(13)
ويدَنِ جي واڻي، سارُ لکائي سَڀَ کي،
ڪوڙِن مون ڪَنهِن هِڪِڙي، ڄاڻائيءَ ڄاڻِي،
مِٽي جَنهِن جي مَنَ مون، ڪوڙي ڪَهاڻي،
موجَ مِلي ماڻي، سامي سُپيريَنِ سان.
(14)
ويدنِ جي واڻي، سارُ لَکائي سَڀَ کي،
لَڌي کاڻِ خوشيءَ جي، ڪَنهِن پريتَمَ پُراڻِي،
ڪنهن کي سَلي ڪِينَڪِي، اَڪَهَه ڪَهاڻي،
مَوجَ مِلي ماڻي، پاڻَ وَرائـٖـي پاڻَ ۾.
(15)
ويدَنِ جا مَها واڪَ، سُتَهَه لَکائِنِ سَمَتا،
سَمُجهي ٿِيا سامي چَئي، مَحَبَتي مُشِتاقَ،
چَڙِهيا چيتَنَ چِٽَ تي، سَٽي سَڀِ سَنگِ ساڪَ،
پَرِچِيا رَهَنِ پاڪَ، پاڻُ وَرائـٖـي پاڻَ ۾.
(16)
ويدَنِ واڪُ چَيو، عينَ اَڀيدُ اَڻ ڀئي،
ڪَنهِن سُجاڳي سورِمي، سامي سهي ڪَيو،
پاڻَ وَرائـٖـي پاڻَ سان، ڇَڏي ٺاهَه ٺَهِيو،
اونهو اَڻَ مَيو، ماڻـٖـي سُکُ سَروپَ جو.
(17)
ويدَنِ وَچَنُ چَيو، سوڌو صفائيءَ جو،
ڪوڙِن مون ڪَنهِن هِڪِڙي، گاهَڪَ گِرَهَڻُ ڪَيو،
پيتو پِيالو پريم جو، عاشِقَ اَڻَ مَيو،
ڇَڏي ٺاهَ ٺَهِيو، سامي سارَ سَروپَ سان.
(18)
ويدَنِ واڪاري، پَڙو گُهمايو پِريمَ جو،
ٻُڌِي ڪو ٻانڀَڻُ چَئي، ڌِيرَ سَچي ڌاري،
پاڻَ وَرائي پاڻَ کي، ڏِسي ڏيئو ٻاري،
نانَتُ نِوارٖي، ماڻـٖـي دَورَ دَرِسَ جِي.
(19)
شاسِتَر سُمِرِتَ، ويدَ لَک لَکائِنِ هِڪِڙي،
سَمُجهي ٿِيا سامي چَئي، عاشِقَ عينَ اَڀيدَ،
ڪَرِنِ نَه ڪَتَرَ جيتري، ڪَنهِن جِي وِڌِنِ کيدَ،
ڄاڻَنِ سِياهَ سُپيدَ، سَڀي رَنگَ رَنگيءَ جا.
(20)
سامي سَنتَ چَوَنِ، ٿا ڳالِهِه مِڙيئي هِڪِڙي،
جَنِ کي سِڪَ اَندَرَ ۾، سي سوڌا سَمُجَهنِ،
اَنَڀَئِه پَدُ پائي ڪَري، ڪَنهِن کي ڪِينَ
سَلَنِ،
سَدا غَرَقُ رَهَنِ، پاڻُ وَرائـٖـي پاڻَ ۾.
لَکشڻ
(1)
مورَکُ سو آهي، جو سَچُ سُڃاڻي ڪِينَڪِي،
پاڻُ پانهِنجو پاڻَ ۾، ويٺو وِڃائي،
سَمُجَهه ري سامي چَئي، ڌِڪا نِت کائي،
جهاتي نَه پائي، گِهڙي پانهنجي گَهرَ ۾.
(2)
واڻيءَ ڀُلايو، وَڃِي پِيو آڙاهَ ۾،
واڻيءَ ڏيئي هَٿَڙا، ساگَرُ لَنگهايو،
اِهو وَلُ اَلِوَلو، ڪو سَمُجهي سَمُجهايو،
سَمُجهِي سَمائيو، تَڏِي سُکي ٿِيو سامي چَئي.
(3)
وِرلو وِيچارِي، ڪو سامي سِکُ گُروءَ جو،
پاتو جنهن پَرتِيتِ سان، ڀڳَتُ پَدُ ڀاري،
کَنڊو کَڻي گِيانَ جو، مَمَتا سَڀَ ماري،
سَمُجهِي سَچارِي، چَڙِهيو اَن ڀئِي اَڇَ تي.
(4)
سو پريمي پورنُ، سو جوڳي جيوَنِ مُڪِتِ،
پاتو جَنهِن پَرِتِيتِ سان، گَهَرو گِيانَ اَنجُن،
اَلکُ لَکِي سِنڌُ ۾، ڇَڏي دَرسَ درسَنُ،
سدا مَسِتُ مگَنُ، سامي رهي سڀاوَ ۾.
(5)
سو پريمي پورڻُ، سو گُرَمُکُ سو گيانِوانُ،
جو رهي پانهنجي حال ۾، سامي سدا مگـَنُ،
گَهٽِ وَڌِ واڻيءَ واچَ کي، ڪَلپِي ڏِئي نَه ڪَنُ،
ڪَڍِي ڪانو پَنُ، ڏِسي اَنڀئه اَنَ کي.
(6)
سو پريمي پارِکُ، سو گُرَمُکُ سو گيانِ وانُ،
ڏيئي ڪَنڊ ڪَلِپَ کي، لَکِيو جنهن اَلَکُ،
ڪاٿي ڏِسي ڪونَ ڪو، ڪَرِتا ٻاجهون ڪَکُ،
سَدائي نِرِپکُ، سامي رَهي سڀاوَ ۾.
(7)
سو پريمي پرٻَلُ، سو اَوڌُوئي آتما،
جو ماري سَڀوئي مَنَ جو، سامي سارو دَلُ،
ويهي اَنڀئه تختَ تي، نِياءُ ڪَري نِرِملُ،
جِيئين جل سان جَلُ، تِيئين مِلي مَحَبوبَ سان.
(8)
سو نيهي نِشِڪامُ، سو اَوڌُوتي آتما،
جَنهِن سامي ساڌَ سَنگَتِ کي، پَرِچي ڪَيو
پَرِڻام،
پاتائين پورَڻُ ٿِي، اَنَڀئِه پَدُ اِنعام،
ڪري اَنَنَ آرام، سُمِهيو سُکَپَتِ سيجَ تي.
(9)
سو نيهي نِرِويرُ، سو اَوڌوتي اَنَ ڀئِي،
گِهڙ: لَڌو جنهن گَهرَ مون، اَپيريءَ جو پيرُ،
ميٽِيائِين مالُومُ ٿي، سَڀُ اَگِيانُ اَنڌيرُ،
رائِي ۽ سُميــٖـرُ، سم ڄاڻي سامي چَئي.
(10)
سو نيهي نِرمَلُ، سو اَوڌوتي اَنڀئي،
مِٽِيو جنهن جي مَنَ مون، سامي سَڀُ خَلَلُ،
اَندَرِ ٻاهَر آتِما، ڏِسي عَينُ اَچَلُ،
پاسي ٿِئي نَه پَلُ، ماڻي موجَ مَرمَ سان.
(11)
سو نيهي نِرِٻاڻُ، سو اَوڌوتي آتما،
ڏِٺو جنهن اَکِنِ سان، اُلَٽِي اَن ڀَئي ڀانُ،
اَندَرِ ٻاهَرِ نَڀَ جان، سُتهه سِڌِ سَمانُ،
جاڳِي سَڀُ جَهانُ، لَئه ڪَيائين لَکَ ۾.
(12)
سو نيهي نِرڌَڙِڪُ، سو اَوڌوتي اَنَ ڀئي،
ڏٺو جنهن آڪاسَ جان، خلق ۾ خالِقُ،
پيِئي پيئاري پريم رَسُ، ميٽي سَنسو سَڪُ،
سدائي گَرِڪُ، سامي رهي سڀاوَ ۾.
(13)
سو بِرَهي بان ڪو، سو اَوڌوتي آتما،
جِيئندي ڪيو جنهن جڳَ ۾، مَري ميڙا ڪو،
ڪنهن کي ڏئي ڪِينَڪِي، فِڪِرُ ۽ فاڪو،
دَهَه دِسان ڌاڪو، سامي وِجهي سَمَ جو.
(14)
سو نيهي نِرٻاڻ، سي ساڌو جَنَ سورما،
جيِتيا جَنِ گُرگِياتِ سان، پَرچي پنج پَٺاڻَ،
ويٺا ڪايا گِرِهَه ۾، ڦيري اَنَڀئِي آڻَ،
پاڻُ وَرائي پاڻَ، سَڀُ ڪي ٿِيا سامي چَئي.
(15)
سو نيهي نِرِڌَڙِڪُ، سو ڀڳتُ ڀاڳِوَتي،
سامي جَنهِن کي سَتِگُروءَ، پاڙهي ڪيو پَرِپَڪُ،
وَرِتـٖـي سَڀَ وَهِنوارَ ۾، ڦُرِنـٖـي کون ڦارڪُ،
ڀاويــٖـن عينَ الَحقُ، ڀاويــٖـن ٻولي رام رام.
(16)
چڱا سي چَئجَنِ، چڱو جَنِين جي چِتَ ۾،
بُرائيءَ ڪَنهِن جيءَ ڏي، سامي ڪينَ ڏِسنِ،
ديا دِرشٽِ رَکي ڪَري، سَڀَ تي ڪِرپا ڪَنِ،
سَدا سَمَ رَهَنِ، اِسٿِت آتَمَ پَدَ ۾.
(17)
سوئي سَتِ سنگي، مَرمُ جنهين جي مَنَ ۾،
جاڳي ڪَڍيائين جيءَ مون، سامي طَلَبَ تَنگي،
صاحِبُ سَرِٻَنگي، ڏِسي ڀيدَ ڀَرَمَ ري.
(18)
سو جڳياسي، جو رَهي گُرگِيات ۾،
مايا پڇاوي جان، ڄاڻي سَڀَ ناسي،
سامي بيگَم پور ۾، وَڃي ٿِئي واسي،
اَنڀئي آڪاسي، ڏِسي پَدُ اَکِنِ سان.
(19)
سَنگتِ سا پَرواڻُ، جا مَمَتَ مِٽائي مَنَ جي،
جڳِت سان جوڙي ڪَري، پِرگَهٽُ لَکائي پاڻُ،
سامي رَهي ساڻُ، جِيئندي مُئي جيءَ جِي.
(20)
سو دَرِٻاري داسُ، جَنهِن کي سَچُ اَندَرَ ۾،
سامي سدائين رهي، کَلِ کَلِ کون کَلاسُ،
ڏٺائين گُرگِياتِ سان، اَنَڀئِي جو آڪاسُ،
جنهن ۾ پرم پرڪاش، سو ساکي سورج جان رهي.
(21)
مومِنُ مُسِلمانُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،
جو واصل وحدت ۾، ڪَڍي گَير گُمانُ،
نورَ مَحَلَ نِيوَ تي، سَيل ڪري سُجانُ،
تَنهِن کي سَڀُ جَهانُ، ڄاڻي دوسُ خُداءِ جو.
(22)
سهاڳڻ سائي، ماڻي سک سُهاڳَ جو،
ميندي جنهن محبت جي، لِڱنِ کي لائي،
ڪَري نَه ڪَتَرَ جيتري، ڏاهِي وَڏائي،
سامي سَدائي، سيتَلُ رهي سُڀاوَ ۾.
(23)
سهاڳڻ سائي، ڪانڌُ جنهين جِي ڪڇ ۾،
رکي نه رَتيءَ جيتري، ٻُڌِ ۾ ٻِيائي،
ڏسي اَنڀئي سُکَ جي، سُتهه صفائي،
سامي سَدائي، ڀاڻـٖـي مَنجِهه ڀِني رهي.
(24)
سهاڳڻ سائي، ڪانَڌُ جنهِين جي ڪَڇَ ۾،
ماڻي دَور دَرِسَ جا، سامي سَدائي،
دُٻڌا دُرِمَتِ دِلِ ۾، رکي نا رائي،
ڄاڻـٖـي سَڀائي، مهر مِڙيئي مالڪ جي.
(25)
سو اَپَرَسُ اَڇُتو، مَمَتَ ڪَڍِي جَنهِن مَنَ
مون،
پَرچِي پيراڍُن سان، پار وَڃي پَهُتو،
سامي سَدائين رَهي، کِمان مَنجِهه کُتو،
اِئين ويدَ اُتو، سمجهائي ساکِي ٿِي.
(26)
سي اَتِيتَ چَئِجَنِ، جَنِ سَرِٻَ اَتِيتُ سَهي
ڪَيو،
ٽوپي پائي سَچ جي، سيلِي سُرت رکن،
ڌوڻي لائي ڌيان جي، کميا کڦنِي ڪن،
سامي سَمَ رَهَنِ، اَڦرُ آتَمَ پَدَ ۾.
(27)
سو گياني گِيات گيئو، جو رهي سَمَ سُڀاوَ ۾،
سَمُجهائين سامي چَئي، ڀاڳِوَتِنِ جو ڀيئو،
ڏِسـٖـي آتَمَ ديئو، چِيٽيءَ ۽ ڪُنچَرَ ۾.
(28)
سوگُرَمُکُ گياني، سو اَوڌوتُ اَنڀئِي،
ڏِٺو جنهن اکن سان، دِلِ ۾ دِل جاني،
ٻاڻي ٻولي بيحَدي، سيتَلُ شاهاني،
سَدا سيلاني، سامي رَهي سڀاوَ ۾.
(29)
سو گُرَمُکُ گِياني، رَهي اَليپ ڪَنوَل جان،
جو ڄاڻي سُکَ سنسارَ جا، سَڀِ ڦڪا فاني،
سامي ڏِسي سَمَ ٿي، جانِنِ منجهه جاني،
هردم حَقاني، واڪُ ڪَڍي ويدانتَ جو.
(30)
سو پيارو، پريمي پرميشوَر کي،
پاتو جنهن پرتِيتِ سان، بيحد پَدُ ڀارو،
سامي رَهي سَريرَ ۾، نَڀَ جان نِيارو،
ڄاڻي جَڳُ سارو، چِمت ڪارُ چيتَن جو.
(31)
ڪُوڙي کي ڪو ٿانءُ، ڏئي نه واٽَ ويهَڻَ جو،
ڪنهن کي ڀاوين ڪِينَڪِي، جِيئين ڪارو ڪانءُ،
سَچي کي سامي چَئي، سَڏي سَڀُ گانءُ،
نارائڻ جو نانءُ، مُکِ رَکِي مَوجان ڪري.
(32)
سي آتَمَ درسِي، پاڻُ ڏٺو جَنِ پاڻَ ۾،
مورَتَ مَحَبوبَن جِي، سَڀَ صورَتَ منجهه پَرسِي،
تَنِين جي سَرسي، نِتُ گاوَن ويدَ پُرانَ ٿا.
(33)
سوئي ڄاڻُ سُچيتُ، سامي هِنَ سَنسارَ ۾،
جو اُلَٽِي رَکي آنَ کون، هَرِ ڀڳَتَنِ سان هيتُ،
ڪَڍي سَڀُ دُئيتُ، جاڳي پانهنجي جيءَ مون.
(34)
ٻانڀَڻ سو ٻُڌِوانُ، ساڌو جَنُ سَنسارَ ۾،
ڏِٺو جنهن اَکِنِ سان، چارِ اَڱرَ اَسِمانُ،
جنهن ۾ سَمَ سيتل رَهي، سَدا ساکي ڀانُ،
اِهڙو پَدُ نِرٻاڻُ، پائي پَرچو پاڻَ ۾.
(35)
سو ٻانڀَڻُ ٻُڌِوانُ، جو اَنڀئه سارُ سَهي ڪري،
سامي ڄاڻي جيءَ ۾، فاني سَڀُ جَهانُ،
چِنتا چاهَ ڪَڍي ڪري، ٿِئي نِرَمَلُ نِرَٻاڻُ،
دَرِسَنُ پائي دانُ، سدا رَهي سَنتوکَ ۾.
(36)
سامي سوٻڌوانُ، جو ڪَري سَنگُ ساڌنِ جو،
اَنڀَئي واڪَ ٻڌي ڪري، ڇَڏي ديهِه اَڀِمانُ،
رهي ساوڌان، سَدائين سَروپَ ۾.
(37)
سوئي جَنُ صَرافُ، سامي هِنَ سَنسارَ ۾،
جو پَرکي پانهنجو پاڻ کي، ٿيو سنسي کون صافُ،
مُلِڪُ پائي معافُ، سڀوئي ساکي ٿِي.
(38)
سوئي سِياڻو، سوئي سُجاڳو سورمو،
سَمجهي رکيو جنهن سِرَتي، ڀڳ وَتَ جو ڀاڻو،
سَدا رَهي سامي چَئي، سَمَ ۾ سَماڻو،
ڪڏِي نَه ٿِئي ڪاڻو، دُويتُ وَرائي دِلِ ۾.
(39)
سوئي شاهوڪارُ، جَنهِن کي دَولتَ داتِ گُروءَ جي،
جاڳي ڪَڍِيائين جيءَ مون، وِڌِنِ کيڌَ وَهَنوارُ،
سَدائي گُلَزارُ، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.
(40)
سوئي سَوداگَرُ، جو ڀَري کيپَ کميا جي،
دَولتَ داتِ گُروءَ جِي، سامي رکي سُڀَرُ،
لوڙي لهي لُنؤ سان، بيگم پور شهر،
گُهمي نه گهَرُ گَهرُ، چاهَه مِٽائي چِتَ جي.
(41)
پَٽي پڙهائـٖـي، سو اُسِتادُ اَنَڀئي،
سَمجهائي سَمَرَٿُ ڪري، لَڪُڙُ نه لائي،
جَنمَ مَرَڻَ دُکَ سُکَ جو، سَنسو مِٽائي،
سامي لَکائي، اَنڀئِي جوتِ اَکِنِ سان.
(42)
سو اَوڌوتُ اُڌارُ، سو جوڳي جيوَنُ مُڪِتِ،
جنهن ٿِيو ساڌوءَ سَنگُ، سَمَ سَنتوکُ ويچارُ،
جاڳي ڏِٺائين جوتِ ۾، سُپَنَ جو سنسارُ،
بَڻيءَ تي هشيارُ، سدا رهي سامي چَئي.
(43)
جَنِين پانهنجو پاڻ، سُڃاتو سامي چَئي،
سي گُرَمُکَ گِيانَ وانَ، سي جوگيسَر ڄاڻ،
سي پَنڊَت اَوڌوتَ، سي پريمي پَرواڻُ،
سي نِرگُنَ نِرَٻاڻُ، سي ساڌو، سي سَتِگرو.
(44)
گُنگو گيانُ ڪري، ٻُڌائي ٻوڙي کي،
پِنگُ چَڙهيو پربَتَ تي، اَنڌو ڏِسِي ٺَري،
سَمُندُر سماڻون بوندِ ۾، جَلَ ۾ جوتِ ٻَري،
سَمُجهِي اَجَرُ جَري، سامي چَئي سو سَتِ گرو.
(45)
اَنَڀَئِه اُپَجائ، سوئي واڪُ سِرومَڻي،
سامي سَنگَتِ سا ڪَري، جا مَمتا مِٽائي،
اَوِدِيا پَٽُ لاهي، سوئي سَتِ گُرُ سورمو.
(46)
سوئي کيپَ کَٽي، سامي هِن سَنسارَ ۾،
جو وَٺي گُڻَ گُرَ گِياتِ سان، اَوگُڻَ سَڀ سَٽي،
ڄاڻَ وِڃائي پانهنجي، لُونءَ لُونءَ رام رٽي،
ڪَلِپَتَ سَڀَ ڪَٽي، جاڳِي اَوِدِيا نِنڊ مون.
(47)
سوئي کيپَ کَٽي، سامي هِنَ سنسارَ ۾،
جو مِلِي ساڌَ سَنگَتِ سان، سَڀِ سُڀاوَ مَٽي،
ڏِسِي نيڻَ پَٽي، سَنَمُکُ شاهَه صرافَ کي.
(48)
جو جَنُ سِڌِ ٿِيو، ساڌَنَ سڀِ سِڌِ ڪَري،
سامي پَدَ ڇِنَ ماتَرِ جو، تَنهِن پَرِلاءُ پِيو،
رهيو نَه رَتيءَ جيترو، بِنان ٻوڌِ ٻيو،
وِچائون وِيو، سَنسو آتَمَ جيءَ جو.
(49)
سوئي نِرَمَلُ نَرُ، سامي هِنَ سَنسارَ ۾،
جو ڪَري وس ويرِن کي، وَٺِي نِرتِ نَنگر،
کولي دَسوون دَرُ، سَنُمُکُ ٿِئي سَروپَ جي.
(50)
سوئي ساڌَنُ ساڌِ، سامي چيو سَتِ گُروءَ،
جنهن ساڌِئي سُکُ سانتِ ٿئي، مِٽي سڀ اُپاڌِ،
اُلَٽِي ڏِسي اَندر ۾، اَنڀئِي پُرُشُ اَگاڌِ،
آدِ ۽ جُڳادِ، آهي جنهن جي آسري.
(51)
سو ساڌو جَنُ ڄاڻُ، جو ساڌي من سُڌِ ڪري،
دُکَ سُکَ لاڀَ الاڀَ ۾، رَهي ثابوتيءَ ساڻُ،
سامي سَڀَ ڪَنهين جو، ڪيوَل گُهري ڪَلياڻ،
ڪَڍي پانهِنجو پاڻُ، پِئي پِياري رامَ رَسُ.
(52)
سوئي ساڌَ سُگهڙُ، سامي هن سنسارَ ۾،
جو جِيئندي مَنَ مَواسَ کي، ماري ڪري مَڙُ،
لوڙي لهي تَڙُ، اُلَٽِي آتَمَ سَرَ جو.
(53)
سوئي سپاهي، جو ماري مَنَ مَواسَ کي،
جوڌا پنج جِيتي ڪَري، گهوڙي جا گاهِي،
چَڙهي ٿِئي چَوڏولَ ۾، رامَ نَگر راهي،
دَهَ دِس دُهائي، ڦيري ڦُرنـٖـي فوج ري.
(54)
سورمو، سوئي، جو کڻي کَڙڳُ کميا جو،
ماري ڪَڍي مَنَ مون، سَنسو سَڀوئي،
ڦيري ڪايا ڳَڙه ۾، ڀڳِوَتَ جي ڊوهي،
جيئن رنگ رتي لوئي، تيئن رَتو وَتي رَنگَ ۾.
(55)
سُورو سو پَرڌان، جو کڻي کَڙڳُ کِميا جو،
ماري مَنَ مَواسَ کي، جِيتي سَڀُ جهان،
سدائين نِرَٻاڻُ، رهي ڪايا ڪوٽ ۾.
(56)
سوئي جَنُ سُورو، جو جِيتي مَنَ مَواسَ کي،
سامي ڏِسي سَڀَ ۾، پَرَميسَرُ پورو،
اُوڻو اَڌورو، ڪاٿي ڄاڻي ڪِينَڪِي.
(57)
چَئِجَنِ سي ٻَلِي، جَنِ جِيتيو مَنَ مَواسَ کي،
سامي ڀاڻِي رام جِي، ڄاڻَنِ سَڀَ ڀلي،
گاوَنِ رام ڪلي، سَٽي پِنڊَ مَٿي تون.
(58)
موهِيا دَرَسَ دِيدارَ، عاشِق عَمِلي سَنتَ جَنَ،
رَکَنِ نَه رَتيءَ جيتري، سامي سُرِتِ سَنڀارَ،
سدائين نِرَڌار، رَهن پانهِنجي حالَ ۾.
(59)
نِتُ عاشِقُ عَجيبَ جي، دَرسَنَ مَنجهه غَلِطان،
پاڻُ ڪڍيو، جنهن پاڻَ مون، سامي نانگو نِرَٻاڻُ،
مُلان مَنُ مسيت، عين ڪَري اِيمانُ،
مَهر جَنهين جي من ۾، سو داتا دياوان،
راڳي گاوي ديپُ راڳُ، لائي اَنَهَدَ تانُ،
هوڪو ڦيري حق جو، صاحبُ سلطان،
سياهي هَلائي سَچَ جي، ليکڻ حقُ حَقانُ،
سُورُ لڙِي سِرَ کون پَري، جيتي سَڀُ جهانُ،
سَتِي سمائي سَتَ ۾، پِيتُ ڏِسي پَرڌان،
ٻيو سَڀ اَنڌ اَگيان، سَمجَهه ري سامي چَئي. |