آمريت خلاف:
ون يونٽ خلاف هلچل سنڌ شناسيءَ واري
نظريي کي هٿي ڏني ۽ ان هلچل جي اثر ڪري ڪهاڻيءَ ۾
اهو عنصر اڄ تائين موجود آهي، بلڪه ڪهاڻي جو تاجي
پيٽو ان نظريي جي چوگرد ڦري ٿو، هن نظريي خاص طور
تي شاگرد طبقي، هاري ۽ مزدور کي تحرڪ ۾آندو، فڪري
۽ نظرياتي طور تي عوام متحد ون يونٽ کان نجات حاصل
ڪئي، ”جڏهن مان نه هوندس “(امر جليل ) ايوب آمريت
خلاف هلندڙ تحريڪ جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي آهي،
هيءَ ڪهاڻي قومي جدوجهد ۽ قومپرستي جي جذبي کي
تقويت ڏئي ٿي، سنڌي قوم جنهن نموني سوچ ۽ شعور جون
منزلون طئي ڪيون، تن کي سچائي ۽ بي باڪيءَ سان
سنڌي ادب ۾ قلمبند ڪيو ويو، ون يونٽ دوران سنڌ
بابت شعوري روين ۽ لاڙن کي ڏسي سگهجي ٿو، ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو جي ڪهاڻي ” ون يونٽ “ هڪ غير
فطري رشتي جي حوالي سان علامتي ڪهاڻي آهي،هي ڪهاڻي
اهم ڪهاڻي آهي، هن دور ۾ جيڪو ادب پيدا ٿيو، تنهن
کي
Dequency and Williams Dong
جي حوالي سان ٻوهيو محرڪ ادب چئي ٿو . (7)
ون يونٽ کانپوءِ ڪهاڻيءَ جو مواد ڦريو سياسي سماجي
منافقي
Social Evil
جي خلاف لکيو آهي، ابن حيات جي ”زن طلاق“ سماجي
براين کي، کر جي ”مساوات “ ۽ ”چوٽيهون در “، ملڪي
نظام جي ڪارڪردگي زماني جي گردش ۾ زميندارن جي
ذهنيت کي اوگهاڙو ڪيو ويو، ان کان علاوه ”زندگي ۽
زهر “ (امر جليل) ”زماني جي گردش “، ”
زر ۽ زور “ ۽ گٽر (کرل) اهم ڪهاڻيون آهن، دنيا جو
گهڻو ادب مختلف خيال ۽ تصور رکي ٿو، اهڙي طرح سنڌي
ادب به قومي ادب، نظرياتي ادب ۽ تصوراتي ادب جهڙن
عنوانن سان پيدا ٿيو.
رسول بخش پليجي جي ”پسي ڳاڙها گل “ هڪ مظلوم
عورت جي ڪهاڻي آهي، هي ڪهاڻي سنڌي سماج جي ڪهني
نظام ۽ رهڻي ڪهڻي کي ظاهر ڪري ٿي ۽ ان نظام ۾ انهن
جا پنهنجا قانون ۽ قائدا لاڳو ٿين ٿا ۽ ڪنهن حد
تائين انهن قدرن ۽ رواجن جي ظالماڻه رويي، غير
مناسب ۽ جاهليت ۾ شمار ٿين ٿا، ملوڪان جي مٿان
پنهنجن جو ظلم، ڪهاڻيءَ کي، جذباتي ڇهاءَ بخشي ٿو
۽ پڙهندڙ جي اکين ۾ لڙڪ اچيو وڃن، راڄ جو ڪيل
فيصلو ۽ ملڪي قانون، کيس ڪو به تحفظ نه ٿو ڏي، هي
ڪهاڻي زندگي ۽ سنڌي سماج جو هڪ خاڪو ڏئي ٿي، سماج
۾ ٿيندڙ حادثن ۽ واقعن، تحريڪن ۽ فڪر جو سڌيءَ طرح
ڪهاڻي تي اثر پوي ٿو ۽ ڪهاڻي انهن سڀني جي
آماجگاهه بنيو پوي ٿي.
رنگ، نسل ۽ مذهبي ويڇن خلاف:
سنڌي ڪهاڻيءَ معاشي ڇڪتاڻ ۽ هن نظام جي تحت
ٿيندڙ ناانصافين کي منظر عام تي آندو، ويهين
صديءَ جي ستين ڏهاڪي وارو دور سماجي اعتبار کان
اهميت رکي ٿو، هن دور ۾ مسلم مملڪت جو تصور،
اسلامي مساوات، سوشلزم ۽ نظام مصطفيٰ جا سياسي
تصور اڀريا،هن دور ۾ ئي اديبن تي پابندي پئي ۽
سزائون مليون.
سنڌ ۾ دهشتگردي وارو جيڪو ماحول اسريو، ان
سبب ڪري ان ڪرب کي عام ماڻهو ڀوڳيو، سنڌي ماڻهو
پنهنجي روح ۽شعور ۾ جيڪا بيچيني محسوس ڪئي ۽ تنهن
سان گڏ نسلي فسادن جي ڪري پيدا ٿيل صورتحال کي
منهن ڏنو، ليکڪن ان ڪرب ۽ ڏک کي ڪهاڻي ۾ پيش ڪيو،
تقريباً هر نقطي کي پنهنجي انداز موجب ڪردارن
ذريعي زنده ڪيو، انساني قدرن کي مان ڏنو ويو،
نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين مان ”منظر جنهن جو ڪو
انت ڪونهي “۾ لساني جهڳڙن ۽ ڪرفيو جي ڪري پيدا
ٿيل صورتحال کي هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ خوفزده انسان جي
حالت کي بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ حالتون انسان کي غير
انساني دڳ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، ”رڻ ۽ رڃ جو اتهاس
“ جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جنهن سياسي سماجي ڪرب مان
گذري رهيوآهي، تنهن کي چٽي نموني ۾ پيش ڪن ٿين،
هنن ڪهاڻين ۾ مداخلت جو عنصر پڻ واضح آهي، ”ڪيڏارو
“ نورالهديٰ شاهه جي گهري تاثر واري ڪهاڻي آهي،
هيءَ ڪهاڻي پاڻ نورالهديٰ شاهه اردو ۾ پڻ هڪ ادبي
محفل ۾ پڙهي ۽ اتي ان تي اعتراض ٿيو، هن ڪهاڻيءَ
کي سياسي ڪوٺيو ويو، هيءَ ڪهاڻي سنڌ جي تاريخي پس
منظر ۾ لکيل آهي، اهو نڪتو هن ڪهاڻي جي اهميت کي
وڌائي ٿو، احساسن جي شدت انساني وجود جو ڪرب ۽ان
جي بيوسي ڪيترائي سوال اٿاري ٿي، پنهنجي تاريخ جو
ورجاءُ ۽ ان سان اجنبيت جو هانوءُ کائيندڙ تاثر
پڙهندڙ کي ان موڙ تي آڻي ٿو، جتي حالتون موت ۽
زندگي، عزت ۽ ذلت جي چوواٽي تي انسانين کي ننگو
ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، هيءَ ڪهاڻي سنڌين تي ٿيندڙ ظلم
جي ڪهاڻي آهي ماضي سان گهرو رشتو ۽ حال جي بي
انصافي جو روڳ کڻي جيوه گهاريندڙ انسانن جي ڪهاڻي
اهي، ان موضوع تي ٻين به ڪيترن ئي لکيو، جن ۾شوڪت
شورو، اياز قادري، غلام نبي مغل شامل آهي، سندن
ڪهاڻيون مسئلن جي نشاندهي ته ڪن ٿيون پر ذهن کي
گرفت ۾ نه ٿيون وٺن، ان جي برعڪس هي ڪهاڻي
(ڪيڏارو( هنن ڪهاڻين مان نمائنده ڪهاڻي چئي سگهجي
ٿي، هن ڪهاڻي ۾ جيڪي نقطا ۽ سوال اٿاريا ويا آهن،
اهي هن موضوع جي اهميت ۽ڪارج کي اجاگر ڪن ٿا،
ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار سنڌ جي خمير مان ڳوهي ٺاهيو
ويوآهي، ڪهاڻيءَ جون هي چند سٽون احساسن کي جاڳائن
ٿيون.
”شاهه مڪيءَ جي مزار واري ڪوٺيءَ تي روشن
دان تي ويٺل پاريل اکيون مچڪائي، ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي کي ڏٺو ڄڻ ڪو اڻ چٽو ساروڻو هانءَ تي هريو
هيس، گلان جون ڪومايل ڪليون قبر مان ترڪي رت ڦڙن
جيان ميان صاحب جي گهاٽي ڏاڙهي جي وارن ۾ اٽڪي پون
ٿيون، هن جا سڏڪا بي آواز سيد محمد مڪي جي قبر جي
چوڌاري طواف ڪن ٿا، اڪيلو ٿي پيو آهي، پنهنجي قوم
سان رهندي به پنهنجي ٻاٻاڻي ڏيهه جي ڌرتي مٿان
جيئندي به . (8)
سياسي جاڳرتا ۽ جمهوري نظام تي تنقيد:
هونئن ته ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن لکيو
۽نمايان پڻ رهيا، جن ۾ ممتاز مهر، مهتاب محبوب،
تنوير عباسي، ڪيهر شوڪت، ماڻڪ، طارق عالم ابڙو،
محمود مغل وغيره اچي وڃن ٿا، هتي صرف خليل قاضي جو
ذڪر مناسب رهندو ان ڪري جو سندس ڪهاڻي مٿي ڏنل
عنوان موجب آهن، خليل قاضي گهٽ لکيو آهي پر سندس
لکڻيون اهم آهن، ”جهموريت جو سج “ حڪمران طبقي جي
مفاد پرستيءَ واري سوچ تي لکيل ڪهاڻي آهي ۽ ڀرپور
طنز ۽ ٽوڪ ڀري انداز ۾ آهي، ان قسم جي ڪهاڻي،
سياسي شعوري حقن کان واقفيت ۽ سماج ۾ حڪمران طبقي
جي خود غرضيءَ واري رويي کان روشناس ڪرايو، اهڙي
قسم جي ڪهاڻيءَ جو تخليق ٿيڻ جو سبب سنڌ ۾ مخصوص
سياسي ۽ سماجي حالتون آهن، جنهن جي ڪري رومانيت
گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهي. ”جهموريت جو سج “ ڪهاڻي
جون چند سٽون اکين اڳيان پيل پردي کي چاڪ ڪن
ٿيون. ”آهستي آهستي ورندي، پورو گول ٺاهي زمين کان
جدا ٿي ويئي چمڪندڙ گولو جڏهن آسمان ڏانهن وڌڻ لڳو
ته سنهري ڪرڻا بصر جي قدمن ۾ اچي پيا، سنهري ڪرڻا
ڏسي بصر خوشيءَ ۾ ديوانو ٿي ويو، تاڙيون وڄائي
ڦيريون پائڻ لڳو، بصر جي اها حرڪت ڏسي منهنجو اندر
اڌ ٿي پيو، پنهنجي دل کي گول ڦيٿي ي وچ ۾ گاهه
وانگر وڍيل محسوس ڪيم، ٻانهن کان جهلي چيومانس ته
ديوانو نه ٿي بصر ٿوري دير کانپوءِ سج تان اهو
سنهري ڇاپو لهي ويندو، پوءِ اهو سج پاڻ کي هميشه
جيان وري جلائيندو. (9) خليل جون ٻيون ڪهاڻيون
”عظيم مفاد خاطر “ ۽ ”ٻيو رستو “ اهم آهن، سندس
ڪهاڻين تي بندش پئي ۽ ايڊيٽر کي جيل وڃڻو پيو،
اظهار جي آزادي جي سوچ صرف هڪ نظريي يا هڪ فرد جي
ملڪيت ناهي، ان سوچ، شخصي آزادي کي نروار ڪيو آهي.
ف-م لاشاري جي ڪهاڻي ”ٽنگيل وقت “ شڪور
نظاماڻي جي ڪهاڻي ”قتل گاهه مان ڀڳل ماڻهو “ ۾
انسانيت جي جياپي لاٰءِ کنيل قدم جي خيال کي
ڪهاڻيءَ جي روپ ۾آندو ويو آهي، جان خاصخيلي جي
ڪهاڻي ”سڀاڻي جو خواب “ سنڌ جي تحريڪن جي ڏيوالپڻي
۽ غير موثر هجڻ تي هڪ ڀرپور ٽوڪ آهي. 1986ع
کانپوءِ سنڌ نسلي ۽ لساني نفرت جي طوفان ۾ گهري
وئي، تنهن کي سنڌي اديبن پنهنجو موضوع بڻايو، جنهن
۾ ”ڪلاچي جو ڪن “ ۽ ”خوف جو موت “ اهم آهن، خوف جو
موت ۾ سنڌين جو هڪ ٻئي سان رويو ورتاءُ سان گڏ خوف
جي ڏائڻ کان هڪ جوڙي کي خوفزده ٿيڻ ۽ نيٺ هڪ فيصلي
تي پهچڻ واري لاءِ چاڙهه تي ٻڌل ڪهاڻي آهي.
استحصالي طبقن خلاف:
جديد حسيت (Modern
Sensibility)
جي نمائندگي ڪندڙ ليکڪن پڻ اڪيلائپ ۽ ڪرب جا مسئلا
پيش ڪيا، تنهائي ۽ خوف کي، جيڪي ادب جا انفرادي
مسئلا ناهن، بلڪه ان سماجي سرشتي سان لاڳاپيل آهن،
جتي آزادي ۽ آزاد انسان ۽ ان جي سوچ جو تصور ختم
ٿي وڃي ٿو، سرمائيدار ملڪن جي هڪ هٽي ۽ صنعتڪاري
جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل استحصالي نظام، عام ماڻهو کي
مشيني پرزو بنائي ڇڏيو آهي، مادي حاصلات لاءِ ڊوڙ
انسان کي بي حس بنائي ڇڏيو، انسان جنهن کي روحاني
۽ مادي ترقي ڪرڻي هئي، حقيقت ۾ پوئتي پوڻ لڳو،
انهن مڙني ڳالهين مغرب ۾ جديد حسيت کي جنم ڏنو ۽
اها حسيت ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ يورپ ۾شروع ٿي ۽
سنڌ ۾ مخصوص سياسي ۽ سماجي حالتن ۽ ٻين مسئلن جديد
حسيت کي جنم ڏنو، منهنجي راءِ ۾ جديد ادبي تخليقن
۾ آيل ڪرب............. اڪيلائپ جي مسئلن کي هن
ظالمانه منفي چٽا ڀيٽي واري نظام ۽ سنڌ ۾ لساني
مسئلي جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي، خاندان ۽ فرد جي وچ
۾ بي حسي ۽ بي زادئي جو عنصر انهن حالتن پيدا ڪيو،
انهن ليکڪن انساني مسئلن کي هڪ اهڙي تناظر
Prospective
۾ پيش ڪيو، جيڪو حقيقت جي تمام ويجهو آهي، جديد
حسيت جو لاڙو اڻ برابري، طبقاتي لساني ۽ظالماڻه
سياسي نظام جي تحت سنڌي ڪهاڻي ۾شامل ٿيو، ماڻڪ جون
تخليقون به جديد حسيت جون نمائنده ڪهاڻيون آهن،
سندس ڪهاڻين ۾ سماجي شعور جو احساس نمايان آهي.
جيئن ”شاهه هٿڪڙيون ۽ وارنٽ “ ”ڇهه
انام ڪهاڻيون “ مان پهرئين ڪهاڻي سياسي ۽ سنڌ جي
ماحول کي ظاهر ڪري ٿي، ”حويلي جا راز “ سندس
ابتدائي دور واري ڪهاڻي آهي، جنهن تي گهڻائي
اعتراض ڪيا ويا، هيءَ ڪهاڻي پيرن۽ سيدن جي ڪرتوتن
بابت آهي، سنڌ ۾ هي طبقو طاقتور آهي ۽سندن پاڙون
گهريون آهن، هن طبقي جو اثر سنڌي عوام جي رهڻي
ڪهڻيءَ ۾ هڪ صوفي فنڪار آهي، جنهن جي ڪهاڻين ۾
حقيقت وارو ترقي پسند ۽ جدت پسنديءَ جي اصلاحي
وجوديت
Abserdity
ادب جا تلخ اهڃاڻ ملن ٿا. (10) حقيقت هي آهي ته
سندس ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري ۽جدت پسندي جا لاڙا
نمايان آهن، هن جنهن نموني ۾ زندگي کي پکريو ائين
ڪهاڻي ۾ پيش ڪيائين، جنسي مسئلن کي پڻ ڪهاڻي
جوموضوع بنايائين، جنهن تي اعتراض ۽ تنقيد ٿي،
1977ع جي مارشل لاکانپوءِ ڪهاڻيءُ ۾ تشدد ۽ سنڌين
سان ٿيل ظلم اپٽار ٿيل آهي. ”اٺون ماڻهو “ (سراج)
هڪ ناڪرده گناهه جي سزا ڀوڳي ٿي هي ڪردار اڏول آهي
۽ جرئت سان ڀريل آهي، ڪهاڻي ”عاشق شهيد موٽي ايندا
آهن “ (امر) پڻ ان قسم جو مواد رکي ٿي، اهڙي قسم
جي ڪهاڻين ڪنهن حد تائين رومانوي عنصر کي زنده
ڪيو، هنن ڪهاڻين جو هڪ ئي جواب ٿي سگهي ٿو ته سنڌي
سماج ابتدا کان ئي اهڙيءَ بي آرامي ۽ ناانصافي
واري ماحول ۾ اسريو ۽وڌيو آهي، جنهن ۾ اديب، ليکڪ،
فرد جي انهن مسئلن ۽ آدرشن کي مدنظر رکيو آهي،
جنهن کي هو وڌيڪ اهم ۽ اثرائتو سمجهي ٿو، تنهن
هوندي به ڪهاڻيءَ ۾ نفسياتي،معاشي، سياسي، جنسياتي
۽ سماجي پهلوءَ کي ڏسي سگهجي ٿو، انفرادي ۽ جديد
دور جي مڙني مسئلن جي نشاندهي ڪيل آهي، محبت، نفرت
۽ احساساتي ڪيفيتن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو، سماج ۾
جيڪو ٿي گذريو، تنهن جي صورت ڪهاڻي ۾ ڏسي سگهجي
ٿي، ڄن ته ڪهاڻي هڪ تاريخي دستاويز طور تي اهميت
رکي ٿي، فرد ۽سماج جي لاڳاپن جي حوالي سان ڪهاڻي
هڪآئينو آهي، جنهن م فرد ۽سماج پنهنجي پنهنجي صورت
ڏسي سگهن ٿا، سنڌي ليکڪ جيويجهو زندگيءَ جو تصور
حقيقت جي نزديڪ آهي، ليکڪن اهڙا ڪردار خلقيا جن
مان خيال جي بنياد تي تخليق ٿيل ڪردار انهن قدرن
کي پرکڻ ۽ ڊاهيڇڏڻ يا ٿڏي ڇڏڻ لاءِ پيدا ڪيا، انهن
اڳواٽ تيار يا اختيار ڪيل قدرن ۽ معيارن کي قبول
نه ڪيو آهي، ڊاڪٽر ٻوهيولکي ٿو:”ڪردار جي هيءَ
حيثيت للڪاريندڙ
Challanging
ٿئي ٿي، ان ڪري هن قدم جي ڪردارن جي بنياد تي پيدا
ٿيل ادب انقلابي نوعيت جو ٿئي ٿو. (11) منهنجي
نزديڪ اهڙي قسم جا ڪردار ڪهاڻي ۾ داخل ٿين ٿا ۽ ان
وقت تائين ڇانيل رهن ٿا، جيستائين ڪو ٻيو نرالو
خيال يا سوچ ان ڪردار يا سماج ۾ تبديلي آڻي، ليکڪن
زندگي جي اصل حقيقت کي فلسفيانه نموني ۾ پيش ڪيو
آهي، سماج ۾ ٿيندڙ سمورن مونجهارن ۽ آدرشن جي ٽٽڻ
کي سنڌي ڪهاڻي پنهنجو پاڻ ۾ سموهيو آهي.
سترواري ڏهاڪي ۾ انفراديت ۽ سماجي حقيقت نگاري جا
لاڙا نمايان آهن. 1983ع جي جمهوري تحريڪ ۽ ڇڪتاڻ
جي نتيجي ۾ ڪهاڻي جو لاڙو وڌيڪ حقيقت پسنديءَ
ڏانهن نظر اچي ٿو، ٻيا لاڙا جيڪي نوان شروع ٿيا
هئا، سي وري هڪ وڏي وهڪري ۾ شامل ٿي ويا، اهو
وهڪرو سماجي حقيقت نگاري جو آهي. 1983ع جي تحريڪن
جي اتساهه ڪري ”ڪانسٽيٽيوشن اوينيوتي موت “ ۽ رشيد
ڀٽي جي ”تاريخ جو آواز “انهيءَ ڳڻپ ۾ اچن ٿيون.
سنڌ کان ٻاهر:
وطن جي محبت ديس واسين جو وڇوڙو، آزادي کان
پوءِ سرحد جي ٻنهي پاسي ورهايل سنڌي سماج تي حالتن
جو اثر نمايان آهي، سنڌ کي ڇڏيندڙ ٻي پار وڃي
پنهنجي وجود ۽ سڃاڻپ جي لاءِ جاکوڙ ڪندا
رهيا،پروفيسر هيرو شيوڪاڻي لکي ٿو ” هن طرف وشال
ڀارت ۾ باوجود هڪ آزاد لوڪشاهي سيڪيولر ۽ کليل
ٻهوڀاشي سماج ۾ اچي ٽڙيل روپ ۾ وسجي ويل سنڌي
حياتي رفته رفته پنهنجي جداگانه قومي شناخت
کوهيندي رهڻ جا امڪان پسائي رهي آهي، ايتري قدر جو
هاڻ ان تي الزام صادر ٿيڻ لڳو آهي، ڀارت جو سنڌي
سماج ٻيو سڀ ڪجهه آهي فقط سنڌي نه رهيوآهي. (12)
آزادي کانپوءِ هندستان ۾ سنڌي ليکڪن ابتدائي
تحريرن ۾ وطن جي محبت ۽ وڇوڙي جي درد ۾ ٻڏل
ڪهاڻيون تحرير ڪيون، ان کانپوءِ نفسياتي مونجهارن
۽ صنعتي ترقي جي زير اثر ڪري جيڪو سماج وڌيو
۽ويجهو تنهن جي اپٽار ليکڪن چڱي نموني ۾ ڪئي آهي،
سندن اها نشاندهي، سماجي شعور جي پختگي جو ثبوت
آهي، انفرادي طور تي به ڪهاڻي ۾ هڪ فرد کي اهميت
ڏني وئي.
ابتدا ۾ سنڌي ڪهاڻي لڏ پلاڻ ۽ ڪيمپن ۾
سنڌين جو دربدر ٿيڻ ۽ ٻيو سنڌ جي ياد ۽ سنڌين جو
جذبو حاوي آهي. ”آنند گولاڻي “ جي ڪهاڻي ”گامڙو
“جيڪا سنڌيت واري جذبي کي ظاهر ڪري ٿي، ”سنڌڙي جا
شل ڳوٺ وسن “ ۽ ”سنڌو “ نارائڻ ڀارتي جون ”ڪليم ۽
دستاويز “ ڪلا پرڪاش جو ” خانواهڻ “ وغيره وطن کي
ڇڏڻ ۽ ان جي محبت جو اظهار آهن، احساسن جي هڪ دنيا
آهي، جيڪا هنن ڪهاڻين ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿي.”نئين
دنيا “ مجموعي ۾ ”ڏاچي واليان “ منوهر لال جي
ڪهاڻي نهايت پراثر آهي، ڪهاڻي جون سٽون ڏجن ٿيون.
” پاسي واري هوٽل ۾ گريمو فون تي جيوڻي ٻائي ڳائي
رهي هئي ”ڏاچي واليان موڙ مهار ڙي “ مگرڏاچيءَ
وارو اڄ بيوس هو، ان کي موٽر پنهنجي هٿن ۾ کڻي کيس
جيوڻي کان ڳڙهي ياسين کان بلڪه سنڌ کان دور بلڪل
دور کڻي وڃڻ لاءِ ڊوڙي رهي هئي. (13) ان کان علاوه
رام پنجواڻي جي ”محمد گاڏي وارو “ ڪرشن کٽواڻي جي
”مان راجا “ ۽ ”سائين “ سندريءَ جون ”سنڌوءَ جو
روپ “ ”معصوم التجا “ ۽ ”توجنين جي تات “اهم آهن،
انهن سمورين ڪهاڻين تي محبت جو وسيع جذبو ۽ درد جي
ڇايا آهي، جن کي پڙهڻ سان جذبات ۽ تلاطيه پيدا ٿئي
ٿو.
پڄاڻي/حاصلات:
جديد نظريي جي تحت ڪهاڻي /افساني جو سماجي
ڪارج اهو آهي، ته ان مان حياتي کي آسودو ۽ سولو
بنائڻ آهي، انساني مفاد کي آڏو رکيو وڃي، زندگي جي
روحاني ۽ مادي زندگي ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ اڀرندڙ مسئلن
جو بنياد ڳولهڻ گهرجي.
رئوف نظاماڻي پنهنجي مقالي ”سنڌي ڪهاڻي
“1980- 1992ع هڪ مختصر جائزو ۾ لکي ٿو ته 1980 کان
پوءِ شعور جي رو ۾ لکيل ڪهاڻيون گهٽ ملن ٿيون،
جيڪي ڪهاڻيون ملن ٿيون، انهن ۾ نفسياتي ڇيد ۽
گهرائپ نه ٿي ملي.(14) منهنجي راءِ ۾ ان جو
جيستائين ڪهاڻي جي سماجي ڪارج جو تعلق آهي ته هن
ڪارج کي وڌيڪ اثرائتو ۽ معياري نموني ۾ ڪيئن
بنائجي، ان سلسلي ۾ مغربي دنيا ۾ ٿيل ڪم کي
نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون، ڪارلانل(Carlyal)
خواندگي کي اهم سمجهي ٿو ۽ ادب جي ڪارج ۾ ان جي
وڏي اهميت آهي، مٿي ڏنل تحقيق جي روشني ۾ هي
حقيقتون سامهون اچن ٿيون ته سنڌ جي 80 سيڪڙوآبادي
ٻهراڙي ۾ رهي ٿي، جيڪي بنيادي سهولتن کان محروم
آهن ۽ علم جي روشني کان پڻ ناواقف آهن، ان
صورتحال ۾ ڪهاڻي جيڪا ادب جي اهڪ اثرائتي ۽ مقبول
صنف آهي ان جي ڪارج تي برو اثر پوي ٿو ۽ ان ڪري ئي
ڪهاڻي اهو سماجي ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي، جيڪو
ڪرڻ گهرجي ها، مٿين سڀني مشڪلاتن جي باوجود ڪهاڻي
سماج جي ترجمان آهي.
حوالا
(1) Encycloadia of Social Sciences , Vol., 9
and 10 Page 418-19
(2) شبد ۽ سنسڪرتي، ڪونج پبليڪيشن بمبئي 1982ع ص
-57
(3) ايضاً
(4) جيٽلي مرليڌر ڊاڪٽر اوائلي شايع ٿيل سنڌي
لوڪ ڪهاڻيون سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد سنڌ 1990ع ص
29، 18 ۽ 17
(5) لڪاڻي منگهارام”سنڌي نثر جي تاريخ “ روشني
پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ 1993ع ،ص 48۽ 58
(6) طارق اشرف ”ٽيهن سالن جون چونڊ آکاڻيون “
نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ 1978ع
(7) پرک، سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي، 1988ع ص-
106
(8) نورالهديٰ شاهه ”ڪيڏارو “سهڻي پبليڪيشن
حيدرآباد سنڌ 1990، ص – 49
(9) قاضي خليل ”جمهورت جو سج “ سهڻي پبليڪيشن
حيدرآباد 1974ع، ص 39
(10) ڪلپنا موهن ”سنڌ جي سنڌي ڪهاڻي “اڀياس،
آرسي، ص 317
(11) ٻوهيو (ڊاڪٽر) ”ادب جا فڪري محرڪ “ سنڌي
اديبن جي سهڪاري سنگت 1972ع، ص 159
(12) شبد ۽سنسڪرتي ڪونج پبليڪيشن بمبئي، 1982، ص
(13) نئين دنيا، فيبروري 1953، ص17
(14) رئوف نظاماڻي ”سنڌي ڪهاڻي هڪ مختصر جائزو
“سنگت 1993ع، ص 103
مددي ڪتاب
(1) جيٽلي،مرليڌر ”ڊاڪٽر لالچند امر ڏنو مل
جڳتياڻي“ ساهتيه اڪاڊيمي دهلي 1985ع.
(2) ڄميٺمل پرسرام گلراجاڻي ”چمڙا پوش جون
آکاڻيون “ 1923.
(3) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌ نثر جي تاريخ “
روشني پبليڪيشن حيدرآباد 1993، ص 50 ۽ 60.
(4) هنڱوراڻي، امر لعل ”ادو عبدالرحمان “
ڪهاڻين جو مجموعو ٻيو ايڊيشن نيو فيلڊس پبليڪيشن
حيدرآباد، ص 10 کان 14.
(5) ”نادر بيگ جون ڪهاڻيون “ انسٽيٽوٽ آف
سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1992.
(6) مامتورا، آسانند ”ڳنوارڻ “ سنڌي ڪيمپس
پبليڪيشن 1978 ص 82.
(7) شبد ۽ سنسڪرتي ڪونج پبليڪيشن بمبئي 1982ع،
ص 23 ۽ 56.
(8) ----ايضا --- ص 75
(9) ٻوهيو الهداد (ڊاڪٽر ) ”سنڌي ٻوليءَ جو
سماجي ڪارج “ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو. 1979ع ص 15.
(10) نورالهديٰ شاهه ”ڪيڏارو “ سهڻي پبليڪيشن
حيدرآباد 1990ع ص 49.
ولي رام ولڀ
اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي اخبار نويسيءَ
جو هڪ جائزو
(نوٽ: اخبار نويسي،تاريخ جو هڪ اهڙو
سرچشمو آهي، جو ان کانسواءِ تاريخ جي حقيقتن کي
سمجهڻ جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي، اخبار نويسي
ڪنهن به ملڪ جي حالاتِ حاضره کي قلمبند ڪري ٿي،
جيڪو اڳتي هلي تاريخ جو حصو بڻجي وڃي ٿو: جو اخبار
نويسي تاريخ لاءِ ڪچو مال مهيا ڪري ٿي.)
دنيا ۾ هر دور دوران هر ڪنهن ملڪ ۾ اخبار
نويسي جو روپ ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ ضرور موجود هو،
هر ڪنهن ملڪ پنهنجي ارتقائي قدمن ۽ منزلن جا گس
پڇائي، ماضيءَ جي دز چڙهيل ورقن ۾ پاڻ کي ڳولي،
پنهنجي لاءِ مستقبل ۾ وڌيڪ ترقيءَ جون راهون متعين
ڪيون آهن، اهڙي طرح اهي هڪ طرف پنهنجي ماضيءَ کان
ناتو نه ٿا ڇنن ته ٻئي طرف مستقبل تان نظر به نه
ٿا هٽائين.
سنڌ جي تهذيب دنيا جي سڀ کان آڳاٽي چئي وڃي
ٿي، جنهن جو جيئرو جاڳندو ثبوت ” موهن جو دڙو “
آهي، هن ڦٽل دڙي جي آڳاٽن آثارن تي غور ڪرڻ سان
ذهن ۾ سوال اڀري ٿو ته جڏهن اتان جا رهواسي پنهنجي
رهائش لاءِ مڪمل طور تي شهري اڏاوتي رٿابندي موجب
گهر، کوهيون ۽ حوض، وهنجڻ جون جايون، تلاءَ ۽ نالا
ڻ ڪسيون جوڙي سگهيا ٿي ته پوءِ وٽن ترقي يافته
لکيت ۾ ڪم ايندڙ ٻولي ڪيئن نه هوندي؟ هنن پنهنجي
روزمرهه جي سماجي وهنوار ، ڳانڍاپي ۽ ڪاروبار جو
وسيلو ضرور ٻوليءَ کي بنايو هوندو،سندس ٻوليءَ جي
اهڃاڻي شڪل، جيڪا ٺڪرين تي اُڪريل يا ڇاپيل ملي
ٿي، موجوده نسل، پنهنجي سمورين سائنسي ۽ٽيڪنيڪي
سهوليت حاصل هئڻ جي باوجود پڙهڻ يا ان جو مطلب
سمجهڻ کان قاصر آهي، ان دور کان هن دور جي وچ ۾
ڪيترائي طوفان آيا هوندا، ڪيترائي ڀيرا ڌرتي ڌڏي
هوندي، ڪئين ڀيرا سگهارو سنڌو ٻنيون ٻارا، وسنديون
واهڻ، شهر ڳوٺ ٻوڙي ماڻهن کي پنهنجي ايندڙ پيڙهين
لاءِ پويان ڪجهه ڇڏي وڃڻ کان سواءِ، گمنامين جي
اونداهين ۾ غرق ڪري ويو هوندو: ۽ ڪيترن ئي حملي
آور جنگجو مهمجوئن تهذيبن جا نشان به ناس ڪري ڇڏيا
هوندا، ان ڪري زمانن جي گذرڻ کانپوءِ انهن نسلن ۽
اڄ جي نسلن ۾ ڪو تعلق قائم نه ٿي سگهيو آهي، ڪا به
ڪڙي، ان دور جي ڪڙي سان نه ٿي ملي، ايتري قدر جو
هاڻي رڳو تصورن، انومانن ۽مفروضن جي بنياد تي
نتيجا ڪڍيا وڃن ٿا، يا انهن لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
اهو به تاريخ کان اڳ وارو دور هو، پر
هندو ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم جي دورن ۾ هتي ڇا وهيو واپريو
هوندو، انهن جي باري ۾ پڻ تاريخ گونگي آهي، يا
سندس وات تي پٽو چڙهيل آهي، ان کانپوءِ وري اسلامي
دور کي پڻ اسان کي دوربين سان ڏسڻوپوي ٿو، ته
تاريخ ۾ اسانڪٿان ڪٿان گذريا آهيون ۽ اسان جي قدمن
جا نشان باقي ڪٿي ڪٿي آهن، اهي سڀ دور ۽ انهن جا
مختلف پهلو تحقيق طلب آهن.
هيءُ تحقيقي مقالو(Thesis)
سنڌ يونيورسٽي جي شعبه ابلاغء عامه
The Department Of mass Communication
جي ايم اي فائنل جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ 1990ع ۾
لکيو ويو هو، جنهن ۾ اڻويهين صديءَ جي تاريخي
پسمنظر ۾ اخبار نويسي جي جائزي وٺڻ جي تحقيقي
جستجو ڪيل آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ اڻويهين صديءَ جو
وچ هڪ اهڙو موڙ آهي، جتان اسان جو ملڪ هڪ نئين
راهه اختيار ڪري جديديت ڏانهن گامزن ٿئي ٿو، جتي
ڏيهي حڪمران ٽالپرن جو حڪومتي دور ختم ٿيڻ جو
واقعو رونما ٿئي ٿو، اتي انگريزي راڄ اچڻ سان جديد
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ قدم رکڻ لاءِ پيش رفت
جي شروعات ٿئي ٿي، مواصلات ۽ابلاغ عامه جا وسيلا
متعارف ٿين ٿا، جيڪي اڳتي هلي اسان کي اليڪٽرانڪ
ميڊيا ۽سيٽلائيٽ جي دور ۾
وٺي
هلن ٿا، انهن سڀني ۾ اخبار نويسي جو ڪردار هند ۽
سنڌ جي تاريخ ۾ اهم ۽ فيصله ڪُن ثابت ٿئي ٿو.
سموري دنيا ۾ اخبار نويسي جي تاريخ جا محقق
ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، هڪڙي گروهه جو خيال آهي ته
اخبار نويسي جي تاريخ ۾رڳو اخبار نويسي جي فن جي
اوسر جو داستان قلمبند ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ٻئي
گروهه جو نقطه نظر آهي ته اخبار نويسيءَ راءِ
عامه جو هڪ موثر ادارو آهي، انهيءَ ڪري جڏهن اخبار
نويسيءَ جي تاريخ لکي وڃي ته راءِ عامه جي تاريخ
مرتب ڪئي وڃي، مثال طور اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته اخبار
نويسي، سياسي ۽ سماجي سوچ ۽ راين کي ڪيئن تبديل
ڪيو ۽ راءِ جي آزادي کان ڪيئن فروغ ڏنو.
آئون ٻئي گروهه جي راءِ سان سهمت آهيان، پر جڏهن
تحقيق هيٺ موضوع تي ڪم هٿ ۾ کنيو ويو ته اهو دور
ايڏو وسيع، ڦهليل ۽ گهڻ پاسائون هو، جو محسوس ٿيو
ته مقالي جي دائره ڪار جي تنگ داماني سبب موضوع
سان انصاف نه ٿي سگهندو، انهيءَ ڪري موضوع ۽ ان جي
دائره ڪار کي اڻويهين صديءَ ۾ انگريزن جي آمد کان
اڳ واري دور جي اخبار نويسي جي پس منظر ۽ ان کان
پوءِ جاري ٿيل اخبار نويسي جي ارتقا تائين رکيو
ويو، جنهن ۾ پهلو بچائڻ جي احتياط جي باوجود
لاڳاپيل موضوعن کي ڇهڻ اڻٽر هو، جيڪي مستقبل جي
تحقيق لاءِ اڇوتا ڪري رکيل هئا، اهي موضوع تاريخي
تحقيق ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ هميشه ڪشش جو
ڪارڻ
رهندا.
هن مقالي ۾ اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي اخبار
نويسي جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويوآهي، انهيءَ دور
۾ سنڌ جي جديد طرز تي تشڪيل جي شروعات ٿي هئي،
جنهن ۾ اخبار نويسي جو چڱو خاصو عمل دخل رهيو هو،
انهيءَ جي پس نظر موضوع جو اڀياس ٻن مکيه مقصدن
کي ذهن ۾ رکي ڪيو ويو آهي:
1. انگريزن جي آمد سان، سنڌ ۾ مختلف ٻولين جي
اخبارنويسي جي اوسر کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ
۽
2 . ان جو مختصر جائزو وٺڻ
انهن مقصدن کي ماڻڻ لاءِ مقالي کي مکيه چئن بابن ۾
ورهايو ويوآهي، جن جو اختصار هن ريت ٿئي ٿو:
1843ع ۾ انگريزن جي آمد کان اڳ سنڌ ۾
وقائع نويسيءَ جي روايت رهي آهي، جنهن عربن جي دور
کان وٺي ميرن جي دور تائين ٻارنهن صدين ۾ مختلف
ارتقائي مرحلا طئه ڪري اها صورت اختيار ڪئي هئي.
اهو سمورو دور بادشاهن ۽حڪمرانن جو دور
هو، جنهن ۾ انهن جا فرمان ۽ اعلان مختلف طريقن ۽
وسيلن سان عوام تائين پهچايا ويندا هئا ۽رعايا جون
خبرون چارون حڪمرانن تائين پهچايون وينديون هيون،
حڪمرانن جا پگهاردار ملازم درٻار ۾ مقرر ۽ موجود
هوندا هئا، جيڪي حڪمرانن جي سموري ڏينهن جي سرڪاري
روئداد قلمبند ڪندا هئا، انهيءَ سموري دور ۾
حڪمران اهم هو ۽ عوام کي سندس خوشنودي ۽ خوشحالي
لاءِ پاڻ پتوڙڻو هو، عوام جون خبرون عوامي سطح،
عوام کي نه ٿي پهتيون، پر حڪمرانن تائين پهچنديون
هيون، جنهن لاءِ ان وقت جي ملڪي ڍانچي ۾ انتظام
ٿيل
هوندا هئا، اهي سڀ سهولتيون ۽ بندوبست حڪمرانن
پنهنجي انتظامي ڍانچي کي مضبوط ۽ منظم ڪرڻ لاءِ
ڪري رکيا هئا ته جيئن اهي بي کٽڪي حڪومت ڪري
سگهجن.
اڻويهين صدي جي وچ ڌاري جڏهن انگريزن ميرن کي
شڪست ڏئي سنڌ جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ ورتيون ته
هنن حڪومت جي سموري انتظامي ڌانچي کي تبديل ڪرڻ جا
جيڪي اقدام ڪيا، انهن ۾ مواصلات جا ذريعا اهم آهن.
روڊن ۽ رستن جي حالت سُڌاري وئي،سموري ملڪ جي سروي
ڪري ان کي حصن ۾ ورهائي هڪ اهڙو
Infra Structure
جوڙيو ويو، جيئن کين انتظام هلائڻ ۾ سهولت ٿئي،
ٽپال جو سرشتو نئين سر سنواريو ويو، ريلوي کي
متعارف ڪرايو ويو، اڳوڻي سرڪاري طور رائج ٻولي
فارسيءَ کي ختم ڪيو ويو ۽ ان جي جآءِ تي ڏيهي ٻولي
سنڌي، جيڪا عوام جي ٻولي هئي، ان جي لپيءَ کي
سنواري سڌاري کيس باقائديس مقررشڪل ڏيئي ذريعه
تعليم جي حيثيت ڏني وئي ۽ انگريزي زبان کي سرڪاري
ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ اسڪول
کليا ۽ تعليم عام ڪرڻ جا انتظام ڪيا ويا.
سنڌ جي مقامي علمي، انتظامي، سماجي ۽ ثقافتي
روايتن جي ڀيٽ ۾ انگريزن کي يورپ جي جديد ۽ ترقي
يافته تعليمي، علمي ۽ انتظامي ڄاڻ جو پس منظر هو،
سندن حڪمراني شروع ٿيڻ جي ٻن سالن کانپوءِ يعني
1945ع ۾ انگريزي زبان جي پهرين اخبارAdvertiser
Kurrachee
جو اجراءَ ٿيو، جنهن کي خود سنڌ جي فاتح انگريزي
زبان جي چارلس نيپيئر جي سرپرستي حاصل هئي، اهڙي
طرح سنڌ ۾ جديد اخبار نويسيءَ جي شروعات ٿي ۽ اهو
سلسلوپوءِ يورپي توڙي ڏيهي ماڻهو جاري رکندا آيا،
ان طرح هي ملڪ يورپ جي ترقي يافته خيالن، فڪري
لاڙن ۽ نين سرحدن سان هم ڪنار ٿيڻ لاءِ پيش قدمي
ڪرڻ لڳو.
جيئن ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ هن سرزمين تي
ٻارنهن صديون کن مسلمانن جي حڪومت قائم هئي ۽
فارسي زبان کي هڪ ڊگهي عرصي لاءِ سرڪاري زبان هجڻ
جي حيثيت حاصل هئي،تنهن ڪري انگريزي زبان توڙي
سنڌي زبان رائج ٿيڻ جي باوجود شُرفا طبقي ۾ علم،
ادب، دانش جي زبان فارسيءَ کي سمجهيو ويندو هو،
انهيءَ جي پيش نظر جلد ئي انگريزي جديد اخبار
نويسي جي طرز تي 1855ع ۾ فارسي اخبار نويسي جي
شروعات ٿي، پرپوءِ سنڌي زبان جنهن کي عام ڳالهه
ٻولهه واهپي ۽ سرڪاري سطح تي حيثيت حاصل هئي ۽
فارسي جي جاءِ وٺي رهي هئي، فارسي اخبارن ۾ جزوي
طور تي جاءِ وٺڻ لڳي، جلد ئي اهو سلسلو پڻ بند ٿي
ويو ۽ 1856ع ۾ سنڌي زبان جي پهرين مڪمل اخبار ”سنڌ
سُڌار “ شايع ٿيڻ لڳي، جنهن کي سرڪاري سرپرستي
حاصل هئي، اخبار نويسي جي دنيا ۾ سنڌي زبان جي
حوالي سان اهو هڪ
Break Through
هو.
اها اخبار پوءِ سنڌ جي پهرين سماجي سياسي،
تنظيم ”سڌار سڀا “ جي حوالي ٿي، جيڪا هندو، مسلمان
۽ پارسي طبقن جي روشن دماغ ماڻهن تي مشتمل هئي،
انهيءَ تنظيم ”سڌار سڀا “ اخبار کي عوام جي حقن
لاءِ استعمال ڪيو، پر پوءِ رڳو چئن ورهين جي عرصي
۾ اها تنظيم هندو-مسلمان ڏڦيڙ جوشڪار ٿي وئي، جنهن
جي نتيجي ۾ تنظيم ۽ اخبار ٻئي بند ٿي ويون ۽ سنڌ
جي سماجي زندگي ٻن مختلف ڌارائن ۾ ورهائجي وئي،
جنهن اڳتي هلي پاڪستان کي جنم ڏنو.
انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ سنڌي اخبارن، ٻن گروهن ۾
ورهائجي باقاعده فرقيوارن نفرت کي هوا ڏني، ڇو جو
ان وقت اخبارون پنهنجي مالڪن جي شخصي خيال، مڪتبه
فڪر يا سياسي يا مذهبي پارٽين جي سرپرستي هيٺ انهن
جي نظرين ۽ موقفن کي عام ڪنديون هيون.
جتي اهي اخبارون فرقيوارانه گروهه بندي جو شڪار
ٿيون، اتي جديد اخبار نويسي جي اصولن ۽ قدرن جي به
آبياري ٿي، ڪيتريون ئي انگريزي ۽ سنڌي اخبارون ۽
رسالا شايع ٿيڻ لڳا، جن نه رڳو سماجي ذميداري جا
فرض سرانجام ڏنا، پر ادب کي پڻ جديد بنيادن تي
بيهڻ لاءِ پنهنجي صفحن ۾ جاءِ ڏئي راهه هموار ڪئي،
اهڙي طرح اڻويهين صديءَ جي پوين پنجونجاهه سالن ۾
يورپي ماڻهن طرفان ڏهه اخبارون ۽ پنج رسالا جاري
ڪيا ۽ پوين پنجيتاليهه سالن ۾ ڏيهي ماڻهن طرفان ٻه
فارسي ۽ ٻه فارسي-سنڌي گڏيل، پندرهن مڪمل سنڌي،
چار گجراتي، هڪ اردو ۽ نو انگريزي اخبارون شايع
ٿيون ۽ بند ٿينديون رهيون، پر ڪي ته ويهين صديءَ ۾
جاري رهيون.
جيئن ته مقالي جو سڌو سنئون واسطو اڻويهين
صدي سان آهي، ان ڪري پهريون باب تعارفي آهي، جنهن
۾ عربن جي دور کان وٺي ٽالپرن جي حڪمراني جي دور
تائين اخبار نويسيءَ جي اوائلي صورت وقائع نويسي ۽
ان جو پس منظر بيان ڪيو ويو آهي.
مقالي جي ٻئي باب ۾ 1843ع ۾انگريزن جي سنڌ
۾آمد ۽ سندن پهرين ٽن انگريزي اخبارن جي اجرا کان
سواءِ ڏيهي باشندن جي انگريزي اخبار نويسي جو
تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ اڀياس
هيٺ آيل دور ئي هڪ اهڙو دور هو، جنهن ۾ سنڌي
ٻوليءَ کي ”سرڪاري ٻولي “ جو درجو مليو ۽ خود وقت
جي سرڪار، ٻولي،علم، ادب ۽ اخبارنوييسي جي اوسر
لاءِ ڪوششون ورتيون، جنهن ڏيهي اخبار نويسي جا
مضبوط بنياد مهيا ڪيا.
مقالي جو ٽيون باب سنڌ جي فارسي
اخبار نويسي جي باري ۾آهي، جنهن سنڌي اخبار نويسي
لاءِ هڪ ڏاڪي جو ڪردار ادا ڪيو، دراصل فارسي
اخبارن ۾ سنڌيءَ کي پڻ جوڳي جاءِ ڏني ويندي هئي،
پر پوءِ اهو وقت آيو جو فارسي اخبارن جي مالڪن
سنڌيءَ ڏانهن (Switch
Over)
ڪيو ۽ اهڙي طرح سنڌي اخبار نويسي لاءِ راهه کلي
پئي.
مقالي جو چوٿون باب مقامي اخبار نويسيءَ
جي دنيا جي اوسر تي ٻڌل آهي، اها دنيا ڏيهي ماڻهن
جي سنڌي، انگريزي، گجراتي ۽ اردو اخبار نويسي سان
آباد آهي، جنهن جي اهميت توڙي افاديت کي نظرانداز
نه ٿو ڪري سگهجي، دراصل ڏيهي اخبار نويسي جنهن دور
۾ پروان چڙهي هئي، ان سياسي ۽ سماجي طرح تمام وڏا
واقعا رونما ٿيا هئا، جهڙوڪ سنڌ جي هندو مسلمان جي
گڏيل پهرين سماجي سياسي جماعت ”سنڌ سڀا “ جو وجود
۾ اچڻ، ان ۾ ڦيٽارو ٿيڻ، مسلمانن جو نئين جماعت
ٺاهڻ، ”نيشنل ڪانگريس “ ۾ ”سنڌ سڀا “ جو ضم ٿيڻ
وغيره، انهن واقعن سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن کي ٻن
مخالف ڌرين ۾ ورهائي ڇڏيو، جن ۾ سنڌ جي اخبار
نويسي وڏوڪردار ادا ڪيو، ان کانسواءِ جديد ادب جون
پاڙون پڻ ان وقت جي اخبارنويسي ذريعي پختيون ٿي
رهيون هيون، جنهن جي ذريعي اڄ اسان پنهنجي ادب کي
دنيا جي ادب سان ڀيٽي سگهڻ جي جرئت ڪريون ٿا.
مقالي جي پڄاڻي واري حصي ۾ چئني بابن جو
جائزو پيش ڪيو ويو آهي ۽ پوءِ ضروري ڄاتو ويو ته
تحقيقي مقالي(Thesis)
جي آڌار تي اخذ ڪيل نتيجن جو خاڪو چٽي ڇڏجي، ان
ڪري اهي ڳالهيون پڻ پڄاڻي جي پڇاڙيءَ ۾ پيش ڪيون
ويون آهن.
انهيءَ کانسواءِ هن مقالي ۾ اڻويهين صديءَ
۾شايع ٿيل يورپي ۽ ڏيهي اخبار نويسيءَ جا انگ اکر
ضميمن جي صورت ۾ پڻ ڏنا ويا آهن، جيڪي انهن جو هڪ
طائرانه منظر پيش ڪن ٿا.
مختلف بابن ۾ اهڙين اخبارن ۽ رسالن جوذڪر
اچي ٿو، جيڪي اڄ ڪالهه اڻ لڀ آهن ۽ ورلي دستياب
آهن، انهن اخبارن مان جيڪي ملي سگهيون تن جي سرورق
۽پهرين صفحي جا عڪس هن مقالي ۾ شامل ڪيا يا آهن،
جيڪي پڪ سان دلچسپي جو سبب بڻيا.
هن تحقيقي مقالي لکڻ جي تياري لاءِ مواد
گڏ ڪري، ترتيب ڏيڻ ۾ ڪيترائي ڪتاب، رسالا،
اخبارون، تحقيقي مضمون،
Ph .D
لاءِ پيش ڪيل، ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل مقالا(Thesis)
نظر مان ڪڍيا ويا آهن، انهن مان ڪن جي فاضل مصنفن
۽ محققن، اخبار نويسيءَ جي اوسر جي مدد سان سنڌ جي
سياسي، سماجي مسئلن جا نتيجا ڪڍڻ کان قطع نظر،
ڪجهه اخبارن، رسالن جو ذڪر به نه ڪيو آهي، جيڪڏهن
انهن جو ذڪر ملي ٿو ته منجهن تاريخ ۽ سن صحيح ڏنل
نه آهي، ڪن محققن ته ڪافي سارو مواد کڻي، حوالو
درج ڪرڻ کانسواءِ ئي اهو مواد پنهنجو ڪري پيش ڪيو
آهي، هن مقالي ۾ انهن سڀني رسالن، تحقيقي مضمونن ۽
مقالن کي ڀيٽي، رهجي ويل اخبارن ۽ رسالن کي شامل
ڪري انهن جا سن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
پڄاڻي ۾ هتي اردو ۽ انگريزي جي
اخبار نويسيءَ جي تاريخي تحقيق تي ٻڌل انهن ڪتابن
جو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري آهي، جن ۾ ننڍي کنڊ جي اخبار
نويسيءَ جي داستان لکڻ جي دعويٰ ڪيل آهي، پر منجهن
رڳو اردو ۽ جزوي طور تي انگيزي اخبار نويسيءَ جو
داستان ته آهي پر سنڌيءَ اخبار نويسي جو ڪٿي به
ذڪر نه ٿو ملي،انهن جا مثال ڊاڪٽر عبدالسلام
خورشيد جو ڪتاب ”صحافت پاکستان و هند مين “ (جيڪا
سندس پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي) ۽ ايم ايس ناز جو
”اخبار نويسي ڪي مختصر ترين تاريخ “ آهن، اهڙا ٻيا
به ڪيترائي ڪتاب آهن، جن سنڌي اخبار نويسيءَ جو ڪو
به ذڪر نه ٿو ملي، اڀياس هيٺ دور ۾، سنڌ مان اردو
زبان ۾ رڳو هڪ هفتيوار اخبار ”دوربين “ شايع ٿي
هئي، پر هن مختصر مقالي ۾ڪوشش ڪري اڻويهين صدي ۾
سنڌ ۾ جاري ٿيل سڀني ٻولين جي اخبارن ۽ رسالن جو
تذڪرو ڪري کين تاريخي حصار ۾ ورتو ويو آهي، ته
جيئن هيءُ مقالو آئنده جي تحقيقي ڪم لاءِ مددگار
ثابت ٿئي پر انهيءَ حقيقت جو احساس آهي ته هيءَ
مقالو ان سلسلي ۾ حرفِ آخر ناهي، هيءَ تي
خلوص ۽ محنت جو ڦل آهي ۽ پيار جو پورهيو آهي.
آئون پنهنجي دوست ۽ استاد هربخش
ماکيجاڻيءَ، ڊپارٽمينٽ آف ماس ڪميونيڪيشن جو نهايت
ٿورائتو آهيان، جنهن هن تحقيقي مقالي جي موضوع جي
چونڊ ڪرڻ ۾منهنجي مدد ڪئي ۽ پنهنجي مصروف شيڊيول
جي باوجود هيءَ مقالو لکڻ لاءِ منهنجو سونهون ٿيڻ
قبول ڪيو، وقت بوقت پنهنجي قيمتي صلاح مشورن سان
نوازيندو رهيو ۽ گڏوگڏ پنهنجي ذاتي لائبريري جا
ڪتاب اڌارا ڏئي منهنجي مقالي جي مواد حاصل ڪرڻ ۾
مدد ڪيائين.
شروعات ۾ مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ترتيب ڏيڻ ۾
دقت پيش آئي پر دوست ۽ استاد محترم عبادالله
راشدي، چيئرمين ڊپارٽيمينٽ آف ماس ڪميونيڪيشن
جي مشوري موجب محترم ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جي ”علم
تحقيق “ ۽ محترم ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ جي ”تحقيق
جو فن “ جي اڀياس ڪرڻ ۽ گڏوگڏ تحقيق جي ڏس ۾ سندس
ٻڌايل رهنما نقطن تي غورڪرڻ کانپوءِ هيءَ مقالو
لکي سگهيون آهيان
آئون
سندس وڙ وساري نه ٿو سگهان.
محترم ڊاڪٽر الهرکي ٻُٽ، استاد شعبه
لائبريري سائنس ۽ مانواري دوست محترم غلام محمد
لاکي، استاد پاڪستان اسٽڊي سينيٽر مواد جي
فراهميءَ ۾ منهنجي مدد ڪري هيءَ مقالو لکڻ جو ڪم
سولو ڪري ڏنو، جنهن لاءِ سندن جيترا ٿورا ڳائجن
اوترا ٿورا.
محترم ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه رضوي، پروفيسر فار
ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا اسٽڊي سينٽر، سنڌ
يونيورسٽي سان تحقيق جي موضوع تي وقت بوقت گفتگو
منهنجي لاءِ اتساهه جو سبب رهي، سندس مشورن لاءِ
آئون مشڪور آهيان.
آئون محترم گل محمد مغل، لئبريرين،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
جو احسان وساري نه ٿو سگهان، جنهن ناياب ۽ اڻ لڀ
ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون ميسر ڪري ڏنيون
نه ته جيڪر انهن جي غير موجودگي ۾ هيءَ مقالوڪڏهن
به مڪمل
نه لڳي ها.
پڇاڙي ۾ آئون محترم شاهجهان سلاوٽ، مائڪرو
فارم آفيسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽انهن سڀني
مهربان سڄڻن جو ٿورائتو آهيان، جن هن مقالي لکڻ ۾
سڌي توڙي اڻ سڌي طرح مددڪئي، خاص ڪري محمد هاشم
قمبراڻي جا وڏا وڙ، جنهن هن مقالي جي مسودي کي
غلطين کان سواءِ ٽائيپ ڪري ڏنو.
(ولي رام ولڀ)
باب پهريون
تعارف: وقائع نگاري-سنڌ ۾ اخبار
نويسي جي اولين صورت
سنڌ ۾ خبرن ڏيڻ وٺڻ، پيغام کڻي وڃڻ توڙي
انساني جياپي بابت مواصلات ذرعي مختلف ڪم ڪار
اڪلائڻ جي ريت رسم ايتري پراڻي آهي جيتري خود سنڌ
جي تاريخ، سنڌ ”موهن جي دڙي “ جي عظيم الشان
تهذيبي دور ۾ هجي يا هندو ٻُڌ ڌرم جي گهراڻن جي
تابع رهي هجي، يا اڃا وچين دور جي مسلمان حڪمرانن
جي حڪومت مان گذري هجي، هر دور ۽ هر صورتحال کان
واقف ٿيڻ، خبرن جي ڏي وٺ ۽ مٽا سٽا جو هتي بهتر
بندوبست رهيل نظر اچي ٿو . ان مقصد لاءِ اخبارن،
ريڊين، ريل گاڏين ۽ ٻين جديد ذريعن جو متعارف ٿيڻ
۽ ڪتب ۾اچڻ اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي، پر ماضيءَ ۾ ان
لاءِ مختلف سلسلن ۽ صورتن ۾ بندوبست هوندو هو،
ڪنهن زماني ۾ ان ڪم لاءِ ته پکي به استعمال ٿيندا
هئا، سنڌ ۾ عام ٻهراڙي جي ماحول کان وٺي ڪلاسيڪي
شاعري ۽ لوڪ ادب ۾ ”ڪانءُ“ جي حيثيت تسليم ٿيل
آهي، جنهن لاءِ ڪيئي مثال ڏئي سگهجن ٿا.
دنيا هميشه تبديلين جومحور رهي آهي، اسلامي
دور ۾، ان مقصد لاءِ ڪي خاص انتظام ڪيا ويا ۽
مواصلات جي شعبي کي خاص اهميت ڏيئي مضبوط ۽ موثر
ڪيو ويو، انهيءَ ڏس ۾ مولائي شيدي لکي ٿو:
”عربن جي ڏينهن ۾ ٽپال کاتو ”بريد “ سڏبو
هو، هر هڪ منزل تي ٻارنهن ميلن کانپوءِ حڪومت
پاران تيز رفتار گهوڙا مقرر هوندا هئا، صوبن جو
احوال، قاصدن ذريعي مرڪزي حڪومت کي ملندو هو، فتح
سنڌ جو نقشو حجاج بن يوسف ئي رٿيو هو، غازي محمد
بن قاسم سندس احڪام جي پيروي ڪندو رهيو، ان قسم جا
احڪام وٽس ٽپال رستي پهچندا هئا، ٽپال کاتي جو وڏو
عملدار ” صاحب بريد “سڏبو هو، عباسي دور ۾ ٽپال جو
ڪم ڪبوترن جي ذريعي به هلندو هو، ڪبوترن جو رواج
خليفي العتصم جي وقت ۾ رائج ٿيو“.ظاهر
آهي ته سنڌ پهرين صديءَ ۾ ئي اسلامي دنيا ۾، عرب
فتوحات ذريعي شامل ٿي وئي هئي، سنه 711ع ۾ محمد بن
قاسم پهتو ۽ سنڌ فتح ڪيائين، لڳ ڀڳ ٽن صدين تائين
عربن هتي حڪومت ڪئي ۽ سنڌ هڪ صوبي جي حيثيت ۾
پهرين دمشق ۽ پوءِ بغداد سان لاڳاپيل رهي، اڳتي
هلي مقامي عربن سنڌ کي مرڪز کان ڇني جا رياست جو
روپ ڏنو، اهي هباري خاندان جا عرب هئا ۽ 855ع ۾
انهن اهو قدم کنيو، ان طرح وري به هيءَ ملڪ سن
1010ع تائين عربن جي تابع رهيو، ظاهر آهي ته عرب
دنيا جي هڪ حصي طور رهندي، سنڌ ۾ به ”بريد “ جو
شعبو کوليو ويو ۽ ان کي ڀرپور نموني ڪتب آندو ويو،
محمد بن قاسم ۽ حجاج بن يوسف جي وچ ۾ سنڌ جي فتح
دوران سوين خط جو تبادلو ٿيو، جنهن جا تفصيل ڪتابن
۾ موجود آهن.
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته بريد جو نظام عرب دور جي
شروع ۾ ئي منظم ڪيو ويو هو.
سنڌ ۾ 1010ع کان 1350ع تائين يعني 320 سال سومرا
برسر اقتدار رهيا، ان بعد سمن جو راڄ شروع ٿيو،
جيڪو 1351ع کان هلي 1520ع ۾ ختم ٿيو، سومرن
وارودور وڏي ڇڪتاڻ وارو زمانو ٿوڏسجي، هڪ طرف
سومرن جو حڪم هليو ٿي ته ٻئي طرف صرف سنڌ جي گهڻن
حصن تي غزنوي، غوري، غلام، خلجي ۽ تغلق خاندانن جا
گورنر قابض رهيا، جن جا تفصيل تاريخن ۾ موجود آهن
هن
پس منظر ۾ ڏسجي ٿو ته سنڌ جي انتظامي صورتحال
۽نقشي تي دهلي ۽ افغانستان جي جوڙجڪ جو پاڇو به
پيل هو، توڙي جو سومرن جي راڄ ۾ ڀٽ، ڀان ۽ چارڻ
قديم زماني کان پروپئگنڊا جا اهم ذريعا هونداهئا،
جي پنهنجي بيتن ۽ ٻين طريقن سان حڪمران ڌر ۽ عوام
۾ ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ جا وسيلا ٿي ڪم ايندا هئا، نشر
و اشاعت جوذمو به سندن سر تي هوندو هو،
انهن جي زمانن ۾ ملڪ جون خبرون چارون ڀٽن ۽ ڀانن
ذريعي درٻار تائين اينديون هيون ۽ درٻار جا فيصلا
۽ حڪم احڪام انهن جي ذريعي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙبا
هئا، اڄ به اهي ڳالهيون انهن جي ذريعي محفوظ آهن ۽
سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب جوڙين ٿيون، مثال طور
دودو چنيسر ۽ علائوالدين خلجيءَ (1300) جي وچ ۾
ٿيل جنگ جا تفصيل تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾نه ٿا
ملن، پر ڀٽن ۽ ڀانن ذريعي اها تاريخي ڪٿا اڄ به
محفوظ آهي ۽ سنڌ جي تاريخ جي هن باب کي اسان تائين
پهچائڻ ۾ مددگار بڻي آهي.
”تغلق سلطانن جي ڏينهن ۾ ٽپال جو پورو
انتظام هو، ان جهڙو انتظام اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو،
ٽپال جا چار قسم هئا، پهريون: اولاق يعني گهوڙي
سوار ٽپالي، ٻيو: شتر سوار ٽپالي، ٽيون:
پياداٽپالي،چوٿون: ڪبوتر “
ابن بطوطه جيڪو پنهنجي سفر جي
دوران محمد بن تغلق جي زماني ۾ سنه(843 هه 1333ع
)۾ سنڌ ۾ به آيو هو، پنهنجي سفرنامي ۾سنڌ بابت به
احوال لکيو اٿس، جنهن مان سنڌ جي قديم حالتن تي
روشني پوي ٿي، هو اُن وقت جي ٽپال جي سرشتي بابت
لکي ٿو:
رحيمداد خان مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ “ سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع ص 161.
مخدوم امير احمد (مترجم): ”فتح نامو سنڌ عرف
چچ نامو“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1976ع ص
57
Panhwar M H ''The Chronological Dictionary
of Sindh'',
Singhology, jamshoro
1983،pp
.206-310
عبدالله خان مگسي: ”سمن جي دور جو سياسي،
سماجي ۽ اقتصادي نظريو”مقالو“، ٽماهي مهراڻ 2،
1986ع سنڌي ادبي بورڊڄامشورو،ص 95
رحيمداد خان مولائي شيدائي;
”جنت السنڌ“ ، سنڌي ادبي بورڊ،حيدرآباد 1958ع،
ص162
مخدوم امير احمد (مترجم ) ”فتح نامو عرف
چرچ نامو “سنڌي ادبي بورڊ ، حيدرآباد،
1976ع ، ص
–
57
Panhwar, M.A, ''The Chronological
Dictionary Of Sindh,''
Sindhology, Jamshoro, 1988, PP. 205-310.
عبدالله خان مگسي: ”سمن جي دور جو
سياسي، سماجي ۽ اقتصادي نظريو “ (مقالو) ٽماهي
مهراڻ، 1، 1986ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 95.
رحيمداد خان مولائي شيدائي: ”جنت
السنڌ “ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1976ع ص
298.
|