سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1,2-  1993ع

مضمون

صفحو :17

نذير احمد ”شاڪر“ بروهي

بروهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو لساني ڳانڍاپو

(بروهي شاعريءَ ۾ سنڌي لفظ)

سنڌ جو پاڙيسري ۽ صحرائي ملڪ بلوچستان جو دراصل ايراني مٿانهين پٽ جو حصو آهي. گومل، سخي سرور، بولان، موله درن ۽ مڪران جي ڪناري ڪري سنڌ سان ڳنڍيل آهي. اُتي سياري ۾ سخت سردي ۽ برفاني هوائون لڳن ٿيون. جنهن سبب اُتي جا رهاڪو، بروهي گرم ميدانن جي رهاڪن کان وڌيڪ سگھارا آهن. بلوچستان ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن، وڻج ۽ واپار توڙي جاگرافيائي حالتن جو جڏهن اڀياس ڪبو ته آڳاٽي زماني کان سنڌ ۽ بلوچستان جا پاڻ ۾ گھاٽا ۽ گھرا ناتا رهيا آهن. سر سبز ۽ آباد هجڻ ڪري سنڌ جو بلوچستان تي نه رڳو اثر رهيو آهي، بلڪ ان تي غلبو پڻ رهيو آهي. بلوچستان جا سبي، ڪڇي، قلات، لورائي، مڪران، لسٻيلو ۽ سمورو سامونڊي ساحل هزارين سالن تائين قديم سنڌ جي سياسي، سماجي، تهذيبي، تمدني ۽ اقتصادي اثر هيٺ رهيا آهن (1).

آڳاٽي زماني ۾ بلوچستان وارو خطو هڪ طرف سنڌو ماٿر ۽ ٻئي طرف اولهه ايشيا جي اُسريل ملڪن جي وچ ۾ پنهنجي جاگرافيائي حالتن جي ڪري هڪ سنگم جي حيثيت ٿو رکي. هن زماني ۾ ويجھي اوڀر ۽ ايران کان ايندڙ اهم رستا بلوچستان جي مختلف علائقن مان لنگھندا، سنڌو ماٿر ۾ داخل ٿيندا هئا. انهيءَ لحاظ کان بلوچستان جو هي ڪوهستاني خطو، قديم زماني کان ٻنهي طرفن جي تهذيبن جي وچ ۾ باهمي ميل ميلاپ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو هو (2).

نيچرل هسٽري ميوزيم آف نيويارڪ جي هڪ جماعت، بلوچستان ۾ ضلعي لسٻيلي جي ڏورانهن علائقن تائين دورو ڪيو. هن ٽوليءَ جي راءِ موجب سامونڊي ڪناري جي لڳ جيڪي وسنديون ملن ٿيون، اهي هڙپه تهذيب جون عملبردار آهن، ۽ آثارن ۽ شاهدين مان معلوم ٿو ٿئي ته بلوچستان جي ساحلي علائقن تي قديم زماني کان سنڌو ماٿر جي ماڻهن جو قبضو هو (3).

بلوچستان ۾ ڪُل اَٺ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جنهن ۾ بلوچي، بروهي، پشتو، فارسي، سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ پنجابي شامل آهن. اڳوڻي گورنر ۽ قلات جي خان احمد يار خان جي لکت موجب بلوچستان صوبي ۾ ٻه- ٻوليائي قبيلا جام آهن (4)، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي، ڇو ته هتان جو هر هڪ قبيلو ٻن بدران گھٽ ۾ گھٽ چار ٻوليون ڳالهائي سگھي ٿو. اولهه بلوچستان جا ماڻهو پشتو، اردو، پنجابي، ۽ سرائيڪي ٻوليون ڳالهائي سگھن ٿا ۽ اوڀر بلوچستان جا ماڻهو سنڌي، سرائيڪي، بروهي، بلوچي، ۽ اردو ڳالهائي سگھن ٿا؛ جڏهن ته وچئين بلوچستان جا ماڻهو اٺئي ٻوليون ڳالهائي يا سمجھي سگھن ٿا؛ ڇو ته ان خطي ۾ سڀ ٻوليون ڳالهائڻ وارا قبيلا ٿوري گھڻي انداز ۾ آباد آهن. اِهو ئي سبب آهي جو بلوچستان خطي جي مختلف ٻولين ڳالهائڻ وارن جو في سيڪڙو انداز معلوم ڪرڻ تمام مشڪل، بلڪ ناممڪن آهي. ان ڪري سينسر رپورٽون اڪثر صحيح نه ٿي سگھيون آهن (5) جنهن جو انداز هيٺ ڏنل ٻن اهڙين رپورٽن مان لڳائي سگھجي ٿو. هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ ماهر ڊاڪٽر هينري فليڊ، 1955ع ۾ پنهنجي مضمون؛  ‘West Pakistan Anthropological Survev’ ۾ ڌار ڌار ٻولين جي في سيڪڙي جي باري ۾ جيڪي انگ اکر ڏنا آهن. اُهي هن ريت آهن (4):

ضلعو/

رياست

بروهي

بلوچي

پشتو

سنڌي

پنجابي

اردو

فارسي

قلات

 

خاران

 

لسٻيلو

 

مڪران

 

چاغي

 

لورالائي

 

ڪوئيٽا

 

سبي

 

زهوب

51

 

----

 

1

 

----

 

33

 

1

 

7

 

7

 

----

19

 

18

 

19

 

100

 

60

 

8

 

2

 

54

 

----

----

 

----

 

----

 

----

 

3

 

62

 

60

 

12

 

96

29

 

19

 

80

 

----

 

1

 

----

 

18

 

20

 

-----

----

 

----

 

----

 

----

 

----

 

28

 

7

 

5

 

3

----

 

----

 

----

 

 

 

1

 

2

 

4

 

2

 

1

----

 

----

 

----

 

 

 

----

 

----

 

 

 

----

 

----

1961ع واري آدمشماريءَ موجب انهن ٻولين جي ڳالهائيندڙن جو ضلعيوار سيڪڙو هن ريت ملي ٿو(7):

ضلعو

بروهي

بلوچي

پشتو

سنڌي

پنجابي

اردو

فارسي

سبي

 

لورالائي

 

ڪوئيٽا

 

قلات

 

لسٻيلو

 

چاغي

 

خاران

 

مڪران

 

زهوب

2.92

 

1.52

 

7.78

 

39.40

 

7.67

 

31.17

 

19

 

 

64.67

 

8.12

 

2.25

 

13.77

 

23.69

 

60.27

 

18

 

21.96

 

61.08

 

61.05

 

1.79

 

00.70

 

2.12

 

----

 

3.12

 

1.98

 

00.49

 

24.74

 

66.58

 

00.33

 

00.33

 

4.85

 

26.39

 

17.02

 

0.92

 

00.85

 

2.1

 

 

2.16

 

00.61

 

5.09

 

00.28

 

00.21

 

00.67

 

 

00.24

 

00.34

 

3.75

 

1.06

 

00.02

 

3.32

 

 

 

 

هنن چارٽن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي تمام گھٽ انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان صوبي جي اڌ آبادي چڱي طرح سنڌي ڳالهائي ٿي، ڇو ته صوبي جي آباديءَ جي گھڻائي سنڌ جي ميداني علائقن سان لاڳو بلوچستان جي زرعي طور تي آباد علائقن ۾ رهي ٿي.

بلوچستان جا مٿيان علائقا اڪثر پهاڙي ۽ غير آباد آهن. جڏهن ته هيٺيان ۽ ميداني علائقا اڪثر زرعي طور آباد علائقا آهن. سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارا به انهي علائقي ۾ آباد آهن، جيڪو بار کان مڪران تائين شمار ڪيو وڃي ٿو. (8). ان کان علاوه سبي، ڪڇي، لسٻيلي، مڪران ۽ قلات جي علائقن ۾ سنڌي زبان جو تسلط رهيو آهي، ۽ انهن خطن جي ماڻهن سنڌي ٻوليءَ کي وڻج واپار، روزانه استعمال، حاڪمن جي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن جي ٻولي، محفلن، معرڪن ۽ ڪچهرين جي ٻوليءَ طور استعمال پئي ڪيو آهي. انهن مان ڪن ايراضين ۾ سنڌيءَ کي مادري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آهي، ته ڪن ۾ ان کي ثانوي زبان طور ڪم آندو ويندو آهي. (9).

قاضي محمد يعقوب علي زئي لکي ٿو ته:

”موجوده بلوچستان جي اڌ آبادي جيڪا شهرن ۽ ڳُتيل آباد علائقن ۾ رهي ٿي، سنڌي ٻوليءَ انهن جي مادري ٻوليءَ آهي. پوءِ توڙي اهي پٺاڻ، بلوچ، بروهي يا سماٽ هجن، سڀ سنڌي ڳالهائين ۽ سمجھن ٿا. سنڌي انهن جي ڳانڍاپي جي ٻولي آهي.“(10).

پنهنجون مادري ٻوليون ڇڏي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي مادري ٻوليءَ طور ڳالهائڻ وارين قومن ۾ بروهي، پٺاڻ، ۽ بلوچ قبيلن جا ڪيترائي پاڙا هن خطي ۾ موجود آهن، مثلاً پٺاڻن ۾ باروزئي، دمبال، لوئي باغون، لائون، ڪڙڪ، صافي، مزري، نوڌاڻي، عليزئي، سيلاچي ۽ خجڪ؛ بلوچن ۾ رند، لاشاري، لغاري، ڇلگري، چانڊيا، ڪپراڻي، گولا، گشڪوري، ڪورائي، مغيري، جمالي، دستي ۽ مگسي. جڏهن ته بروهين ۾ لانگو ۽ رئيساڻي قبيلي جا ڪيترائي خاندان سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي مادري ٻوليءَ طور استعمال ڪن ٿا.(11).

بلوچستان جي خطي ۾ سنڌي قومن جي گھڻائيءَ ۾ هئڻ سبب سنڌي ٻولي جتي ڪٿي ڳالهائي وڃي ٿي. ان ڪارڻ ئي هن علائقي جي تهذيب توڙي تمدن، رسم رواج ۾ سنڌ کان ڪو به فرق نه آهي ۽ خطي جا شهر توڙي ڳوٺ، آثار قديمه توڙي عجائبات سڀ سنڌي تهذيب ۽ تمدن جو چِٽو پٽو اولڙو آهن. هن خطي ۾ اچڻ وارو ڪو به ماڻهو ان کي ڪڏهن به اڻ سنڌي علائقو سمجھي نه سگھندو. ڪيترن خاندانن پنهنجون مادري ٻوليون ۽ ثقافتون ڇڏي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو بڻايو آهي. اهوئي سبب آهي جو بروهي، بلوچ، پٺاڻ قومن جا رسم رواج به آهستي آهستي متاثر ٿيندي سنڌي رسمن ۽ رواجن سان ملي هڪجھڙا ٿي چڪا آهن. ٽنهي قومن جي رسمن، رواجن، رهڻي ڪهڻيءَ ۾ سنڌي رسمن ۽ رواجن توڙي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ تمام ٿورو فرق موجود آهي. سنڌين سان سندن مِٽيون مائٽيون ۽ برادرين کين هڪٻئي جي ايترو ته ويجھو آڻي ڇڏيو آهي، جو سڀئي گڏجي ڄڻ ته هڪ قوم ٿي چڪا آهن. تنهنڪري ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ بروهي چيو آهي ته ”حيقيقت ۾ بلوچستان جا بروهي قديم سنڌي آهن، انهن کي سنڌين کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي.“ (12).

سنڌ جو نامور مؤرخ مير رحيمداد خان مولائي شيدائي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته، ”بروهي سنڌي آهن. سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ سنڌي ظاهر ڪيا ويا آهن.“ (13).

جھالاوان کان خضدار تائين جو علائقو خشڪ جابلو آهي. ان خشڪ جابلو سلسلن مان نڪرڻ وارا درياءَ به نالي ماتر آهن ۽ سڄو سال خشڪ رهندا آهن. پر خضدار جو اُتريون ڀاڱو گھڻو گرم آهي. جھالاوان جي بروهين جي گھڻائي مان چارڻ ۽ هارپ جو ڌنڌو ڪندا آهن. انهن مان 75 سيڪڙو آبادي خانه بدوش آهن، جيڪي سارو سال هن وسيع عريض علائقي ۾ پاڻيءَ ۽ چاري جي تلاش ۾ هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين چڪر ڪاٽيندا رهندا آهن. ڊبليو. ايس. هاس جي لفظن ۾ ته، جھالاوان جي آباديءَ جي ڪلاسيڪي طرز زندگي خالص خانه بدوش رهڻي ڪهڻي جو نمونو پيش ڪري ٿي.“ اهي ماڻهو خانه بدوش زندگيءَ کان تنگ اچي، سازگار حالتن ملڻ تي سنڌ ۾ مستقل هجڻ جا موقعا مشڪل سان ڇڏيندا آهن. جھالاوان جي مقابلي ۾ ساراوان جا بروهي اپريل کان سيپٽمبر تائين پنهنجي جابلو علائقن ۾ ئي خانه بدوشانه زندگي گذاريندا آهن، يا مال چاريندا آهن، پر ڪيرو ۽ ڪورڪيج جي تباهي خيزي ۽ گرميءَ جي شدت يا ڪڻڪ ۽ سارين جي لاباري وقت آڪٽوبر کان مارچ تائين ڪڇي ۽ سنڌ هليا ويندا آهن. (14) انهيءَ لڏ پلاڻ سبب اهي بروهي قبيلا پنهنجي ٻوليءَ سان گڏ سنڌي ٻولي به ڳالهائيندا آهن. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي، ته بروهين کان اول سنڌ ۾ سماٽ قوم آئي ۽ بروهي وري بلوچن کان اڳ ۾ پهتا، ان ڪري بلوچن جي ڀيٽ ۾ بروهي ٻولي اندر سنڌي لفظن جي آميزش نسبتاً وڌيڪ هئڻ هڪ قدرتي ڳالهه آهي انهيءَ معاشي، سماجي ۽ تهذيبي ريل ميل جي ئي نتيجي ۾ سوين سنڌي ٻوليءَ جا لفظ بروهي ٻوليءَ جي لغت جو حصو بڻيا؛ جي انهن لفظن تي نظر وجھبي، ته جھالاوان ۽ ساراوان کان سنڌ ۽ ڪڇي تائين لڏ پلاڻ جي سموري عڪاسي ڪن ٿا. اهي لفظ ايترا ته بروهي زبان ۾ جذب ٿي ويا آهن، جو انهن کي ڪڍي ڇڏڻ سان بروهي ٻوليءَ جي چاشني ختم ٿي ويندي. انهي ڪري سنڌ ۾ آباد بروهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ اڌ کان وڌيڪ سنڌي لفظ ملائين ٿا، گھڻا ته پنهنجي اصل ٻولي به وساري ويٺا آهن. (15).

بروهي ٻوليءَ ۾ سنڌي لفظن جو پهريون چڱو خاصو ذخيرو اسان کي شاعريءَ ملي ٿو. بروهي شاعريءَ جا هيٺيان دؤر آهن.

1- لوڪ شاعري

2- خاني دؤر 1666ع کان دُرخاني مدرسي جي بنياد 1883ع تائين.

3- 1883ع کان پاڪستان جي ٺهڻ 1947ع تائين.

4- 1947ع کان موجوده وقت تائين.

(1) لوڪ شاعري:

لوڪ شاعري، عوام جي جذبن، امنگن ۽ احساسن جو سادو سودو اظهار، هيءَ شاعري، شعور جو بلند درجو پيش ڪري ٿي، ۽ پنهنجي زبردست قوت ۽ نازڪ احساس جي نمائندگي ڪري ٿي. ”لوڪ شاعري“ ڪيتري به پراڻي هوندي ته به نت نئين پئي لڳندي. اهوئي لاءُ ۽ ساءُ، اهوئي رس ۽ چس پيو ايندو؛ البت ايترو سو آهي ته وقت گذرڻ تي هڪ واتان ٻئي وات ويندي، لوڪ شاعريءَ جي ڪيترن صنفن ۾ اِها سوڌائي نه رهي آهي، يعني انهن ۾ گھٽ وڌايون ٿي ويون آهن، ته به معنيٰ ۽ مطلب، لذت ۽ لئي ۾ فرق نه آيو آهي، ڇاڪاڻ ته لوڪ شاعريءَ جي شاخ مان تازو گؤنچ ڦُٽندو رهي ٿو. (16) بروهي لوڪ شاعريءَ جو اوائلي دؤر سن 11 عيسوي صدي کان شروع ٿئي ٿو. 11 صديءَ جو مشهور رومانوي افسانو سسئي پنهون آهي 13 هين عيسويءَ يعني 1223ع ۾ تاتاري مغلن جي سرڪردگيءَ ۾ بلوچستان تي حملو ٿيو ۽ هتان جي رهاڪن تي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم ٿيا- ايتري تائين جو ان جا اثر نه رڳو صدين تائين شاعرن تي حاوي رهيا، بلڪ پنهنجي مقبوليت جي حوالي سان سندس شعر ڄڻ لوڪ گيت (برنازنا، ليلي(*) مور، ماهه لنج، لولي، موده) بڻجي پيا. (17)

بروهي لوڪ شاعري ٻين علائقن جي لوڪ شاعري وانگي رزميه، عشقيه داستانن کان خالي آهن ۽ ان جي ابتڙ شادي، غمي، ڪنهن قبائلي لڙائي يا ڪنهن هڪ فرد جي ڪنهن ڪارنامي کان متاثر ٿي چيا ويا آهن. (18) بروهي لوڪ شاعري جيڪا هن وقت اسان تائين لکت ۾ پهتي آهي، اُها 18 ۽ 19 عيسوي صديءَ جي آهي ۽ مواد جي مناسبت سان ان جا پهريان ٻه دؤر قطعي غائب آهن. بروهي لوڪ شاعريءَ جو جيڪو ذخيرو تحريري صورت ۾ مليو آهي، انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيئي لفظ ملن ٿا.

انهن لفظن جي لڙي هن ريت آهي:

بروهي لوڪ شاعريءَ ۾ سنڌي لفظ       اصل سنڌي لفظ

گذاره                           گذارڻ

کهڻ                           کَڏَ

واهه                            واهُه/ واهه

رنگس                         رنگُ

گير                             گير- گيهه گنداڙ

ساندهي                        ساندهه

کڻ                             کَٽ

ميار                            ميار/ ميارَون

هار                             هارُ/ هارَ

سيم                           سِيم/ سِيمَ

وارا                             وار/وارون

ڍنگر                           ڍَنگرُ

تهانرو                          ٿاڻو، ٿاڻا

پوپڻ                           پوپٽ، پوپٽ

لونگ                          لونگ، لونگ

سرمو                           سُرمو- سُرما

چيچ                            چيچ، چيچون

تيلي                           تيلي، تيليون

ڌکر، دهکر                     ڌڪَڙَ، ڌڪڙ

سيڻي                          سيٽي، سيٽيون

سولي                          سُولي، سُوليون

ڻوپ                            ٽوپ، ٽوپ

ڻولي                           ٽولي، ٽوليون

نالي                            نالي، ناليون

گوني                           ڳوڻي، ڳوڻيون

(2) خاني دؤر 1666ع کان دُرخاني مدرسي جي بنياد 1883ع تائين

هن دؤر کان اڳ ٻن سؤ سالن جي بروهي شاعريءَ تي اوندهه جا پردا پيل آهن. ان گم ٿيل دور ۾ نسخن جي روايتن مطابق خبر پئي آهي، جيڪي ترتيب مطابق هن ريت آهن:

1. ”خدمت دين“ 709هه/ 1293ع جو لکيل آهي.100صفحا ۽ ان ۾ ديني ۽ اسلامي طرز جي شاعري آهي.

2. ”مجھول الاسلام“، جنهن کي ”تحفه شي ميچڙ“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو 810هه جو لکيل آهي.

3- ”عمليات گھر بار براهوئي“ 13 ربيع الاول 980 هه جو لکيل آهي. هن جا ٻه حصا آهن، پهرئين حصي جا پنج باب ۽ ٻئي حصي ۾ مٿي جي سور، ٻار جي روئڻ متعلق ديني عمليات درج آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ڪيميا جا نسخا پڻ درج آهن.

مٿين ٽنهي ڪتابن جو ڪو به نسخو، هن وقت تائين اسان جي هٿن ۾ نه پهتو آهي. جنهن متعلق اسان وڌيڪ چئي سگھون، ان ڪري انهن ڪتابن ۾ شامل نثر يا شاعريءَ ۾ سنڌي لفظن تي ڪجھ به چئي نه ٿو سگھجي.

هي ذڪر لائق دور خاص بروهي قوم جو سياسي، سماجي ۽ ثقافتي دؤر آهي. ان دؤر ۾ سردار مير قمبر جي اولاد مان ميرو نالي بروهين جو سردار دنيا جي نقشي تي بروهي حڪومت جو چوٿون بنياد رکندڙ حاڪم هو. ان جو پونير، مير احمد جيڪو مير قمبر جي نسل مان هو (بعد ۾ پنهنجي نالي تي احمد زئي فرقي جو بنياد وڌائين) پاڻ قلات جي تخت تي بروهي حڪومت کي مضبوط بنيادن تي مستحڪم ڪيائين. مير احمد خان (1666ع کان 1695ع) کان مير خدائيداد خان (1857ع کان 1893ع) تائين وڏي سياسي اُٿل پٿل ٿي. بروهي حڪمرانن ۾ عبدالله خان عرف شهباز بلوچستان (1716ع کان 1734ع)، مير نصير خان نوري (1749ع کان 1817ع) مشهور حڪمران ٿي گذريا آهن.

هن دؤر ۾ بروهين ۽ سنڌين جا پاڻ ۾ سياسي، سماجي، معاشي معاهدا ۽ تاريخي ڳانڍاپا رهيا. انهي ريل ميل سبب بروهي خان پڻ سنڌي زبان کان واقف هئا، پر افسوس جو علم دوست نه هجڻ سبب، ان سڄي دؤر جو علمي ادبي ذخيرو نه هجڻ جي برابر آهي. صرف هڪ ڪتاب ”تحفة العجائب“ مليو آهي، جيڪو 1760ع ۾ مولانا ملڪ داد قلاتي، غرشين، پٺاڻ قبيلي سان تعلق رکندڙ لکيو. ملڪ داد قلاتي، بروهي، بلوچي ۽ پشتو زبانن جو سٺو شاعر هو. جڏهن مير نصير خان، خانيءَ تي ويٺو، ته ملڪ داد قلاتي سندس درٻار سان لاڳاپيل رهيو.


(*) لوليءَ جي لوڪ صنف به بروهي- سنڌي شاعريءَ جي مشترڪ صنف آهي. -ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com