سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ 2005ع

 

صفحو :1

سرتيون

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

سوچ ويچار

 

سرتيون، جولاءِ 2005ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي، ان بابت هميشه جيان پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪنديون. اوهان جي تنقيدن ۽ صلاحن جي آجيان ڪئي ويندي!

عالمي نوبل انعام 2005ع لاءِ پاڪستان جي 29 عورتن سميت سڄي دنيا مان 1000 عورتن کي نامزد ڪيو ويو آهي. پاڪستان مان عاصمه جهانگير، نفيسا شاهه، حنا جيلاني، بلقيس ايڌي سميت ٻين عورتن کي اهو ”اجتماعي امن ايوارڊ“ آڪٽوبر 2005ع ۾ ڏنو ويندو. نوبل انعام 2005ع لاءِ 154 ملڪن مان عورتون نامزد ڪيون ويون . جن مان سڀ کان وڌيڪ نامزدگيون ڏکڻ ايشيا مان ٿيون ۽ ڏکڻ ايشيا مان به وري سڀ کان وڌيڪ ڀارت جون عورتون نوبل امن انعام جون حقدار قرار ڏنيون ويون آهن. امن انعام لاءِ پاڪستان مان نامزدگين جي ڪاميٽي جي سربراهه سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد تحسين ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾، ناليواري ليکڪ منو ڀائي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نامزد ڪيل پاڪستاني عورتن جي نالن جو اعلان ڪيو. هن ٻڌايو ته نوبل امن انعام ڪاميٽي هڪ هزار عورتن جي نالن جو اعلان سرڪاري طور تي جون 2005ع کان انهن عورتن جا نالا ۽ انهن جا پروفائيل ڊبليو ڊبليو ڊبليو 1000 پيس وومين آرگ جي ويب سائيٽ تي ڏسي سگهبا. هن ٻڌايو ته دنيا جي 145 ملڪن مان چونڊيل 1000 عورتن مان 154 عورتون ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جون آهن ۽ اهو انگ دنيا جي ڪنهن به خطي مان چونڊيل عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. انهن عورتن ۾ ڀارت مان 91، بنگلاديش مان16، نيپال مان9، سريلنڪا مان 12 رورتون شامل آهن. پاڪستان مان چونڊيل 29 عورتن جو انگ ڏکڻ ايشيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي. هن ٻڌايو ته عورتن کي اجتماعي ام ايوارڊ ڏيڻ جو اهو خيال 2003ع ۾ ان سوچ تحت شروع ٿيو ته جيڪي عورتون تمام گهڻي عزم ۽ ولولي سان امن لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو وڃي. هن پاڪستان مان نامزد ٿيل عورتن جي نالن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته خيرپور ميرس جي ضلعي فاطمه نفيسا شاهه، عورت فائونڊيشن جي نگار احمد (لاهور)، وومين ڊولپمينٽ سرحد جي نصرت آرا، سيپ لاهور جي ذڪيه ارشد، چيچا وطنيءَ جي نسيم اعواڻ، ڪوئيٽا جي قرت العين، لاهور جي روبينا فيروز ڀٽي، سرحد جي مريم پيبي، ڪراچيءَ جي بلقيس ايڌي، بلوچستان جي ڪلثوم فرمان، لاهور جي مديحه گوهر، ڪراچيءَ جي انيس هارون، لاهور جي عاصمه جهانگير، لاهور جي حنا جيلاني، هنزه جي يامينا ڪريم، سرحد جي پروين اعظم خان، لاهور جي بيگم محموده سليم خان، ڪراچيءَ جي شيما ڪرماني. لاهور جي سلميٰ مقبول، لاهور جي خاور ممتاز، ڪي ٽي واري علائقي جي دلشاد مرتضيٰ، ڪشور ناهيد، اوڪاڙا جي عقيلا ناز، اسلام آباد جي بيگم زرين سرفراز، شرڪت گاهه ڪراچيءَ جي فريده شاهين ۽ مرحوم شهلا ضياءَ، جسٽس (ر) ماجده رضوي شامل آهن.

اسان ”سرتيون“ طرفان سڀني نامزد ٿيل ڀينرن کي مبارڪباد ڏيو ٿا. _ گلبدن جاويد.

 

سرتيون شاهه لطيف چئي

 

اونداهيءَ اَڌَرات ۾ پرينءَ پسايو پاڻءُ،

چَنڊُ ڪَتِيُنِ ساڻُ، پيهي ويو پَرلاءَ ۾.

 

فرمايو اسان جي پياري پيغمبر ﷺ

 

مسلمان ٻين لاءِ به اُهوئي پسند ڪندو آهي. جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي.

رستي تان ڪنڊو يا پٿر هٽائي ڇڏڻ به اجر ۽ ثواب جو ڪم آهي.

جيڪو پنهنجي ڀاءُ جا عيب ڍڪيندو، الله اُن جا به عيب ڍڪيندو.

هڪٻئي کي سوکڙيون ڏيندا ڪريو، اُن سان محبت وڌندي آهي.

شرڪ کان پوءِ بڇڙو گناهه الله جي مخلوق کي ڏکارو ڪرڻ آهي.

سڀني کان چڱو ماڻهو اُهو آهي، جنهن مان انسانن کي فائدو پهچي.

توهان زمين وارن تي مهرباني ڪريو ته آسمان وارو توهان تي مهرباني ٿيندو.

منهنجي اُمت ۾ چڱا ماڻهو اُهي آهن، جن کي جڏهن ڪاوڙ اچي ٿي ته ڪاوڙ پي ٿا وڃن.

ايمان اُنهيءَ جو ڪامل آهي، جنهن جو اخلاق وڻندڙ آهي.

اخلاق جو چڱو هجڻ الله سان محبت جي نشاني آهي.

خير ڪندا ڪريو، مُرڪي ملڻ به خير آهي.

جنهن ۾ امانت نه آهي، اُن ۾ ايمان نه آهي.

جيڪو واعدي جو پابند نه آهي، اُن جو ڪوبه دين نه آهي.

مؤمن سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ڪوڙو ۽ خيانت وارو نٿو ٿي سگهي.

حسد نيڪين کي ائين کائي ويندو آهي، جيئن باهه ڪاٺين کي ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي.

ايمان درست نه ٿيندو، جيستائين دل جي اصلاح نه ٿيندي ۽ دل جي اصلاح نه ٿيندي، جيستائين زبان جي اصلاح نه ٿيندي .

جو ڄاڻي واڻي ظالم جو ساٿ ڏئي، اهو پورو مسلمان نه آهي.

عبادت کان پوءِ ٻيو فرض انسان تي حلال جي روزي آهي.

سادگي ايمان جي علامت آهي.

سادگي مهتاجيءَ کان بچائي ٿي.

نيڪيءَ سان عمر وڌندي آهي.

نيڪيءَ جي طرف سڏڻ وارو، نيڪيءَ ڪرن واري جي برابرآهي.

جيڪو علم جي طلب ۾ نڪتو، اُهو الله جي رستي ۾ نڪتو.

علم لاءِ جدوجهد اڳين گناهن جي تلافي آهي.

علم جي بزرگي عبادت جي بزرگيءَ کان برتر آهي.

 

ڏيهي پرڏيهي عورتن جو خبرنامو

 

(بيروت) مائيڪل اون اڳوڻو لبناني اڳواڻ بيروت پهچي پنهنجي پوٽيءَ کي چاهه مان چُمي رهيو آهي. ياد رهي ته جنرل اون 15 سالن جي جلاوطنيءَ کان پوِ لبنان موٽيو آهي. جنهن جي جدائيءَ جو درد معصوم ٻارڙيءَ جي چهري تي پڻ نمايان نظر اچي رهيو آهي. شاهه سائين اهڙن ئي موقعن لاءِ فرمايو آهي:

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،

حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو!

(بئنڪاڪ) هڪ شاپنگ سينٽر ۾ خوبصورت ۽ حسين ڇوڪريون گهمي رهيون آهن. جيڪي مس يونيورس (مس 2005ع) پروموشنل جي موقعي تي آيل آهن.

 (اسلام آباد) بيلجين سفير پئٽرڪ چارلوٽ رينالٽ هڪ فرينچي جوڙي کي انعام ڏئي رهيو آهي، جنهن پٺاڻڪي جي روايتي ويس جو نماءُ ڪيو.

(لنڊن) آفريڪي عورتون جيڪي ڊائوننگ گهٽيءَ ۾ قطار ۾ بيٺل آهن، سي هزارين خط ۽ پوسٽ ڪارڊ کڻي بيٺيون آهن، جيڪي ڌيان ڇڪرائن ٿا دنيا جي بک، بدحالي ۽ افلاس جو. انهن عورتن برطانيا جي وزيراعظم ٽوني بليئر کي وڏي واڪ سڏيندي چيو ته هي مسئلو پنهنجي ايجنڊا ۾ سرفهرست رکيو ۽ ان بنا تي حڪومت ڪريو جيڪا ”بک جي تاريخ جوڙي“ رهي آهي. مسٽر بليئر ۽ سندس گهر واري ڪيري عورتن کي بليڪار چئر گهر اندر وٺي ويا.

(ڪراچي) ”ڪڇي ثقافت“ جي نمائش دوران سياح مختلف دڪانن (اسٽالن) تي نظر اچي رهيا آهن.

جلال آباد (ڪرگزستان) پناهگير عورتون جن جو تعلق ازبڪستان جي علائقي اينڊيجان سان آهي، سي سرحد ويجهو لڳايل عارضي پناهگير ڪئمپ جي هڪ تنبو (شامياني) ۾ حيران ۽ پريشان ويٺل نظر اڍي رهيون آهن، ڄڻ چونديون هجن: ”عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ.“

ڪرگزستان ۾ ازبڪستان مان لڏي آيل ماڻهن لاءِ ڪئمپ کولي وئي آهي. ازبڪستان ۾ 600 ماڻهو ملٽري هٿان مارجي ويا، تنهن بعد اها لڏپلاڻ شروع ٿي اهي.

(جلال آباد_ ڪرگزستان) ازبيڪ پناهگيرن جا ٻارڙا جن جو تعلق انڊيزهان شهر سان آهي. تن هڪ ڳوٺ مان بسڪٽ خريد ڪيا. ٻارڙن جي چهرن تي درد، اُداسي نمايان آهي ۽ هڪ ٻار جو خالي هٿ، جنهن تي نصيب جي ڪا به لڪير چٽي ناهي، اهو هن دنيا ۾ حمرانن جي هٺ ڌرمي ۽ ظلم جي شاهدي ڏئي رهيو آهي.

 

غمن جو علاج سلڇڻائپ سان

حميده پنهور

سلڇڻائپ اهڙي سهڻي صفت آهي، جنهن سان اوهين پاڻ به خوش رهي سگهو ٿا ۽ خلق کي به خوش رکي سگهو ٿا.

سلڇڻائپ سان اوهين وڏو ڀاڱو غمن ۽ ڏکن جو ٽاري سگهو ٿا ۽ پنهنجي دشمن کي به بهترين دوست بنائي سگهو ٿا. ۽ بد خلقيءَ سان اوهان جا دوست به بدترين دشمن بڻجي ويندا ۽ اوهان کي ڏکن ۽ غمن جو طوفان وڪوڙي ويندو، اوهان جي صحت خراب ۽ آرام حرام ٿي ويندو. ڌاريا ته ڌاريا پر پنهنجا به دشمن ٿي ويندا.  خوش خلقيءَ سان اوهين ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ وٺندا، نه ته اوهان جي منهن ڏانهن به ڪونه نهاريندا. سلڇڻائپ سان توهان سڀني ماڻهن کي وڻندا، اوهان جون جيڪي صفتون ۽ فضيلتون آهن، اوهان جو حسن ۽ جمال، فضل ۽ ڪمال، علم ۽ عقل، مال ۽ دولت، ولايت ۽ ڪرامت انهن سڀني جو دارومدار اوهان جي خوش خلقيءَ تي آهي. بدخلقيءَ سان اوهين پنهنجون سڀ صفتون، سڀ هنر ۽ قابليتون خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندا.

جيڪڏهن توهان ملازم پيشه آهيو يا ڪنهن رئيس يا امير وٽ نوڪر آهيو ته خوش اخلاقي اوهان کي جلد ئي ترقيءَ تي پهچائيندي. بدحالي خوش حاليءَ ۾ بدلجي ويندي. ۽ ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي. جيڪڏهن توهان ڊاڪٽر، حڪيم يا پير صاحب آهيو ته اوهان جي همدرديءَ ۽ خوش خلقيءَ سان ماڻهن جا ميڙ اوهان جا منتظر هوندا. هر ڪو توهان جي ساراهه جا ڍُڪَ ڀريندو ۽ واکاڻ ڪندو.

دنيا ۾ مانيءَ جو بکيو ڪو ڪونه آهي، عزت جو بکيو هرڪوئي آهي. اوهان جي دنيا دولت عزت سلطنت پنھنجي واسطي آهي، تنهن ۾ ٻين جو ڇا؟ اوهان جي خوش خلقي ۽ شفقت جهان جي واسطي آهي، مال ڏئي توهان جهان کي پورا ڪونه پوندا، پر خوش خلقيءَ سان توهان سڀني کي راضي ڪري سگهندا. حديث شريف ۾ آهي:

ترجمو: ”اوهين خلق کي مال ۽ دولت سان پورا نه پوندا، بلڪ خوش خلقيءَ ۽ نيڪ اخلاقيءَ سان خلق کي پورا پوندا.

سڀني کي غلام بنائي سگهندا. ڇوته بعضي ماڻهو اهڙا بخيل ۽ چيڙاڪ ٿيندا آهن جو هروڀرو ٿوري گهڻيءَ ڳالهه تي سڄو ڏينهن گهر ۾ گهپي ۽ کٽ پٽ مچايو ويٺا هوندا آهن. گهر واريءَ ۽ ٻارن توڙي نوڪرن چاڪرن سان جهيڙو لڳو پيو هوندو. چوندا ته اڄ گوشت ڇو رڌيو اٿو، ڀاڄي ڇونه چاڙهي اٿو. هي شيءِ هتان ڪنهن کنئين هُتي ڇونه رکي؟ هيءُ ٿانو ڇو ٽٽو، هتي پاڻي ڪنهن هاريو؟ انڌا آهيو ڇا؟ اهو ماڻهو پاڻ به غم ۽ غصي ۾ رهندو ۽ گهر جي ڀاتين جي به زندگي عذاب ۽ کاڌو پيتو زهر ڪري ڏيندو.

حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه چيو آهي ته، ”مون ڏهه سال آنحضرت ﷺجن جي حاضريءَ ۾ خدمت ڪئي. مون کي ڪڏهن به نه چيائون ته، هي ڪم ڇو هيئن ڪيو، هونئن ڇو نه ڪيو.“

حضرت امام حسن رضي الله عنه جو نقل آهي، ته ”هڪڙي ڏينهن سندن غلام مجلس ۾ مهمانن کي ماني کارائي هٿ ڌورايا ته اوچتو چمچي سندن هٿن مان ڪري پئي. سڀني جا ٿانو ۽ ڪپڙا خراب ڪري ڇڏيائين، امام صاحب ڪاوڙ مان هن ڏي نهاريو ته هن چيو:

والڪاظمين الغيظ والعافين عن الناس  (سورة آل عمران)

امام صاهب غم کائي چيو، ٺهيو مون ڪاوڙ ڇڏي توکي معاف ڪيم، تڏهن وري هن پوري آيت پڙهي ٻڌائي: ”والله يحب المهسنين“ امام صاحب چيو وڃ تون هميشه لاءِ آزاد آهين. (اهو توتي احسان به ڪريان ٿو.)

پاڻ سڳورن ﷺجن ڏاڍو سهڻو مثال ڏنو آهي: ”عورت پاسراٽي انسان جي آهي.“ اوهين اجايو جوش، غم ۽ غصو نه ڪريو، ڪجهه پنهنجي نفس ۽ طبيعت تي به ضابطو رکو. رڳو ٻين کي ڏوهه نه ڏيو. ممڪن آهي ته اوهان جي گهر جا ماڻهو يا ٻيا دوست نوڪر چاڪر نيڪ نيتيءَ سان اوهان جو ڪم ڪن، پر اوهان کي نه وڻي، توهان جي مرضيءَ جي برخلاف هجي، ڇوته انساني فطرت ۾ اختلاف راءِ ضروري آهي. دنيا ۾ سڀ ماڻهو هڪڙي راءِ جا، هڪڙي خيال جا ڪڏهن به نه ٿيڻا آهن نه ٿيندا. اوهين هنن جي خيال جو قدر ڪريو. ٿڌيءَ دل سان ان تي غور ڪريو. اهو ضروري نه آهي ته اوهان جو خيال ۽ رايو صحيح هجي. (اوهين لوح محفوظ ته ڏسي ڪونه آيا آهيو) ممڪن آهي ته اوهان جو خيال ۽ رايو غلط هجي ۽ هنن جو صحيح.

دانائن چيو آهي ته داناءُ هجڻ اهو شرط نه آهي ته هو خطا يا غلطي نه ڪري. شرط هيءُ آهي ته غلطيءَ تي قائم نه رهي. اجتهادي غلطيون ته امامن کان به ٿيل آهن. خوش خلقي جيڪڏهن اوهان جي طبعي عادت نه آهي ته ان کي تڪلف سان پنهنجي طبيعت کي مجبور ڪري به پيدا ڪريو. پنهنجا ڏک ۽ پنهنجا غم دل ۾ لڪائي رکو. دل اوهان جي رازن ۽ اسرارن جي اهڙي ٽجوڙي آهي، جنهن جي ڪُنجي ٻئي ڪنهن وٽ ڪانه آهي. ۽ عام ماڻهن سان ملو. مٺي ۽ سٺي ڳالهائڻ جي پاڻ ۾ عادت وجهو. ۽ عام ماڻهن سان خوش اخلاقيءَ سان ملو. اوهان جي دل ۾ ڪيترا به غم هجن، پر اهي پنهنجي دل ۾ لڪائي رکو. ائين ڪرڻ سان ٻين جي دل به خوش ٿيندي ۽ اوهان جي دل تان به غمن جا بار هلڪا ٿي ويندا. اهو رستو وٺو. ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا جو هروڀرو اوهان سان بغض ۽ ساڙ رکندا. ھروڀرو به گلا ۽ دل آزاري ڪندا. انهيءَ جو بهترين علاج صبر ۽ سڪون آهي. جنهن ۾ دين ۽ دنيا جا فائدا آهن. نه خود پريشان ٿيو نه ئي ٻين کي پريشان ڪريو. شڪر ڪريو ۽ خوشي ماڻيو. ڇوته توهان نيڪي ڪري رهيا آهيو. جنهن ۾ دين ۽ دنيا جا فائدا آهن. دين ۾ اوهان جي بهتري ٿيندي ۽ دنيا ۾ به اوهان جي ترقي ۽ نيڪنامي وڌندي. ڇوته بديءَ جي مقابلي ۾ اوهان جي نيڪي وڌيڪ چمڪندي ۽ خلق ۾ توهان جي خوش خلقي چڱيءَ طرح نمايان ٿيندي. ۽ آخرت ۾ اوهان کي وڏا درجا ملندا، گناهه توهان جا مٽجي ويندا.

نقل آهي ته امام اعظم ابو حنيفه ﷦جون گلائون ۽ شڪايتون ڪنهن حاسد ڪيون. امام صاحب کي خبر پئي. هڪڙو کجور جو ٿالهه ڀري تحفي طور هن جي گهر موڪليائين. ماڻهن پڇيو، سائين هيءُ ڇا ٿا ڪريو. هن اوهان جون هيتريون گلائون ڪيون ۽ اڻ وڻندڙ لفظ چيا. فرمايائون ته هن اسان سان وڏو احسان ڪيو ۽ مهرباني ڪري پنهنجون نيڪيون مون کي ڏنيون، تنهن جو بدلو ۽ شڪر گذاري ڪرڻ اسان تي لازم آهي. امام رباني صاحب مڪتوبات شريف ۾ لکيو آهي ته اسان کي صحيح ڪشف سان معلوم ٿيو. ته هڪڙي شخص مڪلف طعام خيرات عام وڏي انتظام سان ڪيو هو، مگر هن جي گلا ۽ شڪايت ٿي وئي. جيئن زماني ۾ خلق جو دستور آهي. تنهن ڪري هن کي ڏک ٿي پيو.، رڳو ماڻهن جي شڪايت ڪري هن جي نيت ۾ يا مال ۾ جيڪو خلل هو. سو دور ٿي ويو ۽ خير قبول پيو.

پنهنجي جهانن جي آرام ۽ آسائشن جا بهترين قول هي آهن:

پنهنجن دوستن سان به مهرباني ڪرڻ گهرجي. دشمنن سان به ظاهريءَ طرح صلح ۽ چڱائي ڪرڻ گهرجي.

جيڪڏهن تون نَڪَ ۾ نوڙي پيل پنهنجي تابعدار سان به ڏاڍائي ڪندين ته هو توکان ٽهي ويندو، يعني ڊڄي ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڌارئي سان مهرباني ڪندين ته هو تنهنجو تابعدار بنجي ويندو.

جيڪڏهن صورت سُهڻي ۽ موچاري آهي ۽ عادتون خراب آهن ته اهو ماڻهو هڪڙو ڪسيرو (پائي) به نه ٿو لهي. ان ماڻهو جي عزت نه ٿي ٿئي.

منهنجي وهندڙ پنبڻين (اکين) تي ڪيستائين ملامت ڪندو رهندين. هڪڙي ڀيري پنهنجن ڪارين اکين کي به نصيحت ڪر، جيڪي منهنجن لڙڪن وهائڻ جو سبب بڻيون آهن.

اي دل باغ ۾ وڃ، ۽ کلڻ وڃي ڏاڙهونءَ کان سک. جنهن جي دل رت سان ڀريل آهي، پر وات تي کل (مُرڪ) آهي. يعني دل غم سان ٽمٽار هوندي به ظاهري طور خوش آهي.

 

نيٺ ته ٿيندو سوجهرو

شگفته جبين

”لامارڪ“ جي خيال مطابق ته هن زمين جي تختي تي بقا جي ڪوشس هميشه جاري رهي ٿي.“

مٿئين ذڪر مان اها ڳالهه چٽيءَ طرح واضح ٿئي ٿي ته انسان پنهنجي سمجهه، علم، اورچائي، غورفڪر، تحقيق ۽ تخليق سان هن ڌرتيءَ تي پنهنجي جياپي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهي ٿو.

جيئن ته سماج يا معاشرو افراد جي گڏيل تعاون ۽ اتحاد جو نتيجو آهي. جيڪو افراد جي گڏيل سهڪار سان متحرڪ رهي ٿو.

جڏهن ته سماج جي بقا ۽ ترقيءَ جو انحصار بهتر Social Process  (سماجي مرحلي) تي ٻڌل هوندو آهي.

اسان جي ملڪ جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي عورتن تي مشتمل آهي. ان لحاظ کان سماج جي تعمير ۽ ترقيءَ جي عمل ۾ مرد توڙي عورت انساني سطح تي ٻيئي ذميوار آهن. ٻنهي تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته قومي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي ترقيءَ ۾ مرد توڙي عورت ٻنهي جي هڪ جيتري شرڪت لازم ۽ ملزوم آهي، پر اڪثر ڏٺو اهو ويو آهي ته عورت پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي نه، بلڪ سماج جي مقرر ڪيل اصولن ۽ روين جي مطابق زندگي گهاري ٿي يا گهارڻ تي مجبور آهي.

جڏهن ته اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته هن ڌرتيءَ جي عورت ۾ صلاحيتن جي اعتبار سان ڪنهن به قسم جي ڪا گهٽتائي ناهي. ان جو اعتراف ڪتاب: ”آسمان، ڌرتي ۽ انسان“ ۾ درج آهي. ان ۾ لکيل آهي ته ڪپڙا اُڻڻ ۽ پوک پوکي اناج پيدا ڪرڻ عورتن ايجاد ڪيو هو.

ان جي تصديق مسٽر ڊڪسن بيڊن ۽ مسٽر ڪينيڊي ۽ پاول جهڙا عالم ڪن ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته اوائلي / شروعاتي دورن ۾ هي دراوڙ زالون هيون جن کاڌ خوراڪ لاءِ قسمين قسمين ٻوٽا ۽ ٻج پوکي تجربا ڪري پوک ڪرڻ جا ڪئي طريقا ڳولي هٿ ڪيا هئا ۽ جام قسمين قسمين اناج پيدا ڪنديون هيون.

ان مان ثابت ٿيو ته آڳاٽي دور ۾ به عورتن پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي پاڻ مڃرايو هو ۽ هن وقت به ”اضافه آبادي ۽ ترقي خواتين“ جي مطابق 000،7،50 عورتون ننڍي پئماني تي گهريلو ڪاروبار ۾ هٿ ونڊائن ٿيون. مثلاً مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهڻ، غاليچا ٺاهڻ، چوڙيون ٺاهڻ، ڀاڄين ۽ ميون جي چونڍ، مصالحا صاف ڪري پنهنجي خاندان، پنهنجي سماجي ماحول، معاشرتي گهُرجن ۽ معاشرتي اقتدار سان عورت جي شخصيت جي تعمير ٿئي ٿي. ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته هوءَ پنهنجي حقن جي بجاءِ هميشه سماجي قدرن جو تحفظ ڪندي رهندي آهي ۽ سماج جي مقرر ڪيل رسمن رواجن ۽ سماجي پابندين، گهر جي ذميوارين ۽ گهر کان ٻاهر عدم تحفظ جو احساس انهن جي شخصيت ۾ ڪجهه به نه هجڻ جو احساس پيدا ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن سبب اهي پنهنجي ذهني صلاحيتن جو صحيح استعمال نه ٿيون ڪري سگهن. جڏهن ته اسلام رهڻي ڪهڻي جا جيڪي اصول مقرر ڪيا آهن، زندگيءَ جي بنيادي حقن جي باري ۾ هُن ۾ احتياط لازمي رکيو ويو آهي ته پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ٻئي اهم آهن. ٻنهي جا هق برابر آهن. اسلام انساني سطح تي ضرورتن ۽ مختلف حقن جي اعتبار سان ٻنهي ۾ ڪو به فرق ناهي رکيو.

ان لحاظ کان سماج تي  به اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته مرد توڙي عورت ٻنهي جي لاءِ اهڙا موقعا فراهم ڪري جنهن سان ٻنهي جي صلاحيتن کي ڪتب آڻي ترقيءَ جي عمل کي وڌيڪ سگهارو بڻائي سگهجي.

 

لوڪ گيت

 

”ٿر“ گيتن جو ديس آهي، ”ٿر“ جي ڌرتيءَ مان گيت به ائين اسرندا آهن، جيئن مُند ۾ ڪونڀٽ، کنڀيون، ميها، چڀڙ ۽ ٻيا ڦُل ڦُل پاڻ ڄاڻ اُپڙي ايندا آهن. سانوڙ ٽيج ۾ ننڍيون وڏيون ڇوڪريون وڻن ۾ پينگهون ٻڌي لُڏنديون آهن ۽ نوان ڪپڙا پهري سورنهن سينگار ڪنديون آهن. سانوڻ جي وسڪاري جي مند کي ملهائينديون آهن. پر هن گيت ۾ ڇوڪري ننڍي عمر م پرڻجي وئي آهي. اُها پنهنجي مائٽن کي نياپا ٿي موڪلي ۽ ڪنهن کان خط ٿي لکرائي ته امان هتي ساهرن ۾ مون سان هيءُ ظلم آهن. منهنجي ڀاءُ کي موڪل ته مون کي هتان وٺي وڃي. آءٌ به ٻين سهيلين سا گڏ پينگهن ۾ لُڏان.

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي

اي ڌيءَ! سانوڻ کان پوءِ بڊو به آيو.

مون کي ننڍپڻ ۾ تو ساهرن ۾ موڪليو

هاڻي وڏي ٿي آهيان، ڀاءُ ڪوٺڻ لاءِ موڪل

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اي امان! منهنجي وچٽ ڀاءُ کي ڪوٺڻ لاءِ موڪلج

وچئين ڀاءُ جا وچ ۾ ساهرا آهن، جو اُتي ٽڪي پوندو.

اي امڙ! ٻين سهيلين سورنهن سينگار ڪيا آهن.

پر مون کي ڦاٽل جهٻيو ۽ کاڌيءَ جي چُني آهي،

اي ماءُ! ساوڻ جي ٽيج آئي آهي.

امان ٻيون سهيليون راند ڪرڻ ويون آهن.

مون کي ڇڄ اَن جو پيهڻ لاءِ مليو ۽ مون نَو مڻ جوار پيٺي

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اي امڙ منهنجي سس ڪڻڪ جون مانيون پچايون آهن

۽ ٻاجهريءَ جو ڍوڍو مون کي ڏنو اٿس پر وڻي نه ٿو

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اي امڙ! منهنجا ڏير ۽ نڻانون کائن ويٺا،

سڀني کي ڪڻڪ جون مانيون مليون ۽ مون کي ٻاجهريءَ جو ڍوڍو مليو  

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اي امڙ! ٻين کي ٻُڪ ٻُڪ کنڊ جو مليو،

مون کي ذرو لوڻ جو ۽ پاڻيءَ جو چُڪو مليو،

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اي امڙ! ٻين کي گيهه جي لوٽي لوٽي ملي،

پر مون کي تيل جو ذرو ۽ ڳڙ جو ٽڪر مليو

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اي امڙ! ٻين سڀني کي چونري چونري کير مليو

مون کي ڇڊيءَ لسيءَ جو وٽو مليو

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اي امڙ! آءٌ ڍڳين جي وٿاڻ ۾ ويس

اتي هڪ ويڙهو گابوهو، مون چونري ۾ کير ڏُڌو

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

مٿان برسات وٺي، ۽ منهنجو سينگار پسي پيو

پر هڪ جهبو نه پُسيو، ٻيو کاڌيءَ جي چني ڪانه پُسي

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

آءٌ مينهن جي وٿاڻ ۾ ويس، اتي هڪڙو ويڙهو پاڏو هو

هو مارڻ آيو ه مون ڊوڙ پاتي، منهنجي پير ۾ ڪنڊو لڳو

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اهو ڪندو ڇهه مهينا سور ڪندو ۽ سانوڻ جي تيجھ تي به ڏکندو

اي امڙ! آءٌ انهيءَ ڪري ڊوڙيس جو لولي جو آسرو هو

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اي امڙ! مون کي ڪوٺڻ لاءِ ننڍو ڀاءُ موڪلج

اي ڌيءَ! توڏانهن ڪيئن ننڍو ڀاءُ موڪليان

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اي ڌيءَ! تننجو ننڍو ڀاءُ اڃا راند پيو ڪري

رستا اَڻانگا ۽ واٽون ڏکيون آهن هو ڀُلجي ويندو

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اي امڙ! مون کي منهنجي پيءُ ڪوٺڻ لاءِ موڪلج

جو مون کي ڪوٺي وڃي، ڇو ته سس تڪليف ڏئي ٿي

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

اي ڌيءَ! ڪيئن تنهنجي بابي کي موڪليان

گوڏي سٿر جيڏيون ٻاجهريون پکي کائي ويندا

اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي.

ته پوءِ مون کي ڪوٺڻ لاءِ چارڻ ۽ ڀاٽ موڪلج

جو منهنجي سس کي شرمائي، ڄڻ سندس زبان وڍي وجهي.

 (هي گيت، ٿرپارڪر تعلقي ڇاڇري مان رائچند کان مليو.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com