سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1992ع

مضمون

صفحو :18

ٻين ٻولين ۽ بلوچي ۽ براهوي ٻولين و اترادي محاوري تي ڪافي اثر آهي، انهيءَ سلسلي ۾ ڀيرو مل جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ويند واري زماني کان وٺي سنڌ ۽ قنڌار جي ماڻهن جي پاڻ ۾ گهڻي  لهه وچڙ هئي، انهيءَ کانپوءِ به هندن جي صاحبي ۾ افغانستان ۽ بلوچستان  جا ڪجهه  ڀاڱا سنڌ جي حڪومت هيٺ هئا، انهن سببن ڪري سنڌي تي بلوچي ۽ پشتو جو  گهڻو اثر پيو ( ص -89). گرئيرسن جي حوالي سان   بلوچي جا ٻه مکيه لهجا مغربي ۽ مشرقي ڳڻايا اٿس، بلوچي سان گڏ سرائڪي ۽ ملتاني ٻولين جا اترادي محاوري تي جيڪي اثرات پيا آهن، انهن جا مثال لفظن جي هڪ جهڙائي آهي، ڊاڪٽر مهر عبدالحق اهڙن لفظن جو وچور  ڏيندي لکي ٿو ته اهڙا لفظ ٻين هند آريائي ٻولين ۾ ڪونهن ( ص 9) ڊاڪٽر هدايت پريم اترادي محاوري تي براهوي جي اثر جي حوالي سان به ڀرپور بحث ڪيو آهي، هو لکي ٿو ته سنڏي زبان جي صورتخطي ۽ براهوي زبان جي الف بي ۾ ڪافي هڪ جهڙايون آهن، اهڙا مثال ڊاڪٽر عبدالرحمان براوهي جي ترتيب ڏنل الفابيٽ مان ڏنا اٿس،  سنڌي ۽ براهوي جي سرن جي هڪ جهڙائي متعلق به لفظن جي لڙهي ڏئي، اترادي محاوري ۽ معياري محاوري تي انهن جا اثر ڏيکاريا ٿس، ڊاڪٽر هدايت انهيءَ سلسلي ۾ جتي ٻولين جي هڪ جهڙائي متعلق پنهنجا وزندار مثال ڏنا آهن، اتي ساڳي وقت ٻولي ماهرن جا حوالا به ڏنا آهن، ڊاڪٽر بلوچ حوالو ڏيندي لکي ٿو: قديم دور جي منڊا دوراوڙي ٻولين توڙي موجوده دور جي پاڙيسري ٻولي بروهڪي جا ڪي الفاظ سنڌي  ۾ رائج ٿي چڪا آهن(ص 95) بهرحال ڪتاب جو هي باب نهايت مثالي ۽ قابل  ستائش آهي.

باب ڇهين ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم اترادي محاوري ۾لوڪ ادب جي حصي جي باري ۾ پنهنجا رايا ڏنا آهن، اهڙن عالمن ۽ سگهڙن جي نالن جي لسٽ به ڏني اٿس، جن صاحبن هن فن تي تحقيق ۽ جستجو ڪئي آهي، هن علائقي جي لوڪ ادب ۽ پهاڪن وغيره تي ٻين ٻولين سان گڏ بلوچي، براهوي جو به ٿوررو گهڻو اثر آهي، پر خاص طور تي سرائڪي جو اثر وڌيڪ آهي، ان جا  ڏيندي ڊاڪٽر هدايت پريم ”سرور “، ڏور، ڇلڙو ۽ لولي (ليلڙي ) جا سرائڪي نمونا به ڏنا آهن، اترادي شاعرن ۾ واقعاتي لولي،  ليئڪو ۽ رومال اهڙا گيت آهن، جنهن ۾ وڇوڙي ۽ بيقراري سان گڏ محبوب جي تعريف ۽ گڻ رس جا به مضمون شامل آهن، اهي صنفون به  ڏنل آهن.

ستين باب ۾ اترادي محاوري جي خاص لفظن جي لڙهي الف ب وار ڏني اٿس، جنهن ۾  تقريبن 290 لفظ ۽ انهن جون معنائون ڏنيون اٿس

.باب اٺين ۾ 196 اترادي محاوري جون چوڻيون ۽ پهاڪن جي ميڙا چونڊي ڪئي اٿس، هي هڪ بهترين تحقيقي ڪم آهي.

باب ستين جھ شروعات ۾ جيڪڏهن خاص لفظن جي اهميت ۽ ڌاتو متعلق ڄاڻ ڏني وڃي ها ته هي باب وڌيڪ جامع ۽ ڪارائتو ٿئي ٿا، باب اٺين ۾ به ساڳي طرح پهاڪن ۽ چوڻين جو پس منظر بيان ڪيو وڃي ها ته ڪتاب ۾ وڌيڪ بهتري پيدا ٿئي ها ۽ چوڻين وغيره کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿي ها.

ڪتاب جي لوڪ ادب واري باب ۾ جيڪڏهن اترادي محاوري جا ”ٻاراڻا ٻول “ ۽ انهن جا مثال ڏجن ٿا ته اهو باب پاڻ وڌيڪ جامع ٿي پوي ها، ٻاراڻا ٻول خاص طور تي ٻار راند روند جي موقعي تي استعمال ڪندا آهن، رات جو سمهڻ مهل گهرن جون وڏيون ٻارن کي ريجهائڻ لاءِ ٻاراڻا ٻول ٻڌائينديون آهن، اهڙا اضافا ڪتاب جي جاميعت ۽ رونق لاءِ اهم ثابت ٿين ها.

حاصل ڪلام ته هي ڪتاب اٺن بابت ۽ 143 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز ۾ڇپيل ۽ بهترين ٽائيٽل سان سنواريل آهي،مضمون جي لحاظ کان مجموعي طور اترادي محاوري تي تمام سٺو، پيرائتو ۽ لساني اصولن تي صوتي، صرفي ۽ نحوي قاعدن پٽاندڙ بحث ڪيو ويوآهي، محاوراتي بحث ايترو آسان به ناهي ڇاڪاڻ جو صرف اترادي محاوري جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ وقت ليکڪ کي تمام گهڻي ٽيڪنيڪل پيچيدگين سان منهن ڏيڻو پيو هوندو، ڇو ته اترادي محاوري  جي ارد گرد ٻيا محاورا ۽ ٻوليون مستعمل آهن، جيئن ته خيرپور ضلعي جي اوڀرين پاسي جي وڏي ايراضي ۾ روهڙي ميرپور ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي تعلقن جي اوڀرندي پاسي هڪ وڏي گهيري ۾ ”ٿري محاورو “ رائج آهي، اولهندي پاسي کان وري سبي، نصير آباد ۽  جعفر آباد ضعلن ۾ جدگالي محاورو، ڳالهايو وڃي ٿو، سکر ضلعي جي اتر ۾ ۽ جيڪب آبادي ضلعي جي اوڀر يعني ڪشمور لڳ ماڇڪي جي ٻولي ۽ اڀي جي  ٻولي جو اثر آهي.

اهي سڀ پيچيدگيون لساني ميل ميلاپ ۽ ماڻهن جي لڏ پلاڻ جي ڪري مقامي ٻولين جو  ٽڪراءُ  ٿيندو رهي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ هر ڏهن سالن کانپوءِ مقامي ٻولي جي ذاتي اچار ۾ ڪافي فرق پيدا ٿيندو رهي ٿو اهڙو فرق صرف ڪو لساني ماهر (Isoglasses) ذريعي پرکي سگهي ٿو، بهرحال محاوري جي لساني حد بندي ڪرڻ  نهايت ٽيڪنيڪل ڪم آهي، جنهن کي ڊاڪٽر هدايت پريم بخوبي نڀايو آهي، ڊاڪٽر هدايت مٿين سڀني  حقيقتن کي سامهون رکي اڳتي وڌيو آهي، مون کي يقين آهي ته سندس  اها سوچ ۽ تحقيق سنڌي ٻولي جي واڌاري جو سبب بڻبي ۽ هي ڪتاب اترادي محاوري کي سمجهڻ لاءِ  سنڌي ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان اهم جاءِ والاريندو.

ڊاڪٽر الياس عشقي

شاهه لطيف جي بيتن جو وزن ۽ سنڌي اچار جا مسئلا

(علمي خط)

      سن 1991ع جي آخر ڌاري  پنجابي زبان جي برک ليکڪ، ناقد ۽ محقق محترمه دوست محمد آصف خان، ايڊيٽر ٽماهي پنجابي ادب لاهور مون کي هڪ خط ۾ لکيو  ته ”اوهان جي مضمونن مان مون کي معلوم ٿيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو وزن دوهي تي ٻڌل آهي ۽ انهن جي جوڙ جڪ دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ سان ٺهي آهي، پر مون کي بيتن جي  مصراعن ۾ وزن گهٽ وڌ نظر آيو آهي، تنهن ڪري مون ڪن سنڌي شاعرن ۽  اديب دوستن کان ان باري  پڇا ڪئي هئي پر ڪنهن  به مون کي خاطري جوڳو جواب نه ڏنو، هاڻي مهرباني ڪري اوهين ٻڌايو ته شاهه جي مصراعن جي وزن ۾ اها گهٽ وڌ ڇو آهي، جيڪڏهن اوهين  مثال  ڏئي ۽ تقطيع ڪري ان فرق کي واضح ڪندا ته شڪر گذار رهندس رهندس، اهو مسئلو مون کي پريشان ڪري رهيو آهي “ان زماني ۾  مون شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فن تي هڪ مضمون پئي لکيو، جنهن ۾ شاهه جي بيتن جو وزن به ويچار هيٺ هو، تنهن ڪري ان موقعي  مان فائدو وٺندي شاهه لطيف جي ڪن بيتن جي تقطيع ڪري پنهنجي دوست کي سندس سوال جو جواب لکي موڪليو، منهنجو جواب پوءِ هڪ  مضمون جي صورت ۾ ”شاهه جي شاعري ۾ فن جي اُپٽار “ جي سري هيٺ ٽماهي مهراڻ جنوري جون 1992ع ۾ ڇپيو، بعد ۾ مهراڻ جولاءِ-سيپٽمبر 1992ع ۾ برادر محترم ڊاڪٽر تنوير عباسي جو هڪ مختصر خط شايع ٿيو، جنهن ۾ موصوف لکيو ته ”عشقيءَ جو  مضمون پڙهيم “ ان ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ڇيد (تقطبع ) غلط ڪيو اٿائين، ان ڪري بيت جي سٽن ۾ ڇهن ماترائن جو فرق آهي، ان باري ۾ مضمون لکان پيو جلد موڪليندس “. مون کي ان مضمون جو انتظار رهيو، جيڪو پوءِ ٽماهي مهراڻ آڪٽوبر –ڊسمبر 1992ع ۾ شايع ٿيو.

اهو مضمون پڙهڻ کانپوءِ مون محسوس ڪيو ته ان جي ڪري بيت جي وزن بابت ادب دوستن ۾ غلط فهميون پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، تنهن ڪري مون پنهنجن خيالن کي هڪ مختصر خط ۾ لکي ايڊيٽر ”مهراڻ “ ڏانهن موڪليو، پر انهن ڏينهن ۾ ”مهراڻ “ جي عملي جي تبديليءَ جي ڪري منهنجو اهو خط ڇپجي نه سگهيو، مان وري ٻين ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس پر ٻٽي ڏينهن ٿيا ته ڊاڪٽر تنوير جو ان موضوع تي لکيل مضمون نظر آيو،مون اهو غور سان پڙهيو ۽ آئون وري  به ان نتيجي تي پهتس ته ان مضمون جي ڪري شاهه لطيف جي بيتن جي وزن بابت غلط فهمي پيدا ٿيندي ۽ ضروري سمجهم ته ان سلسل ۾ هڪ مختصر مضمون لکان.حقيقت ۾ ڇند وديا (پنگل) جو معاملو ايترو سولو ڪونهي، جو ڄيٺمل ڀاوناڻي جو ڪتاب ”سنڌي شعر “ يا ڪو ٻيو ڪتاب پڙهي وزن جو صحيح اڀياس ڪري سگهجي وزن ۾ بنيادي ڳالهه ته ماترائن جي ڳڻپ جي آهي پر اهڙي ڳڻپ ڪرڻ وقت ڪن ٻين ضروري ڳالهين جو خيال رکڻ به ضروري هوندو آهي، جن جي مفصل بيان جو هي موقعو نه آهي، منهنجي مضمون۾ وزن جي بنياد بابت غورڪندي Prosody جي اصطلاح Vowel Sounds جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو،   ڇاڪاڻ ته  عروض ۾ سبب، وتر ۽ فاصلا ۽ پنگل ۾ ننڍيون وڏيون ماترائون ۽ واول سائونڊز مختلف زبانن جا اصطلاح آهن، پر ڳالهه ساڳي آهي، هر زبان ۾ شاعري ۽ موسيقي جو بنياد انهن واول سائونڊز تي هوندو آهي، اهي آواز جا ننڍي ۾ ننڍا ماپا هوندا آهن، منهنجي ان مضمون ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي هڪ مضمون جي حوالي سان تلفظ جو مسئلو به زير بحث آندو ويو هو، انهن ٻنهي ڳالهين جي فرق جو خيال شايد برادر محترم تنوير عباسي کي نه هو، جنهن سبب هن Prosody جي هڪ اصلاح Syllable جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو سنئون سڌو اچار سان تعلق نه آهي، ساڳي وقت ان علم جي ٻين اصلاحن جهڙوڪ: ”Iambus“، ”Anapest “، ”Trochee“جو اچار سان تعلق سمجهي انهن جوذڪر ڪيو ويو آهي.

ظاهر ۾ عروض، پنگل Prosody ۾ ڪو فرق نظر نه ٿو اچي، پر زبانن جو فرق هڪ وڏو فرق آهي، انگريزي ۽ ٻيون مغربي زبانون جن جي موزونيت جو فن Prosody آهي، Long، Short، Un-streessed)) Stress جون زبانون آهن، جڏهن ته مشرقي (خاص ڪري ننڍي کنڊ جون ٻوليون) اهڙيون زبانون نه آهن، مغربي زبانن ۾ لفظن جي ڪن سليبلز تي Strees))  يا (Accent ) مقرر هوندا آهن، ۽ ڪنهن به صورت ۾تبديل ٿي نه ٿا سگهن، پر اسان جي ٻولين ۾ زور يا Strees، Accent لفظ جي ڪنهن مقرر   حصي تي نه هوندو آهي، ان جو مدار ڳالهائڻ واري جي موڊ يا جذباتي ڪيفيت تي هوندو آهي، ان ڪري ئي اسان جي ٻولين ۽ انگريزي ۽ ٻين مغربي ٻولين جي Rythm ۾ فرق آهي، جيڪو انهن زبانن جي موزنيت ۽ وزن ۾ ظاهر ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ٻه اڍائي سئو سالن تائين  انگريزي ادب ۽ شاعري پڙهڻ کانپوءِ به اسين اڄ  تائين نه انگريزي شاعري جي وزن کي محسوس ڪري سگهون ٿا نه انگريزي شاعري کي موزون پڙهي سگهون ٿا، مطلب ته اسان کي موزونيت جي سلسلي ۾ Prosody جي انهن  اصطلاحن تي اکيون ٻوٽي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي، اچار جي ڳالهه ته Long، Short واولز Accented، Stressed ۽ Nonaccented  Un-streessed))  سليبلز جي نوعيت مان ظاهر ٿي چڪي آهي.

اچار جو  تعلق علم لغت (Lexicography) سان آهي، ان ڪري وزن جي علم Prosody جي اصطلاحن Lambus, Anapest, Trochee سان اچار جو ڪو به  واسطو ڪونهي، جيڪڏهن وزن جي چونڊ صحيح آهي ته بحر ۾ اچار ايندو، اچار صحيح جو مسئلو زبان ۽ لغت جو آهي، وزن جو آهي وزن جي فن جو ڪونهي.

هاڻي اچو ته ڏسون ته وزن ”Metre“ ڇا آهي.

''It is a Regular rythmic unit determined by the relation of stronger and weaker stresses or accents in the component syllables.  A  combination of accented and unaccented syllables constitutes a foot .The feet commonby

distinguished ind English verse are;-

1.      Iambic جنهن ۾ هڪ Un accented سليبل کانپوءِ هڪ Accented سليبل هوندو آهي.

2.      Anapestic جنهن ۾ ٻن Un accented سليبلز کان پوءِ هڪ Accented سليبل اچي ٿو.

3.      Trochaic جنهن ۾ هڪ Accented سليبل کانپوءِ هڪ Un accented سليبل ايندو آهي.

4.      Dactylic جنهن ۾ هڪ Accented سليبل کانپوءِ ٻه Un accented سليبلز هوندا آهن.

5.      Spondiac جنهن ۾ هڪ کانپوءِ ٻيو Accented سليبل ايندو آهي.

حقيقت ۾ اهي عروض جي ارڪان افاعيل جا خاص هنڌ آهن، جن جو وزن سان تعلق هوندو آهي ۽ اچار سان انهن جو ڪو به سنئون سنڌو تعلق نه هوندو آهي.

هاڻي اچار جي مسئلي تي غور ڪرڻ گهرجي.

سنڌي ۾ اچار جي مسئلي تي لغت  مرتب ڪرڻ وارن گهٽ غور ڪيو آهي، ان اهم معاملي سان منهنجو تعلق منهنجي ملازمت واري زماني ۾ رهيو آهي، ان معاملي تي ويهين ايڪيهن ورهين کان غور ڪندو رهيو آهيان، موسيقي جي فنڪارن جو اچار صحيح ڪرڻ لاءِ اسان سنڌي جي ناميارن اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ: سيد منظور نقوي، محمد خان غني، مظفر حسين جوش، زيب عاقلي ۽ ٻين کي قرار ڪيو هو، جيڪي فنڪارن جو اچار صحيح ڪرايندا هئا، ڪيترن ئي  اچارن تي انهن دوستن  ۾ به اختلاف ٿيندو هو، ان ڪري ڪنهن  ڪنهن لفظ جي اچار ۾ فرق ٿي ويندو هو ۽ اسين پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچندا هئاسين، سنڌي لفظ جي پڇاڙي واري حرف تي زير زبر ۽ پيش چٽي نموني ۾ اچارڻ سان سنڌي لفظ جو تلفظ صحيح سمجهيو ويندوآهي، ان کان اڳ واري  اعراف  اعراب جي فرق سان تلفظ ۾ فرق نه ٿو پوي.اصول اهو قائم ڪيو ويو هو ته هڪ لفظ جو اچار هڪ هنڌ ساڳيئي  ساڳيو ئي ٿيڻ گهري، پاڻ ۾ اختلاف جي هوندي به اسين ان اصول تي متفق رهياسين، پر هر ڪو پنهنجي پنهنجي اچار کي صحيح سمجهندو هو، اچار جو اهو فرق اسان کي ۽ ڪتابن کانسواءِ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ۽ سگهڙن جي گفتگو ۾ پڻ محسوس ٿيندو هو، اچار جي معاملي ۾ آئون ذاتي طرح ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هر ٻوليءَ ۾ڌارين  ٻولين جا  لفظ اچي پنهنجو اچار ڦيرائيندا آهن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي بدليل اچار جي  هڪ کان وڌيڪ صورت ملي ٿي، مثال لاءِ عربي لفظ محبت کي ڏسو، سنڌي ۾ ان جو اچار ڪڏهن مُحّبت هوندوآهي، ڪڏهن مُحبتُ ۽ ڪنهن مُحّبِت پر منهنجي خيال ۾ اهي ٽئي اچار صحيح آهن، عربي تلفظ مُحبتُ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ۾ لفظ جي وچ ۾ شد نه ايندي آهي، بلڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ شد آهي ئي ڪو نه، سنڌي ٻولي ۾شد جي  مسئلي تي ڪنهن غور ئي نه ڪيو آهي، سنڌيءَ ۾ شد رڳو ٻه حرفي لفظن تي ايندي آهي يا تمام گهٽ صورتن ۾ لفظن جي آخري ٻن حرفن تي هوندي آهي،جيئن مصري شاهه جي مشهوري ڪافي جي مصراعن ۾ اچي ٿي: ديدن ڪيو درسن- موج ڪري پيو من.

هاڻي انهيءَ شد جا مثال (جنهن کي اصل سنڌي ٻوليءَ جي شد چئجي) شاهه عنايت رضوي، خليفي نبي بخش ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به ملن ٿا.

مثال طور:           

شاهه عنايت:

اڄ اڏيائون اڏ، دل ۾ ديواريون ڪري،
سڄڻ ساهه پساهه جين،مون سين آهينِ گڏّ،
ڪهڙا ڪريين سڏ، هِهڙن هيڪاندن

خليفو نبي بخش:

جند ڳاري ۾ ڳمّ، ساڳ سلوڻا راڇڙين،
گندم ساڻ غريب جو، قاسم ڪونهي ڪم،
دارو! منهنجو دم، پرتوهت پِنهوار سين.        (ص81)

شاهه لطيف:

لوڍي لک اچنّ، روءِ راڻي جي ناهه ڪو،
هيڪ اکيون ٻيا آنگڙا، پر ۾ ٿا پڇنّ،
سي ڪئن مينڌرا مڃنّ،جي توسوڍا سوري چاڙهيون

(ص 500)

شاهه لطيف:

هن مند مارو سنرا، ڍنگر  ڍار رهنّ،
پاڻي پوڄ پٽن ۾، پکي پاند پينّ،
هن کي لوهه لطيف چئي، هو کائر ۾ کلن،
کاٽونڀا کاڄن، مينهن وسندا      موٽ          تون.

                                                                                    (ص506)
شاهه  لطيف:

چرن چڻڪن چت، گهارين مٿي گهٽّ،
که مانڌاڻو مکڻي، ڍولئين پاسي ڍٽّ،
پنهوارئين پکڙين، وڃي ڪريان وٽّ،
 ساڻهه سامهين سٽّ، ڪنديس ڀڃي ڪڙن کي.
(رسالو ڊاڪٽر بلوچ ٽن قلمي نسخن وارو)

ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب جي تقطيع ۾ شد هن ريت اچي ٿي:

1.      ويڄ مگ ٻڪي ڏي، الا چڱي م ٿيان.

2.      سڄڻ مان اچي  ڪر لاهوتي  ڪڏهن.

        اهو ڪهڙو سنڌي لهجو ۽ روايتي اچار آهي، جو ٻڪي، چڱي، سڃڻ ۽ ان کانسواءِ ڏکي، وٽان ۽ وڏي جهڙن لفظن کي شد سان لکيو ويو آهي، جيڪو سنڌي ٻولي ۽ عوامي  لهجي جي برخلاف آهي، مون شاهه جا بيت پنهنجي طرفان نه لکيا آهن پر رسالي مان  نقل ڪيا آهن، پر ڊاڪٽر تنوير عباسي شاهه جي سڀني خطي ۽ ڇپيل رسالن جي برخلاف پنهنجي مرضيءَ سان بيتن جون پڙهڻيون ڏنيون آهن ۽ سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي جي برخلاف شدي سنڌي کي غلط لکي پنگل کي پنهنجي مرضي  مطابق آڻي منهنجي تقطيع کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مون ته علمي ڳالهه پيش ڪري شاهه جي بيتن جي وزن ۽ اچار بابت  جنهن غلط فهمي جو امڪان پيدا ٿيڻو  هو ان کي صاف ڪري  حقيقت حال کي ظاهر ڪيو آهي.

علمي خط

محترم ايڊيٽر صاحب!

السلام عليڪم!

                 احوال ته رسالي ”مهراڻ “ 1996ع جو پهريون پرچو اوهان جي طرفان موصول ٿيو، هن تازي اشاعت جي ص 111 تي نامياري ليکڪ ۽ نقاد سيد خضر نوشاهيءَ جو مضمون ”رساله عبدالرؤف اڀياس جو هڪ ٻيو رخٰٰ" جي عنوان سان مطالعي  مان گذريو، هن کان اڳ ۾ ”مهراڻ “ 1995ع جي ٽئين پرچي ۾ راقم جو  مقالو ”جنگ نامه منظور فارسي “ جي عنوان سان شايع ٿيو هو، سيد خضر نوشاهيءَ پنهنجي مٿئين مضمون ۾  منهنجي ان مذڪور  مضمون ۾ شامل مخطوطي بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ آئون پنهنجي طرفان سيد خضر نوشاهيءَ جي بيان ڪيل راين بابت ڪجهه گذارش عرض رکان ٿو.

”جنگ نامه “ واري مخطوطي جو اصل عڪس ۽ ان سان سان گڏ متن جو نقل اسان ان ڪري مقالي سان شامل ڪيو هو ته جيئن  ان جي باري ۾ ڪي به شڪ شبها پيدا نه ٿين، اها راقم جي ادبي ديانتداري سمجهڻ گهرجي، سيد نوشاهيءَ سموري متن جو اڀياس ڪري املا جي رهجي ويل غلطين کي درست ڪيو آهي ۽ ان باري ۾ نهايت ئي عالمانه انداز ۾ پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو آهي، دراصل سندس تنقيد ڪرڻ جي انهيءَ طريقه ڪار کي ڏسي نهايت ئي خوشي ٿي آهي هونئن به هڪ  به هڪ نقاصد جو اهو ئي فرض آهي ته پنهنجن راين کي درست ڪرڻ لاءِ علمي ۽ ادبي دائرو استعمال ڪجي، سيد خضر نوشاهيءَ جي انهيءَ اصلاحي قدم جي ڪري متن ۾ جيڪي به ڪي غلطيون رهجي ويون هيون، تن کي ڪنهن حد تائين درست ڪرڻ جي ڪوشش ئي وئي آهي.

سيد خضر  نوشاهيءَ پنهنجي مضمون جي آخر ۾ منهنجي شايع ٿيل مقالي ۾ آيل مواد بابت ڪن ڳالهين تي اعتراض اٿاريو آهي، سڀ کان پهريائين، مذڪور ”جنگ  نامه “ جي  پڄاڻي تي بقول فاضل مضمون نگار جي ته شاعر پنهنجو نالو  اختر عبدالرؤف ولد خواجه فتح علي لکيو آهي ۽ ائين لکندي سيد خضر نوشاهيءَ خواجه لفظ جي باري ۾ اعتراض اٿاريو آهي، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ”خواجه “ هڪ عزت ۽ احترام وارو لفظ آهي، ليڪن مذڪور مقالي لکڻ وقت راقم کي ميان عبدالرؤف ۽ سندس خاندان جي باري ۾ روهڙيءَ  جي  ڪتب خانن مان دستياب ٿيل مواد مان اهو معلوم ٿيو ته ميان عبدالرؤف جي   خاندان کي ”خواجه “ ڪري سڏيندا هئا، سنڌ ۾ شيخ ، خواجه، مخدوم، قاضي وغيره برابر احترام جا لفظ آهن، ليڪن زماني گذرندي اهي ايترا ته مانوس ٿي وڃن ٿا جو اصل ذات يا قوم ڍڪجي وڃي ٿي، مون پنهنجي مقالي ۾ ميان عبدالرؤف جي خاندان جي باري ۾ مفصل نموني ۾ تذڪرو بيان ڪيو آهي، ايتري قدر جو هن خاندان سان منسوب ڪيل مسجدن، جي اڃا تائين ڪنهن نه ڪنهن ٰحالت ۾ ۾ موجود آهن، جي نشاندهي به ڪئي هئم ٺٽي ۾ پڻ ”خواجه “ خاندان موجود هو، جنهن جو مشهور مورخ تذڪري نگار مير علي شير ”قانع “ ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب ”تحفت الڪرام “ ۾ ذڪر ڪيو آهي، فاضل مضمون نگار جيڪڏهن منهنجي مقالي جو ڳوڙهو اڀياس ڪري ها جنهن ۾مون ”خواجه “ خاندان تي تاريخي دليلن ۽ سندُن سان لکيو آهي ته پوءِ شايد ”خواجه “ لفظ تي ايترو  اعتراض نه ڪري ها !.

سيد خضر نوشاهيءَ ٻيو نُڪتو اهو بيان ڪيو آهي ته ”ميان عبدالرؤف پنهنجي نالي سان ” خواجه “ جي  عرفيت ڪا نه  لڳائي آهي ...... پر پنهنجي والد محترم کي احترام طور ”خواجه “ لکيو اٿائين “ دراصل ميان عبدالرؤف، بکر/روهڙيءَ جو باشندوهو، سندس والد ميان فتح عليءَ جي باري ۾ وڌيڪ ڪجهه معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته سندس شخصي حيثيت، علمي خواهه روحاني لحاظ  کان ڪهڙي درجي واري هئي! ميان عبدالرؤف جا روهڙيءَ جي ”ڪوٽائي سادات “ سان گهرا تعلقات قائم هئا ۽ انهن مان ڪن بزرگن جي وفات جون ماده تاريخون پڻ لکيون هئائين، جن ۾ ڪن هنڌن تي هن خود پاڻ کي خواجه عبدالرئوف ڪري لکيو آهي، تنهن ڪري اسان جو گمان قوي آهي ته سندس خاندان ”خواجه “ سڏبو هو.

سيد خضر نوشاهيءَ ٽيون اعتراض اهو اٿاريو آهي ته ڪتاب جو نالو ”جنگ نامه منظوم فارسي “ جي بجاءِ ”رساله عبدالرئوف “ رکيو وڃي ٿا، مانواري نقاد مصنف جي اصل فارسي متن جي شروع ۽ آخر ۾ لفظ ”رساله “ لکيل  ڏسي مذڪور مخطوطي جو نالو ”رساله عبدالرئوف “ تجويز ڪيو آهي، ليڪن ان رسالي جو جيڪڏهن غور سان اڀياس ڪبو ته اهو صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿو ته ان ۾ هڪ جنگي معرڪي جي احوال کي منظور ڪيو ويو آهي، لغوي لحاظ کان لفظ ”رساله “ جون ٻه ٽي معنائون نڪرن ٿيون، جن مان فاضل نقاد جي بحث هيٺ آيل لفظ جي معني ٰ  ٿيندي: ننڍڙو يا مختصر ڪتاب “ (ڏسو، سرهندي وارث: علمي اردو لغت-جامع علي ڪتاب  خانه لاهور، 1987 ص 810).

برصغير هندو پاڪ ۾ قديم زماني ۾ اهو  رواج هو ته انهيءَ ننڍڙي  تحرير،  جنهن کي ڪتابي صورت ڏني ويندي هئي، تنهن کي ”رسالو “ چوندا هئا، رسالي جي ٻي معنيٰ اها به آهي ته ڪو وڏو ضخيم ڪتاب،جهڙوڪ: شاهه جو رسالو، سچل سرمست جو رسالو وغيره يا ٻين اردو خواهه فارسي زبانن جي ڪن وڏن ڪتابن کي به ”رسالو “ سڏبو آهي، راقن راقم، مذڪور قلمي رسالي ۾آيل مواد جي مناسبت سان ان جو نالو ”جنگ نامه منظوم فارسي “رکڻ تجويز ڪيو هو.

”سنڌي لوڪ ادب “ جي سلسلي ۾ سنڌ جي مايه ناز اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي زبان جا ”جنگناما “مرتب ڪيو آهي، انهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جنگنامي جي وضاحت ڪندي لکي ٿو:.

”هن ڪتاب جو موضوع ”جنگناما “ آهي، يعني جنگين معرڪن ۽ مقابلن جا اهڙا بيان جن ۾ ڳاهون، بيت، نظم ۽شعر هجن، ڪنهن جنگ جو خالي احوال جنگنامو ناهي: پر جي اهو احوال  سڄو  منظوم آهي يا ان ۾ بيان جي سهڻائي لاءِ ڪي ٿورا گهڻا شعر آهن ته اهو هن ڪتاب جي موضوع مطابق ”جنگنامو “ آهي ٻيو ته جنگنامي جي اصطلاح  ۾ معنيٰ فقط حاڪمن ۽ حڪمرانن واري جنگ ناهي پر ان جو مفهوم وڌيڪ وسيع آهي، يعني ڪن به ٻن ڌرين، قبيلن، راڄن، راڄدارن، سردارن، حاڪمن ۽ حڪمرانن وچ ۾ جيڪي مرڻ مارڻ وارا جهيڙا جهڳڙا، معرڪا مقابلا، حملا ۽ لڙايون ٿيون سي سڀ عام اصلاح ۾ جنگيون آهن.....”جنگنامو “ معني  جنگ جو سڄو منظوم بيان ، يا اهڙو بيان جنهن ۾ ڪي ڳاهون، بيت ۽ شهر هجن“ (ڏسو بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”جنگناما“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، 1984ع ص 11).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com