(4)
هَي هَي مَنجهِه مَرِيــٖـن، مورکَ مَنَ جي ڀاءِ
ٿو،
پوري پَوندَءِ ڪينڪي، توڙي بارَ ڀَريــٖـن،
سَنسي مَنجهِه سامي چئي، ناحقُ ڪوهُ مَريــٖـن،
سُمجهي سِرِ ڌَريــٖـن، آگِيا عَجيبَن جِي.
(5)
وِيا سَڀِ لوڪَ لُڙي، اَوِدِيا جي آڙاهَ ۾،
جَنهن مون لَڀي نه هِڪڙي، ڦولِئي جَلَ ڦُڙي،
ايها ڳالِهه سَهي ڪَئي، ڪَنهن جوڳيسَرَ جُڙي،
جنهن جي ڳَنڍِ ڇُڙي، سُتَهه سِڌِ سامي چَئي
(6)
سارو جَڳُ پَچي، ٿو آوديا جي اَهنڪارَ ۾،
جئين باندَرُ بازيگرَ جي، هَٿ ۾ نِتُ نچي،
وِرِلي ڪنهن گُرَمُکَ کي، ويئي سانت اَچي،
جَنهِن کي سَنتَ سَچي، سامي لايو لَکَ ۾.
(7)
دُکي سَڀُ سَنسارُ، ڦاٿو آوِدِيا ڦاسَ ۾،
سُکي وِرلو ساپُرِسُ، ڪَڍيو جنهن اَهنڪارُ،
سامي سِرِجَڻهارُ، پائي پَرِچو پاڻَ ۾.
(8)
بنا ڏَرَ ڏري، ٿو جَگَتُ سَڀوئي جيءَ ۾،
اَڻَ هوندي اَوِدِيا ڀُوت کي، سَهِي ڪونَه ڪَري،
وِرِلي ڪنهن گُرَمُکَ ڪَيو، پَرچِي پَٽُ پَري،
سامي ڏسِي ٺَري، سَڀُ چِمِتڪارُ چيتَنُ جو.
(9)
سَڀَ جي گَهرِ آهي، پِريمَ پَدارٿُ رامَ ڌَنُ
اَوِدِيا جيءَ اَنڌا ڪَيا، ويٺا وِڃائي،
جيئن راجا نِنڊَ ۾، بيکَ ڪَري کائي،
سَتِگُر جاڳائي، ته سُکي ٿِئي سامي چَئي.
(10)
اَوِدِيا مَنَ رَچِي، سا ويڙهي ويئي مَنَ کي،
جئين ڏانوَرُ تارَ ۾، مَري پاڻَ پَچِي،
ڪو پِريمي پِيو پَرِتِيتِ سان، بَلا کون بَچي،
جَنهِن کي سَمُجهَه سَچي، سامي ڏِني سَتِگُروءَ.
(11)
اَوديا رَچِي مَنَ، ڀُلِي سُڌُ سَروپَ کون،
سا گهيري ويئي مَنَ کي، اَهڙي ڏائِڻِ رَنَ،
سَمُجهي ڏِسُ هَرِجَنَ، تون ڏيئي سُرِتِ سَروپَ
کي.
(12)
ڀاري هِڪَ بَلا، ويڙهي ويئي سَڀَ کي،
جوڙي جِيئنِ کي هَڻي، ٿِي راتِيون ڏينهنَ کَلا،
موڙي مُنهُن مُٺيءَ کون، ويٺا ڪي وِرَلا،
جَنِ کي گِيانَ ڪَلا، سامي ڏِني سَتِگُروءَ.
(13)
اَوِدِيا چنڊالي، ويڙهي ويئي جيءَ کي،
جوڙي وڌائين واچَ جِي، اَڻَ هوندِي جالِي،
نِرَڀَئِه راڄُ کَسي ڪَري، ڪَيائين ڪَنگالي،
وِلايتَ والي، ڪو ساميءَ تي سايو ڪَري،
(14)
اَوِدِيا مَنجهه آيو، مُورَکُ مَنـٖـي پاڻَ کي،
سَنسي جو سامي چَئي، ڀُوتُ پُٺيءَ لايو،
جِئين ڀولي پاڻَ کي، ڦَندَ ري ڦاسايو،
ڏورؤن ڏَهَڪايو، نانگُ ڏِسي نوڙيءَ ۾.
(15)
ٿِئڙو جيءُ اَنڌو، اَوِدِيا مَنجهه اَچي ڪَري،
ڏيئي ويٺو پاڻَهِين، اَڳِيون سُکَ سَنڌو،
راتيون ڏينهن ڌَنڌو، سامي رَچي سکڻو.
(16)
ڪَلپِتَ سِڌِ ڪِيو، اَڻَ هوندو سَنسارُ سَڀُ،
سپُنَي ۾ سامي چَئي، جئين نانا روُپُ ٿِيو،
پاڻُ ڀُلائي پانهنجو، سَنسي مَنجهِه پِيو،
تَڏِي ڀَرَمُ وِيو، جَڏِي جاڳي جُڙيو پاڻَ سان.
(17)
اَڻَ هوندو سَنسارُ، ڪَلِپَتَ ڪَري سِڌِ ٿِيو،
جئين سپُني ۾ سِڌِ ٿِيو، نانا وِڌِ وَهنوارُ،
سَمجهي ڏِسُ سامي چئي، ڪَري سُڌُ ويچارُ،
تَه اَوِدِيا جو اَهَنڪارُ، مِٽي وَڃيئي مَنَ مون.
(18)
ڪَلِپَتِ جي ڪُوڙي، ڇُوت لَڳِي هِنَ جيءَ کي،
چاه رَکيائين چِتَ ۾، چَمارِي چُهڙِي،
تنهن وِڃايَسِ گَهرَ جِي، نِجُ نِرِمَلَ موڙي،
ڪَڍي اَروڙي، تَه سُکي ٿِئي سامي چَئي.
(19)
اَوِدِيا جو جهولو، ڀاري لَڳو جيءَ کي،
تنهن ڪَلا سَڀ ڪَڍي ڪَري، سامي ڪَيو پولو،
اَچِي وِيُس اکِنِ تي، اڻَ هوندو اولو،
ڀَرَمَ جو ڀولو، مَني ويٺو پاڻَ ۾.
(20)
اَوِدِيا اَناڙي، ڪوڙيــٖـن ڪَيا ڪيترا،
مُنائي مَسِتانُ ٿِيا، سامي سِرُ ڏاڙهي،
لائي ويٺا لوڪَ ۾، طَمعَ جي تاڙي،
ڪَلِپَتَ ڪُهاڙي، هَڻَنِ پانهنجِي پاڻ کي.
(21)
اَوِديا جيءُ مَٽي، سامي ڪَيو سَروُپَ کون،
ويٺو پانهنجو پاڻَهين، آتَمُ گِيانُ لَٽي،
سپُنَي ۾ رُئندو رَهي، وِڌو چورَ ڦَٽي،
ڪَلِپَتَ ڪيرُ ڪَٽي، بنان جاڳي پانهنجي.
(22)
اَوِدِيا جو اَهَنڪارُ، ڀاري لَڳو جيءَ کي،
مَنـٖـي ويٺو پاڻهين، اَڻَ هوندو سَنسارُ،
مِلي ساڌَ سَنگتِ سان، ڪَري نه سُڌُ ويچارُ،
ساکي سِرِجَڻَهارُ، سامي ڏِسي ڪينڪي.
(23)
اَوِديا جو اَڀمانُ، مِٽـٖـي نَه ڪِرِتَ ڪَرَمَ
سان،
توڙي سَڀِ ساڌَنَ ڪَري، ڪَٿـٖـي ڪيوَل گِيانُ،
تَڏِي ٿِئي نِرُٻاڻُ، جَڏِي سامي جُڙي سَروپَ سان.
(24)
سدا جيءُ جَلي، ٿو اَوِدِيا جي اَڀمان ۾،
آتَمُ ڌَنُ ڇَڏي ڪَري، ٿو ٻَنڌي ڪَچُ پَلي،
سِياڻو ڄاڻِي پاڻَ کي، ڪنهن کي ڪينَ سَلي،
سامي پاڻَ مَلي، ٿو مِٽي پانهنجي مُنهُن تي.
(25)
جَنهِن جَنهِن ڪَرَمُ ڪِيو، اَودِيا جي اَهَنڪارَ
سان،
سو اُتَمُ ڄاڻي پاڻ کي، ڦاهيءَ مَنجهِه پيو،
دَيا نَه پالِي جيءَ تي، ڪِيتو ڪَرَمُ وِيو،
اُلٽو اَنڌُ ٿِيو، سَمُجَهه ري سامي چئي.
(26)
ڀُوتُ لڳو آهي، اَوِدِيا جو هِنَ جيءَ کي،
پاڻُ پانهنجو پاڻَ ۾، ويٺو وِڃائي،
اَڻَ هوندي سَنسارَ ۾، ٿو عَدُلُ چلائي،
مُنهُن مَڙِهيءَ پائي، سامي ڏِسي ڪِينڪي.
(27)
سَڀَ کي نَچائي، ٿو اَوِدِيا ڀوتُ ڀَرَمَ جو،
بنا ڦاهيءَ ڦَندَ جي، ٿو پَلِ پِٽائي،
مَنترُ نَه مَني ڪَنهن جو، رَهيا ٻَلِي ٻَلُ لائي،
سَتگُرُ ڇڏائي، ته سامي ڇُٽي دُکَ کون.
(28)
ڀاري کيپ چَڙِهيو، اَوِدِيا جو هِن جيءَ کي،
پَلَ ۾ شاهُ گَدا ٿِيو، پَلَ ۾ پيرُ پَڙِهيو،
رَهي پنهنجي حالَ ۾، اَٺَ ئي پَهَرَ اَڙيو،
سامي اَڻَ گهڙيو، نِتُ گهاٽُ گَهڙي آڪاسَ ۾.
(29)
تاءُ تِکو آهي، اَڻَ هونديءَ اَوِدِيا سِنڌُ جو،
سامي سَڀَ سَنسارَ کي، ٿِي وَهَ ۾ وهائي،
ڪَنهن جي چَلـٖـي ڪانَه ڪا، رَهيا ٻَلي ٻَلُ لائي،
سَتِگُرُ لَنگهائي، سو لَنگهي پارِ پَلَڪَ ۾.
(30)
اَوِدِيا ڦاسائي، جيءَ وِڌا سَڀِ ڦاسَ ۾،
ڳڻتيءَ ليکي کون پَري، هَرَ هَرَ چَڪَ پائي،
راتِيون ڏينهان نا ڇَڏي، جئين ڪاٺيءَ گُهڻُ کائي،
سَتِگُرُ ڇَڏائي، تَه سامي ڇُٽي دُکَ کون.
(31)
اَوِدِيا ڀُلائي، وِڌو جيءُ ڀَرَمَ ۾،
پاڻُ پنهنجو پاڻ ۾، ويٺو وڃائي،
سامي پڇي سڀ کون، ڪو آڻي مِلائي،
سمجهي سمجهائي، وَٺي ڏِنو هَٿَ ۾.
(32)
اَوِدِيا ڀُلائي، وِڌو جيءُ ڀَرَمَ ۾،
نانگُ ڏِسي نوڙيءَ ۾، ڏَنگَ ري ڏَهڪائي،
اَڻَ هوندي دَرِياهَ ۾، غوطا نِتُ کائي،
مُنهُن مَڙِهيءَ پائي، سامي ڏِسي ڪِينَڪي.
(33)
اَوِدِيا رُلائي، ٿي جَنِمنِ ۾ هِنَ جيءَ کي،
جئين بازيگرُ باندرَ کي، دَرُ دَرُ پِنائي،
مورک ڏِسي ڪِينَڪي، منهن مَڙِهيءَ پائي،
سَتُگُرُ جاڳائي، تَه سامي ڇُٽي دُکَ کون.
(34)
اَوِدِيا اُلٽائي، وِڌا جيءَ جَنجالَ ۾،
ڪايا مايا ڪُلَ سان، ويٺا لِنوَ لائي،
سامي ڏِسي ڪونه ڪو، منهن مِڙهيءَ پائي،
سَتِگُرُ جاڳائي، سو جاڳي ڏسي پاڻ کي.
(35)
اَوِدِيا جيءَ گُٽهـٖـي، ٻَڌا سَڀِ ٻنڌنَ ۾،
مَنوتِ جي مُڪَنِ سان، راتيون ڏينهن ڪُٽي،
اَکِنِ کون اَنڌو ڪَري، آتَمُ ڌَنُ لُٽي،
سامي سو ڇٽي، جَنهِن کي مِلي سَتِگُرو.
(36)
اَوِدِيا رَنَ لُٽي، ٿي خاصُ خزانو سڀَ جو،
جوڙي جِيئنِ کي ٻَنڌي، گهيرَٽَ، ساڻُ گُهٽي،
پِيادا پَنجَ بَڇي ڪَري، راتِيون ڏينهَن ڪُٽي،
ڪو سامي سَنتُ ڇُٽي، ڪَري حِمايَتَ هَرِجي.
(37)
اَوِدِيا بَندِ ڪِيا، جيءَ سَڀيئي ڦاسَ ۾،
ڀُلِي نِجَ سَروپَ کون، سَنسي مَنجهِه پيا،
تِرِشنِا جي درَياهَ ۾، سامي وَهي وِيا،
اَهِڙا اَنڌا ٿِيا، جو جاڳي ڏِسن ڪينَڪي.
(38)
سَنسي سَڀيئي، ڏنگي جيءَ ڏُکي ڪَيا،
اَڻَ هوندِي اَوِدِيا جِي، زَهرُ چڙهي ويئي،
سامي سُڌِ پيئي، اها جاڳي جَنَ کي.
(39)
سَنسي سَرپَ ڏنگـٖـي، سامي وِڌا جيءَ سَڀِ،
چِنتا چاهَ رَسيءَ سان، ويٺا پاڻُ وَنگـٖـي،
سَگهي ڪونَه لَنگهـٖـي، مِرِگَ تِرِشِنا جي جَل
کون.
(40)
هنيانءُ ويئي کائِي، اَوِدِيا ڏائڻِ سَڀَ جو،
وِرِلي ڪنهن گُرَمُکَ کون، ٿِي پاسي پَرائي،
سَمُجَهه مَنجِهه آئِي، سامي جَنهِن کي سارَگتِ،
(41)
ڪَنهن کون ڪينَ لَهـٖـي، آوِدِيا ڪُلِفُ اَندَرَ
جو،
توڙي تِيرٿَ تَپَ ڪَري، دُکَ بُکَ سَڀِ سهي،
تِياڳُ ڪَري گَهرَ ٻار جو، غُفا مَنجهه رَهي،
ساڌوءَ سَرَنِ پئي، تَه سُکي ٿِئي سامي چَئي.
(42)
ڪُوڙي ڪَلِپَ ڪَري، ٿو وَهي جيءُ وَهَڻُ ۾،
جِئين سُمِهيو سُپَني ۾، نانا روپ ڌَري،
جاڳي بنا نَه ٿئي، اَوِدِيا پَٽُ پَري،
سامي تَڏِي ٺَري، جَڏِي پَرِچِي ڏِسي پاڻَ کي،
(43)
ڪَلِپَتَ ڪِيا خُوارُ، سَڀي جيءَ جَهانَ جا،
ويهي پانهنجي گَهرَ ۾، ڪَرِنِ ڪينَ ويچارُ،
ڪوِڙِنِ ۾ ڪو هِڪڙو، هَرِ جَنُ رَهي هوشيارُ،
ڪَيو جنهن دِيدارُ، سامي سُپيرينِ جو.
(44)
ڪَلِپَتَ ڪروڌِي، ڪَيا جيءَ جَهانَ جا،
سيتَلُ رَهي سُڀاءَ ۾، ٻانَڀڻُ ڪو ٻوڌي،
گُرگَمَ جَنهن سُوڌي، ڪايا پَرِچي پانهنجي.
(45)
اَوِدِيا جو اَنتَرالُ، ڀاري پِيَڙو جيءَ کي،
ڀُلو پانهنجي گَهرَ کون، ڪَري خامُ خِيالُ،
مَنـٖـي ويٺو پاڻَ ۾، اَڻَ هوندو ڪَلِپَتَ ڪالُ،
مِلي سَنتُ دَيالُ، تَه سامي ڇُٽي دُکَ کون.
(46)
پانهنجو پاڻَ رُلي، ٿو چوراسيءَ ۾ جيءُ هي،
جِئين مِرِگهي جَلَ کي، ڏِسِي مِرِگُهه ڀُلي،
تَڏي ڳَنڍِ کُلي، جَڏِي سامي مِلي سَتِگُرو.
(47)
سامي ڪِينَ ڇُٽي، اَوِدِيا ڦاسَ ڪَرَمَ سان،
مِرِگهي جَلُ هَٿَنِ سان، ڪَڏي ڪِينَ کُٽي،
بُهَه مون اَنُ نه نِڪري، توڙي راتيون ڏينهن ڪُٽي،
سَهجـٖـي ڦاس ٽُٽي، جي سَمُجهِي جُڙي سَروپَ سان.
(48)
سامي ڪِينَ ٽُٽي، آوِدِيا ڦاسَ ڪَرَمَ سان،
مِرِگهي جَلُ هَٿَنِ سان، ڪَڏي ڪِينَ کُٽي،
تَڏي جيءُ ڇُٽي، جَڏي جاڳي ڏِسي جڳَديس کي.
(49)
اَوِدِيا جو اُپاءَ، ڪونهي آتَمَ گِيانَ ري،
پُڇي ڪَرِ پَرتيتِ سان، سامي سُڌ سماءُ،
جاڳي اِيشرُ جيءَ جو، ڪَڍُ دِلِ مون دُنيا ڀاءُ،
اَهِڙو دلبُر داءُ. موٽي اِيندءِ ڪِينَڪي
(50)
وِدِيا وِڃائي، اَوِدِيا دُکُ اَندَرَ جو،
جئين پاڻي باهِ کي، ٻانڀَڻَ ٻُجهائي،
سورِجُ لَکائي، سَڀِ پَدارَٿَ پَڌِرا.
(51)
وِدِيا وِڃائِي، اَوِدِيا سَڀَ اَندرَ جي،
سورج آيو سِرَ تي، ٿي سُتَهه صفائي،
جاڳئي جَڳُ سپُني جو، رَهِيو نَه رائي،
ساي سَمائي، بوندَ وڃي سَرَ سِيرَ ۾.
(52)
اَوِدِيا سان آئي، ٻيڙي ڪَپَرَ مُنهن ۾،
اچي مَردُ ملاحُ ٿِيو، سامي سَهائي،
تنهن ڏيئي وَنجَهه ويساهَه جا، لُڙَ مون لنگهائي،
چِنتا چُڪائي، سَڀائي اَندرَ جي.
(53)
هَنيو گُرَ ڇَنڊو، ڀَڳو ڀوتُ ڀَرَمَ جو،
رَهيو نَه رتيءَ جيترو، سامي ڪَلِپَ ڪَنڊو،
پائي سُکُ سَروپَ جو، ٿيڙو مَنُ مَنڊو،
کائي ڳُڙ ڳَنڍو، مُشِڪي ڪُشِڪي ڪِينَڪي.
(54)
سُپني ۾ هِڪُ سُوتُ، گُروءَ لکايو گِيات سان،
ڏِيو ٻاريو گَهرَ ۾، ڀَڳو اَوِدِيا ڀوتُ،
پَرچي ۾ پَرچِي رَهيو، محَبتي مضِبوطُ،
سِيرَ ڏٺي ثابوتِ، سَنسي ري سامي چئي.
(55)
هِمتَ سان هَرِجَنَ، دَرِسُ ڏيکاريو دوسَ جو،
ڏِسي منهن محبوبَ جو، کُليا سَڀُ ٻَنڌَنَ،
پَلَڪَ مَنجهه پورا ٿِيا، سڀيئي ساڌَنَ،
اَوِديا رَچي مَنَ، سا مَنَ منجهائون لِينُ ٿِي.
(56)
اَوِديا مَنجهِه اَڙِيو، سو وِدِيا لايو واٽَ سان،
ڪُسَنگَتِ وِڌو ڀَوَ ۾، سَتِ سَنگَتِ ڪَري چَڙهيو،
مَنَنُ اُٿيو مَنَ کون، سو مَنجهي مَنَ وَڙيو،
سامي آڻ گَهڙِيو، اَهِڙو گهاٽُ عَجِيبَ جو.
(57)
اَوِدِيا گَپَ گَتو، سو وِدِيا لايو دَڳَ سان،
ڪُسَنگَتِ ٻوڙِيو کوهَ ۾، سَتِسَنگَتِ سان نِڪتو،
دُويکُ وِيو مَنَ مون، ٿِيو مَنُ اَڇِتو،
سامي ائين رَتو، جئين لوئي رَچي رَنگ ۾.
اَوديا (ب)
(1)
اَوِدِيا ڀُلايو، سامي سَڀَ جيئنِ کي،
لالَچ جي لَڏونءَ تي، آتَمُ ڀُلايو،
سَهي ڪَري ڪو سُورمو، جو گهمي گَهرِ آيو،
پنهنجو پرايو، خيالُ سَٽي خاموشِ ٿِيو.
(2)
اَوِدِيا جيءَ اَنيڪَ، وِڌا واچَ وَهَڻَ ۾،
گوتا کائِنِ گئبَ جا، بِنِ وَئراڳ وِويڪَ،
سامي ڄاڻي سَڀَ ۾، ڪَري اَنِوَئِه وِتِريڪَ،
هِرِدي رَکي اِڪيڪ، مَوجان ڪَري مُڪِتِيون.
(3)
اَوِدِيا جيءَ اَپارَ، لوڙهي لَهوارا ڪَيا،
نانا جُوڻِ جَنَمَ ۾، مُڪَتي کائِنِ مارَ،
لَنگهي چَڙِهيا لَکَ تي، ساڌو جَنَ سَچارَ،
سدا باغَ بَهارَ، سامي رَهنِ سڀاوَ ۾.
(4)
اَوِدِيا جيءَ اَپارَ، مُنجهائي موڳا ڪَيا،
ڄاڻِي جُدا پاڻَ کي، مُڪتي کائِنِ مارَ،
ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو، ساڌو جَنَ سَچار،
بَڻِيءَ تي هَسوارَ، سَدا رهنِ سامي چئي،
(5)
اَوِدِيا سَڀِ عاجِجُ، ڪيا جيءَ جَهانَ جا،
کَسي خامَ خيال سان، داناهي ڌِيرِجُ،
ڪوڙِنِ ۾ ڪَنهن هِڪڙي، ٻوڌيءَ سارِيُس ٻِجُ،
سامي سَمِتا سِجُ، ڏٺو جنهن اَڀيدُ ٿي.
(6)
اَوِدِيا ڪَري اَنڌيرُ، اَڇادِي آتَمَ ڪَلا،
لَڌو لِنوَ سچيءَ سان، ڪنهن پيرانڍُوءَ پيرُ،
جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءِ، سماي سَمُجَهه سَويرُ،
ٿي نِرَڀَئِه نِرَويرُ، ماڻي دَورَ دَرِسَ جِي.
(7)
اَوِدِيا منجِهه اَڙي، پيا سِڀِ جيءَ جَهانَ جا،
مَرنِ مَتِ مَرَمَ ري، راتِيون ڏينهنَ رَڙي،
ڪَنهين سُجاکي سُورَمي، ڀَڳي ڀَرَمَ گَهڙي،
چيتَنَ چِٽَ چَڙهي، سُکِ سُمِهيو سامي چَئي.
(8)
اَوِدِيا مَنجهه اَٽِڪِي، پِيا جيءَ جهانَ جا،
مَرَنِ مَتِ مَرَمَ ري، ڀَوندوءَ جان ڀَٽڪي،
سامي ڀَڳي ڪَنهِن سورَمي، مَمِتا جي مَٽِڪي،
لَٽڪـٖـي
مَنجهِه لَٽِڪِي، سَهَجـٖـي رَهِيو سَروپَ جـٖـي.
(9)
ڪَري اوڙِي اوڙِي، آوِدِيا نِتُ اَنڌَنِ کي،
مِرِگَهه تِرِشِنا جي جَلَ ۾، ٻيڙي جَنِ ٻوڙي،
سامي ڏِٺي ڪنهن ساڌَ سَنگِ، نانگُ نانهِه، نوڙي،
سَٽي جَنهن جوڙِي، اِسِٿتِ رَهي آڪاسُ جان.
(10)
اَوِدِيا سَڀُ عالم، مُنجهائي موڳو ڪَيو،
مَري کاِئِنِ مَتِ ري، نانا جوڻِ جَنَمُ،
ڪَڏِي اُتَمُ ڄاڻَنِ پاڻَ کي، ڪَڏِي مَها مَڌَمُ،
جاڳي ڏِسَنِ نه جَمُ، سپُنَي جو سامي چئي.
(11)
اَوِدِيا سڀ عالم، مُنجهائي موڳو ڪَيو،
پائي ڀَوَنِ پاڻَهي، نانا جوڻِ جَنَمُ،
وِرِلي ڪَنهن گُرَمُکَ جو، مِٽِيو ڀيدَ ڀَرَمُ،
جَنهِن کي راهَه رَسَمُ، سامي ڏِني سَتِگُروءَ.
(12)
آوِدِيا سَڀُ عالَمُ، مُنجهائي موڳو ڪَيو،
ڪَنهن وِرِلي ويساسيءَ جو، مِٽيو غَيرَتَ غَمُ،
جَنهِن کي ڏَسِيو سَتگُروءَ، سامي سار سَنجمُ،
دوستَ ٻاجهون دَمُ، خالي کَڻي ڪونَه ڪو.
(13)
آوِدِيا سَڀُ عالَمُ، مُنجهائي موڳو ڪَيو،
پائي ڀَوَنِ پاڻَهي، نانا جوڻِ جَنَمُ،
سامي بَچِيو ڪو ساڌَ سَنگِ، نيهي نِرَ ڪَرَمُ،
پورَبُ آئون پَڇَمُ، ڏِسي ڪونَه آڪاسَ ۾،
(14)
آوِدِيا سَڀُ عالَم، مُنجهائي موڳو ڪيو،
پائـٖـي ڀَوَنِ پاڻَهي، نانا جوڻِ جَنَمُ،
سامي ماڻي سانتِ سُکُ، ڪونيهي نِرگَمُ،
سَدا ساڻُ خَسَمُ، پورَنُ ڏِسي پَرَماتَما.
(15)
آوِدِيا آحمَقي، موهي ڇَڏي ماڙُن کي،
جَنمَنِ مَرَنِ پاڻَهي، بنا ڏَرَ ڏَڪي،
سامي سَٽِي ڪنهن سورَمي، پَرِڇن پِنڊَ ٿَڪي،
لائي پِرِيت پَڪي، ماڻي سُکُ سَروپَ جو.
(16)
ڪَلِپَتَ ڪُتِي ڇِتي، ڏاڙي ڦاڙي ڏَندري
سامي ڇَڏِيائين ڇِنَ ۾، خَلِقَ ڪري خَفِتي،
ثابِتُ رَهي سُڀاوَ ۾، ڪو جوڳيسَرُ جُڳِتي،
ڳُيَرِ جي ڳَڻتي، ڦٽي ڪَئي جنهن فَهَمَ سان.
(17)
ڪَلِپَتَ ڪُتي ڇتي، ڪَنِهن کي ڇَڏي ڪِينڪي،
سامي ڪَيائين سَڀَ کي، کَپائي خَفتي،
اِسِٿِتِ رَهي آڪاسَ جان، ڪو جوڳيسَرُ جُڳِتي،
ڳُيرِ جو ڳَڻتي، سَٽي وِڌِي جَنهن ساڌِ سنگِ،
(18)
اَوِدِيا سِنڌُ جو اَنتُ، ڪنهين پاتو ڪينَڪي،
لُڙهيا، لوڀَ لَهَرِ ۾، پِيرُ، اَمِيرُ، مَهنتُ،
لَنگهي چَڙهِيو لَکَ تي، ڪو سُجاکو سَنتُ،
ڀيدَ بنان ڀڳِونتُ، سامي ڏِٺو جَنهن سَرَبَ گَتِ.
(19)
ڏاڍي ڏيوالي، اَوِديا ڏائِڻِ ڏَندِري،
جَنهن ڦُري سَڀِ فقيرَ ڪِيا، کَلِکَلِ سان خالي،
سماي ڪو ثابتُ رَهي، عاشِقُ اَڪالي،
پوري گُرَ پالِي، دَيا جَنهن تي دَرِسَ جِي.
(20)
اَوِدِيا ڇاندِيو عَقُلُ، ٻَلُ، اَنڌَنِ جو،
ڏِسَنِ ڪينَ اکِنِ سان، پَڌَرِ لالُ پِيو،
ڪنهن سجاکـٖـي سُورَمي، ڪارِجُ سِڌِ ڪِيو،
ساڌوءَ سَنگِ ٿيو، سامي جَنهِن کي سوجهرو.
(21)
ڀاري ڀَرَمُ پيو، جُدائيءَ جو جَڳَ ۾.
ماري تَنِ ماڙُن جو، عَقُلُ گُمُ ڪِيو،
سامي بَچِي ساڌَ سَنگِ، ڪو وَريامُ وِيو،
بنا ٻوڌ ٻِيو، ڏِسي ڪِينَ اَکِيُنِ سان.
(22)
آوِدِيا جو آوکَدُ، سَتِگُرَ ڏَسِيو سِکَ کي،
پيتائين پَرِتِيت سان، سامي مَحَبتَ مَدُ،
گِهرِي لَڌائِين گَهرَ مون، آدي اَنڀَئِه پَدُ،
ميٽي دُکُ دَرَدُ، اِسٿتِ رَهي آڪاسَ جان.
(23)
آوِدِيا جَو آوکَدُ، سَتِگُرَ ڏَسِيو سکَ کي،
سامي سَمَ سيتَلُ ٿِيو، ميٽي دُکُ دَرَدُ،
ٻُڌائين ٻِيائيءَ ري، حَدَ پَري اَنحَدُ،
پائي پورَنُ پَدُ، مُشڪي ڪُشِڪي ڪِينَڪي.
(24)
اَوِدِيا اَنڌارِي، مِٽي نَه سورِجَ سَمَ ري،
توڙ: سَڀِ سياڻا مِڙي، ڪَنِ جَتَن جاري،
سَمجهي ڪو سامي چَئي، ڀاڳَوانُ ڀاري،
بيحَدِ جي ٻاري، پَٽي ڏِٺو جنهن پيءَ کي.
(25)
باه آوِدِيا آءِ، ساڙي سَڀَ سَنسارَ کي،
تنهن کي وِدِيا جَلَ سان، وارَمَوار ٻُجهاءِ،
صاف ڪَري سامي چَئي، مَنَ جي مَمَتِ مِٽاءِ،
نَڪِي ڪَڍُ، نه پاءِ، آدي اَنڀَئِه پَدَ ۾.
مورک
(1)
اَمولَڪَ آهي، مانُکَ ديهِي دِٻَ رَتَنُ،
کَنيون ڪُوڙَ ڪَلَرَ ۾، ٿو مورَکُ مِلائي،
اَمِرَتُ ڇَڏي هَٿَ مون، وِرسي وِکُ کائي،
مُنهُن مَڙهيءَ پائي، سامي ڏِسي ڪِينَڪي.
(2)
اَڻَ هوندِي راندِ رَچِي، نارائڻَ نانَتَ جِي،
تَنهِن ۾ مُئا ڪيتِرا، مُورَکَ لوڪَ پَچي،
پاندُ کَڻي پَڌِري ڪَئي، ڪَنهِن اَوڌُوتَ اَچي،
جَنهِن کي سَمُجهَه سَچي، سامي ڏِني سِتَگُروءَ، |