سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ -4/ 2015ع

باب:

صفحو:14 

ڊاڪٽر نور احمد ’سنڌي

دين محمد ڪلهوڙو- هڪ گمنام مُهم جُو

 (ٿر جهڙي رُڃ ۾ زندگيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هڪ انسان)

 

اسان جي هڪ روايت رهي آهي، ته اسان اهڙين مشهور ۽ معروف شخصيتن جي ساراهه ڪندا رهيا آهيون، جن جي ثنا ۾ اڳ ئي ڪاڳر ڀريل هوندا آهن، ڪتابن جا ڪتاب لکيل هوندا آهن، پر ڪنهن غريب نوجوان اسڪالر، اديب، شاعر يا سماجي ورڪر شخصيت تي لکڻ لاءِ اسان جو قلم جواب ڏيئي بيهندو آهي بلڪه ان تي لکڻ معيوب سمجهندا آهيون، پر آءٌ هتي اهي سموريون روايتون ۽ بندشون ٽوڙي، هڪ اهڙي ئي سنڌ شناس، علم دوست، محبِ وطن، کاهوڙي ۽ خاموش طبع نوجوان اسڪالر ۽ اديب جنهن ننڍي وهيءَ کان وٺي نهايت اهم موضوعن تي مُهم جُوئي ڪري ڪئين نوان انڪشاف ڪيا آهن. منهنجو اشارو محترم دين محمد ڪلهوڙي ڏانهن آهي.

بهتر سمجهان ٿو ته هن نوجوان مُهم جُو ۽ ٿر جهڙي رُڃ ۾ زندگيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن تي ڪجهه قدر روشني وجهڻ کان اڳ، سندس حالاتِ زندگيءَ تي، هڪ مختصر طائرانه نظر وجهجي، ته جيئن پڙهندڙ انهن حالتن کان بخوبي واقف ٿِي سگهن، جن سان هو مهاڏو اٽڪائيندي، زندگيءَ جون 47 بهارون ماڻي چڪو آهي.

دين محمد ڪلهوڙو سنڌي ٻولي، ادب ۽ تاريخ جو نوجوان اسڪالر، مُهم جُو، صحافي، شاعر، اديب، ۽ استاد، 1- جنوري 1969ع تي سنڌ جي اُترادي ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ (اڳوڻو لاڙڪاڻو ضلعو) جي ڳوٺ ڀاوندا لاکا ۾ ڄائو. هيءُ اڃا هڪ سال جو مس ٿيو هو، ته سندس والد ميان محمد پناهه ڪلهوڙو وفات ڪري ويو. سندس پالنا هن جي والده سڳوريءَ ۽ ڀائرن جي ذمي ٿي. هن ابتدائي تعليم سال 1980ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، ان کان پوءِ ميٽرڪ، انٽر ۽ گريجوئيشن قنبر، نصيرآباد ۽ لاڙڪاڻي مان پاس ڪري، ماسٽرس جي ڊگري 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ورتي. تعليم مان فارغ ٿِي، هن 1998ع ۾ ڪراچيءَ وڃي، روزاني ”جاڳو“ اخبار جُوائن ڪئي. اُتي هيءُ ايڊيٽوريل پيج سميت ادبي صفحو پڻ سنڀاليندو رهيو. فيبروري 2000ع ۾ روزاني ”جاڳو“ اخبار جي بند ٿيڻ کان پوءِ هن ڪراچيءَ کي خيرآباد چئي، حيدرآباد ڏانهن رُخ ڪيو.

انهن ڏينهن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ چيئرمن ڊاڪٽر غلام علي الانا ”انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا سيل“ قائم ڪري، سنڌي انسائڪلوپيڊيا تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ شيخ محمد اسماعيل کي، اُن جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو. ان وقت اٿارٽيءَ وارن کي ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ ريسرچرن جي ضرورت هئي. دين محمد به انسائيڪلوپيڊيا ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سان مليو، جنهن سندس صلاحيتن کي ڏسي نوڪريءَ جو ڪچو آرڊر ڏنو. هن اُتي 8 مهينا ريسرچ ايسوسيئيٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو، پر اُتان جي ماحول ۽ ناعاقب انديش روين کيس وڌيڪ ڪم ڪرڻ نه ڏنو. ۽ نوڪريءَ تان فارغ ڪيو ويو. وري جڏهن الانا صاحب جن جي ٽينوئر پوري ٿيڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو چيئرمن مقرر ٿيو ته هن دين محمد کي ساڳئي نوڪريءَ تي بحال ڪيو، پر اُن به کيس ڏنڀ ئي ڏنڀ ڏنا. ٻن مهينن کان پوءِ دين محمد نوڪريءَ تان استعيفا ڏيئي حيدرآباد ڇڏي، پنهنجي اباڻي شهر قنبر ڏانهن هليو ويو، جتي هڪ خانگي اسڪول ۾ ٽيچر مقرر ٿيو، اُتي هِن ٽي سال پڙهايو. ان کان پوءِ 2004ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي تڏهوڪي سيڪريٽري ۽ نامور اديب انعام شيخ هن کي بورڊ ۾ نوڪري ڪرڻ جي آڇ ڪئي. دين محمد ڪلهوڙي اهڙي پروپوزل تي بورڊ ۾ نوڪري اختيار ڪئي، کيس پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو، جتي هن پنهنجي علمي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. انعام شيخ صاحب کان پوءِ نامور قلمڪار ۽ صحافي اعجاز منگي بورڊ جو نئون سيڪريٽري ٿي آيو، ته دين محمد کي اشاعتي آفيسر سميت ٻاراڻي ادب جي ترجمان رسالي ”گل ڦل“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، اها چارج، هن سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ طارق عالم ابڙي کان ورتي.

2007ع ۾ بورڊ ۾ سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، ثقافت سميت مختلف موضوعن تي سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن کي XP ۾ ڪمپوز ڪرائي بورڊ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جو نئون پراجيڪٽ جوڙيو ويو، ته دين محمد کي اُن جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتي هن ڏينهن رات محنت ڪري سوين قيمتي ۽ ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪرائي بورڊ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرايا ۽ گڏوگڏ اشاعتي آفيسر ۽ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪيترائي ڪارائتا ڪتاب ڇپايا. هن 40 ڏينهن جي قليل عرصي اندر 40 ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، اهو نه رڳو بورڊ جي تاريخ ۾ بلڪه هر اداري لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. روز هڪ ڪتاب ڇپڻ اڄ جي دور ۾ ڪو جِن ڀوت به نه ڪري سگهي، پر دين محمد ڏينهن رات بورڊ جي پريس هلائي، اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اداري ۾ فقط هڪ ماڻهو به گهڻو ڪجهه بهتر ڪري سگهي ٿو، دين محمد کي هن ڪم تي شاباس ۾ وڏا انعام اڪرام ملڻ کپندا هئا، پر مٿس مختلف نوعيتن جا سنگين الزام هڻي، کيس نوڪريءَ تان بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. هن عمل ۾ سندس ساٿي به ساٿ ڇڏي وڃي مخالفن سان ٻِٽُ ٿي بيٺا ۽ کيس وڏيون تڪليفون رسايون.

2008ع ۾ سيڪريٽري اعجاز منگيءَ جي سبڪدوش ٿيڻ کان پوءِ
سيد زوار نقوي سيڪريٽري ٿي آيو، جنهن جي اچڻ سان هن جي نوڪري ختم ٿي ويئي،
سال کن بيروزگار رهڻ کان پوءِ 2009ع ۾ B.O.G ۾ کيس ٻيهر بحال ڪري، 14 گريڊ ۾ مستقل ڪري رکيو ويو. اُن کان پوءِ هن کي ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. رسالي جو ايڊيٽر سندس ڳوٺائي مسٽر طارق عالم ابڙو هو، جنهن جي ادارت ۾ دين محمد ”مهراڻ“ جا ڪجهه شمارا ايڊٽ ڪيا. 11- جون 2011ع تي ابڙي صاحب جي لاڏاڻي ڪري وڃڻ کان پوءِ دين محمد رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر/انچارج ايڊيٽر ئي رهيو. ان دوران دين محمد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنو، رب پاڪ سندس محنت سجائي ڪئي، هُو پاس ٿيو. هن کي تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ڪري رکيو ويو. هن وقت دين محمد ڪلهوڙو هڪ استاد جي حيثيت ۾ درس و تدريس جي ڪم ۾ رُڌل آهي.

دين محمد اها ڳالهه ڏاڍي فخر ۽ اعزاز سان ٻڌائيندو آهي ته:

”مان سنڌ جي هڪ اهڙي تاريخي ۽ معتبر علمي، ادبي ۽ ثقافتي اداري ۾ ڪم ڪيو آهي، جيڪو ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ سنڌ جي سڃاڻپ ۽ اثاثو رهيو آهي. هيءُ ادارو، سنڌ جي املهه ماڻڪ ۽ چيده چيده شخصيتن جي گڏيل محنتن جو ثمر آهي، جن ۾ سائين جي.ايم.سيد، علامه آءِ.آءِ قاضي، سيد ميران محمد شاهه، مولانا دين محمد وفائي، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو، محمد ابراهيم جويو، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي، لعلچند امرڏنومل، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مولانا غلام محمد گرامي وغيره جا نالا شامل آهن.  اتي ”مون جهڙو ماڻهو بورڊ جي برک علمي، ادبي ۽ تحقيقي رسالي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر به رهيو.“

بورڊ جي ماضيءَ جو ذڪر نڪتو آهي، ته هيءَ ڳالهه ضرور ڪجي ته هاڻي انهيءَ اداري ۾ ان ليول ۽ معيار جا ماڻهو ته نه رهيا آهن، پر الله جي مهرباني سان اهو ادارو اڃا قائم آهي. ”جتي وڻ نه آهي، اُتي ڪانڊيرو به درخت آهي.“ اهڙي حالت ۾ دين محمد ڪلهوڙي جو هن اداري ۾ هجڻ بيحد ضروري هو، دين محمد کي بورڊ جي ضرورت نه به هجي، پر اڄوڪي دور ۾ بورڊ کي هن ماڻهوءَ جي ضرورت هئي، دين محمد کي بورڊ جي نوڪري نه ڇڏڻ گهربي هئي. مخالفتن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ دلير ۽ بردبار ماڻهوءَ جو ڪم آهي، مسئلا ۽ مخالفتون ته هر هنڌ آهن، انهن کان ڊڄي نوڪري ڇڏي وڃڻ، هڪ قسم جي بزدلي آهي. حالانڪه دين محمد ۾ غضب جي مستقل مزاجي موجود آهي،. پر بورڊ ۾ هن لاءِ صورتحال ڪجهه اهڙي بڻجي ويئي، جو کيس مصلحت کان ڪم وٺڻو پيو، پر هن جو رشتو اڃا تائين بورڊ سان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان قائم آهي.

هر ماڻهو پنهنجي ڪم سان سڃاتو ويندو آهي ۽ ڪم ماڻهوءَ جي اهميت کي نروار به ڪندو آهي ته ڊاهيندو به آهي.  دين محمد هميشه بهتر ڪم کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ يا تعليم کاتي ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾ هي سدائين پنهنجي ڪم سان مخلص ۽ ڪميٽيڊ رهيو آهي.

دين محمد ڪلهوڙو بيحد حساس، شرافت ۽ ايمانداريءَ جو مثال، طبعيت ۾ ڪڏهن ڪڏهن جذباتي به ٿي ويندو آهي، نه ته اڪثر مون هن کي معتدل ڏٺو آهي. ڪم جي معاملي ۾ گهڻو ڪري ڪمپرومائيز نه ڪندو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي ويجهڙ وارين اهم رٿائن ۽ پروجيڪٽن ۾ دين محمد ڪلهوڙي جو اهم ڪردار رهيو آهي. هن وقت به بورڊ انتظاميه پنهنجي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪمن ڪارين ۾ کانئس مدد ۽ رهنمائي وٺندي رهي آهي.

هونءَ ته دين محمد ڪلهوڙو وڏين خوبين جو مالڪ آهي، پر مون هن ۾ ٻه وڏيون خوبيون ڏٺيون آهن. هڪ ته هن ۾ غضب جي مستقل مزاجي آهي، ڪنهن به ڪم ۾ هٿ ڳنڍيندو ته اُن کي توڙ تائين رسائيندو، نه ته اڪثر ٿيندو ائين آهي ته ماڻهو شوق ۽ جذبات ۾ اچي، ڪم ۾ هٿ ته ڳنڍيندو آهي، پر پوءِ جڏهن ڪم کيس اک ڏيکاريندو آهي، ته همراهه جا ڍڍر ڍرا ٿي ويندا آهن ۽ نيٺ ڪَڪ ٿي ڀڄي ويندو آهي، پر دين محمد ان جي بنهه ابتڙ آهي، مون هن کي اڪثر ائين چوندي ڏٺو آهي ته: ”ماڻهو هميشه ڪم جي آڏو چئلينج بڻجي، پر ڪم ماڻهوءَ لاءِ للڪار نه ٿئي.“

دين محمد ۾ ٻي وڏي خوبي اِها آهي ته هو پنهنجي مقصد ۽ ڪم سان سچو رهندو آهي. هو جنهن به ڪم ۾ هٿ ڳنڍيندو آهي، ته آخر تائين اُن سان مخلص ۽ ڪميٽيڊ رهندو آهي، اسان وٽ اهڙين خوبين جا ماڻهو تمام گهٽ آهن.

سندس ڪمٽمينٽ ۽ مستقل مزاجيءَ جو هڪ مثال موقعي ۽ مناسبت سان هتي مان ضرور پيش ڪندس، جنهن کان دين محمد گهڻو اجتناب ڪندو رهيو آهي.

دين محمد 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بايو ڪيمسٽريءَ ۾ ماسٽرس ڪئي. هن جڏهن ليڪچرشپ لاءِ اپلاءِ ڪيو ته ڪميشن سندس درخواست اهو جواز ڄاڻائيندي رد ڪري ڇڏي ته: ”بايوڪيمسٽري، جنرل ڪيمسٽري ۾ شامل نه آهي.“  ان صورتحال پيدا ٿي پوڻ تي دين محمد مايوس ٿيڻ بجاءِ دل ئي دل ۾ پاڻ سان عزم ڪيو، بلڪه پاڻ سان اها ڪمٽمينٽ ڪئي ته هو ڪيئن به ڪري هيءُ اهم مسئلو حل ڪرائيندو. ان وقت بايوڪيمسٽريءَ لاءِ ٻه وڏا مسئلا هئا، هڪ ته، ڪاليج سائيڊ کان فقط عورتن جون تمام محدود سيٽون ۽ اهي به شهري سائيڊ کان ڊگري ڪاليجن ۾ پيدا ٿيون پئي. ٻيو ته، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بايوڪيمسٽريءَ جا ڪلاس، ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ هلايا ويندا هئا ۽ هن اداري لاءِ ڪا ڌار بلڊنگ ۽ بجيٽ نه هئي، جنهنڪري بايوڪيمسٽريءَ مان پڙهي نڪرندڙ شاگردن جو مستقبل رولڙي جو شڪار هو. اهڙي مشڪلات پيدا ٿي پوڻ کان پوءِ دين محمد اخبارن ۾ لکپڙهه شروع ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ سينئر استاد کي به يونيورسٽي انتظاميه پنهنجي جائز حق ڏيڻ کان لنوائي رهي هئي، جنهن تي انهيءَ استاد، احتجاجن پريس ڪلب اڳيان پنهنجي ڊگري ساڙي ڇڏي. دين محمد انهيءَ پروفيسر سان ٿيندڙ اهڙيءَ ناانصافيءَ خلاف ۽ بايوڪيمسٽريءَ جي اشوءَ تي گڏيل طور اخبارن ۾ مختلف نالن سان ڪالم وغيره لکڻ جو هڪ سلسلو شروع ڪري ڏنو ۽ اهڙي ريت، اخبارن جي صحافين سان سندس ويجهڙائي ٿي. 1998ع ۾ ”جاڳو“ اخبار ڪراچيءَ ۾ سندس نوڪري اختيار ڪرڻ جو اسباب پيدا ٿي پيو جو اُتي هن جو ڳوٺائي صحبت ٻرڙو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ان جي توسط سان هن کي اتي ڪم ڪرڻ جو سونهري وجهه مليو، جتي هن پنهنجي جائز مقصد جي حاصلات لاءِ بايوڪيمسٽريءَ جي ان مسئلي کي هڪ اشوءَ طور کنيو ۽ باقاعده خبرن ۽ ادارين جو هڪ سلسلو شروع ڪرايو، اخبار ۾ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه جي ڪابه خبر ايندي هئي، ته ان خبر سان گڏ، بايوڪيمسٽريءَ جي به خبر لڳندي هئي. اهڙيءَ ريت دين محمد ڪٽنگس جو پورو هڪ فائيل تيار ڪيو، پوءِ اتان جي سينئر صحافين جي مدد سان، همٿ ڪري هڪ ڏينهن گورنر صاحب سان وڃي مليو، جنهن کي هن درخواست سميت پورو فائيل پيش ڪيو. هڪ ٻن ملاقاتن کان پوءِ سندس درخواست تي غور ٿيو ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ بايوڪيمسٽريءَ لاءِ الڳ شعبي جي منظوري به ملي، ان لاءِ 1999ع ۾  ڌار عمارت جو به بنياد پيو ۽ گڏوگڏ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ هن سبجيڪٽ (ميل) لاءِ ٻهراڙي سائيڊ کان ڊگري ڪاليجن ۾ به ڪوٽا جاري ٿي. آءٌ دين محمد کي اڪثر چوندو آهيان ته: سائين! انهن ڏينهن ۾ اوهان کي سونهري موقعو مليو هو ته ان اداري ۾ پنهنجي جاب لاءِ به اهڙي ڪوشش ڪريو ها. جنهن تي چوندو آهي ته: ”يار! جيڪڏهن هِن اشوءَ کي مان پنهنجي ذاتي ڪم لاءِ استعمال ڪريان ها، ته پوءِ شايد منهنجي مطالبي ۾ اُها جانِ نه رهي ها ۽ مسئلو به شايد حل نه ٿئي ها، تنهنڪري مون پنهنجي ذاتي ڪم کي پوئتي رکيو…“

دين محمد جي ورتل اهڙي ذاتي دلچسپي ۽ لڳاتار ڪوششن سان هڪ اڻ ٿيڻو ڪم ٿي ويو!- اها هُئي پنهنجي مقصد سان سچائي ۽ ڪمٽمينٽ، ۽ دين محمد ذاتي مقصد به اهو چونڊيو، جنهن ۾ سڀني جو ڀلو شامل هو. حالانڪه دين محمد پنهنجي ذاتي ڪم لاءِ به چئي پئي سگهيو، پر هِن ائين نه ڪيو.

دين محمد کي هن ڪم تي مڃتا (Tribute) ضرور ملڻ گهرجي ها، پر هن پاڻ کي گمنام ڪري رکيو.

دين محمد کي پنهنجي لاءِ اڪثر چوندو ٻڌو آهي ته مان هِن دنيا جو ماڻهو نه آهيان ۽ ڀلجي هتي پيدا ٿي پيو آهيان. هيءَ دنيا مون کي عجيب لڳندي آهي ۽ مان به هِن دنيا وارن کي عجوبو لڳندو آهيان. دين محمد عملي زندگيءَ ۾ ايڊجسٽ نه ٿي سگهيو  آهي. بايوڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊجسٽ نه ٿي سگهيو، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ايڊجسٽ نه ٿي سگهيو، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ايڊجسٽ نه ٿي سگهيو. انهن سڀني جڳهين تي هي نه هلي سگهيو، ڇو نه هلي سگهيو، اهو ته هڪ الڳ بحث آهي، پر مان سمجهان ٿو ته دين محمد پنهنجي مزاج، طبعيت ۽ خوداريءَ سبب انهن ادارن ۾ هلي نه سگهيو، انهن ادارن ۾ گهڻو ڪري هاڻي اهي ماڻهو گهرجن جيڪي مٿين آفيسرن جا کاٽائو پٽ ٿي هلن، انهن جي اڳيان پويان هلن، ثناخواني ڪن، انهن جي هر عمل تي آمنا صدقنا ڪن، اهي هِن دور جون سڀ کان وڏيون خوبيون ۽ اهليتون آهن، جيڪي دين محمد ۾ نه آهن، جنهنڪري هي عملي زندگيءَ ۾ ناڪام رهيو آهي.

لکڻ جي شروعات:

دين محمد ”گل ڦل انٽرويو نمبر“ ۾ لکيو آهي، ته هن لکڻ جي ابتدا 1988ع ۾ سکر جي هڪ مقامي سنڌي اخبار ۾ هڪ مضمون سان ڪئي. اهو مضمون ٻوڏ جي پس منظر ۾ لکيو ويو هو، پوءِ آهستي آهستي لکڻ شروع ڪيائين. 1990ع ۾ سنڌي ادبي سنگت قنبر جو ميمبر ٿيو، جتان ادبي سرگرمي باقاعدگيءَ سان شروع ڪيائين.  شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استاد شاعر سرمد چانڊئي جي رهنمائي نصيب ٿيس.

دين محمد ڪلهوڙي جنهن خاندان ۾ جنم ورتو، اهو خاندان علمي لحاظ کان هڪ مذهبي گهراڻو رهيو آهي. هن اک کولي ته پنهنجن وڏن جا ڇڏيل قلمي نسخا ۽ ڪتاب ڏٺائين، تنهنڪري سندس طبعيت ۾ علم و ادب جي حاصلات جو شوق اتپن ٿيو. هو ننڍپڻ ۾ مختلف علمي، ادبي، سياسي، سماجي گڏجاڻين ۽ ڪانفرنسن ۾ وڃڻ لڳو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي دوستن سان گڏجي سماجي تنظيم کوليائين. سندس علمي ۽ ادبي تربيت قنبر جي نامور سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت ڀائو درمحمد ٻرڙي ڪئي. ٻوليءَ ڏانهن لاڙو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ليڪچرن ٻڌڻ ۽ مقالن پڙهڻ کان پوءِ ٿيس. تحقيق جي دلچسپي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي پليٽ فارم تان پيدا ٿيس. اهو ادارو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي لاڏاڻي کان پوءِ، سندس هم خيال دوستن ۽ شاگردن جي گڏيل سهڪار ۽ تعاون سان جوڙيو ويو، جو اڄ تائين سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ ڪلچر جي موضوعن تي سرجوشيءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن ئي اڪيڊميءَ جي متحرڪ دوستن: عبدالستار هڪڙي، رياضت ٻرڙي، درمحمد ٻرڙي، عبدالمجيد منگي، خادم رند، علي آڪاش ۽ ٻين جي صُحبت ۽ سنگت مان گهڻو لاڀ پرايائين. هنن ئي دوستن اڪيڊميءَ جي پليٽ فارم تان تعلقي قنبر جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تاريخ سهيڙڻ جو پراجيڪٽ جوڙيو ۽ سندن سعيي سان هڪ تاريخي ورڪشاپ ”قنبر سيمينار“ به ڪرايو ويو. انهيءَ سيمينار کان پوءِ جلد هڪ ڪتاب ”قنبر- هڪ اڀياس“ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن ۾ دين محمد ڪلهوڙي جا اهم تحقيقي مضمون شامل آهن.

محقق جي حيثيت ۾:

دين محمد ڪلهوڙي تحقيق جي ابتدا، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي پليٽفارم تان ڪئي، جنهن جو تذڪرو مٿي ڪري آياسين. سندس ابتدائي تحقيقي مواد جو ڪجهه حصو اڪيڊميءَ جي ڇپايل ڪتاب- ”قنبر- هڪ اڀياس“۾ شامل آهي. قنبر تعلقي سان لاڳاپيل ماڳن مڪانن سميت ڳوٺن، قبيلن جي آبادڪاري ۽ انهن جي حسب نسب تي لکيل ڳردار مقالا شامل اٿس، جن جي پڙهڻ کان پوءِ هن جي ابتدائي تحقيق جي معيار جي ڪٿ ۽ موازنو ڪري سگهبو. ڳوٺن واري مقالي ۾ دين محمد روايتن کان بلڪل الڳ نظر اچي ٿو. اهڙي نوعيت جو ڪم سنڌ جي تاريخدان رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ کان پوءِ نه ٿيو آهي. دين محمد ڪلهوڙو، مولائي شيدائيءَ کان پوءِ نوجوان ٽهيءَ ۾ پهريون محقق آهي، جنهن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي، اُتي جي رهندڙ قبيلن جا حسب نسب ۽ شجرا هٿ ڪري ڏنا آهن. تيار ڪيل سندس شجرن جي اها خوبي ضرور ڳڻائڻ گهرجي، ته هن شجري ۾ هر پيڙهي يا فرد جي ڀرسان سنه ڄاڻايو آهي. مون ان بابت کانئس جڏهن پڇيو، ته چيائين:

”مان جڏهن به ڪنهن ڳوٺ جي سروي ٿي ڪئي، ته پهريان اُتان جي جهونڙن کي ڳوٺ جي چڱي مڙس جي اوطاق تي گهرائي ساڻن ڪچهريون ڪيون. انهن پنهنجن احوالن ۾ تاريخن جا آثار ۽ گمان گهڻو ڪري واقعن ۽ ٽاڻن جي آڌار تي ٻڌايا آهن. مثال طور: ڪنهن ٿي چيو: جڏهن پاڪستان ٺهيو، ان کان 2 سال اڳ، منهنجو والد فوت ٿي ويو، هاڻي اُن جو سنه معلوم ڪرڻ آسان ٿي ويو. ڪنهن ٻڌايو پئي ته منهنجو ڏاڏو چوندو هو ته اسان جي وڏن، ميرن جي دؤر ۾ هيءُ ڳوٺ آباد ڪيو. اِن قسم جي احوالن مان تاريخون قرين قياس معلوم ٿين ٿيون.“

دين محمد ڪلهوڙي جو تحقيقي پورهيو جيڪو کيس اڳتي هلي مڃتا ضرور بخشيندو، اهو شجرن تي ٿيل سندس ڪم آهي. قنبر ۾ جن قبيلن جا شجرا ڏنا اٿس، انهن خاندانن کي هن هميشه زندهه ڪري ڇڏيو، انهن ۾ ڪجهه خاندانَ هي آهن: ڪلهوڙا، جنهن ۾ پنهنجي خاندان جو شجرو ڏنو آهي. چانڊيا، هن ۾ چانڊين جي نوابن جو شجرو ڏنل اٿس ۽ ٻئي هنڌ دانشور جامي چانڊئي جي وڏن جو به شجرو ڏنو اٿس. ٻرڙن مان، ڀائو درمحمد ٻرڙي جي وڏن جو شجرو آهي. اهڙيءَ ريت، سومرن، اسراڻن، مڱڻن، هَڪڙن، مولوي عبدالڪريم قريشي ٻير واري، صوفي وريل فقير ابڙي، شيخن، مولانا مير محمد نورنگي جاگيراڻي ۽ مغلن جو شجرو وغيره، شامل آهن.

ڊسمبر 2004ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي کي ٽوڙي، ’قنبر- شهدادڪوٽ ايٽ قنبر‘ نالي سان هڪ نئون ضلعو قائم ڪيو ويو، ته هن نئين ضلعي جي جاکوڙي رهواسي ڀائو درمحمد ٻرڙي جي ڪوششن سان قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. هن نئين علمي، ادبي ۽ ثقافتي اداري جو چيئرمن ڀائو درمحمد ٻرڙو ٿيو ۽ دين محمد اُن جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. هن نئين اداري جي پليٽفارم تان نئين ضلعي جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تاريخ سهيڙڻ جو پراجيڪٽ جوڙيو ويو. اُن رٿا تحت، ”قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)“ (2010ع) ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪتاب جو تحقيق ڪندڙ ۽ مرتب دين محمد آهي. هن ڪتاب ۾ نئين ضلعي جي تاريخ دين محمد رقم ڪئي آهي، جنهن ۾ هن نئين ضلعي جي ٻين سمورن تعلقن- قنبر، شهدادڪوٽ، ميروخان، قبو سعيد خان، سجاول جوڻيجو، وارهه ۽ نصيرآباد جو تعارف به ڏنو اٿس. ان کان علاوه ضلعي جو تاريخي ورثو، قديم آثار، وغيره مضمون اٿس.

مقامي تاريخي ڪردارن ۾ جنهن ڪردار دين محمد کي گهڻو متاثر ڪيو آهي، اهو ”پنرو بڊاماڻي“ آهي. پُنري کان ته شاهه لطيفرحه به گهڻو متاثر هو. شاههرحه مختلف سُرن ۾ اُن جي بهادريءَ ۽ سخا جي خوب ساراهه ڪئي آهي. دين محمد، پنهنجي تحقيق ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي حتيٰ الامڪان ڪوشش ڪئي آهي ته پنري بڊاماڻيءَ جو تعلق به سندس علائقي سان هو ۽ هو ذات جو چنو هو. هن ضلعي ۾ هن سورهيه ڪردار جا تاريخي آثار به ملن ٿا.

”دادو ضلعو- هڪ اڀياس“ (2013ع) ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي اضافن، حاشين سميت ايڊيٽنگ جو ڪم
دين محمد ڪيو آهي. ڪتاب جو مقدمو به دين محمد ئي لکيو آهي. سندس مقدمي جي ساراهه بورڊ جي موجوده چيئرمن مخدوم جميل الزمان صاحب ۽ تعليم واري اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق صاحب به ڪئي آهي. ”عظيم سنڌ- انساني تهذيبن جو هندورو“ جي عنوان تي مقدمي جي شروعات هنن لفظن ۾ ڪئي اٿس:

”شروع ڪجي ٿو، انهن ٻن مقدم ۽ مقدس هستين جي نالن سان، جن جي سنجوڳ کان سواءِ، اسان جو وجود ناممڪن هو/ آهي. اهي ٻه عظيم هستيون آهن: عظيم سنڌ اسان جي امڙ، مهان سنڌو اسان جو پيءُ“.

دين محمد، سنڌ کي جيجل امڙ ۽ سنڌوءَ کي پيءُ سان تشبيهه ڏيئي، هن اڄ جي اقتدار ۾ ايندڙ ويندڙ سنڌي ليڊرن کي غيرت جي زوردار چماٽ وهائي ڪڍي آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي ماڻهن کي به جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄ جڏهن سنڌ ڌرتيءَ تي ڌارين کي مستقل ڪري ويهاريو ويو آهي ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجي وطن ۾ اجنبي ۽ لاوارث زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ سنڌ ۾ ڌارين ۽ غاصبن کي سنڌ جو وارث بڻايو ويو آهي. ان سڄي عمل ۾ سنڌي وڏيري ۽ سياستدان جو ڪردار سنڌ سان هميشه گهڻو ڪري غداريءَ وارو رهيو آهي. غير سنڌي آباديءَ کي Urban ۽ سنڌ جي حقيقي وارثن جي آباديءَ کي Rural جهڙن اصطلاحن ۾ متعارف ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي اصلوڪن وارثن کان نه رڳو سنڌ امڙ جي گود کسي پيئي وڃي، پر سنڌ جي وارثن کان ته سنڌو به کسيو ويو آهي. اها ڦرلٽ، مذهب ۽ ملڪ جي نالي تي اسان کان ڪئي وڃي ٿي. دين محمد جي انهيءَ سموري مقدمي ۾ سنڌ، سنڌ جي فرزندن ۽ سنڌوءَ سان والهانه محبت ۽ عقيدت جو کُليل اظهار آهي. اهو خاص طور تي اقتدار ۽ اقتدار کان ٻاهر رهندڙ سنڌي وزيرن ۽ وڏيرن تي هڪ ڇتي تنقيد آهي. لکيل پڙهيل ۽ سنجيده دوستن کي اهو مقدمو پڙهڻ گهرجي.

”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ نالن تي بحث:

”دادو ضلعو- هڪ اڀياس“ جي مقدمي ۾ دين محمد ڪلهوڙي”سنڌ“ تي اهو نالو پوڻ تي، سٺو علمي بحث ڇيڙيو آهي ۽ ان کي سائنسي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. هو ”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ لفظن جي بنياد (ڌاتو) تي ٻن وڏن اسڪالرن- ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ پروفيسر مئڪس ملر جي راءِ تي، تنقيد ڪندي پنهنجي راءِ ڏني آهي. هو مقدمي ۾ لکي ٿو ته:

”سنڌي ۽ سنسڪرت جي ماهر ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي لفظ ”سنڌو“ جو ڌاتو، ”سيند“ (Syand) ڪڍيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي- ”وهڻ“. انهيءَ بنياد تي ”سنڌو“
جي معنيٰ ٿي- ”اها ندي، جا سدائين پئي وهي“. پروفيسر مئڪس ملر ان لفظ جو ڌاتو ”سڌ“ ڪڍيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي- ”بچاءُ ڪرڻ“. يعني سنڌو جن هنڌان وهي ٿو، تن هنڌن جي رهاڪن جو، ڌارين جي ڪاهن ۽ جهنگلي/ وحشي جانورن جي حملن کان بچاءُ ڪري ٿو، پر منهنجي نظر ۾ اهي ٻئي ڌاتو ڪمزور آهن. پيش ڪيل ٻئي ڌاتو ”سيند/ سڌ“ لفظ ”سنڌو“
يا ”سنڌ“ جي صحيح معنيٰ جو تعين نه ٿا ڪن. جيڪڏهن فرض ڪري ’سيند‘ تي اڪتفا ڪريون، ته وري به ان مان هيءُ سوال اُڀري ٿو ته ڇا ڪي بيٺل نديون، سمنڊ، درياء به ٿيندا آهن ڇا؟ ندي، واهه، درياء، سمنڊ وغيره جو ڪم آهي ئي وهڻ، ته پوءِ سنسڪرت زبان ۾ سمورا درياء، نديون ۽ سمنڊ، ”سنڌوءَ“ جي نالي سان ڇو نه ٿا سڏجن! منهنجي اڀياس ۽ سمجهه موجب، ”سنڌو“/ ”سنڌ“ لفظن جو بنياد، سنسڪرت جو لفظ ”ند“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي- ”طرف“. ۽ ”س“ اُن جي اڳياڙي (Prefix) آهي. ”ند“ جي اڳيان ”س“ ۽ پٺيان ”و“ اضافي صورتون ملڻ سان لفظ ٺهيو- ”سنڌو“. ايرانين/ يونانين ”س“ بجاءِ”هه“ ڪم آندو، يعني ”هند“/”هندو“. هاڻي ”سندو“/ ”هندو“ جي معنيٰ ٿي، ”سامهون (طرف) وارو درياء“. قديم آرين کي دراوڙ لوڪ، درياء جي ٻنهي طرفن يعني ڪنارن تي نظر آيا ته انهن کي ”سنڌي“ ۽ سندن ملڪ کي ”سنڌ“ سڏيو جو پوءِ اڳتي هلي درياء جي مفهوم ۾ استعمال ٿيڻ لڳو“.

انهيءَ سموري بحث کان پوءِ هُو ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته ”هندو“ ڪنهن مذهب جو نالو نه آهي. هن بحث کي هو هن طرح سُلجهائي ٿو ته:

”اسين طويل عرصي کان انهيءَ مغالطي ۾ پڻ رهيا آهيون ته هندو هڪ ڌرم جو نالو آهي، پر مٿئين بحث مان اها ڳالهه چڱيءَ طرح واضح ٿي آهي ته ”سنڌو“ يا ”هندو“ ڪنهن ڌرم جو نالو نه پر”درياء“ لاءِ استعمال ٿيو آهي. جنهن ڌرم کي هندو ڌرم چيو وڃي ٿو، اهو اصل ۾ ”سناتن“ ڌرم آهي. رگويد ۾ لفظ ڌرم جي معنيٰ آهي، ”قاعدو“، ”سناتن“ معنيٰ- ”آڳاٽو“ يا
”اوائلي“ يعني اهڙو جوڙيل نظام، جنهن جي بنياد تي هن ساري سنسار جو چرخو هلي“.

”جو  کيڙي سو  کائي“ نعري جو اصل باني:

دين محمد ڪلهوڙو سنڌ ۾ ”جو کيڙي سو کائي“ وارو نعرو صوفي
شاهه عنايت (وفات: 1718ع) جو هنيل نه ٿو سمجهي. هن جي راءِ آهي ته اهو نعرو سنڌ ۾ ميانوال تحريڪ جي سربراهه ميان آدم شاهه ڪلهوڙيرحه (1592ع- 1557ع) لڳايو هو جيڪو شاهه عنايترحه کان سوا صدي اڳ ٿي گذريو آهي. سندس راءِ موجب:

”مغلن، سنڌ ۾ منصبداري نظام قائم ڪيو هو، ان نظام ۾ ڪلهوڙن ڏار وڌا. ميان آدم شاهه، سنڌ ۾ کيتي ڪندڙ آبادگار کي زمين جو اصل وارث قرار ڏنو. اهو نعرو ميان صاحب، ميانوال تحريڪ جي سياسي پليٽفارم تان بلند ڪيو هو ۽ ميانوال تحريڪ سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ جي پيداوار هئي. سنڌ ۾ شاهه عنايت جي باري ۾ عقيدت پسنديءَ وچان مبالغه آرائيءَ کان گهڻو ڪم ورتو ويو آهي. هن ڪردار کي سنڌ ۾ ترقي پسند واريءَ تحريڪ دوران اُڀاريو ويو“.

دين محمد ڪلهوڙو پنهنجي پي ايڇ.ڊي ٿيسز ۾ شاهه عنايت جي شهادت واري واقعي بابت لکي ٿو ته:

”مغل پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ ۾ وڏا کيڏاري ۽ مڪار هئا، هنن سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي مختلف زونن ۾ ورهائي، اتي نين قوتن کي هڪٻئي خلاف ويڙهائي رکڻ واري حڪمت عملي تيار ڪئي هئي ته جيئن سنڌ، سندن لاءِ مٿي جو سور به نه بڻجي ۽ گڏوگڏ سندن تابع به رهي.

انهيءَ حڪمت عمليءَ تحت، سنڌ ۽ قلات مان قومي سطح تي ڪلهوڙا ۽ بروهي ٻه قوتون اُڀري آيون ۽ طبقاتي سطح تي شاهه عنايت ۽ ٽالپرن کي اڳتي آندو ويو. شاهه عنايت جي جماعت لاڙ ۾ بلڪل ڪلهوڙن جي فڪر ’جو کيڙي سو کائي‘ تحت وڌي رهي هئي. مغلن، هڪ طرف شاهه عنايت جي هٿ هيٺ زمين تان ڍل معاف ڪري ڇڏي هئي ۽ اُن کي هو پنهنجي اجتماعي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيا هئا، ٻي طرف سندس حريف قوت، ٽالپرن جي سربراهه مير شهداد خان کي ديراجات ۾ جاگيرون ڏنيون ويون. مغلن پاران هنن ٻنهي طاقتن تي هٿ رکڻ جو مقصد، ڪلهوڙن جي مقابلي ۾ سنڌ اندر پنهنجي طاقت جو توازن برقرار رکڻ هو. اهو ان لاءِ ته جيئن موقعي وقت، ڪنهن هڪ قوت کي صدقي جي ٻڪري بڻائي سگهجي. شاهه عنايت جي تحريڪ جو مرڪز، لاڙ ۾ اعظم خان جي عملداريءَ ۾ هو. هن سلسلي ۾ مغلن جي سياست، هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ ساڳئي نظرئي ۽ فڪر جا ماڻهو، هڪٻئي جي سامهون اچي بيٺا. نتيجي ۾ هڪ قوت کي مغلوب ٿيڻو هو، ۽ 1718ع ۾ شاهه عنايت کي شهادت پلئه پئي.

موجود مواد مان اهو پتو پوي ٿو ته ميان يارمحمد ڪلهوڙو پنهنجي اهم ماڻهن سميت هن معاملي ۾ ملوث ٿي چڪو هو ڇو ته ٽالپر، ڪلهوڙا اقتدار ۾ عسڪري قوت هئا. البته اهو ثابت ڪونهي ته شاهه عنايت شهيد کي ڏاڙهي ڏيئي اعظم خان وٽ وٺي وڃڻ جو ڪم مير شهداد خان ٽالپر ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو هو؟ ميان يارمحمد جي چوڻ تي يا اعظم خان جي چوڻ تي؟

دين محمد ڪلهوڙو، سنڌ جي ڪلهوڙا دور تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:

”ڪلهوڙا، سنڌ ۾ طاقت جي زور تي آيا هئا، تنهنڪري هو سنڌ جي زميندار گهراڻن وٽ قبول نه پيا. نتيجي ۾ ڪلهوڙن ٻاهران پنهنجا ماڻهو گهرائي سنڌ ۾ ڏنڊي ۽ مريديءَ جي زور تي پنهنجو اقتدار قائم ڪيو، سنڌ جا زميندار، ڪلهوڙن کي فقط پير ڏسڻ تي گهريو“.

دين محمد اڳتي لکي ٿو ته:

”اهو سچ آهي ته ڪلهوڙن جي ڪري سنڌ ۾ خونريزي ٿِي، ماڻهو مُئا، پر ڪلهوڙن سنڌ ۾ رهي، سنڌ کي سنڌ سان متعارف ڪرايو، سنڌ جون سرحدون وڌايون، مضبوط ڪوٽ، قلعا ٺاهيائون، زرعي سڌارا آندائون، سنڌوءَ جا بند ٻڌرايائون، نوان نوان واهه ۽ شهر آباد ڪيائون، سنڌ جي ريزه ريزه ٿيل اقتصادي ۽ معاشي حالت کي بهتر بنايائون. انهن اقدامن جي پيشِ نظر هنن جي پهرين غلطين جو تاثير ازخود ٿڌو ٿي وڃي ٿو. هونءَ به هر معاملي ۾ پوئين ڳالهه کي وزن هوندو آهي، ملاکڙي ۾ به پوئين ملهه اهميت واري هوندي آهي، ڪلهوڙن به پوئين ملهه ماري“.

هن راءِ کي جيڪڏهن هڪ ذات پرست جي نظر سان ڏسبو ته پوءِ نتيجو ڪڍي نه سگهبو، پر جي هڪ اسڪالر ۽ نقاد جي حيثيت ۾ ڏسون ته اسان ڪنهن نتيجي تي ضرور پهچنداسين. دين محمد ڪلهوڙي جا اِن قسم جا رايا ۽ نڪتئه نظر هڪ طرف پنهنجي اهميت ته رکن ٿا پر ٻئي طرف نئين بحث کي پڻ دعوت ڏين ٿا.

ادبي خدمتون:

دين محمد ڪلهوڙي جو سنڌي ٻولي ۽ ادب ڏانهن لاڙو ننڍپڻ کان ئي رهيو آهي. هو ننڍپڻ ۾ آکاڻين جا ڪتاب، شوق سان پڙهندو هو ۽ هڪ جيڏن کي پڙهي به ٻڌائيندو هو. جڏهن سندس سرت ۽ ساڃاهه جو سفر وڌڻ لڳو ۽ هن جوانيءَ جي ڏاڪن تي پير رکڻ شروع ڪيا، ته ادب ۾ ڪهاڻين کان شروعات ڪيائين، (شاعري به ڪيائين، پر ان ۾ ڪؤنتل ڪُڏائي نه سگهيو). سندس پهرئين ڪهاڻي ”ڪتو“ هئي، جا هن پنهنجي حد جي هڪ وڏيري ايم. پي. اي جي ڪارنامن تي لکي. اها ڪهاڻي پوءِ 1994ع ۾ 15- روزه عبرت مئگزين ۾ ڇپي. آشيرواد، اڳتي نه ستائيندس، پلئه پايو سچ، وائڙي شهر جا سُلجهيل فرد ۽ نفرت وغيره، سندس لکيل ڪهاڻيون آهن، جي 1999- 1998ع دوران روزاني ”جاڳو“
اخبار ۾ ڇپيون.

دين محمد، سنڌي ٻوليءَ جي ٻن نامور ڪهاڻيڪارن- امر جليل ۽ نسيم ٿيٻو کان گهڻو متاثر رهيو آهي. ميڊم نسيم ٿيٻو جون ڪهاڻيون چونڊي ڪتاب، ”اڀر چنڊ پس پرين“ سال 2013ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو.

دين محمد باڪمال رائيٽر آهي، خاڪا نويسيءَ ۾ سندس ڪو شايد مٽ ۽ ثاني هجي. خاڪا نويسيءَ ۾ هو شخصيت جي فوٽوگرافي ڪري ٿو. پڙهندڙ ائين محسوس ڪندو ته اها شخصيت سندس سامهون ويٺي آهي ۽ هُو لفظن ۽ احساسن جي اک سان ان کي هوبهو اُن ئي صورت ۾ ڏسي ويٺو. ”سرتيون امڙ نمبر“ ۾ دين محمد پنهنجي والده سڳوريءَ تي خاڪو لکيو آهي. اهو خاڪو نه آهي، پر ان ۾ هوبهو تصوير ڪشي ڪيل آهي. ان خاڪي جي مطالعي کان پوءِ نه رڳو پڙهندڙ داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندو بلڪه سندس اکيون به نَم ٿي وينديون. سندس لکيل خاڪي مان هيٺيون ٽڪرو ملاحظه ڪريو:

”امڙ سانئڻ، قرآن مجيد پڙهيل نه هئي، پر قرآن مجيد جو ختمو ڪڍندي هئي. تلاوت ڪرڻ وقت امڙ سانئڻ بسم الله پڙهي پوءِ حرف حرف تي اشهد آڱر رکي، چوندي هئي: ’هي سڀ سچ آهي، هي سڀ سچ آهي.‘ قرآن پاڪ سان اهڙي محبت ۽ مجاوريءَ سبب امڙ سانئڻ کي حج ڪرڻ لاءِ اوچتو سڏ ٿيو، جو امڙ سانئڻ کي خواب خيال ۾ به نه هو ته مان ڪو حج ڪنديس.“

ٻيو ٽڪرو پڙهي ڏسو:

”ڏاڏيءَ امان کان پوءِ امڙ سانئڻ پنهنجيءَ سس وانگر زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين، پنهنجي خاندان، پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي پٺتي پيل ماڻهن جي پنهنجي حيثيت آهر خدمت ڪئي، اسپتالن ۾ رهي مريض عورتن جي سار لهڻ“، شاديءَ غميءَ ۾ آئي وئي جي اٿا ويٺي ڪرڻ، منجهيل ماڻهن جي آئيءَ ويل سهائتا ڪرڻ، ڏکئي وقت ۾ ڪنهن اڙيل جو ڀرجهلو ٿيڻ، اهي سمورا ڪم، امڙ سانئڻ، نهايت ذميداريءَ سان سرانجام ڏنا.“

ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:

”دين محمد جي نالي سان اسان کي هڪ ٻيو به ڀاءُ هو، جيڪو 1966ع ۾ ڪالرا وگهي فوت ٿي ويو هو، سال 1969ع ۾ جڏهن مان ڄائس، ته ان جو نالو امڙ سانئڻ مون تي رکيو، امڙ سانئڻ جڏهن وصال ڪيو ته پنهنجي ان پٽ جي ڀر ۾ ابدي ننڊ ستي. حياتيءَ ۾ اسان سان گذاريائين ۽ مماتيءَ وارو دور پنهنجي مرحيات پٽ کي ڏنائين، ڇا ته نڀائڻ جو انداز آهي.“

پنهنجي امڙ جي وفات جي تصوير ڪشي ڪندي لکي ٿو ته:

”آخر اها گهڙي به اچڻي هئي، جنهن ۾ امڙ سانئڻ اسان سڀني کان هميشه لاءِ الڳ ٿيڻي هئي... مون ڏٺو امڙ سانئڻ وڏا وڏا ساهه کڻڻ شروع ڪيا ۽ سندس نرم ۽ نفس پوڙهو هٿ، آهستي آهستي ٿڌو ٿيڻ لڳو. آخري هڏڪي ڏيڻ کان پوءِ سندس چهرو پاڻمرادو قبلي طرف مڙي ويو ۽ سندس جهور پوڙهو هٿ به منهنجي هٿ کان کِسڪي ويو.“

دين محمد پنهنجي ”امڙ“ جي ڪردار کان گهڻو متاثر رهيو آهي. سندس والده هڪ عورت جي روپ ۾ مرد هئي، وڏي همٿ ۽ جرئت واري  خاتون هئي. پنهنجي خاندان جا مسئلا حل ڪرڻ، انهن سان ڏکين ۽ تڪليفن وارين حالتن ۾ واهر ۽ وسيلو ٿيڻ، پنهنجن ۽ پراون معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ، اهي سموريون خوبيون دين محمد پنهنجي امڙ سانئڻ ۾ ڏٺيون، جنهن ڪري سندس شخصيت ۾ انهن جو تاثير شامل ٿي ويو آهي.

دين محمد ڪلهوڙي ادب جي مختلف صنفن تي پڻ لکيو آهي. هو پنهنجي ترتيب ڏنل ۽ ايڊٽ ڪيل ڪتاب- ”گل ڦل چونڊ ڪهاڻيون“ (ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ) جي ابتدائي نوٽ ۾ ڪهاڻيءَ جي فن تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته:

”جديد ڪهاڻيءَ جي سفر ۾ ڪردارنگاريءَ جي فن، جا ترقي ڪئي آهي، ان جو مدار انساني شعور تي آهي… ڪهاڻيءَ جو فن جيئن ته انساني سماج جو هڪ منعڪس رويو آهي، جنهنڪري ان رويي به انساني شعور سان گڏوگڏ ترقيءَ جا مرحلا طئي پئي ڪيا آهن… اوائلي ڪهاڻيءَ ۾ ڏسبو ته ان جا ڪردار به اُن دور جي مافوق الفطرت روين کان متاثر ٿيل نظر ايندا، پر جديد ڪهاڻيءَ ۾ موضوعن جي نواڻ، تلخ حقيقتن ۽ سچن واقعن، طلسماتي ۽ فينٽسي ڪهاڻيءَ جو خاتمو آڻي، ڪردارن کي حقيقي معنيٰ ۾ جدت، سونهن ۽ نُدرت بخشي. حالانڪه آڳاٽين آکاڻين/ ڪهاڻين ۾ جنن، پرين ۽ ديون جي داخلا اجائي نه هئي، پر اُهو اُن دور جي ڪهاڻيڪارن جهڙوڪر ڪهاڻين ۾ نه رڳو انساني نفسيات جي تاريخ سهيڙڻ جو ڪم ڪيو، پر ان رويي ذريعي انساني نفسيات ۾ جرئت ۽ بهادري پيدا ڪرڻ جي هڪ ڪوشش به ڪئي“.

ادب هجي خواهه ٻولي يا اُن جو فن هجي، هر موضوع تي دين محمد عرق ريزيءَ سان لکيو آهي. هو پنهنجين لکڻين مان مطمئن نظر اچي ٿو. ادب، تاريخ، لسانيات ۾ صرف و نحوَ يا صورتخطي ڇو نه هجي، انهن موضوعن تي هن تيزيءَ سان لکيو آهي. سنڌي صورتخطيءَ تي هڪ تنقيدي مضمون سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان نڪرندڙ تحقيقي جرنل ”ڪينجهر“ ۾ ڇپيو، جنهن ۾ الفابيٽ جي ترتيب ۽ اکرن تي بحث ڪيو آهي. هو”ڪينجهر“ جي شماري 9 سال 2003ع ۾ لکي ٿو ته:

”الفابيٽ ۾ 10 اوسرڳ آوازن/ اکرن کي پنهنجي جوڙيدار وسرڳ آوازن/ اکرن سان گڏ ترتيب ۾ رکڻ گهرجي، جيئن: [ب، ڀ]،  [ت، ٿ]، [ٽ، ٺ]،  [پ، ڦ]، [ج، جهه]، [چ، ڇ]، [د، ڌ]، [ڊ، ڍ]، [ڪ، ک] ۽ [گ، گهه] وغيره. هاڻي ٿيڻ ائين گهرجي ته جملي انهن 10 اوسرڳ [ب، ت، ٽ، پ، ج، چ، د، ڊ، ڪ ۽ گ] ۽ وسرڳ [ڀ، ٿ، ٺ، ڦ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ک ۽ گهه] آوازن/ اکرن کان پوءِ ’هه‘ اکر جي غير متحرڪ صورت [ــ ﮫ] (يعني ٻن اکين واري ﮫ) رکجي، ته جيئن اهو سمجهائڻ آسان ٿي سگهي ته هي آواز/ اکر، دراصل [ـﮫ] جي غير متحرڪ آواز/ اکر ڳنڍڻ سان وسرڳ بڻيا آهن. پڙهندڙ کي اهو پتو نه ٿو پوي ته [ڀ] جو آواز/ اکر، ڪيئن ٺهيو، [ڇ] جو آواز/ اکر ڪيئن ٺهيو، [ڌ] جو آواز/ اکر ڪيئن ٺهيو“.

دين محمد هن مضمون ۾ ’هه‘ اکر جي [ﮫ]  ۽ [ـهه] صورتن تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. اصل ۾ هيءَ تجويز، سنڌي زبان جي برک عالم ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي ڏنل آهي، جنهن بابت ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ بحث به ڪيل آهي، پر هتي دين محمد ڪلهوڙي اُن علمي مسئلي کي نهايت آسان طريقي ۾ سمجهايو آهي جو عام پڙهندڙ به بنا ڪنهن اٽڪ جي سمجهي وڃي ٿو.

دين محمد ڪلهوڙي سنڌي لفظن جي اصليت تي به بحث ڪيو آهي. هو ٽماهي ”مهراڻ“ جي شماري 1/ 2010ع ۾ لکي ٿو ته:

”اڳ ”ڇنڇر“ کي ”شرشر“ ڪري لکيو ويندو هو. ”شرشر“ جو پس منظر پاڻي آهي. حضرت موسيٰ عليھ السلام جي ڏينهن ۾ سندس اُمتي (يهودي) منع هوندي به سبت (ڇنڇر) جي ڏينهن تي، اٽڪل سان واهين ۽ اَڏُن مان مڇيءَ وارو پاڻي گذاري ڪنهن تلاءَ ۾ ڪٺو ڪري، ٻئي ڏينهن اُتان اها مڇي سولائيءَ سان ڦاسائيندا هئا. ”سبت“ جي ڏينهن پاڻيءَ جي ”شرشر“
وارو آواز اڳتي هلي لفظ ”ڇنڇر“ جو روپ اختيار ڪيو. قرآن پاڪ جي ”الاعراف“ جي آيت نمبر- 163 ۾ ان جو ذڪر آيل آهي. ان آيت سڳوريءَ ۾ پاڻيءَ لاءِ لفظ ”شرعاً“ استعمال ڪيل آهي. لفظ ”آچر“ اڳ عين (ع) سان لکبو هو. آرتوار (آرت + وار) اصل ۾ هندن (سناتن) جو ڌرمي تهوار آهي. هن ڏينهن تي پوڄاري پنهنجي ديوتا جي پوڄا پاٽ ڪندا هئا. لفظ آرت/ آرتي، انهيءَ پوڄا/ عبادت کي چئجي، جيڪا معمول مطابق ڪجي. ڪي پوڄاري ڏيئي سان ڪندا آهن، ڪي ڀڄن وغيره ڳائي ڪندا آهن، اسان مسلمانن ۾ وري مذهبي تهوار ”جمع“ آهي. جمع معنيٰ- مجموعو، گهڻائي، ميلو. اهڙو ڏينهن، جنهن تي مسلمان گڏ ٿي، اُن کي عيد طور ملهائينِ. لفظ ”اڱاري“ جي ”ڱ“ لاءِ’ک‘ حرف مٿان هڪ نقطو ڏنو ويندو هو ۽ ان مان ڱ جو آواز ڪڍيو ويندو هو. برطانوي دور ۾ اهڙيون تحريرون ملن ٿيون. لفظ ’منجهند‘ جي اوائلي صورت ’مجد‘ آهي. اهو وقت ڏينهن جي وچ وارو هوندو آهي، تنهنڪري ’مجد‘ پوءِ ڦري
’منجهند‘ ٿيو. ’صبح‘ جي پراڻي شڪل صبوه آهي، پوءِ صبوح، صبح ٿيو، ان مان ’صبحاڻي‘ لفظ ٺهيو. جديد لسانيات جي اصولن مطابق هاڻي هن کي ’سڀاڻي‘ لکيو وڃي ٿو.’سومهڻي‘ جي ابتدائي صورت ’سومهري‘ هئي. سومهري، سوموار يا سومر جي نسبت به هڪ ئي لفظ ”سوم“ سان آهي. ”سوم“ جي هڪ معني آهي- ٽي عدد ۽ ٻي معنيٰ اٿس- چنڊ“.

اينٿرا پالاجسٽ جي حيثيت ۾:

دين محمد ڪلهوڙي علم بشر (Anthropology) تي به ڪجهه قدر رنڊا روڙيا آهن. هن سنڌ ۾ رهندڙ اوائلي قبيلن ۽ انهن جي رهڻين ڪهڻين ۽ سندن حسب نسب تي به سائنسي انداز ۾ کوجنا ڪئي آهي، جا پڻ توجهه طلب آهي. هو سنڌ جي ابڙا، پنهور ۽ سانگي قبيلن جو گڏيل تقابلي جائزو وٺندي پنهنجي ڪتاب، ”قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)“ لکيو آهي ته:

”هنن ٽنهي قبيلن جي بودوباش ۽ طرز رهائش هڪجهڙي رهي آهي. مثال طور: ابڙا، پاڻيءَ تي ڪم ڪرڻ سبب يعني پوکي راهي ڪرڻ تي مٿن اهو نالو پيو. اهڙيءَ ريت ’پنهور‘ معنيٰ- پاڻيءَ وارو. هن لفظ جو اصل ڌاتو ”پنئر“ آهي، جيڪو پوءِ لساني ڦيرگهير سبب پهنور/ پنهور ٿيو. چوپائي مال يعني رڍ، ٻڪري تي ’پهون‘ نالو پوءِ پيو. ڇو ته چوپايو مال به اُتي ئي ڌاربو، جتي پاڻيءَ جي فراواني هوندي. اسان جي ٻهراڙين ۾ اڃا به ڪٿي لفظ ”پنئورو“ مروج آهي، جيڪو ماڻهو گهڻو وهنجندو آهي يا گهڻو پاڻي استعمال ڪندو آهي، ان کي ”پنئورو“ چئبو آهي. اهڙيءَ ريت چوپائي مال واري ماڻهو هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ چاري خاطر جُوءِ مٽائي، ته ٿيو ’سانگي‘ سانگ، معنيٰ ڳڻتي، فڪر، خيال.

 مشهور قبيلي ”کهاوڙ“ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:

”هيءُ اصل لفظ ”کوهه + آور“ آهي، يعني ”کوهه تان آيل“. هي ”کوهارو“ قبيلي جو هم زاد (I so to pe) آهي. هي ٻئي”ڪلهوڙا“ قبيلي جي شاخ آهن. ڪن اسڪالرن
”کهاوڙ“ جو ڌاتو ”ڪوهه + آور“ ڪڍيو آهي، اهو درست نه آهي. کهاوڙ، ڪلهوڙن جا خوني رشتيدار هئا، ان ڪري آخر تائين ڪلهوڙن جا طرفدار رهيا، اهو هڪ فطري جذبو آهي“.

چانڊيا، قبيلي تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته:

”هيءُ قبيلو، ڪنهن به صورت ۾ ٻاهران آيل نه آهي، چنه گهراڻي جي شاخ ڀانئجي ٿو. چنن جون به سمن ۽ ارغون دور ۾ سيوهڻ کان موجوده قنبر- شهدادڪوٽ ضلعن کان به اڳتي تائين حڪومتون ۽ بيٺڪون رهيون آهن. ”چچ نامه“ مطابق، عرب دور ۾ سندن وڏو ڪاڪو بن ڪوتڪ (ڪوتل) ٻڌايو وڃي ٿو. ان کان اڳ ۾ ”چاندني ٻائي“ انهيءَ علائقي جي حڪمران هئي. اڄ به قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي ۾ انهيءَ عورت جي نالي سان تاريخي آثار ملن ٿا“.

هو پنهنجي هڪ مضمون ”چاندنيڪو- چانڊوڪي- چانڊڪو“ ۾ وڌيڪ راءِ ڏئي ٿو ته:

”چانڊڪو لفظ، ’چاندني ٻائي‘ جي نالي جو بگاڙ آهي“. جتن لاءِ چوي ٿو ته: ”هنن لاءِ عام زد ڳالهه آهي ته هي اٺ پالڻ سبب ”جت“ ٿيا، پر اهو هڪ مفروضو لڳي ٿو. اٺ پاليندڙ کي ”اوٺي“ يا ”اوٺار“ چئجي. شاهه لطيفرحه به ”اوٺي“ ۽ ”اوٺار“ لفظ استعمال ڪيا آهن. جت، سنڌ جو هڪ وڏو ۽ نهايت قديم قبيلو آهي. هن تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ٿيڻ گهرجي“. سنڌ جي ڪلهوڙا خاندان لاءِ هو رچرڊ برٽن واري راءِ کي اهميت ڏيئي ٿو. رچرڊ برٽن، ڪلهوڙن کي ”چني پوٽا“ ڏيکاريو آهي. دين محمد، ڪلهوڙن ۾ عباسيت واري عنصر کي نه ٿو تسليم ڪري، هو چوي ٿو ته: ”عباسي عرب ۽ ڪلهوڙو نِج سنڌي قبيلو آهي.“

مطلب ته هن نوجوان محقق جا سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ آثار قديمه تي رايا، تبصرا ۽ خيال پنهنجي هڪ جداگانه حيثيت رکن ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جي نوجوان محققن کي گهربل پذيرائي ملڻ گهرجي، جيڪا نه ٿي ملي. جيڪڏهن دين محمد ڪلهوڙو سماجي طور ڪنهن اهڙي امير يا سڻڀي طبقي يا گروهه سان واسطو رکندو هجي ها يا سندس پي-آر مٿئين طبقي ۽ وڏن عالمن ۽ اسڪالرن سان هجي ها يا وري اڄ جي ڪمپيوٽرائيزڊ ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن سان لڙهه وچڙهه ۾ رهندو اچي ها، ته هن کي شايد وڏي پذيرائي ملي چڪي هجي ها، پر بدنصيبي اسان وٽ اها آهي ته اسان جا اديب، ليکڪ، محقق هڪ اهڙي پٺتي پيل سماج ۽ طبقي سان واسطو رکن ٿا، جن کي هر دور ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي. سندن ڳالهين ۽ خيالن جا مُنهن بَرَنِ ڏانهن ڪيا ويا آهن.

هن دور ۾ نوجوانَ ۽ خاص طور تي زندهه شخصيت تي لکڻ يا اُن جي حياتيءَ ۾، اُن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي روايت نه رهي آهي، جنهنڪري هن قسم جي عمل کي معيوب ليکيو وڃي ٿو، پر اسان وٽ ته جيئري ڪنهن کي ڀيٽا ڏيڻ بجاءِ اُن جي مُئي پڄاڻان وڏيون تقريبون ۽ پروگرام منعقد ڪجن ٿا. اصل ۾ اهي گهڻو ڪري پوءِ وارن فردن جون پنهنجي لاءِ هڪ قسم جون اڳتي وڌڻ لاءِ ڏاڪڻيون ۽ گس آهن. هيءُ مضمون، اهڙين روايتن کي ٽوڙي هڪ نئين روايت پيدا ڪرڻ جو ماحول يا راهه ٺاهي ٿو، جنهن کي اپنائڻ سان بهتر نتيجا نڪري سگهن ٿا.

دين محمد جي پي ايڇ.ڊي ڪرڻ ۾ رڪاوٽون:

دين محمد سان منهنجي شناسائي سال 2004ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي، هو ايم.فل (سنڌي) ۾ ڪورس ورڪ ڪري رهيو هو. اسان جي اُتي هڪٻئي سان ويجهڙائي ٿي، سيمسٽر جي امتحان کان پوءِ ڪجهه دوستن T.C ڪڍرائي، ڪراچي يونيورسٽيءَ جو رُخ ڪيو. دوستن اهڙي صلاح هن کي به ڏني، پر هن اهو عذر ڏنو ته هو سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ملازمت ڪري رهيو آهي، کيس اجازت نه ملندي. جن دوستن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي، سي جلدئي ڊاڪٽريٽ جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪري آيا، دين محمد، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪري نه سگهيو. دين محمد سنڌيءَ ۾ لغت نويسي تي مقالو لکي رهيو هو، جو هن سان هڪ اسلام آبادي پروفيسر وير رکي ڇڏيو. وير ڇو رکيو، اُن جي ته مون کي صحيح ڄاڻ نه آهي، البته مون کي ايترو ٻڌايائين ته اهو پروفيسر شايد پروفيسر محرم خان وگهامل جي ڪتاب ڇپائڻ تان چِڙي پيو هو. اهو ڪتاب بورڊ ۾ دين محمد جي ڪوششن سان ڇپيو هو، جنهن ۾ سندس چواڻي ته: انهيءَ پروفيسر صاحب کان مدد ملڻي هئي، پر اُن جي ڳرن مطالبن سبب، اهو ڪم سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ۽ عبدالحفيظ قريشيءَ کان ورتو ويو. انهيءَ ساڙ ۽ حسد سبب، دين محمد جي پي ايڇ.ڊي واري ڪم ۾ رڪاوٽون پئجي ويون، جو اهو پروفيسر سندس گائيڊ به هو ته آرٽس فيڪلٽيءَ جو ڊين به هو. سندس گائيڊ جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ 2012ع ۾ هن کي ”سنڌي نثري ادب جو فني اڀياس“ (1980-1932ع) عنوان مليو ۽ ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو سندس نئون گائيڊ مقرر ٿيو، تازو اپريل 2016ع ۾ ايم.فل جو فائنل سيمينار به ڪرايو اٿس. اڳتي ڏسجي ته وقت جا ڌڻي دين محمد سان انصف ڪن ٿا يا نه…

مددي ڪتاب ۽ رسالا

1.      ذاتي ڪچهري/انٽرويو

2.     ٽماهي ”مهراڻ“ جا پرچا.

3.     ”مهراڻ محمد ابراهيم جويو خاص نمبر“، معاون ايڊيٽر- دين محمد ڪلهوڙو.

4.     ماهوار ”نئين زندگي“ جا پرچا.

5.     تحقيقي جرنل ”ڪينجهر“ نمبر- 9.

6.     قنبر- هڪ اڀياس، مرتب- رياضت ٻرڙو، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر.

7.     قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)- دين محمد ڪلهوڙو، قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي.

8.     اُڀر چنڊ پس پرين، مرتب- دين محمد ڪلهوڙو. سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

9.     ”گل ڦل چونڊ ڪهاڻيون“، مرتب- دين محمد ڪلهوڙو، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو.

10. دادو ضلعو- هڪ اڀياس، ايڊيٽر- دين محمد ڪلهوڙو، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو.

11.   ماهوار ”گل ڦل“ انٽرويو نمبر“- سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

 

جشن لطيف

 (26- مارچ 2016ع تي قنبر ۾ شايانِ شان سان ملهايل تقرير جو اکين ڏٺو احوال)

رپورٽ: دين محمد ڪلهوڙو

 

تاريخ 26- مارچ 2016ع تي قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ايم.خان هال قنبر ۾ شاندار جشنِ لطيف ملهايو ويو، قنبر جيڪو علم، ادب ۽ شعور جي نرسري رهيو آهي، جتي ڪيترن سالن کان پنهنجي تاريخي ماڳن مڪانن سان گڏ اديبن، شاعرن ۽ انقلابي ڪردارن جا ڏينهن ملهائي، پنهنجي تاريخ کي هميشه زنده رکڻ لاءِ کين مڃتا ڏني ويندي آهي. اهو تسلسل 1974ع کان هلندڙ آهي، پنهنجي قوم ۽ ٻولي جي رکوالي شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي فن، فڪر ۽ شخصيت کي وڌيڪ مڃتا ڏيڻ لاءِ ۽ پنهنجي نسلن تائين لطيف جي حقيقي پيغام پهچائڻ لاءِ ان تسلسل کي برقرار رکندي عظيم عاليشان جشنِ لطيف ملهايو ويو.

پروگرام جي شروعات لطيف جي زندگي، فن، فڪر کي اسڪالرن، اديبن جي تحقيقي مقالن سان ٿي. جنهن جي صدارت سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر ۽ محقق جناب ڊاڪٽر ادل سومري ڪئي، جنهن ۾ مهمانِ خاص سنڌ جو ناليوارو اديب غلام اڪبر لغاري ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ اعزازي مهمانن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر احسان دانش، مشهور آڪريالاجسٽ سائين حاڪم علي شاهه بخاري، بهترين شاعر ۽ ڪالم نگار آزاد انور ڪانڌڙو، محترمھ گلنار تبسم، تعليمي ماهر محترم مختيار احمد سمون، جناب فياض عالم سولنگي ڊپٽي ڪمشنر، قنبر-شهدادڪوٽ ۽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو چيئرمن ڀائو درمحمد ٻرڙو شامل هئا.

پروگرام جي شروعات ڪلام پاڪ سان ٿي، جنهن کان پوءِ مهمانن کي ثقافت اجڪر اوڍايا ويا.

مقالن جي نشست جي شروعات محمد سليمان لطيف جي وائيءَ سان ڪئي، ان بعد، سنڌ جو مشهور مقرر ڊاڪٽر نذير احمد شيخ، لطيف تي ڳالهائيندي چيو ته: لطيف مظلوم قومن جي لاءِ هڪ روشني آهي، جدوجهد جي علامت آهي ۽ هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي اسان کي انقلاب آڻڻ جا بهترين گس ڏنا آهن.

آزاد انور ڪانڌڙي چيو ته: لطيف گذريل دور جو نه پر هن صديءَ جو به رهبر آهي، لطيف جيڪي ڏن ڏاکڙا پيش ڪيا آهن، اهي اڄ به ساڳئي ئي روپ ۾ اسان جي قوم سان لاڳاپيل آهن. ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته: لطيف هر مظلوم تي وڌيڪ قلم کنيو آهي، پر سڀني کان وڌيڪ هن عورت جي مظلوميت تي قلم کنيو آهي. ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته: لطيف کي بين الاقواميت واري پرک تي اڃا دنيا جي عالمن کي خبر نه آهي ڇو نه رکيو آهي، جڏهن ته لطيف پنهنجي مظلوم قوم جي ايتري ته بهتر نموني ترجماني ڪئي آهي، جنهن آڏو دنيا جا ڪيترائي وڏا شاعر ننڍا محسوس ٿين ٿا. جناب فياض عالم سولنگي ڊپٽي ڪمشنر قنبر- شهدادڪوٽ جن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته: سمورا باشعور پڙهيل سنڌي ماڻهو لطيف جي رسالي کي پاڪ ڪتاب جيان پوتيون ويڙهي پنهنجن ڪٻنٽن ۽ المارين ۾ محفوظ ڪري صرف نه رکن، پر ان کي پڙهن، پرجهن ۽ پنهنجي ستل قوم تائين لطيف جو پيغام پهچائين. اڄ اسان کي لطيف جي فڪر کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. تعليمي ماهر جناب مختيار احمد سمي چيو ته: ڪي شخصيتون قومن جون سڃاڻپ ٿينديون آهن، ڪي ملڪ شخصيتن جي سڃاڻپ ٿيندا آهن. اسان وڏا خوشنصيب آهيون ته اسان جي قوم جي سڃاڻپ شاهه لطيف جي روپ ۾ هڪ عظيم شاعر ۽ فلسفي آهي، جنهن تي اسان کي فخر آهي.

پاڪستان ۾ صوفيت تي ڪم ڪندڙ اسڪالر محترمھ گلزار تبسم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته: لطيف منهنجي خون ۾ شامل آهي، ڇو ته هو صوفي شاعر آهي. اسان ٻي دنيا جي ماڻهن جا مثال فخريه طور کڻون ٿا، پر پنهنجي شاعرن ۽ شخصيتن کي متعارف گهٽ ٿا ڪرايون. مان افسوس سان چوان ٿي ته پنجاب ۾ صوفي نظريي کي ڄڻ ته ختم ڪيو ويو آهي، پر مان وڏي خوشي ٿي محسوس ڪريان ته سنڌ ۾ صوفيت کي هر طرح بچائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مشهور آرڪيالاجسٽ سائين حاڪم علي شاهه بخاري خطاب ۾ چيو ته: لطيف کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهريائين ان دور جي سماج کي سمجهڻو پوندو. ڇو ته ڀٽائي همه گير پروگرام حوالي طور استعمال ڪرڻ گهرجي. سوسائٽي تبديل ٿي رهي آهي، جنهنڪري ان جا قدر به مٽجن ٿا، اسان لطيف پڙهندڙ عالمن ۽ اديبن کي اها ڳالهه سڀ پهريائين سمجهڻ گهرجي.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد خطاب ۾ چيو ته: جڏهن لطيف جهڙي عظيم شاعر جي زندگيءَ تي پروگرام ٿين ته انهن پروگرامن ۾ لطيف تي مڪمل سڀ پاسا لکي کڻي اچڻ گهرجن، مختصر ڳالهين ۽ تقريرن ۾ لطيف جي هستيءَ سان انصاف نه ٿا ڪري سگهون. انڪري مان پنهنجو لکيل مضمون پڙهندس ڇو ته اسان اديبن ۽ عالمن جو ڪم عظيم ڪردارن سان انصاف ڪرڻ آهي.

جناب غلام اڪبر لغاري ڪمشنر لاڙڪاڻي جن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته: شاهه عبداللطيف زندگيءَ جو شاعر آهي، لطيف جو آئڊل انسان آهي، لطيف فقط روحاني راز نه ٻڌائيندو هو پر لطيف عام انسان کي نئون ۽ غير معمولي انسان بنجڻ جي لاءِ پنهنجي شاعريءَ جو سهارو ورتو آهي، شاهه لطيف فرد جي اهميت ۽ ان جي ڪردار کي تمام وڏي وسعت ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو سندس ڪم بي مثال عظمتن سان مالامال آهي.  لطيف ڪنهن مخصوص ماڳ مڪان ۽ شهر جي ڳالهه نه ڪئي آهي، پر هن سڄيءَ دنيا جي ڳالهه ڪئي آهي. اسان لطيف جي رسالي کي مذهبي تحفو سمجهي امانت ۾ محفوظ ڪري نه رکون، پر پنهنجي ايندڙ نسلن جي امانت سمجهي انهن تائين سندس ڏنل پيغام کي پهچايون. ڊاڪٽر ادل سومري صدارتي خطاب ۾ چيو ته: لطيف اهو عظيم شاعر آهي، جنهن کي پهريان ڪتابن جي جلدن ۾ نه محفوظ ڪري رکيو ويو، پر لطيف ماڻهن جي دلين ۽ دماغن ۾ زندهه رهيو. لطيف وڏو آرٽسٽ هو. جنهن عورتن جي مظلوميت کي سمجهندي مردن جي برابري وارو نڪته نظر ڏنو آهي. آخر ۾ جشنِ لطيف پروگرام جو اهتمام ڪندڙ ڊسرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو چيئرمن ڀائو درمحمد ٻرڙي آيل مهمانن جو شڪريو مڃيندي چيو ته: عظيم قومون پنهنجي عظيم شاعرن، انقلابي ڪردارن کي هميشه ياد رکنديون آهن، ان لاءِ پنهنجي لکتن ۾ ان کانسواءِ پنهنجن مختلف قسمن جي ڪچهرين ۽ پروگرامن ۾ پنهنجن هيرن پنهنجي دودن جي مختلف روپن ۽ اندازن ۾ ڏاهپ ۽ بهادريءَ جا ڪردار پيش ڪري، پنهنجي ايندڙ نسلن تائين سچن تاريخي ڪردارن کي ڀيٽا پيش ڪندا آهن. اسان قنبر واسين به ان تسلسل کي هميشه برقرار رکندي اهڙائي پروگرام ڪري پنهنجن عظيم هستين کي پذيرائي ڏيندا آيا آهيون. گهڻي وقت کان پوءِ اڄ جشنِ لطيف، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عظمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ملهائي رهيا آهيون، جنهن ۾ هيڏي وڏي تعداد ۾ مردن سان گڏ عورتن جي شرڪت کي ڏسي اهو احساس ٿيو آهي ته اسان لطيف جي آئيڊل ۽ سورمين عورتن تائين سندس ڏنل پيغام پهچائڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون.

اسان وڏا خوشنصيب آهيون جو اسان وٽ وڏي تعداد ۾ ماڻهو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ شخصيت کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت، اسان جي لاءِ اڳتي ڪنهن وڌي تبديليءَ جو اهڃاڻ آهي، ان وس وارن کان گهر ڪندي چيو ته: منهنجي ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جي هيڊڪوارٽر شهر قنبر کي ضلعي هيڊڪوارٽر شهر واريون سموريون سهوليتون ڏيڻ گهرجن، جنهن ۾ تعليم، صحت، صفائي، روڊن رستن سان گڏ هتي تفريح جي لاءِ وڏا تفريح گاهه ٺهرائي ڏنا وڃن. هتان جي ماڻهن کي بهتر ماحول ڏيڻ لاءِ ادبي، ثقافتي ۽ سماجي بهتريءَ وارا باقاعده ادارا ٺاهي ڏنا وڃن جهڙوڪ: ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي آفيس، ڪلچرل هال، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جهڙا ادارا ٺاهي ڏنا وڃن، جيئن اسان جو نسل اجايو وقت ڪنهن هوٽل ۽ غير ضروري گيمن تي نه وڃائي پر پنهنجو وقت بهترين تعليمي ۽ تربيت، صحت ٺاهڻ وارن ادارن ۾ مصروف رکن. مان اميد ٿو ڪريان ته اسان جو بهترين عظيم دوست ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر صاحبان ان پاسي خصوصي توجهه ڏيئي جلد هتي لائبريريون ۽ ٻيا ثقافتي ادارا جوڙڻ جون ڪوششون وٺندا. سنڌ مان ڪهي آيل سمورن اديبن، عالمن، شاعرن خاص ڪري شرڪت ڪندڙ عورتن جن هن پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، انهن سمورين آيلن جو ٿورائتو آهيان، ان کان پوءِ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙن شخصيتن کي مڃتا اوارڊ ڏنا ويا. اوارڊ تقريب کان پوءِ مشاعرو منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت سنڌ جي نامور شاعر سرمد چانڊئي ڪئي، آخر ۾ محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ فنڪارن، لطيف کي پنهنجي فن سان ڀيٽا پيش ڪري داد حاصل ڪيو، رحمت ميرالي، زاهد شيخ، برڪت علي گوپانگ، شبانه سورٺ داد حاصل ڪيو، هن پروگرام ۾ وڏي تعداد ۾ شاعرن،ا ديبن ۽ عورتن شرڪت ڪئي.

 

 

قديم آثار

سيد حاڪم علي شاهه بخاري

 

هڪڙن لکڻ پڙهڻ وارن دوستن جو خيال آهي ته قديم آثارن تي ايڏو توجهه، محنت ۽ خرچ ڪرڻ نه گهرجي، پر ماڻهن جا ٻيا اهم مسئلا آهن، جيڪي حل ڪرڻ گهرجن، ٻين ساٿين جي راءِ آهي ته قديم آثارن ان کان به وڌيڪ لهڻن، پنهنجي پنهنجي سوچ آهي. آثار قديمن تي سڄي دنيا جي ملڪن جو ڌيان انهن ٻنهي متضاد خيالن جي صفائي لاءِ ڪافي آهي. چون ٿا ته قديم آثارن کان خالي پرڳڻا/خِطا ائين آهن جيئن يادگيريءَ جي صلاحيت بنا ڪو شخص، بهرحال دنيا جو ڪوبه خِطو، سواءِ ريگستانن جي شايد اهڙو هجي جنهن  ۾ قديم آثار نه هجن، ڪن هنڌن تي ڇڊآ ڪِن تي گهاٽا، ڪِن تي سٺا ڪِن تي سادا، ڪِن تي وڌيڪ ڪهنا ڪِن تي گهٽ، پر انهن آثارن جو هر ملڪ کي ٿورو ٿڪو قدر آهي، ۽ ان جي سنڀال به ٿئي ٿي.

آثارن جا عام طور ٽي قسم آهن: زندهه يا اڏيل. آثار، دڙا، ڦِٽل آثار ۽ نوادرات يا وَٿون قديم آثار ڪنهن به سرزمين لاءِ تحقيق جو مکيه عنصر ٿين ٿا، انهن جي ڳوڙهي اڀياس سان خطي جي ثقافتي، تاريخي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو اندارو ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت ملڪي تاريخ جو مڪمل رڪارڊ اڳيان اچي ٿو. اسان وٽ اهڙي قسم جي تحقيق جو ڪم نه ٿيو آهي. پر ٿيڻ گهرجي.

هاڻي جيڪڏهن اهي پس منظر ۾ قديم (سنڌو) جي اٽڪل ڏهه سهسر (هزار) سالن کان وٺي هڪ سو سال اڳ تائين جو پورو منظر ڏيکاريندڙ تصوير تي نظر ڪبي ته اها دنيا جي قديم تهذيبنجي برادري ۾ چمڪندڙ نظر ايندي. ڀلا جي موجوده سنڌ صوبي جو گهڻ پاسائون پر ننڍي پيماني وارو نمونو ڏسبو ته به سڄي تاريخي ثقافتي ورثي جا بوقلموني رنگ روپ به ڏسي سگهبا. سنڌ جا ننڍا ننڍا ڀاڱا به پنهنجي قديمي تاريخي سڃاڻپ جا حامل آهن. مثال طور سنڌ جي اُتر اوڀر واري اڇڙي ٿر جا سنڌوسلطنت جي اوج ۽ ڦِٽڻ واري دور جا آثار هاڪڙي ۽ گهگهر جي ڦٽل ڪنارن سان هلندي سنڌ جي اُتر اوڀر ۽ اوڀر ڏکڻ ۾ ٿرپارڪر جي حدن تائين روهڙي وارا آثار روهڙي جي ٽڪرين تي پٿر جي پراڻي کان نئين دور جا آثار ڏکڻ پاسي بدين ۽ آسپاس ۾ اسلامي دور جي آثارن سان سلسله ۽ ٺٽي ۽ انجي ڀر ۾ تاريخ جي وچين دور جي پڇاڙي وارا اسلامي دور جا مثالي آثار ۽ جابلو ٽڪرين تي قديم پٿر سان لاڳاپيل ماڳ ڪراچي ۽ ڪوهستان ۾ سنڌو سلطنت جي اوسر اوج ۽ پڇاڙي وارن آثارن جا اهڇاڻ، وچولي سنڌ ۾ هر قسم جا آثار جن جو وڏو حصو شايد درياهه برد به ٿي ويو هجي ۽ اولهه طرفف ڪاڇي ۽ ڪڇي جي آثارياتي ڌنڪ جنهن ۾ اهي آثار به آهن. جن سان سنڌو جي ثقافتي سنگها به لاڳاپيل آهي تنهن کان سواءِ کيرٿر جبل جي ڪن نين جي پاڻيارن/لڪن جي ڀرن/ڪنڌين ۽ ڇُڙڪيل چپن تي اُڪريل نوان پراڻا نقش ۽ علامتون به ڪن تاريخي دورن سان لاڳاپيل ڀاسن ٿيون ۽ اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود به آهن، پر هڪ اندازي موجب زري گهٽ اوترائي يا ڪافي آثار ٻڏي، ڊهي، دٻجي ۽ والارجي به ويا آهن، جيڪي بچيا آهن سي به ناظرن جي نظر ۾ ناڻي جيان هرڪائيندڙ آهن، ٻيو جي ڪجهه به نه ٿيو ته قبرستان ٿي ويندا. سموري ورثي کي سهيڙي تاريخ کي روشني/روپ سان ملائي جي ڪو تزڪ تيار ڪجي ته اهو نه رڳو اسان لاءِ پر شايد سڄي دنيا لاءِ نظير/نمونو هوندو. رڳو ڪاڇي ۽ ڪڇي کي ڏسو، اڄڪلهه هي علائقو سنڌ جي خاص ڪري وچولي سنڌ جي نسبت گهٽ آباد رهيل پر قديم آثارن کي ڏسي به سمجهي وڃبو ته هي خطو ڪنهن سمي سماجي طور وڌيڪ سکيو ۽ سهنجو هو. هي پرڳڻو سنڌو درياهه جي اولهه ڪناري واري ڪچي جي پٽي کي ڇڏي اولهه وارن جبلن (سليمان، کيرٿر ۽ بروهڪن) تائين پکڙيل آهي ۽ هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪن حصن تي ٻڌل آهي. ماهرن وٽ هي خطو سنڌو ثقافت ۽ پوءِ سلطنت جي سرج جو سبب آهي. حقيقت ۾ هتي ٻن طبعي/ڀوننروارڪ مٿاڇرن جو ميلاپ ٿئي ٿو. اولهه وارا جابلو مٿانهان پٽ ۽ انهن جبلن جي اوڀرندي هيٺاهان ساڪر وارا پٽ هتي گڏجي جيڪي طبعي حالات پيدا ڪن ٿا سي مختلف جيون ڏسائي ماحول جي ڪري ثقافتي عمل کي تيز ٿيڻ ۾ ٿٿي ڏين ٿا. آبهوا جي موسمي تفاوت ۽ زمين جي هڪ طرف کان فرق سبب ٻنهي طرفن جا گاهه، پوکون، وڻ، ٻوٽا ساهوارا، بارشون ۽ نين جا وهڪرا مختلف ٿين ٿا، ماڻهن جي هڪ طرف کان ٻئي طرف لڏپلاڻ سبب سماجي ثقافتي معاشرتي، اقتصادي، نسلي، فڪري، مٽاسٽا ۽ زندگي بخش حالتون اڳتي وڌڻ لاءِ آساني پيدا ڪندڙ هيون، انڪري ئي شايد هن هنڌ (هن وقت تائين جي تحقيق موجب) مهرڳڙهه جي دور ۾ سنڌ جي سڀ کان آڳاٽي بستي آباد ٿئي ٿي ۽ ان جي ڀر ۾ اوڀر طرف نوشيرو، پيرڪ وغيره ثقافتي ماڳن جي سلسلو سمجهه ۾ اچي ٿو. ڪڇي کان ڪاڇي تائين آثارن جا سلسله سنڌو تائين پهچندي تهذيب جي روپ وٺن ٿا. ڪاڇي ڪڇي جي انهي ثقافتي واڌ ۽ پوءِ تهذيب کان، وارين حالتن سبب آباد بستين جا آثار وري سڀ کان وڌيڪ ۽ ڪنهن حد تائين بهتر حالت ۾ انهي خطي ۾ وڌيڪ آهن جيڪو اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل هو پر ڪجهه سال (2004ع) اڳ ان جي اولهه وارن تعلقن کي ملائي قنبر- شهدادڪوٽ نالي هڪ نئون انتظامي ضلع جوڙيو ويو آهي.

گذريل صدي (ويهين) جي نوي واري ڏهاڪي ۾ مان (ليکڪ) ساڍا ٽي سال کن موهين جي دڙي تي ڪنزويشن سيل جو ڊائريڪٽر هئس (1995ع تائين) ان وقت مون لاڙڪاڻي جي ڪن دوستن (ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو، مرحوم هدايت منگي، شعيب علي منگي، رميش لال پارواڻي، مرتضيٰ ڪلهوڙو، علي شير رونگهو، مان ڪن سان رلجي هر موڪل جي ڏينهن لاڙڪاڻي ۽ ان جي ڀرپاسي (دادو، شڪارپور ضلعي) وارن آثارن ڏسڻ لاءِ وڃبو هو. حقيقت ۾ ان وقت جيڪو ڪم ٿي سگهيو ان ۾ آثار ڏسڻ، تصويرون ڪڍڻ، پتو لکڻ ۽ ڪي مٿاڇري تي پيل وٿون کڻڻ شامل هو. گڏوگڏ نيت اها به هئي ته گڏ ڪيل وٿن جو اڀياس ڪري انهن جي ڄمار جو اندازو ڪبو، پر پوءِ وارين حالتن ۾ اهو ٿي نه سگهيو. هونئن به ڪنهن ماڳ جو سڄو ۽ صحيح ڪاٿو ڪرڻ ممڪن نه آهي. بعض/ڪن دڙن ۾ ويهاري کان مٿي ثقافتي تهه به هوندا آهن ۽ هر ڪو تهه جدا جدا ثقافت جي نمائندگي ڪندو آهي ۽ وري ڪن حالتن ۾ رڳو ٻه تهه هوندا آهن پر انهي جي وچ تي طبعي تهه جو خال هوندو آهي، انڪري انهن ٻن تهن جي وچ ۾ هزار کن يا ڪجهه گهٽ وڌ عرصو گذري چڪو هوندو آهي، انڪري ڪنهن دڙي جي عمر ٻڌائي سگهڻ لاءِ ان جي آخري (هيٺين) تهه تائين کوٽائي ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. تنهنڪري ............ کان ..................... تائين جيڪي ................ آثار اسان رڪارڊ ڪيا، انهن بابت وڌيڪ تفصيلي ڪم ٿيڻ ضروري آهي، يعني گهٽ ۾ گهٽ هر آثار تي تجرباتي کڏا کوٽڻ گهرجن. باقي سرسري طور ۽ سطحي طور اندازو آهي ته هنن ۾ ڪو ڪو سنڌو سلطنت، چند سنڌو تهذيب جي ڦِٽڻ بعد، اڪثر هندو- ٻڌي دور ۽ وڌيڪ اوائلي اسلامي ۽ باقي ڪلهوڙا ۽ ٽالپوري، برطانوي دور جا آثار آهن. ظاهري آثارن ۾ ٻڌمن (ٻڌيه) جا ٺلهه آهن. جيڪي اڄ به بيٺا آهن، هڪڙا ٺُلهه جيڪي اڳوڻن آثارن جي مٿان اڏيل هئا سي ڪچا هئڻ سبب ڪِري پيا، پر انهن جي پيڙهه واري مٽي جا نشان اڪثر آثارن جي چوٽي ظاهر نظر پئي آيا.

منهنجي خيال هي پيچيدو آثارياتي نمونو رڳو هن خطي ۾ رهجي ويو آهي جنهن کي نستونگيءَ سان وڙولي تقريبن سڀ مسئلا نبيري سگهجن ٿا.

مصور جمال ٻرڙو

عهدا نه، باڪردار ماڻهو گهرجن

 

اُتر سنڌ جي مشهور شهر قنبر ۾ ڏهن سالن کان نئين نسل کي علمي جاڳرتا جي آگاهي ۽ آبياري ڪندڙ شعوري مرڪز ”ڀائو درمحمد ٻرڙو ٽرسٽ لائبريري قنبر“ جتي روزانو اديب، شاعر، استاد، صحافي، سماجي ورڪر ۽ شاگرد سَوَن جي تعداد ۾ اچي پنهنجي پسند جي موضوعن تي، غير حاضر اديبن، شاعرن ۽ قلمڪارن سان ملاقاتون ڪري، سندن تجربن جي نچوڙ علم (ڪتابن) مان لاڀ پرائي، پنهنجي علمي اُڃ اجهائيندا رهن ٿا.

”ڀائو درمحمد ٻرڙو ٽرسٽ لائبريري“ جي ثقافتي هال ۾ اڄ يعني 17 آڪٽوبر 2015ع تي ڪيترائي نالي وارا اديب، شاعر، سماجي ورڪر، صحافي شاگرد ۽ علم دوست وڏي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. ڇو ته اڄ ٽرسٽ طرفان تنقيد نگار، ادب جي دنيا ۾ منفرد اديب، سيلاني، علم نفسيات جي ڄاڻو، قوم، ڌرتي ۽ ٻوليءَ جو عاشق، فنڪارن، ڪتابن، ٻارڙن، گلن ۽ باڪردار باعمل انسانن سان، بيحد پيار ڪندڙ، ڪيترن ئي ڪتابن جي خالق، سدا ملوڪ انسان، پنجن ضلعن جي ڪمشنر لاڙڪاڻو سائين غلام اڪبر لغاري صاحب جن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو هو.

ثقافتي هال ۾ پروگرام جو اهتمام ڪيو ويو هو. اسٽيج مٿان پينافليڪس بينر تي غلام اڪبر لغاري صاحب جي تصوير سان گڏ قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي جي ڊي.سي انوارالحق صاحب، جيڪو ضلعي جي عوام جي بهتريءَ لاءِ قدرتي تحفو آهي. قنبر ضلعي واسين کي ڏهن سالن ۾ پهريون انسان دوست ڊي.سي مليو  آهي. ان جي تصوير سان نمايان نظر اچي رهي هئي. بينر ڏسڻ تي، استاد بخاريءَ جون هيءُ سٽون ياد اچي ويون:

جو قوم جيئاري، سو جيئندو رهندو،

جو عام اجاري، سو جيئندو رهندو،

مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ،

جو سنڌ سنواري، سو جيئندو رهندو.

ثقافتي هال جي ڀتين تي هڪ پاسي ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جي تاريخي ماڳن، مڪانن جون تصويرون لڳل هيون. جيڪي نئين ضلعي جي هزارين سال پراڻن تاريخي يادن کي تازو ڪري رهيون هيون. ٻئي پاسي ڏانهن، علم ۽ ادب جي خدمت ڪندڙ اديبن، شاعرن، سماجي، سياسي، تاريخي ڪردارن جون تصويرون لڳل هيون، جي ضلعي جي ادبي عظمت کي وڌائي رهيون هيون. مان پنهنجن وڏڙن جي محنتن، محبتن، عظمتن جا تاريخي ڪارناما ۽ وڻندڙ منظر، ڏسي رهيو هئس ته اوچتو ”مهمان اچي ويا“ جي آواز، منهنجو ڪالهه جي تاريخي ڪردارن تان ڌيان هٽرائي، اڄ ۽ سڀاڻي جي تاريخي ڪردارن ڏانهن توجهه ڇڪرائي ڇڏيو.

غلام اڪبر لغاري صاحب (ڪمشنر لاڙڪاڻو) ساڻس گڏ قنبر ضلعي جو علم ۽ انسان دوست ڊپٽي ڪمشنر جناب محمد انوارالحق صاحب جن لائبريريءَ ۾ پهريون ڀيرو آيا. سهڻي مين گيٽ، ڪشادو وڻندڙ آڳنڌ، نيوز روم، ريڊنگ روم ۾ رکيل هزارين ڪتابن ۽ پڙهندڙ نوجوانن کي ڏسڻ کان پوءِ ڏاڪڻ چڙهي، پهرين ماڙ تي لائبريري ۾ رکيل مختلف موضوعن تي هزارين بهترين ڪتاب ڏٺا، علم دوست سائين غلام اڪبر لغاري صاحب جي مرڪندڙ چهري تي خوشي ۽ اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي ويئي ۽ پاڻ چوڻ لڳا ته: ”مون سمجهيو هو ته لائبريري ننڍڙي هوندي، پر هيءَ ته تمام سهڻي ۽ هزارين اعليٰ آدرشي ڪتابن سان ٽمٽار آهي. لائبريري مون به ٺاهي پر اها ذاتي آهي ۽ هن کان ننڍڙي آهي. هيءَ ته پبلڪ لاءِ عام لائبريري آهي. ههڙي مثالي لائبريري ٺاهڻ تي، ڀائو در محمد کي جس ٿو ڏيان.“ آفيس جو ڪمرو، يورپي ادب جو ڌار هال ڏٺو. اُن هال ۾ انگلش، ناول، ڪهاڻين، ٻارڙن جي لٽريچر سان گڏ، هسٽري، لينگئيج ۽ جديد انگلش لٽريچر ڏٺائين ته ڪيترو ئي وقت بيٺو رهيو، پوءِ ٻي ماڙ جي ’ڪلچر هال‘ ۾ ويٺل شاگردن، استادن، سماجي ورڪرن ۽ صحافين سان بي انتها پيار ۽ خلوص سان مليو جيڪي سندس انتظار ۾ ويٺل هئا. هن هال ۾ ٺهيل اسٽيج تي جديد علم ۽ ادب جي ڄاڻ جي کاڻ سائين غلام اڪبر لغاري صاحب، ان جي ڀرسان قنبر جو ڊي.سي محمد انوارالحق صاحب ويٺل هئا. هن صاحب جي اچڻ سان ضلعي ۾ ڪرپشن ختم ٿي وئي آهي. قبضا مافيا غائب ٿي ويئي آهي. ڊيوٽي چور، ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڪن پيا ۽ ٻين ضلعي آفيسرن ۽ ٽي.ايم.او جي ظلم کان عوام ۽ شهرين کي بچايو آهي. بجيٽ کائيندڙ، سياسي دٻاءَ ۾ غلط ذاتي مفاد حاصل ڪندڙن، عوام جو رت چوسيندڙ ڄورن کان سرڪاري آفيسون خالي ڪرايون آهن. مطلب ته ضلعي ۾ پهريون ايماندار ۽ علم دوست ڊي.سي آيو آهي. ڊي.سي صاحب جن جي ڀرسان قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي جو باني، عوام ۽ شهر جو حقيقي آواز ۽ وارث، پنهنجي نسلن کي علمي جاڳرتا ڏيندڙ، قنبر جي علم ۽ شعور جو باغبان ۽ مالهي ڀائو در محمد ٻرڙو ويٺل هو.

سامهون ٽنهي مثالي ڪردارن کي اسٽيج تي ويٺل ڏسي سمجهدار ماڻهو گدگد ٿي، اهو چئي رهيا هئا، ته گهڻي وقت کان پوءِ پهريون ڀيرو عظيم ڪردارن کي اسٽيج تي ويٺل ڏٺو آهي، نه ته اڪثر اسٽيجن تي ماڻهو گهٽ، پر عهدا وڌيڪ ويهندا آهن.

هال ۾ ويٺل باشعور ماڻهو مُرڪندي مُرڪندي دلي طرح تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا. ڪو گل ڪشمير جي واديءَ جو هو، ڪو گل دادوءَ جي سحرا جو هو ۽ ڪو گل قنبر جي کيرٿر جي چوٽيءَ جو هو. انساني ڪردارن جي مختلف رنگن ۽ خوشبودار گلن جو گلدستو هو. احساس رکندڙن لاءِ ڄڻ ته ڪو وڏو انساني عظمتن جو تحفو هو.

ڀائو در محمد ٻرڙي آجياڻي جي تقرير ڪندي چيو ته: ”مان تمام گهڻو خوش آهيان جو اڄ مون وٽ علم، ادب، انسانيت ۽ ماڻهپي جا ڪردار هلي آيا آهن، جيڪي منهنجي نسلن سان گڏوگڏ پنهنجي شهرن ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ آهن. هنن جو عمل ۽ ڪردار، اسان لاءِ باعث خوشي آهي. سندن اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته: ضلعي کي ٺهي ڏهه سال ٿيا آهن پر هن وقت تائين ضلعي هيڊ ڪوارٽر قنبر شهر، جنهن جي آدمشماري چار لک آهي، جنهن ۾ نوجوان ستر هزار رهن ٿا. انهن لاءِ ڪوبه تفريح گاهه، راندين جو گرائونڊ، نه وري ڪو وڏو باغ يا ثقافتي هال آهي، جنهن ۾ هُو ڪي ثقافتي پروگرام ڪرائي سگهن. ٻاهران آيل مهمانن جي رهائش لاءِ سرڪاري طرح ڪوبه سرڪٽ هائوس، ريسٽ هائوس يا ڪا يوٿ هائوس ٺهيل نه آهي. علم جي حوالي سان نه پبلڪ اسڪول، نه ڪو فوجي فائونڊيشن اسڪول، نه وري ڪا يونيورسٽي ڪئمپس آهي. هن ايڪويهين صديءَ ۾ به اسان جو نسل، سٺي ۽ صحتمند تعليم کان محروم آهي. هيءُ هر طرح پوئتي پيل سنڌ جو مثالي ضلعو آهي. هن ضلعي جي تعليم وڌائڻ سان ئي سمورا ڏوهه گهٽجي سگهن ٿا، ۽ اسان جو عوام سماجي، سياسي، مريدي خادمي ۽ هر طرح جي غلاميءَ مان آزاد ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته مان ڊي.سي صاحب کي عرض ڪندس ته هن ضلعي جي ستن ئي تعلقن ۾ تعليم تي خصوصي ڌيان ڏين ۽ لائبريريون ٺهرائي ڏين ۽ ساڳي ڳالهه ڪمشنر صاحب جن کي به چوندس ته هو پنجن ئي ضلعن جي سمورن تعلقن ۾ لائبريريون ٺهرائي ڏين ڇو ته لائبريريون، غريب شاگردن جي اڳتي وڌڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪنديون آهن. لائبريريون هر طرح جي انتها پسنديءَ کي ختم ڪرڻ جو بهترين هٿيار آهن. هن چيو ته تعلقي قنبر سان تعلق رکندڙ ڪتي جي قبر تي سهڻو تفريح گاهه ٺهرايو وڃي. هن ضلعي جي تيل ۽ گئس ڪمپنين کان عوام جو قانوني حصو وٺي اها رقم تعليم، صحت ۽ تاريخي ماڳن، مڪانن ۽ ثقافت جي واڌاري تي خرچ ڪئي وڃي. بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ سيمينٽ ۽ پاٺي جو ڪارخانو لڳرايو وڃي. ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ سي.اين.جي لڳرائي وڃي، قنبر شهدادڪوٽ ويگن سروس بحال ڪئي وڃي. سٽي سروي آفيس قنبر جو رڪارڊ سڙي ويو هو، ان ڪم تي 8 سالن کان ڪو آفيسر مقرر نه ڪيو ويو آهي اتي آفيسر مقرر ڪري، شهرين جو مسئلو حل ڪيو وڃي. ڀائو درمحمد وڌيڪ چيو ته: آءٌ ٻنهي بهترين ۽ عظيم ڪردارن سان پيار مان حُجت ڪندي گُهر يا گذارش ٿو ڪريان، ته اهي مسئلا جلد حل ڪيا وڃن، ڇو ته سڀاڻي ڪنهن نه ڏٺو آهي، اوهين هتي نه هجو، ٻيا الائي ڪهڙا آفيسر اچن، شايد اهي اسان جي هڪ به نه ٻڌن ۽ اسان وري چاليهه سال، توهان جهڙن انسانن جو انتظار ڪندا رهجي وڃون!

ڀائو درمحمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري ۾ رکيل ڪتابن جو ڏيک

جناب غلام اڪبر لغاري صاحب ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن، پنهنجي خطاب ۾ چيو ته: ”اڄ قنبر ۾ هيءَ مثالي لائبريري ڏسي، مون کي بي انتها خوشي ٿي آهي، ته ڀائو در محمد ٻرڙي هٿين خالي هوندي به پنهنجي نسل کي، پنهنجي شهر کي، تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. اصل قومن جا هيرا اهڙائي ڪردار هوندا آهن، جيڪي پنهنجون ذاتي خوشيون ۽ مفاد ختم ڪري ٻين جي لاءِ مرندا ۽ جيئندا آهن. اهڙا مثالي ڪردار هميشه قومن جو سرمايو ٿي رهندا آهن ۽ ڪڏهن به نه وسارڻ جهڙا، تاريخي ڪردار هوندا آهن.“ هن وڌيڪ چيو ته: ”هتي هيڏي وڏي لائبريري قائم ڪري، هلائڻ ڪا ننڍڙي ڳالهه نه آهي، پر تمام وڏي ڳالهه آهي، تمام وڏو عمل آهي. مان ڄاڻان ٿو ته ڀائوءَ کي هن خدمت ڪرڻ تي، ڪيترا ڀيرا ڊاهيو ۽ ساڙيو ويو هوندو. هتي چڱائي ڪندڙ سچي انسان کي ڏنڀ ڏنا ويندا آهن، ڪي ئي ڪوڙا الزام هڻي، انهن کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ڀائو ٻرڙي جو هن ماحول ۾ ڄمي بيهڻ، نه هٽڻ، عظمت جي نشاني آهي. ڀائو در محمد ٻرڙو اسان جي هن دور جو عظيم مثالي ڪردار آهي. ڀائو منهنجي آئيڊيل شخصيت آهي. مان، کيس سلام ڪريان ٿو.“ هن چيو ته: ”اڄ ڪير آهي جيڪو هن لوڀي جهان ۾ پئسي ۽ پاور جي ڪڍ نه هجي، پر پنهنجي پيڙهي کي علم جون روشنيون ڏئي، مان قنبر ۽ ڀائو درمحمد ٻرڙي کي هڪٻئي کان ڪڏهن جدا نه سمجهيو آهي. قنبر- ڀائو درمحمد ٻرڙو آهي ۽ ڀائو درمحمد ٻرڙو معنيٰ قنبر. ڀائو در محمد ٻرڙو قنبر جو ۽ سنڌ جو هڪ مثالي ڪردار آهي. هن جهڙا ڪردارَ، سنڌ جي هرهڪ شهر ۾ پيدا ٿين، ته سڄي سنڌ روشن ٿي سگهي ٿي. مان توڙي جو آفيسر آهيان، پر پوءِ به هيڏي وڏي لائبريري ٺاهي ناهيان سگهيو. مون جيڪا لائبريري ٺاهي آهي، اها هن کان ننڍي آهي ۽ ٻيو مون ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جو اسڪول کوليو آهي، پر اُن ۾ جيڪي مون تي الزامن جا تير هنيا ويا، ان تجربي جي بنياد تي چوان ٿو ته ڀائو در محمد هيءَ چڱائي ڪري، ڇا ڇا نه ٻڌو ۽ سَٺو هوندو.

ڀائو در محمد ٻرڙي لائبريري ۾ هيڏو وڏو علم جو خزانو ڏئي، نوجوانن لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، کيس مبارڪون ۽ شابس ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهان.“ هن چيو ته: ”گهڻي عرصي پڄاڻان ڪو انسان مليو آهي، ڇو ته اڪثر آفيسر ۽ وڏا امير ماڻهو ملن ٿا، جن جا اڪثر رويا ٺيڪ نه آهن. اڄ دل جي حضور سان وڏي خوشي محسوس ڪندي ڀائو در محمد ٻرڙي کي سندس علمي، ادبي خدمتن سان گڏ شعوري جاڳرتا جي بهترين مرڪز ’ڀائو درمحمد ٻرڙو ٽرسٽ لائبريري قنبر‘ ٺاهڻ تي، هڪ پيار ڀريو وڏو ڀاڪر پائيان ٿو.“ هڪ وڏو ڪردار، ٻي عظيم ڪردار ڏانهن وڌي وڃي، خوشيءَ ۽ پيار سان ٽمٽار، وڏو اعزازي ڀاڪر پاتو. سڄي پنڊال ڏٺو، خوشيءَ وچان تاڙيون وڳيون، هر ڪنهن جي دل، مان حقيقي خوشيءَ وچان واهه واهه جا لفظ ٻُريا. ڀائو درمحمد ٻرڙي کي ڪي ئي ادبي ۽ سماجي خدمتن تي سرٽيفڪيٽ ۽ اوارڊ مليا آهن، پر هي نئين قسم جو اوارڊ جو احساس ئي ٻيو هو. خطاب کي جاري ڪندي ڪمشنر صاحب چيو ته: ”ڀائو درمحمد اسان کي ان ڪري سٺو لڳندو آهي، جو هو ٻين وانگر ذاتي مسئلا نه ٿو کڻي اچي، پر هن جا مسئلا ۽ گهرجون هتان جي عوام جي بهتريءَ لاءِ هونديون آهن. ڀائو در محمد جيڪي به مسئلا رکيا آهن، اهي عوام جا حقيقي مسئلا آهن. اسان هاڻي پنهنجي طرفان مڪمل ڪوشش ڪنداسين، ته اهي سڀ جو سڀ، حل ٿي وڃن. باقي ڀائو در محمد ٻرڙو ٽرسٽ لائبريريءَ جي لاءِ بجليءَ جو ميٽر، ٽي. ايم. او قنبر جي نالي سان هوندو، بل هميشه اهو ئي ڀريندو. سولر سسٽم ڏيڍ مهيني ۾ لڳي ويندو. هڪ ڪلارڪ، هڪ سئيپر، ٽي.ايم.او آفيس مان اوهان کي ملندا. اُهي اعلان مان ڪيان ٿو باقي سمورا ڪم، ڊي.سي صاحب پاڻ ڪندو، ان سان رابطي ۾ رهجو.“

قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي جي ايماندار، ۽ انسان دوست ڊي.سي قنبر- شهدادڪوٽ جناب محمد انوارالحق پنهنجي خطاب ۾ چيو ته: ”ڀائو درمحمد ٻرڙي جا خواب، عوام جي بهتري وارا خواب آهن، انهن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهيون. ڀائو جي چوڻ تي شهدادڪوٽ ۾ لائبريري ٺهرائي رهيو آهيان. وارهه ۾ هڪ وڏي لائبريري جو ڪم جلد شروع ڪري رهيو آهيان. ميرو خان، نصير آباد ۽ ٻين تعلقن ۾ جلد از جلد لائبريرين جو ڄار وڇائيندس. قنبر ۾ خود ڀائو جي چوڻ تي تمام وڏي لائبريريءَ جو ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي.“ هن چيو ته: ”ڀائو جا مقصد، عوام جي خدمت ڪرڻ وارا آهن. سندس مقصدن کي پنهنجو سمجهندي قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي پلاٽ کي بائونڊري وال ڏيارڻ جو واعدو ٿو ڪريان ته جيئن قنبر ۾ به ڪلچرل پروگرام ٿي سگهن. ڪتي جي قبر تي تفريح گاهه ٺاهڻ لاءِ ڪوشان آهيان. پاڻي جو مسئلو قنبر ۾ جلد حل ٿي ويندو، پوءِ اندر شهر ۾ روڊن کي ويڪرو ۽ بهتر ٺهرائبو. جيئن ضلعي هيڊ ڪوارٽر شهر سهڻو لڳي. سرڪار جا بچيل ڪروڙ رپيا عوام جي ضرورتن تي خرچ ڪندس. جي رهڻ ڏنو ويو، ته مان اوهان جي سمورين حقيقي گهرجن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. هال جي در درين ۽ رنگ روغن لاءِ پنجاهه هزار رپين ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو. لائبريريءَ جي بجليءَ ۽ سولر سسٽم جو مسئلو، مان جلد حل ڪندس. هاڻي ته هن چڱاين وارن ڪمن ۾ مون سان گڏ ڪمشنر صاحب به آهن. سمورا مسئلا جلد حل ٿي ويندا.“

ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب قنبر جي سيڪريٽري عبدالرحيم منگي ڳالهائيندي چيو ته: ”1974ع کان ڀائو در محمد ٻرڙو پنهنجي شهر ۽ سنڌ جي علمي ادبي، سماجي خدمت ڪندو آيو آهي. اسان جي نوجوانن جي لاءِ تعليم ۽ علم ڏيڻ جي خيال کان ڀائو، علامه آءِ. آءِ قاضي، سر سيد احمد خان، ملاله يوسف زئي، آسو ٻائي ۽ عبدالستار ايڌي کان گهٽ نه آهي. هنن ماڻهن کي ته سندن ڪمن تي سرڪار ۽ سرڪاري ادارن سميت ميڊيا پاران پذيرائي ملندي رهي آهي، پر ڀائو کي شروع کان وٺي وڏيون تڪليفون ۽ ڏک ڏنا ويا آهن، پر هن بک ۽ ڏک تي علم ڏيڻ جي واٽ نه ڇڏي آهي. کيس وڏي ۾ وڏو ڏک، 28 ڊسمبر 2007ع تي سندس لائبريريءَ کي ساڙيو ويو. ڄڻ ته خود ڀائو کي سندن خوابن سميت ساڙيو ويو. پر پوءِ به هن وري پاڻ سنڀالي پنهنجي مدد پاڻ تحت هيءَ عظيم لائبريري ٺاهي ڏيکاري. هيءُ لطيف جو کاهوڙي ڪردار آهي. هن جي سرڪار مدد ڪري، ته هيءُ هتي تعليم ڏيڻ جا وڏا ادارا ٺاهي ۽ هلائي سگهي ٿو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org