ٿيو هڪ اجنبي شاعر اچي شيراز ۾ حيران
جتي سعدي جي روضي جي مٿان رونق هئي رقصان
مزارِ حافظِ شيراز پر هڪ خانهءَ ويران.
خيالِ خام هوندو هو ته هن جو مانُ هوندو ڪو
شهنشاههِ غزل جي قبر تي گهمسان هوندو ڪو
سندس تربت جي چوڌاري بهارستان هوندو ڪو.
ڪنارِ آبِ رڪناباد تي ڇانيل آ ويراني
ٿيڻ گهربي هئي حافظ جي ورثي جي نگهباني
مڃيو آ جنهن کي دنيا تنهن جي ڇا ٿيندي ثنا خواني.
اهو قسمت جو ڪم آ يا ستم آهي زماني جو
جو مرڪز آ سخن جو تصوف جي خزاني جو
برو ٿيو حال بي قدرن هٿان ان آستاني جو.
هي تربت ناهه حافظ جي مگر آ جاءِ عبرت جي
تصوف جي، تعزل جي، ترنم جي، محبت جي
هي آهي قتل گاهه فن، هي آ سوري ثقافت جي.
اسان وٽ ته ديوارِ گريه به ناهه
اي ارضِ فلسطين! اي پيارا وطن
تون روءِ زمين تي نرالو چمن
نگاهن ۾ تنهنجا نظارا ڦرن
ڪيو توکي آباد پيغمبرن
اسان کان کسيو توکي صيهونين
مٺي ماءُ! تو لئه اکيون ٿيون سِڪن
اي ارضِ فلسطين! اي پيارا وطن.
هيو تنهنجي تهذيب جو معجزو
جو آيو سندءِ گود ۾ تنهنجو ٿيو
تو صدين کان ڌارين کي پنهنجو ڪيو
يهودين مگر توکي دوکو ڏنو
سچا ڪونه ٿيا توڻي تو ۾ رهن
مٺي ماءُ! تو لئه اکيون ٿيون سِڪن
اي ارض فلسطين! اي پيار وطن.
اهي جيڪي پنهنجي جا ڀي ڪونه ٿيا
ڇڏي آيا پنهنجا اباڻا اَجها
غلط حق جي آڌار قابض ٿيا
وڃڻ جي ڪرين ڪانه ٿا وائي ڪا
اسان پنهنجي حق لاءِ واڪا ڪيا
هجن ڪي اسان جا ته پوءِ داد ڪن
مٺي ماءُ! تو لئه اکيون ٿيون سِڪن
اي ارضِ فلسطين! اي پيارا وطن.
مگر تون اسان جو ڪجان انتظار
اي ارضِ فلسطين! تون همت نه هار
اوس تنهنجي برپٽ ۾ ايندو بهار
ڪيو تنهنجو دامن آ جن تار تار
هلائن پيا جيڪي حيلا هزار
اهي خوار ٿيندا، ڀلي ڇا به ڪن
مٺي ماءُ! تو لئه اکيون ٿيون سِڪن
اي ارضِ فلسطين! اي پيارا وطن.
اسان وٽ ته ديوارِ گريه به ناهه
اٿئي پيار اسان سان ته هاڻي نباهه
ٻري ٿي دلين ۾ بغاوت جي باهه
وسامي ته سگهندي مگر شرط آهه
ته توکي اسان لاءِ آزاد ڪن
مٺي ماءُ! تو لئه اکيون ٿيون سِڪن
اي ارضِ فلسطين! اي پيارا وطن.
هوشو
رات انڌيري، راهه ڏکيري، تاڙ ۾ هردم تنهنجو ويري
جن کي تون گهر سونپي آئين، سي ئي ٿي ويا تنهنجا
پيري
نيڻن کي تو پير بڻايو جو واچوڙن واٽ به ڦيري
تون ئي آزادي جو سورج، تون ئي اونداهي جو ويري
پنهنجن جي پرڪارن ماريو ورنه ماري ٿئي ها ڍيري
سر جو سانگو لاٿو ورنه ٿئي ها تنهنجي منزل ميري
همت وارن جي دنيا ۾ هاڪ ٻُڌي سون ديسون ديسون
بس هڪڙو ئي عزم ڪيوسون: ”مرويسون پر سنڌ نه
ڏيسون.“
وري برسات ۾ هو ياد آيو
اڪيلائي به ڄڻ آهي اجائي
به ظاهر بي سبب آهي اداسي
نه ئي ماحول غمگين آ ضروري
جي ڪرڻي آهي ڪائي آس پوري
وساريل ڪو وري ڇو ياد ايندو؟
خيال آيو اچانڪ دل ۾ يا ٿيو
اُفق تي ذهن جي، وڄ جو وراڪو
ڪڪر ڪاپار ۾، نيڻن ۾ جهڙ ٿيو
وسارڻ جو ڪيو هن کي مون سعيو
وري برسات ۾ هو ياد آيو.
اڻ سٺل سورن جي سار
ڪو ته وقت ايندو جو برپٽ ۾ وري ايندي بهار
باغ جي عضمت جو دامن ڪونه ٿيندو تارتار
ڪنهن جي حق تلفي اڳي وانگر نه ٿيندي باربار
پنهنجي قسمت تي ملي ويندو سڀن کي اختيار
رات ويندي ختم ٿي ۽ صبح جو پڻ انتظار
راڄ ٿيندو روشني جو ڏينهن ٿيندو پائدار
مون کي غم ناهي ته ڇا، ٻي خلق ساري آهه خوار
ان ڪري ئي مان لهان ٿو اڻ سٺل سورن جي سار.
شاعر
مان صدا آهيان صدين جي مان زماني جو ضمير
مان تمدن جي توانائي ثقافت جو سفير
منهنجو هٿ آ هر گهڙيءَ جي نبض تي هر دور ۾
مان ئي آهيان انقلاب ۽ مان ئي آهيان داروگير
منهنجي دم سان ٿو رهي قائم ڀرم تخليق جو
منهنجي فن جي سِحر ۾ سارو زمانو آ اسير
مون کي سِکيا ٿي ملي فطرت جي اعليٰ گود ۾
تازگي منهنجي تمنا هيج آ مون لاءِ هِير
مون کي پنهنجي ديس جو برپٽ بيابان آ بهشت
تشنگي منهنجي توانائي اڪنڍ آهي اُڪير
ڇونه مون کي ناز پنهنجي خوش نصيبي تي ٿئي
جهوڪ منهنجي جُوءِ آهي ماڳ آ منهنجو ملير
سنڌ ۾ سچا سخنور ڪيئي ٿي گذريا مگر
شاعري جو ذڪر جت ٿيندو ته ياد ايندو بشير.
اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين؟
اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين
مون کان خوشبو نه گُهر پيار جي
منهنجي دل خود به ڪشڪول آ
ان ۾ حسرت آ ديدار جي
پيار بي انت انمول آ
منهنجو دامن آ خالي اڃا
منهنجي دل آ سوالي اڃا
اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين
اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين
مون ته هن کي ڏٺو ڀي نه آ
ذهن ۾ ته به ڪي ٽيڙو ٽڙيا
دل معطر ٿي رابيل جان
نقش گذري ويل وقت جا
ذهن جي ڪنهن لڪل ڪنڊ مان
نڪري، مون لاءِ آزار ٿيا
اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين
اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين
مون کان ڪجهه ڀي نه گهر اي هوا
آءُ هن جو سنيهو کڻي
جت قدم هن جا گل پاش ٿيا
آ اُڏاري اتان جي پڻي
تاڪه موسم گلابي ٿئي
رات ڀي ماهتابي ٿئي
اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين
اي هوا مونکان ڇا ٿي گهرين
بند ٿي ڪانه آ رات کان
ڇا پڇين پيئي برسات کان
آهي مون وٽ فقط چشمِ نم
جيڪا آلي آ حالات کان
منهنجو سرمايو آ غم ئي غم
پيار خالي آ جذبات کان
اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين
ڪربلا
اُتر لڳو اڻائو ته سڀ کيت خشڪ ٿيا
آبادگار اهنج کان شهرن طرف ڀڳا
سادن سٻاجهڙن کي خبر ئي پئي نه ڪا
رستي ۾ بي وسي جي هئي منتظر فرات
پاڻي جي بوند بوند تي پهرو هو ڏينهن رات
مرندي مري ويا نه ملين اڃ کان نجات
گونجي رهي آ ظلم جي صحرا ۾ ڪا صدا
هر وقت منهنجي ذهن ۾ برپا آ ڪربلا.
مزدور
منهنجي دست و بازو جي محنت سان قائم هر مل آ
مل جي چمني جي دونهين ۾ منهنجو رت ڀي شامل آ
منهنجي محنت جو سرمايو پيداوار جو ضامن آ
پيٽ- بکيو ۽ انگ- اگهاڙو هاڻي ڇاجي لاءِ رهان
رت ست ڏيئي پنهنجو ڇاجي لاءِ ٻين جو پيٽ ڀريان
بي انصافي جي گهاڻي ۾ ڏاند جيان ڇو سور سهان
اڄ پنهنجي تقدير کي پنهنجي طرح بنائڻ ممڪن آ
ورنه صرف بغاوت کان ڀي اڳتي منهنجي منزل آ
سڏ
رنگ محبت جا
نکرو-نکرو-نکرو
دل شاد ڪريو
آباد ڪريو
برباد دشائن کي
سنگ بغاوت جا
نسرو- نسرو- نسرو
جهومي آ فضا
بدلي آ هوا
آڻي ٿي مست گهٽائن کي.
انگ عداوت جا
وسرو- وسرو- وسرو
گڏ هلڻو آ
سک ڏسڻو آ
ٽپڻو آ غم جي غفائن کي.
رتو ٿيندو راس
ڄاڻ رتو ٿيو راس
نه ٿيءُ اداس
ڪتيندو رهه.
ڄاڻ ٿي تند تيار
نه همت هار
ڪتيندو رهه.
آتِڻ اُن نهار
ته ٻيڙا پار
ڪتيندو رهه.
آڻج ڪونه اڌار
تون ساڃهه ڌار
ڪتيندو رهه.
ڪتِ ڪتيندءِ ڪير
اوير سوير
ڪتيندو رهه.
سوچ
تو سان ڪيڏي ويڌن آهي
تنهنجو ڪهڙو جيون آهي
سوچ
سدائين سوچ.
هن جو هرڪو خار کٿوري
تولئه سيج به آهي سُوري
سوچ
سدائين.
نرمي نوڙت ۽ نيزاري
توکي ڪنهن ۽ ڇو سيکاري
سوچ
سدائين سوچ.
ڏاڍا، ڏاڍا خوش ٿيا باهم
هيڻن کي ڇو گوندر ۽ غم
سوچ
سدائين سوچ
تنهنجي گهر ۾ تنهنجو ويري
ڇو ٿو هر هر پائي ڦيري
سوچ
سدائين سوچ
هڪڙا ٿيا محروم خوشي کان
ٻئي جي گهر هرروز چراغان
سوچ
سدائين سوچ.
ڪاڏي ويا انبار اسان جا
چور جا ڀائيوار به پنهنجا
سوچ
سدائين سوچ.
مالڪ تون مختيار به تون آن
پوڄا ڀي تون پيار به تون آن
سوچ
سدائين سوچ.
هي مهراڻ جي ڇولي ڇاهي
ڪنهن آندو آ ان کي ڪاهي
سوچ
سدائين سوچ.
جاڳ مسافر ملندءِ ماڳ
سوچڻ سان ئي کلندءِ ڀاڳ
سوچ
سدائين سوچ.
هڪ شهر جو ماتم
اڄ دل ۾ اگر آهي ڪوئي غم تي اهو غم
ڪرڻو ٿو پوي هڪڙي حسين شهر جو ماتم
(هڪ شهر جو ماتم ئي نه، هڪ دؤر جو ماتم)
سونهاري وطن ۾ ٿا وسن شهر گهڻيئي
آباد آ جن ساڻ اسان جي دلِ پُر غم
هن شهر جي تاريخ مگر آهي نرالي
ماضي جي مزارن تي سدا روئي ٿي شبنم
ڪو وقت هيو، سنڌ جو پئرس هو اهو شهر
هر فرد انهي شهر جو هو شاد ۽ بي غم
هر چهرو هو گل رنگ ۽ هر دل هئي گلشن
ڪنڊو به هيو جيڪو، گلن جو هيو همدم
تعليم هئي عام ۽ واپار هيو جام
خوشحال حياتي هئي هر درد جي مرهم
شاهن جو، اهو شهر، هو ڪنهن وقت ٺڪاڻو
ڇا شان هو ان شهر جو ڇا اوج جو عالم
ماڻهن ۾ هيو ربط ٻين لاءِ مثالي
سُک چين جو سُر ڦهليو مڌر مست ۽ مڌم
پر دور غلامي کان جو آزاد ٿيو ديس
ٻئي ويس ۾ ٿيو وقت انهي شهر تي برهم
انبار ڇڏي مال مڏيون لال لڏي ويا
هر شخص هو مغوم ۽ هر اک هئي پُرنم
ان بعد ترقي جو ڪو نالو نه نشان هو
ڊاهڻ ۾ نوان توڻي پراڻا ٿيا باهم
رونق نه رهي علم و ادب جا ڪا اتي پوءِ
دولت جي پٺيان هرڪو ٿيو ديوانو دمادم
باقي نه رهيو ڪوئي سخي، شوم اچي ويا
بيواهه، يتيمن جو هو سرمايو فقط غم
معدوم ٿيون سهڻيون ثقافت جون نشانيون
ٿيو عام ڀلي لاءِ سماجي نه ڪوئي ڪم
هڪ ٻئي جي پٺيان شهر جا مهمير مري ويا
افسوس جو پونين ۾ سندن ڪو نه آ دم خم
اميد جي صحرا تي وسي اوج جي بارش
ايثار جي ۽ پيار جي مٽي جو ٿئي نم.
سنڌ نامو
پنهنجي وطن عزيز جي عظمت بيان ڪجي
آغاز سنڌ ديس جي تعريف سان ڪجي
هن ديس جو اوائلي ديسن ۾ هو شمار
ڌرتي جي پرپٽن ۾ هيو هيءُ لاله زار
سنڌو جي برڪتن سان هو آباد هيءُ ديس
امن ۽ سڪون جي هنج ۾ هو شادهيءُ ديس
دنيا مڃيو انهي کي ته ڏاڍي قديم آ
تهذيب سنڌ ديس جي بيشڪ عظيم آ
ان جو نشانو سنڌ ۾ نروار آ کڙو
مشهور ان سبب کان ئي موهن جو آ دڙو
عظمت جي لاءِ ان جي مهاڀارت آ گواه
ورتو حصو انهي ۾ به اهڙو جو واه واه
آريا هئا يا ٻيا به جي ڌاريا هئا هتي
يونانين جي ظلم جي ٿي انتها هتي
ايرانين به پنهنجي وسان ڪجهه گهٽايو ڪونه
ٻاهر کان ڪوبه بڻجي هتي دوست آيو ڪونه
ڪنهن دور ۾ هو راءِ گهراڻو به حڪمران
درپرده بت پرست برهمڻ ها ڪامران
جنهن وقت تخت راءِ سهاسي جي هٿ ۾ هو
ان وقت بخت چچ جي کيسي ۾ هو پيو
ڏاهر تي برهمڻ جي گهراڻي جو انت ٿيو
هن پنهنجو تخت بخت بچائڻ جو وس ڪيو
آخر اٺين صدي ۾ پڌاريا هتي عرب
ليڪن چيو وڃي ٿو ته آيا نه بي سبب
ٻڌجي ٿو ڪا زيادتي راجا ڪئي هئي
جنهن جي ڪري ئي فوج هي ڌاري اچي وئي
ڪن جو خيال آ ته حقيقت ائين نه آ
ڌارين انهي کان اڳ ۾ به حملا ڪيا هئا
عربن سان سنڌ ۾ ٿي تصوف جي ابتدا
ويدانت جا به ان جي مٿان ڪجهه اثر پيا
هوندا ها هڪڙي دور ۾ سردار سومرا
پر پوءِ هڪ ٻئي کان ٿيا ڌار سومرا
ڪمزور سومرن کان سمن ورتو اقتدار
پر نيٺ اهي به جنگ ۾ مغلن جو ٿيا شڪار
ان وقت هو سمن جي تشخيص جو هڪ مثال
درويش سنڌ ديس جو مخدوم هو بلال
ارغون حڪمران اڳيان ڪونه هو جهڪيو
ظالم هٿان هو ڪفر جي تهمت ۾ قتل ٿيو
ارغون ويا ته جاءِ نشين ٿيا سندن امير
ترخان جو هو بخت زماني ۾ بي نظير
قبضي ۾ آئي سنڌ ڪلهوڙن جي جلدئي
ليڪن انهن کان ٽالپرن ترت ئي کسي
سونهري دور هيءُ هو سنڌي زبان لاءِ
الفاظ مون کي ڪونه ملن ٿا بيان لاءِ
ساراهه مان ڪري نه سگهان ٿو لطيف جي
بس مهرباني آءُ مڃان ٿو لطيف جي
سرتاج سنڌ جو ۽ اسان جي ادب جو آهه
هن کي مڪائين سنڌ ۾ احسان رب جو آهه
هن کان مٿي ته سنڌ ۾ شاعر نه ٿي سگهيو
شايدئي هن جو ثاني آ عالم ۾ ڪو ٻيو
ميرن کي اهڙي پنهنجي ئي گهر مان اچي لڳي
ڪم آئي کين رت به نه هوشو شهيد جي
حرفت سان پنهنجي، سنڌ ۾ انگريز آئيا
آيا بنا سبب جي مگر تيز آئيا
سنڌين حقن جي لاءِ جو هلچل شروع ڪئي
تنهن جي سبب ئي سنڌ به بمبئي کان ڌار ٿي
انگريز پوءِ ستت ئي ورهاڱو ڪري ويو
پوءِ ڀاءُ ڀاءُ ساڻ به ڀاڱو ڪري ويو
هڪ اجنبي وطن ۾ وڃي هم وطن رهيا
آزاديءَ وطن ۾ ٻيا هت مگن رهيا
سادن سٻاجهڙن کي هو ايمان ڪيترو
هرهنڌ اوپرن کي مليو مانُ ڪيترو
پر جلد آئي تلخ حقيقت به سامهون
ظاهر ٿي اوپرن جي عداوت به سامهون
هر دور ۾ انهن جي هو سازش جو ٿيا شڪار
پنهنجا به ٿيا پراوا وڃايائون اعتبار
حملا هتي جي ٻولي ۽ تهذيب تي ٿيا
پهرا اسان جي سوچ تي هر دؤر ۾ لڳا
ليڪن نئين ٽهي ۾ سجاڳي اچي وئي
پرزور احتجاج ٿيو رڙ مچي وئي
وارث قديم دؤر جي تهذيب جي آ سنڌ
برباد ٿي وري وري آباد ٿي آ سنڌ
تاريخ آ گواهه، زماني اهو ڏٺو
جنهن جنهن به ان تي ظلم ڪيو پاڻ ختم ٿيو. |