سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1992ع

مضمون

صفحو :9

ڀٽا ڳڙهي:

         ڀٽا ڳڙهي به ڪنهن زماني ۾ ڏاڍو وڏو ڳوٺ هو، ڀٽا وڏا وڏيرا هوندا هيا، هاڻي ڳوٺ بلڪل ويران ٿي ويوآهي، فقط مسجد شريف آهي، جنهن جي مرمت ڪو الله جو بندو ڪرائيندو آهي، ان سبب بيٺي آهي،ڳوٺ جو اندازو هن وقت ان جي قبرستان مان ڪري سگهجي ٿو، تمام وڏو قبرستان آهي، ڳڙهي رحيم داد جا ڀٽا وڏيرا، ڏاڍا عياش ها، شراب ۽ ڪباب ۾ ٻنيون کپائي ڇڏيائون، ڀٽن جون زمينون تعلقه ڳڙهي خيرو، تعلقه جيڪب آباد، تعلقه ٺل ۽ تعلقه ڪشمور ۾ هيون، انهن مان فقط ٺل تعلقه جون زمينداريون ختم ٿيون، ڪشمور جي ڪچي جو زميندار حاجي بلند خان ڀٽو مشهور ٿي گذريو آهي، هينئر به سندس پويان سکيا ستابا ۽ اثرائتا آهن، حاجي بلند خان جي منهنجي چاچي حاجي محمد خان سان دوستي هئي، سو مون حاجي صاحب جي زيارت ڪئي، حاجي صاحب عجيب طبع ۽ضرورت کان وڌيڪ محتاط، ڪفايت شعار انسان هو، هڪ دفعي ڀاءُ کي فقط پنجاهه روپيا ڏئي ڪراچي ڪنهن ڪم سان روانو ڪيائين، تائيد  ڪري ڇڏيائينس ته ”رهجاءِ وڃي مسافر خاني ۾ ڪم

لٿي بعد موٽڻ ۾  لحظو به دير نه ڪجانءِ ڀاءُ کي روانو ڪري وري ڪراچي جي ڪنهن واقفڪار ڏانهن ڪارڊ لکي ٽپال ۾ روانو ڪيائين ته ڀائو ڪراچي اچيو ٿو، سو کيس سمجهائيندا ته ”ان المبذرين کانو اخوان الشياطين“ سو خرچ  مڙيوئي سمجهه سان ڪري ڪم ٿئي ته جلدي واپس ڪجوس وغيره وغيره، انهيءَ حال کان علاوه سندس هڪ ٻيو قصو به مشهور ٿي ويل هو، چاچي حاجي محمود خان جي اها چشم ديد ڳالهه هئي،  حاجي بلند خان ڪنهن شادي ڪي ”ڪانڍ“ ڪئي، اوڙي پاڙي ۽ واقفڪارن ڏانهن دعوتون موڪليائين، سنڌي واري تاريخ تي ڪچي جي سڀني ڀاڳين تي بار رکيائين ته اڄوڪو سڄي مال جو کير  مٽن ۾ وجهي کيس پهچايو وڃي تاڪ ”ڪاڄ جو ڪارج ٿئي“ پوءِ ڪانڍتي آيلمهمانن کي پنيءَ مان ٺهيل تونرين تي ويهاري هڪل ڪندو هو ته ڀري اچو ڀائرن لاءِ کير وٽيون ۽ ماني جون ڇٻيون! سو  ان نموني سمورن مهمانن کي کير ماني سان ڍؤ ڪرائي اوڳرايون ڏياريائين، ڏندن کوٽڻ جو ته سوال ئي ڪو نه اٿيو، ڇاڪاڻ ته حاجي صاحب ڪنهن ساهه واري کي سير وجهي ٻوٽيون کارائي ها ته ڏندن کوٽڻ جو موقعو پيدا ٿئي ها. حاجي بلند خان پورو پورو حاجي هو، مٿو سدائين ڪوڙيل رکندو هو، ڏاڙهي وڏي ٻروچڪي نموني واري مولوي واري بنهه نه.ڳڙهي ڀٽا جي ذڪر کانپوءِ وري ڦر اچجي ٿو فال راڄ واهه جي نقش نشانن تي فال راڄ واهه شاهي واهه جي 27 ميل تان 1910ع ۾ کوٽايو ويو هو، هي شاخ 25 ميل ڊگهي هئي، سندس 19 ميل تي اسان جو ڳوٺ عزيز آباد هو ۽ هن وقت مستري مائنر نالي شاخڙي جي اٺين آر ڊي تي ڳوٺ آهي، فال راڄ واهه جڏهن اوج سان ڀرپور ٿي وهندو هو، اهو وقت جي مون کي چڱي طرح ياد آهي، منهن کان پڇڙي تائين ٻنهي ڪڙن سان ٻٻرن جا وڻ هوندا هيا، هر هڪ وڻ جي درميان ڏهن فٽن کان وڌيڪ فاصلو ڪو نه رکيل هو، گهاٽا ۽ ڊگها وڻ ايڏو ته ڇانورو رکيون بيٺا هيا، جو اس ڪڏهن به ڪڙ تي ڪانه  ايندي هئي، شاخ جي 10 ميل ۽ 18 ميل تي داروغه لانڍيون هونديون هيون، جيڪي پڪيون لوهه گارڊر سان سنواريل هونديون هيون، داروغا بيلدار گهڻو ڪري هميشه حاضر رهندا هيا، رات گذاري اسان جي ٺهيل اوطاق تي ڪندا هيا، جيڪا شاخ جي ڪناري هئي، سب ڊويزنل آفيسر مهيني ۾ هڪ ڀيرو اسان جي اوطاق تي ضرور ايندو هو اٺ جي سواري ڪندا هيا، ايڪس اي اين هر ٽين مهيني دورو ڪندو هو، آب ڪلياڻي ۾ هر ڏهين ڏينهن پروگرام رکندا هيا، 18 ميل پل وٽ لاڙو هو جتان لاڙو ڪري انڙ واهه ڪئنال طرف ويندا هيا جي پڇڙي جي شڪايت ٿيندي هئي ته ضرور پڇڙي کي ڏسڻ ويندا هيا، ٽيل جي فل سپلاءِ‏ گيج 2 فوٽ ضرور رکڻ جي تاڪيد ڪندا هيا، اسان جون زمينون ڊاهي واريون هيون، سو پاڻي جي گهٽ ليول تي اسان جا ڪڙيا ڪو نه وهندا هيا، وقت  جوهر انجنيئر اسان سان همدرد هوندو هو، سندن آمد جو پتو اڳواٽ ئي پئجي ويندو هوس،18 ميل جي ”وگائين پل“ ٺهيل هئي ،جنهن جو هڪ دروازو سرن سان بند ڪيل هو ،سو اهو دروازو هڪ  وڏي ڪمري جي صورت ٿي پيو هو انجنيئر صاحبن جي آمد جو ٻڌي آئون ”خورد نوش“جو سامان کڻي ان پل ويندو هوس. اتي دعوت شيراز جهڙو بندوبست ڪري رکندو هوس، آئون پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿو جو نهايت اعليٰ اخلاقن وارن انجنيئر صاحب سان ملاقاتي ٿيس، اتي مون مرحوم محمد سليمان ڀٽو صاحب، مرحوم شير محمد بلوچ صاحب، مرحوم گل حسن طاهراڻي صاحب، محترم حاجي محمد هاشم ميمڻ صاحب، محترم قمر الدين سهتو صاحب، مرحوم اميد علي قريشي صاحب، مرحوم عبدالحميد ميمڻ صاحب، آنجهاني سيٺ صاحب جهڙا انجنيئر ڏٺا، اتي موٽرن تان لهي جهٽ پلڪ ساهي ڪندا هيا ”بر ۾ بازار“ سمان هوندي هئي، اها گهڙي اهڙا اشراف آفيسر مون مسڪين جي دعوت شيراز ۾ خوشي سان شريڪ ٿيندا هيا، بعد ۾ انهن مان ڪيترا چيف انجنيئر ٿيا، ان مهل به هي جڏهن هن شاخن سان آيا ته ڀيرو ڪري بنده جي ڳوٺ هليا ايندا هيا، سندن شرافت، کين مون خادم وٽ لنگهي اچڻ لاءِ آماده ڪندي هئي، عجب وفع دار، نڀاءُ ڪندڙ هيا، الله تعاليٰ سندن مرقدن تي پنهنجا انوار جاري رکي، اهو عجيب وقت هو، آب پاشي جا آفيسر ڏاڍا فرض شناس پنهنجي فن جا ماهر ۽ ضابطي وارا هوندا هيا، هنن نوڪريءَ سان ساري عرصه اندر ڪا اهڙي ڪوتاهي ڪا نه ڪئي، جنهن مان سندن کاتي اندر ڪو نقص نڪتو هجي، اڄ به انهن جون ڳالهيون نيڪي سان پيون ڳائجن، انجينئري کاتي جي عملدارن جي آمد جو پتو اسان کي پئجي ويندو هو، ڇاڪاڻ ته بيلدارن جو قيام اسان جي اوطاق ۾  هوندو هو، انهن بيلدارن مان هڪ جت قوم جو بيلدار تمام گهڻو عرصو هتي رهيو هو، عجيب ڳالهير ماڻهو هو، پنهنجا ۽ پرايا زندگي جا اهم قصا سڻائيندو هو، پنهنجي آفيسرن جا ڪچا چٺا به ٻڌائيندو هو، عموماً هندو ننڍا سوير ۽ وڏا سوير جون ڪهاڻيون ڪندو هو، ننڍي سوير ڪون ڪُڪڙ ڪُهه کاوان ته ڀي آکي ”مون ڇا کاڌو؟ ڇڙيون ٻه ٽنگو ٻه کانڀاٽيون ۽ جيري گجي ذري باقي هڙئي ڪڪڙ توهان کائي ويا “ وغيره وغيره جهڙا قصا روز ڪندو هو، پنهنجا ذاتي تجربا به ٻڌائيندو هو، جيڪي لکڻ جهڙا نه آهن، هڪ دفعي سياري جي مند ۾ صبح جو مچ تي ويٺا هجون ته هي هلي آيو اچڻ سان پير مٿيڪري باهه سيڪڻ لڳو، مون ڏٺو ته سندس پير جي کرونڊڻ ۾ ڪا لنڊي نانگ اٽڪيل آهي، چيومانس ”ٻيڙي ٻڏا“ نانگ چڪ هنيو اٿئي، مري ويندين ڏسي چيائين ” ميڪون  ڪيا مريسي آپ مرڳئي هي “ ڇي ڇڪي مس ڪڍيائين  لنڊي جا ڏنڊ کروڊن ۾ ڦاسي پيا ها سو پاڻ ويچاري لتاڙجي مري وئي هئي، باقي بيلدار کي ڪجهه به نه ٿيو، اهڙي قسم جا ”بلهوش“ ماڻهو بيلدار هوندا هيا، انهيءَ قسم جي سخت طبع هوندي به انسان آزار ڪو نه هوندا هيا، شاخ جي وڻن تي ساهه ڏيندا هيا، پاڙون وڍائڻ جي عادت کان خالي هيا، ڌنارن پنهوارن کي اجازت ڏيندا هيا ته ڀل ٻڪريون ڪاهي  اچن، ڪريل پلڙا  چاري باقي وقت تي ڪڙ کي ٻهاري ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ واسطير دير نه ڪن، جي دير ڪيائون ته ڪوتاهي ڪيائون ته سندن ڌڻ  سوڌو ڍڪ ۾ هوندو.

هاڻي ته ڪلور ٿيا پيا آهن، سڄي شاخ تي هڪ وڻ به پوکيل ڪونهي، ڀلا بيلدار اچي ڪم ڪن ته وڻ به ٿين وڻ پوکڻ ۽ وڻ سنڀارڻ جو ڪم ئي ختم ٿي ويو، سروير ته پنهنجي جاءِ داروغا به مهينن منهن ڪو نه اچن، پگهارون کين هيڊ ڪوارٽرن ۾ ملنديون هيون، سب ڊويزنل آفيسر کي طاقت نه آهي جو بيلدارن جون پگهارو روڪ ڪري سب ڊويزنل آفيسر يا سب انجنيئر  حد ۾ اصل ڪو نه اچن، بيلدار اهو ڏيکاءُ ڏيندا ها ته صاحب شاخن سان هٿيار بند ڌاڙيل گهمندا آهن، متان سائين جن کي ڪا تڪليف ٿئي، سور سنڀار لاءِ اسان ويٺا آهيون، اوهان ڪو الڪو نه ڪريو، ڪئنال وائر سسٽم به انهيءَ قسم جي بيلدارن فيل ڪيو، تارون پٽي ڇڏيائون، نه ته فون تي به حاضريون وٺبيون هيون.

فال راڄ واهه  جي ڪڙ کان گهاٽن وڻن ۾ پکين جا آشيانا هوندا هيا، هر قسم جا تاريخي پکي ڏسبا هيا، ڪانگ، ڪٻر، ڳيرا، ڳيريون، ڪبوتر، ڊکڻ پکي، ڪڻڇيون ۽ وهين جا ولر هوندا هيا، هينئر اهي پکي به لاڏاڻو ڪري ويا، ڀلا ويهڻ ۽ آکيري لاءِ  وڻ ڪو نه هوندو ته پکي ڇو آسرو ڪن، انهيءَ پراڻي نالي سان فال راڄ واهه جي 19 ميل سامهون عزيز آباد جو ڳوٺ آهي.عزيز آباد جو ڳوٺ ٺل تعلقي ۾ تاريخي ڳوٺ آهي، برصغير جي آزادي جا داستان هن ڳوٺڙي سان وابسته آهن، اهي  واسطيدار مجاهد هاڻي چوڪ جي جامع مسجد جي پاسي ۾ ابدي آرامگاهه ۾ آرامي آهن.

خدا جون رحمتون مٿن هجن

اسان هن ڳوٺ جا هاڻوڪا باشندا انهن مانجهي مردن جا ناخلف نمونا ۽” کنيل ديرن جا ترا“ ٻه پيرا جانورن وانگر پيا ڏسجون.1895ع ۾ صوبيدار امين خان شهادت حاصل ڪئي، سندس فرزند عبدالعزيز خان هتي ڳوٺ ٻڌو 1928ع ۾ پڪيون جايون ٺهيون، 1935ع ۾ مسجد شريف جڙي.منهنجو والد حاجي عبدالعزيز خان مرحوم مولانا عبيدالله سنڌي رحه ۽ حضرت  مولانا امروٽي رحه جي صحبت ۾ رهيو، ان ڪري انقلابي طبع هو، هو تحريڪ هجرت جي دور ۾ ڪابل طرف هجرت جي خيال سان ويو هو ۽ 1922ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد مسٽر سمائيٿ، عزيز آباد آيو هو، تاڪ عزيز آباد انقلابي مرڪز بابت معلومات حاصل ڪري پر ان وقت هي ڳوٺ اڃا رهائش لاءِ ڪو نه هيو، سمائيٿ لاءِ چوندا هيا ته ڏاڍو زور آور آفيسر هو، جنهن طرف وڃڻ ٿيندو هوس ته اول نقشو گهرائي مقصود جاءِ تي نشان ڪري پوءِ روانگي واري جاءِ تان سڌو ليڪو ان منزل جي نشان تائين ڪڍندو هو ۽ حڪم ڏيندو هو ته ليڪ نڪتل جاين تان زمين کي هموار ڪيو وڃي، جهنگ، پوک وغيره کان صاف ڪيو وڃي، جيئن گهوڙي کي ڪا رڪاوٽ نه ٿئي ۽ انهيءَ ليڪ سان ٺهيل گهرن جا سڀئي ڪتا مارايا وڃن، متان ڀؤنڪ ڪري گهوڙن کي ٽاهه ڏين، ان زماني ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي منزل تي هڪ هزار روپيا روز جو خرچ هوندو هو، سمائيٿ رات عزيز آباد ۾ تنبو هڻائي رهيو، هتي ڪنهن بغاوت جي بوءِ کيس ڪا نه محسوس ٿي، ماٺ ڪري واپس هليو ويو.

1929ع ۾ اتر سنڌ کي بارشن جي ڪري ٻوڏ ٻوڙي رکيو هو، لڳاتار پورو آگسٽ جو مهينو بارشيون هليون، اترين جبلن جو پاڻي هيٺ لهي آيو هو، عزيز آباد کي هفته اندر هڪ وڏو بند ڏنو ويو هو، ابي مرحوم ڪامين کي کنڊ سان ڪڻڪ جي ماني جون ڪٽيون ڪري کارايون، چانورن جو زمانو ڪو نه هو، نڪي هتي چانورپوکبا هيا، انهيءَ ٻوڏ ۽ بارش جي پاڻي اڃايل زمين کي ٺاري رکيو هو، ربيع جو فصل ڏاڍو ڀلو ٿيو، خاص طرح سرنهن، ڄانڀو، ميلن جا ميل گل ڪري بيٺا، هزارين جريبن ۾ انهيءَ پوک جي ڪري جابلو پکي به سرءُ جي موسم ۾ هلي آيا، تلور ۽ قرنا پکي ڏاڍا آيا، مقامي پکي تترن جي تنوارن به ڏاڍي لئي ڪري ڇڏي هئي، تنهن زماني ۾ جيڪب آباد ۾ پهريون مسلمان ڊپٽي ڪمشنر آيو هو، صاحب زاده محمد خان نالو هوس، حافظ القرآن هو، ابي مرحوم جو دوست  هو،کيس هتي عزيز آباد وٺي آيو ته گلن جي هٻڪار ۽ تترن جي  تنوارن سان گڏ اهو به ڏسي ته ڪاري ڪلر کي قدرت پنهنجي نموني هن قسم جي بهار ڏني آهي ۽ الله سائين جي رحمت هن جي اڃايل علائقي کي ڪيئن  شادابي عطا ڪئي آهي، صاحب زاده صاحب رات رهي قدرتي رنگ پسي محفوظ ٿي صبح جو واپس وريو.

1929ع کان پوءِ عزيز آباد جي زمينن ۾ پوک سٺي ٿيڻ لڳي، ابو مرحوم پئدائش مان باقاعده عشر ڪڍي جدا رکندو هو، انهيءَ ان مان پنهنجي غريب عزيزن ۽ غريب پاڙيسرين جي امداد ڪندو هو، کين ايترو ان ڏيندو هو جو ڇهه ماهي گذر سفر ٿي سگهين، ان وقت اگهه به چڱا ملڻ لڳا، بچت ٿيڻ لڳي ته زڪوات به حساب سان باقاعده ڪڍندو هو ۽ مستحقين کي سنڀاري سنڀاري زڪوات ادا ڪندو هو، ان زماني ۾ ڪپڙو نهايت سستو هوندو هو، ”چلوار“ روپي جا 20 هٿ ملندو هو ۽ ”هرک“ 20 وال تاڪيو چئن روپين ۾ ملندو هو، هينئر چيئرمين اسي روپيا گز ملي رهيو آهي.

1925ع ۾ حرمين شريفين جي سرزمين تي تجدي خاندان ”آل سعود“ جو قبضو ٿيو، هن حڪومت سالن اندر حرمين شريفين ۾ امن امان قائم  ڪري ڇڏيو، ابو مرحوم به 1932ع ۾ حج تي ويو، حضرت مولانا عبيدالله سنڌي صاحب رح جي خدمت ۾ به حاضر  ٿيو، جيڪو اتي رهيو پيو هو، ان زماني سفينه حجاج ذريعه سمنڊ جو پنڌ اٺارهن ڏينهن هڪ پاسي جو ٿيندو هو ۽ ساڌا ٽي مهينا لڳندا هيا.

ابو مرحوم زراعت جي معاملن جو ماهر هو، وٽس ٻاجهري جي هڪ اهڙي جنس پوکبي هئي، جنهن جو سنگ ٽي فوٽ ڊگهو هوندو هو. هي نيڪ نمازي، خيراتون ڪندڙ انسان هو، آخري وقت ۾ پنهنجي پٽ امين ملت کي سڏي چيائين ته گانڌي ٽوپي لاهي پٽڪو ٻڌي اچ جو پير سائين بادشاهه آيو آهي، انهيءَ حالت ۾ ذڪر جاري ٿي ويس، ذڪر ڪندي سندس پساهه پرواز ڪري ويو، ابو مرحوم ننڍي زمينداري هوندي به وڏي ڏک وارو انسان هو، امين ملت جي اليڪشن ۾ ڪاميابي ”ڪانگريس ڪرشمن “ ڪري نه پر ابي مرحوم جي رهائي، رسائي جي اثر سبب ٿي هئي، ”امين ملت “ عزيز آباد جي شخصيت هئي، جنهن حضرت امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي ارشاد مطابق سوباش چندو بوس کي هندوستان مان نڪري وڃڻ  ۾ مدد ڪئي، جيئن مولانا ڪابل ۾ حڪومت موقته هنڌ ٺاهي هئي ۽ فوج ”جنود الله“ تشڪل ڏني هئي، تئين سوباش چندر بوس آزاد هند فوج ۽ آزاد هند حڪومت جوڙي ان زريعه هندستان تي جاپان جي مدد سان حملو ڪيو هو، مولانا صاحب 1944ع ۾ وفات ڪئي ۽ هندستان به ٽن سالن بعد آزاد ٿيو، حضرت پير صاحب ڀرچونڊي شريف وارن جي ڪوشش ۽ دعائن سان پاڪستان قائم ٿيو، حضرت ”امين الملت “ ان جو پاسبان ٿي بيٺو، ڀٽي صاحب جيڪب آباد ۾ اظهار ڪيو ته کيس صلاحون ۽ مددون حضرت ”امين الملت “ جون هيون، نواب اڪبر خان بگٽي گورنر بلوچستان  عزيز آباد پهچي جنازه ۾ شرڪت ڪئي ۽ چيو ته هن منهنجي پڳ جي مالڪ مون کي اڪيلو ڪري وڌو آهي، بگٽي صاحب ڪوئيٽه واپس پهچي گورنري تان استعيفا ڏئي ڇڏي هئي.

حضرت ”امين الملت “ اسلامي ملڪ جي خدمتن ۾ ئي بيمار بڻجي پنهنجي رب ڏانهن هليو ويو، هن وٽ فقط پنهنجي جان هئي جنهن کي نذرانو ڪري سرخرو ٿيو.

چون رفتي بزم برهم ساختي

سنڌين کي سندس پورو سماءُ ڪو نه پيو ۽ پاڪستانين کي به سندس پورو پتو ڪو نه لڳو، سڀني کي سندس ڪماليت جوقدر تڏهين پيو، جڏهين هو هي جهان ڇڏي ويو.

جي جيءَ کي جيارين- سي لاهوتي لڏي ويا

ٺل هميشه سياسي مرڪز رهيو آهي، هن جا زميندار ”زبرا“ ۽” سياستدان“ سچا انسان هوندا هئا، زميندارن ۾ ٻين ٻارن جي نگهباني کان علاوه مسجدن جوڙائڻ، پيرن فقيرن کي آڻي اڱڻ تي قدمن گهمائڻ، خير خيراتن ۽ ٻارنهن ڪرڻ جي خوبي هوندي هئي، سياست وارن کي سچي رهڻ جي ساڃهه  هئي، مطلب ته ستر سال اڳ جو وڏيرو ”ڇوري پال“ هوندو هو، خدا خوفي ۽ سهڻين عادتن وارا انسان عام جام هوندا هيا، پير فقير قدمن گهمائڻ لاءِ نڪرندا هيا، سيد سڳورا چاليهي وصول ڪرڻ لاءِ سياري جو ٽيچار خليفا کڻي گهوڙن تي نڪري پوندا هيا، آل رسول صلي الله عليه وسلم سبب ماڻهو حب سان کين نزرانو ڏيندا هيا، هو به دعا ڪندا هيا، تنهن زماني انه پيرن ۽ فقيرن ۽ سيدن جي صدقي  نڪي مال ۾ مهارو ٿيندو هو نڪي پوکي راهي کي ڪو جيت جڻيون لڳندو هو، محنتون  ضايع  ڪو نه ٿينديون هيون، بسم الله سان پوکي کي برڪت پوندي هئي، ان زماني جي چڱن ماڻهن جو ذاتي ڪردار به صاف هوندو هو، ڪنهن جي ڪک اوڏو ڪو نه هوندا هيا، زميندار ماڻهو ٻي ماڻهو جي هر چيز پاڻ لاءِ ميار ڄاڻندا هيا، سياسي ماڻهو بدخواهه ڪو نه هيا، نڪي پلاٽن جو نڪي پئسن جو ڪو داغ لڳل هون، نه ڪرولا نه ڪميشن جو ڪو نشان لڳل هو.

حق مغفرت ڪري عجب مرد آزاد ٿي

گذريل زماني جون هي نيڻ ٺار ۽ ڳالهيون ۽ نظارا ياد پون ٿا ته دل نپوڙجي اکين مان آب ٿي نڪرڻ لاءِ چاهيندي آهي، ڇا زمانو هو، گلاب جي گلن جهڙا ماڻهو ڪهڙا نه سچا هوندا هيا، ڪهڙا نه اشراف عيبن کان خالي هوندا هيا، ڪهڙي نه سندن سهڻي شبيهه هوندي هئي، اڇا پٽڪا، اڇو اجروڊگهو لباس پايون شرافت ۽ سخاوت جا ڀريا ماڻ نظر ايندا هيا، سندن وقت ۾ ڪيڏو نه سُڪار هو، ڪيڏي نه برڪت هئي،ڪڻي مان ڪيچ ٿي پوندا هيا، نه سم نه سيڪ، هر جاءِ ساوڪ ۽ وڻ باغ بهاري لڳل هوندي هئي، انبن ۽ ٽارين جي گهاٽن ڇانورن هيٺ نه گرمي جو اثر نه ايئرڪنڊيشن جي گهرج هوندي هئي، هر ڪو صحتمند، سڀاڳو، ۽ چؤوان هوندو هو، هاري ناري هميشه هر ڦار ۾ ۽ کيتن ۾ رڌل، زميندار ٻنين ۾ سڻڀي کل سان سهڻن گهوڙن تي گهمندي ڏسبا هيا، مُلان مولوي مدرسن کان ٻاهر ڪو نه هيا، نه کين واعظن جو شوق هو، سندن ڪم هو طالبن کي پڙهائي پختو ڪرڻ ۽ مسجد شريف کي آباد رکڻ، چندن يا پگهارن تي سندن گذر سفر ڪو نه هو، خدائي عنايت تي ڀروسو ڪيون دين جي خدمت ۾  مشغول هوندا هيا.

حاڪمن ۽ عملدارن ۾ به هروڀرو رشوت کائي بي انصافي جي عادت ڪا نه هئي، ڪڏهن به ڪنهن جو حق ماري ٻي کي ڪو نه ڏيندا هيا.ڪاريگرن کي به بي ايماني يا من ڀڳي سان ڪم جي عادت ڪا نه هئي، کين سازوسامان کي اڌورو ٺاهڻ جي ”اڍ“ پيل ڪا نه هئي، جيڪا چيز ٺاهيائون يا تيار ڪيائون ان ۾ نقص وجهڻ جي ”چنڊائي“ ڪانه هين، خراب مصالحو ٺاهڻ يا جڳاڙ ڪرڻ کين ايندو ئي ڪو نه هو.

واپارين ۾ ملاوٽ ڪرڻ جو منحوس مرض ڪو نه هو، نڪي اگهه مارڻ جو ڪو اکرهون، نڪي ڪساد بازاري جي سکيا ملي هين، خاص چيز مناسب اگهه سان فروخت ڪندا هيا، ٿوري کٽي گهڻي برڪت تي عمل ڪري وڏا شاهوڪار  بڻجي ويندا هيا، سندن ڪمائي ”حلال “ هوندي هئي. خاص ماڻهن کي سياست جو سلهه ڪو نه لڳو هو، هر ڪنهن ۾ محبت، اعتماد  ۽احترام جا جذبا موجود هيا، اليڪشني عذاب اڃان نازل ڪو نه ٿيو هو، ماڻهو يڪ سخنا  هيا، ووٽن لاءِ قرآن ڪريم تي قسم کڻڻ جو رواج ڪو نه آيو هو، نڪي ڏوڪڙن تي ووٽ وڪڻبو هو، هر ڪنهن کي پنهنجي مان جو ”مرم“ هو.

مون اهڙي ماحول ۾ ”مشاهدي“ جون اکيون کوليون هيون، اهو وقت ۽ اڄوڪو لقاءَ ڏسي جيءَ جهورين ۾ پئجي وڃي ٿو، دانهن نڪريو وڃي ته يا خدا! هي ڇا ٿي ويو آهي، اهو برڪتن ڀريو زمانو ڪاڏي غائب ٿي ويو !؟ هاڻي جي اثر سبب ماڻهپو موڪلايو ويٺو آهي.

منهنجا مالڪ! هن دور تي تنهنجو ڪو ڏمر ٿيو آهي جو انساني اوصافن سان گڏ ٻيو سڀ ڪجهه به ختم ٿي چڪو.مون پنهنجي احساسات جي دائري کي في الحال ”نئين ٺل جا پراڻا گل “ جو عنوان ڏيئي لکيو آهي، هي داستان ماضي ڪير پڙهندو؟ اهو چئي نه ٿو سگهان، مون گذريل وقت جي ويرن جي ياد ۾ به  ”ويا وڳر وهي“ ڪتاب تفصيلاً لکيو آهي، جنهن ۾ انهن انسانن جي سوانح تي روشني وڌي اٿم جن جي مون زيارت ڪئي هئي، بس انهيءَ الله لوڪ انسانن ۽ گذريل زماني کي ياد ۾ رکي باقي حياتي پيو گذاريان!

داستان عهد گل را، از نظيري مي شنو

عندليب آشفته تر گفته است اين افسانه را.

مهر خادم

ادب ۾ سفرنامن جي اهميت ۽

الطاف شيخ جي سفرنامن جو جائزو

     دنيا جي ادب تي نظر وجهڻ سان پتو پوي ٿو ته سفرنامي جي صنف طنجير جي شهر ۾ ڄاول شخصيت محمد بن عبدالله سندس خانداني لقب ابن بطوطه وٽ لڀي ٿي، ابن بطوطه جيڪو 25 سالن جو نوجوان هيو ۽ دنيا کي ڏسڻ جي شوق ۾ هن 25 سال سفر ڪيو، جڏهن واپس وطن وريو ته سندس عمر پنجاهه سال هئي، ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ سفر جي تڪليفن، مختلف ماڻهن ۽ قومن جي ورتاءَ، انسان جي شخصي اوڻاين جهڙا عڪس ملن ٿا.

سنڌي ادب جي آئيني ۾ ڏسڻ سان پتو پوي ٿو ته سفرنامي جي صنف جا آثار سڀ کان پهريائين ميئين شاهه عنايت رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ خليفي نبي بخش لغاري جي شاعري ۾ ملن ٿا، سندن چيل سر سامونڊي ۽ سريراڳ جي ڪن بيتن مان منظور سامونڊي  سفرنامن جو اهڃاڻ ملي ٿو.مولود جي مواد ۾ مخدوم عبدالرؤف ڀٽي ”زيارت نامو سعودي عرب جو سفرنامن قافلن سان گڏ “ 1720-1730ع ڌاري لکيو، سفرنامو ”ڏاڙهياري جبل جو سير“  مرزا قليچ بيگ جو 1900ع سنڌي زبان ۾ پهريون نثر لکيل سفرنامو خواجه محمد حسين جان سرهنديءَ لکيو، عراق ۽ شام جو سفرنامو جيڪو 1914ع ۾ پڇجي پڌرو ٿيو، ان کان پوءِ لعل چند امر ڏنو مل ”مسافريءَ جو مزو۽ سير جو رنگ “ 1915ع ”سنڌ جو سيلاني “ ڀيرو مل مهر چند 1923ع، ”لطيفي سير “ ڀيرو مل مهرچند 1926ع، ”ڪشمير جو سير“ نارائڻ داس ملڪاڻي 1926ع. ”ايران ۽ عراق “ جو منظور سفرنامو (مرثيه جي صنف ۾) سيد ثابت علي شاهه 1939ع شامل آهن.

اوائلي سفرنامن کانپوءِ سفرنامي جي صنف عام ٿيڻ لڳي ۽ هن صنف کي سنڌي ادب ۾ وڌيڪ ۽ الڳ سڃاڻپ الطاف شيخ ڏياري، الطاف شيخ 17، 18 سالن جي عمر کان لکڻ شروع ڪيو، جڏهن هو اڃان جونيئر شاگرد هو ۽ چاٽنگام اڪيڊمي ۾ زير تعليم هو ۽ ادبي دنيا ۾ ته بنهه گمنام هو ۽ سندس پهريون ڪتاب به گمناه هو! يعني ”اناميڪا“ بنگالي زبان ۾ گمنام يا بي نام کي اناميڪا چون ٿا،الطاف شيخ هيل تائين 37 ڪتاب لکيا آهن، انهن مان 31 ڪتاب سندس سفرناما آهن، الطاف شيخ سنڌي ۾ سفرنامن جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي، الطاف هونئن ته افسانه نگار جي حيثيت سان اسريو ۽ اڀريو پر نيٺ اڳتي هلي هن سفرنامي واري صنف کي پنهنجي خاص صنف بنايو ۽ ان ۾ ايترو ته لکيو اٿس جو الطاف شيخ ۽ سفرنامو هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم ٿي ويا آهن ۽ سنڌي ادب ۾ سفرنامي واري صنف سندس نالي سان منسوب ٿي وئي آهي، هن وقت الطاف هن صنف جو ماهر، مڃيل ۽ مهان ليکڪ آهي، هن کي خبر ناهي ته پڙهندڙ ڇا ٿو چاهي، هن پنهنجي پڙهندڙن جي نفسيات کي سمجهي انهن کي اهو ڪجهه ڏنو آهي، جنهن جي هنن کي تانگهه  هئي.

الطاف هي سفرنامن جو سڀ کان اهو نڪتو هي آهي جو هو جتي به ويو آهي، اتي پنهنجا جا پار پتا پڇيا اٿس، اتي خاص طرح سنڌين جي ڳولا ڪئي اٿس، انهن جي ثقافتي زندگي جو نقشو چٽيو اٿس، الطاف شيخ، تمام سٺي روانيءَ سان چيني، جپاني، ملئي ۽ بنگالي زبان ڳالهائي سگهي ٿو، الطاف شيخ جو پهريون سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل “ آهي، هي سفرنامو پهريون ڀيرو 1971ع ۾ ڇپيو، ٻيو ڀيرو 1977ع ۽ ٽيون ڀيرو 1982ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، الطاف شيخ جي هن سفرنامي ۾ سندس پياري دوست ڊاڪٽر سليمان شيخ ڏانهن لکيل اهي سترنهن خط آهن،  جيڪي هن پنهنجي سفر جي دوران، سامونڊي سفر جي تڪليفن، مختلف شهرين جي سير دوران اتان جي سياسي، سماجي، تاريخي، مذهبي ۽ قومي حالتن بابت ڄاڻ، مختلف قومن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، پيار محبت، عشق ۽ آزادي جهڙن موضوعن بابت لکيا آهن، هي ڪتاب لکڻ وقت الطاف شيخ ميرين انجنيئر هو، هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين بابت به ڄاڻ ڏني آهي، انهن بابت مزيدار ڳالهين جي جهلڪ به محسوس ڪري سگهجي ٿي.

پنهنجي جهاز بابت به ڪجهه ڄاڻ لکي ٿو: ”هر ڇنڇر ڏينهن هر جهاز تي ڊرل ۽فائر فائيٽنگ پرئڪٽس  ٿيندي آهي، جنهن ۾ ٻيڙيون لاهي انهن ۾ جلدي چڙهڻ جي مشق ڪبي آهي، جيئن حادثي وقت دقت پيش نه اچي ۽ هر ڪم ڦڙتائي سان ٿي سگهي ۽ ساڳي وقت باهه سان مقابلو ڪرڻ جي پڻ مشق ڪئي ويندي آهي، اڄڪلهه هر جهاز تي هڪ اوزار آهي، جنهن کي دونهون ڳوليندڙ سڏجي ٿو، هن ذريعي باهه لڳڻ کان اڳ معلوم ٿيو وڃي ته جهاز جي ڪهڙي حصي ۾ باهه لڳڻ واري آهي، يا لڳي چڪي آهي ته اتان ئي ان تي ڪنٽرول ڪري  سگهجي ٿو، هن اوزار ۾ شيشي جا ٽيهه کن ٽيوب ٿين ۽ اوترن ئي حصن ۾ جهاز کي ورهايو ويندو آهي ”ٿڌ بابت ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو: ”روس جيئن ته اتر ۾ آهي تنهن ڪري اسان کان وڌيڪ سردي ٿئي، هونئن به اهو عام آهي ته سنڌ ۾ سردي وڌندي آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته ڪوئيٽا ۾ برف جي لهر آئي آهي ۽ڪوئيٽا جا ماڻهو روس جي نالي چوندا اهن روس جا سائيبيريا نالي ۽ سائيبيريا ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ قيدي اتر قطب کي قصور وار ٺهرائيندا آهن“.

الطاف شيخ رومانيا ملڪ جي شهر ڪانستنزا بابت ڪجهه ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو:”هتي هلڪا ڪم جهڙوڪ حجامت جو، هوٽل جو دڪان ۽ آفيسن وغيره جون عورتون ڪن، مرد ڪو ورلي نظر ايندو، مرد ڪارخانن ۾ڳرا ڪم ڪن، هتي فقير به ڪافي آهن، مذهب جي لحاظ کان عيسائي ۽ ترڪ مسلمان آهن، سڀ رومانين زبان ٿاڳالهائين ۽ ڪو ڪو جرمن يا فرينچ سمجهي ٿو، حيدرآباد جي لطيف آباد ۽ هير ‌آباد وانگر  هتي به شهر جو هڪ حصو آهي، جنهن ۾ فقط ترڪ مسلمان رهن ٿا، جمع ڏينهن اسان جمع نماز لاءِ وياسين، پر نماز ختم ٿي چڪي هئي، امام جو گهر مسجد جي ڀرسان هو، ان جي ننڍي  يءَ مسجد کولي ڏيکاري، سندس نالو نوران هو، ڏهن ٻارنهن سالن جي ٿيندي پر ايتري ته معصوم ۽ ٻولي ڀالي جو سڀني کي اعتراف ڪرڻو پيو ته اهڙو ٻار اسان نه ڏٺو، اسان جي دوست ابريءَ ته الله جي هر کان وڌيڪ خالق جي هن تخليق جي تعريف ڪئي.

هتي جون عورتون ٻين آس پاس وارن ملڪن کان بلڪل مختلف آهن، سڀ کان اول جو ڌاريو ماڻهو نئين ڳالهه محسوس ٿو ڪري، سا هتي جي عورتن جي جسماني بناوٽ آهي، هتي جون عورتون وس، يوگوسلاويا، اٽلي يا يورپ جي ٻين ملڪن وانگر تندرست يا ٿلهيون نه آهن، تمام سنهڙيون ۽ هلڪڻيون ڄڻ ڦوڪ ڏيڻ سان اڏامي وينديون، هلڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جون چست، سمارٽ ۽ سندن رڪات و سڪنات ۾ خاص قسم جا ناز، ادا ۽ شرميليون ڏسي مون کي پنهنجي ملڪ جون ٻليون ٿيون ياد اچن، هتي ڪيترين کي ڊگها وار ۽ چوٽيون نظر آيون، جن کي هتي سونهن جي نشاني سمجهيو ٿو وڃي.“

الطاف شيخ جتي به ويو آهي، اتي پنهنجي سنڌين کي ڳولي لهڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي اٿائين، اهڙي ئي هڪ جهلڪ هن ڪتاب ۾ به آهي.” بيروت ۾ شيلا کي سنڌ جي ڳالهين ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هو، پاڻ جيتوڻيڪ ڄائي نپني بيروت ۾ پر ماءُ پيءُ کان سنڌ جون ڳالهيون ٻڌي ايڏو ته بي چين هئي جو چوندي هئي ته هڪ دفعو ته آئون سنڌ ضرور اينديس ۽ پنهنجي اصلي ديس جي پوتر مٽيءَ کي چمنديس.

آئون اها شام ڪڏهن به وساري نه سگهنديس، بيروت ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پيجن راڪ(Pegion Rock) تمام خوبصورت جڳهه آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪراچي ۾ هاڪس بي يا پئراڊائيز پوائنٽ ، اتي اسان سڀ پڪنڪ لاءِ ويا هئاسين، ڪجهه عرب ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به هيون، ٻيا سڀ پاڻي ۾ تري رهيا هئا، شيلا سندس ٻه ڀائر ۽ آئون ڪناري تي ريتي جا ننڍا گهر ٺاهي رهيا هئاسين ۽ سنڌ جون خبرون به ڪري رهيا هئاسين، پاڻ مائٽن کان سنڌ بابت ٻڌل ڳالهيون ورجائي ورجائي مون کان پڇي رهي هئي، لفظ لفظ ۾ سنڌ لاءِ عقيدت هيس! شاهه کي ته هي پوڄين ٿا، پاڻ شاهه جا ڪيترائي شعر ٻڌايائين، چيومانس  ڪو سُر سان راڳ ٻڌاءِ.

”سچي ٻڌايائين پر هڪڙووچن ڪر“ معصوم ٻار جيان، شيلا منهنجا هٿ جهلي واعدو وٺڻ لڳي ته چئه ڪهڙو؟ پڇيومانس.

”سنڌ جي ان پاڪ خاڪ کي منهنجا پيار ڏجانءِ، ان ڌرتي کي پيارڏجانءِ جنهن جي مان ڌيءَ آهيان “ ان  بعد شيلا شاهه جو سر راڻو شروع ڪيو ته دنگ ڪري ڇڏيائين، سندس سر ۾ عجيب ڪشش ۽ ميٺاج هو، هوءَ ريتي تي پلٿي ڀڃي ڀڄن جي انداز ۾ هٿ اکين جي اڳيان ٻڌي اکيون بند ڪري ڳائيندي رهي:

راڻا تنهنجي راڄ ۾ مون کي چوٿون  چنڊ ڏٺو

ڏکن ڏولائن ۾ منهنجو سڙي  ساهه ويو

هاڻ راڻي کي چئجو ته مومل رات مري  وئي

ڇنا منهه ماڙيون الا اوڏاهين اڏائي .......

منهنجي راڻي کي رحم پوي  ڏور وڃيو ڏينهن لائي.

مون کي ڪو به احساس نه رهيو ته شيلا ڪنهن وقت ڳائي ڳائي بس ڪيو، خبر ناهي ڪنهن وقت ريتيءَ جي ننڍن گهرن کي ڪهڙي لهر ڊاهي وئي، خبر ناهي ڇو منهنجي دل روئڻ لاءِ اڇليون کائي رهي هئي، مون شيلا ڏي ڏٺو ته هوءَ اکين تي هٿ رکي روئي  رهي هئي.“

2. ڳالهيون آهن ڳچ

هي ڪتاب 1989ع ۾ ڇپيو، ڪتاب ۾ ٽوٽل 168 صفحا آهن، ڪتاب جو مهاڳ شبنم موتي سنڌي ۾ ۽ پروفيسر امينا خميساڻي انگريزي ۾ لکيو آهي، مهاڳ ۾ شبنم موتي لکي ٿي ته الطاف شيخ سنڌ جو ابن بطوطه آهي.”پروفيسر امينا خميساڻي لکي ٿي ته :

He mentions in details the people, their colour and their complexion, the colour and texture of their hair their may of life, their historical political, social and economic back ground, their educational and other institutions, their language with which he geten seems to be familiar, their habits, food, manners, customs and ceremonies.

الطاف شيخ جو هي سفرنامو ملائيشيا جي تاريخ، ثقافت، سياست ۽ سماجي ارتقا جهڙن موضوعن تي آهي، هو لکي ٿو: سئو سال اڳ هن ملڪ جي آدم شماري اٺ لک به ڪا  مس هئي، ۽ بقول ڪنهن مسافر جي ملايا جي نه تاريخ پرائي آهي ۽ نه تهذيب ۽ نه وري ڪو ادبي خزانو، هن ملڪ ۾ نه ڪي وڏيون لڙايون  هليون ۽ نه وري ڪي منجهس پراڻين عمارتن جا متاثر ڪندڙ کنڊر آهن، گڏيل هندستان کان ملئي دل کولي مذهب، آرٽ، ادب ۽ رسم رواج جهڙيون شيون هٿ ڪيون، انڊين کان علاوه چيني تهذيب جو پڻ هتي اونهو اثر آهي، کاڌي پيتي کان وٺي عمارت سازي ۽ ويس وڳي تائين.دنيا جو سڀ کان گهڻو رٻڙ، پام آئل، ٽين ۽ ناريل هتان نڪرڻ لڳو ، 1875ع ۾ جيمس گٿري ڊئوڊسن Guthrie daridson سيلنگور رياست جو پهريون برٽس ريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو، 1880ع ۾ نئون انگريز ريزيڊنٽ ڪيپٽن بلوم فيلڊ ڊگلس Bloomfild Douglasرياست جي گاديءَ جو هنڌ ڪلانگ شهر مان کڻائي ڪولالمپور ۾ آندو.

1883ع ۾ملايا مان ايترو ته گهڻو ٽين نڪرڻ لڳو جو ٽين کان هي ملڪ دنيا جو پهريون نمبر ملڪ مڃڻ ۾ آيو نه ته ان کان اڳ ڇهه سئو سالن تائين اها حيثيت فقط انگلينڊ کي حاصل هئي.1886ع ڪلانگ ۽ ڪولالمپور جي وچ ۾ ريلوي لائين وڇائي وئي ۽ هڪ پراڻي انجڻ ليڊي ڪلارڪ جي نالي سان 50 ڪلوميٽرن جي رفتار سان هلائي افتتاح ڪيو ويو.

1909ع شهرين ۽ سلطانن جي هڪ فيڊرل ڪائونسل ٺاهئي وئي، جنهن مان اڳتي هلي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ هاڻوڪي پارليامينٽ پيدا ٿي.1946ع ۾ يونائيٽيڊ ملئي نيشنل آرگنائيزيشن”Umno “ جي تحريڪ هيٺ هو گڏ ٿيا، 1948ع عمنو پارٽي جي همت سان ملايا فيڊريشن ٺاهي وئي، جنهن ”ملئي سلطان “ کي حڪومت جا اختيار ڏنا، ملئي ماڻهن کي خاص شهري حيثيت ۽ باقي پوءِ جي آيل غير ملئي ماڻهن کي محدود شهريت جا حق ڏنا، 1957ع ۾ ملايا کي ”مرديڪا“ آزادي ملي، تنڪو عبدالرحمان، ملڪ جو پهريون وزيراعظم بڻيو، 1963ع ملائيشيا نالي نئين ملڪ جنم ورتو، جنهن ۾ ملايا، سنگارپور، سراواڪ ۽ صباح اچي ويو ٿي، گادي جو هنڌ ڪولالمپور ئي رهيو، 1965ع ۾ سنگاپور کي ملائيشيا کان ڌار ڪيو ويو، 1974ع ڪولالمپور شهر کي باقي سيلنگور رياست کان ڌار رکي کيس فيڊرل علائقو قرار ڏنو ويو.ملئي زبان ۾ مسٽر يا جناب لاءِ انچڪEnick  شادي شده عورت لاءِ پئانPuan  ۽ڪنواري ڇوڪري لاءِ چڪCik  لفظ استعمال ٿئي ٿو، الله يا رحم ملئي زبان ۾ شهيد کي

چوندا آهن.

مغرب جي ماڻهن کي جن نالن سان سڏيو وڃي ٿو، ان ۾ سڀ کان گهڻو مشهور Orang-Putih)) اورانگ ماڻهو ۽ پوتيح معني سفيد ، اڇو يا گورو آفريڪا يا آمريڪا جي شيدين کيGagak  سڏيو وڃي ٿو.  ملائيشيا دنيا ۾ هڪ واحد ملڪ آهي، جنهن جو بادشاهه هر پنجن سالن بعد بدلجندو رهي ٿو، ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان نون ۾ سلطاني راڄ آهي. 1957ع کان پوءِ انهن نون رياستن جا سلطان پنهنجو پاڻ ۾ ويهي واري وٽيءَ تي هڪ کي چونڊيندا آهن، جيڪو سڄي ملڪ جو پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿيندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com