ڪيڏي نه رات گذري ويئي هئي. هن کي ائين لڳو ته ڄڻ
هوءَ پاڻ سان ڳالهائي ڳالهائي ساڻي ٿي پئي آهي.
اُڃ لڳس ته پاڻي پيئڻ لاءِ اٿي، سندس نظر مڙس تي
پئي جيڪو سڪون سان سمهي کونگهرا هڻي رهيو هو.
ڪيڏي نه وحشت ٿيڻ لڳس ان مرد کان سوچڻ لڳي، سڳو
پيءُ هجيس ها ته ڪونه پريشان ٿئي ها. پر هن کي ته
ڪابه چنتا ڪونهي، ته مظهر هن مهل تائين گهر ۾، ڇو
ڪونه آيو آهي.
الائي ماني به کاڌي هوندائين الائي نه! الائي ڪٿي،
هوندو! ڪٿي ڳوٺ ته نه هليو ويو؟! هزارين سوچون من
۾ اينديون رهيس اهوئي مڙس هئس جيڪو اول گهول ويندو
هو مون تان ۽ منهنجي پٽ تان اهو ئي هينئر ڪجهه به
ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي.
وري به همت ڪري مڙس کي ڌونداڙڻ لڳي، هو جيڪو
پنهنجي اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو، سو اوچتو هِن جي
اٿارڻ سان باهه وانگر ڄڻ ڀڙڪي پيو.
”ڇو ڇاٿيو اٿئي جو اچي ننڊ خراب ڪئي اٿئي“
هوءَ ڊڄندي پڇڻ لڳي، ته ”م م.... مظهر ڪونه آيو
آهي. ڪيڏانهن ويو. ايڏي رات گذري وئي آ“.
منهن بڇڙو ڪري چوڻ لڳو ”ان ڳالهه لاءِ اچي مٿو
کاڌو اٿئي مون کي ٻڌائڻ وسري ويو ته هو پنهنجي
پيءُ ڏي هليو ويو. سندس دوست دڪان تي ٻڌائي ويو
هو.“
چڱو ٿيو ٽريو منهنجي اکين کان هو الائي ڇاڇا بڪندو
منهن ورائي سمهي رهيو.
”هن کي، به ائين لڳو ڄڻ هينئر سندس پيٽ ۾ ساهه پيو
آهي، سوچڻ لڳي، گهٽ ۾ گهٽ پيءُ هن کي کائڻ جا طعنا
ته ڪونه هڻندو. مان ته هن لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس،
پر سندس پيءُ ته هن کي پيار ڏيندو. سوچڻ لڳي، ان
کان پهرئين ئي فيصلو ڪري پٽ کي موڪلي ڇڏي ها ته
شايد هي ڏينهن ڏسڻا نه پونس ها. مون پنهنجي زندگي
ته پاڻهي داوءَ تي هڻي ڇڏي پر ان جي سزا منهنجي پٽ
کي ته نه ملي، هو مون کان وڌيڪ پنهنجي پيءُ وٽ خوش
هوندو. ۽ هو سندس پيءُ آهي هن کي ضرور پڙهائيندو
لکائيندو جيڪو منهنجو مقصد هو سو ضرور پورو ٿيندو،
پوءِ هو مون کان پري ئي ڇو نه هجي!
سڄي رات اوجاڳي ڪرڻ کان پوءِ به ائين محسوس ٿي
رهيو هئس ڄڻ اوجاڳي جو ٿڪ ٿيو ئي نه هجيس. محسوس
ڪيائين ڄڻ ايترن ڏينهن کان پوءِ هوءَ اڄ سٺي ننڊ
ڪري سگهندي....
حقاضي
اياز مهيسر
من- ڀوڏيسر جِئن
انيڪ سوال بڻجي ويندو آ جيون- جڏهن سمجھ جا سرا
ملي نه سگهندا آهن-!
پر ”ڇو-؟“ جي سڏ جو مقدر صرف ان جو ئي پڙلاءُ
هوندو آهي، ڇو ووو ووو....؟
ايڪو (Echo)
۾ گونجندڙ آواز- ۽ موٽ ۾ اڪيلائيءَ جو روح
ڏڪائيندڙ احساس-
من اندر ۾ سڏ سڏ جو سڏڪي پوڻ ۽ سڏڪي سڏڪي نيٺ سسئي
وانگر هر سڏ جو پاتال ۾ سانت ٿي وڃڻ-!
سڀڪجھ ئي ته ٿي ويو آ- نه ڄاڻ ڪهڙي پل کان ۽ نه
ڄاڻ اڃان ڪهڙي پل تائين-!
پس منظر ۾ پسڻ لاءِ صرف يادون ئي ته رهجي ويون
آهن-؛ تنهنجي محبت جون
/تنهنجي
نفرت جون-! ڏيڻ ۽ واپس وٺڻ جي وچ واري گهڙيءَ
ڪيتري نه مختصر هوندي آ. مان صرف ان ئي گهڙي ۾ جِي
رهيو هان. جي ڇا! مري رهيو هان، ان گهڙيءَ ۾
مسلسل-! جيئڻ جو ڪارڻ چاهيو هئم،- پر انت جيون
انيڪ پيڙائون بڻجي ويو- مرڪ مون کي ڊائورس (Divorce)
ڪري ڇڏيو هو، ۽ لڙڪ لِيڙ لِيڙ جو جو مقدر بڻجي ويا
هئا. آشرم ته ڪٿي هئا پر اجھو ڪٿي به نه هو- ان پل
ڏاڍو سڏيو هئم توکي، آشا! آشا! آشا! پر تو تائين
ته منهنجا پڙلاو به پهچي نه سگهيا- اڪيلائي جو
احساس من ۾ ڪنڊن وانگر چڀڻ لڳو
/
لڳندو آهي.
ياد اٿم، تون اڪثر پڇندي هئينءَ، موهن! تون ايڏو
ماٺ ڇو هوندو آهين- ۽ مان تو ڏانهن ڏسي مرڪي ڏيندو
هئس، ۽ هڪ دفعي توکي چيو هئم. آشا اسان جي ماٺ جا
جدا جدا ڪارڻ هوندا آهن. ڪڏهن ماٺ ڪرڻ تي مجبور
هوندا آهيون/
ڪيا ويندا آهيون. ته ڪڏهن مڪمل سانت ڍنڍ ۾ بيٺل
پاڻيءَ جيان!
مان انهن ٻنهي احساسن جي وچ تي بيٺل آهيان. بيٺل
ڇا! لٽڪي رهيو هان مسلسل-
احتجاج ڪرڻ جي سگهه ساري نه سگهيو هان، ۽ نه وري
مڪمل سانت اختيار ڪرڻ چاهي اٿم- !
”موهن!“ تو چيو هو، نڪري آءٌ هن خيالي دنيا مان،
جيءَ جيئن ٻيا جيئن ٿا. جيءَ جيئن مان جيئان ٿي-!
”جِي ته رهيو هان-“ مون ٿڌو ساهه ڀريندي چيو هو-
پر جيئڻ ڏنو نه ٿو وڃي-
اندر ڌنش جي نازڪ رنگن جهڙو انسان- اندران ڪيترو
ڪٺور آ، تون نه ٿي ڄاڻين آشا-
جيئڻ جو پل پل پيڙا ئي ته آهي، تنهائيءَ جي تپندي
اُس ئي ته آهي، هي جيون، ۽ ساٿ جو ڪوبه ته ڇانورو
ڪونهي؛ ۽ سچ پڇين ته آشا ڇانورن جي تلاش ئي اجائي
آهي-. مان ڪڏهن سمجھندو هئم ته تون منهنجي مٿان
ڇانورو ٿي سگهين ٿي. پر ٿينديءَ ڪونه. اها پڪ
اٿم-! ڪوبه جواب ڪونه ڏنو هيئي. مون وري چيو هو.
اسان پنهنجي پيڙائن ۾ جيئندا آهيون آشا! جيڪي شيئر
(Share)
نه ٿيون ڪري سگهجن. شيئر(Share)
ڪرڻ جا سپنا ته هوندا آهن، پر انت اسان پنهنجون
پيڙائون پاڻ ونڊيندا رهجي ويندا آهيون-!
-. ۽ ان ملاقات کان پوءِ اسان جي ملاقات هڪ عجيب
ماحول ۾ ٿي هئي. سوچيو به نه هئم ته ائين به ٿيڻو
آ، مون کي پُرو وو ڪيٽو ڪالمس (Provocative
columns)
لکڻ جي ڏوهه ۾، جيل اماڻيو ويو هو. منهنجي مٿان
ٻيا به انيڪ الزام لڳي چڪا هئا. ۽ اهو خيال به پئي
ظاهر ڪيو ويو ته مان ڪنهن ٻاهرين خفيه ايجنسي جو
سرگرم رُڪن آهيان.
تون ٻن ڏينهن کان پوءِ آئي هئينءَ جڏهن مان جيل جي
ماحول سان ڪافي اڪسٽمڊ (Accustomed)
ٿي چڪو هئس، تو اچڻ سان منهنجي اکين ۾ نهاريو هو،
تنهنجون اکيون ماڪ- ڀنل گلن جيان ڀنل هيون. گهڻو
وقت خاموش بيٺا رهيا هئاسين. منهنجو گلو خشڪ ٿي
ويو هو. ٿوهر جا ڪنڊا نڙيءَ مان صاف ڪندي چيو هئم:
”آشا! اها اٿئي اسان جي نگري- ۽ اهو اٿئي اسان جو
مستقبل، پنهنجي ئي ديس ۾ ڪيڏا نه اجنبي ٿي پيا
آهيون. ڪئن نه دٻايو پيو وڃي ڌرتيءَ جي آواز کي،-
اصولن سان سودي بازي ڪرڻ لاءِ ڪئن نه مجبور ڪيو
پيو وڃي! تون چوندي آهين نه، ته جيءُ. جيئن ٻيا
جيئن ٿا- جيئڻ ته مون به چاهيو هو/
چاهيان ٿو. پر ڪير ٿو جيئڻ ڏي ڪنهن کي-
سوريون ٿو چاڙهيو وڃي جيون، گهاڻيو ٿو وڃي هر سچ
کي-؛ جيئڻ جي بيک صرف هڪ ئي شرط تي ملي سگهي ٿي.
سچ جي ڳالهه نه ڪر، حق کان نابري وار، باطل جي آڏو
سجدو ڪر. ها صرف تڏهن ئي بقا ملي سگهي ٿي جيئڻ
جي-!
تو منهنجو ساڄو هٿ، پنهنجي هٿن ۾ وٺندي چيو هو:
”موهن! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو-، مون ڊيڊي کي به چيو آهي.
هو ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندو، تنهنجي لاءِ-!“
مون تنهنجي هٿن مان پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو هو:
”اوه، تنهنجو وڪيل ڊيڊي- زهر ڀرجي آيو هو منهنجي
آواز ۾، جنهن سڄي عمر ڪوڙا ڪيس کٽيندي گذاري آ،
جنهن جا هٿ صرف پئسا پرکي سگهندا آهن- مهرباني
آشا. مون کي اهڙا سهارا نه ٿا کپن، جن سڄي حياتي
ڪوڙ سهاري گذاري آهي. مون کي نه ٿو کپي انهن جو
اجھو، جيءَ تن جا ته اجرا هجن پر من تهائين
ميرا“-! ۽ تون بنا موڪلائڻ جي، ڪاوڙ ۾ هلي ويئي
هئينءَ.
ان ڏينهن کان پوءِ هڪ مدت گذري ويئي هئي، پر تون
نه آئي هئينءَ. ڏينهن ڳڻڻ ڇڏي ڏنا هئم. شايد ڏينهن
رات تي سوچڻ به ڇڏي ڏنو هئم-.
ان رات مون کي ٽارچر سيل (Torture
cell)
۾ لڳاتار ٻه
ڪلاڪ (Torture)
ڪيو ويو هو. ڪل ٺوڪيا ويا هئا منهنجي پيرن ۾. ٽي
چار اليڪٽرڪ شاڪ به ڏنا ويا هئا. پر مان ماٺ رهيو
هئم. وات مان درد جي هڪ چيخ به نڪري نه سگهي هئي-
صبح جو تون آئي هئينءَ، اٿي نه پئي سگهيس. سَنڌُ
سَنڌُ ساڻو ٿي چڪو هيم- پر تنهنجي مک تي اداسي
ڏسي، نه ڄاڻ ڪيئن اٿي آيو هئس تو ڏي-
”هي رت ڇا جو آ موهن-؟“: تو پڇيو هو.
”سنڌ جو-!“؛ ذري گهٽ سڏڪندي چيو هئم. پنهنجي
ڌرتيءَ جو رت نه ٿي سڃاڻين آشا-!
”موهن!!!“؛ عجيب درد هو تنهنجي آواز ۾. ”موهن،
وجئه.....وجئه ڇڏي ويو اسان کي.“ جسم مان ساهه
ڇڏائيندي محسوس ٿيو هئم- ويهي رهيو هئس. نڙي خشڪ
ٿي وئي هئي- ٿوهر جا ڪنڊا چبهندي محسوس ڪيا هئم
ڪاڪڙي ۾- نڙيءَ مان صرف هڪ لفظ اڪري سگهيو هئم،
”ڪيئن....؟“
”روڊ- ايڪسيڊنٽ- ۾“، تو سڏڪندي ٻڌايو.
وجئه جا پڙلاوَ ٻرندي محسوس ڪيا هئم ڪنن ۾، هو
اڪثر چوندو هئو: ”موهن! تو جيڪو آواز اٿاريو آهي،
ان کي ڪڏهن به نه دٻائجانءِ. چاهي ڪجهه به ٿي پوي-
اسان جي وجئه ٿيڻي آ، ۽ ضرور ٿيندي موهن!“
وجئه توکان سواءِ اسان جي وجئه ڪيڏي دور ٿي وئي آ،
اسان کان- خاموشيءَ ۾ ڳالهايو هئم. ذهن تي
شيڪسپيئر جون سٽون تري آيون هيون.
As flies to wanton boys.
Are we to the gods,
They kill us for their
sport!
دي ڪل اس فار ديئر اسپورٽ.... دي ڪل اس فار ديئر
اسپورٽ!
ذهن ۾ پڙلاو بڻجي، گونجي رهيا هئا اهي لفظ- ڀوَنر
۾ ڀوانٽيون کائيندي محسوس ڪيو هئم، پنهنجي سموري
وجود کي، هر ڪارڻ اڪارڻ نظر آيو هئم پنهنجو-
تون به ڪجهه ڳالهائي ڪونه سگهي هئينءَ. سانت سانت
۾ خبر ناهي ڪيڏي مهل اٿي ويئي هئينءَ.
روئڻ چاهيو هئم پنهنجي بي وسيءَ تي. رڙيون ڪرڻ
چاهيون هئم، پر نه ڪري سگهيو هئس.
هر سڏڪو ڊارمينٽ (Dormant)
پئجي ويو هئو. پنهنجي چوڌاري سانت جو ڪفن اوڙهيل
محسوس ڪيو هئم!
ان ڏينهن کان پوءِ تون روز ايندي رهي هئينءَ-. هڪ
ڏينهن چيو هيئي،”موهن! مان سڀاڻي تنهنجي لاءِ مٺي
ماني کڻي اچان؟، وڻندي آهي نه توکي-؟؟“.
”نه آشا، چيو هئم: ”منهنجي ٽيسٽ (Test)
مٽجي وئي آ. زهر منهنجي اها هس ئي ماري ڇڏي آهي.
مٺيون مانيون ته وجئه سان گڏ هونديون هيون، جڏهن
وجئه ئي نه رهيو ته....،“ اڳتي ڪجهه به چئي نه
سگهيو هئس.
تون وڃڻ لڳي هئينءَ، توکي سڏي چيو هئم:
”آشا! جڏهن ٿر ۾ مينهن پوي تڏهن مون لاءِ کوڙ
ساريون مٺيون مانيون پچائي کڻي اچجانءِ، تڏهن اسان
همرچا ڳائينداسين ۽ وجئه کي سارينداسين!-“
تنهنجي اکين ۾، پاڻي ڀرجي آيو هئو، ۽ منهنجي اکين
مان ڀوڏيسر جون ڀِٽون جھلڪي رهيون هيون!
ساڍا ٽي مهينا ٿي ويا هئم جيل ۾، پر ڪوبه سنگي
ساٿي ملڻ ڪونه آيو هئم. ڪابه حيرت ڪانه ٿي هئم ان
تي، ڄاڻان پيو سندن مجبوري اندازو هيم ته ڪيترو
پيار هئو انهن جو مون سان!
هڪ تون ايندي هئينءَ پر آهستي آهستي تو به پنهنجون
وکون گهٽائڻ شروع ڪيون، تنهنجو پيار بس هڪ همدردي
بڻجي ويو هئو هينئر.
ڳالهائيندي هئينءَ ته ائين لڳندو هئو ڄڻ دور ڪوهن
جي مفاصلي تان ڳالهائيندي هجين. ڪيڏيون اجنبي بنجي
ويون هيون تنهنجون نظرون، پاڻ سان آشنا هجڻ جي هڪ
جھلڪ به نظر نه آئي انهن ۾. گهڻا دفعا چاهيم ته
توکان پڇان، پر پڇي نه سگهيو هئم. چاهيو هئم ته
تون مون کي پاڻ ٻڌاءِ ۽ هڪ ڏينهن اها چاهنا به
پوري ٿي وئي. گهڻي سانت کان پوءِ چيو هيئي: ”موهن!
مان اڃان ڪيستائين ايندي رهندس!“
تنهنجي آواز ۾ پهريون ڀيرو ايڏي لاتعلقي بکندي
محسوس ٿي هئم.
دل جي نگري ٻوڏ ۾ ڪنهن لڙهي ويل ڳوٺ جيان محسوس ٿي
هيم. ٻڏي ويو هئم پنهنجي پيڙائن ۾، گهٽيل آواز ۾
چيو هئم:
”لاش جڏهن ڌپ ڪرڻ لڳندو آ، ته ان جا پنهنجا پيارا
ئي کيس ڪائي تي کڻي شمشان ۾ ساڙي ايندا آهن. ان ۾
تنهنجو ڏوهه ناهي آشا!، ڏوهه منهنجو آ، ڏوهه
منهنجي حالتن جو آ، ڏوهه منهنجي مري وڃڻ جو آ“.
زماني جي نظرن ۾!. تون به منهنجي سڀني دوستن وانگر
آزاد آهين، ڪا ڳالهه ناهي آشا! جي تون به مون کي
سارڻ وارن جي لسٽ (List)
۾ پنهنجي سائن (Sign)
ڪري ڇڏي آهي!
مون ڪنهن کان به نه پڇيو آهي ته هو مون کي جيئڻ ڇو
نٿا ڏين، ۽ هاڻ تو کان به نه پڇندس:
منهنجي اکين ۾ نهاريندي چيو هيئي: ”موهن! مون کي
غلط نه سمجھجانءِ!“
مرڪي پيو هئم، تنهنجي ان عجيب اسٽيٽمينٽ (Statement)
تي- چيو هئم، آشا! تون ڪوبه فڪر نه ڪر، تون آزاد
آهين، انهن سڀني وانگر جن مونکي پريجدئس (prejudice)
ڪيو آهي.
جهڙيءَ طرح آشا هر ايڪشن جو ري ايڪشن ٿيندو آهي،
تهڙي طرح ئي، مون کي انهن سڀني سان اختلاف آهي/
رهندو، جيڪي ٻين جا حق کسيندا آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي
رت سان هوليون رچائيندا آهن ۽ جن جا هٿ پنهنجن جي
ئي رت سان رنگيل آهن- مون کي انهن ڪوڙين ريتن،
ڪانئرتا ۽ سماج جي انهي ئي (Rigidity)
کان نفرت آهي/
رهندي. توسان صرف هڪ ننڍڙي شڪايت رهندي-. ۽ اُها
اِها ته تون حق لاءِ آواز اٿاري نه سگهينءَ، ۽
باطل جي آڏو بنان سوچي سمجھي سجدو ڪري ڇڏيئي.
افسوس رهندم ته تو وجئه جي اتهاس کي وساري ڇڏيو، ۽
مون سان انهيءَ اتهاس لکڻ ۾ منهنجي آشا بڻجي نه
سگهينءَ!
مڙي ڏٺم، تون وڃي چڪي هئينءَ- سرءُ جي مند ڀاسي
هئم، ان تهه انهاري ۾، ۽ ٽاريءَ کان وڇڙيل گل
وانگر محسوس ڪيو پاڻ کي! وکري چڪو هئو وقت جي
هوائن ۾. منهنجو وجود ڇوري ٻار وانگر ڀانيو هئم،
پنهنجي ساري اتهاس کي- ڪوريون لڳيون هيم پنهنجون
ساريون ڪويتائون!
ان رات درد جون اهي سڀ چيخون نڪتيون هيون منهنجي
جسم مان ٽڙڪاٽ ڪري، جيڪي ٽارچر سيل ۾ به نه نڪري
سگهيون هيون، سَنڌ سَنڌ سڪڙجي ويو هئم، ائين لڳو
هم ڄڻ فائبروسز (Fibrosis)
ٿي پئي هجيم- پئجي رهيو هئم پٽ تي، ائين لڳو هئم
ڄڻ منهنجو لاش ڌپ ڪري ويو هجي، ۽ منهنجي آسپاس ڪير
به نه هئو، جو ڪائيءَ تي رکي ڪلهو ڏيم ها!
سڀئي اڪيلو ڇڏي ويا هئم، اهي به جن کي منهنجي
ڇانوري جي ضرورت هئي، ۽ اهي به جن منهنجي مٿان
ڇانورو بنجڻ جا وچن ڪيا هئا-!
منهنجون ٻئي ڀينرون مون سان نه ڳالهائينديون هيون،
۽ ڪڏهن ڪنهن کان پڇيو به نه هئون ته مان جيل ۾
ڪيئن آهيان- هنن مون سان سڀ سنڱ- سياپا ٽوڙي ڇڏيا
هئا، ڇاڪاڻ جو سندن (Dear
Husbands)
ڊيئر هسبنڊس کي منهنجي سچ سان اختلاف هئو- شايد
کين به هيو-!
چوندا آهن ته رت دانگيءَ تي به ورندو آهي، پر انهن
جو ڪونه وريو هو- سوچيندو هئم ته هڪ ئي گرڀ مان
جنم وٺندڙن ۾ ايڏو تضاد ڪيئن ممڪن آهي-، شايد
جنيٽڪ ڪوڊنگ (Genetic
Coding)
جدا جدا ڪوڊس (Codes)
ٽرانسمٽ (Transmit)
ڪيا هئا اسان ۾! درد جي انتهائن ۾ ڀٽڪندو محسوس
ڪيو هئم پاڻ کي-، پچندي محسوس ڪيو هئم پنهنجي اندر
کي سرن وانگر بٺيءَ ۾- ۽ لڳو هئم، بٺو وجھندڙ
پنهنجيءَ غفلت ۾ وساري چڪو آ ته مان جلي ڪوئلو ٿي
ويو آهيان-!
ان رات کان پورن ٽن مهينن کان پوءِ مون کي جيل مان
رها ڪيو ويو هئو- جيل جي ڀتن سان پيار ٿي ويو هئم
يا شايد ڪرڻو پيو هئم، نڪرڻ نه پئي چاهيم. پر نڪرڻ
کان سواءِ ٻيو چارو به ته ڪونه هئو مون لاءِ، جيل
۾ جيڪي ڪويتائون لکيون هئم، سوچيم ته ڦاڙي ڇڏيان،
پر ائين به نه ڪري سگهيو هئم- جيل جي (Main
Gate)
مين گيٽ کان جيئن ئي ٻاهر نڪتو هئم ته هڪ آزاد هوا
جو جھوٽو منهنجي گهٽيل وجود کي ڇهي ويو هئو،- خلاف
توقع سامهون تون بيٺي هئين- توکي ڏسي نظرون هيٺ
جھڪائي ڇڏيون هئم، ڪجھ به نه ڳالهايو هيئي، گهڻو
پنڌ هلندي آئي هئينءَ گڏو گڏ، وک وک سان گڏ هئي پر
روح روح کان سوين ڪوهه پري.
مون ڏانهن ڏسڻ کان بغير پڇيو هيئي، موهن! ڪيڏانهن
ويندين-؟ ”ڪيڏانهن وڃڻو آ آشا! آشائن کان سواءِ
چيو هئم، بس هڪ ئي رستو آهي جيڪو جيل کان سڌو
منهنجي گهر وڃي ٿو، ٻين لفظن ۾ هڪ جيل کان ٻئي جيل
ڏي“.
”ڪير اٿئي اتي. پنهنجي ڀيڻ سنيتا جي گهر ڇو نٿو
وڃين؟“
”نه آشا!، توکي خبر ناهي ته هنن شيشي جا رستا
ٺهرائي ڇڏيا آهن. پنهنجي گهر تائين، جن تي هلندي
مون جهڙو اٻوجھ انسان اڪثر ترڪي پوندو آهي-.
۽ آشا ٻين جي خوشيءَ ۾ رنڊڪ ٻين لفظن ۾، ٻين جي
ڪباب ۾ هڏي بنجڻ ڪڏهن به نه چاهيو اٿم!“
”موهن! پنهنجو رت اٿئي هو!“ ”رت ڪهڙو ڀرم رکيو آهي
رت جو آشا؟“، چوندي اکيون جھڪائي ڇڏيون هئم.
چپ ٿي ويئي هئينءَ- پنهنجي ڪار جو در کولي چيو
هيئي، موهن، ويهه، مان گهر تائين ڊراپ ڪري اچان
توکي-.
”نه آشا، تون وڃ. اڃان ڪيترو ڊراپ ڪندينءَ مون کي.
منهنجا پير توڙي رتو ڇاڻ آهن، تڏهن به اڃا انهن ۾
ايتري سگهه آهي جو مون کي گهر تائين پهچائي سگهن
ٿا“.
”وجئه جي گهر نه هلندين، موهن هن جي ماءُ تنهنجو
اڪثر پڇندي آهي؟“
”نه آشا. وجئه جا ڀاتي مون کي ڏسي روئي ڏيندا.
سندن ڦٽ وري اکڙي پوندا، بهتر آهي ته نه وڃان-! ۽
تون ڪار تي چڙهي هلي ويئي هئينءَ- سڌو گهر هليو
آيو هئم، هر شئي تي لڳل مٽي ۽ ڄارو پوين مهينن جي
ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هئو، گهر جو فرش ٿر جي ريت
اُڏائي رهيو هئو. لڳي ئي نه پيو ته هي ساڳيو اڱڻ
آهي، جنهن ۾ مان ۽ سنيتا رانديون کيڏندا هئاسين.
گهڙي کن سوچ ۾ پئجي ويو هئم. وقت- هر شئي تي گرد
چاڙهي ڇڏي آهي، اڱڻ تي، مون تي، آشا تي، سنيتا تي،
پشپا دي ديءَ تي- ڪجھ به ته ساڳيو ناهي رهيو، بس
ان ڏنل پيار تي مان ۽ اڱڻ بچيا آهيون. باقي عمر
سوڳ ڪرڻ لاءِ.
پاور لائين ڪٽي ويا هئا. جنهن جي پهريان کان ئي پڪ
هئم. ٻاهر اڱڻ ۾ ئي ويهي رهيو هئس پٽ تي، اکيون
بند ڪري ڇڏيون هئم. گهڻو ڪجهه ڏٺو هيم هنن اکين
سان، گهڻا ئي اهڙا پل جي پيڙائن ۾ وکيري ويا هئم،
۽ مان اکيون ڇنڀي به نه سگهيو هئم-! اٽڪي رهيا هئا
سنگينن جيان، منهنجي اکين ۾، اهي سمورا پل جي جيئڻ
جي هر آشا کسي ويا هئم- ڪا چاهنا نه هئي انهن ۾
وڌيڪ پسڻ جي/
وڌيڪ پسائڻ جي! ويٺي ويٺي اونده ٿي وئي هئي.
آڪاش ڏانهن نهاريم، رات پنهنجي ڪاري چادر اوڙهي
ڇڏي هئي، پر ڪو به ستارو چمڪندي نظر نه آيو هو- سڀ
ڪجهه دز ۾ لٽيل محسوس ٿيو هئم- اوندهه ۾ هٿوراڙيون
ڏيندو پنهنجي ڪمري تائين پهتو هئم، ماچس ٻاري
پنهنجيءَ ميز تي رکيل باقي بچيل اڌ، ميڻ بتي ٻاري
ڇڏي هيم- منهنجيءَ ميز تي اها اڌوري ڪويتا اڃا به
رکيل هئي، اڃا مڪمل به نه ٿي هئي ته مون کي اريسٽ
ڪيو ويو هئو،- ميڻ بتيءَ جي اڌوري روشنيءَ ۾ نظر
پئي هئم ان تي-.
تون قيد ڪندين مون کي ڪئن
مان آزاد هوا جو سپنو هان
مور تنهنجيءَ مٺ ۾ نه اچڻو هان
مان
آزاد
فضا
۾
نپنو
هـان-!
سوچي رهيو هئم پنهنجي آدرش تي، ۽ ان آزاد هوا جي
سپني تي جيڪو ساڍا ڇهه مهينا جيل جي بند ديوارن ۾
قيد ڪيو ويو هئو- پاڻ ۾ نه ڄاڻ اهو ساهتيه مرندي
محسوس ڪيو هئم- گهٽ کان ساهه منجھڻ لڳو هئم، سوچيم
ته دري کولي ڇڏيان پر ڊپ هئم ته ميڻ بتي وجھامي
ويندي- چپن ۾ ڀڻڪو هئم. ”هڪ انڌيرو ٻيو سهي!“ ۽
دري کولي ڇڏي هئم!
پر الائي ڇو گهٽ اڃان به وڌيڪ محسوس ٿي هيم- ان
رات پهريون دفعو هارٽ اٽيڪ ٿيو هئم، اوندهه مان
ٻاهر نڪرڻ چاهيو هئم، پر چئانٺ سان اٽڪي ڪري پيو
هئم، ساهه نڪرندي محسوس ٿيو هئم، ائين لڳو هئم ڄڻ
نيئر ڊيٿ ايڪسپيرينس (Near
death experience)
مان گذريو هجان.-
خبر ناهي ڪير ڀڄائي ويو هئم هاسپيٽل تائين!
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ تون هتي آئي هئينءَ، پر هن
دفعي توسان گڏ تنهنجي ممي به هئي- ان مهل هڪ ٻي
ڊرپ چاڙهي ويا هئم ڊاڪٽر.
هميشه وانگر هن دفعي به ماٺ ماٺ هئينءَ، ۽ نظرون
مسلسل هيٺ جھڪايو ويٺي هئينءَ- تنهنجي جسم مان
اٻٽڻ جي خوشبوءَ آئي هيم- ان پل، طبيعت پڇڻ کان
پوءِ تنهنجي ممي چيو ”موهن! جلدي ٺيڪ ٿي، ٽين
ڏينهن آشا جي شادي آهي سُنيل سان-! ڪابه حيرت ڪان
هيم، خبر هيم ته ائين ئي ٿيڻو آهي-. تو ڏانهن ڏسي
صرف ايترو چيو هئم: ”آشا! مبارڪ هجئي نئون جيون!“
من جون پيڙائون پاڻ تائين رکڻ مناسب سمجھيون هئم-
هونئن به ڇا بچيو هئو ڪجھ چوڻ لاءِ- ڪجھ پڇڻ لاءِ-
پر تنهنجي وڃڻ کان پوءِ عجيب ڪيفيتون اڀري آيون
هيون، منهنجي مئل جذبن ۾- وڦلڻ لڳو هئم. محبت،
پيار، دوستي، خلوص. (Dash-it)
ڊيش اٽ ۽ ڇڪ ڏئي ڊرپ جي نيڊل ڪڍي ڇڏي هئم- او هيل،
زور ڏيڻ سان رت توتاريون ڪري وهڻ لڳو هئو، منهنجي
رڳن مان. دماغ سوچي سگهڻ کان مفلوج ٿي چڪو هيم!
ٽئين ڏينهن مون کي ڊسچارج ڪيو ويو هئو. ۽ ڪمپليٽ
ريسٽ ڪرڻ سان گڏو گڏ وقت تي دوائون وٺڻ جي سخت
تلقين ڪئي وئي هئم-. اسپتال کان ٻاهر نڪتم چوڌاري
گهٽ محسوس ٿي، گڏ گڏ ڪير به نه هئو جو پڇي ها،
موهن! ڪيڏانهن ويندين؟...... گهر....!..... ڪير
اٿئي اتي؟
”سنيتا جي گهر ڇو نٿو وڃين؟“ ”پرڻي کان پوءِ جنهن
ڪڏهن رکشا ٻنڌڻ تي به نه ساريو هجي ان جي گهر
وڃان! نه نه مان سنيتا جي گهر نه ويندم!
”پشپا دي ديءَ ڏي؟“
”اها پشپا“ دي دي، جيڪا پنهنجي ٻارن کي به جھليندي
هئي ته مون سان نه ملندا ڪن، ڇو ته مون کي هڪ
خطرناڪ بيماري لڳل آهي، سچ چوڻ جي- دي ديءَ جي گهر
ڪيئن ويندس، سنيل دي ديءَ جو ڏير آهي، ۽ دي ديءَ
کي چڱيءَ پر خبر آهي ته مان آشا سان ڪيتري محبت
ڪندو هئس- نه نه مان پشپا دي ديءَ جي گهر نه
ويندم، ڪڏهن به نه ويندم-!
”آشا ڏي“؟
”نه اڄ آشا جي شادي آهي. هوءَ منهنجي لاش تان
گذري، هينئر سنيل سان ستن ڦيرن جي تياري ۾ هوندي،
ڪهڙي ناتي ويندم مان هن وٽ-! نه ڪهڙي به حالت ۾ نه
ويندم آشا وٽ ڪڏهن به نه-. ڪڏهن به نه!
اسپتال جي گيٽ وٽ بيهي رهيو هئم- من ڀوڏيسر مان
اُڊڙيل آواز اچي رهيو هئو- موهن! ڪيڏانهن ويندين؟
مو-هن! ڪيـ- ڏانهن- ويند -ين؟!
مراد علي مرزا
(ترڪي افسانو)
نجيب فاضل ڪساڪريڪ
سيلاني
هن جي گهر ۾ هڪ وڏي سوٽ ڪيس کان سواءِ ٻيو ڪي به
نه هو. ان ۾ ڪوٽ پتلون جا ٻه جوڙا، ڪي قميصون،
ٿوريون گنجيون، ٻٽي جوڙا بوٽن جا ۽ چاليهه يا
پنجاهه چونڊ ڪتاب پيل هوندا هئا جن جي باري ۾ هن
جو خيال هو ته هن دنيا ۾ رڳو اهي ڪتاب پڙهڻ جهڙا
آهن. ان سوٽ ڪيس تي يورپ، ايران، هندستان ۽ ويندي
جاپان تائين ملڪن جي تمام سڀني وڏن ۽ مهانگن هوٽلن
جا ليبل لڳل هئا.
هڪ سئيز بئنڪ ۾ هن جي نالي تي هڪ چڱي رقم بچت ۾
رکيل هئي. هو پنهنجي کيسي ۾ چيڪ بوڪ ۽ اهو ايڏو
وڏو سوٽ ڪيس پاڻ سان گڏ کنيون هڪڙي شهر کان ٻئي
شهر گهمندو رهندو هو. هاڻي هن جو رڳو اهو هڪ شغل
هو. هن ڌرتيءَ تي اهڙو ڪو شهر هوئي ڪونه جتي هو ٻه
ڀيرا ويو هجي. جڏهن ڪير هن کان پڇندو هو، ته ڪنهن
هنڌ تون ٻيو ڀيرو ڇو نه ٿو وئين؟ ته هن جو جواب
اهوئي هوندو هو ته: ”ڪوبه ماڻهو ساڳئي پاڻي ۾ ٻه
ڀيرا وهنجي نٿو سگهي،“ اهو جملو به جيڪو هن هڪ
يوناني جج کان سکيو هو، هاڻي کيس بنهه مدي خارج
پيو لڳندو هو.
”اوپرو“ لفظ ۾، پوءِ اهو کڻي دنيا جي ڪهڙي به
ٻوليءَ جو هجي، هن کي خاص ڪشش محسوس ٿيندي هئي. پر
مائٽن، دوستن، ڄاڻ سڃاڻ وارن ۽ ٻين اهڙن ئي ماڻهن
کان کيس اهڙو ڊپ لڳندو هو، جنهن جي وضاحت ڪرڻ سندس
وس جي ۾ ئي ڪين هئي.
اڻ ڏٺل شهرن ۾ رلڻ ۽ اوپرن ماڻهن سان ميل ملاقات
جي ذريعي هن ڪهڙيءَ شيءِ کي حاصل ڪرڻ ٿي گهريو؟
هندوستان ۾ هن جي هڪ اهڙي شخص سان ملاقات ٿي، جنهن
جي مٿي تي پٽڪو ٻڌل هو ۽ اکين ۾ جادو ڀريل هو. ان
شخص پنهنجون ڪاريون ۽ سڻڀن زيتونن جهڙيون ٻه
چمڪندڙ اکيون هن ۾ کپائي ڇڏيون ۽ چيو:
”ڇا تون ملڪ ملڪ ان ڪري پيو ڦرين ته جئن اها جاءِ
ڳولي لهين جتي موت ڪڏهن به نه پهتو آهي؟“
اهي لفظ سيلانيءَ جي دل ۾ پيهي ويا. ان ئي پل ۾ هن
پنهنجو سمورو راز ظاهر ڪري ڇڏيو. هن خوف ۾ ڏڪندي
پڇيو:
”توکي ڀلا اها خبر ڪيئن پئي ته آئون هڪ بيمار
آهيان ۽ ڪنهن به وقت منهنجو موت ٿي سگهي ٿو؟“
”اسين سڀئي بيمار آهيون ۽ ڪنهن به وقت مري سگهون
ٿا.“
”پر منهنجي بيماريءَ بابت تون ڇا ٿو ڄاڻين؟“
”ٻيا به ان ساڳي بيماريءَ جا مريض آهن. رڳو گهٽ وڌ
جو فرق هوندو آهي؛ پر انسان ويچارا ان فرق کي
پنهنجيءَ پنهنجيءَ پسند مطابق ڪري سمجھندا آهن.
تون زندگيءَ کي ڀلي کڻي سالن، مهينن ،هفتن، ڏينهن،
ڪلاڪن، منٽن يا سيڪنڊن ۾ ماپ؛ پر حقيقت ۾ اها انهن
ماپن مان فقط هڪ ماپو آهي، يعني هڪ اڪيلو سيڪنڊ.“
سيلانيءَ جي همت ئي هارجي ويئي.
”ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو آهي آئون ڪينسر جو مريض آهيان
۽ فقط هڪ سال وڌيڪ جيئرو رهي سگهندس. تنهنڪري مون
پنهنجو سمورو حساب ڪتاب صاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪ
ملڪ پيو ڦيريون ڏيان.“
”اها ڪا خراب ڳالهه ته ڪانهي. اهو هڪڙو سال کڻي سؤ
ڀيرا پاڻ ورجائي پر اهو ڪڏهن به ٻه سال ٿي نه
سگهندو. ۽ ان جو تنهنجي روح تي جيڪو گهرو اثر ٿئي
ٿو ان کي ڪوبه هزار سالن جي سخت ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ
به ڦيرائي نه ٿو سگهي؛ پر هڪڙو تون آهين جيڪو
پنهنجي ئي گهر ۾ موت جو آرام سان انتظار ڪرڻ جي
بدران ان کان ڀڄڻ جي اجائي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهين.
تو پنهنجا سڀئي رشتا ناتا ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽
پنهنجيون سڀئي دلچسپيون ختم ڪري ڇڏيون آهن، ته موت
تو مان ڪي گهڻو حاصل نه ڪري سگهي؛ تو اهو ڪونه
محسوس ڪيو، ته اهڙيءَ ريت تو پاڻ ان جي مدد ڪئي
آهي ته تو وٽ جيڪي به آهي، ان کان به توکي محروم
ڪري ڇڏي.“
دنيا جي رشتن ناتن جي درين جا جيڪي طاق سيلانيءَ
بند ڪري ڇڏيا هئا. اهي اوچتو کيس کليل ڏسڻ ۾ آيا ۽
سندس اندر انهن روشن ڪرڻن سان ڀرجي ويو، جيڪي پٽڪو
ٻڌل ۽ جادوءَ ڀريل نظرن واري هندوستاني شخص وٽان
هن تائين پئي آيا. ان شخص وڌيڪ چيس:
”هندستان ۾ هڪ ڪراڙي شخص، تاريخ جيتري ڪراڙي شخص
به بلڪل ائين پئي ڪيو، جئن تون پيو ڪرين. هن
پنهنجي ساري ڄمار ان جاءِ کي ڳولهي لهڻ ۾ وڃائي
ڇڏي هئي، جتي موت ڪڏهن به نه آيو هو. جلدئي هن کي
خبر پئي ته هر ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ ۽ وري اتان ٻاهر
نڪرڻ واري جاءَ تي قبرستان آهي. موت کان ڪوبه هنڌ،
ڪابه جاءِ محفوض ڪانهي، هو شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۽
وستي وستي رلندو رلندو رهيو. نيٺ هڪڙي اهڙي ڳوٺ ۾
پهتو جتي ڪوبه قبرستان ڪونه هو. هن پڇا ڪئي ته ان
ڳوٺ ۾ ڪڏهن ماڻهو مري به ويندو آهي يا نه؟
”مري وڃڻ ڇاهي؟“
هن کان پڇيو ويو.
هن جي خوشيءَ جو انت ئي نه هو. ڄڻ ته هن دنيا ۾ هڪ
تمام وڏي کوجنا ڪئي وئي هئي. هن وري ڳوٺاڻن کي
چيو:
”مون کي ته هتي ڪوبه پوڙهو ماڻهو نظر نه ٿو اچي.
اوهانجا ماڻهو جڏهن پوڙها ٿي ويندا آهن تڏهن هنن
کي ڇا ٿيندو آهي؟“
ڳوٺاڻن مرڪي ڏنو ۽ وراڻيو:
”اڙي ها، هاڻي اسان تنهنجو مطلب سمجھيو پريان جيڪي
جبل آهن اهي ڏسين ٿو؟ انهن جبلن جي پٺيان وقت بوقت
اسين هڪڙو آواز ٻڌندا آهيون. ان آواز ۾ اسانجي ڳوٺ
وارن مان ڪنهن به هڪ ڳوٺاڻي جو نالو ٻڌبو آهي.
پوءِ اهو ماڻهو ان طرف وڃڻ شروع ڪندو آهي؛ ۽ پوءِ
هميشه هميشه لاءِ الوپ ٿي ويندو آهي.“
”۽ بلڪل ان گهڙيءَ، ان ماڻهوءَ جيڪو موت کان محفوظ
هنڌ جي ڳولا ۾ اتي آيو هو، جبل جي ٻئي پاسي کان
آواز ٻڌو جنهن ۾ سندس نالو وٺي کيس سڏيو ويو هو...
ان ڳوٺ ۾ جنهن کي هن موت کان محفوظ سمجھيو هو،
ماٺڙي ڪري پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ ڌڻي تعالى جي رضا
تي راضي ...؟“
”اها تمام ڀوائتي ڳالهه آهي“ سيلاني چيو.
”ان جو مطلب اهو ٿيو ته ظاهري طرح انسان ان قدرت
جي اڳيان بنهه بيوس آهي، جيڪا باطني طرح هن کي
پنهنجي چنبي مان تمام سوگهو جھليو بيٺي آهي.“
”هن جي رضا تي راضي رهجي.“
پٽڪي واري هندستانيءَ ۽ سندس ٻولن سيلانيءَ جي دل
تي ايڏو ته ڳوڙهو اثر ڪيو جو هن کي وطن جي سخت
ڪشش محسوس ٿي ۽ هو هڪدم پنهنجي ماڳ تي موٽي ويو.
وطن پهچي هن پنهنجو سوٽ ڪيس ڇت جي ويجھو ٺهيل هڪ
شلف تي کڻي اڇلايو ۽ فلسفي ۽ ادب جي موضوعن تي
جيڪي چاليهه يا پنجاهه ڪتاب پاڻ سان کنيو پيو
گهمندو هو، اهي گند ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائي ڇڏيا، هن
رڳو هڪڙو ڪتاب سوال جواب جي ذريعي تعليم حاصل ڪرڻ
واري ڪتاب مان ڪفن دفن جي موضوع تي مضمون پئي
پڙهيو.
سڄي فضا نراسائي ۽ نا اميديءَ سان ڀري پيئي هئي.
ايتري م هيٺئين طبق مان هن جي دائيءَ جو آواز ٻڌڻ
۾ آيو:
”ابا، تون ٿورو هيٺ ايندين؟“
شل خير ٿئي! هن ڪڏهن به پنهنجي دائيءَ کي ايڏي وڏي
آواز ۾ کيس سڏ ڪندي ڪونه ٻڌو هو. دائيءَ کي جڏهن
به ڪي چوڻو هوندو هو ته وٽس اڇي چوندي هئي. ”ڇا
ڳالهه آهي!“
هن کي ڏاڍو عجب لڳو.
ساڳيو آواز ٻيهر ٻڌڻ ۾ آيو:
”ابا، تون ٿورو هيٺ ايندين؟“
اوچتو هن کي پٽڪي واري هندوستانيءَ ۽ ان آواز جو
خيال آيو جيڪو ان ڳوٺ جي جبلن جي پٺيان ايندو هو
جتي موت ڪڏهن ويو ئي ڪونه هو. ٿي سگهي ٿو ته کيس
سڏيندڙ اهو آواز سندس دائيءَ جو نه پر ڪنهن ٻئي جو
هجي جيڪو دائيءَ جي آواز جو نقل ڪندو هجي! هو ٽپ
ڏئي اٿيو ۽ دروازو کولي هن رڙ ڪئي:
”ناني تو مونکي سڏيو پئي ڇا؟“
هنجي دائيءَ ڪمزور ۽ ٿڪل آواز ۾ وراڻيو:
”نه منهنجا ٻچا، مون ته ڪونه سڏيو.“
هو واپس هليو ويو ۽ حيرت ۽ اچرج ۾ کليل دريءَ جي
ڀرسان ڪرسيءَ تي ڪري پيو.
هيٺيان هڪ ڀيرو وري دائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:
”ابا، تون ٿورو هيٺ ايندين!“
هن اٿڻ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، ڌوڪيندو پاسي واري ڪمري ۾
ويو ۽ ڏاڪڻ لهڻ لڳو. هوا ۾ جئن ئي دريءَ جي پردي
ڦڙڪڻ شروع ڪيو ته ڏاڪڻ وٽان هڪ رڙ ٻڌڻ ۾ آئي:
”مون کي ڪير پيو سڏي؟“
ان کان پوءَ هڪ ڀوائتو ڦهڪو ٿيو:
اهو ڦهڪو انساني جسم جو هو جيڪو ڏاڪڻ تان هيٺ
ڪرندو پئي ويو....
۽ اهو شخص جيڪو ڪينسر جي خوف ۾ وڪوڙيل هوندو هو،
دل جي هڪڙي ئي حملي ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
مسلمانن تاريخ کي هڪ فن جي حيثيت ڏئي، ان جون
مختلف شاخون ۽ شعبا ايجاد ڪيا، جن مان هڪ شعبو
آهي، مزارن ۽ آثارن جي تاريخ، جنهن تي هر زماني ۽
هر دور ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا ويا. شهرن تي جدا ۽ ملڪن
تي جدا. انهن ڪتابن ۾ اصحاب ڪمال جي مقبرن ۽ ابدي
خوابگاهن جي صورتحال ۽ احوال ۾ نهايت قيمتي مواد
ڪٺو ڪيو ويو، جنهن تاريخ سوانح ۽ تذڪره نگارن جي
گهڻي رهنمائي ڪئي ۽ ڪيترا مشڪل مسئلا ۽ عقدا حل
ڪري، کين سنئين رستي تي لاتو. مثلاً گهڻو ڪري
سوانح ۾ اهو ڪونه ڄاڻايو ويندو آهي ته صاحب سوانح
ڪٿي دفن ٿيو، ڪهڙي محلي يا ڪهڙي قبرستان ۾ ڪهڙيءَ
جاءِ تي سندس مزار ٺهي، وفات جي تاريخ، ڏينهن
مهيني ۽ سال جو اهتمام پڻ ڪونه هوندو آهي. اهڙي
مشڪل مقام تي، انهيءَ قسم جا ڪتاب رهنمائي ڪندا
آهن ۽ انهن جي ذريعي ڪيئي منجهيل تاريخي اشڪال ۽
الجهنون دور ٿي وينديون آهن.
(پير حسام الدين راشدي: مڪلي نامہ مقدمه ص 15- 16)
مضمون/ مقالا
ڊاڪٽر الياس عشقي
(آخري قسط)
شاهه جو مذهب- اسلامي تصوف ۽ ويدانت
”گايتري منتر“ پڙهڻ وقت ساهه جي ضرب هڻن ٿا ۽ مقرر
ٿيل طريقي مطابق پڙهن ٿا، پر ضروري آهي ته هڪ ساهه
۾ ختم ڪجي.
ستون رنگ ”ڌيان“ آهي. ان لاءِ پورو ڌيان ضروري
هوندو آهي ۽ گرو (مرشد) جو تصور ڪرڻ لازمي آهي. هي
وضيفو (ورد) اٿڻ ويهڻ جاڳڻ سمهڻ جي حالت ۾ هلندو
ٿو رهي. ٻين سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ مهل به ڌيان قائم
رهي ٿو. ان لاءِ ئي ان جو نالو ”ڌيان“ آهي.
(اسلامي تصوف جي اصطلاح ۾ هي قلب جي جاري ٿيڻ سان
مشابهت رکي ٿو)
ينتي ڪرم ريتي، سنهي ڪچي سُٽ مان ٿلهي ڏور وٽي ان
تي ميڻ چاڙهي سخت ڪجي. صبح جي مهل هڪ گرانٺ کن نڪ
جي سوراخ ۾ چاڙهي ۽ ٻن آڱرين سان ڇڪي ڪڍي ۽ ٻه ٽي
ڀيرا ائين ڪري انهيءَ عمل سان نڪ ۽ ڏندن جا روگ
هليا ٿا وڃن.
انهيءَ ريت سنهي ڪپڙي جي چئن آڱرين جيتري وٽي
سورهن هٿ وٽي آهستي آهستي کائي وڃي پوءِ انهيءَ جي
سري کي جهلي آهستي آهستي ٻاهر ڪڍجي. ائين ڪرڻ سان
ڪن ۽ پيت جا روگ پيدا نه ٿا ٿين، اهڙيءَ ريت بستي
ڪرم سان به ڪن بيمارين جو علاج ٿي ويندو آهي ۽ ڪي
بيماريون پيدا نه ٿيون ٿين.
باسنايام خواهش جي روڪڻ واري عمل کي باسنايام چون
ٿا. باسنا جو تياڳ ڏکيو هوندو آهي. ويچار ڪرڻ سان
ٿيندي ٿيندي سڄو جڳ ”نابود“ ٿي ويندو آهي. مثال
طور آسمان (آڪاش) جو رنگ ”نيرو“ نظر ايندو آهي،
ويچار ڪرڻ ۽ توجهه سان ڏسڻ سان (لاڳيتو خيال ڪرڻ
سان) غائب ٿي ويندو آهي (نيرو نظر نٿو اچي) غائب
ٿيڻ کان اڳ ڪٿي رنگ نظر ٿا اچن. ۽ پوءِ يڪدم غائب
ٿي ٿا وڃن. انهيءَ کي ”ڀرم“ چوندا آهن.
مٿي ٻڌايل عمل صحت لاءِ ضروري آهن ۽ پراڻا يام
لاءِ صحت جو سٺو هئڻ تمام ضروري آهي. ڪمزور ۽
بيمار جسم سان پراڻا يام چڱيءَ طرح نه ٿو ٿي سگهي
۽ انهيءَ عمل جو چڱيءَ طرح ۽ پوري صحت ۽ حواس سان
ضروري آهي. نه ڪنهن بيمار ۽ ڪمزور ۽ نه ڪنهن ڪم
عقل تي انهيءَ جو پاڇو پوي ٿو ۽ نه جڳت ۾ رنگ ۽
بيرنگي نظر اچي ٿي. انهيءَ حالت ۾ پيءُ پٽ، ڌن
دولت استري (عورت)، انسان ۽ جانور موهه ۽ پريت،
ماڻهو ۽ ديوتا سڀني جي حقيقت معلوم ٿي ويندي آهي ۽
نظر انهن کان مٿي ٿي ويندي آهي. انهن جو ڪو قدر ۽
ڪا قيمت باقي نٿي رهي، سڀئي ڪوڙ ٿي ويندا آهن جيئن
نوڙيءَ کي نانگ سمجھڻ جي حيثيت معلوم ٿي وڃڻ کان
پوءِ نانگ جي ڪابه حقيقت نه هوندي آهي ۽ نوڙي ٿي
ويندو آهي. اهڙي صورت ۾ سڀ مرگ ترشنا (سراپ) ٿي ٿو
وڃي مايا ۽ دوکو نظر ٿو اچي، جيئن ريل يا ٻيڙيءَ ۾
ويٺلن کي ٻيڙيءَ يا ريل جي هلڻ مهل ڪناري يا ٻاهر
جون سڀئي شيون هلنديون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. هلڻ
وارو محسوس ڪري ٿو ته هو سڪون ۾ آهي ڳالهه ابتي
نظر ٿي اچي ٻيڙي ۽ ريل ۾ ويٺل پاڻ هلي رهيو هوندو
آهي ۽ ڪناري يا ٻاهر جي دنيا پنهنجي جاءِ تي قائم
هوندي آهي، مطلب ته انسان دوکي ۾ آهي، اصل صورت
ڪجهه آهي ۽ نظر ٻي ڪجهه ٿي اچي، گيان اگيان جو فرق
اهوئي آهي گياني اصل دوکي کي ڄاڻي ۽ سمجھي ٿو ۽
اگياني دوکي ۾ رهي ٿو، گيان اگيان جي انهيءَ حقيقت
کي تلسي داس هن ريت ظاهر ڪري ٿو.
هئي نيڙي سوجھي نهين لعنت ايسي جند
تلسي يا سنسار ڪو، ڀيو موتــيا بـــند
شاهه سائين به ساڳي حقيقت کي پنهنجي رنگ ۽ انداز ۾
ائين بيان ڪري ٿو:-
مورک مام نه ٻجھڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن
سي ڪيئن پرينءَ پسن، ”ڪٽر“ جن اکين ۾
يا هڪ ٻئي بيت ۾ ساڳئي ڳالهه کي هن ريت بيان ڪري
ٿو:
پاڙي ويڄ هئام، تان مون مُور نه پڇئا
تيلاهين پيام، ”موريسر“ اکــين ۾.
پر جن سالڪن تي اهڙيون حقيقتون روشن ٿي وينديون
آهن.
انهن جون اکيون ۽ انهن جا چپ بند ٿي ويندا آهن. نه
هو ڄاڻن ٿا ڏسن ٿا پر بيان نٿا ڪري سگهن. هيءَ
”ترڪ“ جي منزل آهي، انهيءَ کان اڳي ترڪ ترڪ جي
منزل آهي. مالڪ کان سواءِ ڪنهن به شيءِ جي ضرورت
باقي نٿي رهي. ڪن ٿورن سالڪن کي اها حالت نصيبن
سان حاصل ٿيندي آهي. انسان جو جسم پنهنجي جاءِ تي
پرسڪون رهندو آهي ۽ ان جو روح حرڪت ۾ اچي ويندو
آهي. انهيءَ کي اسلامي تصوف ۾ ”سير“ چوندا آهن ۽
هيءَ مراتب سته (بامراتب نزولي) جي هيٺ هوندو آهي.
ان جو وڏي ۾ وڏو اثر هي هوندو آهي ته انهيءَ سير ۾
سالڪ ڪنهن مقام تي اٽڪي نه رهندو آهي ۽ عروج کان
پوءِ ”نزول“ ڏانهن اچڻ جو رستو مقرر آهي. ڏانهن
هندن جي سلوڪ ۾ سالڪ ڪڏهن ڪنهن مقام تي رهجي وڃي
ته سالن جا سال رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڄي حياتي
انهيءَ مقام تي گذاري ويندي آهي ۽ ان جي ترقي رڪجي
ويندي آهي پر مراتب سته واري اسلامي طريقي ۾
سولائي رهي ٿي ۽ گمراهيءَ جو امڪان گهٽ هوندو آهي.
هندن جي روحاني سلسلي ۾ سير آزاد هوندو آهي ۽ بي
راه روي ۽ گمراهي جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.
ويدانت وارا حقيقت کي سمجھائڻ لاءِ چون ٿا جيئن
تِر ۾ تيل آهي. گل ۾ سڳنڌ آهي. کير ۾ مکڻ آهي،
ڪاٺيءَ ۾ آڳ آهي. مينديءَ ۾ ڳاڙهاڻ آهي، سمنڊ جي
پاڻيءَ ۾ لوڻ آهي. انهيءَ ريت جيو آتما ۾ پرماتما
آهي. اسلامي تصوف ۾ انهيءَ کي حلول چوندا آهن ۽
ملول ”شرڪ“ آهي دوئي آهي جنهن کي وحدت برداشت نٿي
ڪري سگهي. اها دويتا آهي جنهن تي ”ادويتا“ جو
بنياد آهي. گل ۽ بوءِ، سمنڊ جو پاڻي ۽ لوڻ،
مينديءَ ۽ ڳاڙهاڻ، ڪاٺي ۽ آگ جي دوئيءَ ۾ وحدت آهي
۽ دوئي ۾ ڪثرت ۾ وحدت لڪل آهي. دوئي ڏسڻ ۾ آهي
حقيقت ۾ واحد آهي. اها وحدتِ شهود جي صورت آهي پر
وحدت وجود اهڙي دوئي ۽ ڪثرت کي به برداشت نٿي ڪري.
هندن جو وحدت جو تصور ڏسڻ ۾ اسلامي تصوف ۾ وحدت جي
تصور جي تمام ويجھو آهي پر فرقِ مراتب سته مراتب
نزوليءَ جي نه هئڻ ڪري پيدا ٿيو آهي. اسلام ۾
توحيد ڪامل آهي ۽ ويدانت ۾ ڪامل وحدت جو تصور
موجود نه آهي، ويدانت ۽ اُپنشد ۾ به ساڳيو آهي
ويدن ۾ وحدت جي تصور جي ارتقاء آهي ”آتما“ جو دوئي
(ٻيائي) کان وحدت ڏانهن سفر آهي، انهيءَ تصور جي
تڪميل اپنشدن ۽ گيتا ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو
هندو ويدن اپنشدن ۽ گيتا تي مذهب جو بنياد رکن ٿا
ڪثرت رستي ٻيائي ۽ وحدت هڪ ئي وقت ۾ مذهب جا جز
آهن ۽ هندن ۾ مذهب جا مختلف فرقا پيدا ٿي ويا آهن.
ائين به ٿي سگهي ٿو ته هڪ گهر ۾ پنج ڀاتي هجن ۽
پنجن ئي جو مذهب جدا هجي، ڇو جو اهي سڀ ويدن ۽
اپنشدن ۽ گيتا تي ايمان رکن ٿا. مذهب جو فرق هوندي
به پاڻ کي هندو ۽ مذهبي طور پاڻ کي جدا نه ٿا
سمجھن، پر انهيءَ صورت حال انهن جي خيال ۾ هڪ
انتشار ضرور پيدا ڪيو آهي ۽ اهي مختلف مذهبن مثال
طور ٻڌ مت، جين مت ۽ سکن جي مذهب پنٿ به آهن جن کي
پنهنجي مذهب ۾ شامل ڪندا آهن. مذهب جي تاريخ جي
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو انتشار سدائين
رهيو آهي، ان ڪري ڌيان ۾ مرڪزيت پيدا ڪرڻ لاءِ
هندن جي تصوف ۾ ڪيترائي اوراد، وظائف عمل مجاهدا ۽
مراقبا آهن.
اسلامي تصوف ۾ ڌيان ۾ مرڪزيت پيدا ڪرڻ لاءِ پاس
اتهاس موجود آهي پر ان جي اهميت ايتري ته آهي ته
اها ايترو مفصل آهي. ان جي برخلاف هندن جي تصوف ۾
اها سادگي ۽ سولائي نه آهي. هندن جو ”پراڻا يام“
مفصل، اجيا جاپ ۽ اشتٽ ڪنول دل وغيره تمام ڏکيا
مفصل ۽ اهم سلسلا آهن انهن کي علم به چئي سگهجي ٿو
۽ فن به. پاس انفاس جو سلسلو اسان جي تصوف ۾ ذڪر
خفي کان ذڪر جلي تائين هلي ٿو، پر اهو هندن جي
تصوف وانگر لازم ملزوم ڪونهي. اسان وٽ پاس انفاس
کان سواءِ به ذڪر اوتروئي اثرائتو ٿي سگهي ٿو
جيترو پاس انفاس سان هوندو آهي. پاس انفاس هجي يا
پراڻا يام ٻنهي جو سلسلو ساهه سان آهي ان ڪري وات
بند ڪري نڪ سان ساهه کڻڻ ضروري آهي ۽ ساهه جي اچڻ
وڃڻ تي ڌيان رکڻ ضروري آهي. پراڻا يام ۾ ساهه سان
آواز شامل ڪري ڇڪڻ ۽ ڇڏڻ سان صحيح معنى ۾ ٿيندي
ٿيندي قلب ”جاري“ ٿي ويندو آهي. ان کان پوءِ ذڪر
بنا ڪنهن ارادي جي به ٿيندو رهندو آهي. اسلامي
تصوف ۾ پاس انفاس رڳو ايترو آهي جو ان جو اثر دور
رس ۽ همه گِير هوندو آهي.
هندن جي تصوف ۾ ڪيترائي عمل به آهن (جيڪي جيون
ڌارڻ ڪرڻ يا زنده رهڻ سان وابسته آهن) ۽ اڻ سڌي
طرح انهن جو تعلق (آواگون) (تَناسُخ) سان به هوندو
آهي، اعمال يا ڪرم هي آهن: (1) ڪريه مان (2)
پراربد ۽ رسنچت.
هر ڪرم مان اهي ڪريه هوندا آهن جيڪي موجوده شرير
(بدن) سان لازم هوندا آهن. جن جو ڪجهه ڀاڱو شرير ۾
ملي ان جو حصو بنجي ويندو آهي ۽ ايندڙ جسم تائين
رهندو آهي. ”پراربد“ اهو ڪرم آهي جنهن جي ڪري آتما
شرير (جسم) ڌارڻ (اختيار) ڪندي آهي. ڀل اهو انسان
جي صورت ۾ هجي يا حيوان جي شڪل ۾. پريم (محبت)
تياڳ (ترڪ) ۽
محبت سان ڀڳتي (عبادت) جو شعور پيدا ٿيندو آهي. ”پريم“ ڀڳتي جو رفع ۽
ڀڳتي پريم جو ڦل آهي ان لاءِ سنا ڪرم ضروري آهن.
اهڙن ڪرمن جو اثر ضرور هوندو آهي ۽ ”گيان“ (شعور)
جي پراپتي (نيچر) گيان آهي جي صفت اها آهي ته اهو
هر سخت ڪم لاءِ تيار ڪري ٿو. اهڙي ڪرم جي اثر هيٺ
ئي گيان حاصل ٿيندو آهي ۽ ماڻهو هر فعل بي تعلق ٿي
ڪندو آهي ۽ ڪام، ڪروڌ، موهه، لوڀ ۽ اهنڪار (خودي
انا خود سري) کان آجو ٿي زندگي گذاري ٿو. جيئن
ڪرشن گوپين ۾ رهي سڀ کان الڳ ۽ آجو رهندو هو.
انهيءَ سلسلي ۾ ”انهد شبد“ ۾ به اچي ٿو (انهن
منزلن جو ذڪر به ٻين خاص خاص وظيفن سان گڏ جدا هڪ
مضمون ۾ ڪيو ويو آهي جو ”پنجابي ادب“ ۾ ڇپيو هو ان
ڪري ان کي هن مضمون ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن
موقعي جي مناسبت سان ڪيو ويندو.)
سرت (يا روح) جو خزانو ست لوڪ ۾ آهي روح جڏهن
پنهنجي وطن ست لوڪ کان لهندو آهي ته مايا جا پردا
انهيءَ کي لڪائي ڇڏيندا آهن ۽ وقت گذرڻ سان انهيءَ
تي ايترا پردا چڙهي ويندا آهن جو اهو بلڪل لڪي
ويندو آهي. اهي پردا لطيف وڌيڪ لطيف ڪثيف ۽ وڌيڪ
ڪثيف پردن جي صورت ۾ هڪ ٻئي جي مٿان چڙهي روح کي
ڍڪي بلڪل گم ڪري ڇڏيندا آهن. انهن پردن منجھان روح
کي ڪڍڻ ڪو سولو ڪم نه هوندو آهي. روح (”پنج تتون“
(اربع عناصر) جي اثر هيٺ گڻن (صفات ثلاثه) کان جدا
ٿي، ”ترڪٽي“ تائين پهچي ٿو. انهيءَ ”ترڪٽي“ کي
”اوم“ عالم لاهوت ۽ عرش عظيم به چوندا آهن.
انهيءَ کان سواءِ هندن جي تصوف ۾ ”سفلي مقامات“ جو
ذڪر به آهي جن کي ”کٽ چڪر“ چوندا آهن جيڪي دل ڪنول
جي هيٺ هوندا آهن.
پهريون چڪر اکين جي پٺيان ٻنهي اکين جي وچ ۾ جتي
”سرت“ (روح) جي بيهڪ آهي، هوندو آهي. جوگ شاستر ۾
انهيءَ کي پرماتما جو ”مقام“ چيو وڃي ٿو.
ٻئي چڪر جو هنڌ ڪنٺ (گلو) آهي جتي سپتن جي پيدائش
هوندي آهي، هي آتما جو هنڌ (مقام) آهي.
ٽئين چڪر جو هنڌ (مقام) هِردَئي (دل) آهي جتي
مهاديو جو واس آهي، جونتا ڪرڻ واري طاقت جو ضد
(برخلاف) آهي اِڇا (خواهش) آرام ۽ تڪليف جو اثر
انهيءَ مقام کان ٿئي ٿو. اهي ٽيئي چڪر ملڪوت واري
مقام ۾ داخل آهن.
چوٿون چڪر ”ناپ ڪنول“ (ناف يا دُن) ۾ هوندو آهي.
هيءُ وشنو جو اسٿان آهي. هيءُ ”هر“ واس ۽ طاقت جو
هنڌ آهي ۽ اها ٻي ”اسٿول پون“ جو ڀنڊار آهي.
پنجون چڪر ”اندرئي“ جو مقام آهي. جنهن مان اسٿول
(شرير) پيدا ٿيندو آهي. هي برهما جو اسٿان آهي.
ڇهون گدا چڪر آهي جو پراڻ (جيو) کي ڇڪي پيرن کي
طاقت رسائيندو آهي. هيءَ چئن ولين جو ڪنول آهي اتي
گنيس جو واس آهي.
جھوني زماني ۾ يوگ جو اڀياس اتان شروع ٿيندو هو.
هي ٽئين چڪر ۾ داخل سمجھيو ويندو آهي. زندگي ۽ جسم
سان تعلق رکڻ جي ڪري انهن کي اسيل سمجھيو ويندو
آهي. سرت (يا روح) هيٺين درجي ۾ اچي ڪمزور ٿي
ويندو آهي ۽ ان جو وري مٿاهين درجي ۾ وڃڻ ڏکيو
هوندو آهي. سنتن انهي جي پنهنجي اصل ڏانهن موٽائڻ
جا ڪجھ طريقا مقرر ڪيا آهن. انهن منجھان هڪ آهي
شبد جي وسيلي اصل وطن تائين پهچائڻ. ”شبد“ (منتر)
سان نور پيدا ٿيندو آهي ۽ نور سرت (روح) کي مٿي
ڇڪي ٿو. نور ئي هڪ وسيلو (رشتو) آهي، جو دل سان
ٻڌل آهي. اهو رشتو نور کانسواءِ ٻيو ڪجھ ٿي نٿو
سگهي ۽ روح انهيءَ جي سهاري پنهنجي وطن ڏانهن وڃي
سگهي ٿي. انهيءَ طريقي کي ”سرت شبد ڀوڳ اڀياس“ ۽
اسلامي صوفياڻي اصطلاح ۾ ان کي ”سلطان الاذڪار“
چون ٿا پر رڳو سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ- اصل حقيقت ۾
ٻئي مختلف آهن. (ë)
مٿين ڳالهين مان ثابت ٿيو هوندو ته ”سرت“ (روح)
نور جي هڪ رشتي (ڏور) جي سهاري پنهنجي اصل وطن
ڏانهن جو تمام مٿاهون هنڌ آهي ڇڪي ويندو آهي. جيئن
ڪوريئڙو پنهنجي سنهي تار جي سهاري مٿي ويندو آهي.
هيءَ تار ڪوريئڙي ۾ موجود هوندي آهي. اهڙيءَ ريت
سرت (روح) دل جي اندرئين تار جي سهاري (بد انسان
جي اندر موجود هوندي آهي) مٿي ويندو آهي. هي ڏکيو
ڪم (منتر) شبد يا (ذڪر) جي اثر ۽ طاقت سان طيءِ ٿي
سگهنديون آهن.
بيڪڙي يا زباني شبد (اسٿول شبد) جي اچار ۾ وڏو اثر
اهو آهي ته ان جو آواز ناپ (ناف يا دن) جي هنڌ تان
پيدا ٿيندو، ان کان پوءِ ”پراباني“ آهي جا ”هردئي“
(دل) ۽ ڪنٺ (گلي) مان پيدا ٿيندي آهي! ان کي
”شچنتي“ ۽ ”مڌمان“ چوندا آهن، انهي بيڪڙي يا اسٿول
سير سان سڄي سنسار (ڪائنات) جو نظام هلي رهيو آهي
(اسلامي تصوف ۾ هيءُ ”ڪن“سان ملي ٿو پر ٻنهي ۾
بنيادي فرق آهي ڇو جو مذهب ۽ تصوف جا ٻئي سلسلا
مختلف آهن) هي اهو آواز آهي جو جنهن کي چاهي
”کلائي“ جنهن کي چاهي ”رئاڙي“ جنهن کي چاهي سانت
لڳي جنهن کي چاهي غم ۽ غصي ۾ مبتلا ڪري ڇڏي: دوست
کي دشمن ۽ دشمن کي دوست بڻائي، هي شبد ئي آهي جو
حاڪم کي محڪوم ۽ محڪوم کي حاڪم بنائي سگهي ٿو،
جنهن کي چاهي ڦاهيءَ تي چاڙهي ۽ جنهن کي چاهي
ڦاهيءَ کان بچائي. سنسار ۾ حالات جو بدلجڻ انهيءَ
آواز جي اثر هيٺ آهي.
جڏهن اسٿول شبد جي زبردست معنى معلوم ٿي ويئي آهي
۽ اسان ڄاڻون ٿا ته شبد جو سوڪشم آهي ۽ برهمانڊ
کان اٿي ٿو، انهيءَ ڪري ان ۾ ايتري طاقت آهي. اهو
ئي ڪارڻ آهي جو گياني ان کان سٺو ڪم وٺڻ جي ڪوشش
ڪندا آهن. مالڪ انهن جي منو ڪامنا (من جي مراد)
پوري ڪندو آهي ۽ اهي انهه شبد ٻڌندا آهن (جيئن به
بدايووڪ ۾ ته ان بابت جدا مضمون لکيو ويو آهي.)
”پراڻا يام“ ۾ ساهه جي تربيت جي صورت پنهنجي جاءِ
تي بيان ٿي چڪي آهي هينئر هن جو هڪ ٻيو سلسلو ۽
ٻيو روپ به ڏسڻ وٽان آهي. دنيا جي هر ڪم ڪرڻ لاءِ
سُر جي اهميت کي سمجھڻ ضروري آهي. سر ڏسڻ جو مطلب
آهي ته ساهه نڪ جي ڪهڙي سوراخ مان اچي ٿو. ڇوٿي ته
ساهه سدائين هڪ سوراخ مان نٿو اچي ۽ سدائين ٻنهي
سوراخن مان ايندو آهي، ٿيندو ائين آهي ته ساهه
ڪڏهن هڪڙي ۽ ڪڏهن ٻئي سوراخ مان اچي ٿو، ۽ هر
سوراخ ساهه جي اچڻ جي جدا تاثير آهي. سر سان گڏ
تتون جو خيال رکڻ به ضروري هوندو آهي. ان لاءِ ته
جڏهن تتون پرٿوي (زمين) يا جل (پاڻي) آهي ته ڪم
ضرور پورو هوندو آهي ائين نه هجي ته ڪم ۾ کنڊت
پيدا ٿئي ٿي.
تتون جي سڃاڻپ ائين ڪري سگهبي آهي ته جڏهن پرٿوي
(زمين) تتو هلي ٿو ته ساهه نڪ کان ٻارهن (12) آڱر
هيٺ تائين ايندو آهي. اگني (آگ) تتو چار آڱر هيٺ
اچي ٿو. وايو (هوا) تتو ۾ اٺ آڱر هيٺ هوندو آهي
آڪاش تتو هلي ٿو، ساهه نڪ جي بلڪل ويجھو هوندو
آهي.
ساهه کڻڻ واري کي کپي ته هو ساڌارڻ (سادي ۽ عام)
نموني ۾ ساهه کڻي زياده زور سان ساهه کڻڻ نه کپي،
صحيح ساهه جو اندازو ڪرڻ لاءِ طريقو هي آهي. هڪ
آرسي کڻي نڪ ان جي ويجھو ڪري زور سان ساهه کڻجي ته
شيشو ڌنڌلو ٿي ويندو (ان ۾ اها صفائي نه رهندي)
جيڪڏهن ان ڌنڌلي ڀاڱي جا چار زاويا آهن ته سمجھو
پرٿوي تتو آهي جيڪڏهن شڪل اڌ چنڊ جي آهي ته جل
(پاڻي) تتو آهي شڪل ٽڪنڊي جي آهي ته اگني تتو آهي
۽ گول شڪل آهي ته تتو وايه (هوا) آهي ۽ شڪل ڪن
جهڙي آهي ته سمجھو آڪاش تتو هلي رهيو آهي.
تتو معلوم ڪرڻ جو ٻيو طريقو هيءُ آهي ته پنجن رنگن
جون گوريون کڻو ۽ هر تتو لاءِ هڪ جدا رنگ مقرر ڪري
ڇڏيو ۽ سدائين انهن کي گڏ رکو جنهن وقت تتو معلوم
ڪرڻو هجي ته اکيون ٻوٽي هڪ گوري کڻو جنهن تتو واري
رنگ جي گوري نڪرندي ته گهڻو ڪري اهو ئي تتو هلندو
هوندو. انهيءَ عمل ۾ جلدي نه ڪرڻ کپي، جيڪڏهن
نتيجو صحيح نه نڪري ته گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي.
نيٺ نتيجو سٺو ئي نڪرندو. ڪنهن فن يا علم ۾ ڪو
ماڻهو شروعات ۾ ئي ماهر نه هوندو آهي استقلال کان
ڪم وٺڻ ضروري آهي چندرمان ۾ پرٿوي تتو کپندو آهي،
اگني تتو ۾ محنت سان ڪم ٿيندو، آڪاش تتو ۾ سواءِ
عبادت جي ڪجھ نه ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو دور ديس ۾ جنگ تي وڃڻ چاهي چنڊ سر
۾ وڃڻ کپي ضرور فتح ملندي، انهيءَ وقت سج کان چنڊ
ٿي وڃي ته اڃان به سٺو آهي. جنهن صورت ۾ عورت
چوٿين ڏينهن تڙ ڪري ۽ ان جو چندرمان هلندو هجي ته
ضروري ڪاميابي ٿيندي ۽ مرد جو سر سچ هجي ته سمجھو
ضرور پٽ ٿيندو ان جي ابتڙ ٿئي ته سمجھو ته ان جو
بلڪل ابتڙ ڪم ٿيندو. ان کان پوءِ اولاد جي نر ماده
۽ مخنث جاڙن ۽ ڪنهن عضوي جي گهٽ يا وڌ هجڻ جو بيان
۽ انهيءَ جي سڃاڻپ ٻڌائي ويئي آهي ته ٻڌايو ويو
آهي ۽ پيءُ يا ماءُ جي صورت ۾ ٻار ڇو ۽ ڪيئن ڄمندا
آهن.
چيٽ جي مهيني ۾ چنڊ لڪشڻ پروا (پورب کان هلڻ واري
هوا) وشواس جوڳي يا موقع تي هلڻ سان آئيندي جو حال
معلوم ٿيندو.
(1) جيڪڏهن سج اڀرڻ مهل اگني يا آڪاش تتو هجي ته
ضرور مالڪ جو فصل (۽ عام طور ملڪ جو فصل) خراب
ٿيندو ان جو سبب موسم جي خرابي يا فصل جي ڪا
بيماري ٿي سگهي ٿي. تتو وايو هوندو ته فصل سٺو
ٿيندو، شُشِما هلندي ته فصل برباد ٿي ويندو، ملڪ ۾
بيماري ۽ تڪليف عام ٿيندي.
اهڙي حالت ۾ آئينن ۾ پنهنجي صورت نظر نه ايندي ته
سمجھو ته زندگيءَ جا رڳو پندرهن ڏينهن باقي آهن؛
جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجو نڪ ۽ ڀرون نظر نه اچن ته
سمجھو اهڙو ماڻهو ٻن ڏينهن جو مهمان آهي. ڪنهن کي
تيل يا پاڻي يا اهڙي ڪنهن شيءِ (مثال طور) آئيني
۾ صورت يا صورت جو حصو نظر نه اچي ته اهڙي ماڻهوءَ
جي زندگيءَ جا پنج ڏينهن باقي آهن. خوشبوءِ ۽ ولو
احساس نه رهي ته پڪ ٽي ڏينهن زنده رهندو. جيڪڏهن
دم (ساهه) وات جي رستي اچڻ شروع ٿئي ته سمجھو
زندگيءَ جا ڪجهه ڪلاڪ باقي آهن، جيڪڏهن ڪيترن
ڏينهن تائين سڄي پاسي کان ساهه اچي ۽ اگني قائم نه
هجي ته برابر ٽن سالن ۾ موت ايندو، جيڪڏهن ٻه
ڏينهن لاڳيتو سج سر هلي ته سمجھو ٻه سال زندگي آهي
ٻه ڏينهن يا اٺ ڏينهن يا ان کان وڌيڪ ساهه کاٻي
پاسي کان اچي ته سمجھو اهڙو ماڻهو وڏي عمر کي
رسندو، جيڪڏهن ڏينهن ۾ سج ۽ رات ۾ چنڊ سر هلي ته
سمجھو ته حياتيءَ جا ڇهه مهينا باقي آهن، جيڪڏهن
ڪنهن بيمار ماڻهوءَ جي نڪ مان ساهه ٿڌو نڪري ۽ کڄڻ
وارو ساهه گرم هجي، ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ جي
زندگيءَ جو ڪو ڀروسو ڪونهي جيڪڏهن ڌنجي مهل جو
محسوس ڪري ته هٿن پيرن ۽ ڇاتيءَ کي پاڻي پوڻ شرط
جدا ٿي وڃي ته جو سمجھو باقي ڏهرا ٿين جي آهي.
هندن جي تصوف جي روايت عام جھوني ۽ معتبر آهي
ايتري قدر مفصل آهي. جو هر ڪتاب ۾ وڌ ۾ وڌ تفصيل
ملندو، هندن جي تصوف ۽ اسلام جي تصوف ۾ ڪجھ اصطلاح
۽ احوال مشترڪ نظر ٿا اچن، پر اها مشابهت ظاهري
آهي در اصل ٻنهي ۾ وڏو تفاوت آهي انهد شبد، سماڌي
۽ مراقبي منتر ۽ اوراد ۽ وظائف، پراڻا يام ۽ تتون
۽ پاس انفاس حبس دم، اسٽ ڪنرل دل يا تصور شيخ،
اجپا جاپ ۽ سلطان الاذڪار وغيره اصطلاحات ۽ ڪيفيات
۾ نالي ماتر اشتراڪ هوندو آهي، پر بنيادي طور زمين
آسمان جو فرق آهي، ۽ عيسائين، يونانين، چينين،
مصرين ۽ هندن سان تقابلي مطالعي بعد معلوم ٿيندو
آهي ته اسلامي تصوف مذهب اسلام جي مطابق سولو ۽
دين فطرت جيئن سادو آهي ان ۾ اعتدال آهي هرڪو
سولائيءَ سان ان تي عمل ڪري سگهي
ٿو.
تصوف ڪهڙو به هجي پنهنجي نظام هيٺ هلندو آهي ڪجهه
شين جي پابندي ۽ ڪجهه شين جي ترڪ جون ڪرڻ سان حاصل
نٿو ٿئي، مرشد جو موجود هجڻ تمام ضروري آهي، قدم
قدم تي ان جي رهنمائي جي ضرورت هوندي آهي نه ته
سالڪ راهه گم ڪري ڪنهن ٻئي رستي تي هليو ويندو ۽
منزل کي هڪ پاسي ڇڏي! يا ڪنهن منزل ۾ اتڪي الائي
ڪيتري مدت تائين ڀٽڪندو رهندو يا وري هميشه لاءِ
گم ٿي ويندو.
سڀ کان ضروري ۽ اهم نڪتو هيءُ آهي ته شاعر جو ڪلام
تصوف جو ڪتاب نه هوندو آهي ان ۾ ڪنهن به سفر جو ڏس
منزل به منزل نه ٿو ملي، ڪلام روحاني تجربن تي
مبني هوندا آهن جڏهن به جهڙو به تجربو ٿيندو آهي،
ته جذبات ۽ احساسات انهيءَ تجربي جي اثر هيٺ ايندا
آهن ته ڪنهن ارادي کان سواءِ شاعر انهيءَ تجربي کي
بيان ڪري ڇڏيندو آهي. اهي تجربا روحاني سفر جي خاص
منزل يا ڪنهن مقام سان تعلق رکن ٿا ۽ انهن کي
انهيءَ پس منظر ۾ سمجھي سگهبا آهن.
آخر ۾ عرض آهي ته ويدانت جي ڪن علمي ۽ عملي ڳالهين
جي ذڪر ڪندي اسلامي تصوف ۽ ويدانت جي مشترڪات جي
نوعيت ۽ فرق ڏانهن اشارا ڪيا آهن. هندن جي تصوف جي
تفصيل مان معلوم ٿيندو ته اهو نظام اسلامي تصوف جي
نظام کان بلڪل مختلف آهي ۽ ڪنهن به مسلمان صوفيءَ
جي ڪلام ۾ ظاهري هڪجهڙائي ڏسي ڪنهن ٻئي نظام تصوف
جي ڳولها هڪ ڪار عبث آهي جو اڪثر ليکڪ ۽ محقق ڪندا
آهن. تقابلي مطالعي ۾ ڪوبه حرج ڪونهي؛ پر ڳالهه
انهيءَ وقت منجھي ٿي جڏهن سڄي نظام کي هڪ ثابت ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي علامه اقبال تي اهڙو مطالعو
ٿيو آهي ۽ پاڻ سڄي شاعريءَ ۾ تصوف جا مضمون بيان
ڪندا رهيا ۽ نثر ۾ انهن جي مخالفت ڪندا رهيا ۽ اڄ
به علامه صاحب کان متاثر ليکڪ ۽ محقق انهي ڪار عبث
۾ مصروف آهن. هاڻ هرڪو ماڻهو پاڻ فيصلو ڪري سگهي
ٿو ته شاهه جي ڪلام ۾ ڪيترو ويدانت آهي.
فوٽ نوٽ
هڪڙي هنڌ انهيءَ ليکڪ لکيو آهي ته شاهه لطيف
انهيءَ سلسلي ۾ مريد ٿي ان کان هي وظيفو سکيو هو.
ان جو بيان هڪ ٻئي مضمون ۾ مناسب طور ڪيو آهي.
ڊاڪٽر جهانگياڻي شاهه جي رسالي ۾ هڪ بيت ڪڍي ڏنو
آهي جنهن ۾ سڱ (سنک) جو لفظ آيل آهي. انهيءَ ڪري
بيت ۾ انهد شبد جو حوالو ڏنو آهي، جو غلط آهي.
انهد شبد ۾ ته ڪيترائي ساز ۽ آواز آيل آهن ۽ شاهه
جي رسالي ۾ به ساڳيا لفظ آهن رڳو لفظن جي اچڻ سان
انهد شبد نه هوندو آهي.
حوالا
1.
شاهه عبداللطيف جي شاعري- ڊاڪٽر درشهوار سيد
2.
شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ ڪارناما- ڊاڪٽر موتي
لعل جوتواڻي.
3.
شاهه عبداللطيف ۽ ان جو عهد- ڊاڪٽر ايم ايس
جھانگياڻي.
4.
لطف اللطيف- مولانا دين محمد وفائي
5.
احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي- مرزا قليچ بيگ
6.
لطائف لطيفي- مير عبدالحسين سانگي
7.
رسالو شاهه عبداللطيف (انگريزي ترجمو)- ايلسا قاضي
8.
شريمد ڀگوت گيتا- ترجمو مدن دهلوي
9.
سر اڪبر- فارسي ترجمو اپنشد شهزاده دارا شڪوه
10.
اپنشد انگريزي ترجمو جي آ ايس ميڊ ۽ جي سي چٽو
ياڌپاءِ
11.
ڀگوت گيتا- اين دي ٿڌائي
12.
تحفه درويش- گھاسي رام
13.
شاهه جو رسالو- ڪلياڻي آڏواڻي
14.
شاهه جو رسالو- علامه آءِ آءِ قاضي
15.
تلسي گرنٿا ولي رام چندر شڪل ڀگوان اين ۽ برج رتن
داس (ڪليات ڀاڱو6)
16.
شاهه جو رسالو (جامع ۽ مستند)- ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ
17.
سنڌي ادب جي تاريخ (ساهتيه اڪيڊمي انڊيا)- ايڇ ايل
اجواڻي |