غزل
دار تي اڄ خونِ دل جي جلوه آرائي ڪجي
هڪ نرالي رنگ جو توکي به سودائي ڪجي
روشني آهي انڌيرن ۽ خلائن ۾ اسير
روشني جي واسطي خالي تمنا، ئي ڪجي
هر جهلڪ زنجير جي زخمي ڪيو احساس کي
پنهنجي من ۾ هاڻ جيڪا ڀي اچي سائي ڪجي
اوپرن جي لاءِ ٿيو مخصوص تنهنجو التفات
تنهنجي محفل کان پسند،اي دوست! تنهائي ڪجي
درد جي دونهين کي شعلي جي ڏجي صورت بشير
دل چوي ٿي ڪونه ڪو سامانِ رسوائي ڪجي
*
خاڪ ٿي ويئي جلائي، دل تمنا جا، چراغ
زخمِ تاريڪي جي مرهم ٿيا نه دنيا جا چراغ.
تون بهارن جي بهاني، غيرت گِل! جي اچين
هر قدم روشن ڪيان زخمِ تمنا جا چراغ.
ذهن تان ميسارجي ويا تنهنجي يادين جا نقوش
روئي روئي پيا سمهي دل جي اجنتا جا چراغ.
تنهنجي دُوري جي خلش آهي رگِ جان جي قريب
آ هلي، مڌم ٿيا تنهنجي سراپا جا چراغ.
راهه روشن ٿي وئي تنهنجي اچڻ جو اوچتو
خونِ دل ٻاريا سندءِ نقشِ ڪَفِ پا جا چراغ.
جنهن کي مون سمجهيو سهارو، سائيه ديوار هو
آس ٻاريا وئي اجايو ڇا منجهان ڇاجا چراغ.
پاڻ صحرا ڀي هيو محتاج سورج جو بشير
ٿيا سرابِ عشق کي ڪافي نه صحرا جا چراغ.
*
جيڪو جلوو رات ڏٺو سي، تنهنجي ڪهڙي بات ڪجي
جنهن کي ور ور ورجائي دل سائي وائي وات ڪجي.
راههِ فنا ۾، رنگِ وفا جي، بي موسم برسات ڪجي
سُوريءَ سيج وڇائي يارو موت کي ماري مات ڪجي.
ڪارن ڪڪرن جهڙا گيسو، مکڙو تنهنجو چنڊ مثال
اهڙي رات رهي شل قائم، هر پرڀات کي رات ڪجي.
ننڊ ندوري، وصل جي ويري، جاڳَ جدائي جو ايذاءُ
جا شيءِ پنهنجي وس ۾ ناهي، تنهن جي ڪهڙي تات ڪجي.
جنهن جي ياد کان ناهي واندي، دل آ ماندي جنهن جي
لاءِ
اهڙي دشمن دل سان ڪهڙو اظهارِ جذبات ڪجي.
چمن چمن کي ڏٺو آ اداس اسان
نظر نظر کي ڏني آ حسين آس اسان.
متان هي توکي وسارڻ جي ابتدا نه هجي
ٿيا نه آهيون گهڻي وقت کان اداس اسان.
اسان جي دم سان ئي آباد آهي شهرِ الم
رهيا نه آهيون مسرت جي آسپاس اسان.
نه تنهنجو غم نه غمِ زندگي نه فڪرِ جهان
تڏهن به آهيون خبر ناهي ڇو اداس اسان.
ٿي ختم رات ۽ خالي رهيو اسان جو جام
مگر ڪيوسي نه ساقي کي التماس اسان.
ڪڏهن ڪڏهن ته اوهان کان سوا قرار مليو
ڪڏهن ٿياسين اوهان وٽ به محوِياس اسان.
خبر اٿئون ته اسان کان هو بي خبر آهي
بشير ٿي نه سگهيا آهيون پر نراس اسان.
*
ڇڏ ننڊ، سجاڳي ڌار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ
وريون
ٿيو صبح اجهو نروار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ
وريون.
ڏس رات لڙي، خاموش فضا ۾ پکين پهرين لات لنئي
هردم تون رهه هشيار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ
وريون.
جنهن آس جي گلشن جو هر گل ۽ هر ٻوٽو هو مرجهايل
ات ماڪ جي ٿي وسڪار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ
وريون.
جنهن دور ۾ زور نه هلندو ڪو، هڪ انسان تي ٻئي
انسان جو
ان دور جي جئه جئه ڪار، اي ساٿي، وقت جون واڳون
ڄاڻ وريون.
موجودهه نظام آ هرڪنهن کي هڪ گَهري نفرت سيکاري
هر دل ۾ وسندو پيار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ
وريون.
ڄاڻون ٿا اسان جي چوڌاري آ محرومي ئي محرومي
ڪر همت، لُڙڪ نه هار، اي ساٿي، وقت جن واڳون ڄاڻ
وريون.
هر چيز ۾ ڦيرو ايندو ٿو محسوس ڪجي اي بشير اڄڪلهه
اٿ، ڦڙتي ڪجهه ڏيکار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ
وريون.
*
اجهو ٿو ختم ٿئي ظلم زور رنج و محن
ڪوئي ٿئي پيو پيدا ڪليمِ ضرب شڪن.
طلسمِ لمس جي چانڊوڪين جي تاريڪي
بهارِ وصل جي رنگينين جو پيراهن.
محبتن جي نئين گيت جي اُجالي سان
سِتار وانگي وڃي ٿو سڪوتِ شب جو بدن.
جبينِ شوق وڌي منزلِ تمنا ڏانهن
ملي ويو حسرت و غم کي اميد جو دامن.
انڌيري رات جي سڀني مسافرن کي چئو
ته وات لاٽ نه بڻجي تڏهن به اڳتي وڌن.
*
يا حسنِ نظر تي پردو هو، محجوب ڪٿي يا جلوو هو
خوشبو کي خرامان ڏسندي ئي محسوس ٿيو ڪو ويجهو هو.
ڪيڏي نه اميد اکين ۾ کڻي هو دل جي در تي آيو هو
هن کي به سهارو گهربو هو، مون کي ڀي زندهه رهڻو
هو.
ڪا قامت ڪاهڪشان هئي ڪا مرڪ نئين چانڊاڻ هئي
ڪو سج صدين کان پوءِ صدائن جي سيني مان اڀريو هو.
خوش رنگ خيابان خوابن جا، ڪَر موڙيندي جاڳي ويٺا
تنهائي جي صحرا تي ڪنهن جي ياد جو بادل برسيو هو.
پرديس پرين ويا پيار کڻي دل زخمن سان گلزار بڻي
ويري واسينگ وڇوڙي جو هروار اسان کي سَهڻو هو.
*
رنگ و بُو جي سيني ۾ ڪا صدا نهان آهي
خامشي جي صدمي کان بند هر زبان آهي.
آرزو بهارن جي موسمِ خزان ۾ آ
جذبهءَ جنون جو هي شايد امتحان آهي.
مصلحت هينئر ڇاجي، فڪر ڇو چمن جو ٿئي
برق جي ڪنارن تي پنهنجو آشيان آهي.
بي سبب اُداسي ڀي ڪوئي تنهنجو تحفو آ
روپ سئو بهارن جو هر نئين خزان آهي
مرڪ روزنِ لب مان نڪتي آ ليئا پائي
يا حيا جي جُهولي ۾ ڪائي ڪهڪشان آهي.
اي عروسِ شب! تنهنجي گود ۾ سحر ايندو
تنهنجي جسم ۾ ڪائي روشني روان آهي.
حال تو پڇيو دل جو، هي به دلنوازي آ
حال ڇا بيان ٿيندو، حال خود بيان آهي.
*
ڪير هت ايندو، هي گهر بي سَرو سامان آهي
ڄڻ ته صدين کان سڪايل دِل ويران آهي.
بي سبب رحمتِ يزدان ٿي وئي آ مايوس
دلِ ڪافر ته اڃا مائلِ عصيان آهي.
سرفروش آيا وري، لاهي سِرن جو سانگو
چشمِ حيرت جي طرح وا، درِ زندان آهي.
هڪڙي جنهن لمحي ڏنا دل کي سدائين سوداءَ
اهڙي لمحي جي مٿان سوچ به قربان آهي.
شعر جي ديوي وڌو آهي اُفق تي پاڇو
ڪهڪشان تنهنجي سراپا تي غزل خوان آهي.
تهمتِ شعر ته ڪنهن اهل سخن تي رکجي
نه سخنور آ بشير ۽ نه سخندان آهي.
*
توکي ڏسي مجال جو ٻئي کي ڏسي سگهان
تنهنجو وٺان جي نانءُ ته ٻيو ڇا ڪڇي سگهان.
تنهنجو ميلاپ خواب هيو يا خيال هو
توسان ملان تڏهن به نه توکان پڇي سگهان.
چائنٺ تي تنهنجي دَر جي رَسي موٽڻو پيو
هاڻي يقين نه آهي ته تو وٽ اچي سگهان.
تون بيوفا ته آءُ به خوددار آهيان
شايد ڪڏهن به هاڻ نه توسان ملي سگهان.
*
رنگ کي روپ مليو آ شايد
خون تصوير بڻيو آ شايد.
تِرورو بڻجي وئي ڪاهڪشان
دوکو نظرن کي ٿيو آ شايد.
دل جي داغن مان اچي ٿي خوشبو
هن وري ياد ڪيو آ شايد.
زندگي درد جو ٻيو نالو آ
درد قسمت ۾ لکيو آ شايد.
هن جدائي جي ڀيانڪ بر ۾
ياد ئي ساٿ ڏنو- آ شايد.
دل دلاسن سان بَهلجي ئي نه ٿي
ٻار ڪو چنڊ ڏٺو آ شايد.
ياد اچن اوءِ وفا جن نه ڪئي
پيار مجبور ڪيو آ شايد.
ياد قاتل آ حقيقت جي بشير
ياد خوابن ۾ ڪبو آ شايد..
*
دل جو درد بند نه ڪر ڪوئي اچڻ وارو آ
ٻَڌ نه سامانِ سفر ڪوئي اچڻ وارو آ.
رات جي پاٽ انڌيري کي چئو رستو ڏي
اڄ بهَ اندازِ سحر ڪوئي اچڻ وارو آ.
مون کي منزل ٿي سڏي اڳتي وڌان يا نه وڌان
مان نه ترسان ها مگر ڪوئي اچڻ وارو آ.
دلِ ويران تي متان ياد جي برسات پوي
ڪير ڀي آهي نه گهر ڪوئي اچڻ وارو آ.
*
زندگي تنهنجي نظارن سان شناسائي ٿي
يا خزائن ۽ بهارن سان شناسائي ٿي.
بيقرارن جي قرارن سان شناسائي ٿي
دل جي دنيا ۾ سهارن سان شناسائي ٿي.
دل جي داغن تي گلن جو ٿو گمان ٿئي مون کي
ڄڻ خزائن جي بهارن سان شناسائي ٿي.
ڪيڏي لذت نه سندءِ تلخ ڪلامي ۾ هئي
عاشقن جي به هزارن سان شناسائي ٿي.
هاڻي سيني ۾ سندم دل به رهي يا نه رهي
مست نظرن جي اشارن سان شناسائي ٿي. |