”جڏهن اسان هتي پهتاسين ته بادشاهه جا پرچه
نويس اسان وٽ آيا،
اسان جي اچڻ جي خبر هڪدم ملتان جي حاڪم قطب الملڪ
ڏانهن موڪليائون، انهن ڏينهن ۾ بادشاهه جي طرفان
سنڌ جو امير تيز
هو،
هي شخص بادشاهه جو غلام ۽ فوج جو سپهه سالار به
هو،جڏهن اسان سنڌ پهتاسون ته امير سيوهڻ ۾ رهيل
هو، سيوهڻ کان ملتان تائين ڏهن ڏينهن جو فاصلو آهي
۽ ملتان کان دهلي تائين پنجاهه ڏينهن جو پنڌ آهي،
جيڪي پرچه نويس بادشاهه ڏانهن خبر موڪليندا آهن،
اها ٽپال جي ذريعي فقط پنجن ڏينهن ۾ پهچي ويندي
آهي، ٽپال کي هن ملڪ ۾ ”بريد “ چوندا آهن، ٽپال ٻن
قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ گهوڙي واري، ٻي پيادلن جي،
گهوڙن واري ٽپال کي ”اولاق “ سڏيندا آهن، چئن چئن
ڪوهن کان پوءِ گهوڙو بدلائيندا آهن، گهوڙا بادشاهه
جي طرفان موجود رهندا آهن “.ان
سلسلي ۾ مولائي شيدائي، ابن بطوطه جي سفرنامي جي
حوالي سان وڌيڪ لکي ٿو:
”دولت آباد ۾ قيام جي زماني ۾ روزانو
بادشاهه وٽ ٽپال رستي پيئڻ لاءِ گنگا جو پاڻي
ايندو هو، ٽپال لاءِ چوڪيون مقرر هيون، جي چبوترن
وانگر هونديون هيون، ٽپالين معرفت بادشاهه وٽ
خُراسان جا تر ۽ تازا ميوا پهچندا هئا، عربي ۽
پارسي ۾ تحرير جو رواج هو، هر هڪ امير ۽ سرڪاري
وڏي عملدار وٽ بادشاهه پاران غلام رهندو هو، جو
اميرن ۽ عملدارن جون خبرون سرڪاري مخبر کي
پهچائيندو هو، اميرن جي گهرن جون مخفي خبرون
نوڪرياڻيون ڀنگياڻين معرفت سرڪاري مخبرن کي
پهچائينديون هيون، اهڙي طرح بادشاهه کي ملڪي خبرن
کانسواءِ، اميرن ۽ عملدارن جون ذاتي خبرون
دارلخلافه دهلي تائين پهچنديون هيون “.هلي
۾ مسلمانن جو قبضو 1206ع ۾ ٿيو ۽ بابر جي فتح
تائين يعني 1526ع تائين هتي غلام، خلجي، سيد ۽
لوڌي خاندانن حڪوت ڪئي، تاريخ ۾ هن سموري عهد کي
”دهلي سلطنت “ جي نالي سان سڏيو ويندوآهي، هن
سموري عرصي ۾مواصلات جي هن طريقي جي باري ۾مولائي
شيدائي پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب ۾ وڌيڪ تفصيل ڏنا آهن.
جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ به هر طرح اسلامي
خطي جو حصو هئي، تنهن ڪري غلام سنڌ يا خودمختيار
سنڌ ۾ ٿيندڙ تبديلين جو اثر پوڻو هو.
سنه 1526ع ۾ هندستان ۾، مغل شهنشاهيت جو
قيام عمل ۾ آيو،ان کان ڇهه سال اڳ سنه 1520ع ۾ سمن
جي حڪومت پوري ٿي، هي سنڌ جو ملڪ 1520ع ۾ ارغونن،
پوءِ 1556ع ۾ ترخانن ۽ 1592ع کان مغل شهنشاهن جي
قبضي ۾ اچي ويو، اهي ڪنهن طرح هتي 1737ع تائين
قابض رهيا، جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙو ٺٽي تي قبضو
ڪري سڄو سنڌ ملڪ پنهنجي هٿ ۾ ڪيو .“
مغل دور ۾ شهنشاهن ٽپال، خبر چارن، حالن احوالن ۽
درست حالتن ڄاڻڻ لاءِ شعبه مواصلات کي بهتر نموني
منظم ڪيو ۽ رٿابنديءَ سان پکيڙيو، جنهن کي ”وقائع
نگاري “ سڏيو ويو، هي طور طريقو اصل ۾ جديد اخبار
نويسيءَ جو ابتدائي قسم هو، جنهن لاءِ مولانا غلام
محمد گرامي مرحوم لکي ٿو:
”سنڌي زبان جي صحافت جي تاريخ به انگريزن
جي دور ۾شروع ٿي آهي، ان کان اڳ عربن جي دور ۾
منادي ۽ اعلان خطبي ۽ تقرير ۽ عربي زبان ۾ خط و
ڪتابت سان ئي پنهنجا خيال ٻين تائين پهچايا
ويندا
هئا، ان کان پوءِ مسلم راڄ ۾وقائع نگاريءَ جو فن
پيدا ٿيو، جنهن کي صحافت جو بنياد چئي سگهجي ٿو،
مغلن جي دور ۾ اهو فن ذري گهٽ اخبارن جي حيثيت وٺي
چڪو هو، حڪومت جا اهم اعلان ۽ مواصلا توڙي خبرون
چارون قلمبند ڪرائي دور دراز منزلن تي آفيسرن ۽
فوج ۾ ورهايا ويندا هئا .....“
گرامي صاحب وڌيڪ لکي ٿو:
”سنڌ ۾ وقائع نگاريءَ جو دور مغل خاندان آندو،
سندن گورنر سنڌ جي حالات ۽ واقعات کي روزانو
ڊائريءَ وانگر لکائي، بروقت بادشاهه ڏانهن
موڪليندا هئا، ان سلسلي ۾ بکر، سيوستان، ٺٽو وقائع
نگاري جا مرڪز هوندا هئا، جي مغل سرڪار جا
پگهاردار هوندا هئا.
صحافت جي هن ابتدائي روپ يعني
وقائع نگاري متعلق ڪجهه وڌيڪ تفصيل به ملن ٿا،
حقيقت ۾ هن طور طريقي جا بنياد اڪبر جي دور ۾ يعني
سورهين صديءَ ۾ پيا، انهيءَ باري ۾ هاڪاري مورخ
ابو الفضل لکيوآهي:
”سلطنت جي واقعن جو قلمبند ڪرڻ نه فقط حڪوت
جي ترقي ۽ انتظام لاءِ ضروري آهي پر هر طبقي ۽ هر
مجلس جي رونق کي بحال رکڻ لاءِ ضروري آهي، جيتوڻيڪ
قديم زماني ۾ به انهيءَ طريقي جو پتوپوي ٿو، پر ان
جي اصل حقيقت کان اهل زمانه کي هن مبارڪ عهد (اڪبر
جي وقت ) ۾ آگاهي ٿي .“
هن بابت وڌيڪ تفصيل ڏيندي ڊاٽر ميمڻ
عبدالمجيد ميمڻ سنڌي لکيوآهي:
”مغلن جي عروج سان گڏ اخبار نويسيءَ جو فن
به ترقي ڪندو رهيو، اورنگزيب جي زماني ۾ ته سڄي مڪ
۾ اهڙي قسم جي اخبار نويسن جو ڄار وڇايل هو، اهي
ئي سبب آهي جو ان زماني جي تاريخن
۾ اخبار نويسن ۽ واقائع نويسن جو ذڪر ڪثرت سان ملي
ٿو، انهيءَ ڪري ڪن مورخن کي غلط فهمي ٿي آهي ته
اورنگزيب جي زماني ۾ اخبار جاري ڪئي ويندي
هئي.....
”حقيقت ۾ مغلن جي ڏينهن ۾
هڪ اخبار شاهي محل مان جاري ڪئي ويندي هئي، جنهن
جو نالو ”اخبار دربار معليٰ “ هوندو هو، اها
اورنگزيب کان گهڻو اڳ جاري هئي، شاهجهان جي ڏينهن
۾ ان جو نالو ”اخبار دارالخلافه شاهجهان آباد “
هو، ان اخبار جي اشاعت فقط شاهي محل تائين محدود
نه هئي پر ان جا نقل ڪري دور دراز علائقن جي اميرن
تائين پهچايا ويندا هئا، مغلن جي زماني جون اهڙيون
ڪيتريون ئي قلمي اخبارون لنڊن جي رائل ايشياٽڪ
سوسائٽيءَ جي لائبريري ۾محفوظ آهن “.......پر انهن
اخبارن تي تبصرو ڪندي ميمڻ صاحب لکي ٿو.
”اهي اخبارون صحيح معنيٰ ۾ اخبارون چئي نه ٿيون
سگهجن، ڇاڪاڻ ته انهن جي حيثيت فقط اهڙي خبرنامي
جي هوندي هئي، جيڪي حڪومت پاڻ لکائي پنهنجي اميرن
۽ سپه سالارن ڏانهن موڪليندي هئي، انهن خبرنامن ۾
شروع ۾ بادشاهه جو روزنامچو هوندو هو ۽ پوءِ مختلف
علائقن جون خبرون هونديون هيون “.
سنڌ تاريخي طور تي 1592ع ۾ مغلن جي قبضي ۾ آئي، ان
کان اڳ جڏهن ارغونن سنڌ کي فتح ڪيو، تڏهن انتظامي
طرح هيءَ ملڪ ڇهن ڊويزنن۾ تقسيم ڪيو ويو هو، جنهن
کي ان وقت ”سرڪار “ سڏبو هو، اهي سرڪارون هي هيون:
1-بکر، 2- سيوهڻ، 3- نصرپور، 4-چاچڪان،5- چاڪر
هالا.
انهيءَ انتظامي جوڙجڪ کي مغل شاهي برقرار رکيو ۽
وڌيڪ
مضبوط ڪيو، اهڙي سرشتي هيٺ بکر، ٺٽي ۽ سيوهڻ کي
اهم حيثيت حاصل ٿي، اتي گورنر يا فوجدار عملدار
مقرر ٿيندا هئا، خبرن چارن جي رس ۽ ملڪي صورتحال
بابت اطلاع ڏيڻ لاءِ پڻ هنن شهرن ۾عملدار مقرر ڪيا
ويا، جن کي سرڪاري زبان ۾ وقائع نگار سڏيو ويندو
هو، اهي عملدار صحيح منعيٰ ۾ نامه نگار يا
انفارميشن آفيسر جو رتبوماڻيندا هئا، ملڪي صورتحال
بابت خبرون گڏ ڪرڻ لاءِ سندن مختلف طريقا هئا، هو
پاڻ به گهمي ڦري خبرون جهٽيندا هئا، ته عوام به
اچي کين پنهنجن مسئلن توڙي مشڪلاتن بابت ڄاڻ ڏيندا
هئا ۽ پوءِ اهي خبرون ترتيب ڏئي بادشاهه جي درٻار
کي موڪليندا هئا.انهيءَ
سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو وڌيڪ وضاحت
ڪندي لکي ٿو:
”وقائع نويس کي هر هڪ واقعو پنهنجي حڪومت کان
تصديق ڪرائڻو پوندو هو يا تصديق ٿيل واقعا سرڪاري
مهر سان وقائع نويس ڏانهن موڪليا ويندا هئا “.مغل
زوال واري وقت ۽ ڪلهوڙن جي پهرين حاڪم ميان يار
محمد ڪلهوڙي جي حڪومت جي دور ۾ بلگرامي سادات، بکر
۽ سيوهڻ ۾ مرڪز طرفان وقائع نگار جي حيثيت سان
مقرر ٿيل هئا، انهن ۾ سيد عبدالجليل بلگرامي، سيد
محمد بلگرامي ۽ سيد غلام علي ”آزاد “ بلگرامي خاص
شهرت رکن ٿا “
مير شفيق احمد ”اوج “ علوي لکي ٿو:
”مرحوم فتح محمد سيوهاڻي وٽ روزنامه ”وقائع سرڪار
سيوستان “ جي قلمي اخبار جا ڪيئي فائيل موجود هئا،
مٿين روزنامه جو دفتر
اڙل درياءَ جي ڪپ تي واقع هو، اخبار شايع ٿيڻ جو
نمونو هيئن هو: ڪيئن خوشنويس گڏ ويهارياويندا هئا،
جن کي وقائع نگار مضمون لکائيندو ويندو هو ۽ اهي
لکندا ويندا هئا، مضمون ختم ٿيڻ تي ڪئين پرچا تيار
ٿي ويندا هئا، جي خاص ماڻهن ۾ تقسيم ڪيا ويندا هئا
“
بلگرامي وقائع نويسن جو سنڌ سان تعلق اڌ صدي جو
آهي، ابتدا ۾ سيد عبدالجليل (1116-1155هه) ساڳئي
عهدي تي رهيو، ان بعد سندس فرزند سيد محمد
(1133-1155هه) به ڪجهه وقت لاءِوقائع نويس ٿي
رهيو، انهن بزرگن بحيثيت وقائع نگار جي ڪهڙيون
خدمتون انجام ڏنيون يا ڪهڙو مواد ڇڏيو، انهن جا
تفصيل سنڌ جي تاريخ لاءِ بيحد اهميت رکن ٿا.
سيد محمد بلگرامي ڊائري يا روزنامچي جي صورت ۾ هڪ
ڪتاب ”تبصرته المناظري “ فارسي زبان ۾ رکيو،
انهيءَ ۾آيل مواد ۽واقعا خود سنڌ جي ڪنهن به همعصر
تاريخ ۾ لکيل نه ٿا ملن، سيد حسام الدين راشدي
مرحوم سيد محمد جي وقائعنگاري جي صنف ۾لکيل هن
ڪتاب تي تنقيدي نگاهه وجهندي، ان جي اهميت هن ريت
ڄاڻائي آهي:
”پڙهندڙ ڏسندا ته ٻارهين صديءَ جي پهرئين
اڌ اندر، سنڌ ۾ ٿيل بغض نهايت ئي اهم واقعا،
پهريون دفعو هن ڪتاب جي ذريعي اسان جي سامهون آيا
آهن ۽ ڪيترن ئي
واقعن جو نئون راز، بلڪه سچو پچو تفصيل اسان کي
معلوم ٿئي ٿو، ڪن واقعن جون صحيح تاريخون پڻ هن
ڪتاب جي طفيل مليون آهن، خاص ڪري سنڌي ڪارندن سنڌ
۾ رهي جيڪي ڪارناما ڪيا، انهن جو اهڙو واضع نقشو
ڏنو ويو آهي، جو ان کي پڙهندي هڪ طرف ته لونءِ
لونءِ ڪانڊارجيو ٿيووڃي، ته ٻئي طرف وري بدقسمت
سنڌ جي سخت جانيءَ مٿان اچرج اچي ته سنڌي قوم ڪهڙي
نه مضبوط، سنگين، بهادر ۽ ڳنڀير آهي، جو اهڙن
طوفانن ۽ قيامتي ماجرائن مان پار پئجي به نه فقط
اڄ تائين پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم ۽ دائم
آهي بلڪه مستقبل جي مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ
هميشه وقت تيار ۽ تنومند رهي ٿي. “
جي اسين سيد محمد جي واقعات نگاريءَ جي هن ڪتاب جو
اڀياس ڪيون ٿا ته خبر پوي ٿي ته نادري لشڪر ڪهڙي
حد تائين سنڌي ماڻهن سان جبر ڪيو ۽ ڦرلٽ ڪئي:
”جڏهن مغل سنڌ ۾ رهيا ته هر شهر ۽ لشڪر تي
ڪاهه ۽ ڏاڍ، ڏمر ۽ قهر جاري رکيائون، جتي ڪو ڀلو
گهوڙو ٿي ڏٺائون ته اتي پهچي ان کان اهو گهوڙو
کسيائون، ويچاروگهوڙي جو ڌڻي بيوس ٿي انهن
سان ڪنهن به طرح بچي نه ٿي سگهيو، اهڙي طرح ڪنهن
وٽ ڪا چڱي تلوار يا شال يا سٺو ڪپڙو هو ته اهو به
زوري ڦري ٿي ورتائون، اهڙي ظلم ۽ ستم، شور ۽ زور
جي ڪري بنده راقم سيد مير محمد بلگرامي جي دل ڀڄي
پئي جو آئون به بااهل عيال اتي سنڌ ۾ هوس“.
ٻئي طرف ڪجهه وقت لاءِ 1143-1147 هه)
دوران جڏهن سيد مير غلام علي آزاد بلگرامي، سيوهڻ
لاءِ وقائع نويس رهيو ته هن به ڪجهه واقعن کي
قلمبند ڪيو، ميانيار محمد جي وقت ۽ پنهنجي وقت جو
نهايت بااثر ماڻهو امتياز خان ” خالص “ جڏهن
اصفهان وڃڻ لاءِ سيوهڻ کان لنگهيو ته هتي قتل ٿي
ويو، چون ٿا ته سندس قتل ۾ ڪلهوڙي حاڪم يار محمد
جو هٿ شامل هو، هن ڏس ۾ هڪ ذميدار وقائع نويس جي
حيثيت ۾آزاد لکيو آهي:
”سيد حسين امتياز خان اصفهاني، جنهن جو
تخلص ”خالص “ هو، هندستان کان ايران وڃي رهيو هو
جڏهن سيوستان پهتو ته سنڌ جي زميندار خدا يار خان
سنه 1122هه (1710ع) ۾ ان کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽لکن
جي مال تي قابض ٿي ويو، خدا يار خان، علامه
عبدالجليل کي پيغام موڪليو ته هيءَ واقعو جهڙي طرح
پيش آيو آهي تهڙي طرح سوانح ۾ بيان نه ڪيو وڃي، ان
لاءِ ٻه هزار سونيون
اشرفيون پيش ڪيائين، جي چوڏهن هزار روپين جي برابر
ٿين ٿيون، علامه مرحوم هيءَ پيشڪش رد ڪري ڇڏي ۽
چيائين ته خدا جي عنايت سان مون وٽ دولت آهي،
محتاج نه آهيان، جيڪڏهن اڄ هن واقعي کي صحيح صورت
۾ پيش نه ڪريان ته سڀاڻي رب العزت جي حضور ۾ ڪهڙو
جواب ڏيندس .“
هن واقعي جي صداقت يا ان ۾ سنڌ جي حاڪم جي ملوث
هجڻ بابت البته گهڻو مونجهارو موجود آهي، تاهم
ارڙهين صديءَ جي وقائع نگارن جو ڇڏيل تحريري مواد
بهرحال تاريخ سنڌ جي اهم ڪڙين کي ملائي ٿو، ان ڪري
ان جي تمام گهڻي اهميت ٿي وئي آهي، هن دور ۾ ٻيا
به ڪيترائي مورخ هئا، ليڪن ان نوعيت جو مواد نه ته
هولکي سگهيا ٿي ۽ نه وري لکيائون.
وقائعنگاريءَ جي اها صورت انگريزن جي دور
اچڻ تائين جاري رهي، جيڪا ننڍي کنڊ جي سمورين
اخبارن گهڻي حد تائين استعمال ڪئي ۽ نيٺ ان جي
جاءِ تي جديد صحافت والاري ورتي، ڊاڪٽر عبدالسلام
خورشيد انهيءَ ڪڙيءَ کي هيئن ٿو ملائي:
”وقائع نگاريءَ جي مواد ۾ سياسي،سماجي،
اقتصادي، تجارتي ۽ زراعتي خبرون هونديون هيون جن ۾
لٰشڪري مهمن جي معلومات شامل هئي، اها صنف عام
ماڻهن لاءِ انهيءَ ڪري سودمند ثابت ٿي جو جيڪي
ظالم گورنر ۽ امرا ماڻهن سان ظلم ۽ بي انصافيون
ڪندا هئا، انهن جي سُڌ بادشاهه تائين انهيءَ وقائع
نگاري ذريعي پهچندي هئي ۽ هو انهيءَ تي ماڻهو جا
اهنج ايذاءُ دور ڪندو هو، اهڙي طرح وقائع نگاري
ماڻهن جي داد رسيءَ جو ذريعو هئي، جيڪو جديد اخبار
نويسيءَ جي اهم فرضن مان هڪ آهي.
گرامي مرحوم ان ڏس ۾لکي ٿو:
”انگريزن جي دور ۾ نه رڳو وقائع نگاريءَ جو پراڻو
فن به هلندو آيو، پر ان فن ۾ اخبار نويسيءَ ۽
صحافت جا آثار ۽ اصول به ملايائون، انگريزن جي دور
۾ صحافت فقط وقائع نگاري ڪو نه هئي، پر ان سان گڏ
تنقيدي حيثيت به حاصل ڪئي، واقعات کي بيان ڪرڻ
کانپوءِ ان تي تبصرا به ڪيا ويندا هئا ۽ ان جا
نتيجا به بيان ڪيا ويندا هئا.... ان طرح سنڌي زبان
جي صحافت جي تاريخ به انگريزن جي دور ۾شروع ٿي. “
باب ٻيو
انگريزن جي سنڌ ۾ آمد ۽ جديد
اخبار نويسيءَ جي ابتدا
سنڌ، جيڪو هاڻي پاڪستان جو صوبو آهي،
لاڳيتو مغلن جي راڄ هيٺ رهيو: ايران جي نادر شاهه
جي تابعداري ڪيائين: ۽ سندس موت کانپوءِ هڪ عرصي
لاءِ افغانستان جي ماتحت رهيو، 1701ع کان 1783ع
تائين ڪلهوڙن جو راڄ رهيو، 1783ع ۾ هالاڻي جي
ڀرسان ڪلهوڙن ۽ٽالپرن ۾ فيصله ڪن لڙائي لڳي، جنهن
۾ ڪلهوڙن هار کاڌي ۽ ٽالپر سوڀارا ٿيا، ٽالپرن جو
پهريون حاڪم مير فتح علي خان ٿيو، جنهن جو صدر
مقام هالن جي ڀرسان خداآباد هو، ميرن ٽالپرن جو
ذهن جنگجو هو ۽ کين ڇيڙيون نبيريون ڪرڻ ۾ به
قبيلائي پسمنظر هجڻ ڪري دقت محسوس ٿيندي هئي، ان
ڪري سنڌ کي ٽن رياستن ۾ تقسيم ڪيو ويو، 1- خيرپور
تي سهراباڻي ميرن جو راڄ قائم ٿيو. 2- حيدرآباد کي
مرڪزي حڪومت جو رتبو حاصل ٿيو. هيءَ سرڪار
شهداداڻي سڏبي هئي. 3- اهو حصو ميرپور خاص جو هو،
جتي مير ٺارو خان حاڪم ٿيو.
هن قدم سبب سنڌ جي قومي وحدت ڪمزور ٿي وئي ۽ ملڪي
اتحاد ختم ٿي ويو، ارڙهين صديءَ جي خاتمي تي سنڌ ۾
انگريزن جو عمل دخل وڌندو ويو ۽ 1809ع ٽالپرن سان
معاهدو ڪيائون ته ٽالپر پنهنجي ملڪ ۾ فرينچن کي
آباد ٿيڻ نه ڏيندا، 1831ع ۾ ميرن اها ڳالهه ڏاڍي
ڏکيائي
سان مڃي ته سنڌو درياهه هندستان جي واپارين ۽
تاجرن لاءِ کوليو ويندو، پر منجهائنس ڪو به جنگي
سامان يا لشڪر جهاز پار ڪري سندن ملڪ جي سرزمين تي
نه نيو ويندو، ڪجهه مهينن کانپوءِ حيدرآباد ۾
انگريزي ريزيڊنٽ جي رهڻ جي اجازت ورتي وئي.
جڏهن افغان جنگ ڇڙي ته ميرن کي چيو ويو ته
هن نازڪ وقت ۾ سنڌو درياءَ کي استعمال ڪرڻ جي بندش
وارو معاهدو ختم ڪيو وڃي ۽ 1839ع ۾ کانئن معاهدو
صحيح ڪرايو ويو، جنهن موجب ميرن کي انگريزي فوج جي
سنڌ ۾ رهڻ ۽ گذارڻ لاءِ ساليانو ٽي لک روپيا ڏيڻا
پيا، افغان لڙائي جي ڏکين ڏينهن دوران ٽالپر
پنهنجي معاهدي تي قائم هئا، پر مٿن عدم اعتماد جو
اظهار ڪيو ويو ۽ معاملي کي حيدرآباد ۾ مقرر ٿيل
انگريزي ريزيڊنٽ جيمس آئوٽرام تي ڇڏڻ بدران 1842ع
۾ سر چارلس نيپيئر کي شهري ۽ فوجي اختيار ڏئي سنڌ
تي چاڙهي موڪليو ويو، جيمس آئوٽرام کي سنڌ جي باري
۾ وڌيڪ ڄاڻ هئي ۽ هو هڪ معقول شخص هو پر نيپيئر
کيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، يارنهن مهينن جي عرصي
۾ هن ٽالپرن سان ڪيل سمورا معاهدا ٽوڙي ڇڏيا ۽ مٿن
جنگ
مڙهي کين جلاوطن ڪري آگسٽ 1843ع ۾ سنڌ تي انگريزي
راڄ قائم ڪيائين.
اهڙي طرح ميرن جي سادگي ۽ اٻوجهائي سنڌ جي انگريزن
جي مڪارين ۽ فريبڪارين سان پُرسياست ۽ سفارتڪاري
کان محفوظ نه رکي سگهي.
سنڌ جي فتح مڪمل ٿيندي ئي سرچارلس نيپيئر ان جو
پهريون گورنر مقرر ٿيو ۽ هي ملڪ برطانوي هند جي
تابه هڪ صوبي جي صورت ۾ شامل ٿيو، ان وقت لارڊس
ايلنبرو هند جو گورنر جنرل هو، نيپيئر سنڌ اندر
انتظاميه جي نئين تشڪيل ڪئي،خيرپور جي رياست مير
علي مراد خان کي انگريزن سان وفاداري جي عيوض ڏني
وئي، باقي سڄو ملڪ ٽن حصن ۾تقسيم ڪري انهن مان هر
هڪ کي ڊسٽرڪٽ يا ضلعو سڏيو ويو، شڪارپور ضلعو،
حيدرآباد ضلعو ۽ ڪراچي ضلعو نيپيئر سنڌ جي گاديءَ
جو هند حيدرآباد بدران ڪراچي کي مقرر ڪيو، نيپيئر
کي ڪم ڪار لاءِ ڪي نائب ۽ مددگار به ڏنا ويا، جن
کي اهم سياسي فوجي ۽ مالي اختيار به حاصل هئا.
ان کانسواءِ ڪراچي لاءِ ميجر هينري پريڊي،
حيدرآباد لاءِ ڪيپٽن رٿيون ۽ شڪارپور لاءِ ڪئپٽن
گولڊنيءَ کي ترتيبوار ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو
ويو، اڳتي هلي ميجر جان جيڪب کي اهم
ديواني ۽ فوجي اختيارن سان خانڳڙهه تي مقرر ڪيو،
جو شهر بنيو ۽ آخرڪار ”جيڪب آباد “ سڏيو ويو، ٿر
علائقي تي وري ڪيپٽن تروٽ کي پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ
بنايو ويو، نيپيئر سنڌ تي 1847ع تائين رهيو.
اهو سمورو عرصو يعني 1943ع کان وٺي 1947ع تائين سر
چارلس نيپئر سنڌ جي سفيد و سياهه جومالڪ هو، هو
مقدمي هلائڻ کانسواءِ ئي ڪنهن کي ماري يا جياري
سگهيو ٿي، هن ڪيترن ئي ماڻهن کي ڦاهي چاڙهيو ۽
ڪيترن کي کلي عام ڦٽڪا لڳرايا، انهن ڪارنامن سندس
نالو ”شيطان جو ڀاءُ “ مشهور ڪري ڇڏيو.
انگريزن سنڌ جي حڪمران خاندان ٽالپرن کان سنڌ کسي
۽ بيعزتو ڪري جلاوطن ڪيو هو، ان ڪري نه رڳو مير
سڌي طرح متاثر ٿيا هئا ۽ سندن دلين ۾ انگريزن خاص
ڪري نيپيئر لاءِ نرم گوشو باقي نه هو، پر معقول ۽
انصاف پسند پرڏيهي باشندا جيڪي بمبئي، ڪلڪتي ۽
لنڊن ۾ هئا به انهيءَعمل مان خوش نه هئا، جيمس
آئوٽرام، جنهن نيپيئر سان گڏجي ٽالپرن سان لڙائي ۾
حصو ورتو، ٽالپرن جو همدرد هو ۽ نيپيئر جي
ظالماڻي رويي جو مخالف هو، هو پوءِ سگهو ئي سنڌ جا
وڻ ڇڏي بمبئي کان وڃي نڪتو ۽ پنهنجي هم خيال دوستن
جو حلقو ٺاهيائين، منجهائن سر فهرست ”بمبئي
ٽائيمز “ جو ايڊيٽر ڊاڪٽر بوئسٽ به هو، جيڪو اڳيئي
نيپيئر جي عملن خلاف پنهنجي اخبارن ۾ خبرون ۽ ليک
ڇپيندو هو، جيمس آئوٽرام جي ساٿ پاڻ کيس وڏي هٿي
ڏني ۽ ”بمبئي ٽائمز“ نيپيئر جي ڪک جو ڪان بڻجي
وئي.
نيپيئر ۽ سندس خاندان ۾ مخالفن جي تنقيد ٻڌي ماٺ
ٿي ويهڻ جي عادت ڪا نه هئي، خاص ڪري مخالف پريس کي
منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هو هر وقت آتا هوندا هئا.
نيپيئر کي برطانوني پس منظر ۾ اخباري اهميت جي خبر
هئي، تنهن ڪري فوجي حڪمران هئڻ جي باوجود پنهنجي
هم وطنين سان اخباري محاذ تي مقابلو ڪري راءِ عامه
کي پنهنجي فائدي ۾ ڪرڻ لاءِ اخباري سهارو وٺڻو
پيس.
پهريون اخبارون:
هندستان جي برطانوي اخباري دنيا جي پروپئگنڊا
کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي مان پهرين انگريزي اخبار
''Kurrachee Advertiser''
جاري ڪئي وئي، سنڌ ۾ چارلس
نيپيئر جا مخالف جڏهن اهو پڇندا هئا ته اها اخبار
ڪنهن جي سرپرستي هيٺ ٿي نڪري ۽ جڏهن حقيقت جي
خبرپوندي هئن ته ماٺ ٿي ويندا هئا، ڇو جو اهي ۽
ٻيا سڀ انهيءَ نقطي تي متفق هئا ته انهيءَ جو
سرپرست سر چارلس نيپيئر هو، جيمس آئوٽرام پنهنجي
مشهور ڪتاب
The Conquest Of Scinde A Contemporar
۾ لکي ٿو:
”مون.....
''Kurrachee Advertiser''
اخبار جو 10 سيپٽمبر جو شمارو ڏٺو آهي، جيڪا سنڌ
حڪومت جو ترت هٿيو سمجهي وڃي ٿي، اهوانومان صحيح
آهي يا نه پر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سر چارلس
نيپيئر جي منظوري کانسواءِ اها هڪ ڏينهن به نه
هلندي، ڇو جو اوڀر ۾ رڳو سنڌ ئي آهي جتي اسان جي
حڪومت آهي، جنهن تائين پريس جي آزادي نه ٿي پهچي،
ان ازنسواءِ اها
Young Egypt
جي هڪ ڪليڪٽر جي پريس مان شايع ٿئي ٿي، جنهن کي سر
چارلس نيپيئر مقرر ڪيو آهي.
”حقيقت ۾ نيپئر جي مخالفين توڙي حمايتين کي
برطانوي هند جا مفاد هڪ جيترا عزيز هئا، پر اصل
جهيڙو انهيءَ ڳالهه تي هو ته سنڌ کي فتح ڪرڻ جي
صورت ۾ مالِ غنيمت تي نيپيئر گهڻو مارو ڪيو هو ۽
بمبئي پريزيڊنسي جي اهلڪارن جو حصونه رکيوهئائين.
ڊاڪٽر ٻٽ هن اخبار جي اجراءَ بابت
لکي ٿو:
”اها حقيقت ظاهر ٿي وئي آهي ته ”
Kurrachee Advertiser
“ نيپئير ۽ ان جي دوستن پاران
فاتح جنرل جي دفاع ۾ ڪڍي وئي هئي، هن اخبار ۾ ڇپيل
مواد ان ڳالهه جو زنده ثبوت آهي ته فاتح جنرل ڪنهن
به قسم جي مخالفت يا تنقيد ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو ۽
پنهنجي ڪردار جي باري ۾ ٿيل تنقيد جي جواب ۾ هو
پنهنجي مخالفين سان گڏ سنڌ جي هٽايل حاڪمن جي
ڪردار تي ڪن اڇلائيندو رهيو،”
Kurrachee Advertiser“
ميجر آئوٽرام سنڌ جي ميرن ۽ بمبئي ٽائيمز تي اهڙا
نازيبا حملا ڪيا، جن صحيح سوچ رکڻ وارن کي حيران
ڪري ڇڏيو، وڏي ڳالهه ته ان وقت هندستان ۾ موجود،
انگريزن کي گروهه بندي ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو، اخبار جي
اهڙي رويي جي ڪري سندس ڪيتراپڙهندڙ کانئس بيزار
ٿيڻ لڳا “
سر چارلس نيپيئر جي انڪار ڪرڻ جي باوجود اها ڳالهه
جلدي پڌري ٿي پئي ته انهيءَ اخبار ۾ ڪهڙا انگريز
عملدار باقاعده لکندا هئا، انهن مان هڪ ته نيپيئر
جو ڀائيٽو وليم نيپيئر هو، جيڪو''Aid-de-camp''
هو، جنهن سندس ننڍي ڌيءَ ايمليءَ سان شادي ڪئي
هئي، ۽ ٻيو راٿبورن هو، جنهن نيپيئر جي بچاءَ ۾
ميرن جي خلاف بيحد متضاد مضمون لکيا هئا، جن هن
اخبار کي نه رڳو سنڌ ۾ پر انگلينڊ تائين مشهور ڪري
ڇڏيو، ڪيپٽن رٿبورن حيدرآباد جو ڪليڪٽر هئڻ سان
گڏوگڏ لکڻ ۾ پريس جو انتظام پڻ سنڀاليندو هو، هن
اخبار جو ٽيون سهڪاري مشهور علمي ۽ ادبي شخصيت
رچرڊ برٽن هو، هن اخبار ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ ٽڪرا
لنڊن مان شايع ٿيندڙ
اخبار ”ٽائيمز “ ۾ پڻ شايع ٿيندا هئا..
بچاءُ ڪيو ٿي ته حملا به ڪيا ٿي، ته جيئن سندس
شخصيت ۽ ڪردار برطانوي حڪومت جي ڍانچي ۽ نشاني کان
بچيو رهي، پر مجموعي طور تي هن اخبار جا ايڊيٽوريل
۽ ٻيا ليک پسند نه ڪياويندا هئا، نيپير جو حريف
آئوٽرام انهن کي گندا، وحشي ۽ ميرن جي خلاف گم نام
بدناموسيءَ جي تهمت ٿو ڪوٺي، ايتري قدر جو سرچارلس
جو پرستار ڪئپٽن ڪيٿ ينگ جيڪوٽيمپر جو ماتحت جج
ايڊووڪيٽ جنرل هو، اوميگا........... جي ليکڪن کي
لکي ٿو:
”اهو سچ هجي يا ڪوڙ، پر کيس انهن جي لکڻ تي
ڪڏهن به فخر نه ٿيو هوندو، ساڳي طرح جديد تاريخدان
ايڇ-ٽي –لئمبرڪ............. جي راءِ آهي ته سر
چارلس نيپيئر جو مفاد سنڌ ۾ سندس گهروڇڪتاڻ جي
سرگرمي جي ڪري پڻ مجروح ٿيو .“
”
Kurrachee Advertiser“
سنڌ توڙي پاڪستان اندر شايع ٿيندڙ پهرين اخبار
هئي، جنهن جو اجراءَ جنوري 1845ع ۾ يعني ميرن جي
شڪست کان رڳو ٻه ورهيه کن پوءِ ٿيو هو، اها اخبار
ليٿوگراف تي ڪڏهن سنگل ته ڪڏهن ڊبل فل اسڪيپ ڪاغذ
تي هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڪراچي گورنمينٽ پريس مان شايع
ٿيندي هئي، انهيءَ اخبار جا ڪالم مقامي اشتهارن
لاءِ مخصوص ٿيل هوندا هئا، منجهس عام خبرن
کانسواءِ مضمون، خط، سرڪاري اعلان ۽ پڌرنامه شايع
ٿيندا رهندا هئا .“
ڊاڪٽر ٻٽ انهيءَ اخبار جي شايع
ٿيڻ جي عرصي بابت لکي ٿو:”هي سرڪاري پرچو اٽڪل ٻه
سال نيپيئر ۽ ساٿين ڪاميابي سان هلايو، پر پهرين
آڪٽوبر 1847ع تي نيپيئر جڏهن سنڌ کي هميشه لاءِ
خير آباد چيو ته هيءَ اخبار يورپي قبضي مان نڪري
ارد شير رستمجي نالي هڪ پارسيءَ جي مالڪي هيٺ آئي،
ارد شير هن اخبار کي مزيدچار پنج سال هلائيندو
رهيو، پر ڏيهي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ هن
اخبار جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿيا، ارد شير جي
ايڊيٽريءَ هيٺ هن اخبار مقامي باشندنجي بيباڪ
ترجماني ڪئي.“
ڊاڪٽر ٻٽ ان جي مثال جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:
1851ع ۾ ٻن ڪونڪني نوجوان ڇوڪرن هر هڪ نالي رام
عمر ويهه سال ۽ پرشوتم عمر 18 سال کي ريهي ريبي
عيسائي ڪيو ويو، هن اخبار ان فعل جي خلاف احتجاجي
آواز اٿاريو، سنڌ چرچ مشنري سوسائٽي جي پادرين هن
اخبار خلاف خوب باهه ٻاري ۽ کيس ڪافي ڇيهو رسايو،
پر هي بي ڊپائيءَ سان پنهنجوڪم ڪندي رهي، 1853ع ۾
ڪراچي مان هڪ يورپي اخبار
Sindian
جاري ٿي، ته هن ذريعي اخبار جا ترا نڪرڻ شروع ٿي
ويا، انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جي هيءَ پهرين اخبار
پنهنجا ڏينهن پورا ڪري راهه رباني وٺي ويئي …
ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد پنهنجي مضمون
The Earliest News Paper
۾ هن اخبار جي باري ۾ وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو:
”
Kurrachee Advertiser“
جا فائيل ڪٿي به موجود ڪونهن، گهٽ ۾ گهٽ مصنف جي
علم ۾ ناهن. اها اخبار شايع ٿيڻ ڪڏهن بند ٿي ان جو
پتو ناهي پر اها پڪ آهي ته اها اخبار مارچ 1850
تائين شايع ٿيندي رهي هئي، ڇو جو انهيءَ جو حوالو
Indian News and Chronicle Of Eastren
Afairs
۾ ڏنل آهي.
ساخبار
بند ٿيڻ جا ڪارڻ ڄاڻائيندي ڊاڪٽر ٻٽ لکي ٿو:
ان وقت انگريزي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جا
پڙهندڙ ۽ خريدار گهڻي ڀاڱي يورپي هئا، جن ”
Kurrachee Advertiser“
جي
خريدار گهڻي ڀاڱي يورپي هئا، جن ”
Kurrachee Advertiser“
جي مقابلي ۾
Sindian
کي پنهنجو سمجهي ترجيح ڏني، ٿي
سگهي ٿو ته مواد ۽ بيهڪ جي لحاظ کان ”
Kurrachee Advertiser“
اخبار
Sindian
کان ڪمزور اخبار هجي ۽ مقابلو نه ساري ميدان ڇڏي
ويئي هجي.
”
Kurrachee Advertiser“
جي خاتمي کان اڌ سال پوءِ ڪراچي مان انگريزي جي ٻي
نمبر اخبار
Sindian
هئي، جا هفتي ۾ ٻه دفعا اربع ۽ ڇنڇر جي صبح جو
شايع ٿيندي هئي، اها اخبار وڏي سائيز ۾ چئن صفحن
تي مشتمل هوندي هئي ۽ هر هڪ صفحو پنجن ڪالمن ۾
ورهايل هوندو هو، ساليانو چندو 26 روپيا پر في
ڪاپي هڪ روپئي ۾ وڪامندي هئي.
ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد
Sindian
اخبار جي مالڪي ۽ اجرا جي باري ۾ لکي ٿو:
”انهيءَ اخبار جا مالڪ ٻه خوشحال پارسي سيٺ پوچا
جي ۽ سي دورابجي هئا، جن ڪن انگريزن جي مدد سان
پرنٽنگ پريس برآمد ڪري، اها اخبار 1852ع ۾شروع
ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر اي-بي
اسٽرينج............ مقرر ڪيائون“
ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرميمڻ عبدالغفور سنڌي انهيءَ اخبار
جي جاري ٿيڻ جو سال 1854ع ٻڌائي ٿو
۽ مولانا خير محمد اوحدي پڻ اهو
سال 1854ع ڄاڻائي ٿو ۽ پاليسيءَ جي لحاظ کان غير
سرڪاري هجڻ جي باوجود نيم سرڪاري سڏڻ بهتر ٿو
سمجهي.
پر ڊاڪٽر ٻُٽ لکي ٿو ته اها اخبار 1853ع ۾ جارج
بيز.......... جي مالڪي هيٺ نڪتي.... جيڪو مئنيجنگ
پروپرائٽر هو، سندس پهريون ايڊيٽر هينري جان
برگس.......... هو، جنهن جڏهن 1854ع ۾
Sindian
کي خيرآباد چئي ڪراچي مان پنهنجي اخبار
Sind Kossid
ڪڍي ته
Sindian
جا ايڊيٽر مٽبا رهيا، فئبر، ڪئوناگ ۽ ائڊورڊ وليم
اسٽرينج چند سالن ۾ هن جا ايڊيٽر رهيا، سن 1862ع ۾
هينري جيڪب هن اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ فرائض
پئي سرانجام ڏنا ته ايڊورڊ وليم اسٽرينج هن اخبار
جي مئنيجري پئي سنڀالي، اڳتي هلي 1877ع جڏهن
Sindian
جو نالو بدلجي”Beacon“
ٿيو ته ٽي-ڊبليو-بي جئفريز هن اخبار جو
ايڊيٽر هو.
ڊاڪٽر ٻُٽ جي مٿئين وضاحت مان پڪ ٿي ٿئي ته
Sindian
اخبار 1853ع ۾ جارج بيز جي مالڪي هيٺ نڪتي هئي،
جيڪا پوءِ مٿي ڄاڻايل پارسي سيٺين خريد ڪري پاءُ
صدي تائين جاري رکي.
هن اخبار، سنڌ جي ٻئي نمبر ڪمشنر سربارٽل فريئر
(1851-1859ع) جي دور دوران ڏاڍي ترقي ڪئي.
سرڪاري ڇپائيءَ جو ڪم انهيءَ اخبار جي پريس
۾ ڇپيو هو،مضبوط مالي بنيادن تي بيٺل هن اخبار
اڳتي هلي هن ملڪ ۾ اخبار نويسي جا بنياد مضبوط
بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر اخبار جي مالڪ جارج
بيز جي گهرو زندگي ۾ 30 نومبر 1858ع تي هڪ دکدائڪ
واقعو رونما ٿيڻ ڪري سندس مخالف اخبارSind
Kossid
لاڳيتو ڪجهه وقت تفصيلي طرح بيان ڪرڻ ڪري کيس
بيحال ڪري ڇڏيو، جنهن جو احوال ڊاڪٽر ٻُٽ هيئن
بيان ڪيو آهي:
”اهو واقعو جارج بيز پاران سندس زال کي شوٽ ڪرڻ
جوهو، 30 نومبر واري رات هن جوڻس کي اعتراض جوڳي
حالت ۾ سندس پاڙيسري فوسٽر سان پڪڙي ورتو ۽ غيرت ۾
اچي ٻنهي کي شوٽ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسز بيز فوت
ٿي وئي ۽ فوسٽر زخمي ٿي
پيو.
ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد انگريزي زبان
جي ٽيون نمبر اخبار
Sind Kossid
جي باري ۾ لکي ٿوته اها هفتيوار اخبار ڪراچي مان
گهڻو ڪري 1855ع ۾ جاري ٿي،جڏهن
ته ڊاڪٽر ٻُٽ قطعي تاريخ ٻڌائيندي لکي ٿو ته هيءَ
اخبار 6 جون 1854ع ۾ جاري ٿي ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن
اڱاري ۽ جمعي جي صبح تي شايع ٿيندي هئي، هن اخبار
جو مالڪ ۽ ايڊيٽر هينري جان برگس هو، جيڪو
Sindian
جو پهريون ايڊيٽر رهي چڪو هو ۽ 1854ع ۾ اها اخبار
ڇڏي پنهنجي اخبار ڪڍي هئي، پريس جا انچارج جار
راڊرج، وليم رولنڊ ۽ جي –ڊي پيريرا وغيره هئا،
مٿين بيانن مان ڊاڪٽر ٻُٽ جو
تفصيل وڌيڪ ڀروسي جوڳو آهي.
شروع ۾
Sind Kossid
چئن صفحن تي مشتمل هوندي هئي پر ٽن مهينن جي عرصي
کانپوءِ يعني پهرين سيپٽمبر 1854کان پنهنجو سائيز
وڌائي پنهنجن ڪالمن تي مشتمل ٿي شايع ٿيڻ لڳي،
چندي جا نرخ ماهيانو ساڍا ٽي روپيا ۽ في ڪاپي ڇهه
آنا هئي، ڊگهي عرصي لاءِ اخبار جي خريدارن کان ٽن
مهينن لاءِ ڏهه روپيا، ڇهن مهينن لاءِ ارڙهن روپيا
۽ ٻارنهن مهينن لاءِ ٻٽيهه روپيا چندو ورتو ويندو
هو، سائيز وڌائڻ کانپوءِ رڳو ريزڪي ڪاپي جو مُلهه
وڌائي هڪ رپيو ڪيو ويو
Sind Kossid
جي فائيلن جي ملاحظي مان پتو پوي ٿو ته هڪ صديءَ
کان اڳ شايع ٿيندڙ هيءَ اخبار اُن وقت ۾ به ڪيتري
نه ترقي يافته هئي! سندس طباعت، لي آئوٽ، ترتيب ۽
سٽاءُ متوازن آهن، منجهس مقامي خبرن کان سواءِ
سرڪاري اعلان، تعارفي خبرون، اشتهار، مزاحيه گيت،
تفريحي ننڍيون آکاڻيون،موسمي خبرون، آگبوٽن ۽ ٽپال
جي آمدرفت جون خبرون شايع ٿينديون
رهنديون
هيون، انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته اها
اخبار تنظيمي طرح هڪ بهتر پيشورانه صلاحيتن جو
مظهر هئي.
اها حقيقت آهي ته
Sindian
کي سرڪاري طرح ان وقت جو سنڌ جو ڪمشنر سر
بارٽلفريئر مضبوط مالي بنيادن تي بيهارڻ جو ادم
ڪندو هو ۽
Sind Kossid
اهڙي امداد کان وانجهيل هئي، پر انهيءَ جي باوجود
مواد توڙي ٻاهرين بيهڪ جي لحاظ کان
Sind Kossid
وڌيڪ سيبائتي ۽ سگهڙ لڳندي هئي، جو ڪاروباري چڙها
چتيءَ جي ڪري کيس وڌيڪ بهتر طور پيشڪش ۾ اڳڀرو
رهڻو پوندو هو، هن جون ٻيون يورپي اخبارون سندن
ڇڪتاڻ تي نڪتچيني ڪنديون هيون، پر پوءِ 1857ع ۾
انگريزي راڄ جي خلاف ٿيل بغاوت دوران، اهي ٻئي
اخبارون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون ۽ پنهنجن جي راڄ جو
دفاع ڪرڻ لڳيون،
Sind
Kossid
پنهنجي 15 جون ۽ 18 جون 1857ع وارن شمارن ۾
حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ بغاوت جي افواهن کي ٻه ڀيرا
شايع ڪيو.
ساڳئي سال سيپٽمبر ۾ ڪراچي ۾ هنگاما ٿيا، جنهن جي
نتيجي ۾ ستن سپاهين کي ڦاهي ڏني وئي ۽ ٽن کي توب
سان اڏايو ويو، انهيءَ ڳالهه کي وري
Sindian
ڏاڍي شد مد سان شايع ڪيو.
مطلب
ته انهن اخبارن جا اختلاف ڪنهن به قسم جا هجن پر
جتي به مشترڪ مفاد کي ڇيهو ٿي رسيو اتي اهي پنهنجا
اختلاف وساري گڏجي مقابلو ڪرڻ ۾ پنهنجي وجود جو
بچاءُ ڪنديون هيون.
ٻيون يورپي انگريزي اخبارون;
1850ع جي ڏهاڪي دوران
Sindian
۽
Sind Kossid
جي هڪ همعصر يورپي اخبار
Sind News
به هئي، جيڪا حيدرآباد ڪوٽڙي مان شايع ٿيندي هئي،
1852ع ۾ جان هاريري(John
Harery)
جي ادارت هيٺ اها هفتيوار اخبار معياري هئي، 6
سيپٽمبر 1856ع ۾ جڏهن جار هاريري جو موت ٿيو ته
اها اخبار ڪراچي مان نڪرندي رهي، 1860ع جي ڏهاڪي ۽
1870ع جي ڏهاڪي جي پهرين اڌ تائين نڪرندي رهي.
1860ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾
Sindian
جي زماني ۾
Our Paper
به اخبار موجود هئي، وليم مئنسفيلڊ مالويري(William
Mansfield Malvery)
انهيءَ ٽي روزه اخبار جو ايڊيٽر هو ۽ اخبار اڱاري
۽ جمعي تي شايع ٿيندي هئي.
1854 ع جي شروعات ۾
Sindian
پنهنجو نالو تبديل ڪري
Sind News
ٿي، 1877 ۾ جڏهن
Beacon
چوائڻ ۾ آئي ته اها روزنامچي اخبار هئي، جنهن جو
ايڊيٽر جيمس آٽرام ٽويلس(James
Autram)
هو، پر تعليمي، اقتصادي ۽ ثقافتي ترقي ٿيڻ جي
باوجود روزنامه جي طور تي هلي نه سگهي، تنهن ڪري
1878ع ۾
Beacon
نالي سان هفتي ۾ ٽي دفعا شايع ٿيندي هئي ۽ اهو
سلسلو 3 سال هليو، 1881ع ۾ اها اخبار ڊبليو نونان(W.Noonan
)
جي هٿن ۾ آئي، جيڪو اها اخبار سال کن کان وڌيڪ
هلائي نه سگهيو، 1881ع ۾ اها اخبار هڪ مقامي فرم
نؤروجي اينڊ ڪمپني خريد ڪئي، اهڙي پراڻي
Sindian
اخبار جيڪا پهرين
SindNews
بڻي ۽ پوءِ
Beacon
۾ تبديل ٿي، سا نيٺ مقامي ماڻهن جي هٿن ۾ آئي،
جنهن کانپوءِ انهيءَ اخبار جو نالو
Sind Times
ٿيو
1877ع ۾ ڌاريل
Beacon
جي زماني ۾ هڪ ٻي يورپي اخبار
Sind Advocat. B.W.T ”Jafferies
“ جي ادارت ۾ هفتي ۾ ٽي ڀيرا شايع ٿيندي هئي، اهو
ايڊيٽر هن کان اڳ
Sindian
جو ايڊيٽر هوندو هو، اها اخبار ٿوري عرصي کان پوءِ
1878ع ۾بند ٿي وئي.
لاهور مان شايع ٿيندڙ اخبار (The
Civil and Military Gazette)وارن
جنهن جا پڙهندڙ سنڌ ۾ هئا، 1878ع ۾ ڪراچي مان ٻه
اخبارون جاري ڪيون، جن مان پهرين اخبارBulletin.The
Civil and Military Gazette
هئي، جيڪا 2 جنوري 1878 ۾ شايع ٿي، ۽ ٻي
Sind: The Civil and Military Gazette
eussi
اپريل 1878ع ۾شايع ٿي، جنهن جي ادارت ڪرنل آرٿر
ڪوري(Colonel
Arther Cory)
جي هٿ ۾ هوندي هئي، 1882ع ۾ انهن اخبارن لاهور کان
پنهنجا ناتا ٽوڙي ڪراچي مان
(Sind Gazette Bulletin).
۽
Sind Gazette
جي نالن سان ايع ٿيڻ لڳيون.
هاڻي
Sind Gazette
ڪرنل آرٿري ڪوري
(Colonel Arther Cory )
ڊبليوايڇ ٽاويل
(W.H.Towelle)۽ڊبليو
ايڇ رتيگان
W..H. Ratigan)
) جي گڏيل ملڪيت هئي ۽ موجوده صديءَ ۾ به جاري
رهي، ڪرنل ڪوري 1902ع ۾ مرڻ تائين اها اخبار نهايت
ڪاميابي سان هلائي، جنهن ڪري کيس ڪراچي جي جديد
اخبار نويسيءَ جو باني سڏيو ويندو آهي.Sind
Gazette
جيڪا پوءِ
Daily Gazette
ٿي، ورهاڱي تائين ڪوري جي يادگار اخبار هئي، اها
اخبار هفتي ۾ 8 صفحن تي مشتمل، 4 ڪالمن ۾ ڇپبي هئي
۽پهريان ٻه ۽ آخري ٻه صفحا اشتهارن لاءِ مخصوص
هوندا هئا.
1887ع ۾
Sind Gazette
هڪ مقامي اخبار
Sind Times
۾ ضم ٿي وئي،
Sind Gazette
پهرين يورپي اخبار هئي، جيڪا اڻويهن صدي جي ٻن
ڏهاڪن تائين سنڌ ۽ يورپي ماڻهن جي نمائندگي ڪري
هندستان جي ورهاڱي تائين سندن خدمت ڪندي رهي.
يورپي انگريزي رسالا
1825ع ۾ يا ان کان اڳ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس وارن
ماهوار جرنل
The Price Current and Market Report
جاري ڪيو، جيڪو 1870 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ هفتيوار
ٿي شايع ٿيڻ لڳو، جيئن جرنل جا نالي مان ظاهر آهي،
هن جرنل ۾ واپاري طبقي سان وابسته معلومات، جنهن۾
مختلف اناج جي جنسن ۽ خدمتنجون اگهوتريون، درياءَ،
ريل ۽ روڊ رستي آمدرفت جي تفصيل، بحري جهازن جي
اچڻ وڃڻ جا وقت ۽ ڀاڙا توڙي مزدوريون بيان ٿيل
هونديون هيون، اهو جرنل 1875تائين جاري رهيو.
وڪيلن پنهنجو ماهوار رسالو
The Report of the Decisions of the Sadar Court
of Sind 1870
۾ جاري ڪيو، جيڪو ڪراچي جي صدر
ڪورٽ جو سپرنٽينڊنٽ وليم رابرٽ هونهام(William
Robert Hoonhan)
جي ادارت ۾ نڪرندو هو، هي رسالو
30 صفحن تي مشتمل هوندو هو ۽ 100 ڪاپيون شايع
ٿينديون هيون، هي رسالو 1881ع ۾ بند ٿي ويو.
چرچ مشنري سوسائٽي 1850 ۾ قائم ٿي، جيڪا عيسائيت
جي
پرچار لاءِ وجود ۾ آئي هئي، سندس سرپرستي هيٺ
ڪراچي مان 1884ع ۾
Chiristian
Messenger
رسالو جاري ٿيو، پر 1885ع ۾ بند ٿي ويو.
اٺهن ورهين کانپوءِ 1892ع ۾ ڪراچي جي ٽرنيٽي چرچ
Magazine Karachi Parish
جاري ڪيو، هي رسالو ننڍي سائيز ۾ 14 صفحن تي مشتمل
هندو هو، جنهن جون هر ماهه 150 ڪاپيون شايع
ٿينديون هيون، جيڪو موجوده صديءَ ۾ پڻ جاري رهيو.
انهيءَ کان پوءِ ، سينٽ پال چرچ منهوڙ ا طرفا ن
''Karachi Manora Church Magazine''
شايع ٿيو جيڪو موجوده صدي ۾ پڻ جاري ٿيو.
سرڪاري پبليڪيشن:
سنڌ سرڪار پاران ٻه رسالا جاري ڪيا ويا، جيڪي
تجارتي بنيادن تي نه هئا، پهرين ٽماهي جنرل
The Sind Civil List
هو، جيڪو 1867ع ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيو 1873ع ۾ اهو
جنرل ڇماهي ٿيو ۽ 1896ع ۾
The Sind Official List
جي نالي ۾ تبديل ٿي ويو، جيڪو موجوده صديءَ ۾ به
جاري رهيو. ٻي سرڪاري پبليڪيشن
Sind Offical Gazette
هئي، جيڪا هفتيوار جي حيثيت سان 1868ع ۾ شروع ٿي ۽
موجوده صديءَ تائين انگريزي ۽ سنڌي ۾شايع ٿيندي
رهي، انهيءَ گزيٽ ۾ موضوعن جي گونا گونيت کيس
اخبار جي ويجهوآڻي ڇڏيو هو، 1845ع کان 1900ع تائين
55 سالن جي يورپي ماڻهن ڪراچي مان ڏهه اخبارون ۽
پنج رسالا جاري ڪيا، ڏهن اخبارن مان چئن جي
زندگي 10سالن کان مٿي هئي.''Sind
Advocate '' Our Paper'' ''Beacon''
ڏهن سالن کان عمر ماڻي
''Gazette,Sind Offical list ''Sind Kossid''
''Sindian ''ڪامياب
ڪوششون ڪيون هيون.
پنجن ماهوار رسالن مان ٽن رسالن جي ڄمار پنجن
ورهين کان گهٽ هئي پر ان جي برعڪس
Parish Magazine Karachi
موجوده صديءَ تائين جاري رهيو، انگريزي ۾ انهن
بنيادي رسالن، سنڌ جي مقامي زبانن ۾ ساڳي سطح جي
رسالن لاءِ راهه هموار ڪئي.
باب ٽيون
فارسي اخبارون
سنڌي
اخبار نويسي جو پهريون ڏاڪو:
صدين کان سنڌ توڙي هند جي سرڪاري
زبان فارسي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو حڪمرانن جي مادري
زبان فارسي هوندي هئي ۽ اهي اها زبان ڳالهائيندا
هئا، هند جي مغل بادشاهن وانگر، سنڌ جا حاڪم
ڪلهوڙا ۽مير پڻ فارسي جي هنڊائيندا هئا، سندن
دفتري ڪاروبار، اعلان، احڪام، تاريخ نويسي،وقائع
نويسي، سخن جون محفلون ۽ مشاعرا وغيره سڀ فارسي ۾
ٿيندا هئا، سنڌ جا ماڻهو، پنهنجي حڪمرانن جي
پيرويءَ ۾ فارسي پڙهيا ۽ علم و دانش جو اظهار
فارسي ذريعي ٿي ڪيائون، ايتري قدر جو اهل علم
فارسيدان کي ڪوٺيو ويندو هو، ”فارسي گهوڙي چاڙسي “
فارسيءَ جي اهميت ۽ فضيلت ظاهر ڪئي ٿي، توڙي جو
عام ماڻهو جي مادري زبان سنڌي هئي، اڄ جڏهن ”پڙهو
فارسي اور بيچو تيل “حقيقتب بڻجي وئي آهي، تڏهن به
ان وقت جي حڪمرانن جو اولاد فارسي ۾ محفوظ ٿيل
پنهنجي علمي سرمايي تي فخر ڪري ٿو.
اها زبان نه رڳو مسلمانن جي هئي
پر صدين کان مسلمانن جي حڪمراني رائج هئڻ ڪري
پڙهيل هندو طبقي جي اظهار جوذريعو پڻ فارسي زبان
هئي، اهو ئي سبب آهي جو بنگال جي مشهوري سماج
سڌارڪ راجا رام موهن راءِ کي جڏهن سماجي بُراين کي
ٻنجو ڏيڻ لاءِ پرچار جو خيال آيو ته هن اُتان جي
مقامي زبان بنگالي بدران ”مرات الاخبار “ فارسيءَ
۾ شايع ڪئي، هن اها اخبار ڪلڪتي مان 20 اپريل 1822
تي شايع ڪئي، ننڍي کنڊ ۾ اردو اخبار نويسيءَ جي
شروعات پڻ لڳ ڀڳ ساڳئي وقت تي ٿي، پوءِ ته ننڍي
کند جي مختلف شهرن مان ڪيتريون ئي ٻيون فارسي
اخبارون شايع ٿيون، پر مرڪز وري به ڪلڪتو ئي رهيو
1843ع ۾ ميرن جي حڪمرانيءَ جو دور پورو ٿيو
۽انگريزن پنهنجي راڄ کي انتظامي طرح مضبوط ۽منظم
ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اقتدام ڪيا، هنن فارسيءَ جي جاءِ
تي مقامي زبان سنڌي کي رائج ڪيو ۽ انگريزي زبان جي
عام ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اسڪول کوليائون، فارسي ۽
عربي زبانن جا مرڪز، مدرسا آهستي آهستي بند ٿيڻ
لڳا، انهيءَ ڪري فارسي زبان جي اها حيثيت نه رهي،
جيڪا کيس اڳ ۾ حاصل هئي، پر ان جي باوجود فارسي
زبان کي وڏي اهميت هئي جو ابلاغ عامه جو معزز
ذريعو فارسي زبان هئي1857ع جي
هنگامي دور کان انهيءَ سرزمين تان جنهن کي اڄ ڪلهه
پاڪستان ڪوٺيو وڃي ٿو، جنهن۾مشرقي پاڪستان به اچي
وڃي ٿو، رڳو ٽي فارسي اخبارون شايع ٿينديون هيون،
جن مان هڪ پشاور مان ۽ ٻه سنڌ جي شهرن ڪراچي ۽سکر
مان شايع ٿينديون هيون پر اوڀر پاڪستان واري
سرزمين تان يا پنجاب مان ڪا به فارسي اخبار شايع
نه ٿيندي هئي.
فارسي زبان جيتوڻيڪ سرڪاري زبان نه رهي هئي ۽
دفتري استعمال کان خارج ٿي وئي هئي، تاهم روايت
علمي ادارن ۾ سندس حيثيت باقي هئي ۽ 19 صديءَ جي
آخر تائين اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائي ويندي هئي،
زبان جي لاڳيتي مقبوليت جي ڪري سنڌ جي سڀ کان
پهرين ڏيهي اخبار جيڪا شايع ٿي، اها فارسي زبان ۾
هئي، پر ان جي نالي جي خبر پئجي نه سگهي آهي، اها
اخبار ڊاڪٽر ٻُٽ مطابق لڳ ڀڳ 14 فيبروري 1853ع ۾
شايع ٿي هئي.
ان کانپوءِ 1855ع ۾ فارسي جي ٻي هفتيوار اخبار
”مفرح القلوب “ شايع ٿي، جيڪا سڀ کان وڌيڪ عرصي
لاءِ جاري رهي، اها اخبار پنجاب جي رهواسي مرزا
مخلص علي مشهدي ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر بارٽل
فريئر جي تجويز تي جاري ڪئي.
جيڪا 1877ع ۾ سندس وفات تائين جاري رهي، مرزا مخلص
علي سنڌ ڪاليج (جيڪو پوءِ ڊي جي ڪاليج ٿيو ) ۾
فارسي ۽ عربي جو پروفيسر هو
سندس وفات کانپوءِ اها اخبار سندس چئن پٽن مان وڏي
پٽ مرزا محمد شفيع جي ادارت هيٺ آئي، 1860ع ۾ هڪ
موقعي تي جڏهن مرزا مخلص علي ”مطلع خورشيد “ کي
شروع ڪرڻ لاءِ سکر هليو ويو ته ڪراچي ۾ ”مفرح
القلوب “ جي ادارت مرزا محمد شفيع جي حوالي ٿي،
1884ع ۾ مرزا محمد شفيع وفات ڪئي ته ”مفرح القلوب
“ جي ادارت سندس ٻن ڀائرن مرزا محمد صادق ۽مرزا
محمد جعفر گڏجي سنڀالي، انهيءَ موقعي تي مرزا محمد
صادق ايران جي پاران ڪراچي ۾ قانصل هو، اها اخبار
آگسٽ 1887ع تائين جاري رهي
”مفرح القلوب “ جو ٻيو دور 1893ع ۾شروع ٿئي ٿو،
جڏهن مرزا محمد جعفر ان کي ٻيهر جياريو، مرزا محمد
جعفر ڪراچي جي سنڌ آرٽس ڪاليج ۾ فارسي جو پروفيسر
هو،1896ع ۾ ۽ پوءِ 1897ع ۾ هيءَ اخبار پليگ جي
بيماري سبب بند رهي ۽ پوءِ موجوده صديءَ ۾ 1904
تائين جاري رهي
”مفرح القلوب “ ليٿو گراف جي هر اربع جي صبح جو
شايع ٿيندي هئي، هن اخبار پنهنجو نمونو ڪنهن به ٻي
اخبار مقامي انگريزي توڙي سنڌي اخبارن جهڙو نه
رکيو هو، منجهس ڏيهي توڙي پرڏيهي خبرون،ڊگها مضمون
۽ شاعري ڇپبي هئي، جيڪا نوابن، راجائن ۽ مشهور
شاعرن ۾مقبول هوندي هئي، ان کانسواءِ هي اخبار سنڌ
۽ هندستان جي ٻين حصن توڙي افغانستان، ايران، عراق
۽ سعودي عرب ۾ مقبول هئي ۽ انگلينڊ، جرمني ۽ فرانس
۾ پڻ پڙهندڙ موجود هئا.
1857ع کانپوءِ سنڌي زبان لاءِ
ترجيحي طور تي سرڪار هڪ اهڙي رٿا جوڙي ته جيئن
سنڌي ٻوليءَ کي مقبول بنائڻ لاءِ اخبار جاري ٿئي،
جنهن ۾ سرڪارپنهنجو نقطه نظر پڻ ظاهر ڪري، پر ان ۾
ٻه مشڪلاتون هيون، هڪ ته ڇپائي جي ذريعن جي اڻاٺ ۽
ٻيو ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن جي کوٽ، انهن مسئلن
کي حل ڪرڻ لاءِ عملي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سرڪاري تعليم
کاتي لاءِ هڪ جدا لٿوگرام پريس مشين خريد ڪئي ته
جيئن درسي ڪتاب ڇپايا وڃن ۽ تعليم کاتي جي زير
نگراني هڪ ٻن زبانن واري اخبار جاري ڪئي وڃي،15
مئي 1858ع ۾ هڪ سرڪاري اخبار ” فوائدالاخبار “
جاري ڪئي وئي، جيڪا فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ هئي، هن
اخبار جو ايڊيٽر ميجر گولڊ سمڊ هو، جيڪو جاگيرن جو
اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ تعليم کاتي جو آفيسر هو.
هن اخبار جي پهرين پرچي ۾ آيل مضمون سائنس ۽ننڍي
کنڊ توڙي يورپ جي حالتن بابت هئا ۽ ان ۾ خبرنامو
به ڇپيو هو، هي اخبار اسڪولن ۽ مڪتبن ۾ ورهائبي
هئي، ان ريت ”فوائد الاخبار “ جهڙوڪر سنڌي اخبار
نويسي جو بنياد فراهم ڪيو، پوءِ اهو سرڪاري سطح تي
ئي سهي
هن اخبار ۾ سرڪاري قانون، هندستان ۽ يورپ جون
تاريخي، زراعتي، سائنسي، تعليمي خبرون ۽ مضمون
توڙي دلچسپ آکاڻيون ڇپبيون هيون، قيمت اٺ آنا هيس
۽ سرڪاري ملازمن کي رعايتي
قيمت
تي ڏني ويندي هئي، هن اخبار بابت وڌيڪ خبر نه ملي
سگهي آهي، پر تمام جلد بند ٿي وئي. مرزا مخلص علي
”مفرح القلوب “ جو انتظام پنهنجي پٽ جي حوالي ڪري
1860ع ۾ ڪراچي ۽سکر مان هفتيوار ”مطلع خورشيد
“جاري ڪئي، ان کانسواءِ ساڳئي نالي سان سکر ۾ لٿو
گراف ڇاپ خانو به قائم ڪيائين،مرزا صاحب پريس
لاءِ پٿر به سکر جي ٽڪرين مان آندو، جو ولايت جي
پٿر کان به بهتر هوندو هو، هن اخبار جي پهرين پرچي
۾ دعويٰ ٿيل آهي ته سکر جي ماڻهن کي اخبار يا پريس
جو علم هن ذريعي پيو. ”مطلع خورشيد “ جو ايڊيٽر
مرزا محمد شفيع ”مشتري “ مقرر ٿيو، هن اخبار جو
مواد ٻن ڪالمن ۾ورهايل هو، هڪ ڪاللم ۾ فارسي عبارت
ڏنل هوندي هئي ۽ ان جي سامهون ٻئي ڪالم ۾ سنڌي
ترجمو ڏنوويندو هو.هن
اخبار جي پڙهندڙن، خريدارن ۽ مددگارن جو به ”مفرح
القلوب “ وانگر وڏو دائرو هو، جنهن جو تفصيل ڪتابن
۾ ملي ٿو، گذريل صديءَ جي ٻن عالم مولانا محمد
حسين آزاد ” سخندان فارس “ ۽ سفرنامه ايران ۾ ۽
فرينچ اسڪالر گارسا دتاسي ”خطبات “ ۾ هنن ٻنهي
اخبارن جو ذڪر ڪيوآهي، اها اخبار 1906ع تائين هلي
ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد لکي ٿو
.... اهي ٻئي اخبارون 1855ع ۾ جاري ٿيون هيون
۽جڏهن هن محسوس ڪيو ته هو ٻن مختلف هنڌن تان ٻه
اخبارون جاري نه ٿو رکي سگهي، ته ”مطلع خورشيد “
کي ڪراچي کڻي آيو، اهي ٻيئي اخبارون
گهٽ ۾ گهٽ 1825ع تائين ڌار ڌار جاري رهيون،پر لکي
ٿوته ٿوري وقت کانپوءِ ٻئي اخبارون گڏ ٿي ويون ۽
اخبار جو نالو ”مفرح القلوب و مطلع خورشيد “ طئه
ٿيو،
پر
سڀئي محقق انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ٻئي
اخبارون ڌار ڌار سالن ۾ جاري رهيون هيون، جيئن مٿي
ٻڌايل آهي ۽ ٻئي اخبارون گڏجي هڪ ئي نالي سان
ڪراچي مان شايع ٿيڻ لڳيون هيون، ڊاڪٽر عبدالسلام
خورشيد جي ڳالهه جي به ڪنهن مقامي محقق تصديق نه
ڪئي آهي، جيتوڻيڪ هيءَ اخبار مڪمل سنڌي اخبار نه
هئي، تاهم ان ۾ سنڌي حصو هجڻ ڪري آئنده سنڌي اخبار
لاءِ ميدان هموار ٿيڻ شروع ٿي چڪو هو، گرامي صاحب
پنهنجي مقامي ۾ هن اخبار جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏني
آهي ۽ سنڌي زبان جا رسم الخط جي خدمتن لاءِ هن
اخبار کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي
سيپٽمبر
1887۾ مرزا خاندان وارن فارسيءَ ۾هڪ ٻي اخبار
”راشد ڪراچي سنڌ “ جاري ڪئي، جنهن جو ڪاغذ ” مفرح
القلوب “ جي ڀيٽ ۾ تمام غير معياري هو، جلد ي
انهيءَ سال
هڪ
اخبار ” اڪليل “ جي نالي سان نئون جنم ورتو، هي
اخبار هفتيوار هئي ۽ 1895ع ۾ ڪراچي ۾ پليگ جي
بيماري پکڙجڻ جي ڪري بند ٿي وئي ۽ وري جاري نه ٿي
سگهي.
پر
ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهئي
۽ ڊاڪٽر عبدالغفور
سنڌي هن اخبار جي جاري ٿيڻ جو سال 1870ع ۽ بند ٿيڻ
جو سال 1875ع ڄاڻايو آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي فارسي اخبارن جي حاصلات
۽ ورثي بابت نهايت درست تجويز ڪيو آهي، هو چوي ٿو:
” سنڌ ۾ فارسي اخبار نويسيءَ جو چوٻول شمس العماءَ
مرزا مخلص علي بيگ ۽ سندس پونيئرن جي طفيل قائم
رهيو،انهيءَ ڪري اڻويهين صديءَ جو پويون اڌ ”
فارسي اخبار نويسيءَ جو دور“ سڏيو وڃي ٿو، هنن
اخبارن جي سهاري، سنڌ ۾ فارسي زبان زنده رهي ۽
فارسي شاعري جو چوٻول عام ٿيو، ان هوندي به فارسي
سنڌ مان صفا ختم نه ٿي، بلڪه هيءَ زبان فقط عالمن
جو ورثو وڃي بڻي، جنهن ڪري عام ماڻهو کانئس پري
ٿيندو ويو، شاعري نالي ماتر رهي ۽ نثر نويس به
قلمي ڪتابن تائين وڃي محدود ٿيا، سنڌ جا عالم
فارسي ۾ شعر چوندا رهيا پر جيئن ته انهن جي شايع
ٿيڻ جو ڪو ذريعو نه هو، تنهن ڪري اهو شعر منظرعام
تي نه آيو، فارسي اخبار نويسيءَ ٻيو فائدو اهو
پهچايو جو سنڌي اخبار نويسيءَ لاءِ راهه هموار ٿي،
نه فقط ايترو پرڪيترو وقت سنڌي صحافت انهن صاحبن
جي هٿ ۾ هئي، جي فارسيءَ جا وڏا عالم هئا ۽ شروع
جي سنڌي صحافت تي فارسي صحافت وانگر اخباريت کان
وڌيڪ ادبيت غالب رهي.
مٿئين تفصيل مان معلوم ٿئي ٿو ته اڻويهين صديءَ جي
پوئين اڌ ۾ فارسي زبان ۾ فقط پنج اخبارون جاري
ٿيون، انهن مان ٻن اخبارن ”فوائد الاخبار “ ۽ ”
مطلع خورشيد “ ۾ فارسيءَ سان گڏ سنڌي کي پڻ جاءِ
ڏني ويندي هئي ۽ اڳتي هلي مڪمل سنڌي اخبار جاري
ٿيڻ لاءِ راهه هموار ٿي ۽ فارسيءَ کان سنڌي ڏانهن
Over Switch
ڪرڻ ۾آساني ٿي، آهڙي طرح فارسي اخبارن، سنڌي
اخبارن لاءِ
Stone-Stepping
جو ڪردار ادا ڪيو. حاصل مطلب ته 1890ع جي ڏهاڪي ۾
فارسي اخبارن جو جاري رهڻ مشڪل ٿي پيو ۽ انهيءَ
ڏهاڪي ۾ فارسيءَ جون سڀ اخبارون بند ٿي ويون ۽
سنڌي اخبار نويسيءَ لاءِ دروازو کولي ويون.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: قديم دور ۾ سنڌ
۾ آيل عالم ۽ مذهبي پيشوا (مقالو) ٽماهي
مهران، جلد 35، نمبر 2، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄامشورو، 1986ع ص57.
رحيمداد خان، مولائي شيدائي:”جنت السنڌ “ سنڌي
ادبي بورڊ، ڪراچي حيدرآباد 1958، ص 299.
مخدوم امير احمد(مترجم): ”تحفته الڪرام “
(ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1976ع ص
267.
غلام محمد گرامي: ”سنڌي لٿو گراف“ (مقالو)
ٽماهي مهراڻ،جلد 13، نمبر 1، 1964ع سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد، ص 151
ابوالفضل: ”آئين اڪبري“ (اردو)
عثمانيه،ص 381.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”سنڌ ۾ فارسي
اخبار نويسي “ (مقالو) ٽماهي مهراڻ، جلد نمبر
3، 1970ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ص 92-93.
نياز همايوني (مترجم) ”تاريخ مظهر
شاهجهاني “ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1979ع ص
107.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”سنڌ ۾ فارسي
اخبار نويسي “(مقالو) ٽماهي مهراڻ 3، 1970ع
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 92.
ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو: ”شڪارپور جو بنياد
“ (مقالو) سنڌ-اونهارو 1983ع حيدرآباد ص 115
مير شفيع احد ”اوج“ علوي:” سنڌي صحافت جي
تاريخ“ اطلاعات سنڌ 5-6_1954ع.
---------------------------------------------------------------------------------
سيد حسام الدين راشدي: ”منشور الوصيت و دستور
الحڪومت“ (مقدمو) سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد
1964ع ص 27.
عبدالرسول قادري(مترجم): ٽماهي مهراڻ جلد نمبر
4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1987 ص 126.
غلام رسول مهر: ”تاريخ ڪلهوڙا “ سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد 1963ع ص 268.
غلام محمد گرامي: ”سنڌي لٿو گراف “
(مقالو) ٽماهي مهراڻ، جلد نمبر 1، سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد 1964ع ص -152
رحيمداد خان مولائي شيدائي ”جنت السنڌ
“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1958ع ص-591
خداداد خان، ”لب تاريخ سنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو، 1989ع ص ص -187-189
ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ”ڪراچي جون اوائلي ٽي
انگريزي اخبارون“ (مقالو) ٽماهي مهراڻ
1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 18.
Dr. Abdus Salam Ksurshid: Journalism in
Pakistan United Limited.
،
1964 P 11-12
ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ”ڪراچي جي اوائلي ٽي
انگريزي اخبارون،“ (مقالو) ٽماهي
مهراڻ،1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 18.
------------------------------------------------------------------------------------
Dr. Abdus Salam Ksurshid: Journalism in
Pakistan Publishers United Limited.
Lahore 1964,PP 11-18
ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ:” ڪراچي جون
اوائلي ٽي انگريزي اخبارون“ (مقالو) ٽماهي
مهراڻ،1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص
181.
Dr. Abdus Salam Ksurshid: Journalism
in Pakistan Publishers United
Limited.Lahore, 1964,PP 11-18
ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ”ڪراچي جون اوائلي ٽي
انگريزي اخبارون،“(مقالو) ٽماهي
مهراڻ،1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص182
.
Dr. Abdus Salam Ksurshid: Journalism in
Pakistan, Publishers United
Limited.Lahore 1964,P -19
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ”اڻوهين صديءَ جا
نثر نويس “ ”پي ايڇ ڊي“ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾
پيش ڪيل تحقيقي مقالو1983ع
مولانا خير محمد اوحدي: ”سنڌي صحافت جي
مختصر تاريخ“ مهراڻ مجلس سنڌي ادبي
سوسائيٽي اسلاميا ڪاليج، سکر 1969ع
ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ”ڪراچي جون اوائلي ٽي
انگريزي اخبارون “مقالو ٽماهي مهراڻ 1-2-1992ع
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 182.
ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ”ڪراچي جون اوائلي ٽي
انگريزي اخبارون“ (مقالو) ٽماهي
مهراڻ،1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص
183.
Dr. Abdus Salam Ksurshid: Journalism in
Pakistan , Publishers United
Limited.Lahore, 1964,P -49
ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ڪراچي جون اوائلي ٽي
انگريزي اخبارون، (مقالو) ٽماهي
مهراڻ،1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص
183.
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سنڌي: اڻوهين صديءَ جا
نثر نويس، ”پي ايڇ ڊي“ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾
پيشڪيل تحقيقي مقالو (1983)
Dr.Abdus Salam Khurshid: Journalism in
Pakistan, Publishers United Ltd, Lahore
1964,P 49
Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth
Century Book Trade in Sind'': Ph.d Thesis,
(for the university Of wales ) 1988
موتي رام-ايسس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“
شاردا پرڪاش، بمبئي 1987ع ص 88
---------------------------------------------------------------------------------
ڊاڪٽر خورشيد السلام :”صحافت پاڪستان و هند ۾
“ اردو، مجلس ترقي ادب، لاهور 1963ع ص 75
Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth
Century Book Trade in Sind:
'' Ph.d Thesis, (for the university Of wales
) 1988
Dr.Abdus Salam Khurshid: Journalism in
Pakistan, Publishers United Ltd, Lahore
1964,P 78
Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth
Century Book Trade in Sind'' Ph.d Thesis,
(for the university Of wales ) 1988
شيوارام نرسنگهه داس ڦيرواڻي: راج رشي ديارام
گدو مل جو جيون چرتر، تارا چند آڏواڻي
حيدرآباد 1938ع ص 45
Dr. Allah Rakhio Butt: The Nineteenth
Century Book Trade in Sind:
Ph.d Thesis, (for the university Of wales )
1988
Dr. Allah Rakhio Butt: The Nineteenth
Century Book Trade in Sindh:
Ph.d Thesis, (for the university Of
wales ) 1988
ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيو ”سنڌي صحافت جي
ارتقا ۽ تاريخ“ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄامشورو، 1988ع ص 29، 30 ۽ 37.
غلام محمد گرامي؛ ”سنڌي لٿو گراف“ (مقالو)
ٽماهي مهراڻ، 1-1964ع سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد، ص 153
ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو، ” سنڌي صحافت جي
ارتقا ۽ تاريخ “ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڄامشورو ص 37.
ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد: ”صحافت
پاڪستان و هند مين“ (اردو) مجلس ترقي ادب،
لاهور 1963، ص ص93 ۽ 96.
غلام محمد گرامي: ” سنڌي لٿو گراف “(مقالو)
ٽماهي مهراڻ، 1-1964ع سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو، ص _153.
. Dr. Allah Rakhio
Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in
Sindh'':
Ph.d Thesis, (for the university Of wales )
1988
. ڊاڪٽر عبدالرحمان ٻگهيو؛ ”سنڌي صحافت جي
ارتقا ۽ تاريخ“ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄامشورو، 1988ع ص 93 ۽ 96
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سنڌي: ”اڻويهين صدي جا
نثر نويس“ پي ايڇ ڊي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش
ڪيل تحقيقي مقالو، 1983ع.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي .” سنڌيءَ ۾
فارسي اخبار نويسي “ (مقالو) ٽماهي مهراڻ ،
نمبر 3-1970ع ص-109.
|