رباعياتِ طالب
اي سهڻا صنم! ناز و ادا جي صدقي،
اي ماههِ لقا! عشق و وفا جي صدقي،
هڪوار نظر مون ڏي ٿئي قرب سندي،
اي رشڪِ قمر! زلفِ دوتا جي صدقي.
(•)
هن وقت تون ڏي جامِ شراب اي ساقي!
اڄ آهي بهاريءَ جو شباب اي ساقي!
ٿي ويندو فنا نيٺ هي سارو عالم،
اڳ تنهن کان ڏيو مونکي ثواب اي ساقي!
(•)
هر عيد تي دل يار جي لءِ حيران آه،
گويا ڪ سندس هجر ۾ بس بي جان آه،
هي دم آهي قسمت، جي اٿئي ڏسڻو منهن،
”طالب“ کي اچي ڏس جو هتي مهمان آه.
(•)
جنهن دل ۾ محبّت جو ذرو ڀي ناهي،
جنهن دل ۾ دغا دوکو سدائين آهي،
”طالب“ جي ته دل مان ٿي صدا هيءَ نڪري،
دل ناهي اها يار الائي ڇاهي؟
(•)
بي درد و محبّت آ حياتي بدتر،
جنهن دل ۾ ناهي عشق اُها آ پٿر،
ماڻهن ۾ شمار آهي اُهوئي ”طالب“،
جنهنجي آ پنهنجي يار جي مرضي تي نظر.
(•)
حاصل نه ٿئي ڪِي به محبّت کان سواءِ،
فرحت نه ڪڏهن ملندي مصيبت کانسواءِ،
سک ڪونڪو ايندو آ ڏکن کان اڳ ۾،
لذّت نه وري وٺبي اذيّت کان سواءِ.
(•)
ڪن وٽ آ فقيريءَ کان اميري بهتر،
شاهيءَ کان مونکي آهي فقيري بهتر،
آزادگي دهر کان ”طالب“ جي لءِ،
دنيائ محبّت جي اسيري بهتر.
(•)
رشتو نه ڇنين يار، جفائي بهتر،
هي رمز اگر آهي اجائي، بهتر،
جنهن وصل کان پوءِ ٿي اچي فرقت سامهون،
ان وصل کان صدبار جدائي بهتر.
(•)
ڇا حال جدائي جو ٻڌايان هر هر،
دل تنهنجي ۽ پنهنجي کي دکايان هر هر،
سمجهان ٿو ته انصاف کان هي آهي بعيد،
محزون دلين کي جو ستايان هر هر.
(•)
مونکي نه ڪڏهن چتر زباني گهرجي،
مونکي نه اها دولتِ فاني گهرجي،
جي آهي طلب مونکي ته بس هڪڙي آه،
دنيا ۾ فقط يار ٿو جاني گهرجي.
(•)
سهڻا ته گهڻا پر آ سچائي اڻ لڀ،
ماڻهو به مٺا پر ٿي مٺائي اڻ لڀ،
بدنام ٿيو عشق جو نالو آهي،
دنيا ۾ مگر آهي وفائي اڻ لڀ.
(•)
همدم ٿو سجهي ڪونڪو دم جهڙو ٻيو،
مونس ته وري آهي نه غم جهڙو ٻيو
تون چال اها چل جا ڪري توکي بلند
غمخوار اٿئي ڪون شرم جهڙو ٻيو.
(•)
جي ڪنهن ۾ سڄڻ صبر و سچائي آهي،
ڄڻ ان جي خدا ساڻ وفائي آهي!
پوءِ انکي ڪائي تانگهه نه آهي ”طالب“!
ان لاءِ سڄڻ ساري خدائي آهي.
(•)
ظاهر ۾ کڻي ڪنهنکي سچائي آهي،
باطن ۾ وري ان کي ٻيائي آهي،
تحقيق انهيءَ لاءِ تون ڄاڻج ”طالب“!
لعنت ته سدا ان تي خدائي آهي.
(•)
ڏس مونکي حقارت سان نه اي نيڪ نگاه!
زاهد! آ وڏي منهنجَي خدا جي درگاه،
بخشش جا طلبگار ته ٻئي آهيون، مگر،
تون رُوبَه ثواب آهين، آئون روُبَه گناه.
(•)
زاهد! آ توکي پنهنجي عبادت تي ناز،
بي فڪر اَهين سر کي ڪرين تون ٿو فراز،
آ منهنجو شغل آه و فغان وقتِ سحر،
من رحم ڪري آهي خدا بنده نواز.
(•)
اسرار عجائب آ فقط الفت ۾،
هڪ رمز نيازي آ فقط خدمت ۾،
سرڪش نه ٿجي دورِ جهان نازڪ آهه،
سؤ لطف نيازيءَ ۾ ٻيو نوڙت ۾.
(•)
ڪامل آ اُهو جنهنکي آ نوڙت ۽ نياز،
ٻي آهي صفت انجي سدا سوز ۽ ساز،
وٺ انجي تون دامن وڃي هڪدم ”طالب“،
ڇڏ پنهنجي خودي يار جي اڳيان ٿي اياز.
(•)
محبوب جو معراج آ تنهائي ۾،
آ سيرِ فلڪ باديه پيمائي ۾،
هر وقت مزو ڪو نه و مڪان جو آهي،
ميخانه ۾ ۽ ساغرِ مينائي ۾.
(•)
جنهن سر ۾ سچي عشق جو سودا ناهي،
جنهن دل ۾ محبّت جي ذري ڪا ناهي،
ڇا تن جي حقيقت کي مان واضح ڪريان،
هي جنهن ۾ نه، سو طالب مولا ناهي.
(•)
دل درد و محبّت جو خزانو آهي،
دل عشق، حقيقي جو نشانو آهي،
خاموش تون رهه طالب مولا هردم،
غمخوار نه افسوس زمانو آهي.
(•)
دنيا جي محبّت ۾ خرابي آهي،
دنيا جي محبّت مان ته حاصل ناهي،
گمراه، ٿئي جيڪو انهيءَ ساڻ رهي،
دشمن اهي جاني ”هي“ ڀلا ٻيو ڇاهي.
(•)
(وڌيڪ پڙهو)
|