سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1955ع

مضمون

صفحو :9

سج جا آخري ڪرڻا، دريا جي پريئن ڀر عجيب رنگ اڀاري رهيا هئا. شفق جي لالائي، لهرن جي نيلاهٽ ۾ گڏجي اهڙو منظر پيش ڪري رهي هئي، ڄڻ ته ڪائنات جي نيرين نيرين اکڙين ۾ ننڊ جي خمار جا ڳاڙها ڏورا اڀري رهيا هجن. ڪائنات جي انهيءَ خمار ۾ الائي ڪيڏيون گهرايون سمايل هيون، ڪهڙيون وستعون لڪل هيون، جي ڪرڻن جي اوٽ ۾ چمڪندي نظر اچي رهيون هيون. ۽ هو سوچڻ لڳو: ’ڪائنات جو هي حسين منظر، زندگي ۽ حيات جا هي ڪرشما، انسان جي ذهن کي هن کان اڳ به ڪافي تڙپائي، ڦٿڪائي چڪا آهن، هن کان پوءِ به هن کي ڀٽڪائيندا، ڀنڀلائيندا رهندا- پر ڪيستائين؟.... جيسين هو زندگيءَ جو سمورو زهر پي، انهيءَ ڪائنات جي حسن کي، پنهنجي نگاهه جي حسن ۾ جذب نه ڪري ۽ ڪائنات جي پاڪيزگيءَ کي پنهنجي فطري پاڪيزگيءَ جي تابع نه آڻي! ڇا مون ۾ اها فطري پاڪيزگي انهيءَ حد تائين موجود آهي، جا ڪائنات جي پاڪيزگيءَ کي پنهنجي جهوليءَ ۾ جاءِ ڏيئي سگهي؟ اهو سوال پنهنجي پاڻ کان پڇندي، هن کي ڄڻ ته ڪو صدمو رسيو ۽ هو ائين سمجهڻ لڳو ته هن جو اهو ويچار به هڪ گناهه کان گهٽ نه هو....!

۽ هن کي پنهنجي پاڻ تي افسوس ٿيڻ لڳو ته هو اهو سڀ ڪجهه ڇو سوچڻ لڳو جڏهن هو انهيءَ لائق ئي ڪونهي، تڏهن هن کي اهو حق ئي ڪونهي ته هو پاڪيزگيءَ جي لفظ کي به پنهنجي ذهن ۾ آڻڻ ڏئي. هو ته پاڪيزگيءَ جو قاتل هو، حسن جو دشمن هو، زندگيءَ کي ذبح ڪندڙ هو.... هن جي دماغ ۾ گهنڊڻيون وڄڻ لڳيون. خيالن جي انهيءَ طوفان هن جي ذهن کي عجيب حالت تي پهچائي ڇڏيو. هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون جيئن آس پاس کي ڏسي، وري نه هن جو ذهن ڀٽڪڻ لڳي!

پوءِ هن جي ذهن جي پردي تي ڪي سوال، ڪي جواب ۽ ڪي ڪردار اڀرڻ لڳا. چتائي، هو انهن کي جانچڻ لڳو: هي ته هن جوئي ڪردار آهي.... هن جو پنهنجو، جو چئي رهيو آهي ته ’آءٌ چور آهيان، آءٌ شرابي آهيان، آءٌ جواري آهيان ۽ آءٌ زاني آهيان. هن کي اعتبار ته ڪرڻو ئي پيو! فلم ڏسڻ کان پوءِ ماڻهو ائين سمجهندو آهي ته انهيءَ ۾ نوي فيصد ته ڪوڙ آهي حقيقت کان هميشه پري- پر هيءَ ته هن جي پنهنجي ماضيءَ جي فلم هئي، گڏذريل زماني جي تصوير جنهن ۾ هن جو هرفهم جرم هو، هر عمل ڏوهه هو، هر ڪم قانون شڪني هو... ڪاش، ڪو هن کي ٻڌائي ته ائين ڇو ٿيو؟ هو مجرم ڇو ٿيو، هن ڏوهن ۾ پاڻ کي ڇو ڦاسايو، قانون شڪنيءَ جو ڏوهاري هو ڇو ٿيو؟

ڇا انهيءَ جو سبب فقط هن جي اڻڄاڻائي هئي، يا ٻيو ڪجهه؟ هن جي ذهن جي پراگندگي ڪهڙين ڳالهين جي ڪري پيدا ٿي؟ اها سوچ ۽ اهو احساس هن کي وري ماضيءَ جي ديارن ۾ گهلي وٺي ويو. ماضيءَ جي ڪجهه روشن ۽ ڪجهه تاريڪ خلائن ۾ ماضيءَ جي بيابانن ۾، جتي ڪي ٿورا خيابان، ٿوري ساوڪ به هن کي نظر آئي، جتي هو هڪ ٻار جي حيثيت ۾ دنيا کان بي پرواهه ۽ بي خبر ڊوڙون پائي رهيو هو.

هن ماضيءَ جي ڌنڌلڪي ۾ ڏٺو ته هو هڪ ڪچي جاءِ جي اڱڻ ۾ راند ڪري رهيو آهي. وراڻي هٿ ۾ کڻي اڱڻ جي مٽي کوٽي رهيو آهي، ۽ سندس ماءُ، سندس ننڍي ڀاءُ کي  ٿڃ ڏيئي رهي آهي. سندس پيءُ سامهون کٽ تي اخبار پڙهي رهيو هو. هن کي ياد آيو ته هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن هن پٽي پڙهڻ شروع ڪئي هئي. هن کي اسڪول ۾ رڳو انهيءَ لاءِ اماڻيو ويو هو، جو هو گهر ۾ گهڻو گوڙ ڪندو هو. انهيءَ اسڪول جي ديوارين جي اندر هو وڏو ٿيڻ لڳو. هن ۾ ان وقت جي حالتن کي فقط لفظي طرح سمجهي وڃڻ جي قوت پيدا ٿيڻ لڳي هئي. هن کي ياد آيو ته جڏهن هو ٽئين درجي ۾ هو، تڏهن هڪ ڏينهن اسڪول ۾ هڪڙو زبردست جلسو ٿيو هو، جنهن ۾ سڄي اسڪول کي سينگاريو ويو هو جهنڊيون، گل ڦل ۽ الاجي ڇا ڇا آڻي گڏ ڪيو هئائون وڏين وڏين تختين تي لکيل هو: ”اتحادي زنده باد،“ ”جرمن مرده باد“ هن کي ياد آيو ته هنن کي اهي نعرا هڻڻ لاءِ چيو ويو هو ۽ زور زور سان نعرا هڻندي هن جي نڙي ويهي رهي هئي. هن جي ماءُ سندس نڙي گهگهي ٿيڻ جي سبب پڇڻ کان سواءِ هن کي مارڻ شروع ڪيو هو، فقط انهيءَ ڳالهه تان جو اسڪول مان مليل جلسي جي مٺائي کائي هن پاڻي پيتو هو. هن کي اهو به ياد آيو ته اهو سندس حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو هو، جو هن مٺائي کاڌي هئي ۽ ان کان پوءِ هو هميشه مٺائي کائڻ جي تمنا دل ۾ رکي ماءُ کان پئسا گهرندو هو، پر پئسن جي بدران هن کي چماٽون ۽ ٿڦڙ ملندا هئا ڇو؟ اهو هن کي ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيو، ۽ نه ئي هن کي ڪڏهن سمجهايو ويو.... البته جڏهن سندس ماءُ ۽ پيءُ جي وچ ۾ ڪو جهيڙو ٿيندو هو تڏهن پيءُ کي اهي لفظ چوندو ٻڌندو هو ته ’مون وٽ پئسو نه هوندو ته آءٌ ڌاڙو هڻي ڪونه اوهان کي کارائيندس‘ اهي جهڳڙا ته گهر ۾ عام ۽ اڪثر ٿيندا هئا، ۽ سمورن ٻارن تي موچڙا پوندا هئا. خواهه مخواهه ۽ بنا ڪنهن سبب جي! هن کي ياد آيو ته ڪيئن هن پهريون ڀيرو چوري ڪئي هئي. اسڪول ۾ رسيس ملڻ مهل هن جي هڪ ساٿيءَ هن کي مٺائي کارائي. مٺائي واقعي ڏاڍي لذيذ هئي ۽ هن جي ساٿيءَ هن کي ٻڌايو ته سندس پيءُ کيس روزانو اٺ آنا خرچي ڏيندو هو، جنهن مان هو مٺائي وٺندو هو. هن کي به خيال آيو ته امان ته پئسا هونئن ئي ڪانه ڏيندي، بابي کان گهري ڏسان. پيءُ کان هن رڳو ٻه آنا گهريا هئا. ۽ هن کي ياد آيو ته انهيءَ جي بدلي ۾ هن کي سخت مار پيئي هئي. روئڻ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ هو وري پيءُ جي ڪوٺيءَ ڏي ويو. هن ڏٺو ته بابو ستو پيو آهي. سندس ڪوٽ ڪليءَ تي ٽنگيو پيو آهي. هن جي معصوم دل ۾ هڪ معصوم گناهه پيدا ٿيو ۽ هن هري هري ڪوٽ ۾ هٿ وڌو ڪوٽ ۾ ڪل ساڍا ٽي آنه پيل هئا، ٻه آنه پنهنجي نڪر جي کيسي ۾ وڌائين ۽ ڇهه پئسا وري ڪوٽ م وجهي ڇڏيائين. ۽ اتان سڌو پيرو حلوائيءَ جي دڪان تي پهتو. هن کي محسوس ٿيو ته پنهنجي پسند جي مٺائي کائڻ ۾ ڪيڏو نه لطف آهي. هن جي معصوم دل بار بار انهيءَ نتيجي تي ئي پهتي ته مٺائي لذيذ آهي، انهيءَ ڪري هاڻ پئسا ضرور چوري ڪبا، ٻيو ته ڪوبه وسيلو ڪونهي. گهر واپس اچڻ تي هن ڏٺو ته هن جي پيءُ ٻارن ۾ ٻاڪر ڪٽو وجهي ڏنو هو. ٻه آنا گم هئا ۽ هن جي پيءُ جي ڪاوڙ جو پارو چوٽ چڙهيل. هو سهمجي، هيسجي ماءُ جي پاسي ۾ اچي ويهي رهيو. هن جي معصوم دل ۾ اهو خيال آيو ته هيتري گوڙ جو سبب فقط اهوئي آهي.هن کي ان کان اڳئين ڏينهن تي ماستر جي پڙهايل سبق جي يادگيري آئي. جنهن ۾ جارج واشنگٽن پنهنجي پيءُ کي سچ ٻڌايو هو ته سندس پياري وڻ جا ڇوڏا هن ئي لاٿا هئا ۽ انهيءَ سچ ڳالهائڻ جي ڪري هو پنهنجي پيءُ وٽ وڌيڪ پيارو ٿي ويو... هن يڪدم چئي ڏنو: ’بابا، ڪوٽ مان ٻه آنا ڪڍي، مون مٺائي وٺي کائي ڇڏي.‘ هن کي اڄ تائين اهو ڏينهن ياد آهي. پڻس هن کي پيار ڪرڻ جي بدارن آپي کان ٻاهر نڪري ويو. ’اٺ جا پٽ! پڻهين به عمر مٺائي کاڌي آهي، جو هي پٽ سڄن سارن ٻن آنن جي مٺائي ٿو کائي ۽ وري سينو تاڻي ٿو چوي ته ٻه آنا مون کنيا آهن!“ ۽ ان ڏينهن هن کي بيحد مار ملي. جنهن جو نشان اڄ تائين هن جي نڪ جي چوٽيءَ تي موجود هو. هن جو هٿ، بي اختيار نڪ تائين پهچي ويو. هن جي دل مان هڪ هلڪو سڏڪو نڪري چپن جي هلڪي جنبش تي ختم ٿي ويو. انهيءَ واقعي ڪن ڏينهن لاءِ هن جي خيالن ۾ اٿل پٿل مچائي ڏني هئي. ان ڏينهن ته هن جارج واشنگٽن کي ٻاراڻيون گاريون دل کولي ڏينون هيون، جنهن جي مثال هن کي سچ ڳالهارائي هيڏي مار ڏياري هئي. هن يا عمر سچ ڳالهائڻ کان بان ڀري ڇڏي!

دريا مان هڪ لهر اُٿي ۽ ڪناري تي ٿيل اڳين جهڪن جهڪن ليڪن ۽ نقشن کي پنهنجي دامن ۾ سميٽي وري موٽي ويئي. هن جي ذهن تي وري به هڪ نظارو نمودار ٿيو، جتي هو اهو سڀڪجهه ڪري رهيو هو، جنهن کي اوباش ڇوڪرن جو ڪردار سڏيو وڃي ٿو. هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن، جئن هو اسڪول مان گهر ڏي واپس اچي رهيو هو ته ڪي ڇوڪرا هڪ هنڌ گڏجي ڪجهه ڪري رهيا هئا. ويجهو ٿي ڏسڻ سان هن ڏٺو ته هڪ ڇوڪرو آنڪ هٿ ۾ اڇلائي ٻين ڇوڪرن کان لڪائي، هٿ جي هيٺان، پٽ تي لڪائي پڇي رهيو هو: ”اکر ڪي ڀوري“، ۽ هن ڏٺو ته صحيح واڪ ڏيڻ واري کي ٻيڻا پئسا ٿي مليا. هن کي عجب ٿي ته هي چڱو پئسن ميڙڻ جو رستو آهي، جيڪڏه ائين هو پئسا ميڙي سگهي ته شايد هو گهر ۾ روز روز جي ڪل ڪل کان ڇٽي پوي، هن پنهنجي آنڪ وچ تي اڇلائي واڪ ڏنو ۽ هن جو واڪ صحيح نڪتو، هن کي ٻي به آنڪ ملي. انهيءَ طرح سان هڪ ڪلاڪ بيهڻ کان پوءِ هن ڏٺو ته هن وٽ ٻن آنن جي بداران چوڏهن آنا هئا ۽ ان کان پوءِ اسڪول مان موٽي اچي اها قسمت آزمائي ڪرڻ هن جو معمول ٿي ويو. رفته رفته هو ”آگل ڇڪو“ جو منتر سکيو، جنهن تي مشق ۽ محنت ڪرڻ سان پيسي مان ٽڪو، آنو، ۽ رپيو ٿيو ٿي پيو. جڏهن هن وٽ گهڻا پئسا گڏ ٿيندا هئا، تڏهن پهريون ڪم اهو ڪندو هو ته پيرو حلوائيءَ جي دڪان تان مٺائي خريد ڪندو هو. ڪجهه پاڻ کائيندو هو، ڪجهه وري پنهنجي ننڍن ڀائرن ڀينرن لاءِ کڻي ويندو هو. جڏهن کانئس پڇيو ويندو هو ته هن پئسا ڪٿان آندا، تڏهن کلي، حرفت سان جواب ڏيندو هو ته مون ڪمائڻ سکيو آهي. آءٌ ماڻهن جو ڪم ڪار ڪري انهن کان پئسا وٺندو آهيان. انهيءَ ڪوڙ مان نه رڳو هن جي پنهنجي دل کي هڪ نامعلوم خوشي ٿيندي هئي، پر پڻس به هن جي مٿي تي هٿ ڦيري چوندو هو ته منهنجو هيءُ پٽ سڀني کان وڌيڪ هونهار آهي. ۽ اهو سڀاڳو پٽ سڄو ڏينهن پنهنجن دوستن ۽ ساٿين سان طرح طرح جي مشغولين ۾ مصروف هوندو هو. ڪڏهن ڇڪي تي طبع آزمائي ڪندو هو، ته ڪڏهن پتي سان نصيب لڙائيندو هو. هن کي ياد آيو ته هن جي انهن ڳالهين جي ڪري هن جي پڙهائيءَ کي سخت نقصان پهتو ۽ نيٺ هڪ سال جڏهن هو ٻئي انگريزيءَ م هو، هن کي ناپاس ڪيو ويو. هن جي پيءُ کي سخت صدمو رسيو. هن کي خود به ٿورو ڏک هو، پر اهو ڏک جلدئي دوستن جي محفلن ميٽائي ڇڏيو.

هاڻ ته هو ڪامياب جواري هو، جنهن کي پتي جي ٻاونجاهه پتن جيتريون ئي رانديون ياد هيون. شهر ۾ هن جي ناموس وڌڻ لڳي ۽ هن جي پيءُ کي به خبر پئي ته هن جي سڀاڳي پٽ ڪيڏو نه معقول ڌنڌو اختيار ڪيو هو. ان ڏينهن هن جي پيءُ هن کي ڇت سان ٽنگي بيد جي لڪڻ سان اڌ مئو ڪري ڇڏيو، جيسين هن توبه نه ڀري ته هو آئينده جوا کي ويجهو به نه ويندو. انهيءَ مار کي ياد ڪري هن جي بدن مان سيسراٽ نڪري ويا، هن جو سمورو بدن ڪانڊارجي ويو. دريا جي لهرن ۾ نهاريندي هن کي پنهنجي پيءُ جو چهرو ياد آيو، جنهن جي نراڙ تي ان وقت پگهر جون بوندون وهي اکين ۾ پئجي رهيون هيون.

پر هن پنهجي ڌنڌي کي نه ڇڏيو. مارون کائيندو رهيو. ڇڪا هڻندو رهيو، پتا اڇليندو رهيو ۽ پتا اڇليندي هن کي هڪ ڏينهن جيل جي زيارت ڪرڻي پئي. هي نئون ماحول ۽ اجنبي حالتون ڏسي هن کي ڪجهه پريشاني، ڪجهه ندامت ٿي. هن ۾ ڪي احساس پيدا ٿيا، پر گلو مڪرانيءَ جي پهرينءَ گوليءَ سان هن جا احساس الائجي ذهن جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ هڄي ويا. آهستي آهستي ان ماحول سان هو مانوس ٿي ويو ۽ هن محسوس ڪيو ته جيل هن جي لاءِ بهترين درسگاهه آهي. هتي هو اهو سڀڪجهه سکي سگهي ٿو، جو هن کي پيٽ ڀرڻ جي قابل بنائي سگهي ٿو، ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لائق ڪري سگهي ٿو ۽ جڏهن گلو مڪراني سلفي هٿ ۾ جهلي هن کي چوندو هو: ’اچي!‘ تڏهن هو مرڪي چوندو هو: ’ڀلي ڀلي اچي، سر سيد جو بچي.‘ سيد جو سر بچندو رهيو، سلفي ايندي رهي. پتا اڇلبا رهيا، ڇڪا ۽ تريون لڳنديون رهيون. تالا ٽٽندا رهيا، ڇريون چمڪنديون رهيون ۽ هو جيل بار بار ايندو رهيو.

هن دور افق ڏانهن نهاريو. رات ڪائنات کي پنهنجي هستيءَ ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ۾، دريا جي لهرن تي ترندي، لڙهندي، هن کان به اڳتي پهچي چڪي هئي، دور، دريا جي هن ڀر، ملاح پنهنجي ٻيڙين جا ونجهه کولي رهيا هئا ۽ زندگيءَ، رات وانگر ڪاري ۽ خاموش بنجي، هن جي ذهن ۾ چهنڊڙيون پائيندي رهي. هن کي اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن آخري بار لنبي سزا ڪاٽي، جيل مان ڇٽي آيو هو. هن پنهنجي گهر جي حالت ڏسي روئي ڏنو هو. سندس پيءُ لاڳتين مصيبتن جو شڪار ٿي گذاري ويو هو. سندس ماءُ جي حالت، ٻارن جي پرگهور لهندي لهندي اهڙي ٿي وئي هئي، جو اول ته هو کيس سڃاڻي نه سگهيو سندس ٽي ڀائر ۽ ٻه ڀينرون چيٿڙن ۾ ملبوس، ايترا ڏٻرا ۽ ضعيف هئا، جو ائين ٿي محسوس ٿيو. ڄڻ ته هنن کي ڪن مهينن لاءِ ماني نصيب نه ٿي هئي. سندس ماءُ روئي روئي کيس ٻڌايو ته هن جي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، هن تي ڇا ڇا نه ٿي گذريوهو. هن کي ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ ته هن جي ذهن ۾ ڪو لڳاتار چهبڪ وسائي رهيو هو ۽ هر چهبڪ تي هن جي وات مان هلڪي دانهن نڪريو ٿي ويئي. هن اوڏي مهل ئي انجام ڪيو ته هو هنن يتيم ٻارن ۽ ضعيف ماءُ جي لاءِ پنهنجي رت جو آخري قطرو به وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. هو اهي حرڪتون ڇڏي ڏيندو ۽ ايمانداريءَ سان پورهيو ڪري، پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پاريندو. هن سماج جي بازار ۾ پنهنجو پگهر نيلام لاءِ پيش ڪيو، پر هن ڏٺو ته هن جي محنت ۽ پگهر جا خريدار تمام ٿورا آهن، بلڪل نه هئڻ جي برابر ۽ جيڪي آهن، سي به واڪ ايترو ٿا ڏين، جنهن مان هن جي پسيني جي بوءِ جي به قيمت ادا نه ٿئي. هن ڪوشش ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي ڪو اهڙو پورهيو ملي وڃي، جتي هن کي ايترو ملي، جو هو رکي سکي کائي سگهن. انهيءَ جي بدلي ۾ جيڪڏهن هن کي رات ڏينهن محنت ڪرڻي پئي، ته ڪندو. هن پنهنجي ضعيف ماءُ ۽ ڏٻرن ڀائرن ڀينرن کي وڌيڪ ضعيف ۽ بيمار نه ٿي ڏسڻ گهريو. هن کي اهو به احساس هو ته انهيءَ جي قربانيءَ ۾ هن کي اهي عادتون ڇڏڻيون پونديون، جيڪي قريب قريب هن جي فطرت بنجي چڪيون آهن. پر انسان جي حيات جي فطري پاڪيزگيءَ هن ۾ اها جرات پيدا ڪئي. هن هر قسم جي محنت ڪئي. پنڻ کان سواءِ، ٻي جيڪا به محنت هن جي امڪان ۾ هئي، سا هن ڪئي پر ان هوندي به هن ڏٺو ته هن جي ماءُ وڌيڪ صعيف ٿيندي ويئي،هن جا ڀائر ڀينر وڌيڪ ڏٻرا ٿيندا ويا. هو بيمار ماءُ جي دوا نه ڪري سگهيو، پنهنجي ڀائرن ڀينرن کي تعليم نه ڏئي سگهيو. هن ڪڏهن به ائين نه سوچيو هو ته ڪو هن جي ماءُ ڪا نرم ۽ گداز بسترن تي آزام ڪري، نفيس ڪپڙا پائي ۽ ست رڇيون کائي نه ئي ڪڏهن هن ائين چاهيو ته هن جا ڀائر ڀينر سندس پاڙي جي سيٺ طاهر جي ٻارن وانگر موٽرن ۾ چڙهي سڪول وڃن، ولائتي ڪپڙا پائين هن ته فقط هنن لاءِ زندگيءَ جون ضرورتون ٿي مهيا ڪرڻ گهريون، پر اهي به ته هو ميسر نه ڪري سگهيو.

هن ڪارخاني ۾ مزوري ڪرڻ شروع ڪئي. صبح جو پنجين بجي کان شام جو پنجين بجي تائين باهه جي کوري اڳيان بيهي هن کي ڪم ڪرڻو پوندو هو. پر هن جو پگهار مهيني جي ويهين تاريخ کان پوءِ چئلينج ڏيڻ لڳندو هو. هن سوچڻ شروع ڪيو ته آخر ائين ڇو آهي؟ ٻارنهن ڪلاڪ باهه جي مٿان بيهي ڪم ڪرڻ کان پوءِ به هنن کي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نه ٿيون ملن. هن پنهنجي ساٿي مزورن جي حالت به ڏٺي هئي. انهن جي حالت به هن کان گهڻو مختلف نه هئي، سڀني جي قريب قريب ساڳي حالت هئي. صبح جو پنجين بجي، جڏهن ڪارخاني جو گهگهو وڄندو هو، تڏهن سمورا مزور پنهنجي ڪم تي چڙهڻ لڳندا هئا ۽ هو ڏسندو هو ته سڀني جي منهن تي اهڙي ويراني ۽ مردني ڇانيل هوندي هئي، ڄڻ ته زندهه لاش آهن، جي مرڻ کان پوءِ به، بک جو تاثير ياد ڪري ڪفن ڦاڙي اچي مزوري ڪرڻ لڳا آهن. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ ته زندگي مزور لاءِ بدنصيبيءَ جو گهنج بنجي رهجي ويئي آهي. ۽ اهو گهنج ايڏو وسيع آهي، جنهن ۾ ملڪ جا ڪروڙها مزور بکيا، اڃيا، اگهاڙا ۽ بيمار مزور تڙپي رهيا آهن، ڇڙيون هڻي رهيا آهن ۽ انهن جي مٿان هي سماج هڪ ڪاريهر نانگ وانگر ڦوڪون ڏيئي رهيو آهي. انهي نانگ جي اها ڦوڪ، ڪارخاني جي گهگهوءَ ۾ تبديل ٿي، هن جي ذهن کي ايڏو ڇرڪ ڀرائيندي هئي، جو هو ائين سمجهندو هو ته واقعي ڪنهن نانگ تي هن جو پير اچي ويو هو. ۽ جڏهن هو، اهي ڳالهيون پنهنجي ساٿي مزرورن کي ٻڌائيندو هو، تڏهن سندس حيرت جي حد نه رهندي هئي ته سڀني مزورن کي اهو احساس اڳئي آهي ته واقعي هنن جي زندگي ڪتي جي زندگيءَ کان به بدتر آهي. جيڪڏهن هو انهيءَ احساس کي عمل جو رنگ چاڙهين، ته اهو احساس ئي هڪ زهري خنجر بنجي، انهيءَ ڪاريهر کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي.

هن کي ياد آيو ته انهيءَ احساس ئي هنن کي مجبور ڪيو ته هو ڪارخاني ۾ هڙتال ڪري پنهنجون پگهارون وڌائڻ لاءِ آواز اٿارين. هنن هڙتال ڪئي ڪارخانو بند ٿي ويو. اخبارن هنن جي فائدي ۾ لکيو. حڪومت هڙتال کي بي قاعدي ٺهرايو ۽ ڪاريهر نانگ جي زهر کي وڌيڪ خونريز بنائي ڇڏيائين. مزدورن جون گرفتاريون ٿيڻ شروع ٿيون، پر مزور باز نه آيا ڪاريهر نانگ چپ ڪري ويهي رهيو. ڪارخانو بند رهيو. مزورن جي هڙتال جاري رهي. ڪاريهر فقط مرڪندو رهيو. هن کي يقين هو ته هن جي ئي پيدا ڪيل ٻئي اصيل نانگ کان مجبور ٿي، مزور خود بخود ڪم تي ايندا. اهو اصيل نانگ انسانن جي جسم جو رت چوسڻ لڳو، ۽ جڏهن مزورن جي گهرن مان، اناج جو آخري داڻو ختم ٿيڻ لڳو، تڏهن اصيل نانگ خوشيءَ ۾ ڦوڪون ڏيندو، پنهنجي آقا ۽ خالق کي اها خوشخبري ڏيڻ لاءِ پهتو ۽ ان ڏينهن هري هري ٿي مزور ڪم تي اچڻ لڳا. هو به ڪم تي ويو، پر هنکي چيو ويو ته ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ”رازق“ جي شان ۾ سڀني کان وڌيڪ گستاخي ڪئي هئي، ان ڪري هن جو روز بند آهي!

دريا تي مڪمل اوندهه، مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي هئي. هو ذهن جي اوندهه ۾ ڀٽڪڻ لڳو انهيءَ اوندهه ۾ هن کي ڪي ترورا به نظر آيا، جتي انسان جي پاڪيزگي بک جي باهه ۾ جلي رهي هئي. انسان جي فطرت سڙي رهي هئي. جتي مزورن جون هڏيون سڙي رهيون هيون ۽ انهن جي ڦلهيار مان ڪارخانن جون چمنيون، محلن جا گنبذ ۽ محراب اُڀري رهيا هئا. هو اٿيو ۽ پنهنجي واپس ورتل نيڪيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کي انهيءَ باهه جي نذر ڪري، تبرڪ طور ڦلهيار جي چپٽي کڻي، دريا جي اونداهين کي پنهنجي ذهن ۾ سميٽيندو ان طرف نڪري ويو جتي انسان چور آهي- ڌاڙيل آهي- ۽ خوني آهي....

خواجه غلام علي ”ناشاد“

درياءُ شاهه

”سائين، درياهه بادشاهه جي ڳالهه پري آهي!“.... ٻڍي ڌٻندي، لٺ پٽ تي رکندي ۽ وهندي وراڻيو، ”جواني ديواني آهي.... مون تي به زوري اجائي سڄو ڳنڍيو پيو هوس. هيءَ (اشاري طور) ڇاتي ٻه هٿ مس ڪرائيءَ تي ورن، بت جهڙو راڳيو پيو هوم. ڪپڙن ۾ ٺهيل، شين به شيني جتي  جنهن جو رونگٽ پري ٿي ٻڌو. ڪانچ سورهن پوتي هرک جي، جنهن ۾ اٺاڳ ڄاريءَ وارو، جنهن جا ڇيڙا، مقي ڀريل، لڙڪيا پئي. ڏوري واري وائلي جي صدري، جنهن تي به ڀرت- ٻه پڙي ٺٽي جي اجرڪ، لوڙهه پرهه کن، جنهن ۾ لوهه ڪڙيون، ناڻو ڪهڙي وڄا سان خبر ڪا خير: ڄاتم واڻئي جي ڏاڙهي اڄ هوندي صبح نه! دنيا ڇا رتيءَ ماتر ڪل ڪانه هئم.

”رئيس جي مرياتي پيءُ جي ڀل ڀلائي هئي نرمڙس هو! پنهنجي هڪڙي جواني سانوڻ ۾، ٻيو زوري، ۽ ٽيون الله جا هٿ پر ان جا بس پير پٽ تي نه ٿي کتو. پٺ مٺ ٻئي هئا: پوءِ ته وڻ گهوڙو ٻڌڻ ڪونه ٿي ڏنم.مڙس ڏهيسر هوس: رائي گهڻي هئم، سو هڪ لڱا راڄ جي ميڙ سان ٽڪ جا پيرا کنياسين. ڳوٺ راڄ جو ڪم... مڙس جي خبر مهل تي، سو وڃي گڏيوسان. رلي، مٿا ڏيئي، نيٺ درياء جي ريٽ ۾ پيرا وڃاياسين. ڪئين سئين مال جي کرن جون چيهون، سو پتو ڪونه پيو. پر پيري سڄاڻ: کرشين مان سهي ڪئين ته ٽياڻ پراڙ اکتي! پور ڀرجي ويو هو سو هاسيڪار ترسڻو پيو. مير بحر مڙس ماڻهو هئا، وري جو خبرون ٻڌئون سو ساهه پئي ڇڏئون. چي: ’آنجيون لتون اسانجون اکيون... مرٽڪو!‘ ويچارا تڏا کڻي آيا، ماني کائي، ڀاڳيو، آءٌ ۽ پيري ترسياسين، ٻين کي ڏنيسين مٺ: ميان! وڃي ڳوٺ ڀيڙا ٿيو... آئين ڇٽا! همراهن ته تنگ پئي ڇنايا، سي ڀيڙي رهيا، گرڙي به وڃي ڳوٺ ڇڏئون. چار پهر ترسياسين. ساجهر اٿي، ڇاندو ڪيوسين. پتڻ سنبهيو بيٺو هو؛ موڪلائي چوڪلائي رڙهياسين. ڀلا درياه شاه! ڪوهن ۾ لانڍ هئيس... پور سانوڻ... وٺيو جو ڪنهن ڀٽ کي ڦيرو ڪڍي، ڌو... اندر... شپڪو ٿي پيو. گهاتو پئي پهريا، تک ٽڪڻ نه ڏين، پر به واهه جا وارا پئي ڪڍيئون. ڪي ماٽين مٿي ۽ ڪي سيڻاهون ڦوڪيو پئي ٽليا. سوئي ڏانهن نرت ٿي پئي ته ڳچ جيترا پلا هڪ هڪڙي ڀيڙا ڪيا. روز الستي هو پر به وس وڏائي پئي ڪيئون. لهرن لوڙي ڇڏيا هئا، پر ڪرت جا ٿي! پئي زور ڏنئون. ڀاڳ مان ڪنهن جي ريس ڪانهي. ڪي ڀلا ته ڪي ٺلها. ڇڏيندو ڪنهن کي به ڪونه، اهڙو ٻاجهن ڀريو اهي پر به حيلو واجبي آهي حيلو ڪبو تڏهن وسيلو ٿيندو. گهيڙا به گهڻيئي هئا. ڪي مال ٽڪون ورايو پئي آيا، ته ڪي مون ڪنڌيءَ پئي ويا. سج ڪني ڪڍي، سندس سوجهري ۾ مڇين جا ڇلر چانديءَ وانگر پئي چلڪيا. روح پئي ريلا ڏنا ته من ڪا ور چڙهي پر، هلندي ٻيڙي، جنهن ۾ نڪا لڳي ڍٻي، نڪو سوئو بس رنگ پئي ڏٺوسين. اتي، وٺي جا ڌم ڏئي ته مڪڙي اُڀ چڙهي اچي سٽڪو ڪيو! الائي ڪي ذريتيون آهنس بس هيڏي ساري ٻيڙي ڪنڀار جي چڪ وانگر پي ڦري! سڪڙ سڪي وياسين: ٻيڙتا، تن وٺ پڪڙلائي ڏني. ڪي ڏس ته سنوان سڙهه لاڄن تان پيا ڍارين، ته ڪي ونجهه پيا سرهين: بس راڙو ڪاڙ لڳي ويئي! هر ڪنهن کي اچي سر سان لڳي. چيئون ته ’ڪن شاهوڙ آهي الله ڍڪ ڪري، نه ته ليکي لل ڪونهي، پير کڻي مٿي تي رکياسين، ڪو ڳنڍ پيو ٻڌي، ته ڪو پڙ پيو باسي: بس سائين، سر جي بلا سرسين هر ڪو پاڻ ليکي هو. مڙس هارجي ويا. سمجهيوسين چوڻا پورا ٿي آيا. پر اڃا ڪي ڪڻا آڏا هئا. ڇوليءَ ڌمي ٻاهر ڪڍيوسين. لک شڪرانا ان مالڪ جا جو ڪوٽ ٿيو، نه ته ڳالهه پري هئي. جان کڻي نهار ڪريون ته جيئن کٽي ڪن کي لٺ هڻي ڇڏي هجي، تيئن چڪري پي پيئي. ڌڻيءَ پناهه ڏني، نه ته رقم اڳت هئي. ڏوئلو ۽ ٽوٻر وارو ٻڌيو بيٺا هئا پوپري مس ڪنڌ ڪڍي ته چونب ۾ ڪرٽو پئي پين!

”پرين ڀر کي باقي اچي ڇڏيوسين. پريان ڪاٺ ڪٽو وڻ کي لڳو پيو هو. وڻ آن جان تي هو: درياء جي ريٽ تي، اڄ نه ڪري سڀان ڪري. وستا... وستا ڪنڌيءَ لڳاسين. آڙون ڏيئي پيرا ڪڍياسين. ذات کوٻلا سنئين نه ڏين: وٺي ها ها ڪئيسين. آچي آچي تي مس کرءَ تي وريا. ڏيتو ڪيئون. ٻئي جمعي تي ڪاهڻ جو ڇيئون ورياسين ڪم سولو ٿيو. پر اتي اچي اڳيون وچيون ٿيون... پتڻ خير ڪو هو: اچي جهوري لڳيسين. پريان مال ڏٺوسين ڳچ جهڙو هو: همراهه ذات جو شودو هو. چئين، سيڻاهون ساڻ آهن. مال ۾ واهرو ٿيو ته ٻنهي سنئين ٿئي الله توهار ڪري ڪپڙا ٻڌي مولهائو ڪري، ’سيڻاهون ڦُڪي، ٽپي پياسين. ڀٽارين جي پڇن ۾ کڻي هٿ وڌاسين. گوگٽ پوندو ويو. سير ڇڏي، اڃا مس اوراڙ ٽرڪياسين، ته همراهه پيريءَ رڙ ڪئي ’گهوڙا بلا ٿي نئيم‘. سمجهوسين ڪوريءَ ۾ واڳوءَ ڌاران ٻي ڪهڙي بلا وڙهندي! جهٽ بلاتو هوس. گهيڙو مال وارو ايمان وارو هو. جهٽ هيٺان مٿوڏئي واڳوءَ کي اڇ تي آندئين. مڙسيءَ جي مهل هئي. ايمان مزمان آهي. مون به هٿ ڦُڪي اچي وارو لاٿس. ڪهاڙين سان پوت ڪري ڇڏيوسينس. وٺ وٺ ۾ درياهه جي تک وٺي جا ڦيرو ڪڍي، ته ڌو.... سير ۾. همراهه ساڻو ٿي ويو هو.... الائي ڪي رت ڇڏئين. واڳو به ٽلندو پي ويو! ڌونڌاڙي، ڌونڌاڙي مڙس سرت ۾ آندوسين... ’متا دل لوڙي اٿيئي.... مڙس ٿي اچي رسيا آهيون!‘ ڪلها ڏيئي ترڻ لڳاسين. ڦيري ۾ ڪوري ڇڏي وڃي ڇيل ۾ پياسين. جهاڳ... جهاڳان... جهاڳ... جهاڳان... مس اُکتاسين. پريان سيسار سير ۾ اڀو هو... وٺيو جو پلي کي ڏي اڇل ته جهڙو ٻارپيو ڏڙو اڇلي ڌو... وات ۾. ڇلر هوا ۾ سوسٽ ڪندا ڏندن جي پاسن کان سڌو لڙ ۾.... سائينءَ جا رنگ... واهه جو منڊل هو. ههڙو درياء شاهه دادلو، پر وچ سير ۾ سنئين ڳاٽ سيسار کي رتي ماتر به نه ٿي چوري سگهيو. جهڙو بنڊ کتو پيو هو. ٻلڻين جي ٽٻ ٽٻان رڳو اٿل ۾ پڇ ٿي ڏٺو، ٻيو سارو خير. ڀونتري جي تک ڏٺي ته ٻلڻ ٻي ڪانهي. ڪميون ڪڇان پئي اورئون پرئون ٿيا گانگٽن کي گاڙيو ويٺا هئا. سيانتن جي چمٽا حجامن مٿا پئي هليا.. اڃا اڇ تي ويهي مس، ته چمٺي ۾ لوهه لڳو پيو هو!

”سڄ منجهه ٻاهر هو، ته اچي ڪوريءَ تي رسياسين. ريتيءَ ۾ پڪل پلا ڍوئي کاڌاسين. همراهه کي رڳو کير چڪو ڏنوسين. رت بند ٿي ويو هوس. ڏاڍي اجرڪ ڇڪي کڻي ٻڌيسينس. هاڻي بود ۾ هو. ٿڪ ڪري جهٽ کونگهرا هڻڻ لڳو. اسين به اک ٻوڙڻ لاءِ ليٽي پياسين. پر مال وارو خبردار هو. ڍڪيءَ جو اٿي هنياسين. جتيءَ کي ٽي ڌڪ، همراهه مال وارو ٻيلي جي منهن وٽ ڇڄي ويو. اسان کڻي پهو ورتو، چَتونءَ جي تنوار، ڪار ڪنڇي جي جهونگار، تڌڙي هير،
ڊڪ ڊوڙ ڊمڀ، ڊڪ ڊوڙ ڊمڀ، ٿڌل جو پنڌ، ڄاڻ رسياسين. وڇات وکروانو کڻيو مياڻين ڏانهن پئي ويا، ته ڪي گهوڙا پلن جا ڀريو، ڪي ٽنگر مٿن تي کڻيو پئي موٽيا. سڄ مس ڪني ڪڍي ته اچي پهتاسين. سڌو رئيس جي سلام تي وياسون. خبرون ڏنيونسينس. خوش ٿيو جو منهن مٿي ڪري آيا هئاسينس. سائين، هوندي تي حرص آهي! اڄ ڏيل پيو ڏڪي، بت پيو رڦي، پهچ موڪلائي وئي، قبر ڪنڌيءَ تي، اڄ نه ته سڀان- الائي موت ڪڏهن نهوڙي نيندو! جواني ۾ ڪئين سئين ڀيرا درياءَ اکتاسين. هاڻي الله شال هيءَ دنيا روپي درياءُ لڄ پت سان اڪاري. ڀاڳ وارا آهيو: دعا ڪريو ته سڪرات سولي ٿئيم. شال مسلمان ڪري ماريم!“

اسان وراڻيس، ”پريا مڙس، ڌڻي شل مڙني تي مهر ڪري، نه ته آهي ڀري ڳري ۽ پنڌ اڻانگو!“

اصل، مئڪسم گورڪيءَ جو، روسي زبان ۾ لکليل

انگريزي ترجمي تان سنڌيءَ ۾ آڻيندڙ:

جمال ابڙو

پاشا

روز صبح ساڻ گگهوءَ جو ڀوائتو آواز لهرون هڻدو، رانڀاٽ ڪندو، مزورن جي بستيءَ تي ڇانئجي ويندو هو. ڳوٺ جي گريءَ ۽ تيل هاڻيءَ فضا کي ڄڻ ته وڪوڙي کڻي مٺ ۾ ڪندو هو. سڄو ڏينهن هڏ هڻي، مزور به گودڙين ۾ اونڌا ابتا ٿيو، ڪنڊن ۾ ڪريا پيا هوندا هئا. ننڊئي ته سندن ٿڪل لڱن جي خوراڪ هئي! گگهوءَ جي بي وقتو ۽ بي هودو حڪم کين اڌ ننڊ مان ڇڪي اٿاريندو هو. اکيون مهٽيندا، ٿيڙ کائيندا، ڦيريون پائيندا اٿندا هئا. بس ڄڻ ته ڪئا ٻرن مان نڪتا. اوندهه، پوسلو ۽ ٿڌ ڪرڪندا، گاريون ڏيندا، رئي اڏائيندا، گهٽيءَ مان گڙڪندا ايندا هئا پيا هڪ ٻئي جي مٿان ڊهندا ۽ ٿاٻڙندا هئا. ڪارخاني جون بي خوف ڀتيون لاپرواهيءَ سان جبل بڻيون بيٺيون هونديون هيون. مزور ويندا هئا گڏ ٿيندا. گپ سندن پيرن هيٺان پي چڪ چڪ ڪندي هئي. گوڙ ۽ شور ويندو هو وڌندو. ڦٽ لعنت ۽ گارين جو ڌوڙيو لڳايو بيٺا هوندا هئا. لوهي پرزن جي کٽ کٽ ۽ ٻاڦ جو ڦرڙاٽ ويندو هو زور وٺجندو. دونهي جا ڪڪر اٿندا، وڌنڌا، ديو وانگر سڄي ڳوٺ تي ڇانئجي ويندا هئا.

پاشا به اتيئي رهندو هو. سندس سڄو بدن شوخ گهنڊيدار وارن سان ڀريو پيو هوندو هو. سندس ٿلهن وڏن ڀِرُن هيٺيان ننڍڙيون اکيون پيون چمڪنديون هيون. هن جي شڪي نگاهن مان نفرت پئي اڇلون ڏيندي هئي. اکيون اهڙيون تيز جو ڄڻ ته ڪرڻا پيا نڪرندا هئس کاڏي ۽ چپ مٿي ڪري، ٻوٿ بڇڙو بڻائي، حقارت مان ٿڪ کڻي اڇليندو هو ۽ چوندو، ”ڪتي جو ڦر!“

هو راٺوڙ لڳو پيو هو ٽنگون ڄڻ ته ٿنڀا، ٻانهون وڏيون ۽ وار ٿلها. ڪاريگر به واهه جو هو. سڄو ڏينهن پيو وهندو. شوخ ۽ ڪڙڪ. سڀني کان ڏاڍو هو. مالڪن کي به کتيون ٻڌائيندو هو. ڊٺ هڻندو، ته ڪم کان جواب، پيسي جي وٽس جهٽ ٻاڙائي ٿيو وڃي. پوءِ خار ۾ هٿ پيو مهٽيندو ۽ پيو هيٺ مٿي ٿيندو.

ڪنهن کي ڪونه وڻندو هو. سڀ کانئس ڇرڪندا هئا، جي کڻي ڪو خارباز جوان سامهون ٿيس، ته عمر لاءِ سبق سکي ويندو هو. موڪلن ۾ ته ضرور ڪنهن نه ڪنهن سان وڙهي ويهندو. هڻي هڏ گڏ ڀڃي رکندس. ٻڌي ڪري، ٽولا ٺاهي ساڻس وڙهندا هئا. پاشا کي به جيڪي سٽ ۾ آيو، کڻي بيهي رهندو. وڏو شاهي پٿر يا لوهو ڏنڊو مٿي ڪري، ٽنگون ڦاڙي، اُڀو ٿي بيهي رهندو. وارن سان سٿيل، مروٽيل سروٽيل ٻانهون، ٿلهي بي ڊولي ڏاڙهي، وڏو اڀو منهن: ڍڳي وانگر ويڙهه لاءِ تيار، ڦوڪون پيو ڏيندو. گڦ پيئي وهنديس. نظر اهڙي تيز ڄڻ ته ڪات آهن. پڙي هڻي بيهي رهندو. ڪير جو ساڻس نظر ملائي! هيبت وٺي ويندي هئي ڄڻ ته ڪو جهنگلي جانور ڇتو ٿيو کائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. اوچتو وٺي رانڀاٽ ڪندو، ٿڪ اڇليندو ۽ چوندو ”ڪتي جا ڦر!“ سندس وڏا پيلا ڏند کڙڪندا، ڏاڙهيءَ مان ظاهر ٿي پوندا هئا. ازغيبي ڀوء ڇانئجي ويندو. سڀ وٺي ڀڄندا. پري بيهي کيس گاريون ڏيندا. سندس نڙيءَ مان گڙ گڙ جو آواز نڪرندو. زور سان کڻي ٿڪ ڦٽي ڪندو ۽ چوندو ”ڪتي جا ڦر!“ سندس اکيون پيون ٻرنديون هيون. ڏنڊو مٿي جهلي، اڳتي وڌندو ۽ ڀڪوڙيل چپن ۾ چوندو، ”ڪير آهي جو اڄ مرندو؟“ ڀلا ڪهڙو سر تان تتو هوندو! سڀ ٽڙي پکڙي ويندا.

هو اصل ڪونه ڳالهائيندو هو. پوليس لاءِ، ڪامورن لاءِ ڪارخاني وارن لاءِ بس وٽس اهوئي هڪڙو جملو هو: ”ڪتي جا ڦر“. زال کي به چوندو هو ته ”ڪتي جي ڌيءُ! ڏسين نٿي، منهنجي سٿڻ ڦاٽي پئي آهي!“

کيس هڪڙو چوڏهن سالن جو پٽ هو. وارن کان وٺي، کڻي مٿي ڪندو هوس. پٽس به هڪ ڏينهن سٽ ڏيئي، هٿوڙو کڻي بيهي رهيو. چي، ”اڳتي وڌندين ته خير نه هوندئي!“ پاشا دنگ ٿي ويو. چپ ڀڪوڙي، اکيون چنجهيون ڪري، هوريان وک کنيائين. پٽس به هٿوڙو تيار ڪري چيو ته ”متان آيو آهين، مون گهڻوئي سٺو آهي. هاڻي نه ڇڏيندوسانءِ“. پاشا بيهي رهيو. رڇ جهڙا هٿ کڻي پٺيان ڪيائين. پاسيريون اکيون ڪري پٽ کي ڏٺائين. ساهه روڪي بيهي رهيو. نرڙ ۾ گهنج وجهي ڪنڌ لوڏيائين، ڄڻ ته ڪا ڳالهه سمجهي ويو! وٺي ٽهڪ ڏنائين، چي، ”واقعي تون ڪتي جو ڦر آهين!“

انهيءَ ڏينهن، زال کي چيائين ته ”مون کان هاڻي پائي به نه گهرجانءِ. پٽهين توکي پاڻهي پاليندو.“

جوڻس ويچاري چئي ويٺي ته ”باقي تون سو سڀئي پئسا نشي ۾ وڃائيندين.“

”ڪتي جي ڌيءُ، مان کڻي يار کي ڏيان، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟

پاشا ڪابه يار ڪانه رکي، پر پٽ جو ڪڏهن به اونو ڪونه ڪيائين: مرڻ گهڙيءَ تائين نه کانئس ڪجهه پڇيائين، نه ساڻس ڳالهايائين.

کيس هڪڙو ئي دوست هو. سندس وڏو ڪتو! پاشا جهڙوئي بي ڊولو ۽ شوخ. ساڻس گڏجي ڪارخاني ڏي ويندو هو ۽ سڄو ڏينهن در تي سندس انتظار ڪندو هو. شام جو اُٿي، ڪر ڀڃي، اکيون پيو مچڪائيندو، جيستائين پاشا ٻاهر نڪري، چپ چاپ پاشا جي پٺيان لڳي پوندو. پاشا نه ڪڏهن کيس گار ڏني، نڪو ڌڪ هنيو ۽ نه وري ڪڏهن مٿانئس پيار جو هٿ گهمايائين. ٻئي خاموش هئا ۽ هڪ ٻئي جي طبيعتن کان چڱيءَ طرح واقف.

موڪل جي ڏينهن پاشا وتندو هو ڌڪا کائيندو. ماٺ ميٺ ۾ هڪ گتي کان ٻئي تائين. پنهنجي ليکي ايندڙ ويندڙ جي منهن کي پيو جاچيندو. ڄڻ ته ڪنهن کي ڳولي پيو. ڪتو به سندس پٺيان ٿلهو وارن وارو پڇ لٽڪائيندو، سهڪندو، نوسيندو ايندو هو. ماڻهو نفرت مان چوندا هئا ته ”ٻئي ڪتا!“

پاشا، شام جو نشي ۾ ٽاٽ ٿي، ٿڪجي ٽٽجي، اچي مانيءَ تي ڪرندو. ڪتي کي به پنهنجي ٿانو مان گڏ کارائيندو. ويندو هو گرهه ڳڙڪائيندو. هڻي ڏاڙهي مڇون ڀري ڇڏيندو. جوڻس، جي ذرو به دير ڪئي ته ٿانو کڻي اڇليندو. چري پري، سولو ٿي، ڦاٽل سوٽ جي کيسي مان دارونءَ جي بوتل ڪڍي، کڻي اڳيان رکندو. ٽنگون ٽيڙي، ڀت کي ٽيڪ ڏيندو، اکيون بند ڪري، وٺي راڳ شروع ڪندو. سندس ٿلهو ۽ گگهو آواز مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيندو. بي سُرا ۽ بي وقتا آواز سندس منجهيل ڏاڙهيءَ ۾ پيا اٽڪندا هئا. سندس ڳتيل ڏاڙهيءَ مان مانيءَ جا ڀور ڇنڊجي وڃي پري پوندا. ٿلهين ۽ گهرين آڱرين سان ڏاڙهيءَ کي ڇنڊڪو ڏيئي، وري کڻي راڳ شروع ڪندو. سندس راڳ جا اکر اصل سمجهه ۾ نه ايندا هئا. ڄڻ ته سياري ۾ گدڙن جون اونايون. ڪتو به سندس ڀرسان اکيون بند ڪيو، پيو ڍڪر کائيندو هو. پاشا جي اوچتي ۽ ڏاڍي آواز تي وٺي زور سان پڇ لوڏيندو. بس جيستائين بوتل ۾ دارون هوندو هو، تيستائين سندس راڳ پيو هلندو، ۽ پوءِ ويندو هو ڍرڪندو. ٻئي ڄڻا اتي ئي سمهي پوندا.

پاشا جو موت تري ڦاٽڻ جي ڪري ٿيو. سڄا سارا پنج ڏينهن پئي هنڌ ۾ لڇيو. منهن ڪاراٽجي ويس. اکيون بند، ڏند پيو ڪرٽيندو هو. ڪڏهن ته مٺيون ڀڪوڙي، زال کي چوندو هو ته .ڪجهه سنکيو ڏينم. زهر ڏيم، ڪتي جي ڌيءُ!“

ڊاڪٽر مٿانئس پلستر رکيو، چي، ”آپريشن ٿيندي، کيس اڄ جو اڄ اپستال ۾ آڻيو.“ پاشا ٻڌي ورتو. چيائين ته ”اسپتال ۾ يا توسان گڏ جهن ۾!“ وٺي ڏند ڪرٽيائين، چي، ”تون الڪو نه ڪر، مان پاڻهي مري ويندس.“ ڪنڌ ڦيرائي چيائين ”ڪتي جو ڦر“. ڊاڪٽر هليو ويو. جوڻس کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. کيس آپريشن لاءِ منٿ ڪيائين، پر پاشا هنڌ مان ئي ٺونشو ڪڍي ڏيکاريس. چي، ”مان چڱو ڀلو ٿيس ته توسان وڌيڪ تعدي ٿيندي.“

صبح جو پاشا مري ويو. ٺيڪ انهيءَ وقت جڏهن گگهو وڳو! هو سفيد ڪفن ۾ سڌو سنئون پيو هو. سندس وات کليل هو ۽ نرڙ ۾ اڃا به بي آراميءَ وارو شور ۽ گهنج لڳا پيا هئا. سندس جنازو کنيو ويو. هن جي جنازي سان گڏ سندس زال هئي، پٽ، سندس ڪتو ۽ ڳوٺ جا ٻه چار پينو فقير ۽ هڪ پراڻو چور ۽ شرابي جنهن کي ڪارخاني مان نيڪالي ملي هئي. سندس زال ماٺ هئي. پٽس اصل ڪونه رنو. جنهن جنازي کي ڏٺو، بيهي رهيو. چي، ”جوڻس جي جند ڇٽي“. ”جهڙو هو، اهڙو ڪتو ٿي مئو.“

پاشا کي قبر داخل ڪيو ويو. سڀ هليا ويا. سندس ڪتو بيٺو رهيو. تازيءَ نڪتل مٽيءَ تي ويهي رهيو. خاموشيءَ سان قبر کي پئي سنگهيائين. ڪنڌ مٿي ڪري ڪوڪر ڪيائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪتي کي به ڪنهن ماري وڌو!

دنيا جي سال 1954ع وارن،

بهترين مختصر افسانن ۾ شمار ٿيل

اصل، ڪ. ٽ. محمد جو ملايالم ٻوليءَ ۾ لکيل

انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ سثيلا مزرا

سنڌيڪار: الاهي بخش لاڙڪ

اکڙيون

جن کي به الله اکيون ڏسڻ لاءِ ڏنيون آهن، سي مونکي ڏسي کلندا آهن، ۽ ڪي ته بنهه ليڪو لنگهي اچي ٽهڪن ۾ پوندا آهن. هنن جي ڏندن جي نمائش ۽ گڏهه وارين هينگن جو هڪ هي به راز آهي، ته مون به هڪ دلبر سان نينهن اٽڪايو هو ۽ توڙ نباهي وڃي شادي رچائي هيم. هو هن ڳالهه تي اچرج کائيندا آهن ته آءٌ ڪيئن عاشق ٿيس؟

جيڪڏهن اوهان هنن کان هن بي موقعي هينگڻ جو سبب پڇندا، ته هو يڪدم اوهان کي چوندا، ’ذرا ڪنڌ ورائي هوڏانهن ته نهاريو!‘ چڱو هينئر مان اوهان جي اڳيان آهيان. اوهين امين ٿي فيصلو ڏيو ته مون ۾ آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن لاءِ مون تي کل جي ايتري ٺٺري کڻي ٻڌي اٿن! آخر  آءٌ به ته الله جي پياريءَ اشرف المخلوقات جو هڪ فرد آهيان.

آءٌ قد جو مختصر آهيان،... رنگ جو ڪارو، جهڙو ريل جو ڪوئلو،.... ٻيا عضوا پڻ ڏنگا ڦڏا، حصي رسيءَ جي حساب کان ٻاهر،.... ڇوٽي قد تي حساب کان وڏو مٿو.... اکيون گول، اونهن کوپن ۾ لڪل،..... نڪ ساڻ ڄڻ جيپ جو حادثو ٿيل،... برساتي ڏيڏر جيڏو وات، ۽ ٻن هاٿيءَ جيڏن ڪنن وچ ۾ سوڙهي چپتري پيشاني اٿم. ننڍي هوندي، ڪوٺيءَ تان ڪرڻ سبب سڄيءَ ڄنگهه کان به لنگڙو آهيان. ٿورن لفظن ۾، مان بدصورتيءَ جو هڪ مجسمو آهيان. هو چوندا آهن ته پهرين نظر جنهن جي مون تي پوندي آهي، سو مونکي آفريقي ڪارو باندر سمجهندو آهي. پر ڪو باندر ڏسي به ماڻهو کلندا آهن ڇا؟ هنن کي ته کل فقط پاڻ جهڙي هڪ باندر جهڙي انسان تي ايندي آهي! رستي تان ويندي، ڪيترائي ماڻهو مون تي ٽوڪبازي ڪندا آهن ۽ جهنگلي جانورن سان تشبيهه ڏيندا آهن. پر مون ڪڏهن به اهڙي پنهنجي توهين ٿيندي ڏسي، احتجاج بلند ڪين ڪيو، ۽ نه ئي وري انهن جي وڌائن ۽ غلط بيانين تي خار کاڌم.

رستي تان ويندڙ رنگ برنگ پوشاڪ پهريل نوءجوان نينگرين کي ڏسي، ڪنئار ٻوٽيءَ وانگر بنهه سسي ويندو آهيان، ڇا لاءِ ته هو پنهنجو مکڙو، مون کي ڏسي، ائين ڦيرائي وينديون آهن،جيئن ڪو برهمڻ رستي ويندي، چٻري کي ڏسي، ٻدسوڻي سمجهي، ٻوٿ ڀلڙو ڪري، اُتي جو اُتي کڻي پويان پير ڪندو آهي. شايد اهو سڀ هن لاءِ آهي ته هو مونکي پاڻ مان هڪ سمجهڻ کان عاري ۽ انسان ذات مان تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهن. هر شخص وانگر آءٌ به سونهن جا گڻ ڳائيندو آهيان، پر شايد اها منهنجي حرڪت اوهان کي ناگور گذرندي هجي ۽ منهنجي انهيءَ حسن پرستيءَ جي گناهه کي اوهان معافيءَ کان مٿي گناهه سمجهندا هجو.

آءٌ اڃان تنجڻن ۾ هوس ته پدري شفقت کان محروم ٿيس. صرف الله ۽ امڙ کان سواءِ، گهر ۾ مڙيوئي خير. منهنجي بدصورتيءَ لاءِ ڀلا ڪير جوابدار ٿي سگهي ٿو؟ بابو؟... امان؟... انهن جو ڪهڙو قصور! بس، آءٌ ڄائس! ممڪن آهي ته هنن جي نه چاهنا هئي ته ڪو آءٌ ڄائس! ممڪن آهي ته هنن جي نه چاهنا هئي ته ڪو آءٌ ڄمان، ۽ نه کين ڪل هئي ته آءٌ ڪو ڄمندس.

جيئن ته هر ماءُ کي اها آس هوندي آهي ته پنهنجي پٽ جا هٿ مينديءَ رنڱا ڏسي، سو امڙ به هڪ ڏينهن مونکي ڏسي چيو ته ”ٻچا گهر ۾ ڪنوار ڪڏهن ٿو آڻين“؟

”امان تمام جلد،“ مون دل کي ڏاڍو ڪندي وراڻيو.

امڙ پنهنجي پاڙيسري پوڙهين سان منهنجي شاديءَ بابت صلاح مصلحت شروع ڪري ڏني. ڪيترا ڏينهن ڳالهيون هلنديون رهيون ۽ هوءَ هرزو نااميد ٿي واپس گهر موٽي ايندي هئي. ان نراسائيءَ جو سبب کانئس پڇندو رهيس، مگر هوءَ ”ڪجهه به نه“ چئي، خاموش ٿي ويندي هئي، پر، ان ”ڪجهه به نه“ ۾ ماءُ جي ڏڪندڙ دل جي بيوسيءَ جا آثار ڏسجي رهيا هئا. ٻه هفتا گذري ويا امڙ ٻاهر نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. جيڪي اڳ مون تي نه کلندا هئا، تن به هينئر کلڻ شروع ڪري ڏنو، هڪ پير مرد ته مون ڏانهن نهاريندي، همدرديءَ جي لهجي ۾ چيو، ”غريب ويچارو!.... ماڻس ڪنوار هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيترو نه پاڻ پتوڙيو.... اي خدا! تون ههڙا ماڻهو زمين تي موڪلين ڇو ٿو؟“

پوءِ آءٌ، چپ چاپ، بت جي چک مک ۽ ٺاهه ٺوهه ڏانهن متوجه ٿيس، ۽ پنهنجي بدصورتيءَ کي عمدن ڪپڙن ۾ ڍڪڻ جي ڪوشش ڪيم. پر منهنجي هن نادانيءَ ماڻهن کي مذاق جو پاڻ وڌيڪ موقعو ڏنو. ڪانءُ وهنجڻ سان ڪو هنس ڪونه ٿيندو آهي.

ڪيتري عرصي کان آس هيم ته ڪنهن سان محبت ڪريان ۽ ڪو مون کي به پيار ڪري. نيٺ مون به پنهنجي لاءِ محبوب ڳولي هٿ ڪيو. منهنجي عشق جو داستان ٻڌڻ جو اوهان کي يقيناً اشتياق جاڳيو هوندو. واقعي هي هڪ عجيب داستان آهي، جنهن ۾ هڪ ننڍيءَ نينگر جو، جنهن سان پريم جا پيچ پاتم ۽ شادي رچايم، داستان پڻ شامل آهي. جنهن منهنجي ڏيهان ننديل شڪل شبيهه جي ڪا پرواهه نه ڪري، مون سان پنهنجي پوتر پريم جا پيچ پاتا ۽ شادي رچائي.

ڪنوار هٿ ڪرڻ لاءِ منهنجي ماءُ جون ڪوششون رائگان ويون.ڪنهن به عورت هڪ باندر جي زال ٿي رهڻ قبول نه ٿي ڪيو. هن ناڪاميءَ سبب اَمڙ بيمار ٿي پيئي. هڪ اڳ ۾ ئي هئي پوڙهي، ٻيو وري هن سوداءَ ۽ پريشانيءَ کيس اهڙو جهليو جو وري نه اُٿي. منهنجي مٺڙي امڙ،.... منهنجي دل جو آٿت،..... جا پنهنجي پيار جي مٺڙيءَ هير سان منهنجي دل جي اُٿندڙ اُلن کي وسائيندي هئي،.... امڙ منهنجي زندگي... منهنجي آس ۽ اميد،.... جنهن منهنجي خطر ناڪ بدصورتيءَ ۾ به سونهن جي جهلڪ ڏٺي هئي. مون کان موڪلائي ويئي،... مون کي هن دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ويئي. آءٌ مٿس ويهي رئندس ڪين: ڇا لاءِ ته وڌيڪ دک درد سهڻ جي سگهه منهنجي غريب امڙ ۾ باقي ڪانه بچي هئي.

۽ پوءِ جيڪو معجزو ٿيڻو هو، سو ٿي پيو. هڪ ڏينهن، اوچتو اوچتو، ڏاڪڻ ڀرسان لٺ جي ٺڪ ٺڪ ٿي. تنهن بعد هڪ صدا جو پڙلاءُ پيو! ”سائين ڪجهه واسطي الله جي!“ هيءَ هڪ گداگر جو آواز هو. ”سائين آءٌ ڏسي نه ٿي سگهان!“. هن ٻيهر آواز ڏنو. مون هن ڏانهن، ۽ پوءِ هن جي اکڙين ڏانهن نهاريو. پنهنجو پاڻ کي وساريندي، مون سوچيو ”غريب ڇوڪري.... نوجوان.... مگر نابينا! هڪ جيئري جاڳندي زندگي جنهن ۾ صرف ٻڌڻ ۽ ڇهڻ ممڪن!.... ڪا حسين ڪانه هئي، پر سنديس اُڀريل ڇاتي ۽ ٻيون جوانيءَ جون علامتون منجهس موجود هئڻ ڪري، پهرينءَ نظر سان دل ڏيئي ويٺس.“ ”اندر اچ ۽ اچي ويهه!“ مان هن کي محبت ڀرئي انداز ۾ چيو. هوءَ دروازي ڳولڻ لاءِ هٿوراڙيون ڏيڻ لڳي، ۽ مون اُٿي سندس هٿ ورتو. عورت کي ڇهڻ جو زندگيءَ ۾ مون لاءِ هي پهريون واقعو هو. احساس ڀريل نگاهن سان هن ڏانهن نهاريم نابينائيءَ جي باوجود به هن جي مک ۾ ڪافي رعنائي هئي. سندس ڀريل ڇاتي منهنجي ڇاتيءَ کان گهڻو پري ڪانه هئي. ان کان اڳ جو آءٌ ڪجهه سوچيان، مون کي سرءُ جي تپ وانگر اچي ڏڪڻيءَ ورايو. محسوس ڪيم ته منهنجا چپ خشڪ ٿي چڪا هئا ۽ دل جي رفتار تيز ٿي ويئي هئي. ”تون اتي ويهه،“ مون هن کي ورانڊي جي پڇڙيءَ ۾ ڪرسيءَ تي ويهاريندي چيو. هڪ رپيو ۽ جيڪا ڪجهه روٽي بچت هئي، سا مون کيس ڏني. هن پنهنجو نالو ”ليلا“ ٻڌايو، ۽ چيائين ته هوءَ پنهنجي ماءُ سان شهر جي ٻاهران هڪ وڏي ڪارخاني لڳ ڪنهن جهوپڙيءَ ۾ رهندي هئي. موڪلائڻ وقت مون هن کي وري اچڻ لاءِ گذارش ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com