رباعياتِ طالب
اي دل هي جهان صرف گذرگاهه اٿئي،
هي منزلِ مقصود جي هڪ راه اٿئي،
تون آهين مسافر ۽ هتي رهندين ڇا،
رهه دم نه هتي پيارو اگر ساهه اٿئي.
(•)
حاصل نه آهي ڪجهه به جهان فاني ۾،
هر وقت هوندي دل به پريشاني ۾،
ڇا ٿيندو ثواب آهي ۽ ڇا آهي گناهه،
لطف آهي حياتيءَ جو ته ناداني ۾.
(•)
اي يار جهان آهي عجائب خانو،
آ انجي حقيقت ته اٿئي افسانو،
دل ان سان لڳايئي ته پشيمان ٿيندين،
هن ساڻ سدا رهه تون مگر بيگانو.
(•)
دنيا سان اي طالب! تون ذرو دل نه لڳاءِ،
۽ پاڻ کي تون طالبِ دنيا نه بناءِ،
دل لائي دل آرام سان آرام ۾ رهه،
سک، چين، ڪڏهن ڪين ٻين ساڻ وڃاءِ.
(•)
دنيا جي مصيبت ۾ به رهجي دلشاد،
هرگز نه ڪجي جورِ فلڪ جي فرياد
تون رنج ۽ راحت جي ته ڦندي ۾ نه ڦاس،
خوش رهندين، جڏهن بند مان ٿيندين آزاد.
(•)
جي نيڪ عمل ٿئا ته حياتي آهي،
نه ته سمجهه ته جيئري ئي مماتي آهي،
جيئرو به مرڻ بعد اهوئي هوندو،
ٿي جيڪو ويو ذات ۾ ذاتي آهي.
(•)
آسودگي دنيا ۾ ڪٿي آهي ڀلا،
هڪ پل جي ڪري تون وڏو دوکو ته نه کا،
خوش رهڻ جي هر وقت اٿيئي هي ترڪيب،
راضي برضا رهجي ۽ شاڪر به قضا.
(•)
دنيا ۾ سدائين نه بهاري رهندي،
هر ڪنهن جي مگر ڪار گذاري رهندي،
جو من ۾ محبّت جو مچائيندو مچ،
آخر ته انهي شخص جي ساري رهندي
(•)
شاطر ٿي سدا حلقئه احباب ۾ رهه،
مشغول محبّت جي ميَ ناب ۾ رهه
هيءَ جاءِ آ جاڳڻ جي اٿي ٿي بيدار،
هڪ پل به ڪڏهن ڪين سڄڻ خواب ۾ رهه.
(•)
بازارِ محبّت ۾ خريدار ٿي رهه،
يوسف جو هميشہ تون طلبگار ٿي رهه،
ٿي صدف مثل ابرِ ڪرم جو شائق،
يعقوب مثال طالبِ ديدار ٿي رهه.
(•)
گمراه زماني جا ڪندا عيش و طرب،
هي دشمنِ جاني تون ڪڏهين ڪين طلب،
محبوب حقيقي سان تون دل لاءِ ڀلي،
گم ڪر نه جهان ساڻ تون گڏ نام و نسب.
(•)
مغرور تون ڇاتي ٿو رهين اي انسان!
نادان نه ٿي ڇڏ کڻي هي حرصِ جهان،
هڪ پل جو هي چٽڪو آهي ٻڌ اي طالب،
ٿي ڪين تون هڪدم به انهي تي نازان.
(•)
هن دارِ فنا ۾ ته فقط آ آزار،
هڪ پل به نه ملندو ڪو ڪنهين مهل قرار،
آزاد رهڻ چاهين ته اُٿ هڪدم تون،
ڪر جلد اُٿي ترڪ ۽ ٿي خود مختار.
(•)
رهندو نه زماني جو سدا جاه و جلال،
ٿي ويندو فنا نيٺ ته دنيا جو مال،
ره خلق جي خدمت ۾ هميشہ مشغول،
اهڙو هي ڪمال آهي، جنهين کي نه زوال.
(•)
بنگلن ۾ رهي دل کي تون مغرور نه ڪر،
دنيا جي طرب عيش کي منظور نه ڪر،
هر پل ۾ غريبن سان اي ”طالب“! ٿي غريب،
تون عيش فنا کي پنهنجو دستور نه ڪر.
(•)
احسان ڪري ڪنهن تي نڪي ياد ڪجي،
جي ڪو ڏي اذيّت ته نه فرياد ڪجي،
دنيا ته سڄي رنج و مصيبت آهي،
مسرور رهڻ چاهين ته دل شاد ڪجي.
(•)
اُٿ ڪرڻو اٿئي جيڪي، اُٿي ڪر تون شتاب،
دريائ جهان ۾ تون آهين مثلِ حباب،
هڪ لهر جي لوڏي سان لڳي هڪ پل ۾،
ناگاه وڃي آب سان تون ٿيندين آب.
(•)
انسان کي گهرجي ته رهي مثلِ نسيم،
سڀڪنهن سان تعلّق ۾ ۽ ڪنهن سان نه عميم،
دل لاءِ فقط قادرِ مطلق سان تون،
جو آهي سدائين ته اُهو ربّ رحيم.
(•)
جن زهد ۽ تقويٰ تي ڪيو خوب غرور،
سي عشق مجازيءَ ڪيا آخر مجبور،
هي ورد وظائف نه ڪڏهن ڪم ايندا،
هر ڪنهنکي ڪري ربّ جي رحمت منظور.
(•)
اخلاص جي راهن ۾ خدا کي ڳوليو،
مفلس جي نگاهن ۾ خدا کي ڳوليو،
بي لطف نمازن ۾ حضوري ناهي،
مزدور جي آهن ۾ خدا کي ڳوليو.
(•)
[پورو ٿيو]
|