سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1992ع

مضمون

صفحو :15

گهر ۾ پچندڙ طعامن کي ڪو به ٽيون کائڻ وارو ڪونهي هاڻ ته بورچي خانو به بُجا ڏيڻ لڳو آهي ۽ ڀتيون ساڳي حصي جي باهه جو سيڪ برداشت ڪندي ڪندي مياري ٿي پيون آهن، مان ته اُن احساس

کان ئي نا آشنا رهيس ته ڪيئن هڪ عورت ٻارهن مهينا چلهه جيان دلڻ کان پوءِ ٺري پوندي آهي ۽ منهنجون ڇاتيون ڪيسين عورتپڻي جي علامت جو احساس ڏيارين .... رڳو وسيءَ جي بوءِ هاڻا چپ، انهن ۾ هونگھڙيون هڻندڙ ٻالڪ کي پرڀائڻ لاءِ ڪافي ناهن، ڪنهن جا معصوم پتڪڙا گلابي چپ ۽ نرم نازڪ هٿ ئي منهنجي مرده ارُهن ۾ عورتپڻي جي احساس کي جيئاري سگهن ٿا.

ڪيٽلي مان نڪرندڙ ٽهڪندڙ پاڻي جي ٻاڦ سندس سوچن جي برف کي ڳاري ٿي، هوءَ تڪڙ ۾ چانهه ٺاهي پيئڻ کانپوءِ تيار ٿيڻ لڳي، اڄ مسز بيگ موڪل تي هوندي، انڪري انهيءَ جو انگلش جو ڪلاس به کيس ئي وٺڻو پوندو.

ٺيڪ اٺين بجي ڪار ڪاهي ڊرائينگ روم جي ٻاهرين گيٽ وٽ اچي بيهي ٿو، هوءَ تڙ تڪڙ ۾ آخري ڀيرو ڊريسننگ ٽيبل جي آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي نڪري ٿي اچي، ڊرائيور ڪا ر جو بيڪ ڊور کولي احترام سان سڌو ٿي بيهي ٿو، ڪار مين گيٽ وٽ اچي ٿي ته ڊيوٽي تي موجود مڇو سپاهي تڪڙ ۾ گيٽ کولي اک ٽيٽ سان ڪار ڏانهن ڏسي بناوٽي احترام وچان نظرون جهڪائي ٿو ڇڏي”الياس! رات صاحب ڪاٿي هو “ هوءَ جوهي ۾ رکيل پرس کي ڀرسان رکندي ڊرائيورکان پڇي ٿي.

”بيگم صاحبه! ايس پي صاحب جي ڳوٺ ڪا  دعوت هئي، سو اوڏانهن ويل هيا، چيو هيائون صبح جو سڌو آفيس پهچندا “ ڊرائيور ڪار جي اندري شيشي مان سندس اڇاترو اڇاترو وٺندي چيو .

”ڇو ڪا خاص دعوت هئي ڇا “ هُن ڪار جي ٽينٽيڊ گلاسس مان اجايو ٻاهر نظرون اڇلائيندي پڇيو .

”خبر ناهي بيگم صاحبه ... شهر جا ڪجهه ٻيا آفيسر به ويل هيا .... “ ڪار اسپيڊ بريڪر ڪراس ڪندي چرڙاٽ ڪري جهٽڪو کائي ٿي، هوءَ جهٽڪي لڳڻ سان ٿورو اڳتي آهلجي ٿي اچي، پاڻ سنڀاليندي سوچ ٻيهر سندس ذهن کي سنڀالي وٺي ٿي .

”زندگي رڳو روايتي کڏن کوٻن وارو رستو ناهي هت هر هر ٽئين قدم کانپوءِ محرومي ۽ پڇتاءُ جون نه ظاهر ٿيندڙ ڌٻڻ آهن ... ۽ هر ٽئين قدم تي رڳو آئون ئي ٿاٻڙجندي ٿي رهان .... ۽ هو جنهن زندگي جي هر قدم تي هٿن جي گرفت ڍلي نه ڪرڻ جا واعدا ڪيا هيا .... سو هڪ هٿ سگريٽ ٻئي هٿ ۾ وسڪيءَ جي بوتل کنيو مون کان ۽ منهنجي محرومين کان بي خبر ....“

اوچتو ڪار جي لڳل بريڪ تي هوءَ اکيون کڻي ٻاهر ڏسي ٿي ”گورنمينٽ گرلز ڪاليج ... “  ڪاليج جو بورڊ ڏسي پاڻ سنڀالي ٿي، ڊرائيور تڪڙ ۾ لهي ڪار جو دروازو کولي ٿو هوءَ پنهنجي ڊريسنگ کي هٿن سان سيٽ ڪندي گيٽ ڪراس ڪري اسٽاف روم ڏانهن وڌڻ لڳي ٿي، پنهنجي ڀرسان گذرندڙ ڪجهه شاگردياڻين جي گڊ مارننگ چوڻ تي هوءَ رڳو سنجيدگي مان ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏئي ٿي.

”اصل ۾ رات ننڊ ٺيڪ سان نه ڪئي هيم، ان ڪري مٿي تي ٿورو ٿورو بار پيو محسوس ٿئي ٻي ڪائي ڳالهه ناهي، هوءِ نوٽيس تان نظرون کڻي ميڊم سلميٰ ڏانهن ڏسندي وراڻي ٿي.

”ڊي سي صاحب ته صبح صبح هڪ ڊاڪٽرياڻي سان پنهنجي گاڏي ۾ ڏاڍو هشاش بشاش پئي ويو ... “ ميڊم سلميٰ جو جملوکيس اندر  تائين چيريندو لهي ويو، سوال کيس گهيرڻ لڳن ٿا .

”صبح سان ڪير ٿو ٿي سگهي ... هو ته سڌو  دعوت تان آيو هوندو ... ڊاڪٽرياڻي ... پر ڪهڙي .... “

”ڪير هو ڊي سي صاحب سان ؟... اوهان ڀليا  هودؤ هو ته رات  دعوت تي ويل هيا، هوءَ پڪ ڪرڻ لاءِ کائنس پڇي ٿي .

”اهو مشاهدو صبح سويري جو هو، اڃا رستن تي ڌوڙ به نه اڏامي  هئي، اسان جون اکيون ڀلا ڪيئن ٿيون دوکو کائي سگهن، هوءَ شهر جي مشهور سوشل ريفارمسٽ ڊاڪٽر نعيمه ساڻن گڏ هئي، اسان ٽانگي تي ڪاليج ايندي کين ڏٺو هو “. ميڊم شائسته جي تفصيل ٻڌڻ کانپوءِ هوءَ ٻيهر خاموشي جي ڪُن ۾ گهوماٽيون کائڻ لڳي ٿي ” مون سمجهيو هو، هن جي پيار جو سمنڊ مون لاءِ ميرو ڪڏهن به نه ٿيندو ... انهيءَ سمنڊ جون مست لهرون رڳو منهنجي وجود جي ساحل تي ساهي پٽينديون ... “ پر هاڻ هُن جي دل جي سمنڊ ۾ به دنيا جي غليظ درياهن جو ڇوڙ ٿيڻ لڳو آهي ۽ مان ڪنهن به قطري جي حقدار ته رهيس .. نه ساحل ئي ساڳيو رهيو ... نه ڇولين ۾ ساڳي ڇڪ رهي ”Oh. My… God “ هن کي لڳي ٿو ڄڻ سندس دماغ جون رڳون ڦاٽي پونديون، هوءَ ميڊم شائسته کي پاڻيءَ جو گلاس گهرائڻ لاءِ چوي ٿي، ماسي پاڻي جو گلاس سندس آڏو رکي ٿي .

”ماسي ! چانهه جو ڪڙڪ ڪوپ به گهرجي “ هوءَ پاڻي جو ڍڪ ڀري چئي ٿي ”سلميٰ! منهنجي طبيعت ٿوري خراب آهي،  اوهان فري هجو ته پليز مسز بيگ جو ڪلاس وٺي اچو “

Why not…..  سلميٰ اسٽاف  روم ۾ پنهنجي پيرن جا پڙاڏا ڇڏي هلي وئي، هوءَ ٽيبل تي ڪنڌ لاڙي اکيون پوري ٿي ڇڏي، اوچتو ڪنهن جو شناسا آواز کيس ڪنڌ مٿي کڻڻ تي مجبور ٿو ڪري ، هوءَ ڪنڌ کڻي ڏسي ٿي، کائنس جونيئر ليڪچرار فرخنده سندس  ڪوليگس سان مرڪي ملي رهي هئي، سندس ڇاتيءَ تي گلاب جهڙو ٻارڙو مرڪي رهيو هو، فرخنده کيس سلام ڪري ڀر سان اچي ويهي ٿي  فرخندا بدلي ٿيئي ته منهن ئي نه ڏيکاريئه...

 ايتري پڪي ٿي وئينءَ... هي ٻارِڙو تنهنجو آهي ... ماشا ءَ الله ڏاڍو ڪيوٽ آهي ڇا نالو اٿس؟ هوءَ فرخندا جي ٻارڙي کي ڇڇڪارون ڏئي پاڻ ڏانهن کڻندي پڇي ٿي . بس ميڊم ! هي فرسٽ بيبي هيو... سو فرصت ئي نه ملي،... گلزار  نالو اٿ پڻس رکيو اٿس، توهان  ٻڌايو خوش آهيو، ڀلا توهان جي اڱڻ ۾ ڪڏهن ٿو گلاب جو گل ٽڙي، سچ  ٻڌايائن ٻار کانپوءِ هسبينڊ گهر سان ايترو ٿو بائونڊ ٿي وڃي هن جي فادر جو ئي مثال آهي ...اڳ مرضيءَ تي گهر موٽندو هيو پر هاڻ مجال آهي جو هاسپيٽل جي ڊيوٽي کانپوءِ پنج منٽ به ٻاهر گذاري فرخنده چٻ ڪڍندڙ ٻارڙي کي کائنس وٺندي اهو سڀ ڪجهه چئي وڃي ٿي .

”ها فرخندا سچ ٿي چوين ... بس  جڏهن خدا راضي  ٿئي “ هوءَ ٿڌو ساهه ڀريندي پاڻ کان ڪجهه پرڀرو ويٺل مسز عاقل ۽ ميڊم گلشن ڏانهن ڏسي ٿي، جيڪي هڪٻئي سان سرگوشي ڪندي  ڏانهس  ڏسي طنزيه مرڪ مرڪي رهيون هيو.

 سوچي ٿي ”هي دنيا به عجيب آهي، اسان جڏهن خوشين جا ڌاڳا کوليندا آهيون ته انهن جون آڱريون ڏڪڻ لڳنديون آهن ۽ ڏک جون ڳنڍڙيون جڏهن اسان کي پنهنجي وڪڙن ۾ ويڙهڻ لڳنديون آهن ته ماڻهو ڪاميڊي شو ڏسڻ جهڙو چهرو ٺاهي وٺندا آهن، فرخندا ننڍڙي کي جهولائيندي پرنسپال جي آفيس ڏانهن وڌي وڃي ٿي، پڇتاءُ جو ڪنڊو ٻيهر سندس وجود ۾ چڀڻ لڳي ٿو.

رب سائين ته اڇن ڪاغذن تي چپن جي ڇڙيل سرد آهن سان ڇڏيل اڻ تحرير ٿيل دعائون به اگهائيندو آهي... پر مون ته پنهنجي وجود تي وقت کان اڳ ئي گناهه جو  ليڪو ڪڍي ڇڏيو ...

مالڪ جا هٿ اهو ليڪو مٽائن به ته ڪيئن، اسان پنهنجي زندگيءَ جو اثاثو بڻجندڙ گل کي وقت کان اڳ ئي قبر حوالي ڪري ڇڏيو .... ۽ قبرون ساهه نه کڻنديون آهن..... هاڻ ماءُ بڻجڻ جي تمنا آسمان تان ٽٽندڙ تاري جو انتظار ڪيسين ڪري ......

کيس دماغ جون رڳو ڦاٽندي محسوس ٿين ٿيون، نڙي خشڪ لڳيس ٿي، ڀر سان پيل پرس مان XANX ڪڍي ٽيبل تي پيل   اڌ گلاس پاڻي سان اندر ۾اوتي ٿي ڇڏي، اسٽاف روم آهستي آهستي خالي ٿيڻ لڳي ٿو، ڪمري ۾ رڳو وال ڪلاڪ جي ڪانٽي جي ٽڪ ٽڪ، پکي جا زوزاٽ ۽ سندس دل جي تيز ڌڙڪن رهجي وڃي ٿي.

”ميڊم اوهان جو فون آيو آهي “ ماسي سندس خالي نظرن جو خال ڀرڻ لاءِ آڏو اچي بيهي ٿي.

”ڪنهن جو آهي؟ هو ٽيبليٽ جو بيڪٽ پرس ۾ رکندي پڇي ٿي خبر ناهي.... چوي ٿو توهان جو دوست آهي ماسي ٽيليفون تي ٻڌل آواز بابت اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ٿي.

”منهنجو دوست .... ڪير ٿي سگهي ٿو!؟..... هوءَ ڪرسي تان اٿي، پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿي.

هيلو مان زيب پئي ڳالهايان...... اوهان ڪير؟

”سڃاڻ ڪير ٿي سگهي ٿي، ٻئي پاسي کان هڪ شناسا آواز سندس يادگيري جو ڪتاب کولڻ لڳي ٿو.

”ايترو جلدي وساري ڇڏيئي “ آواز ۾ ميار جو تاثر، هوءَ خاموش يادگيري جي ڪتاب جا پنا اٿلائڻ ۾ مصروف ”مان آهيان آشا، آشا عرف تنهنجي جنڙي “ آواز ۾ انڪشاف جو رنگ نمايان .

Ho My God Thats you Ashy هوءَ کاٻو هٿ لوندڙي تائين آڻيندي تيزي سان ڪمزور ٿيندڙ پنهنجي ميموري تي پڇتائي ٿي.

”جي جناب: ته تون به هڪ بيورو ڪريٽ جي روايتي زال  ثابت ٿينءَ نه .....؟مان تو بابت حيدرآباد کان الائي ڇا ڇا پئي سوچيندي آيس ۽ تون ....... آواز ۾ سنجيدگي ۽ هلڪي شڪايت جو عنصر ظاهر.

”نه آشي اڄ طبيعت ٺيڪ نه هئي، دماغ موڳو لڳو پيو آهي، پنهنجو پاڻ کي به نه ٿي سڃاڻي سگهان، تون به ته فون تي پهريون ڀيرو ڳالهايو آهي، ڪيترن سالن کانپوءِ نه ته تون وسارڻ جهڙي شيءِ آهين، ڪٿان پئي ڳالهائين اچ ته روبرو ملون.

”مان آئي آهيان هت آنٽي جي گهر.... تون ڪيڏي مهل ٿي فارغ ٿين ته تنهنجي بنگلي تي حاضر ٿيان “ آواز ۾شوخي نمايان، مان هينئر هتان نڪرڻ واري ئي آهيان، تون اڌ ڪلاڪ اندر اچ، تو سان الاهي ساريون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، هت ته ديوارن کان سواءِ ڪو به شيئر ڪرڻ وارو ڪونهي نه چاهيندي به هوءَ چي ويهي ٿي، OK  I am Just Coming فون بند ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر خاموشي، هوءَ  ڪجهه پل رکي گهر جو نمبر ڊائل ڪري، ڪار گهرائڻ لاءِ چوي ٿي”آشيءَ سان مليي سال ئي گذري ويا آهن، هاڻ ته هوءَ بدلجي وئي هوندي، پر سندس آواز مان ته ساڳي شوخي ۽ چنچلتا ظاهر ٿي رهي هئي “ ڪار تي گهر ايندي هوءَ سوچيندي رهي.

گهر اچي پنهنجي ڪمري جي اي سي آن ڪري باٿ روم ۾ فريش ٿيڻ لاءِ هلي وڃي ٿي، فريش ٿيڻ کانپوءِ بورچي کي ايندڙ مهمانن لاءِ ريفريشمينٽ  جو بندوبست ڪرڻ لاءِ چئي ٿي، هوءَ ڊائري کي وهاڻي هيٺان رکي ڊيڪ کي سلو ميوزڪ هلائي آشيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳي ٿي، کيس گهڻي وقت کانپوءِ ڪنهن سان ملندي اطمينان محسوس ٿي رهيو هو، اطمينان به ڇو نه ٿئيس، آشي سندس يونيورسٽي لائيف جي عزيز ترين دوست هئي، جنهن سان گڏ سيمينار لائبريري جي خاموش ڪنڊن ۽ فيڪلٽي جي آخري فلور جي ڏاڪڻين تي ويهي هن افتخار ڏانهن طويل خط لکيا هئا، يونيورسٽي فنڪشنز ۽ ٽوئر پروگرامز ۾ به آشي ئي سندس ساٿي هوندي هئي، آشي هر موڙ تي کيس آٿت ۽ پيار ڏنو هيو ۽ اڄ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ هوءَ ساڻس ملڻ لاءِ اچي رهي آهي، سوچي ٿي، اڄ آشي سان ڳراٽڙي پائي خوب روئينديس، دل جو سمورو بار هلڪو ڪنديس.......... کيس زندگي جي پل پل جي عذاب کان آگاهه ڪنديس.”افلاطون جي اولاد مان ڪيترن منٽن کان دروازي جي چائنٺ تي بيٺي آهيان ۽ تون اڃا گوتم واري گيان مان جان ڇڏائي نه سگهي آهين .... آشيءَ جو آواز ٻڌي هوءَ پاڻ سنڀاليندي تڪڙ ۾ بيڊ تان اُٿي سندس ٻانهن ۾ هلي ٿي اچي، هڪٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري، هو بنهه يونيورسٽي واري اسٽائيل ۾ هڪٻئي کي ڪس ڪن ٿيون، هوءَ آشيءَ جي ٻانهن ۾ سڏڪي پوي ٿي، بي اختيار روئي پوي ٿي، ڪيترن لمحن تائين ڪمري ۾ سلو ميوزڪ سان گڏ هن جي سڏڪن جو سرگم به گونجندو ٿو رهي.

”چري ڪٿان جي! بلڪل نه بدلي آهين، اڃا تائين اندر مان شيڪسپيئر واري ٽريجڪ فلاسافي ۽ ڪاميو واري ويڳاڻپ نه نڪري سگهي آهي، ٻار جي ٻار ئي رهينءَ.... “ آشيءَ سندس ڳوڙها اگهندي کيس بيڊ تي ويهاريندي چوي ٿي.”مون ته سمجهيو هيو هڪ بيورو ڪريٽ عاشق جي بلوڊ وائيف ڏاڍي عيش ۾ هوندي، پر تون ته اڳي کان به عاجز ٿي وئي آهين، ڇا ٿيو رومانس جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي ڇا؟ افتخار صاحب جي ڊريم گرل ....آشي پنهنجي روايتي انداز ۾ ڳالهائيندي، سندس ڏکندڙ رُڳ کي ڇهي ٿي وجهي.

”ها يار! تون صحيح چوندي هئين، اسان جي معاشرن ۾ رومانس به سوشل فرسٽريشن جو حصو آهي، پري کان هر شيءِ ڏاڍو موهيندڙ ۽وڻندڙ......... فاصلن جا خال ڀرڻ کانپوءِ دلين ۾ خال وڌندا ويندا آهن ۽ پوءِ هٿ پڇتاءُ جا پٿر ميڙيندي زخم ٿيندا رهندا آهن، هوءَ آشيءَ جي هٿ تريءَ  تي پنهنجون آڱريون ڦيريندي چوي ٿي: ”يار was so different  But Iftkhar هو ته ڏاڍو انٽل ايڪٽ رکندڙ نوجوان هو، ان کي تو سان ائين Behave نه ڪرڻ گهرجي ها! آشي پري رهندڙ ماڻهن کي ويجهو ڪرڻ لاءِ دانشوري ڪرڻي پوندي آهي، پر هڪڙي ئي روم ۽ هڪڙي ئي بيڊ تي پاسا بدلائڻ کانپوءِ لائيف جي سڄي فلاسافي چينج ٿي ويندي آهي،  And its called naturهن جي اکين ۾ ڄميل برف هوريان هوريان ڳرڻ لڳي ٿي.

يار...... پر افتخار جنهن رڳو تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ مڊل ڪلاس مان جمپ هڻي بيورو ڪريسيءَ جي قافلي ۾ شامل ٿيڻ لاءِڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا، اهو افتخار ائين بدلجي  ويندو.... مون کي ياد آهي ته تنهنجي فادر کيس ڪلاس ڪامپليڪس   ڏئي تنهنجي رشتي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، تڏهن فائينل ايئر جي رزلٽ وٺڻ کانپووءِ اي سي ٽو کان موٽيندي هن پٿريلي رستي تي سڄي ڪمپني آڏو وڏي واڪي اعلان ڪيو هو ته مان هن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ڪجهه ٿي ڏيکاريندس، جيڪو هر امير ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ جو خواب  هوندو آهي  آشي  ماضي جون ڪڙيون   ملائيندي چيو .

”ڊيئر! اها خبر دير سان پئي ته افتخار جو اهو جنون منهنجي حاصلات کان وڌيڪ سندس انا جي تڪميل جو جنون هيو...... پنهنجي ڪامپليڪس رڊيوس ڪرڻ جو جنون هيو، مان ته هڪ جواز هئس ۽ بس ...... هن بيڊ جي سيراندي کان وهاڻو کڻي ٺونٺن هيٺان ڏئي آشيءَ جي جهولي ۾ ڪنڌ رکندي چيو”پر يار! تو ان شخص جون محروميون گهٽائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو، تو هن سان اهو ڪجهه به شيئر ڪيو، جيڪو شاديءَکانپوءِ ئي سونهندو آهي، پرگنينسي ۽ ابئاررشن تنهنجي سچائي ۽ ڪميٽمينٽ  لاءِ اهو ڪافي نه هيو ڇا .....

هن جي اکين مان ٻيهر آبشار اٿلي پيو.”مون اها ئي وڏي ۾ وڏي غلطي ڪئي، هن کي محرومي جي ڌٻڻ مان ڪڍندي مون اهو به نه سوچيو ته ڪجهه پردا اهڙا به هوندا آهن، جيڪي شاديءَ کان پهرين هٽائڻ سان ماڻهن پنهنجي ويليو ئي ڪيرائي ڇڏيندو آهي، عجيب ڪرائيٽ ايريا آهي..... اسان جي سوسائٽي جو .....

”ها يار! تون ٺيڪ ٿي چوين هو پاڻ واري دوست هئي ته فلاسافيءَ واري اڌ چري، امبرين.... جنهن ڪمپيوٽر سائنس جي هڪ ڇوڪري سان ڪورٽ ميرج ڪئي هئي، انهيءَ جي به ڪجهه هفتا اڳ ڊائيورس ٿي وئي.....

انهيءَ ڪري مان چوندي ‌آهيان ته پڙهيل لکيل ڇوڪري کي لو ميرج ڪرڻ ئي نه گهرجي، بلڪ ميرج ئي نه ڪرڻ گهرجي، زندگي ڊبل بيڊ تي سمهڻ کانسواءِ به ته گذاري سگهجي ٿي، هروڀرو ڇو مٿي ۾سور وجهجي، خير تون  ٻڌاءِ اولاد وغير ٿيو يا......؟ آشي پنهنجي اکين ۾ چمڪ آڻيندي پڇيو؟هن سامهون ديوار تي لڳل معصوم ٻارڙي جي پوٽريٽ ڏسندي سرد آهه ڀريندي چيو“  

ڪاٿي يار! هڪ بيگناهه حياتي کي موت جي  ڪرڻ کانپوءِ لڳي ٿو قدرت اسان جي رحمت جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن.چيڪ اپس وغيره ڪرايو، متان ڪا ڳڙ ٻڙ هجي، هر شيءِ نارمل آهيپر مٿي رکيل رجسٽر ۾ لڳي ٿو، اسان لاءِ ٽئين وجود جي انٽري هميشه لاءِ بند ڪئي وئي آهي  مان ته سوچي سوچي چري ٿي  وئي آهيان، هاڻ ته هن وٽ به مونکي ڏيڻ لاءِ وقت ڪونهي، گل جهڙو ٻارڙوهجي ته من وندريو پيو هجي پڇتاءُ جو احساس سندس انگ انگ ۾ ڪيولين جيان سرڻ لڳي ٿو، وندر کپي ته ڪاٿان ڪوئي ٻارڙو اڊاپٽ ڪيو آشي جي صلاح ٻڌي هوءَ ٿڌو ساهه ڀري چوي ٿي :”هو راضي ناهي “.

آشي شام تائين ساڻس ڳالهيون ڪندي رهي ٿي، هلڪي اوندهه ڇائنجڻ کانپوءِ آشي ساڻس ٻيهر ملڻ جو واعدو ڪري ٿي وڃي.هوءَ ٻيهر ساڳي اداسيءَ جي ور چڙهي  ٿي وڃي! اڪلائي جو ساڳيو ڏک کيس چهنڊڙيون پائڻ لڳي ٿو.

ٻاهر هلڪي هلڪي اوندهه وڌڻ لڳي آهي، هوءَ بيڊ تان اٿي اي سي آف ڪري ڪمري جي درين تان پردا هٽائي دريون ۽ بالڪونيءَ ڏانهن کلندڙ دروازوکولي ٿي، سندس نظرن جي سامهون ساڳيو اداس اٻاڻڪو ۽ ويران باغيچو، ساڳيا خال خالي پينگها... ساڳيون پکين جون ڳنڀير ٻوليون، ڪمري ۾ ڪنهن جي قدمن جا آواز ٻڌي، هوءَ مڙي دروازي ڏانهن ڏسي ٿي، نوڪرياڻي دروازي جي پردي کي پڪڙي هيٺ نظرون ڪري کيس چوي ٿي:”بيگم صاحبه! صاحب فون تي ٻڌايو هو ته پاڻ ڪنهن پارٽي ۾ ويندو انهيءَ ڪري رات دير سان گهر موٽندو“.

”ٺيڪ آ..... تون وڃ چانهن جو ڪوپ ٺاهي کڻي اچي، هوءَ بالڪوني مان موٽي ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳي ٿي، ڊيڪ تي سلو ميوزڪ هلائي اچي بيڊ تي ويهي ٿي رهي، نوڪرياڻي کيس چانهه پيش ڪري هلي ٿي وڃي، ڊيڪ تي هلندڙ سلو ميوزڪ کيس مزو نه ٿي ڏئي،  هوءَ ڊيڪ آف ڪري وهاڻي هيٺان ڊائري کڻي پنا اٿلائيندي چانهه جا سپ ڀريندي ٿي رهي.

چانهه پيئڻ کانپوءِ ڊائري ۽ پين کڻي بالڪونيءَ ۾ اچي بيهي ٿي، آسمان تي شروعاتي تاريخن جو چنڊ ۽ تارا چمڪي رهيا هيا، هوءِ اڄوڪي تاريخ جي پيج تي لکي ٿي.آسمان تي  چمڪندڙ تارا اهي معصوم ٻارڙا آهن، جيڪي اسان جهڙن بدنصيب ماڻهن جي اڱڻ ۾ لهڻ بدران آسمان جي پاڪ آغوش ۾مرڪي رهيا آهن ۽ اسان جون جهوليون خالي آهن، سٽون لکندي کيس لڳو ڄڻ سندس دماغ جي رڳ ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پئي آهي، کيس ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنل ڊاڪٽر جي ايڊوازئيز ياد ٿي اچي، ”اوهان گهڻو پريشان نه  رهندا ڪريو، گهڻو سوچيندا به نه ڪريو، گهڻوسوچڻ هائيپر ٽينشن جو سبب بڻجي ٿو، جيڪو اوهان لاءِ هاڃيڪار آهي.

يا خدا هي مون کي  ڇا پيو ٿئي ۽ برين هيمرج.... هوءَ لوندڙين کي ٻنهي هٿن سان دٻائيندي ڪمري ڏانهن هلي ٿي اچي، پرس مان XANX جون گوريون ڪڍي پاڻي سان وٺي ٿي، ڪجهه دير کانپوءِ هلڪي رليڪس ٿئي ٿي پر سندس ذهن هاڻ مڪمل ڪانشس نه هيو، ڌڙڪندڙ هٿن سان   ڊائري کڻي بي ربط لفظن ۾ لکڻ لڳي ٿي.

”زندگي ..... رات سان ٺاهه ڪري..... ڇڏيو....... مان اڌ چنڊ ئي رهيس...... تون جيڪو مون لاءِ اجرو صبح هئين..... منهنجو نه رهين..... نه رهين...... نه....... نه ..... “ کيس لڳو سندس دماغ ڦاٽي پوندو، هوءَ بي ترتيب هٿن سان پرس ۾ پيل سموريون ٽرنڪو لائيزر ڪڍي ٻڪ ڀري وات ۾ وجهي ٿي، پاڻيءَ جو گلاس خالي ڏسي ... ٿڙندي ٿاٻڙجندي باٿ روم ڏانهن وڌي ٿي ۽ ڏڪندڙ هٿن سان واش بيسن کولي ٿي.آڌيءَ رات جو افتخار جهومندو  جهوگاريندو ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو، سڄوڪمرو باٿ روم جيان وهندڙ پاڻي سان ڀريو پيو آهي، هو بيڊ تان کليل ڊائري کڻي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ٻئي لمحي ٽڪ ٻڌي باٿ روم ڏانهن ڏسندو رهجي ٿو وڃي.

حاجي محمد ڪنڀر

   امان! بادشاهه ڪڏهن

                ايندو؟

موڏن چونئرن واري وانڍئي ۾ڪيترن ئي چوڙن وارين رٻارين جا آندر گوندر گاري احساس سانڍڻ کان ئي چٽ ڪري ڇڏيا هئا، پوءِ به مورن جا ٽُهوڪا ٿيندا هئا، تڏهن کهراڻ ڀريل هئيان جا ڪڙا ٽوڙيندي چونديون هيون.

”مڌرا ٽُهوڪن ور، ميٺا ٻولين من ري “

”مورن جا ٽهوڪا، من جي ڳالهه ٻڌائن ٿا “

اهي ۽ انهيءَ جهڙا اکر روز ڪنهن نه ڪنهن حيلي وسيلي جِيتو اوڙي پاڙي ۾ رڍن جي اُن مان ٺهيل ڪارن وڳن ۾ ويڙهيل لاسو،ميگهي ۽ پنهنجي ماءُ پالي واتان ٻڌندي هئي، جن جي سُونهن کي ڪڙلا، ڪانٻيا، هاڙلا، واڙلا ۽ امر چوڙا پهرائي قيد ڪيو ويو هو ۽ جيتُو انهن جو ڇڙواڳ جُسو هروڀرو کڙ پيل پٽيلن جي ابتن فيصلن جي ٻليدان چاڙهڻ کانپوءِ ڍلن  ۽ ويڪرن ارهن کي ڪارن وڳن ۾ اکين اڳيان نمندي ڏٺو هو، جن جي احساسن جا ڪوٽ وهان ڪرڻ مهل سائي ڪپڙي ۾ ٻن ڏونگهين کي ويڙهي گڙ ڀريل مٺاڻ جي ”ها يا نه “ تي ڪرائڻ لاءِ پئنچات گهاٽ گهڙندي هئي.

تنهن هوندي به انهن جي اندر ۾ اباڻن اگڻن گهاريل ڏينهڙا  ساجهر کان سارو ڏينهن مورن جي پيهون پيهون سان وڙُوٽا کائيندا هيا، جيڪي مور فطرت ۾ آزادي جو مزو ماڻن لاءِ ڍيلن سان رمندي، رنگ جا اڻکٽ نمونا ڌرتي تي اوتيندا هئا ته جيتُو جي من ۾ اهڙو واءَ گهُگهٽ ڪندو هو، جنهن واءَ ۾ جيتُو جهڙيون ڪئي جوانڙيون پنهنجي مُلوڪپائي جي هٺ سبب پرڻجڻ مهل ڪارن ڪپڙن ۾ سرٻاٽ ڪندي، ساهرن اڱڻ وک وڌائڻ  کانپوءِ پنهنجووجود ڌرتي تي بار محسوس ڪنديون هيون.

اهڙا جيون گهاريندڙ ڏينهڙا جيتو ڪئي ٻين عورتن جا وانڍائي ۾ ڏٺا هئا، جن جا نرڙ تاجوئن سان ڀريل هوندي تيج وڃائي چڪا  هئا، تن تاجوئن کي ڏسي ريچڪ ڪندي جيتُو پنهنجي سونهن وڌائڻ ۽ فطرت

کي پنهنجي اڳيان گوڏا کوڙائڻ لاءِ تاجوئا کڻائيندي  هو نيڻ مٿي کڻندي هئي ته فطرت جي پيرن ۾ ڏڪار جا ڏاڻ ٽٽندي محسوس ٿيندا هئا ۽ جيتون جون اڇلون کائيندڙ حُسن پالي ڏسندي هئي، تڏهن هو به پنهنجي جواني جا وڃايل رستا ڄمار جي  پيچرن مان  ڳولڻ لڳي هئي ته آندر ۾ الاهئي واچوڙا  چوڏس کان هن طرف ان ڏينهن کان آيا ٿي، جڏهن مڙس ڏوڏو ڪنڊي تان سنگريون لاهيندي ڪرڻ کانپوءِ سورن جا سٽ نه سهندي اکين اڳيان کڙيون گسائيندي جڳ ڇڏيڻ لاءِ زبان تي لفظ آڻڻ کان اڳ ٿڪو ٿي نستي ماهه کي ”اگني سنسار “  ڪرڻ لاءِ ٻين  جي هٿن ۾ڏنو هو، تڏهن پالي ”امر چوڙو “ پٿر تي ڀڄندي مڙس سان گڏ محبت جي ڀيٽا طور ڏنو هو، تنهن ڏينهن کا ن ئي ڪارونجهر ڏهاڳڻ پالي ڏانهن محبت واري مهاڙ ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي، پرپالي جيتو جي منهن تي پاٻوهه مان هٿ ڦيريندي،ڪاري ويس سان ڏونگر ڏانهن ڏٺو هو، تڏهن جبل کي پنهنجي طرف نه ڏسندي معيار ڏني هيائين.

”ڏونگر يا ڏور ڀلا، آگڙ جائو تو پاڻا “.

ماءُ جي انهن لفظن جي ڪڙاڻ جيتو ٻڌندي چيو هو.

”ماءُ توکي ڏونگر مٺو لڳي ٿو، ائين ٿي چوين نه “؟.

جيتو ڄڻ ته لفظن جا رسالا پالي جي ڍري ٿيندڙ عمر جي جُسي تي وجهندي ئي وڪڙ ڏيڻ شروع ڪيا هئا، تنهن مهل پالي ”نه .... نه “ ڪندي منهن مان نڪتل لفظن تي ڦرندي جيتو جي وارن کي پنهنجي هٿن ۾ چوٽي ڪرڻ لاءِ وٽ ڏنا ٿي، جيتو پنهنجي ئي بدن مان وٽ نڪرندي رڙ ڪئي هئي.

”او هو .... امان ڍرو وٽ ڏي نا “

پر جيتُو کي اها سڌ نه هئي ته ماءُ جا ڪجهه وقت اڳ چيل لفظن پالي جا پوڙهاپڻ طرف مڙندڙ هڏن تي وڇوئن وانگي ڏنگ هڻڻ شروع ڪيا هئا، تڏهن پالي جيتُو کي سمجهائيندي چيو  جيتُو!“.

”هان!“ جيتو هلڪو جواب ڏنو هو.

ماءُ چيو:”جيتُو جانچ ڪر ڪارونجهر پري کان اوٺي رنگ ۾ ويڙهيل ڪهڙو خوبصورت لڳي ٿو، پر توکي خبر آهي ؟“

”نا “ جيتُو انڪار ڪندي وراڻيو.

پالي وري چيو:”انهيءَ جبل کي ويجهو ويندو ته انهيءَ ۾ رڳو پٿر نظر ايندا “.

اهي لفظ  چوندي پالي جي احساسن ۾ پورو ٿر لهي آيو هو ۽ جيتُو ماءُ جي نيڻن سان نيڻ ملايا هئا ته اکين جون  ماڻڪيون ڄڻ چرڻ کان معذور ٿي ويون هجن، تڏهن به جيتو ڳچي ۾ ڪنٺي ۽ لوندڙين مٿان رنگين مڻين جا گول ڌٻڪ ٻڌي   مرگهي نيڻ ۾ سرمي جو سمنڊ کڻندي وک وک تي ڪڏندي،  سرامڻ ٽيج تي هيڏن ۾ لڏندڙ هڪ جيڏين ڏانهن ويندي ڪارونجهر به جيتو کي ڏسي ورتي هيائين، ڏونگر پنهنجي پٺن تي فطرت جي کنيل پٺارڪ لاهڻ جو بهانو ڪندي جيتُو جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ لوئڻوهنيو هو ته چوٽيون چٿرون ۽ کلڪوڙا ڪندي ٻين چوٽين کي چوڻ لڳيون، .

”اي! توهان ڏٺو؟ نيٺ کڳ به پنهنجي آندر ۾ سونهن جا جهٽڪا نه سهڻ تي لوئڻا هڻڻ لڳو آهي “.

انهيءَ ٻولا چالي مان لڳو ٿي  ڄڻ چوٽين کي اها ٻڙڪ ڪو نه هئي ته ڪارونجهر ۽ جيتُو  جي اک اک سان ملائڻ واري حرڪت ڪڏهن شروع ٿي هئي پر وڻن هوا جي ڪروڌي سُوساٽن تي جهنڊا پٽ ختم ڪندي چوٽين کي لڪ ڇپ ۾ چيو .

”اي ٻڌو ته سهي !“

چوٽين پنهنجو نرڙ اچو ڪندي وڻن ڏانهن ڏٺو ته وڻن ”کارئي آن  ڇڄي “ وارو پيار محسوس ڪندي انهن کي چوڻ لڳا.

اوها کي خبر آهي؟

”نه ”“  چوٽين هڪ ئي رڌم ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو هو.

چوٽين جي انڪار تي وڻن وري چڇيو ”سچي ڳالهه جي اعتبار هجي ته اها آهي ڏونگر ۽ جيتُو جي عليڪ سليڪ انوقت ٿي هئي، جڏهن جيتو جون پولڪي ۾ ڇاتيون اڀيون ٿيڻ لڳيون هيون، وجود ۾ارڻي جي گلن جهڙي خوشبو اوتجڻ لڳي هئي، گلن تي ليار وانگي موهيڙا ڦٽڻ لاءِ آتا هئا، سرير گولاڙن وانگي پچي جوابي جي لامن ۾ لڏڻ لڳو هو ۽  فطرت  هن کي پنهنجين اکين ۾ سرمي جيئن پائڻ شروع ڪيو هو.”هان ته اها ڳالهه آهي“ چوٽين اچرج مان اهڙو ته هان ڪيو ڄڻ انهن جي چپن تي پٿر جون اکريون اچي ويون هجن.

پوءِ به سڄي ماحول ۾ روز گڻڻ کان مٿي هڪ جيڏين سان گڏجي مرڪون ورهائيندڙ جيتو جي ڊگهي ”سيلري “ وانگي ڳچي اهڙي چترڪار ٺاهي هئي، جنهن جا  هٿ  ٺاهڻ مهل پترڪي پوندا هئا، هن تي نقش چٽا ڪندي ملوڪپائي جا رنگ اوڍايا ويا هئا، اهي ٻين کان الڳ ٿلڳ هئا، هن جي نرڪتي ادائن ۽ سونهن جون شاهديون الاڄاڻي ڪٿي ڪٿي پڳيون هيون، جنهن تي ڏندين ڪريل پٽيل ڏوڏي جون ٻارش لاءِ ٿڌي پاڻي جون ٿڌيون لوٽيون ڀريندي ئي جيتو جي  وهان  مطلق گگون ڪرڻ لڳا هئا، پر ماءُ ڪنهن کي به هٿ جيتو طرف ڪرڻ نه ڏنو هو، جنهن مان لڳو ٿي ته پالي ”تڏهن به زال ”سهائي تڏهن به رات “  وانگي هئي، پوءِ به وانڍئي ۾ رڍون ڪترندي ڪي الهه لڳي ڳالهه ڪندا هئا.

”بلي ! رڏول رن ڏسين ته اڀ ۾ ٿي ڪڏي، ڄڻ راڄ سڄي کي انهيءَ کان سواءِ گرهه ئي هيٺ ڪو نه لهندو“

اهو پالي انهيءَ لاءِ ڪندي هئي ته وانڍئي ۾ ”ڪڏڻي کي گهنڍي “ ٻڌڻ وارا ڪئي هئا پر ميگهراج پٽيل جي تاب اهڙي هوندي هئي جو ”ڇڪين جو ڇيهه “ اچي ويندو هو، انهيءَ ڏينهن به اوهان ڪرڻ لاءِ ڀانت ڀانت جا اليڪرا سليڪرا پٽيل چاندي جون ڪوٽيون، ٺوسيا ۽ سفيد ڪڙيا پائي وهان لاءِ گگون ڪرڻ لڳا هئا، تڏهن ميگهراج ڊگهي ڏي وٺ کانپوءِ چيو هو.

”توهان وٽ عزازت واري ڳالهه ڪونهي،  رڳو آ ڪنڃري وارو کر، هر ڪنهن کي ڀڳوان اڀرو سڀرو پنهنجو ڏنوآهي، پوءِ به پالي جو ڪنڌ موڙي سڪي ۾ ٽٻي ڏياريو ٿا توهان پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسو ته سهي “.انهيءَ  ڳالهه کي  ڪنهن سنڌو ڏيندي نرم لهجي ۾ چيو هو.

”ميگهراج! وڙٽ جي م ڪر، سردا منجهه ڪم نبري ته ڀلو آ“

ميگهراج جي ٺيٺا ٺيٽ انڪار کانپوءِ به ڪيترائي راڄن جا ماڻهو جهوڪ ڄمائي ويٺا، پر پالي اهڙا سينگ ڀرايا جو سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون، ڪيترن ئي مٿا هيلا هنيا،  نيٺ ڪُڏي ڪُڏي ٿڪا، تڏهن هر ڪو ”اليوڀمر “ ڪندي هليو ويو پرويندي ويندي اهو چئي ويا ته .

”پالي! تو سڀني کي ٺونٺن چاڙهي ڇڏيا آهن، رڳو ڇوري کي پوٺي چهاڙ ته خبر پوي “.تڏهن پالي هڪ ئي جواب ڏنو هو.

”موچڙو آ منهنجو، توهان سڀئي گڏجي ههڙيون الائي اڃا ڪيتريون ڪندا “ پر پالي ” گنات ڪر جي جاڻيو، پاڻي پئجي ڇاڻيو “ وارن اصولن جي قائل هئي، تنهن جيتُو کي ڪنهن ٻڙڌڪ ۾ ڦاسائي هن جي وجود ۾ ڪو به خزان جو ڀوئنچال مچائڻ کان اڳ هن کي فطرت، ڪارونجهر ۽ جواني جي رستن تي رمڻ لاءِڇوٽ ڏئي ڇڏي هئي، جيئن هو وڌي ويجهي، جواني ۾ سونهن جو نشو ڀرجي، مٽجندڙموسمون انگ انگ ۾ سرور ڀرين، پر جيتوُ لاءِ وجود ۾ ڪنهن به بهار جي ڪا به ضرورت ڪو نه هئي پوءِ به ماءُ کي هڪ ڀيري چيو هيائين.”امان هڪ ڳالهه ٻڌ “” سونهن جي اڏندڙ پکين جا پر ڪٽڻ جا اختيار پٽيلن هٿن آهن ڪ “.

جيتو ڄڻ ته ماءُ اندر ۾ ڏوڏي جي مرڻ کانپوءِ محبت جو ڪاڳر ٻيهر اٿلائيندي چيو هو، تڏهن پالي انڪاري ڪندي چيو .

نه...... ڌيءَ....... نه “.

نه نه پالي جي تصور ۾ آيل سارس سڪل ٽوڀن تان اڏامڻ لڳا هئا، جن احساسن جا الا الائي ڪيترا او اونچا ۽ احساستي هئا، تڏهن به پالي جي اکين جون ماڻڪيون يادن جي هندوري ۾ مٽ مٽ ڪرڻ لڳيون هيون، جڏهن وانڍئي ۾ دهل جي دٻڪ دٻڪان سان ڪنهن گهر وهان هوندو هو ته جيتو جي اندر جو ماٺو ۽ احساسن سان ڀريل وٽو ڇلڪندي ان مهل رڪجي پوندو هو، جڏهن ڪاري وڳي ۾ ويڙهيل ڪنوار سڏڪا ڪندي زندگي جي ڪنهن اونهائي ۽ ويڪري رڻ ڏ انهن ڌڪڻ لاءِ اوڙي پاڙي جا ننڍا وڏا مائٽ مٿي تي هٿ رکندي اڪارڻ جو گڏجي فيصلو ڪندا هئا، جيتو اهي ڪارا اوني وڳا جڏهن ڏسندي هي تڏهن پنهنجو تن هن کي ڪنواري هوندي تندور محسوس ٿيندو هو ۽ رات جو سمهڻ مهل هوپنهنجي بدن تي ڪارن وڳن جو تصور ايندي هٿ ڦيريندي هئي ته رون رون اڀو ٿيندي سونهن جي نيلامي تي ڪرب اندر ۾ ڦوٽون آڻي ڇڏيندو هو، تڏهن هڪ دفعه ماءُ کان پڇي ورتائين.

امان ،......؟

” وري ڇا ٿيو “ پالي سواليا لهجي ۾ چيو هو.

ماءُ.... هي ڪارا  ڪپڙا توهان  ڇو ٿيون پايو !“؟

پالي کي جيتو ڄڻڪنڊن واروپاسو بدلائڻ لاءِ چيو هيائين.

”ائين ئي رسم آهي “ پالي زندگي کي هارايل بازي واري تصور ۾ ٻڏندي چيو هو.

”پر .... امان .... اهو ته انسان جو ساهه گهٽجي هرو ڀرو اگني سنسار ڪرڻو آ“.

”ڌيءَ هوندو! پر اسين ته ڄايون ئي انهن رسمن جي رکوالي لاءِ .

پالي جي ڄڻ ته هٿ لڪيرن کان ويندي نرڙ جي گهجن تائين وري ڪو دورو دهرائجڻ شروع ٿيو هجي، تنهن هوندي جيتو جي اندر جو اسرار هو ته انهيءَ رسم جي کوجنا ڪجي، جنهن خوبصورت جسمن کي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هو، پوءِ به جيتو ٻيهر ضد ڪندي ماءُ کان پڇيو.

”امان  ڪا ڳالهه ته هوندي ڪ ... خام خا ڪارا ويس ڪيا آ هن“.

ماءُ جي ڊگهي نظرن هن جي ڳالهه تاڙي اهو پڇڻ کسڻ جي جرئت  ڪندي چيو : تون ڇو ٿي پڇين ”  انهن لفظن ۽ جيتو  جي سواليا نظرن پالي جي اوني گڀن ۾ ڍڪيل جسم کي ڦڙڪڻ سان  سانوڻ ۾ امنگن جا دکندڙ ڏيئا وسائي جذبن جي پنن کي ڇاڻڻ شروع ڪيو هو، تڏهن کان ئي وجود جي وڻ جون پاڙون سڪندي محسوس ٿيڻ لڳيون هيون،پوءِ به ٻئي هڪ ئي ڏوهه ۾ هڪ جيڏن، هڪ جهڙن ۽ هڪ رخ ۾ ٺهيل چوئرن ۾ بي ڏهي قيد ٿيل هيون، تنهن قيد کي هلڪو ڪندي جيتو وري ماءُ کان پڇيو.

امان!

”هاڻ وري ڇا ٿيو “ پالي  اونهي پيڙا مان ڪنڌ موڙيندي چيو هو،

جيتو پالي جي اندر ۾ سالن کان آيل وڪڙ کولڻ جي همٿ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندي چيو” امان ... اوهين هي ڪارا وڳا ڇو ٿيون پايو “؟.

”اهي ڪارا وڳا “؟ پالي جهجهي جگر تي هر ستم سهڻ جي الهامي طاقت جو سهارو وٺندي پاٻوهه مان جيتو جي خوبصورت نرڙ تي چپ رکيا ته جيتو پنهنجو ڪنڌ پالي جي سٿر تي رکندي ڪنهن ڊگھي وارتا  ٻڌڻ لاءِ سوچ جي رستن تي لهڻ جي ڪيائين ته پالي  چيو.

”اهي ڪارا وڳا انهيءَ لاءِ جو دودي ۽ چنيسر جي ويڙهه ۾ اسان جو پٽيل ڪسجي ويو هو، تنهن ڏينهن کان ئي ڪارا ويس ڪيا آهن“.

”پوءِ امان اهي لاهي ڦٽا ڇو نه ڪيا ٿا وڃن، جيتو پاڻ ڪارن وڳن ۾ آزاد ٿيڻ لا‌ءِ هن معاشري کي منٿ ڪندي  چيو هو.

پالي انڪار ڪندي چيو ته”نه .... نه...... ڌيءَ...... نه “اهو ته دودي يا چنيسر جو وارث ئي ڪري سگهي ٿو.

پر اهي ته بادشاهه هيا، امان تون پاڻ ئي چوندين آهين ته بادشاهه وڏو ماڻهو هوندو اهي، جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن جا مٿا ٽڪرائبا آهن، جيتو ماءُ جي وساريل يادن جي ڪٿا وري کولڻ شروع ڪئي هئي.

تنهن مهل پالي چيو ” ٺيڪ ته چوندي آهيان“

جيتو بحث کي ڊگهو ڪندي ڳالهه ڪئي ”پر اها ته سراسري جيون سان جٺ آهي امان “.

پالي پنهنجي اندر کي وري اپٽڻ شروع ڪندي  چيو.

”اهي جٺون هت روز گڻڻ کان مٿي ٿين ٿيون، ڌيءَ تون ڪنهن ڪنهن رستي کي روڪڻ جي ڪنديئن، خود تنهنجي جيون به ڦاهي جي ڦندي ۾ آهي “.جيتو اميد جو سهارو وٺندي چيو.

”اهو ته ٺيڪ آ پر  امان چاچو ميگهراج هٿ هٿ تي ڏيئي ويٺو آهي، هو ڪنهن گڙنگ ماڻهو پويان لڳي پوي ته ڇا ڇا ٿي نه ٿو سگهي “.

پالي چيو:”ڌيءَ انهي جي وس ۾ ڪجهه به ناهي، سواءِ پنهنجو پاڻ ۽ راڄ جون ڪي نياڻيون “.

”امان ..... هڪ ڳالهه ٻڌ! مون  کي ڪارا ڪپڙا پارائڻ کان اڳ ته بادشاهه اچي ويندو “؟”.

جيتو جي سوال پالي جي اندر ۾ احساسن جي لهرن کي اهڙا لوڏا ڏنا، جنهن کي چئني طرفن کان پنچائت کڙا هڻڻ شروع ڪيا هئا، تن پٿرن کي هن جي انڪاري هٿن روڪي ورتا هئا، تڏهن به  اڄ جيڪو کڙو انهيءَ جي گهر ڏانهن اچڻ وارو هو، اهو ميگهراج جي هٿن ۾ هو، جنهن جي هٿن ۾ ايتري طاقت  هئي جو حياتي جي ول جو چونٽوٽوڙڻ جون ٽلو ٻن ڏونگهين کي سائي ڪپڙي ۾ ويڙهڻ کانپوءِ اچي وينديون هيون، تنهن مهل ڪارونجهر جيڪو جيتُو جي مرڪڻ تي مست ٿيو هو، تنهن ميگهراج جي جتي جي چيچاٽن تي ڪئي سوال ڪيا هئا پر  هو سڀني کي لتاڙي فطرت جي دي جون سونهن وارون تندون ٽوڙي، انهن کي ڪڙلن،ڪاٻين، هاڙلن ۽ واڙلن ۾ قابو ڪرڻ لاءِ ڪي ٽڪساٽ پنهنجي ذهن جي ڄار ۾ ڦاسائي پالي جي اوٽي چڙهيو هو، ته پالي جيتُو جي حياتي واري گهرٽي ۾ اهڙو ڦيرو ڏيڻ جي ڳالهه ميگهراج جي منهن مان ٻڌي هئي، جيڪو ڦيرو مرڻ گهڙي تائين رڪجڻ جو نالو نه وٺڻ جو عهدنامو ڪنڌ جي لوڏن ۾ ڪرڻ جو هو، تڏهن مورن ماٺ ڪئي، ڄڻ انهن کي اها سڌ اڳ ئي پئجي چڪي هئي، تنهن ماٺار تي سرنگهو جي وڻن پنهنجيون ٽاريون اڀيون ڪري ميگهراج اڳيان احتجاج ڪيو پر راڄ جون جواني واريون لامون ڪٽي ڀيمي سان  ڳنڍڻ جا اختيار هٿو هٿ ڪري سرهائي سان ويندي جيتُو جي جواني واري آئيني جي چوخير وقت جو اهڙو ڪٽ چاڙهي ويو هو، جنهن ۾ ڪا به چمڪ نه هئي، تنهن هوندي به جيتُو وري پالي کي چيو.

”امان دل جو روڳ ڇا ٿيندو آهي “؟.

پالي ٿڌو ساهه ڀري احساسن جي پکين کي اڏاريندي چيو.

”ڌيءَ! ڪهڙو روڳ پُڇين ٿي؟ هت اسين سڀ درد جي پاڃاري ۾ جوٽيل آهيون، جنهن جي واڳ هڪ رخ هڪ طرف ۽ هڪ دنگ ڏانهن مڙي ٿي، ڄڻ قسمت جا  ڪاڳر ڪورا هجن “.پالي ڊگهي ڳالهه ڪندي جيتُو جو ذهن  موڙڻ چاهيو ٿي پر جواني جي رستن کي رڻ ۾ بدلائڻ واري تصور هن جي من ۾ هورا کوري پيدا ڪري  مانءُ کان وري پڇڻ تي مجبورڪيو.”امان... اهو ڪارا ڪپڙا لهرائي، رنگين ڪپڙا ڏيڻ وارو بادشاهه آئون ڏسنديس “؟

پالي هٻڪندي هٻڪندي ڪجهه چوڻ بجاءِ رڪي وئي ڄڻ هن جي زبان ڳالهائيڻ وقت ٺوٺ ٿي ويئي هجي. پوءِ به ڌيءَ کي دلداري ڏيندي چيائين.

”ها .... ڌيءَ ڇو نه ڏسندئين “.

جيتو ڊگهي انتظار کي ڪٽيندي چيو.

”امان ! بادشاهه ڪڏهن ايندو “؟

”ڌيءَ بادشاهه مرضي جا  مالڪ  هوندا آهن، جڏهن دل چاهيو ته رعيت طرف منهن ڪندا پر ايندو ضرور.... تنهنجي .....؟

جيتُو جي مک تي سرهائي اهڙي راند رچائي هئي جو ڪارونجهر به ڏسي ورتي، تنهن سرهائي جي موٽ مورن ٽهوڪن جي صورت ۾ ڏني ۽ جيتُو وري به سونهن جي سفر تي هڪ جيڏين سان نڪتي ته انهن مان ڪنهن مهڻو ڏيندي چيو:

.تون اسان جي ٽولي ۾ نه ايندي ڪري اها ٽولي رڳو ڪنوارين جي آ، تنهنجو وهانءُ ٿيو آ، جيتُو جي جسم تي لفظن ڪونڀٽڻ جي ڪاٺين جا ڏنڀ ڏناهئا، تڏهن هن به .”نڪا هيئن، نڪا هونئن“ ڪندي چوٽي مان جهلي اهڙي پٽ سان سهلي کي  هيئن هيائين، جو نرڙ سڄي پيو هو، تڏهن جيتُو  خار مان چيو: سس هل ڙي هل: امان چوي ٿي بادشاهه ايندو، تون ڪير ٿيندي آهين وهانءُ ڪرائڻ واري “؟

سهلي ڏندن کي پاڻ ۾ پهندي ڍرڪاڻ لاءِ چيو:”ها ...... ها...... وهان ٿيو آ، ڀيملي ڀڙوئي سان !“ جيتُو جي نيڻن مان نير وهڻ لڳا هئا ۽ هوءَ سڏڪي پئي هئي ۽ سڏڪندي سڏڪندي ماءُ وٽ دانهڻ لڳي هئي، ته پالي چيو.

وري ڇا ٿيو ؟

جيتُو اکيون مهٽيندي چيو :”امان ! هو چون ٿيون، تهو هت ايندي نه ڪر، تنهنجو وهانءُ ٿيل آ “

پالي جو اندر ڪنهن اونهي کاهي  ۾ ڪرندي ڪجهه چوڻ کان اڳ، منهن موٰڙي چڪو هو، پوءِ به جيتُو ماءُ جي اندر ۾ نوهنڍاڙون هڻندي چيو.

”امان.... انهن کي چئو ته منهنجو وهانءُ نه ٿيو آ “.

پالي جي لاءِ آزمائش جو اهڙو زهريلو پيالو سامهون هو، جنهن کي پيئڻ هن جي وس ۾ نه هو، جيتو ڀڻڪندي پالي جي خاموشي کي ٽوڙيندي وري چيو.

”امان..... بادشاهه ڏسڻ مهل اسان جا مٿا ته ڪو نه ٽڪرائبا “.

”نه ڌيءَ ڇو ٽڪرائبا “

پالي جي تصور ۾ ڏُوڏي سان لائون لهڻ وقت مٿا ٽڪرائڻ جي ڳالهه ياد آئي ته جيتُو وري چيو.

امان! بادشاهه ڪڏهن ايندو؟

پالي تسلي بخش جواب ڏنو ”ڌيءَ تنهنجي قسمت آ “.

جيتُو  اڃا ٻارنهن سالن جي عمر واري چائنٺ تي پير رکيا هئا ته سندن ساهرن طرفان پهرئين ڪاري پوتي آئي هئي، جيتُو اهو ڏسندي پنهنجي بدن مان ٺڪا نڪرندي، اهڙي آهه ڀري هئي، ڄڻ نسن جو رت سڪڻ سان گڏ هڏيون چمڙي سميت ڪنهن زور آور ڇڪڻ شروع ڪيون هجن ۽ ايذاءَ، اهنج ۽ اوپرائپ جا سڀ رستا هن طرف اچڻ لڳا هئا پوءِ به بادشاهه جي ڊگهي انتظار هن جا نيڻ سڪائي ڇڏيا هئا، ماءُ جون آٿتون هُن اڳيان ڀرم وڃائي چڪيون هيون، پر به وقت جي وير هن کي زندگي جي ويران رستن تي رولڻ لڳي هئي،  ساهرن جيڪي به جيتُو لاءِ ڪپڙا آندا هئا، اهي گهڻا تڻا اُن جا ٺهيل هئا، جيتُو جون سهائي راتون اماسيل راتين طرف ڌڪيندي ساهرن  ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي،  چوڏهين جهڙي ملوڪ جيتُو جي چونئري ڦيرڻ جي رات به  چوڏهين مقرر ٿي، نيٺ گهٽجي گهٽجي پنهنجي منزل تي پڳا، جيتو جا مهندي رتا هٿڙا ٿيا، سهيلين ڳيچ ڳايا، جيتُو کي لڳو بادشاهه اچڻ جي اها ئي رسم هوندي آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ بادشاهه ڏسڻ ۾ ايندو، ائين راتيون کٽجي، ساهرن طرفان موڪليل رڍن جي ان مان ٺهيل اوني ڪپڙن تي پڳيون، ساهرن پالي هٿان جيتُو لاءِ ڪارا ڪپڙا وڌايا ته جيتُو چيو:

”امان..... انهن کي ڇا ڪريان ؟“

جيتُو جي اکين جو رت سڪڻ لڳو هو ۽ هن ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪپڙا اڇلڻ لاءِ ماءُ کي منٿ ڪئي هئي ته پالي چيو:

ڌيءَ: اهي توکي پائڻا آهن.

”امان بادشاهه ته ڪو نه آيو آهي، انهيءَ کان اڳ اهي ڇو ٿي ڏين “؟ جيتُو اڃا به سوڳ لاهيندڙ ڪنهن جي انتظار ۾ هئي ته پالي چيو:”ڌيءَ اهي ڪپڙا پاءُ ته اجهو بادشاهه آيو “.

جيتُو ماءُ جي وچڙل ڳالهه ۾ ڪلو نه آئي ۽ ڪارو ويس ڪو نه ڪيائين، ڄڃ ٻاهر دهل وڄڻ سان واڌائي ڏئي چڪي آهي، پر هو انهن رنگين پراڻن ڪپڙن ۾ چونئري اندر سهيلين جي گهيري ۾ هوندي، ڪنڊ پاسي رکيل ڪپڙن کي ڏسندي پنهنجي ماءُ برادري سان مزاحمت ڪرڻ جو سوچي رهي هئي ته ميگهراج جي جتي جي ڪڙ ڪڙاٽ ٻڌڻ ۾ آئي ۽ هن پاڙي جي وڏي هوندي جيتُو جي مٿي تي هٿ رکندي چيو.

”ڌيءَ ڪارو ويس پاءَ ته تو کي تنهنجي بادشاهه سان ملايون “.

”پر چاچا! امان ته چوندي آهي “؟ جيتُو تڙپ مان چيو ته وري ميگهراج جواب ڏنو.

”ڌيءَ ائين نه هو!“ تون جنهن بادشاهه جي انتظار ۾ آهين، اهو اڃان به اچڻ ۾ ڪي جڳ لائيندو .

جيتُو ڪارن ڪپڙن ۾ ڌٻندي هٿ وڌا ۽ پاڻ کي سهيلين جي ٽولي مان ٽرندي اهڙي زهر جو ڍڪ شروع ڪري ڏنو هو، جنهن جي چئني طرفن خاموشي ديرو ڄمائي ڇڏيو هو، جيتُو جي گولاڙن وانگي پڪل جوسي تي رنگين ڪپڙن جي جاءِ تي ڪارن ڪپڙن ٻک وڌا  هئا ته هو پنهنجي جيون بادشاهه ڀيمي سان گڏ چوئنريءَ جا ڦيرا ڦرندي ڪاري ويس ۾ پاڻ کي ڪانهياري محسوس ڪرڻ لڳي ۽ ٻنهي جا ريتن رسمن جي ڪري مٿا ٽڪرايا ويا، اهو لڪاءُ تارن ڏسي خاموشي اختيار ڪندي سهائي رات کي مهڻا ڏنا ته جيتُو کي لڳو ته ماءُ سچ چيو هو ”بادشاهه ايندو مٿا صرف پنهنجي جيون بادشاهه سان ٽڪرائبا نه ڪنهن ٻئي ڪنهن سان “ ۽ جيتُو اڳيان اهڙو بادشاهه هو، جيڪو جيتُو جو سرير ڪارن ڪپڙن مان آزاد ڪرائي نه سگهيو، پر انهن ڪپڙن تي احساستي گل هڻائي پاڻ سان گڏ، پنهنجي گهر وٺي وڃڻ مهل هن کي ڪارونجهر، فطرت ۽ مورن ڏسي ماٺ اختيار ڪئي هئي.

جيتُو رات جو پنهنجي ور سان سيج رمي، نسون سڄائي ساجهر اٿي ٻاهر اڱڻ آئي هئي ته ڪاري وڳي ۾ ويڙهيل هوندي اکيون ڪارونجهر فطرت ۽ مورتن جي ماٺار طرف تاڻجي ويون، ان مهل ڪارونجهر لڄ وچان پنهنجي  وجود تي ڌنڌ جي چادر اوڍي، ملوڪ جيتُو سان نظرون ملائي نه سگهيو هو پوءِ به جيتُوبار بار ڪارونجهر طرف ڏٺو، پر  ڏُونگر جيتُوجي ڀيمي سان ميلاپي حرڪت تي ڏکايل هو، جيتُو انهيءَ هوندي به  پنهنجي جسم تي پاتل ڪاري ڊريس تي هٿ ڦيرو ته رڍن جي ان وارا ڪپڙا، مهندي رتا هٿ هن کي ٿوهرن جي ڪنڊن جهڙا لڳا.

هن وري لوڻو هڻندي فطرت طرف جانچ ڪئي ته سونهن جا ڦورو، فطرت کي جواني ۾ ڦري ويا هئا، مورن جي ٽهوڪن جي خاموشي تي ڄڻ بندوقن جا برسٽ هلايا ويا هجن پوءِ به جيتُو گهڙي گهڙي ڪارونجهر طرف جاچ ڪئي، مگر ڏونگر جي محبت ڀري نظر پنهنجي طرف نه ڏسندي هن ڪجهه سوچيو ته پالي جا اهي لفظ ذهن تي آيا ۽ هن ڪارونجهر کي ماءُ وانگي معيار ڏيندي چيو.

”ڏونگريا ڏ ور  ڀلا، آگڙ جائو تو پاڻا “.

”ڪارونجهر تون پري کان سٺولڳندو آهين پر تنهنجي ويجهو وڃبو ته تنهنجي ئي وجود ۾ رڳو پٿر ڀريل آهن “.

ڏکيا لفظ

کهراڻ=لسو نه هجڻ

مڌرا= مٺا

ڪڙلا، ڪاٻيا، هاڙلا ۽ واڙلا= اهي سڀ هٿن ۽ پيرن لاءِ چاندي جا ٺاهيل زيور هوندا آهن، جيڪي پارڪر ۾ عورتون پائين ٿيون

امر چوڙو= اهو چوڙو رٻارين کان سواءِ ڪو به پارڪر جو قبيلو نه ٿو پائي ، اهو چوڙو هاٿي جي ڏندن کي ڳارڻ کان پوءِ ٺاهيون ويندو آهي.

وانڍيو= ننڍو ڳوٺ، جنهن کي پارڪر ۾ وانڍيو چون ٿا.

پٽيل=چڱو مڙس

کڙپيل= تمام گهڻو پوڙهو، گهڻو ڳالهائڻ واري کي چون ٿا.

تاجوئا= قديم، رسم، جيڪا اڪثر ڪري رٻاري ۽ ڪولهي عورتن ۽ مردن پنهنجن هٿن ٻانهن، ڪلهن تي سينگار لاءِ چمڙي کي ٽنبي انهن ۾ ڪوئلي جو ٻورو ڀري ڇڏيندا آهن، اهي نشان پڪا ٿيندا آهن، ته ڳاڙهو سائو رنگ اختيار ڪندا آهن تن کي تاجوئا چون ٿا، اهي نشان اٺ، وڇون، گل ۽ ٽڪندي جي صورت ۾ کنياويندا آهن.

ڏونگر=جبل.

آگڙ=ويجهو

پاڻا=پٿر، پهاڻ.

ڪنٺي= رٻار ۽ ڪولهي عورتون  ڳچي ۾ پائن ٿيون، جيڪا رنگين مڻين جي ٺهيل هوندي آهي.

پٺارڪ= وزن واري هڙ، جيڪا پٺن تي کڻبي آهي.

کلڪوڙا= بار بار کلڻ.

کارئي آن ڇڄي= ٿر جي چوڻي، جيڪا مينهن وسڻ يا زوردار هوا تي واري اڏامي تنهن لاءِ استعمال ڪن ٿا،  انهيءَ جو مطلب اهو به آهي ته تمام ڪا شيءَ گهڻي ٿي پوڻ.

پولو= رٻاري ۽ ڪولهي ڪنواريون ڇوڪريون چولي طور استعمال ڪن ٿيون.

ارڻي جو گل= ٿر جو او خوبصورت گل، جنهن ۾ هلڪي خوشبو به هوندي آهي، اهو ٻوٽو پارڪر ۾ تمام گهڻو ٿئي ٿو انهيءَ جي سنهي ڏانڍي چونئرن ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي، انهيءَ گل جي سڪڻ کانپوءِ انهيءَ گل مان ننڍي مک جنم وٺندي آهي، جيڪا ”ٻڳ“ جي نالي سان مشهور آهي، اها مک  اڪثر جانورن تي ويهندي آهي .

الميو ڀمر =  سٺو ٿي پوڻ /  ڪنهن ڳالهه جو جواب ملڻ کانپوءِ هليو وڃڻ .

گنات ڪرجي جاڻيو ، پاڻي پئجي  ڇاڻيو  = ٿر جي چوڻي چوندا  آهن نياڻي جو مڱڻو ڪرڻ  مهل ڇوڪر جا مائٽ پرکڻ ضروري آهن، پاڻي پيئڻ وقت ڇاڻڻ ضروري آهي.

ٻڙڌڪ= هل هنگامو.

ڀوئنچال= ڪنهن ڳالهه تي زور وٺرائڻ لاءِ گهڻي پرچار ڪرڻ.

سارس= خوبصورت پکي جو نالو.

ٽوڀا= پاڻي جا دٻا

چوئنرو= ٿر جو ڪکائون گهر.

وارتا= ڳالهه.

پئنچات= راڄ جا ماڻهو.

سرنگهو ۽ ڪونڀٽ= ٻئي ٿر جا وڻ آهن.

اليڪرا سليڪرا= ميرا ۽ صاف ماڻهو.

زور آور= طاقتور

وچڙيل= واضح نه ٿيڻ.

ٺيٺاٺيٺ= مڪمل ڪنهن شيءَ جو جواب.

سيلرو=پٽڪنوار جو گل، جنهن جي ڊگهي ڏانڍي ٿيندي آهي ۽ گل گلابي رنگن جا ٿين ٿا.

ڇڪين جو ڇيهه= ڳالهه جو ختم ٿيڻ.

ڀانت ڀانت= مختلف قسمن جا ماڻهو.

ڪوٽيون ۽ ٺوسيا= چاندي جا زيور جيڪي مرد پائين ٿا، خاص ڪري رٻاري قوم ۾ رسم طور استعمال ڪيا وڃن ٿا.

ڪڙيا= سفيد ڪپڙن جي سندري، جيڪا رٻارين جي ڊريس طور استعمال ٿئي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com