سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات سائل هالائي

صفحو :2

ناشر پاران

حاجي پيرومحمد ”سائل هالائي“ نه رڳو هالا پر سڄي سنڌ جي مشهور شخصيت هئا. سندن صحبت مولانا عبيدالله سنڌي ۽ پير جهنڊي جي بزرگ هستين سان تمام گهڻي رهي. جنهن جي اثر رسوخ جي ڪري هي بزرگ سنڌ جو اهل قلم، قومي خدمت جو جذبو رکندڙ انسان ۽ اعليٰ شاعر بڻيو.  هونئن به هالا شهر مشهور بزرگ شخصيتن ۽ هستين  جي ڪري مشهور آهي. پر اتفاق سان حاجي پيرو محمد ”سائل هالائي“ به هالا شهر جا هڪ نيڪ سيرت بزرگ ٿي گذريا. هن تحريڪ جي دؤر ۾ ولوله انگيز ڪلام پيش ڪيو، جيڪو ٻڌندڙن لاءِ دلي ۽ روحاني طور جوش ۽ ولوله پيدا ڪندڙ هو. ”سائل هالائي“ هميشه سچ جي راهه تي هلندڙ ۽ قومي جذبو رکندڙ انسان هو. سندس شاعري ديني ۽ اصلاحي آهي، سندس جا مجموعه ”ڪلياتِ سائل“ ۽ ”سفر نامه حج“ مشهور آهن.

هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن قبله مخدوم جميل الزمان جي خاص دلچسپي ۽ مفيد مشورن کان پوءِ اشاعت جي منزل تي پهچي ويو آهي، اُميد ٿي ڪجي ته هي اسان جي ڪاوش علم دوست طبقي تي ڪي مثبت اثر ڇڏيندي.

ڄام شورو،                               سنڌ   الهڏتو وگهيو

اڱارو 14 شوال المڪرم 1432هه              سيڪريٽري

بمطابق 13 سيپٽمبر 2011ع         سنڌي ادبي بورڊ
 

تعارف

”حاجي پيرُومحمّد انصاري سائل هالائي“

حاجي پيرومحمد سائل انصاري هالا سنڌ جو اهل قلم، قومي خدمتگار، اعليٰ شاعر ۽ نهايت نيڪ سيرت بزرگ هو. سندس ولادت 10 ذوالحج 1301هه مطابق 30 سيپٽمبر 1884ع تي شهر هالا ۾ ٿي. ابتدائي تعليم لائق استادن وٽ قرآن حڪيم سان شروع ڪيائين ۽ پوءِ وقت جي وڏن عالمن جي صحبت ۾ رهي هن دين جو درڪ حاصل ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌي پير جهنڊي جي بزرگ هستين جو ساڻس گهرو تعلق هو. ديني ڪتابن جو مطالعو نهايت شوق سان ڪندو هو ۽ گڏوگڏ پنهنجي گهر ۾ ٻارن کي قرآن جي تعليم پڻ ڏيندو هو. ان کان علاوه سلائي مشينن جي مرمت جو اعليٰ ماهر هو، جيڪو سندس ذريعه معاش هوندو هو.

حاجي پيرو محمد سائل نه رڳو صفت بزرگ هو پر قومي خدمت جي حيثيت سان سندس ڪوششون قابل تحسين آهن. انگريزن ۽ فرنگين جي خلاف، خلافت ”ريشمي رومال“ سنڌ جو اهم ڪردار هو جنهن دوران کيس سکر جي جيل به اماڻيو ويو. سندس تقرير ۽ تحرير ۾ جادو جو اثرهوندو هو.

هن تحريڪ جي دور ۾ جذبات انگيز ڪلام چيو جيڪو ٻڌندڙن جي دلين ۾ جوش ۽ ولوله پيدا ڪندڙ هو. هو هميشه سَچ جي راهه تي هلندڙ ۽ قومي درد رکندڙ هو، ان سلسلي جي ڪنهن به پابندي کي قبول نه ڪندو هو. سندس شاعري ديني ۽ اصلاحي آهي جنهن ۾ فصاحت و بلاغت، سلاست ۽ نزاڪت جون انيڪ خوبيون نظر اچن ٿيون جن ۾ ”ڪلياتِ سائل“ ۽ ”سفر نامه حج“ مشهور آهن. هي بزرگ 12 ربيع الثاني 1379هه مطابق 19 آڪٽوبر 1959ع سومر ڏينهن اَسُر ويل هِن فاني جهان مان وفات ڪري ويو. کيس اولاد ۾ فقط هڪ پُٽ هو جيڪو به وفات ڪري ويو.

عبدالعزيز انصاري

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

الحمدلله ربّ العالمين والصلّوت والسّلام عليٰ رسول الڪريم شفيع المذنبين رئيس المعصومين خاتم المرسلين رحمة اللعالمين وعليٰ آلہ وسلّم

تقديسء تعريف شهنشاهه ڪائنات پروردگار مخلوقات الله احد جلّ تجّده

 

غزل اول

تنهنجا سڀيئي ثنا خوان جن و بشر خدايا!!
مادح (حامد) سندءِ هميشه حجر و شجر خدايا.
ڪون و مڪان ۾ مؤليٰ مشهور شان تنهنجو!!
ارض و سما ۾ هردم تنهنجو ذڪر خدايا.
زينت سان تو زمينون ۽ آسمان بنايا!!
روشن ڪيئي ستارا شمس و قمر خدايا.
معبود هر زمان تون مذڪور هر لسان تون!!
موجود هر مڪان تون برّ و بحر خدايا.
تون ئي معين ناصر مشڪل ڪشائي مؤليٰ!!
تون ڪر مدد مدامي تون لهه خبر خدايا.
مفلس سقيم آهيان عاصي مدٰم مجرم!!
تون ڏي سخي ڪو مونکي سهڻو ثمر خدايا.
بي يَارُ بي وَسِيۡلو، بيحالُ آهيان بَارِيۡ!!
گُهرۡجيۡم ٻَاجھَ تُنۡهِنۡجِيۡ، تُنۡهِنۡجِيۡ نَظَرَ خُدايَا.
پَيۡشَانِيۡ مُنۡهِنۡجِيۡ تُنهِنجي، اڳيَانۡ نَمِيۡ مُدَامِيۡ!!
رُسۡوَا نَه ڪِجِ رُلَائي، تُون دَرۡبَدرِ خُدَايَا.
دَرۡگَاهَ تُنۡهِنۡجِيۡ آهي، ٻِيۡ ڪَا بِه نَاهي دَرۡگَاهَ!!
اُنَ سَان ڳَنڍِيلَ هُجي دِل، شامۡ و سَحَرِ خُدايَا.
تُنۡهِنۡجَوۡ سَقِيۡمُ سائل، تو کَان گُهريۡ سَدَاءٍ!!
ڪَڏَهِيۡن ڇَڏيۡ نَه ويندو، هِي تُنهِنۡجَوۡ دَرُ خُدايا.

 

غزلُ نمبر 2

”مُنَاجَاتِ بَدَرگَاه قَاضِي الحَاجَاتِ“

ڪَانَه مُنۡهِنۡجِي تو سِوَا ٻِي، وَاهَ آهي يَا خُدا!!
ڪير آهي جو سَنۡدُمِ، مَطۡلَبَ پُڄَائي يَاخُدا.
توۡ سَخِيءَ جو درُ ڇَڏي، ٻي ڪَنۡهِنجي دَرِ دَاتَا وَڃانۡ!!
تُوۡن آهِيۡن هَرۡ حَالَ ۾، حَاجَتَ رَوَائي يَاخُدا.
دَرۡدَ جيۡ دِلِ ۾ دُکَنِ ٿا، تنکي دَائمۡ دُورِڪَرِ!!
ڪوۡ بِه توۡرِيءَ ٻِئۡو نَه آهي، جو ڇَڏَائِي يَاخُدا.
توۡتيۡ رَوشَنُ حالۡ مُنهِنجو، هَرۡ طَرَحَ آهي عَلِيۡم!!
تَنۡهِنۡ ڪَريۡ چَئِيۡ ڇَا ٻُڌايان، مَاجِرائي ياخُدا.
لُطۡفُ ۽ اَحۡسَانُ آهيۡ، عَامَ تُنۡهِنۡجو خَلۡقَ تي!!
مَاۡن بِه آهِيَان هِڪۡڙو تُنۡهِنۡجو، بينَوَائي يَاخُدَا،
حَلُّ ڪَرِ مُشۡڪُلَ سَنۡدَمِ، تُوۡن يَامُحِلَ الۡمُشۡڪُلَاتِ!!
تُونۡ آهِينۡ هَرۡ حَالَ ۾؛ مُشۡڪُلۡڪُشائي يَاخُدا.
تُونۡ غَنِيۡ غَفّارُ تُونۡ، سَتّارۡ عَلّامُ الۡغُيۡوبُ!!
تُون ئي بخشين ۽ ڍڪين ٿو پَاندُ پَائي يا خدا.
اَڻَ گُهۡريۡ اِحسَانَ تُنۡهِنۡجا، لَکَه اَسَانۡتي ايۡ لَطِيۡفَ!!
پَر اَسَانۡ توۡکيۡ ڇَڏِيوۡ، ٻِئيَا ٺَاٺ ٺَاهِيۡ يَاخُدا!!
ڪيۡ سَخِيۡ ڏَاتَارَ، ڪيۡ جَڳَه پَالَ اُمِيۡدُنِ ڀَرۡيَا!!
گهُوٽَ ڪِيۡ گَنۡجِ بَخۡشَ ڪِي، ڪَئِينۡ ٻِيَا بَنَائي يَاخُدَا.
وَاتَ سَاۡن اِقۡرَارۡ آهِيۡ، تُنۡهِنۡجَا ٻَانَهَا آهِيُونۡ!!
پَرَ ڪَرۡيُونۡ پِئَا پَنهنۡجَا ڪَمَ، تُنۡهِنۡجَا رَهَائي ياخُدَا.
عَرَضُ مُنۡهِنۡجَوۡ ٻُڌۡ اِلٰهِي، يَا مُجِيۡبُ السّائِلِيۡنَ!!
تُنۡهِنۡجِيۡ دَرِ آيوۡ اَهِيانۡ، سائِلۡ سَڏَائيۡ يَاخُدَا.

 

 

غزل نمبر 3

مُنَاجَاتِ بَدَرِگَاهِ خُدَا!!

 

سُجهيۡ مُونۡکَيۡ سَوَا تُنۡهِنۡجيۡ، نَڪَا سَرۡڪَارِ يَااللهَ!!
تَڏَهِ توۡکَانۡ گُهرُونۡ هَرَ هَرَ، چَئِيۡ هَرۡ بارِ ياَاللهَ،
سَندَءِ دَرۡگَاهِ عَالِيءَ ۾، پِنَڻَ ڌَارَان نَه ڪَا وَاهَرَ!!
تُونۡ ئِيۡ آهِيۡن جوۡ سَڀَ ڪَنۡهِن جِيۡ، لَهِيۡن ٿو سَارَ يَاالله،
سَندءِ دَرۡگَاهَ ۾ دَائِمُ، اِهَائِيۡ اِلۡتِجَا آهيۡ!!
ڪَرَم سَانۡ قوۡم مُسۡلِمَ کيۡ، ڪِجَانۡ بيۡدار يَاالله،
ڪَڍِيۡ ڪِيۡنُو قَسَاوَتَ ڪُوڙُ، ڪُلۡفَتَ ۽ ڪَلا بَازِيۡ!!
رَفَاقَتَ رَحَمَ رَاءفَتَ سَانۡ، رَهَنِ هَرۡ بَارِ يالله،
دُکَنِ ٿَا دَرۡدَ جَا دُونۡهَانۡ، دلين تَانۡ دُورِ سي سَڀِ ڪَرِ!!
بَدنِ بَدِڪَارِيَنِ کَانۡ ڪَرِ، ڪَڍيۡ بيۡزَارُ يَالله،
ڏُڪَرَ ۽ ڏُرِتَ ڏوۡلَاوَا، ڏُکِيايُونۡ ڏُورِ ڏاتر ڪر!!
مشقّتَ جُون گَهِڙيُونۡ مِڙَئِيۡ، مَٿي تَانۡ ٽَارِ يَاالله،
نَجِيُ اللهِ حَضۡرَت نُوحَؑ تانۡ، طُوفَانَ کيۡ ٽَارِيُئه!!
خَلِيۡلُؑ الله لَئِه ڪِيُئه نارِ، کيۡ گُلزَارُ يَاالله،
ڏُکَنِ جَا ڏُرِتَ ٽَاريۡ، تُرۡتُ يُوسِفَؑ کيۡ ڏِنَئي شَاهِي!!
تُوۡن ئِي يَعَقُوبَؑ جوۡ غَمَ ۾، ٿِئين غَمَخَوارُ يَاالله،
ڪَيُئِه اَيُّوبَؑ کيۡ آزَادُ، زَخَمَنِ جيۡ مَشَّقّتَ کَانۡ!!
ڪَلِيۡمُ اللهِ مُوسيٰؑ کيۡ، ڪَڍِيۡ ڪِيُئه پَارِ يَاالله،
ڪَيُئه آجوۡ نَبيۡ اِسۡحَاقَؑ کيۡ، تَڪۡلِيۡفِ ظُلۡمَنِ کَان!!
ڪَيُئه فِرۡعوۡنَ ۽ لَشڪَرُ، سَندُسِ فِي النّارِ يَاالله،
ڪَيُئه قُدۡرَتَ سَانۡ رُوۡح اللهِ، عِيۡسيٰؑ پِيُ بِنَانۡ پَيۡدَا!!
سَندَءِ قُدۡرَتَ ڪَرِيانۡ ڪَهڙِيۡ، هِتي اِظهَارُ يَاالله،
خَلِيۡلُؑ الله ۽ ذَڪَرياؑ  کي، پِيۡريءَ ۾ ڏِنا توۡ پُٽَ!!
اُنهِيءَ حَالَتِ ۾ جَڏَهِيۡن ڪُو نَه، ڪوٿئي ٻَارُ يَاالله،
سَوَالِي تُنۡهِنۡجي دَرَ تَانۡ ڪوۡ نَه، ڪوۡ موٽيۡ هَٿيۡن خَالِيۡ،
رَهيۡ هَرِ وَقۡت ۾ کُلِيئلَ سَندِيئه دَرۡبَارِ يَاالله،
نَڪۡو نَائِڪُ پَٽيۡوَالوۡ نَه ڪو، دَرۡبانُ روۡڪِيۡندڙُ!!
اَچَنِ توۡ وَٽِ سَڀَئِي عَاصِيۡ، سَڀَئِي اَبَرَارَ يَاالله،
سَڏِيۡن تُوۡن ٻَاجھَ سَانۡ ٻَانۡهنِ، کيۡ گُهرِجُوۡن سَڀِ گُهۡرو پَنۡهِنجُوۡن!!
اَهِيۡن اَهۡڙوۡ سَدَا ڪُلَ لَاءِ، تُونۡ ڪَلۡتَارُ يَاالله،
ڍَڪِيۡن تُوۡن عَيۡبَ عَاصِنِ جا، سَتُرَ پَنۡهَنۡجِيۡ سَانۡ ايۡ سَاتِرَ!!
اُگهَاڙَنِ عَيۡبِدَارَنۡ جَا، سَچَا سَتّارَ يَاالله،
گُهرَن ٿَا بَخۡشَشُوۡن توۡکانۡ، ڪِجَائِيۡن مَغفِرَتَ موۡليٰ!!
بُکيَنِ ۽ بيۡ وَسِيۡلَنِ جَا، غَنِيۡ غَفّارَ يَاالله،
سَدا سَائِلُ سَندُءِ آهِيانۡ، گُهرانۡ ٻيۡ کَانۡ نَه ڪُجھۡ ڪَڏَهِيۡن!!
تُونۡ ئِي مُعۡطِيۡ تُوۡن ئِي مُنۡعِمُ، تُونۡ ئِي ڏَاتَارُ يَاالله،
اَمِرِيڪنِ ۽ اِٽلِي جَرۡمَنِيۡ جَپَانُ بَرۡطَانِي!!
اڳِيانۡ قُدۡرَتَ سَندءِ، طَاقَتَ سَنديَن بيۡڪار ياالله،

 

 

غزل نمبر 4

حَمۡدِ خُدَا وَنّدَ تَعَاليٰ

 

شُڪُرُ تُنۡهِنۡجيۡ لاءِ شَايَانۡ، يَااللهُ الۡعَاالَمِينۡ!!
حَمدُ تُنهِنۡجوۡ هَرِ زَمَانۡ، يَاخَالِقِ عَرۡش و زَمِيۡن،
سَڀِ ثَنا تُنۡهِنجِيۡ صِفَتُ، سَاراهَ سَڀُڪوۡ ٿوۡ ڪَريۡ،
خَالِقِ هَرۡ دوۡ جَهَانۡ تونۡ، مَالِڪِ ڪوۡن و مَڪِيۡن،
رَحَمَ ۽ رَاءفَتَ بِنَانۡ ٻِيۡ، رَاهَ نَاهيۡ يَا رَؤُفَ!!
رَحَمُ ڪَرِ رَحۡمَانَ، رَاحِمَ، يَااَرۡحَمُ الرّاحِمِيۡنُ،
مِهِرَ ڪَرِ مَنَّانَ مَالِڪَ، مُلۡڪَ جَا موۡليٰ ڪَرِيۡمَ!!
تُنۡهِنجيۡ نُصۡرَتَ ٿِيۡ کَپيۡ، ايۡ خَاصَ خَيۡرُالنّاصِرِيۡنُ،
لايُحَرِّڪُ ذَرّةُٗ اِلّا بِاذنِ اللهِ آہِ!!
تُونۡ شَهِنۡشاهِ زَمَانۡ، تُونۡ ئِي اَحَڪَمُ الۡحَاڪِمِيۡن،
توۡکيۡ طَاقَت گَڏُ ڪَرَڻ جِيۡ، جَوۡ ذرو جيۡڪو جِتي،
تُونۡ جَمَعُ سَڀَ کَي ڪَنۡديۡن، تُونۡ جَامِعُ الۡمُتَفَرَّقِيۡن،
روۡزُ رَازِقَ سَڀَڪَهِيۡن کي، ٿوۡ رَسَائِيۡن رَحَمَ سَانۡ،
تَنۡهِنۡ ڪَريۡ تُنهِنۡجِيۡ صِفَتَ، وَاللهُ خَيرُالرّازِقِيۡنَ!!
عَيۡبَ سَڀني جَا ڍَڪِيۡن ۽ عَفۡوُ عَاصِنِ کي ڪَريۡن!!
تَنۡهِنۡ ڪَريۡ هَرۡ دوۡ جَهاَنۡ ۾، اَنۡتَ خَيۡرُالغَّافِرِيۡنَ،
فَضۡلَ سَانۡ فَتَّاحَ فوۡراً، فَتِحَ ڏيۡ اِسۡلَامَ کي!!
ڪَرِ اَسَان کي فَضلَ سانۡ فاتِحۡ، اي خَيۡرُالۡفَاتِحِيۡن،
تُونۡ ئِي بيۡ اوۡلَادَ کيۡ، اوۡلَادُ صَالِحۡ بَخۡشِئيۡن!!
نيۡٺِ تُون وَارِثُ سَڀۡنِ جوۡ، اَنۡتَ خَيۡرُالوَارِثِيۡن،
تُونۡ سَنۡڀَالِينۡ ٿو سَڀَنِ کي، رَبُّ تُوۡن پَروَرِدِگارُ!!
تُوۡن ئِي حَافِظُ ڪُلَّ جوۡ، فَااللهُ خَيۡرُالحَافِظيۡن،
تُنۡهِنۡجَا سَڀِ سائل جَهان ۾، سَوَ طَرَحَ سَئۡنيُو هَڻَنِ!!
تُوۡن سُڻِيۡ ٿو سَڏَ سَڀِنِ جَا، يَا مُجِيۡبُ السّائِلِيۡن،

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org