلم ۾ ڪاغذ منهنجي لاءِ اهميت
جا حامل آهن. منهنجي ان شوق کي ڏسندي، منهنجن
مائٽن هميشه منهنجي ڀرپور رهنمائي ڪئي، ڇو ته ڏات
ضرور خدا جي طرفان عنايت ٿيل هوندي آهي، پر ماءُ
پيءُ جي تربيت ۽ رهنمائي به ٻار لاءِ وڏي اهميت
رکي ٿي.
منهنجي پياري بابا جو منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ قلم جهلائي،
سليٽ تي، الف ۽ ب لاءِ اُڀي ليڪ، سهميل ليڪ، ليٽيل
ليڪ ۽ (ج) لاءِ گول دائرو ٺهرائڻ، منهنجي لاشعور ۾
ائين ته سمايل آهي جو ڪجهه به وسري وڃي پر اهو نه
ٿو وسري سگهي. الله تعاليٰ کين جنت ۾ جايون ڏئي
(آمين ثم آمين).
سيڪنڊري اسڪول يعني ڇهين درجي ۾ پهچڻ شرط ذميواري وارو احساس
وڌيو ۽ ڀرپور محنت سان مون اٺين درجي ۾ (مڊل
سٽينڊرڊ) وارو بورڊ جو امتحان پاس ڪري اسڪالر شپ
حاصل ڪئي. هتي اهو ٻڌائيندي هلان ته مون کي پنجين
درجي ۾ اسڪالرشپ ملي، پوءِ اٺين درجي واري ملي ۽
ائين مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ڪاليج ۾ (سکر
گورنمينٽ گرلس ڪاليج) پهتم ته اتي به ميرٽ تي
اسڪالر شپ ملي. انٽر سائنس ۾ صرف ڪجهه پوائنٽس تان
ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملڻ کان رهجي ويم ۽ پوءِ
B.Sc
ڪرڻ لاءِ اسلاميه سائنس ڪاليج سکر داخلا ورتم.
جتي پڻ اسڪالر شپ ملي. زندگيءَ جو سفر ۽ تعليم جو
سفر گڏوگڏ هلندو رهيو ۽ عمر جا پهترين ڏينهن
گذاريندي اچي يونيورسٽيءَ ۾ پهتاسين.
روهڙيءَ جو شهر، پڙهائيءَ وارن ڏينهن ۾، گرمين ۽ سردين سکر جي
روڊن رستن جو سفر، سُور ۽ سختيون، بنهه وسارڻ جهڙا
نه آهن (1970ع واري زماني ۾ آمدورفت جو واحد وسيلو
ٽرين هوندي هئي يا وري ٽانگا هوندا هئا، ڪجهه
ٽانگي تي سفر ڪيوسين. پر ڪاليج ۾ ليٽ پهچڻ ڪري ان
کي خيرباد چئي، پوءِ ٽرين تي صبح جو ٻانگ مهل اٿي
روانو ٿيڻ، جنوريءَ جي ٿڌين، سرد هوائن ۾
لئنسڊائون پل تان ٽرين ۾ گذرندي، يخ برف ٿيل پيرن
۾ هٿن جي ترين جو اڪڙجي وڃڻ، ڪڏهن به وسري نه ٿو
سگهي ۽ ئي وري مئي ۽ جون مهينن جي سخت گرمين
واريون منجهند جون لڳل لُڪون ۽ هوائون وساري سگهجن
ٿيون، ڇوته ان سان علم حاصل ڪرڻ جو اهڙو ته اتساهه
وڌيو جو وڏ کان وڌ ڌيان سان پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ
جي جستجو پڻ وڏندي رهي.
شاهه سائين جي هن بيت تي مون هميشه عمل ڪيو
”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.“
منهنجو پسنديده شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي.
پسنديده آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ مرزا قليچ بيگ جي
سوانح عمري.
سفرناما شوق سان پڙهندي آهيان، الطاف شيخ جا سفر ناما پسند اٿم.
لکندڙن ۾ امر جليل جون لکڻيون وڻنديون اٿم.
نعتن منجهه قصيده بُرده شريف بي انتها پسند آهي.
مضمون نويسيءَ جو بي انتها شوق رهيو اٿم، ڪيترا ڀيرا انعام پڻ
مليا. 20 (ويهن) جو انگ منهنجي زندگيءَ ۾ اهم رهيو
آهي. منهنجي ڄمڻ جي تاريخ 23 اپريل 1953ع،
يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملڻ جي تاريخ 22 اپريل 1976ع،
منهنجي شاديءَ جي تاريخ مارچ 1978ع، منهنجي پهرين
ٻار (فرزند) جي جي ڄمڻ جي تاريخ 24 اپريل 1979ع
آهي.
دوستي: ڇوڪرين ۾ ڪا به اهڙي نه جنهن سان زندگيءَ جو هر ڏک سُور
شيئر ڪري سگهجي، ها باقي ڇوڪرن منجهه، منهنجو
”دوست“ جيڪو هن وقت منهنجو گهر وارو پڻ آهي. ڪيترو
به وڙهون پر وري به مسئلي جو حل ڪٿي نه ڪٿي ڳولي
وٺندا آهيون. ”دوست“ جو آهيون پاڻ ۾، نه ته زال ۽
مڙس وارو ته قصو ئي ٻيو ٿيو وڃي.
سرتيون: فزيالاجي مضمون ۽ ان جي اهميت بابت ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: بحيثيت هڪ سائنسي علم جي ”فزيالاجي“ هڪ اهڙي ”مضمون“ جو
نالو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان هڪ عام رواجي ماڻهو به
ضرور ڪجهه نه ڪجهه ”لاڀ“ ضرور حاصل ڪندو. اهو هڪ
عام فهم ۽ ”متاثر“ ڪندڙ سبجيڪٽ آهي جنهن جي
”اڀياس“ کان پوءِ هر ماڻهو پنهنجي بدني ساخت
(ٻاهرين بناوت توڙي اندرين بناوت)، بدني ڪم ۽ صحت
کي ڪيئن قائم دائم رکجي، ۽ انهن سڀني ڳالهين جو
سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح ”صفائيءَ“ سان ڪهڙو ۽ ڪيئن
تعلق آهي، جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري وٺي ٿو.
جيڪڏهن ”سائنسي علم“ جي حيثيت ۾ اسان ڏسون ته ان سبجيڪٽ جي
تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري خود حضرت ”انسان“
جي، ڇو ته انسان کي سمجهه اچڻ کان پوءِ اها ئي
جاکوڙ هئي ته هاڻي هن ”دنيا“ ۾ گهڻي کان گهڻو وقت
ڪيئن ”سلامتيءَ“ سان گذارجي؟ آڳاٽي زماني ۾ انسان
بيمار ٿي پوندو هو ته کيس اها خبر ڪانه پوندي هئي
ته ”هو“ بيمار ڇو ٿيو آهي، جڏهن ”ڇو؟“ جي باري ۾
اڻ واقف هو ته ظاهر آهي ”بجاءُ“ جي باري ۾ به
اڻڄاڻ هو.
انڪري تاريخي پس منظر ۾ اچبو ته خبر پوندي ته فزيالاجي کي سڀني
”ميڊيڪل سائنسز جي ماءُ“ سڏيو ويو آهي.
پوءِ آهستي آهستي انسان کي خبر پوندي وئي ته جڏهن انسان ۾ رت
گردش ۾ آهي انسان ”زنده“ آهي ۽ جڏهن ”رت“ جي گردش
بيهجي وڃي ته انسان جي زندگي ته ختم ٿيو وڃي ٿي.
حاصل مطلب ته ”رت“ جو هجڻ زندگيءَ جي علامت سمجهيو
ويندو آهي. رت کي مذهبي ڪتابن ۾ به اهميت ڏني وئي
آهي، جيئن چيو ويندو آهي ته رب جي راند نه ڪريو.
بهرحال هڪ ”حساس“ لفظ رهيو آهي. جنهن جو سڌو سنئون
تعلق زندگيءَ جي علامت طور ۽ خوشحاليءَ سان وابسته
رهندو آيو آهي.
“Blood has been related to life and if one goes
through th holy books, blood bath or blood shed
or bloody war has been associated with death.”
انسان کي پنهنجي جسم اندر رت جي موجودگيءَ جو احساس ايترو ئي
پراڻو آهي، جيترو خود انسان، پر رت جي اهميت جي
باري ۾ انسان جي ڄاڻ سترهين صدي عيسويءَ تائين
تمام محدود رهي آهي. اها ڄاڻ تڏهن کلي سامهون آئي
جڏهن ڪجهه صديون پويان هڪ سائنسدان وليم هاروي اهو
ٻڌايو ته رت جسم اندر گردش ڪندو رهي ٿو.
آڳاٽي دور جي، يوناني، رومن ۽ لاطيني فيلسوفن جي خيال مطابق ته
جسماني بيماريون، رت اندر پيدا ٿيندڙ خرابين جي
ڪري ٿين ٿيون هينئر يعني موجوده دور ۾ هڪ حقيقت
بڻجي آڏو اچي چڪو آهي.
Now it is known fact today that most diseases, traumatic,
inflammatory, infective, organic and neoplastic
(both berign and malignant) are due th th
alteratious in blood. These alterations may be
in plasma, serum, blood cells, etc. blood is
being used extensively for diagnostic as well as
therapeutic purposes. Always dynamic and moving,
its stoppage, leads to death of tissue getting
devoid of its blood supply.
ماڊرن هيماٽولاجي جا مول متا، مشهور سائنٽسٽ وپِل، منوٽ ۽ ڪيسل،
سال 1920ع ۾ پيش ڪيا.
Whiple, Minot and Castle, 1920
خاص طور تي گذريل پنجاهه سالن دوران، فزيالاجسٽ ۽
هيماٽالاجسٽ گڏجي، حيرت انگيز ڪاميابيون حاصل ڪيون
آهن، جن منجهان ڪجهه ليبارٽري چڪاسون مثال طور
هيمو گلوبن، رت جي اڇن جزن جي ٽوٽل ڳڻپ، الڳ الڳ
مختلف ڳڻپ، رت جي ڳاڙهن جزن جي ڳڻپ ۽ ڪيتري دير ۾
هيٺ تري ۾ ويهن ٿا هاي ايتريون ضروري آهن، جو هر
ڊاڪٽر دير ۾ هيٺ تري ۾ ويهن ٿا اهي ايتريون ضروري
آهن، جو هر ڊاڪٽر (فزيشن)، ڪنهن به بيماريءَ جي
نوعيت (اصليت) تائين پهچڻ لاءِ پهريان تجويز ڪري
ٿو ۽ پوءِ علاج شروع ڪري ٿو. مٿيون ڄاڻايل اهڙي
قسم جون چڪاسون
(Tests)
، ڊاڪٽرن کي ڄاڻ جا خزانا مهيا ڪن ٿيون.
رت ”زندگي“ کي پچائڻ لاءِ (جيئن جو تيئن) يعني (هڪ ڊونر ٻي
ضرورتمند کي سڌو سنئون ڏيئي ڪري) يا وري رت ۾
موجود مختلف جزا) الڳ الڳ استعمال ڪري، ڪم آڻي
سگهجي ٿو ۽ اڄ تائين ان جو ڪو به نعم البدل پيدا
نه ٿي سگهيو آهي. توڙي جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي هن
دور بي شمار ترقي ڪئي آهي ۽ گڏوگڏ ميڊيسن جي دنيا
۾ انقلاب اچي ويا آهن پر ”رت“ خدا جي طرفان هڪ
اهڙي نعمت آهي، جنهن کي بطور ڊرگ
(Drug)
اڃا تائين ڪو به ٺاهي نه سگهيو آهي. اهو ئي سبب
آهي جو ”رت“ اڄ به زندگيءَ جي هڪ اهڙي علامت طور
موجود آهي جو جيڪڏهن ٻين لفظن ۾ کڻي چئجي ته بازار
منجهه وڪامجي ٿو ته اهو به ”زندگيءَ“ کي پچائڻ جي
خاطر. اڄ جي ماڊرن دور ۾ جتي سائنسي ايجادن، مختلف
سهولتون ڏنيون آهن، اتي هيماٽالاجي ۾ به بي شمار،
حيرت انگيز ايجادن جي ڪري ڪيترين ئي رت جي بيمارين
جو علاج آسان ٿي پيو آهي ۽ ٻين ڪيترين ئي لاعلاج
بيمارين جي حل ڳولڻ ۾ سائنسدان مصروف آهن.
The most frequently donated tissue is the red liquid
connective tissue (blood). Blood transfusion is
a life saving treatment in many instomees. We
are now doing bone-marrow transplantation to
help th victims of aplastic amaemia and similar
disorders where the bone-marrow dries up. Simply
said “Blood is life.”
سرتيون: توهين جيڪا تحقيق ڪري رهيون آهيو، ان جو عام ماڻهوءَ جي
زندگيءَ تي ڪيترو اثر پوي ٿو؟
جواب: مان جنهن موضوع تي ”تحقيق“ ڪري رهي آهيان تنهن جو عام
ماڻهو (خاص طور تي عورتن) سان سڌو سنئون تعلق آهي.
ڇو ته ”رت جي گهٽتائيءَ“ جي ڪي، ڪيتريون اهڙيون
بيماريون آهن، جيڪي صرف ”ڄاڻ“ نه هجڻ ڪري پيدا ٿين
ٿيون ۽ پوءِ جيڪڏهن اسان پنهنجين عورتن کي روزاني
زندگيءَ جا حوالا ڏيئي مثال پيش ڪري سندن
”رهنمائي“ ڪنداسين ته اهي ڪيترن ئي مونجهارن کان
پچاءُ، پاڻ مرادو ڪري سگهنديون، جيڪي مشڪلاتون کين
”ڳورهاري“ ٿيڻ کان اڳ، دوران ۽ پوءِ درپيش اينديون
رهن ٿيون، تن کي آرام ۽ سولائيءَ سان ڪنٽرول ڪري
سگهنديون. منهنجي تحقيقي مقالي منجهان ڪيترائي
”نقطا“، وقتاً به وقتاً سرتيون منجهه شايع ٿيندا
رهيا آهن. اميد اٿم ته ان منجهان ڀينر ضرور فيضياب
ٿيون هونديون، (هينئر به هڪ ٻيو مقالو ”رت ۽ رت جي
ڪميءَ باعث پيدا ٿيندڙ بيماريون“، شايع ٿيڻ جي
انتظار ۾ آهي.
سرتيون: ڇا پڙهيل ڳڙهيل عورت سماج کان پنهنجا حق وٺي سگهي آهي؟
جواب نه اڃا تائين نه.
سرتيون: اڄ جي پڙهيل ڳڙهيل عورت ٻٽي ذميداريءَ جو شڪار آهي؟
جواب: جي ها، بلڪل آهي. مرد جڏهن ڏٺو آهي ته عورت هاڻي ٻاهريان
ڪم به ڪري سگهي ٿي، ته مرد وڌيڪ ريليڪس ٿيندو پيو
وڃي، بجاءِ ان جي ته هو سندس ذميوارين ۾ هٿ
ونڊائي، ذميوارين جو وڌيڪ احساس ڏياريندي پاڻ آجو
ٿيندو پيو وڃي. مان ائين نه ٿي چوان ته سڀ هنڌ
ائين پيو ٿئي، نه بلڪل نه، پر ڳالهه جيڪڏهن عام
طور تي ڪبي ته بلڪل ائين نظر ايندو، جيئن مون مٿي
عرض ڪيو اهي. ڇو ته عام طور تي، جت عورت خوشحال جو
سوچي مرد سن هٿ ونڊائڻ چاهي ٿي ته مرد ذميواري
زرار ڏيندي پاڻ ساڻس هٿ نه ٿو ونڊائي.
سرتيون: زندگيءَ ۾ ڪي مسئلا اوهان کي درپيش هجن؟
جواب: ڀيڻ، زندگيءَ ته نالو ئي مسئلن جو آهي. مسئلا نه هجن ته
انسان ”جاکوڙ“ ڪيئن ڪندو، بس ڪنهن به ”مسئلي“ کي
”مسئلو“ نه بڻائجي، ڇو ته دنيا ۾ اهڙو ڪو مسئلو
ڪونهي، جنهن جو ”حل“ نه هجي. مون کي به ڏکيا سکيا
گهڻا ئي مسئلا درپيش آيا آهن. ايندا رهن ٿا، ۽
ايندا به رهندا، پر همت ۽ صبر سان منهن ڏيڻ جي
ڪوشش ڪندي رهي آهيان.
سرتيون: اوهين ڪهڙي مضمون تي تحقيق ڪري رهيون آهيو؟
جواب: منهنجي تحقيق جو موضوع آهي ”فزيلاجي آف بلڊ“ يعني ”رت جا
ڪم، اهميت ۽ ان سن لاڳاپيل بيماريون“ جيئن ته مون
توهان کي ”فزيالاجي“ سبجيڪٽ جي باري ۾ ٻڌايو آهي
ته اهو علم مجموعي طور تي اهڙو ”علم“ آهي جيڪو سڌو
سنئون انسانذات جي ”صحت“ سان لاڳاپيل آهي ۽ ان
”سائنسي علم“ حاصل ڪرڻ سان جيڪا جسماني ”صحت ۽
صفائي“ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ان ۾ خاص طور تي
صرف هڪ ”رت“ کي جيڪڏهن اسان ڏسون ته ڪيتري قدر اهم
ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ ڪيئن نه عام زندگيءَ ۽ صحت
لاءِ اهميت وارو آهي. خاص طور تي ”عورتن“ جي حوالي
سان، جڏهن اهي ”ڳورهاريون“ ٿين ٿيون ۽ ٿوري وقت
لاءِ سندن اندروني جسماني بناوت بدلجي ٿي ته ان
مهل ”رت“ جيڪو ”بدن“ ۾ گردش ڪندو رهي ٿو، تنهن جي
گهٽجڻ ۽ وڌڻ سان مختلف قسم جون پيچيدگيون ٿي پون
ٿيون، جن کي سمجهڻ هر هڪ ڳورهاري عوت لاءِ ضروري
آهي، انڪري مون ان موضوع جي چونڊ ڪئي.
سرتيون: اوهان پنهنجي ٻارن کي ڪيئن وقت ڏنو ۽ ڪيئن سندن تربيت
ڪئي؟
جواب: مون پنهنجي ٻارن کي تمام گهڻو ۽ خاص وقت ڏيئي، تعليم ۽
تربيت ۾ اڳتي ڪيو آهي. چوندا آهن ته ”پڪي گهڙي.
ڪَنا نه پوندا آهن“، سو ان جملي جي روشنيءَ ۾ مون
ٻالڪپڻ کان ئي کين اصول پسند ۽ آدرشي بنائڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. مان هتي اهو نه چونديم ته ڪو مان
”خاص ماءُ“ آهيان، ڇو ته هر ماءُ ٻار جي بهتريءَ
جو سوچيندي آهي پر ڳالهه صرف اها آهي ته پنهنجي
آفيس جي ذميوارين سان گڏ، گهر ۾ مون هڪ عام رواجي
ماءُ بڻجي نه پر تمام گهڻي حد کان وڌيڪ پيار،
محبت، ۽ اتساهه سان، پنهنجين خوشين، وندر ۽ آرام
وارين گهڙين کي نظر انداز ڪري، ٻارن جو خيال رکيو.
موٽ ۾ منهنجن ”ٻچن“ به منهنجو ”مانُ“ مٿانهون ڪيو
آهي. اهي الله تعاليٰ جا ”احسان“ آهن، اسان تي،
جنهن نيڪ ۽ صالح اولاد عطا ڪيو آهي. شل سدائين خوش
۽ خرم ۽ آباد رهن ۽ بدنظر کان بچن. (آمين). مون
پنهنجن ٻارڙن جو، ٻاروتڻ، ننڍپڻ (ٻالڪپڻ) ۽ اڳيان
هائر سيڪنڊري تعليم تائين هڪڙو منٽ به ضايع ٿيڻ نه
ڏنو آهي. مون لمحي، لمحي جو حساب رکيو، ايتري قدر
جو، جيڪڏهن ٻارن کي پڙهائيندي بجلي بند ٿي ويندي
هئي، مون ڪڏهن به کين اجازت نه ڏني ته وڃي کيڏو
ڪُڏو. پر ان دوران به کين زباني ڪم ياد ڪرائيندي
رهندي هيم، ته جيئن ”وقت“ کي ضايع نه ڪجي ۽ وقت تي
سمجهي ۽ وقت تي اٿجي. مجموعي طور گفتگو جو حاصل
مطلب هيءُ آهي ته ننڍن ٻار کي ٽائيم (وقت) جو
احساس ڏيارجي ته وقت ڪيڏو نه بي بها ۽ قيمتي آهي.
جيڪو به ٻار ننڍپڻ ۾ وقت جو پابند هوندو اهو ضرور
اصول پسند ٿيندو ۽ ڪاميابي ماڻيندو .
سرتيون: ٻارن کي تعليم مادري زبان ۾ ڏيارجي يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ
منجهه؟ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
جواب: منهنجي خيال مطابق ٻارڙن کي تعليم پنهنجي ٻوليءَ ڏيارڻ
کپي، ڇو ته ٻار پنهنجي ماءُ جي هنج کان وٺي پنهنجن
پيرن تي بيهڻ تائين ۽ پوءِ ارد گرد جي ماحول ۾
جيڪي آواز ٻڌي ٿو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سڀ
مادري ٻوليءَ ۾ هوندا ۽ اهڙي طرح هو شعوري طور ۽
فطري طور جيڪو ڪجهه پنهنجي لاشعور ۾ محفوظ ڪري ٿو،
سو سڀ ڪجهه مادري زبان ۾ هجي ٿو. انڪري، جڏهن هو
پڙهڻ ۽ لکڻ لائق ٿي وڃي ٿو ته پنهنجيءَ ٻوليءَ
منجهه مليل تعليم کي تمام آسانيءَ سان سمجهي ۽ ذهن
نشين ڪري سگهي ٿو ۽ تمام ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪجهه
حاصل ڪندو وڃي پنهنجي منزل تي پهچي ٿو. جڏهن ته ٻي
ٻولي سکڻ لاءِ توڙي جو هُن وٽ صلاحيت بيشڪ موجود
هجي ٿي، پر پوءِ به سکڻ جي رفتار تيز نه ٿي ٿي
سگهي. ها اهو ضرور ي آهي ته لسانيات جي ماهرن
مطابق ننڍڙي ٻار ۾ جيئن ته سکڻ جي صلاحيت تيز
هوندي آهي انڪري هو ٻي ٻولي به ڪجهه عرصي بعد
آسانيءَ سان سکي سگهي ٿو. انڪري بهتر ائين ٿيندو
ته اجائي بحث ۾ وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته ٻارڙن
جي بنيادي تعليم کي بهتر ڪيو وڃي. سٺي تعليم ڏيڻ
سان جيڪڏهن ڪا به ٻي ٻولي، چوٿين يا پنجين درجي
کان پوءِ پڙهائي وڃي ته ٻار آسانيءَ سان ٻن يا ٽن
ٻولين تي عُبور حاصل ڪري سگهي ٿو. پر جيڪڏهن
پرائمري تعليم ۾ صفا پوئتي پيل آهي ته پوءِ سڄي
عمر انگريزي پڙهڻ وارا انگريزي ڪو نه ٿا سکي سگهن.
اصل ڳالهه سکيا ۽ تربيت جي آهي.
خوشقسمتيءَ سان منهنجي ٻارن ۾ پنهنجي مادري زبان جي باري ۾ گهڻي
حساسيت موجود آهي. توڙي جو اصليت پسند ۽ جدت پسند
انگريزي ۽ سنڌي کي پرائمري سطح تي رائج ڪرڻ جي
باري ۾ مختلف خيال رکن ٿا. انگريزي زبان جي اهميت
کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي پر سمورن سڌريل ملڪن ۾
پرائمري تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ٿي، جنهن
اصول کي گڏيل قومن جو ادارو پڻ مڃي چڪو آهي. سڄي
يورپ ۾ هائي ڪا نه ڪا ٻولي ٻي ٻوليءَ طور پڙهائي
وڃي ٿي، جنهن ڪري، ڪجهه عرصي بعد اتي هر ٻار ٻه
ٻوليو
(Bilingual)
يا گهڻ ٻوليو
(Multe lingual)
هوندو.
سرتيون: توهان پنهنجن ٻارن کي ڪهڙن اسڪولن ۾ تعليم ڏياري؟
جواب: ڀيڻ جيئن ته اسان جي رهائش سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ هئي،
انڪري مون پنهنجي وڏي فرزند ذوالفقار عليءَ کي،
”ماڊل اسڪول“ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ داخلا ڏياري
۽ الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان ان وقت کيس بهترين
استاد نصيب ۾ آيا. جن ۾ هڪ نالو آپا حسنه ميمڻ جو
آهي. جن جي محنتن سان هو ڪاميابيءَ سان اڳيان
وڌيو. تنهن زماني ۾ تعليم ڏيڻ وارا استاد بهترين
هئا، هينئر ان معيار جا استاد گهٽ آهن، پر جيئن ته
انگريزيءَ جو ”ديو“ اسان جي سنڌي ماڻهن ۾ راڄ ڪرڻ
لاءِ ڇڏيو ويو آهي. انڪري ٻين، سببن کي ڏسندي مون
پنهنجن ٻن ٻارن کي حيدرآباد شهر ۾، سينٽ بونا
وينچر هاءِ اسڪول ۽ ڌيءَ کي سينٽ ميري هاءِ اسڪول
۾ داخل ڪرايو. پر ان کان پوءِ مون وري چوٿين نمبر
فرزند کي مهراڻ پبلڪ اسڪول ڄام شوري ۾ داخل ڪرايو.
ٻارن کي مختلف اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ سان مون کي
تڪليف ته ضرور ٿي، پر مون تجربي مان حاصل ڪيو ته
جن ٻارن انگريزيءَ سان گڏ سنڌي پڙهي سي وڏيڪ
هوشيار آهن، بنسبت انهن جي جن انگريزيءَ سان گڏ
اردو پڙهي. هاڻي سوال هيءُ اڀري ٿو ته اسان سنڌي
ماڻهو جيڪي سماج جي هر شعبي ۾ موجود آهيون. هر
ليول جا ڪامورا، وڏا ماڻهو، خاص طور تي تعليمدان ۽
تعليمي ماهر، انهن سڀني کي اها ننڍڙي ڳالهه ڇو
ڪونه ٿي سمجهه ۾ اچي، ته انگريزي بلاشبه اڄ جي
گلوبلائيزيشن واري دنيا ۾ بي انتها، وقت جي تقاضا
بڻجي وئي آهي، ان جو سکڻ بلاشبه نه صرف ضروري، پر
گڏوگڏ پنهنجي ايندڙ نسل جي بقا لاءِ بي انتها
ضروري آهي، ته پوءِ نرسري کان وٺي سنڌي لازميءَ سن
گڏگڏ انگريزي پڙهائي وڃي نه ڪي اردو؟ جيئن اسان وٽ
(سنڌ صوبي ۾ رائج آهي). اصل ڳالهه اها آهي ته سنڌي
جيئن پڙهائي وڃي ٿي تيئن موجود هجي، گڏوگڏ ”اردو“
جي جاءِ تي انگريزي هجي. ”ٻه ٻوليون“ جيئن مون
پهريون ٻڌايو آهي ته سڄي دني جا ٻار اڄ ڪالهه سکن
پيا. چوٿين درجي کان پوءِ اردو شروع ڪئي وڃي، جيڪا
هونئن به رابني جي زبان آهي ۽ نه سيکارڻ ۽ پڙهائڻ
جي باوجود هر ڪو لکي ۽ پڙهي ۽ ڳالهائي سگهي ٿو. پر
هڪ دفعو ننڍڙي معصوم ذهن جو ڪهڙو حشر ٿيندو، ۽ اهو
ڪيترو هوشيار ٿيندو، ۽ اهو ڪيترو هوشياريءَ سان
اڳتي وڌندو ۽ دنيا ۾ عملي طور تي قدم ڄمائيندو.
اهو ڪو ڄاڻي سگهي ٿو.
سرتيون: ڇا توهان جا بار سنڌي لکي پڙهي سگهن ٿا؟
جواب: بلڪل، لکي ۽ پڙهي سگهن ٿا، آخرڪار سنڌي ماءُ پيءُ جو
اولاد آهن، پر هتي مان پنهنجين ڀينرن کي خاص طور
ٻڌائيندي هلان ته، مون انهن ٽن ٻارن سان جن
ڪانوينٽ منجهان تعليم ورتي آهي، خاص محنت ڪري گهر
۾ سنڌي پڙهائي ۽ سمجهائي ۽ بورڊ جي امتحانن ۾
”لازمي سنڌي سبجيڪٽ“ لا3 تياري ڪرائي. ائين ڪرڻ
منهنجو فرض هو. ۽ انگريزي پڙهائڻ، حالات ۽ وقت
پٽاندڙ مجبوري هئي. سو اسان کي گهرجي ته اسان جو
ايندڙ نسل آساني محسوس ڪري سگهي.
سرتيون: اوهان جي پسند جون اخبارون؟
جواب: ڀيڻ سچي ڳالهه اها آهي ته ننڍڙي هوندي کان ”سنڌي“ پڙهندي
آئي آهيان. انڪري ”سنڌي“ اخبارون اڳ ۾ پڙهندي
آهيان ۽ پوءِ ٻئي نمبر تي انگريزي ”ڊان“ پسند اٿم
ڇو ته ملڪ گير ”خبر“ رکڻ به بي انتها لازمي آهي ۽
گڏوگڏ اردو اخبار ”جنگ“ پسند اٿم.
سنڌي اخبار ”ڪاوش“ پسند اٿم ڇو ته اسان جي چوڌاري جيڪو ماحول
موجود آهي، تنهن جون خبرون صرف ”ڪاوش“ ۾ هونديون
آهن. اخبار مان ضرور پڙهندي آهيان خاص طور تي رات
جو سمهڻ کان اڳ، ڇو ته ان کان سواءِ ننڊ ئي نه
ايندي آهي.
سرتيون: اوها ”سرتيون“ رسالو پڙهندا آهيو، ان جي باري ۾ ڪي
صلاحون؟
جواب: ”سرتيون“ رسالو تمام بهترين ۽ معياري رسالو آهي، جيڪو
ننڍڙي ڀيڻ ”گلبدن“ جي ”ادارت“ ۾ تمام گهڻي ترقي
ڪري رهيو آهي. ۽ ”ماهوار“ ڇپجڻ تي، ڀيڻ گلبدن کي
مبارڪون هجن. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته اڃا وڌيڪ
ترقي ڪري (آمين).
جيڪڏهن ان ئي رسالي ۾ هڪ صفحو ”ننڍڙين سرتين“ جي نالي مخصوص ڪيو
وڃي ته ”مائرن“ سان گڏوگڏ ”ڌيئرون“ به ذوق و شوق
سان پڙهنديون ۽ پڙهندڙن ۾ اضافو ٿيندو. (ننڍڙيون
ٻارڙيون پنهنجي صفحي لاءِ لکنديون ۽ طبع آزمائي
ڪنديون.)
سرتيون: اوهين هڪ استاد جي حيثيت ۾ پاڻ کي ڪيئن ٿيون ڏسو...؟
جواب: ان سوال جو جواب ته شاگرد ئي بهتر نموني ڏئي سگهن ٿا ته
مان ڪهڙي قسم جي استاد آهيان. پر جيتري قدر مان
سمجهان ٿي ته شاگردن جي خيال ۾ ما (سخت استاد)
آهيان. فطري طور جيئن ته مون کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان
شوق آهي. انڪري مان ڪوشس ڪندي آهيان ته منهنجو ڏنل
ليڪچر شاگردن کي سمجهه ۾ اچي. انڪري ڪجهه سختي به
ڪرڻي پوندي آهي. منهنجي پڙهائڻ جو طريقو به ٿورو
مختلف آهي. مان يونيورسٽيءَ ۾ 1976ع کان پڙهائڻ جي
شعبي سان وبسته آهيان پر ڪڏهن به شاگردن کي نوٽس
ٺاهي نه ڏنا آهن.
پڙهائڻ دوران، هر ننڍو وڏو موضوع زير بحث آڻيندي آهيان، شاگردن
جي ليول تي اچي پڙهائجي ته شاگرد وڌيڪ سمجهي سگهن
ٿا (اسان جي ڳوٺن جي شاگردن جي الميو اهو آهي ته
اهي انگريزي گهٽ سمجهن ٿا، جنهنڪري يونيورسٽيءَ ۾
اچي کين ڏکيائي پيش اچي ٿي. اسان جي تعليمي ادارن
۾ خاص طور تي (ڪاليج سائيڊ تي) پڙهائيءَ ڏي بلڪل
به ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. بلڪه (مغذرت) سا جيڪڏهن
ائين چئجي ته ڪاليج سائيڊ تي پڙهايو/سيکاريو نه ٿو
وڃي ته ڪو خاص وڌاءُ نه ٿيندو. منهنجو ذاتي تجربو
آهي ته جڏهن (شهر کي ڇڏي خاص طور تي ڳوٺن منجهان)
شاگردن کان بنيادي سائنسي ۽ ليبارٽرين ۾ استعمال
ٿيندڙ اوزارن جي نالن بابت ڪو سوال ڪيو ويندو آهي
ته جواب ڏيڻ جي قابل نه هوندا آهن. وڌيڪ توهان حال
پاڻ ڏسو پيا. اڄ ڪالهه وري به ڪجهه واڌارو آيو، سو
به صرف ثيوشن سينٽرس جي زور تي ۽ ڪجهه وري
Entry Test
جي دٻاءَ سبب. شاگرد پنهنجي طور تي محنت ڪن ٿا ۽
اڳي کان گهڻي قدر بهتري آئي آهي. باقي ڪاليج وارن
جي پڙهائيءَ جا حال ساڳيا آهن. جيترو توجهه اسان
وٽ يونيورسٽيءَ ۾ ڏنو وڃي ٿو. ايترو ڏيان جيڪڏهن
ڪاليج سائيڊ تي ڏنو وڃي ته نتيجا يقيني طور بهتر
ٿي سگهن ٿا.
سرتيون: آئيڊيل ٽيچر اوهان جي نظر ۾؟
جواب: آئيڊيلزم جي مان ته شڪار نه آهيان پر پوءِ به جيڪڏهن
”آئيڊيل“ جي ”وصف“ متاثر ٿيڻ جي آهي ته يقيناً مان
پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه استادن کان ضرور متاثر رهي
آهيان. انڪري منهنجيءَ نظر ۾ هڪ استاد جو”رول“
اهڙو هجڻ ضروري آهي. جو ان جي پوئواري ڪندي،
”شاگرد“ طبقو بلڪل ان جهڙو ٿي هلڻ پسند ڪري. يعني
ته هڪ ”استاد“ پاڻ اهڙي نموني پڙهائي، سمجهائي،
سيکاري ۽ عملي طور تي جيڪو چوي ان تي عمل پيرا ٿي
ڏيکاري. قول و فعل ۾ هڪجهڙو هجي، مجموعي طور تي
بااخلاق، باڪردار، باهمت، همدرد، همت ڏياريندڙ، ۽
صحيح رخ ۾ رهنمائي ڪندڙ هجي. انڪري منهنجي خيال ۾
آئيڊيل استاد اهو آهي، جنهن جي قول و فعل ۾ تضاد
نه هجي ۽ سندس حياتي ٻين لاءِ وقف هجي (سيکارڻ،
سمجهائڻ جي حوالي سان) ۽ پنهنجي شاگردن لاءِ رول
ماڊل جو ڪردار ادا ڪري. استاد ٿيڻ ڪا گهٽ ڳالهه
ڪونهي، ائين ئي هروڀرو پيغمبري پيشو نه ٿو چيو
وڃي، ڇو ته اهو هڪ محنت طلب ۽ مسلسل جفاڪشي ۽
جاکوڙ وارو سلسلو آهي، هڪ ٻار سان محنت ڪرڻ، ان کي
ان جي ليول سان سمجهائڻ ۽ سيکارڻ ۽ باقاعدي ۽ بار
بار سمجهائڻ ڪا آسان ڳالهه ڪونهي جيڪڏهن ائين هر
”استاد“ ڪري، ته پوءِ ته ڳالهه ئي ٻي آهي. اسان
پنهنجي وت ۾ اهڙا جاکوڙي ”استاد“ ڏٺاسين، جن
منجهان هڪ منهنجي ننڍپڻ جي اسڪول ٽيچر ”آپا سڳي
ڀاٽيا“، حال حيات آهن، ٻي آپا سلميٰ شيخ (حال حيات
آهن) ۽ ٽيون استاد اسلاميه ڪاليج ۾ منظور صاحب
(زولاجي جو استاد، حال حيات آهن) جن جي پڙهائڻ
ڪري، مون اڳيا هلي ايم ايس سي
M.Sc
(زولاجي) ۾ ڪئي ۽ وري يونيورسٽيءَ اچي مانواري استاد ڊاڪٽر دين
محمد کان متاثر ٿي مون فائينل ايئر ۾
اسپيشلائيزيشن فزيالاجي ۾ ڪئي. جيڪڏهن متاثر ٿيڻ
کي آئيڊيل سڏجي ته پوءِ يقيناً استاد کي بهترين
انسان ٿيڻو ئي پوندو، جيئن ان جا شاگرد وري ان کان
متاثر ٿين ۽ ائين هي سٺائپ ۽ سهڻائپ جو سلسلو
(پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارو) جاري و ساري رهندو.
سرتيون: مرد اوهان جي نظر ۾؟
جواب: ڀيڻ توهان جي پڇيل سوالن منجهان ڏکئي ۾ ڏکيو سوال آهي؟ پر
ان جو آسان جواب مان توهان کي ضرور ڏينديم. ”مرد“
الله تعاليٰ جي طرفان عطا ڪيل بهترين نعمت، جيڪو
”عورت“ لاءِ ”ڇپر ڇانو“ آهي ڳالهه در اصل اها آهي
ته اسان جي سماجي جوڙجڪ، ثقافتي پس منظر، روز مره
جي زندگيءَ جي طرزن، طريقن ۽ مذهبي بنيادن جي آڙ
وٺي، ”مرد“ صرف پنهنجي عزت ڪرائڻ ڄاڻي ٿو پر تمام
گهٽ مرد ”عورت“ جي عزت ڪرڻ ڄاڻن ٿا. اها ڳالهه مان
عام طور تي ”مردن“ منجهه ڏسان ٿي، ڇو ته ورڪنگ
ليڊي ٽيچر جي حيثيت ۾، توڙي ڪو ايجوڪيشن ۾
پڙهائيءَ دوران ”شاگردي“ واري زماني ۾، شاگردن جي
طرفان مليل ”عزت“ منجهان توڙي جو ذاتي طور تي مان
بي انتها خوش، مطمئن آهيان ۽ الله تعاليٰ جا لک
احسان آهن جو اسان کي ڀرپور عزت ملندي رهي آهي، پر
مجموعي طور تي ڏسجي ته ”مرد“ عورت جي ”عزت“ نه ٿا
ڪن. هينئر وقت اچي ويو آهي جو مردن کي کپي ته
پنهنجي ”گهر“ ۾ توڙي ٻاهر ”عورت“ جي عزت ڪن ۽ کين
احترام جي نظر سان ڏسن. هينئر ”عورت“ نه صرف ماءُ،
ڀيڻ ۽ زال بڻجي گهر سنڀالي رهي آهي، پر ”مرد“ جي
ٻانهن ٻيلي ٿي، کيس اقتصادي طور تي پڻ مدد ڪري رهي
آهي، نوڪري ڪرڻ سان گڏوگڏ گهريلو ذميواريون ۽ ان
سان گڏ ساڳي وقت، پنهنجن مٽن، مائٽن سان سماجي
لاڳاپا رکڻ، ٻارن کي پالڻ کان وٺي تعليم پرائڻ
(هوم ورڪ ڪرائڻ) کان وٺي هر قسم جي مدد ڏيڻ ۾
ڀرپور طريقي، پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي.
(ورڪنگ ليڊي) جا ٻار گهڻي ڀاڱي ”ماءُ“ سان اُنس
ويجهڙائپ رکن ٿا ۽ هر ننڍو وڏو مسئلو ”ماءُ“ سان
شيئر ڪن ٿا. انڪري ”مرد“ کي کپي ته ”عورت“ جي عزت
۽ احترام لازمي طور تي ڪري. پر هڪڙي ٻي ڳالهه آهي
ته عورت تي پڻ فرض آهي ته بحيثيت ”ڌيءُ“، ”ڀيڻ“،
”زال“ ۽ ”ماءُ“ جي پنهنجو ڪردار مثبت طور سامهون
آڻي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي سمجهو ته عورت ڪهڙي به
روپ م هجي پر جيڪڏهن هوءَ مرد سا ٻانهن ٻيلي ٿي
بيهي ٿي ۽ صبر۽ تحمل کان ڪم وٺي ٿي ته (ڇو ته صبر
۽ تحمل کان ڪم وٺڻ عورت لاءِ لازمي آهي) پوءِ گهر
جو ماحول ڪنهن حد تائين خوشگوار رهي ٿو. ماڻهو پاڻ
به خوش ۽ ٻيا گهر ڀاتي به خوش، اصل ”زندگي“ به ان
جو ئي نالو آهي.
سرتيون: ٻيا ڪي اوها جا شوق؟
جواب: مون کي سير و تفريح جو شوق آهي. گڏوگڏ فوٽو گرافي ۽ فوٽو
ڪليڪشن پسند اٿم.
سرتيون: رنگ ڪهڙو پسند اٿو؟
جواب: رنگن ۾ اڇو ۽ ڪارو رنگ وڻندا آهن. لباس ۾ شلوار قميص سٺي
لڳندي آهي. پر جيڪڏهن مغرب ۾ هجان ها ته شايد ٽي
شرٽ ۽ ٽرائوزر استعمال ڪريان ها.
سرتيون: پسند جا کاڌا؟
جواب: کائڻ ۾ مڇي فراءِ ۽ ڪيڪ.
سرتيون: ننڍڙي ٻار کي دنيا ۾ ڪامياب انسان بنائڻ لاءِ ڪي اصول
جيڪي توهان جي ذهن ۾ هجن ۽ توهان ذاتي مشاهدي
منجهان حاصل ڪيا هجن؟
جواب: بيشڪ هي هڪ نهايت ضروري سوال آهي، جنهن جو مختصر جواب اهو
آهي ته پهرين گهر جو ماحول تمام بهترين هجي، يعني
ته گهر ۾ رهندڙ سڀني گهر ڀاتين جو اخلاق ۽ اٿڻ
ويهڻ جا طور طريقا، پوءِ ٻئي نمبر تي ماءُ ۽ پيءُ
جا پاڻ ۾ بهترين لاڳاپا هجن يعني سهڪار هجي، جيئن
ته ماءُ جي هنج پهرين درسگاهه آهي. انڪري ماءُ جو
تعليم يافته هجڻ بي انتها ضروري آهي. گڏوگڏ
بااخلاق ۽ پرهيزگار، ڇو ته ائين ڪرڻ سان ٻار جي
ذهني نسونما مثبت انداز ۾ ٿئي ٿي. پوءِ اچو اسڪول
واري مرحلي ڏانهن ته اهو لازمي آهي ته استاد هر
حالت ۾ ذميواري محسوس ڪندڙ هجي. (الله تعاليٰ جا
لک احسان جو منهنجن ٻارن کي زماني ۾ ”ٻار“ کي سٺا
استاد، اسڪول منجهه سٺو ۽ صاف سٿرو ماحول ۽ نصابي
پڙهائيءَ سان گڏوگڏ گهر ۽ اسڪول ۾ صحيح تعليم و
تربيت ملندي رهي ته پوءِ ضرور اڄ جو ٻار سڀاڻي جو
بهترين انسان بڻجي ويندو.
سرتيون: ڪهڙي شخصيت کان متاثر آهيو؟
جواب: آپا خديجه خانم دائود پوٽو صاحبه جن جي شخصيت، بيشڪ متاثر
ڪندڙن منجهان آهي، پر منهنجي لاءِ هميشه خاص طور
تي خاص رهي. ان وقت کان جڏهن اڃا مون کين ڏٺو نه
هو (اها ڳالهه مئٽرڪ جي زماني جي آهي. غالباً سال
1969 _ 1968 جي آهي) جڏهن مون پنهنجو مضمون (انعام
يافته)، ڏانهن موڪليو ۽ راءِ گهري ته توهان ٻڌايو
ته ڇا مان اڳتي به لکي سگهان ٿي، ان مهل سندن
ادارت ۾ ”اديون“ نالي رسالو نڪرندو هو، ان ۾ نه
صرف منهنجو اهو مضمون شامل ڪيائون پر اتساهه وڌائڻ
۽ رهنمائيءَ طور خط لکي شڪريه جو موقعو به ڏنائون
۽ وڌيڪ اڳتي ڪجهه لکڻ لاءِ جوش به وڌايائون. پوءِ
اهو سلسلو انٽر ۽ بي ايس سي تائين ته قائم رهيو پر
پوءِ يونيورسٽي اچي صرف پڙهائي ڏي ڌيان ڏنم، ڏينهن
رات جدوجهد مون
M.Sc
۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي جنهن ڪري لکڻ جو سلسلو ختم
ٿي ويو. تنهن بعد وري ٻيون مصروفيتون وڌي ويون.
آپا خديجه خانم دائود پوٽو سان مون کانئس آٽو گراف
ورتو. ان کان پوءِ سندن رهنمائي نه صرف منهنجي حصي
۾ آئي، پر اها خوشقسمتي چئجي جو منهنجن ٻچن جي حصي
۾ پڻ آئي. اڄ به منهنجا ٻار ”عروج ۽ وقار علي“
جڏهن به ڪيلو کائيندا آهن ته سندن فهمائشي انداز
سمجهائڻ ۽ کائڻ جو طريقو سيکارڻ جو انداز (جڏهن هو
اڃا ننڍڙا پتڪڙا هئا ۽ نرسري ۾ اڃا داخل ٿئي مهينو
به ڪونه ٿيو هين) اُهي ساروڻيون ساري هڪ ٻئي سان
کلندا آهن ۽ کين خراج تحسين پيش ڪندا آهن ته ڪيئن
نه محبت سان آپا کين هر ڳالهه سمجهائيندي هئي.
الله تعاليٰ سندن مغفرت ڪري، جنت الفردوس عطا ڪري
(آمين).
سرتيون: ڪا غلطي ڪري ويهو ته پوءِ ....؟
جواب: تمام تڪڙ ۾ ۽ جلدي معافي وٺندي آهيان. ڇو ته دل ۾ بغض ۽
ڪينو نه ٿي رکي سگهان. پهرين ته ڪوشش اها هوندي
آهي ته ڪنهن کي ڏکوئجي ئي نه، پر جيڪڏهن اتفاقاً
ائين ٿي پوي ته معافي وٺڻ ۾ عيب ڪونهي. هيٺين سٽ
تي عمل پيرا رهندي آهيان:
”اڻ چوندن مَ چئه، چوندن چيو وسار.“
يا وري هيئن ته
”هو چونئي تو م چئه، واتئون ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪر، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي.“
(شاهه لطيف رح)
سرتيون: سائنس گروپ توهان پنهنجي مرضيءَ سان کنيو؟
جواب: سبجيڪٽ کان هٽي ڪري جيڪڏهن جواب ڏيان ته بنيادي طور تي
سائنس گروپ کڻڻ ۾ منهنجي مرضي شامل نه هئي. منهنجي
اسڪول جي زماني جي مشهور استاد (حال حيات آهن) آپا
سگيءَ جي زبردستيءَ چوڻ تي مون سائنس گروپ کنيو.
منهنجن مائٽن جي ڪا به زبردستي نه هئي، پر منهنجي
امڙ جي هر ماءُ وانگر خواهش هئي ته مان ڊاڪٽر
ٿيان، پر جيئن ته منهنجو ذهني لاڙو، سنڌي لٽريچر
ڏانهن هو، انڪري مون کي سنڌي مضمون نويسي، تاريخ،
اسلاميات جهڙا مضمون بيحد پسند هئا. جڏهن ته حسابن
۾ مان بي انتها ڪمزور هيس. پر ٻئي طرف مون کي جنرل
سائنس ۽ علم بدن ۽ علم صحت بي انتها پسند هئا.
انڪري مون کي فزڪس ۽ ڪيمسٽري پسند نه هئا. جيئن ته
ان زماني ۾ نائين درجي ۾ ئي چونڊ ڪرڻي هوندي هئي،
ته ان وقت مون به آرٽس جي چونڊ ڪئي. پر جيئن ته
اسان جي اسڪول ۾ (1968 جي ڳالهه آهي) پهريون دفعو
سائنس گروپ متعارف ٿي رهيو هو ته استادن منهنجو
نالو سائنس گروپ ۾ ڏيئي ڇڏيو، ڇو ته مان پڙهائيءَ
دوران هميشه پهرين يا ٻي پوزيشن کڻندي هئس. ان
کانسواءِ راندين ۾ حصو وٺڻ، مجموعي طور (غير نصابي
سرگرمين) جهڙوڪر بحث مباحثن ۾، ڊرامن ۾، شاگرد
يونين ۾، مطلب ته هر قسم جي ايڪٽوٽيءَ ۾ مون ايڪٽو
رول ادا ڪيو. ڪيترائي انعام پڻ حاصل ڪي. ان سان
گڏوگڏ جڏهن ڪلاس نائين جو رزلٽ آيو ۽ صرف چئن
ڇوڪرين سڀ سبجيڪٽ پاس ڪيا ته پوءِ لازمي طور تي
هيڊ مسٽريس ۽ ٻين استادن گڏجي منهنجو نالو سائنس
گروپ ۾ لکي ڇڏيو.
حقيقت اها آهي ته ان زماني ۾ اسان کي يعني ”عام شاگرد“ کي اڃا
ايتري ڄاڻ ئي نه هئي ته ڇا ڪرڻ کپي، ڪهڙي شعبي جي
چونڊ ڪجي؟ ۽ ڪهڙن بنيادن تي ڪجي؟ اڄ ڪالهه ميڊيا
جو زور آهي ۽ اسان جو نئون نسل اسان کان وڌيڪ
باخبر ۽ هوشيار آهي، صرف ان کي صحيح رهنمائيءَ جي
ضرورت آهي. ان جو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته اسان جا
استاد بس ائين ئي هئا، بلڪه اهي وڌيڪ محنتي هئا.
سرتيون: اهڙي ڪا خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي؟
جواب: نوڪريءَ دوران پنهنجي
Academic qualification
کي اڳتي نه وڌائي سگهيس. نوڪريءَ سان گڏوگڏ ٻچن
جي پڙهائي کان وٺي، گهرداري جي ذميواري مون کي
پڙهڻ لاءِ ڪو وقت نه ڏنو، جنهنڪري اڃا تائين
PH.D
مڪمل نه ڪري سگهي آهيان. پوءِ به شڪر آهي ته ٻار
منهنجي خواهش مطابق پڙهي لکي پار پيا آهن. هونئن
به چوندا آهن ته سڀ خواهشون ته پوريون ڪونه ٿي
سگهنديون آهن. هن شعر جيئن:
”هزارون خواهشين ايسي، ڪي هر خواهش په دم نڪلي.“
بهت نڪلي ميري ارمان پهر ڀي ڪم نڪلي.“
سرتيون: اهڙو ڪم جنهن تي اوهان کي فخر هجي؟
جواب: مون کي خوشي آهي ته جنهن سماج ۾ مان رهان ٿي، اتي جا سڀ
رهواسي مون کي بهترين استاد، بهترين ماءُ ۽ بهترين
زال سمجهن ٿا ۽ سچ پچ عزت ۽ احترام ڏين ٿا. ان کان
وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه تي انسان فخر ڪندو ته بحيثيت
استاد شاگرد عزت احترام ڪن، ٻار ٻچا خود پنهنجو
ڳاٽ اوچو ڪري هلي سگهن ۽ مڙس مڪمل اعتماد ۽ اعتبار
ڪري. مان آخر ۾ پنهنجن شاگردن، ٻارن ۽ گهر واري
لاءِ سدائين دعا جا هٿ بلند رکنديم.
”خدا ڪري تم سب دائمي خوشيون سي همڪنار رهو،
رهي گا تيري گرد ميري دعائون ڪا هصار.“
هڪ استاد جي شاگرد لاءِ، هڪ ماءُ جي ٻچن لاءِ، هڪ زال جي پنهنجي
سرتاج لاءِ دعا.
سرتيون: زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
جواب: وڏا ٻه پٽ، خير سان انجنيئر ٿي ويا آهن، نياڻي ڊاڪٽر ٿي
وئي آهي. (هينئر هائوس جاب پئي ڪري) هڪ فرزند (بي
انتها لاڏلو)
C.S.S
ڪري رهيو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، آخري ننڍڙو
هينئر انٽر سائنس (پريسٽن ڪاليج) ۾ پڙهي رهيو آهي.
وڏي فرزند جو نالو ذوالفقار علي، ان بعد وقار علي، عروج
(نياڻي)، عمر علي ۽ زهير علي ڀٽي. الله پنهنجين
نعمتن سان نوازيو آهي. نيڪ ۽ صالح اولاد عطا ڪيو
اٿس، هر طرح جو خيال رکڻ وارو گهر وارو مليو آهي.
زندگيءَ جي هر شعبي ۽ هر موڙ تي مددگار ۽ ساٿ ڏيڻ
وارو ۽ اعتماد ڪرڻ وارو آهي. باقي سک ۽ ڏک ته
هميشه گڏوگڏ هلندا پيا ايندا آهن. چوندا آهن ته
انسان ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، يعني ته دنيا
۾ انسان جا حالات گهٽ وڌ ٿيندا رهندا آهن. هر حال
کي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏيڻ ئي اصل ۾ بهادريءَ جو ڪم
آهي. مون پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي هن مهل تائين، اهو
مشاهدو ڪيو ته جنهن گهر ۾ عورتون پڙهيل، لکيل (ڀلي
اعليٰ تعليم يافته نه به هجن)، سلجهل ۽ درگذر ڪرڻ
واريون، هر حال ۾ مرد سان ٻانهن ٻيلي ٿي ساٿ ڏين
ٿيون، ان گهر جو ماحول سڪون وارو رهي ٿو ۽ ٻار
اعليٰ درجي جو اخلاق سکن ٿا ۽ ڀرپور محنت، ۽ لکن
سان تعليم جي طرف توجهه ڏيئي، پنهنجي مائرن جي
خدمتن جي عيوض، پاڻ بلند مقام تي پهچڻ جي خواهش ڪن
ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي، ان ۾ ڪامياب به وڃن ٿا.
بنيادي طور تي مان درگذر ڪرڻ واري آهيان ان ڪري پنهنجي گهر واري
جون ڪيتريون ئي ڳالهيون مون برداشت ڪري ڇڏيون آهن،
ورنه زندگيءَ جي گاڏي گهلڻ ڏکي ٿي پوي.
سرتيون: توهان کي ”ڪاوڙ“ ايند اهي؟
جواب: جي ها بلڪل، بي انتها، ڪو ماڻهو بي بنياد ڳالهه چئي وجهي
ته بي اختيار ۽ بي انتها ڪاوڙ اچي ويندي آهي باقي
عام حالتن ۾ منهنجو ڪڏهن به ڪنهن سان دوبدو جهيڙو
نه ٿيو آهي. جو منهنجي تمام سٺي پئماني تي سوشل
سرڪل ۽ سوشل لائيف آهي.
سرتيون: نوڪري، گهر، ٻار ۽ تحقيق، انهن سڀني ڪمن کي ڪيئن ٿيون
وقت ڏيو؟
جواب: ڀيڻ ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته مستقل مزاجيءَ سان ۽ جيڪڏهن
توهان پنهنجي طور اصول پسند ۽ مستقل مزاج آهيو ته
پوءِ توهان لاءِ هر ڪم آسان ٿيو پوي. مثال طور
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽائيم تي اٿي. ويهي ٿو، ٽائيم جي
پابندي ڪري ٿو، ته هر ڪم آسانيءَ سان نبري وڃي ٿو.
ائين کڻي چئجي ته منهنجي زندگيءَ ۾ ٽائيم جي
پابنديءَ جو وڏو عمل دخل آهي.
سرتيون: توهين سدائين مُرڪندي نظر اينديون آهيو، ان جو ڪهڙو راز
آهي؟
جواب: ڪنهن جي باري ۾ بغض ۽ ڪينو نه رکندي آهيان، منهنجو ايمان
آهي ته عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. نيت صاف
منزل آسان. ”ان الاعمال بالنيات“
مون سان ڪو زيادتي ڪندو آهي ته ڪاوڙ تمام گهڻي ايندي آهي، پوءِ
بروقت برملا ڪاوڙ جو اظهار به ڪري ڇڏيندي آهيان،
پر ان کي بدلي ۾ ”نقصان“ پهچائڻ جو تصور به نه
ايندو آهي. سڀ کان پهريان خود جلدي ۾ سلام ڪرڻ جي
عادت آهي، ڇو ته خبر آهي ته وڌيڪ ثواب آهي، ان ڪري
هميشه مسڪرائيندي ملڻ ۽ سلام ڪرڻ، نياز نوڙت سان
هلڻ، شروع کان ئي عادت آهي. ان ۾ گهڻو عمل دخل
گهريلو تربيت جو ۽ ماءُ جي صحبت ڀريل نصيحتن جو
آهي.
سرتيون: زندگيءَ ۾ ڪي ڏکيا ڏينهن (الله نه ڪري) جي اچن ته ڪيئن
منهن ڏجي؟
جواب: ڀيڻ گلبدن! منهنجي خيال ۾ مان ٻين جي جواب ۾ تفصيل سان ان
ڳالهه جو جواب ڏيئي چڪي آهيان ته ”ڏکن“ کان
گهٻرائي همت نه هاري ويهجي، پر هڪ ”جاکوڙيءَ“
وانگر، تيستائين هلندو رهجي جيستائين منزل مقصود
تائين نه وڃي رسجي. مون ننڍپڻ زماني ۾ هڪ سبق
بعنوان ”ورائي ڪوشش ڪر“ پڙهيو هو ۽ ان ۾ ڏنل آکاڻي
جنهن ۾ ڪوريئڙو وَرُ وَرُ ڪري ڀت تي چڙهي ٿو ۽ وري
ڪري ٿو پوي، پر نيٺ آخرڪار پنهنجي منزل تي رَسي ٿو
وڃي. کان بيحد متاثر ٿي هيم ۽ سموري زندگي ان تي
عمل پيرا رهي آهيان. اڄ ڪالهه مان پڻ اهڙي صورتحال
جي شڪار آهيان. منهنجي
(Ph.D)
جي ٿيسز ڪن سبب ڪري اڃا مڪمل نه ٿي سگهي آهي، پر
مون به همت هاري ڪونهي ۽ انشاءَ الله رب تعاليٰ ۾
آسرو ۽ اميد اٿم ته نيٺ ضرور ٻيڙي پار ٿيندي، بس
شل رب کي رحم پوي ۽ ان کي منظور هجي، پوءِ دنياوي
پريشانين کي انسان آسانيءَ سان منهن ڏيئي وڃي ٿو.
الله تعاليٰ جي رحم حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي
پنج وقت نماز پڙهڻ ۽ تلاوت ڪرڻ نيڪ ڳالهين تي عمل
پيرا ٿيڻ. ڇو ته عمل کان سواءِ سڀ ڪجهه بيڪار آهي
۽ دل جي حضور سان دعائون گهرڻ، رب تعاليٰ ضرور
قبول ڪري ٿو.
بقول شاعر جي:
”عمل سي بنتي هي زندگي، جنت ڀي جهنم ڀي،
يه خاڪي اپني فطرت مين نه نوري هي نه ناري هي.“
انسان سٺن عملن جي ڪي الله تعاليٰ وٽ پسنديده بڻجي ٿو ته وري
ٻئي طرف دنيا ۾ عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي
ٿو ۽ باطني قوت جي ذريعي هر ”ڏک“ کي آسانيءَ سان
منهن ڏيئي وڃي ٿو.
سرتيون: ”سرتيون“ پڙهندڙن لاءِ ڪو بيغام؟
جواب: پنهنجين سرتين لاءِ مختصر ايترو چونديم ته مهرباني ڪري
پنهنجن ٻچن جي اهڙي نموني تربيت ڪريو جو هو اڳيان
هلي ڪري بهترين انسان بڻجي سگهن. جيڪو ٻار والدين
۽ گهر جي وڏن جي عزت ڪندو، اهو يقيني طور تي اڳيان
هلي استاد ۽ پاڻ وڏن جو احترام ڪندو. پنهنجي
ٻوليءَ ۾ ڳالهايو ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ کين پڙهايو
ته جيئن هرڳالهه کي آسانيءَ سان سمجهي ۽ ياد رکي
سگهن، بلاشڪ پوءِ گڏوگڏ وقت جي تقاضائن مطابق ٻيون
ٻوليون به سيکارجن ۽ پڙهائجن. پر پهريان پنهنجي
”ٻولي“ اڄ ڪالهه هڪ بي انتها نازڪ مسئلي کي هروڀرو
(اشو) بنائي پيش ڪيو پيو وڃي ته ”ٻار کي سنڌي
پڙهائجي يا انگريزي.“ منهنجي خيال ۽ نظر ۾ بي
انتها فضو سوال (اشو) بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي.
ڳالهه سنڌي ۽ انگريزيءَ جي ناهي، ڳالهه آهي صحيح
نموني تعليم ۽ تربيت جي ۽ هر ڪو سمجهي سگهي ٿو ته
ننڍڙو معصوم زهن جيترو پنهنجي مادري ٻولي سمجهي
سگهندو. سو بهتر اهو ٿيندو ته توهان ٻار کي پهريان
سنڌي ۽ پوءِ ان سان گڏ انگريزي پڙهايو ته جيئن
وڌيڪ لاڀ حاصل ٿي سگهي. اڄ ڪالهه جيئن ته
ڪمپيوٽرجو زمانو آهي ۽ حالات تيزيءَ سان نئون رخ
وٺي رهيا آهن. دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي شڪل اختيار
ڪري رهي آهي. تڏهن اسان جي ساڃهه وندن جي ذميواري
آهي ته سرڪاري توڙي پرائيويٽ ادارن ۾ انگريزيءَ
سان گڏ سنڌي لازمي پڙهائي وڃي. سنڌي ٻار سنڌي
پڙهن. سنڌي نه ڳالهائيندڙ اردو پڙهن، گڏوگڏ
انگريزي پڙهن. |