”هه“ حَرَفَ جو رَدِيفُ
وَٺِي اِسمُ اَللهَ جو، پَڙُه ۽ پَاڙِه!،
خُدَا جي طَلَبَ ۾ پِئو قَلبُ ڪَاڙِه“.
عُمرِ جِي هَلي رِيلَ، تَڪڙِي تِکي!،
سَويلو ثَمَرُ ٻَڌُ ۽، چُستِيءَ سَان چَاڙِه“.
سَدَائِين نَرَمُ هَلُ، نَرَمُ ڪَر ڪَلامُ!،
ڏِنگو ٿي نَه هَل ۽، نَه ڪَنهِنکي بِه ڏَاڙِه“.
هُجي عَيبُ ڪَنهِن ۾، تَه سَمجَهاءِ کيسِ!،
دُنيا ۾ ٿِيَنِ ٿا، گَهڻان لَاهَ چَاڙَه“.
دُنِيا جَا ٻَه پَاڇا، اَصُلِ کَان ٻَه رَنگَ!،
ڪَڏَه صَافُ سَاهِي ڪَڏَهِ ڪَا رَڳَاڙَه“.
ڪَڏَهِ هُئِي جَوَانِي بَهارِي بَهَارَ!،
هِينئَرَ ٿِي خِزَان ۽ ڀَڳَا ڏَندَ ڏَاڙَه“.
سَدَائِين ثَمَرُ ڪَر ڪٺو ڪو چَڱُون!،
هَلي قَافلو تَنهِنسَان سَائِلَ سَلاَڙِه“.
”ديگر“
اَٿَئِي پَاڪُ اَللهُ، شَاهَنِ جو شَاهُ!،
اُنهِيءَ کَان سَوَا ڪَابِه وَاهَرَ نَه وَاهَ“.
اُهو آهِ سَاتِرُ، سَمِيعُ بَصِيرُ!،
اُنهِيءَ کَان نَه غَافِل، رَهِج هڪُ پَسَاهُ“.
اُهو آهي قَادِرُ قَوِيُ عَزِيزُ!،
اُهو آهِ سَڀ خَلقَ، جو خَيرَ خَواهُ“.
اُهو آهي ڪُلَ کي، قَرِيبُ مُجِيبُ!،
سَندَسِ آهِ سَڀَتي، نَظَرَ ۽ نِگَاهَ“.
اُنهِيءَ جو سَدَا لُطفُ، لُطفِ عَمِيمُ!،
اُنهِيءَ جي سِڌِي، آهِ اُوڏانهَن رَاهَ“.
ڇَڏي وَاٽَ اُنجِي، وُٺِج ڪَا نَه ٻِي!،
مَتَان نَفَسِ شيطَانَ ڪَنِ توتي ڪَاهَ“.
سَڀنِ سَاَئِلَن جو سَمِيعُ الدّعَاءَ!،
اُهو آهي مخلوقَ سَڀَ جو اَللهُ“.
”دِيگَر“
مُسِلمَانَن کي مَوليٰ سَان مِلاَوَتَ جِي ضَرُورَتِ آهِ!،
مُحَبَتَ سَان مُحَمَدَؐ جي، اِطَاعِتَ جِي
ضَرُورَتِ آهِ“.
ٿِئو طَابِعُ نَبِيؐ جو، جو اُنِهِيءَ سان حُبَ
رَکي سَاءِ!،
تَڏَهِن اُنَجي حُڪُمَ خَاطَر، فِرَاغَتَ[1]
جي ضَرُورَتِ آهِ“.
غَرِيبَنِ سَاڻُ غَمخَوارِي يَتِيمَنِ سَاڻُ
يَارِيءَ جِي!،
مَدَدَ مَظلُومَ جي خَاطِر سَخَاوَتَ جِي
ضَرُورَتِ آهِ“.
خُدَا جو خوفُ ۽ تَقَويٰ، شُجَاعِتَ ۽ سَخَا
مَروَتَ!،
سَچي اَخلاَقَ سُهِڻي لَئِه، صَدَاقَتَ جِي
ضَرُورَتِ آهِ“.
اَمِينَن حَاڪِمَنِ قَاضِنِ، مَجسِٽَر[2]
مُنصِفَنِ سَڀَ کي!،
عَدُلَ اَنصَاف جي خَاطِر عَدَالَتَ جِي ضَرُورَتِ
آهِ“.
هميشہ ڍَنگ مِٽائي رَنگ، ڪندا جي خُود شَناسِيءَ
لاءِ،
شَرِيفَن خَانِدَانَنِ کي، شَرَافَتَ جِي
ضَرُورَتِ آهِ“.
وَڏي مَاڻهُوءَ کي گهُرجي، قومَ جِي خِدمَتَ ڪَرَڻ
پَرَ اَڄُ!،
وَڏي مَاڻهُوءَ ٿِئَڻ خَاطر، وَزَارَتَ جِي
ضَرُورَتِ آهِ“.
سَچو مَخدُوم اُو آهي، ڪَندو جو قُومَ جِي
خِدَمَتَ!،
رَکَڻُ رَاجَا کي رَعِيَتَ جي، رِعَايَتَ جِي
ضَرُورَتِ آهِ“.
هِدَايَتَ لَئِه شَمَعَ روشَنُ، اَسَان کي جَا
مُڪِي موليٰ!،
اُتي قُرآنَ جي طَاعِتَ، تَلاَوَتَ جِي ضَرُورَتِ
آهِ“.
”ء“ حرف جو رديف
اَٿَئِي سَڌَ تَه رَبَ، پَاڪَ جو ٿيئي لَقَاءُ!،
ڇَڏي دَرَ ٻِيَا، دَرَ خُدَا جي تي آءُ“.
ڇَڏي ڪَاز بَد، عَمَلَ صَالِحَ ڪَرِي!،
خُدَا پَاڪَ سَان، وِيجِهڙَا ئِي وَڌَاءِ“.
ڪَڍِي حُبَّ دُنِيَا جي، اِسبَابَ جِي!،
عَمَلَ آخِرَتِ سَاڻُ ڪَا لَئُن لَڳَا ءِ“.
جِتي شِرڪُ بِدعَتَ هُجي، يَا بَدِي!،
اُتي وَڃُ اُنهَن کي، بَدِيءَ کَان بَچَاءِ“.
اَگَر تُون اُنَهَن کي نَه روڪي سَگِهين!،
تَه ڪَڏَهِين نَه اُنَ جَاءِ تي پيرُ پَاءِ“.
چَوَڻُ ڪَلَمَه الحَقُ، اَفضَل جَهَادُ!،
ڪُهِي نَفس پَنهِنجو، مُجَاهِدُ سَڏَاءِ“.
اُنَهِيءَ کَان نَه گُهرُ، جو آ مُحتَاجُ پَاڻَ!،
سَدَا رَبِ اَڪَبرَ، جو سَائِلُ سَڏَاءِ“.
قطعه ”دِيگَر“ قطعه
دُنِيَا لَاءِ تُون پِئو، ڪَرِين هُوءِ هُوءِ!،
گهُمِين گَڏُ ڪَرَڻَ لاءِ، پِئوڪُو بَڪُوءِ“.
پَرَاوَا ۽ پَنهِنجَا ڪَيَئِه، مَالَ گَڏُ!،
اَڃَان ڀِي ڪَرِين پِئو، جَهجِهي جُستَجُوءِ“.
”ي“ حَرَفَ جو رَدِيفُ
خُدَا جو سَڏَائي، ٻِئَنِ جونَه ٿِّيُ!.
اُنهِيءَ وَاسطي مَرُ، اُنهِيءَ لاءِ جِيُ“،
ٻِئَا سَڀ مُئَلَ ۽، فَنَا بي بَقَا!،
فَقطِ آهي اَللهُ، قَيُومُ حّيُّ“.
اَسَان لاءِ ڪونَينَ، جو ڪَا رَڻِي!،
مُڪَائِين اَسَانڏي، مُحَمَدُؐ نَبِيُّ“.
ڪَئِي رَهَبَرِي اُنَ، اَچِي خَلقَ جِي!،
ڏَسِي اُنَ اَچِي هِيءَ، صِرَاطءٌ سَوِيُّ“.
سَڀيئِي سَندَسِ پُڻ، مُحتَاجَ ٿِئَا!،
سَڀنِ جي مَٿَان، پَاڻَ قَادرُ قَوِيُّ“.
سَڄِي خَلقَ عَاجِزَ، اُنَهِيءَ جي اَڳِيَان!،
سَڀَئِي، مَلَڪَ مُرسَلَ، نَبِيّ ۽ وَلِيُّ“.
سَڀَئِي سَندَسِ، سَائِلَ سَوَالِي سَدَا!،
ٿِئو ڪُلّ کَان پَاڻَ، غَالِبُ غَنِيُّ“.
”دِيگَر“
ڪَئِي عَطَا اَللهَ سَرَوَرَؐ، کي سَرو پَاسَرَوَرِي!،
مُلِڪَ تي مَبعُوثُ ٿِيو، پَهَري قَبَا
پَيغَّمبرِيؐ“.
مُنتَخِب ٿِي مَلَڪَ ۽، مَلڪُوتَ ۾ آيو جَڏَهِن!،
ڪَئِي وَڏِي بَندَنِ جِي، ٿي بَارِي تَعَاليٰ
بهتَري“.
خَلقَ تي خُلق عَظِيمءٌ، شَانَ وَارو مُوڪَلَي!،
پَنهِنجي ٻَانَهَنِ جِي ڪَئِي، سُبَحَانَ سُهڻِي
رَهبَرِي“.
خَاصَ لَئِه رَحمَتَ نَه، پَرَ ٿِي رَحمَةُ
الِلعٰلَمِين!،
آئِيو ڪَونينَ ۾ عِزَتَ، وَٺِي هِيءَ اَڪبَرِي“.
خَلقَ پَنهِنجِي خُلقَ سَان، رَاغبَ ڪَيَائِين
پَاڻَڏي!،
جِي ٿِيا تَابعَ مِلِي تَنکي، بُزِرگِي بَرتَرِي“.
هِتِ بِه هُو اَعلَيٰ ٿِيا ۽، هُتِ بِه ٿِي وِيَا
ڪَامِيَابُ!،
جَنِ مَڃي حَضرَتَ مُحَمَدَؐ، مُصطَفَيٰؐ جِي
مِهتَري“.
ڪئين بَدُو، ٻَڪرَارَ، اُوٺِي، چورَ،ڊَاڪُو
خُونخَوارَ!،
مُلڪَ جَا وَالي بِه ٿِيا، وَاصُلُ خُدَا سَان
ٿِيا وَرِي“.
جي ٿِيا تَابِعَ، سَندَسِ، تَنجَا ٿِيا تَابِعَ
هَزَارَ!،
جي مُخَالِفَ ٿِيَا، اُنهنَجِي،اَصُلَ کَان ٿِي
اَبتَري“.
جي ٿِيئَا پيرُ و مُحَمَدَؐ، تَنجو ٿِيو رُتبو
بُلَنَدُ!،
شَانُ تَنجو ٿِيو مَٿِي، حَاصُلَ ڪَيَاءِ
اَختَرِي“.
ڪيترا سَائِلَ ٿِيئَا سُلطَانَ هُوَا دَرَ جَا
گَدَا!،
۽سَوين سَائِلَ وَٺِي وِيَا، زَر جي ڌَارَان زَرَ
گَرِي“.
”دِيگَر“
جَڏَهِن گُهرِي بَندَنِ سَندِي، بَارِي تَعَاليٰ بِهتَرِي!،
ٿِي عَطَا تَڏَهِين، مُحَمَدَؐ مُصطَفَيٰ کي
مِهتَرِي“.
مُڪَرَمُ اِلاخلاَقَ حَضرَتُ، رَحَمَ رَاءِفَتَ ۾
وَڏو!،
۽ وَرِي اُنکي ڏِنَائِين، قَوم جِي پَيغَمبَرِي“.
مُلڪَ ۾ مَبعُوثُ ٿِيئو، خِلعَتَ نَبُوتَ جِي
ڍَڪي!،
سَيَدُالثَقَلَينؐ جِي، پَائي سَرو پَاسَروَرِي“.
خَلقَ ۾ خُلقِ عَظِيمُ ۽، شَانَ ۾ اَرفَعُ
بَلَندُ!،
ٿِي عَطَا ڪَونينَ جِي، اَعليٰ اُنَهِيءَ کي
اَفسَرِي“.
قطعه ”دِيگَر“ قطعه
ڪَئِي مُولَيٰ تَعَاليٰ مِهَرِبانِي! تَڏَهِ سُڌرِي اَسان جِي
زِندَگَانِي!،
ڪَري نَازُلُ صَحِيفَا آسِمَانِي! مِلِي شَافِعَ
نَبِيؐ کي ڪَامِرانِي[3]“.
قطعه ”دِيگَر“ قطعه
هِي شُعَاعِ دِين گَرچِه نَه ڪَنهِنکي هُجي پَسَندِ!،
ڄَاڻي تَه ڦُوڪَ سَاڻ وِسَامِي نَه ٿو سَگهي“.
جَنکي اِرَادو آهِ، وِسَايُون هِي ڦُوڪَ سَان!،
حَقَ جوقَسَمُ تَه نُور اُجَهامِي نَٿو سَگهي“.
”دِيگَر“ بَيتُ
تَه دُنيَا دِينُ ٿِئي حَاصلُ، چَڱِي هِيءَ زِندَگَانِي[4]
ٿِئي!،
خُدَا جي فَضُلَ سَان ڪَامِلُ،اَسَان جِي
ڪَامِرَانِي ٿِئي“.
قطعه ”دِيگَر“ قطعه
گُنَهگَارُ آهِيَان، خَطَادَارُ عَاصِي!،
اِلٰهِي عَطَا ڪَر خَطَا کَان خَلَاصِي“.
گُنَاهَنِ ۾ ٿِيُس پُر، عَيبُ عَاصِي!،
خُدَاوَندَا خَطَا کَان ڏي خَلَاصِي“.
قطعه ”دِيگَر“ قطعه
سَفَرَ جي لَئِه ثَمرو کَڻڻُون مُونکي هُو!،
مَگَرِ ٿِي وَيسِلو ويٺُسِ اُدَاسِي“.
اَڳيَان مَنزَلَ اَڪيلِي ۽ سَختُ ڪَارِي!،
جِتي هُوندَا نَه گَڏ پِيءُ مَاءُ مَاسِي“.
ڍَڪِيندَا لُوڙه کي لَتُنِ سَان لَتَاڙِي!،
مَٿَان هُوندو نَه ڪَنهِن کي لوهُ[5]
ڪَاسِي“.
وِڇَاڻُون هُوندو، بِلڪُل ڌُوڙِ وَارِي!،
نَه ڪو، اُتِ فَرشُ هُوندو يَا فَرَاسِي“.
عَمَلَ تُرَندَا ۽ ٿِيندِي ڀيٽِ ڀيٽَان!،
اُتي خُوشِ ٿِيندَا هِڪڙَا، ٻِيا نِرَاسِي“.
چَڱَان هُوندَا لَوَائي مُصطَفَيٰؐ هيٺِ!
اُتي سَائِلُ هُجِي اُنَ صِفَ ۾ شَامِلُ!،
جِتي سَيَدُؐ پِيارِ يندو پِيَاسِي“.
قطعه ”دِيگَر“ قطعه
اَسَانکي جي نَه بَخشِيندِين، تَه ٿِيندَاسُون ڇِيئي وَارَا!،
اَسَانکي ڪِيمَ ڪِج خُسرَانُ، هِنَ قُرآنَ جي
صَدقي“.
نَه تو جِيئَن ڪو خَطَا بَخشي، نَه تو جَهڙِي
عَطَا ڪَنهِنجِي!،
تَڏَهِ توکَان گُهرُون ٿَا دَانُ، هِنَ قُرآنَ جي
صَدقي“.
اَسَانجَا نُورَ سَان مَعَمُورُ، ڪَر مُنهَن،
قَلبَ ۽ اَکِيُون!،
وَسَائي نُورَ جو بَارَانُ، هِنَ قُرآنَ جي
صَدقي“.
اَسَانجَا مَاءُ پِيءُ اُولادُ، مَائِٽَ دوسِتَ
مُومِنَ سَڀِ!،
وَٺَنِ جَنَتَ اَندَرِ جُولَان، هِن قُرآنَ جي
صَدقي“.
اِلٰهِي فَتحَ ڏي اِسلَامَ کي ۽، دِينَ کي
نُصرَتَ!،
خُدَا يَا ڪُفر ڪَر حَيرَانُ، هِن قُرآنَ جي
صَدقي“.
عَرَبُ ۽ شَامُ، تُرڪِستَانُ، مُرَاڪُو، مِصَرُ ۽
اِيرَانُ!،
سَدَا آبَادُ ڪَر اَفغَانُ، هِنَ قُرآنَ جي
صَدقي“.
ڇَڏَائي غَيرَ جي هَٿَ مَان، ڪِجَان آزاد اَي
مَولَا!،
اَسَانجو مُلڪ هِندُسِتَانُ، هِنَ قُرآنَ جي
صَدقي“.
اَسَانجُون مَسجِدُون مِمبَرَ، صَدَا آبَادُ رَکُه
مَولا!،
اَسَانجَا گَهرَ نَه ڪِج وِيرَانُ، هِنَ قُرآنَ جي
صَدقي“.
اِلٰهِي ڪَر عَطَا آخَرِ، زِيَارَت پَنهِنجي
مُرسَلَؐ جِي!،
ٿِيُون اُنجَا وَڃي مِهمَانَ، هِنَ قُرآنَ جي
صَدقي“.
سَدَا سَائِلَ هُجُون تُنهِنجَا، نَه ٻئي جي دَر
وَڃُون ڪَڏَهِ!،
ٿِيئي سِرُ دِينَ تَان قُربَانُ، هِنَ قُرآنَ جي
صَدقي“.
”مَثنَوِي“
مَڪي جي سَرزَمِين جي مُنهَن تي[6]
جو خَالُ آهي!،
اُتِ نُورِ حَقَ جو جَلوو، هِڪ بيمِثَالُ آهي“.
سَا سَرزَمِينَ نَافُ آه، جِسمِ جَهَانَ ۾!،
جَلوو جَنهِين جوآهِ، زَمِينِ آسِمَان ۾“.
هِي ڪَعَبو يَادِگارُ آه، حَضرَتَ خَلِيلَ جو!،
جَلوو جَهان ۾ رُوشَنُ، رَبُّ الجَلِيلَ جو“.
مُومِنَ فِدَا اُنهَنِ تي ٿِيا پَروَانَه جي
طَرَحَ!،
قُربَانُ اُن مَٿي سَڀِ، دِيوَانَه جي طَرَحَ“.
مَسڪَن هِي آهِ قِبلو، هَر دوجَهَان جو!،
مَرڪَز هِي آهِ خَاڪَ تِي حُسنِ جَنَان جو“
ڪُفَارَ ڪِئو رَسُولَؐ تي، هِنَ هَنڌِ رَهَڻُ
مَحَالُ!.
سَجدو ڪَري جو حَقَ کي، ڪَنهِنکي نَه هُئي
مَجَالَ“،
هو جُرَمُ اُنجو هِي جو، مَڃي ڪِينَ غَيرَ کي!.
رِشتو رَکِي خُدَا سَان، آندَاءِ خَيرَ کي“،
تَنگ ٿِي نَبيءَؐ آخَرِ، هِجرَت ڪَئِي!.
مَڪو ڇَڏي مَدِيني ۾، پَهُتو وَڃِي نَبِيؐ“،
مَڪو بِه آخَرِ مُومَنَ، وِيَا وَٺِي!.
هَر شَخصُ نِيٺِ پَيغَمبرؐ،کان وِيو ڏَڪِي“،
هِتِ آيَا روز روز، ٿِيو اِسلَامَ جو عُرُوج!.
بَاطِلَ جو سَرزَمِين عَرَبَ، مَان ٿِيئوخُرُوج“،
ڪُفار کي ٿِئُو ڊَپُ ته، وَٺَنۡدِو هِيۡ
اِنِتِقَامُ!
بَاشُندگَانِ مَڪّيۡ، تِيۡ آرامُ ٿِيئۡو حَرَامُ“،
لۡيڪنۡ نَبۡيؐ اَڪَرَمَ، مِڙِنِي کيۡ مَعَافُ
ڪِئۡو!.
بَخۡشَشۡ جۡو هَرۡ جڳهه، تي اعلان صاف ڪِئۡو“،
خائف هوا رسولؐ کان، سي شاد ٿي ويا!،
سڀ قيد انتقام کان، آزاد ٿي ويا“.
خُلق خدا جي عڪس جو، خُلق عظيم ڏس!،
اسلام جي امام جو، لطفِ عميم ڏس“.
سائل خدا کان گهر تون، ته عشقِ رسولؐ اڄ!،
طاعت رسول جي ڪر، آخر قبول اڄ“.
”مثنوي“
1. هڪ ڏينهن عمرؓ، ڪري هٿ تلوار بي نيام!،
هَئِين ڊاڙ، اڄ ڪريان ٿو، محمد کي مان
تمام“.
2. ساري عرب ۾ برپا، ڪيو اُن فساد آه!،
جيڪو ملي ٿو ساڻس، سوبد نهاد آه“.
3. عُزّا ۽ لاَتَ، هبّل، سڀن جا قسم کڻي!،
هشمت مجهان هليو اُٿي، هيبت جا هٿ هڻي“.
4. گڏئيس نعيم گس ۾ ته، ڪيڏي وڃي پئو!،
ڪاوڙ ۾ تنهنجو آهي، ڏسان رنگ لال ٿئو“.
5. چيائين ته قتل ڪندس، آءٌ اڄ نبيؐ کي!،
گمراه ٿئڻ ڪين ڏيندس، هاڻي غبيءَ کي“.
6. فرمائيو نعيم ته گهر پنهنجو تون سنڀال!،
مسلم ٿي ڀيڻ تنهنجي، تون انجو ڪو ڪر
خيال“.
7. غصي جي باه ڀڙڪي، زياده ٿي مشتعل!،
سڀ ڪجهه وساري، موٽيو محلي ڏي اُن مهل“.
8. در تي ڏنائين ڪن ته ڪو، ڪجهه پيو پڙهي!،
دروازي کي پٽيائين ته، درئي نٿو کلي“.
آخر کليو جو در پڇئين، ڇاٿي پڙهيو اوهان!،
ڇالاءِ مون ڪنان ٿي، لڪايو اِهو اوهان“.
چيو ڀيڻ، ڀائو ٿي اسان، پڙهيو اِهو قرآن!،
جنهنجي ذريعي ٿي، ويندو، روشن سڄو جهان“.
9. دهشت سان سڏ ڪيائين، ته دروازو کوليو!،
اندر گهڙي عمرؓ سڀ، اسباب ڦوليو“.
چيائين ته ڏي تون مونکي ٿي، جيڪي اوهان
پڙهيو!،
چيائين ته ڪين مشرڪ جي، هٿ اِهو ڏبو“.
اول ڪرتون غسل، تِهان پوءِ وٺ اِهو!
”هڪ غزل جو بعد ۾ حاصل ٿئو“
سر وٺي ساقيءَ ڏِني تو، سرڪ هڪ ساري زهر!،
سر ڏيئي سستو، وٺي هڪ سرڪ ڪُيئه ڪهڙو قهر“.
جنجو سر اڳئي اڏي تي، تنکي ڪهڙو ڊاءُ ڊپ!،
جنجو مرڻو مرڪ هوندو، تنکي ناهي ڪو حذر“.
جي مرن مرڻا اڳي مرڻون، انهن جي عيد آه!،
عيد جي آهي شڪايت، بي اثر اي بي اثر“.
سر وڪيئه هڪ سرڪ خاطر،زهر ۾ ڪهڙو سواد!،
سر ڏيئي سستو ڪرين فرياد، پئو ٿو بحر و بر“.
موت آيو بعد اُنجي، ڪيئن ٿيئي ناطق زبان!،
سر ڏني کان پوءِ توکي، زهر جي ڪهڙي خبر“.
جي ڏيئين ها سر اُهو، صدقو ڪري الله تان!،
خلد ۾ خاصي ملئي، ها، جاءِ جنهن هيٺان نهر“.
ساقيءِ ڪوثر اُتي ٿيندو، سچو مرسل امين!،
تنهنجي ساقيءَ جهڙو هوندو، هو نه ساقي بيقدر“.
حورون ۽ غلمان حاضر، هوندا اڳيان ڪئين هزار!،
هر طرح آرام هوندو، در اِرم جنت قصر“.
ٿي سدا سائل ڪجئين الله کي پئو هيءَ صدا!،
در ڇڏائي پنهنجو ٻي در تي نه ڪج، تون دربدر“.
”شذرات ۽ فرديات“
سر راه خدا جي، ۾ فنا ٿِئو ته بجا ٿئو،
اِبليس سان عد وان، بپا ٿئو ته بجا ٿئو“.
نبيؐ پاڪ جي طاعت، اها الله جي طاعت،
الله جي طاعت ۾ سدا ٿيو، ته بجا ٿئو“.
توحيد ۽ تبليغ جو، جنهن شان وڌايو،
تنهن تي به سدا صل عليٰ، ٿئو ته بجا ٿئو“.
سڀن جي مٿان، احڪم الحاڪمين،
مڙن جي مٿان، پاڻ اعليٰ عليُّ“.
هٿين خالي عمل ڌاران هتي هي،
ڀري آيو اٿئي ڀريون گهڻيون بد“.
هيس اُميد تون ڏاتار آهين،
اٿئي ٻانهون سندءِ هي پير محمد“.
هميشه شان اعلي ٿئي، نبي جي دين اطهر جو“،
سدا ايمان محمدؐ تي، ٿئي پيرو محمدؐ جو.
”قطعه[7]“
اٿيو شخص هڪڙو گڏه کي چياء،
اڙي ڇو نه ٿو تون سبزُهي گاه کاٰء“،
گڏه هينگ ڪئي، ۽ لوڏيو پڇ کي.
چيئين، ڇا چيو تو، وٽي مُڇ کي“،
عقل تنهنجو شايد ٿيو آه تنگ.
اِهو گاه ناهي، اها آه ڀنگ“،
پيئي هنکي انسان، ته ٿي پئي گڏهه.
”شڪر خدا“
شڪر، حمد، سبحان خالق سندو!
ڪندو ڪهڙي طاقت هي عاجز بندو“
هي ڪتاب مستطاب
24 اپريل 1962ع تي رَفِ ڪاپي لکڻ شروع ڪيو هوم ۽ بروز اربع
پهرئين جمادي الثاني 1382 هه تي پڪو لکڻ شروع ڪيم.
اڄ الحمدلله تاريخ 30 رمضان المبارڪ بروز سومر
1382 هه مطابق 25 فيبروري 1963ع تي لکي ختم ڪيم.
الحمدلله رب العالمين.
قطعه تاريخ ڪِتَابِ هَذٰا
از قلم ناچيز عاجز هالائي
لکي ڪجهه نه ڄاڻا ٿو، بلڪل هينئر،
اِهو آهي منهنجي طبع جو قصور“.
ٿيو ليڪِ لاثاني، سائل سندو،
ڪتاب تصور، ٿيو جو سطور“.
ٿيو ماه رمضان جي ٽينهينءَ جو ڏينهن،
ڪيم هن دريائي، رقم کي عبور“.
اٿم ڪانه توفيق، وڌ ڪي لکان،
طبع ساز ناهي، ڪي عاجز رنجور“.
کتيم حرف منقوط[8]،
تاريخ لاءِ،
ويو بنجي بلڪل جو، باغ شعور“.
|